سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 30  31

صفحو ؛ 14

30-گامون سچار2-*

 

ڪنهن زماني ۾ ’غازي خان‘ نالي بادشاهه هوندو هو. سندس وڏي وزير جو نالو ’بشارت خان‘ هو. هڪڙي ڏينهن گامون سچار بادشاهه جي درٻار ۾ آيو ۽ بادشاهه کي اچي سلام ڪيائين. گامونءَ جون خبرون چارون ٻڌي غازي خان مٿس مهربان ٿي پيو ۽ پنهنجي وزير بشارت خان کي چيائين ته: هي تمام داناءُ شخص ٿو ڏسجي، تنهن ڪري تون هن کي في الحال پاڻ وٽ رهاءِ، پوءِ آءٌ هن کي وزير بنائيندس. بشارت خان حڪم موجب گامون کي وٺي وڃي پاڻ وٽ رهايو.

Text Box: 213

 

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بشارت خان کي اچي کٽڪو ٿيو ته بادشاهه گامون تي تمام گهڻو مهربان ٿو ڏسجي، شايد مون کان وزارت کسي هن کي ڏئي. تنهن ڪري هن کي ڀڄائڻ گهرجي. سو هڪڙي ڏينهن گامون کي چيائين ته: اسين هن بادشاهه وٽ اڳ ۾ ئي گهڻا وزير آهيون، تنهن ڪري تون وڃي ڪنهن ٻئي بادشاهه وٽ بيهه. تڏهن گامون چيس ته: جيڪڏهن ائين آهي ته آءٌ سڀاڻي بادشاهه کان موڪلائي هليو ويندس. ٻئي ڏينهن گامون اچي بادشاهه کان موڪلائڻ لڳو. تڏهن بادشاهه پڇيس ته: موڪلائين ڇو ٿو؟ هن چيو ته: سائين! توهان جو وزير بشارت خان چئي ٿو ته وڃي ڪنهن ٻئي بادشاهه وٽ بيهه، تنهن ڪري وڃان ٿو. بادشاهه کي ان ڳالهه تي ڏاڍي چڙ لڳي، سو گامونءَ کي يڪدم کڻي پنهنجو آندورون بنايائين. اهو حال ڏسي بشارت خان ويتر سڙي ويو، ۽ هن جي تڙڻ لاءِ نيون رٿون سوچڻ لڳو.

 

Text Box: 212

 

آخر هڪڙي ڏينهن بشارت خان ارادو ڪيو ته گامونءَ کي آزمائش خاطر ڪا اهڙي ڳجهارت ڏجي، جو هو منجهي پوي ۽ بادشاهه کيس تڙي ڪڍي اهو ارادو ڪري هڪڙي ٻنيءَ جي ٽڪر ۾ نانگلي پوکايائين. جڏهن نانگلي پڪي، تڏهن ڪڙميءَ کي چيائين ته: تون ويهه هٿ ڪاٺي ٻٻر جي ٻيلنگه وڍي، تنهن جي مٿان پيهو ٺاهه ته اسين ۽ بادشاهه فلاڻي تاريخ هتي اينداسون. ان وقت نانگلي ۾ تون گڏهه ڇوڙي ڇڏجانءِ ته بيٺا کائين، ۽ تون به گڏهن ڏي منهن ڪري بيٺو جهار هڪلج. اهو ڪم ڪڙميءَ کي سمجهائي، بادشاهه وٽ موٽي آيو.ڪن ڏينهن کان پوءِ بادشاهه کي چيائين ته: سائين اڄ! ملڪ جي سير تي هلجي. بادشاهه ڳالهه مڃي ۽ ٻئي ڏينهن سڀ وزير بادشاهه سان گڏجي سير تي روانا ٿيا.

 

بادشاهه، بشارت خان، گامون سچار ۽ ٻيا جڏهن گهمندا ڦرندا، انهيءَ ٻنيءَ جي ٽڪر ۾ آيا، ڏسن ته گڏهه پيا نانگلي چرن، ۽ ڪڙمي گڏهن ڏي منهن ڪيو بيٺو جهار هڪلي! اتي بادشاهه چيو ته: هي ڪڙمي شايد انڌو آهي، جو گڏهه نٿو ڏسي. هي جهار ڪيئن ڏسندو هوندو؟ تڏهن گامون چيس ته: سائين! ڪڙمي انڌو ڪونهي، پر اها بشارت خان منهنجي عقل آزمائڻ خاطر ڳجهارت ٺهرائي آهي ته، انهن شين جو ڪڙميءَ سميت مطلب ڇا آهي؟ پوءِ ڪڙميءَ کي سڏ ڪري، گامونءَ چيس ته: اي ڪمذات! ڪاٺ جي وڻ تي چڙهيو بيٺو آهين، ڪمال ٿوڪ پوک کائي. تڏهن بادشاهه گامونءَ کان پڇيو ته: اهو ڇاٿو چوين؟ گامونءَ وراڻيو ته: جيئندا قبلا! ٻٻر جي وڻ جو ميوو ڪونه کائبو آهي، تنهن کي ڪاٺ جو وڻ چئبو، گڏهن واري وٽ ڪو به ڏڌ لاءِ ڪونه ايندو، نه ئي گڏهه جي چڙهيل کي ڪو سوار سڏبو آهي، بلڪ ڪُمال چئبو آهي، نانگلي ڏٿ آهي تنهن کي ڪُپوک چئبو، ۽ جهار وارو ڪڙمي گهٽ ذات وارو آهي تنهن کي ڪمذات چئبو. جڏهن گامون سڀني شين جو مطلب عقلمنديءَ سان ٻڌائي بس ڪيو، تڏهن غازي خان بادشاهه هن جي عقل تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ يڪدم پنهنجي ڳچيءَ مان هار لاهي کڻي گامون کي پارايائين.

بادشاهه کي گامونءَ تي ويتر وڌيڪ مهربان ٿيندو ڏسي، بشارت خان هيڪاري حسد ۽ ساڙ ۾ سڙڻ لڳو. آخر آزمائش خاطر وري هڪڙي رٿ رٿي بادشاهه کي چيائين ته: بادشاهه سلامت! هاڻي گامونءَ کي چئو ته اسان کي ڪا اڻ ڏٺي ۽ اڻ ٻڌي ڳالهه ٻڌاءِ. بادشاهه گامون سچار کي چيو، جنهن يڪدم هي ڳالهه شروع ڪئي:

Text Box: 215

 

جڏهن رب العالمين زمين پيدا ڪئي، تڏهن هڪ گلبدن جو قلعو به پيدا ڪيائين ۽ اُن ۾ دل کي بادشاهه ڪيائين. دل بادشاهه جي اڳيان عقل کي وزير مقرر ڪيائين، طبيعت ۽ طرح ٻئي ڄڻا دل بادشاهه جي خدمت ۾ ڏنائين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ طبيعت ۽ طرح وڃي عقل وزير کي چيو ته: دل بادشاهه هاڻي اسان جي ٽهل کان انڪار ٿو آڻي. تڏهن  عقل وزير، نظر وزير ۽ مراد فقير کي چيو ته: دل بادشاهه کي توبهه جي ڪوٽ ۾ آڻي جهليو ۽ وڃي سندس خدمت ۾ رهيو. نظر وزير ۽ مراد فقير، دل بادشاهه کي جهلي اچي توبهه جي ڪوٽ ۾ بيهاريو. ان توبهه جي ڪوٽ جو زميندار نفس هو. خرخسو ۽ وسواس ٻئي سندس ڪوٽوال هئا. نفس زميندار، خرخسي ۽ وسواس کي چيو ته: هلو ته دل بادشاهه جي سلام تي هلون. خرخسي ۽ وسواس، نفس زميندار کي چيو ته: تون هل، اسين پوءِ ٿا اچون. پوءِ نفس زميندار اڪيلو اچي دل بادشاهه کي سلام ڪيو. گهڙيءَ کن کان پوءِ خرخسو ۽ وسواس به اچي بادشاهه جي سلام تي پهتا. هنن کي ڏسي، نفس زميندار کين چيو ته: چڱو جو توهان به آيا، بادشاهه اوهان جو پڇيو پئي. انهيءَ وچ ۾ دل بادشاهه به خرخسي ۽ وسواس کان ڪاوڙ مان پڇيو ته: اوهان دير ڇو ڪئي؟ تڏهن خرخسي ۽ وسواس وراڻيو ته: سائين! اسان کي ويساهه نه ٿي آيو ته ڪو دل بادشاهه، توبهه جي ڪوٽ ۾ ايندو! تڏهن وري بادشاهه کانئن پڇيو ته: اوهان کي ڇو نه ويساهه آيو؟ تڏهن چيائون ته: بادشاهه سلامت! جيڪو توبهه جي ڪوٽ ۾ ايندو آهي، سو پريم رس جي پيالي ۽ آبحيات پيئندو آهي. تڏهن بادشاهه پڇين ته: اُهو پاڻي ڪٿي آهي؟ تڏهن هنن چيو ته: سائين! هتان ويندؤ ته اڳيان عون الماءُ جي گهٽي ايندي، تنهن کان اڳتي هلندئو ته خرابت جي بازار ۾ خجالت جا سودا ڏسندئو. انهن جي اڳيان وحداني درياءُ آهي. تنهن تي رضا جي ٻيڙي، خواريءَ جا کوها، سوريءَ جا سڙهه، توڪل جا اولا ۽ محبت جا ونجهه آهن. اُن وحداني درياءَ جي هن ڀر شهنشاهه عشق جو باغ آهي ۽ اُن باغ ۾ حسن راڻي جي جاءِ آهي. اُن راڻيءَ لاءِ ٽي ساهيڙيون پڻ آهن، هڪ خوشي، ٻي سونهن ۽ ٽي سوڀيا. انهن کان سواءِ حسن راڻيءَ جي خذمت واسطي ٻه دايون پڻ موجود آهن، هڪ نيڪي ۽ ٻي بدي. ان باغ جي وچ ۾ مستيءَ جو مڪان آهي، انهيءَ مڪان ۾ خوديءَ جو هڪ کوهه آهي ۽ ان کوهه ۾ اهو آبحيات آهي. اهو احوال ٻڌي، دل بادشاهه يڪدم نظر وزير کي حڪم ڏنو ته: منهنجي لاءِ اهو پاڻي يڪدم آڻ. نظر وزير حڪم ٻڌنديئي آبحيات آڻڻ لاءِ اوڏانهن روانو ٿيو.

 

Text Box: 214

 

هلندي هلندي، خرخسي ۽ وسواس واريون ٻڌايل جايون گهمندي گهمندي، نظر وزير اچي شهنشاهه عشق وٽ پهتو. شهنشاهه عشق وٽ رمزو ۽ غمزو ٻه ڪوٽوال هئا، نظر وزير کي ڏسڻ سان عشق چيس ته: پاڻي آهي قسمت ۽ نصيب وٽ، ماٺ ڪري وڃي اُتان گهر. تڏهن نظر وزير ويچارو وري قسمت ۽ نصيب وٽ آيو. قسمت وٽ ڪوٽوال هو لٽڪو، ۽ نصيب وٽ ڪوٽوال جهٽڪو. قسمت ۽ نصيب، نظر وزير کان پڇيو ته: آبحيات تون پاڻ پيئندين، يا ٻئي ڪنهن لاءِ ٿو گهرين؟ تڏهن نظر چيو ته: مان دل بادشاهه لاءِ ٿو گهران. تڏهن قسمت ۽ نصيب چيس ته: جي دل بادشاهه کي آبحيات پيڻو آهي، ته هو پاڻ هتي اچي پيئي، توکي نه ملندو. اهو ٻڌي نظر وزير رخصت وٺي واپس وريو. ساڻس گڏ لٽڪو ۽ جهٽڪو به خبر وٺڻ لاءِ آيا ته دل بادشاهه اچي ٿو يا نه!

 

نظر وزير، لٽڪو ۽ جهٽڪو جڏهن بادشاهه وٽ پهتا، تڏهن نظر وزير، بادشاهه کي چيو ته: قبلا! آبحيات نه مليو. چيائون ته دل بادشاهه پاڻ اچي آبحيات پي وڃي. اهو احوال ٻڌي دل بادشاهه يڪدم توبهه جي ڪوٽ مان ٻاهر نڪرڻ لڳو. بادشاهه کي نڪرندو ڏسي، نظر وزير ۽ مراد فقير وڃي عقل وزير کي ٻڌايو ته: دل بادشاهه توبهه جي ڪوٽ مان نڪريو ٿو وڃي. تڏهن عقل وزير کين چيو ته: توبهه جي ڪوٽ ۾ صبر جي ڪوٺي آهي، بادشاهه کي وڃي اُن ۾ بند ڪري، قناعت جو ڪلف ڏيئي، گوشي جي ڪنجي ساڻ ڪري قابو ڪري ڇڏيوس. نظر وزير ۽ مراد فقير اهڙيءَ طرح دل بادشاهه کي قابو ڪري ڇڏيو. لٽڪو ۽ جهٽڪو، جن اهو سڄو رنگ بيٺي ڏٺو تن سموري حقيقت وڃي قسمت ۽ نصيب کي ٻڌائي. قسمت ۽ نصيب وري دل بادشاهه جي قابو ٿيڻ وارو سڄو قصو، عشق شهنشاهه ڏي چوائي موڪليو. تڏهن عشق شهنشاهه چيو ته: عقل وزير کي اسان جي آڏو لاف ۽ هاف هڻڻ جي طاقت ناهي، اسان رمزو ۽ غمزو موڪليون ٿا ۽ اوهان ساڳيا ڪوٽوال انهن سان گڏي موڪليو ته ڪڙا ۽ ڪلف ڀڃي، دل بادشاهه کي توبهه جي ڪوٽ مان کڻي اچن.

ٻئي ڏينهن رمزو ۽ غمزو، لٽڪو ۽ جهٽڪو چارئي ڄڻا تيار ٿي، گڏجي عشق شهنشاهه جي ارشاد سان اچي توبهه جي ڪوٽ ۾ پهتا ۽ زوران زوريءَ دل بادشاهه کي بند مان ڪڍي وٺي هليا ويا. عقل وزير اهو لقاءُ ڏسي ماٺ ڪري سـُـسي ويهي رهيو. هو چارئي ڄڻا بادشاهه کي رستي واريون سڀ جايون ڏيکاريندا اچي عشق شهنشاهه جي باغ ۾ پهتا. اُتي اچي دل بادشاهه، حسن راڻي ۽ سندس ساهيڙين: خوشي، سوڀيا، سونهن، نيڪي ۽ بدي کي ڏٺو. پوءِ دل بادشاهه کي خوديءَ جي کوهه تي وٺي آيا، جتي عشق جي امداد سان قسمت ۽ نصيب جي هٿان، آبحيات پيتائين ۽ معرفت جو مڪان حاصل ڪيائين.

Text Box: 217

 

Text Box: 216

 

غازي خان، گامونءَ جي اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس تمام گهڻو انعام اڪرام ڏنائين. باقي بشارت خان اصل سڙي ويو. پوءِ دل ۾ خيال ڪيائين ته گامونءَ سان ڪنهن به حيلي آءٌ پڄي نه سگهندس سو ماٺ ڀلي آهي. ان کان پوءِ، بشارت خان ڪڏهن به گامونءَ سان ڪونه هوڏيو.

 

__________


 

 

 

31-گامون سچار3-*

 

ڪنهن وقت ۾ سنڌ جي اترئين حصي تي ’نواب غازي خان‘ راڄ ڪندو هو. وٽس ’گامون‘ نالي هڪڙو نوڪر هو، جو سدائين سچ ڳالهائيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن سان نه پڄندو هو ته ڪاوڙ ۾ پنهنجي ڏاڙهيءَ جو وار ڇڪي پٽي ڇڏيندو هو، ته ڪاوڙ ڍري ٿي ويندي هئس. ائين ڏاڙهي پٽيندي پٽيندي باقي ڪا چڳ وڃي بچي هئي.

Text Box: 219

 

هڪڙي ڏينهن گامون شهر جي ٻاهران واٽ تي ٻه ٽي مهاڻيون ڏٺيون، جي پيرُن جا طس ڀري کنيو پئي ويون. هن دل ۾ خيال ڪيو ته، ڏسان ته سهي شهر جون زالون هنن ٻهراڙيءَ جي عورتن کي ڪهڙي ٿيون عزت ڏين! اهو خيال ڪري هنن زالن جي پويان هلڻ لڳو. مايون اچي نواب صاحب جي محلات ۾ گهڙيون ۽ گامون به در تي ڪن لائي ٻڌڻ لڳو، ته ٻڌان ته هنن ماين سان اندريون زالون ڪيئن ٿيون ڳالهائين، زالن اندر گهڙي آندل پيرن جي سوکڙي وڏي راڻيءَ جي اڳيان رکي. اها وڏي راڻي به اصل ڪا مهاڻي هئي، تنهن هنن زالن کي ڏسي چيو ته: نٿي ڄاڻان ته هي ڪي موتي آهن، املهه ماڻڪ يا جواهر آهن، باقي توهان کي ٿورو سڃاڻان ٿي ته تون فلاڻي مهاڻي جي ڌيءَ آهين، ۽ تون فلاڻي مهاڻي جي. گامون درتي ڪن لايو بيٺو هو، تنهن جڏهن اهي لفظ ٻڌا، تڏهن ڪاوڙ مان باقي بچيل ڏاڙهيءَ جي چڳ به پٽي چيائين ته: ڪالهوئي ڪالهه سندس سٿڻ جون اڳـڙيون به ڄارين ۾ اٽڪيون پيون هيون ۽ انهن سان گڏ مڇي به پئي ماريئين، اڄ انهن کي سڃاڻي به نٿي! ائين چئي خار کائيندي اٿي هليو.

 

Text Box: 218

 

گامون کي نواب غازي خان جي وزير، بشارت خان جتوئي دروازي تي ڏسي ورتو. هو ته اڳئي گامون جي سچ چوڻ تي خار کائيندو هو ۽ پيو وجهه ڳوليندو هو ته ڪو اهڙو موقعو ملي ته هن کي نواب وٽان لوڌائي ڪڍان، تنهن يڪدم اچي نواب نواب غازي خان جا ڪن ڀريا ته: گامون اڄ توهان جي حويليءَ ۾ پئي جهاتيون پاتيون. نواب صاحب اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ گامون کي گهرائي چيائينس ته: اڄ جو اڄ هتان نڪري وڃ! گامون نواب کي ڪاوڙيل ڏسي ڳوٺ ڇڏي هليو ويو.

 

گامون پرديس ۾ رهي، هميشه پيو ويچاريندو هو ته ڪهڙيءَ طرح نواب کي پرچايان! هڪڙي ڏينهن کيس نواب صاحب جي شهر جو ماڻهو مليو گامون وڃي ساڻس مليو ۽ خبر چار پڇي چيائينس ته: ادا! نواب صاحب کي منهنجو هي نياپو ته وڃي ڏجئين، ته:

سـاٿـي! وڃ ڏيـويـن سـنيـهڙا!، مـيـڏا غــازي مــرڙاڻــي ڪــون،

ته تئين هوندي تيئن جيندي، اسان ڍونڍون ديهه پرائي ڪون.

ان ماڻهو ڪم ڪار لاهي واپس ڳوٺ وڃي، گامونءَ جو نياپو غازي خان کي ڏنو. تنهن تي غازي خان ساڳئي ماڻهو جي هٿان جواب ڏياري موڪليس:

ساٿي! وڃ ڏيوين سـنيهڙا!، ميڏا گامون ڪورائي ڪون،

ته ڪــڏان ڪــڏان ســانـگ به پـونـدا هـئي جوانان ڪون.

گامون کي جڏهن اهو جواب مليو تڏهن دل ۾ سڙي ويو ۽ خيال ڪيائين ته پرديس ۾ ته اڳئي آهيان، سچ چئي ٿا ڏيون، پوءِ ڏٺو ويندو. سو وري به ان ماڻهو کي چيائين ته:

ســاٿـي! وڃ ڏيــويـن سـنيـهـڙا!، مـيـڏا غــازي مــرڙاڻــي ڪــون،

ته اسان وسون هلدي چلدي، پر ٿـُـڪ هي تيڏي بيحيائي ڪون.

جڏهن اهو سچ ۽ ٽوڪ وارو نياپو غازي خان ٻڌو، تڏهن کيس ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ خيال ڪيائين ته اهڙي سچار مڙس کي ائين ڇڏڻ چڱو ڪونهي، سو يڪدم پاڻ وٽ واپس گهرائي ورتائينس.

غازي خان جي وزير، بشارت خان جتوئي جو گامون کي وري درٻار ۾ ڏٺو، سو سڙي خاڪ ٿي ويو ۽ ويچار ڪرڻ لڳو ته: اهڙو ڪو نمونو اختيار ڪريان، جنهن ۾ گامون کي ڪوڙو ثابت ڪري، سدائين لاءِ تڙائي ڪڍان. نيٺ خيال آيس ته گامون کان ڪو نقل کڻائجي، جي ڪوڙا هوندا آهن، گامون نقل ٻڌايو ته ڄڻ ڪوڙ ڳالهايو. اهو خيال ڪري سڌو غازي خان وٽ آيو ۽ اچي ڪن ڀريائينس ته: گامون ڪوڙو آهي، توهان هروڀرو کيس سچو ٿا سمجهو. غازي خان چيس ته: ڀلا گامون کي ڪوڙو ڪر ته خبر پئي. بشارت خان چيو ته: حاضر، اهو ڪم منهنجو، اوهين رڳو کيس چئو ته ڪو نقل ٻڌاءِ، پوءِ ڏسو ته ڪوڙو ٿئي ٿو يا نه؟ غازي خان گامون کي گهرائي چيو ته: ڪو نقل ٻڌاءِ. آخر گامون ٻئي ڏينهن نقل ٻڌائڻ جو انجام ڪيو.

ٻئي ڏينهن گامونءَ، نواب غازي خان جي ڪچهريءَ ۾ هن ريت آکاڻي شروع ڪئي ته: هڪڙو هو بادشاهه، جنهن جو نالو هو دلشاد. هو عقل بادشاهه جو پٽ، ۽ توبهه شهر جو ويٺل هو. هڪڙي ڏينهن دل ۾ خيال آيس ته برهه جي بازار جو ديدار ڪريان. سو همت جا هٿيار ٻڌي، توڪل جي گهوڙي تي سوار ٿي اٿي هليو. پاڻ سان مهڙ بورچي ۽ طبيعت دايو، عقل، ادب، حيا ۽ انديشو نوڪر به کنيائين.

Text Box: 221

 

هلندي گهمندي، ٿورن ڏينهن جي پنڌ ڪرڻ سان اچي حرڪت شهر ۾ پهتو، ڏسي ته شهر تمام وڏو ۽ عاليشان آهي، پر منجهند جي وقت به پهرو بيٺو آهي! هي عجب ۾ پئجي ويو. هڪڙي ماڻهوءَ کان پڇيائين ته: ادا! خبر ٻڌاءِ هن شهر ۾ ڏينهن جو به پهرو پيو اچي، انهيءَ جو سبب ڇا آهي؟ ان ماڻهوءَ جواب ڏنس ته: منهنجو نالو فتنو آهي. آءٌ نفس بادشاهه جو ڪوٽار آهيان. هو آڪڙ خان بادشاهه جو پٽ آهي. اسان تي بار رکيائين ته منهنجا ٻه پٽ جهيڙو ۽ جهڳڙو، انهيءَ بادشاهه جي گهران پرڻايو، جنهن کي ٻه ڌيون هجن. جي ڪنهن کي هڪ يا ٽي - چار ڌيون هجن ته اتان نه پرڻائجو. آءٌ ۽ ٻيا نوڪر گڏجي ڳولا ڪري، اچي هت ڪر ڳل بادشاهه جي شهر ۾ پهتا آهيون. هن بادشاهه کي ٻه ڌيون آهن. جن جا نالا ڪرڪر ۽ کنڌ کنڌ آهن. ڪرڳل بادشاهه جا ٻه وزير، وسوسو ۽ رڳڙو آهن. سندس قاضي مفتي، شيطان ۽ ابليس آهن. مغر ۽ مـخول دايا اٿس. ند ۽ نادان بورچي آهن. ٻين نوڪرن جو ته ڇيهه ئي ڪونهي. اسان سڱ جي گهر ڪئي، بادشاهه قبول ڪيو. اسين خوش ٿي، شاديءَ جا ڏينهن وٺي پوئتي موٽياسون، اچي پنهنجي نفس بادشاهه کي مبارڪ ڏنيسون. نفس بادشاهه به خوش ٿيو ۽ شاديءَ جي تياري ڪري، پاڻ سان ڄڃ وٺي روانا ٿياسون. ڄڃ ۽ اٺ ڳائڻيون، قيل، مقال، گلا، غيبت، لائي، چائي، نندا ۽ چغلي به کنيونسين. خير جو اڄ ٽيون ڏينهن آهي، ته مهورت نٿو ڇٽي. جو وسوسو وزير ڪونه ڪو رڳڙو وجهيو ويٺو آهي. اسين لاچار ٿيو شهر کي پهرا ڏيو ڏينهن پيا پورو ڪريون، جيسين ڪا جند ڇٽي. تون خبر ڏي ڪير آهين، ڪيڏاانهن ٿو وڃين؟

 

Text Box: 220

 

فتني ڪوٽار کي بادشاهه چيو ته: منهنجو نالو دلشاد آهي. آءٌ عقل بادشاهه جو پٽ آهيان، توبهه شهر جو ويٺل آهيان. برهه جي بازار جي ديدار لاءِ نڪتو آهيان. تون به ملڪ رليو ويٺو آهين، مون کي به ڪو ڏس پتو ڏي؟ فتني چيس ته: ماٺ ڪري توبهه شهر وسائي وڃي ويهه، سواءِ توبهه جي ٻي ڪا به واهه ڪانه اٿئي. برهه جي بازار جو ديدار سولو نه آهي، جو تون جلدئي گهمي ايندين. دلشاد چيس ته: اڙي فتنا! دل ڇو ٿو ڀڃين، عاشقن تي تڪليفون ته آهن، تون ڪو ڏس ڏي پوءِ کٽي قسمت. فتني ڏٺو ته هي رهندو ڪونه، ضرور ويندو سو چيائينس ته: مون کي ٿوري خبر آهي سا ٻڌايانءِ ٿو، پوءِ تنهنجي مرضي. پوءِ فتني ڪوٽوال، دلشاد کي چيو ته: پهرين پڇا ڪر ته زبان قاضي، دنيا گنبذ ۾ حسن بيگم کي پڙهائي ٿو، سو ڪٿي آهي؟ پوءِ برهه جي بازار جو ديدار ڪندين. ائين چئي فتنو ويندو رهيو.

 

دلشاد الله جو آسرو رکي اُٿي پنڌ پيو. هلندي هلندي ڪجهه ڏينهن پڄاڻا اچي صورت شهر ۾ پهتو. ڏسي ته هڪڙو شخص آهي، سو مٿو ۽ پير اگهاڙا ڪريو، تکو ڊوڙندو پيو وڃي، ڪيڏانهن به نظر ڪانه ٿو ڪري. دلشاد هڪل ڪري پڇيس ته: ڪير آهين؟ خبرون ٻڌائي پوءِ اڳتي وڃ! هو شخص بيهي رهيو. چيائين ته: آءٌ پورهيو آهيان، منهنجو نالو حرص آهي ۽ هوس جو پٽ آهيان. حسب، نسب، خفقان، جوف ۽ تڪرار منهنجا ڀائر آهن. تڪڙ، تندي، طمع، ترازي، هڻ پٽ منهنجون ڀيڻون آهن. تون خبر چار ٻڌاءِ ته ڪير آهين؟ بادشاهه چيو ته: دلشاد منهنجو نالو آهي، عقل بادشاهه جو پٽ، توبهه شهر جو ويٺل آهيان، برهه جي بازار جو ديدار ڪرڻ نڪتو آهيان، توکي ڪو پتو هجي ته ٻڌاءِ. پورهئي جواب ڏنس ته: آءٌ واندو نه آهيان، نه ڪا مون کي وڌيڪ خبر آهي، ائين چئي ويندو رهيو.

Text Box: 223

 

دلشاد بادشاهه اتان به اڳتي روانو ٿيو. ٿوري گهڻي ڏينهين اچي حرفت شهر ۾ پهتو. اتي کيس ڪي ٻه چار ماڻهو گڏيا، جي ڪپڙي گندي ٺهيل ٺاهوڪا هئا. اُنهن کان خبرون چارون پڇيائين. جن ٻڌايس ته: اسين سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهيون. هيءُ وڏو ڀاءُ نصيب آهي، ٻيا ڀاڳ، سڀاڳ، ۽ ڪرم ننڍا آهيون. سڀئي بخت جو اولاد آهيون. محبت جا گهورا آهيون، جتي محبت ڏسنداسون اتي ترسنداسون. تون پنهنجي خبرچار ٻڌاءِ ته ڪير آهين، ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ دلشاد چيو ته: ادا! عقل بادشاهه جو پٽ آهيان، دلشاد منهنجو نالو آهي، توبهه شهر جو ويٺل آهيان. برهه جي بازار جو ديدار ڪرڻ نڪتو آهيان. توهان کي ڪو ڏس پتو هجي ته ڀلائي ڪري ٻڌايو. نصيب چيس ته: هتان اڳتي ويندين ته واٽ تي هڪڙي مائي ملندئي. انهيءَ کان ڏس پوندئي. ائين چئي هو سڀئي ويندا رهيا.

 

Text Box: 222

 

دلشاد بادشاهه اُتان روانو ٿيو ته واٽ تي اُها مائي مليس. ان چيس ته: آءٌ دنيا آهيان، نالو منهنجو نٽڪي آهي. ڌن، دنيا، مايا منهنجو اولاد آهن. اسين سڀ دولت جو اولاد آهيون. اهي جيڪي نصيب وارا توکي گڏيا هئا، تن مون کي رلائي ماريو آهي. نڪي ٿا پاڻ ڪٿي ويهن، نڪي ٿا مون کي ئي هڪ هنڌ ويهڻ ڏين. آءٌ انهن جي پٺيان رلي مئي آهيان. تون ٻڌاءِ ته ڪير آهين، ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ بادشاهه چيو ته: نالو منهنجو دلشاد آهي، عقل بادشاهه جو پٽ آهيان، توبهه شهر ۾ ويٺو آهيان. برهه جي بازار جو ديدار ڪرڻ لاءِ نڪتو آهيان. تون به سارو ملڪ پيئي ڦرين. ڏس ڏي ته دنيا گنبذ ۾ زبان قاضي، حسن بيگم کي ڪٿي ويٺو پڙهائي ته آءٌ ان وٽ وڃان، جو اتان مون کي برهه جي بازار جو ديدار نصيب ٿيندو. مائي دنيا چيس ته: هتان ويندين، ته اڳيان رحمت جي ندي ڏسڻ ۾ ايندءِ. انهي جو ڪپ وٺي ويندين ته هڪڙو ٻڪرار ملندءِ. ان کي ملهه ڏيئي، ٻه ٻڪرا خريد ڪج. پوءِ نديءَ جي گهيڙ تي پهچي وڏي آواز سان همت ملاح ڪري سڏ ڪج. هو نيم ڌيم جي ٻيڙي ڪاهي ايندو، ان کي پنج رپيا ڏج ته هو توکي هن پار ڪندو. جڏهن اڌ درياءَ تي ٻيڙي ايندي ته توکي سوني ڍاڪونءَ ۾ ماني ملندي، ۽ ٻڪرن جو گاهه ملندو، ماني تون کائج ۽ گاهه ٻڪرن کي ڏج. ٻيڙي هن ڀر پهچندي ته يڪدم لهي پئج. اتي ٻه شينهن بيٺا هوندا. ڊپ نه ڪج، هڪڙو ٻڪر هڪڙي شينهن کي ته ٻيو ٻڪر ٻئي شينهن کي ڏج. ايتري ۾ اوندهه ٿي ويندي، پر ڊڄندين ته مرندين، همت کان ڪم وٺج. ائين چئي مائي ويندي رهي.

 

دلشاد بادشاهه سڄي ڳالهه ٻڌي، اٿي پنڌ پيو ته اچي رحمت نديءَ تي پهتو. مائي دنيا واري ڪيل ڳالهه موجب نديءَ جي هـُـن ڀر وڃي پهتو. شينهن کي ٻڪر ڏنائين ته يڪدم رات ٿي ۽ اوندهه ٿي ويئي. دل کي مضبوط جهلي خيال ڪيائين ته هاڻي ڪيڏانهن وڃان! آخر هڪڙي طرف منهن ڪري اٿي هليو. ٿورو پنڌ ڪيائين ته آواز ٻڌڻ ۾ آيس. يڪدم ان آواز جي طرف ڏي ويو. جڏهن ويجهو آيو ڏسي ته ’سبحان الله‘ هڪڙو کوهه آهي، ان تي نار چڙهيل آهي. نار جي ڇٽي سوني، ڍيڍي هيري ياقوت جي، ڇنو ۽ مهرو زمرد جو، آرا اوڀرا جواهرن سان جڙيل آهن. ان نار جو نالو غارغفار آهي، نهايت عمدو ٺهيل آهي. ان جي رينگٽ جو آواز نهايت مٺو نڪري رهيو آهي. ڇٽ مان لا الــٰـه الا الله ۽ ڍيڍيءَ مان محمد رسول الله جو آواز پيو ٿئي، باقي ڪنگريون ۽ ڇني جا ڪاٺ ۽ ارڙيون پيون ٻولين صلي الله عليه وسلم.

دلشاد کي کوهه تي، نار جي آواز مان اهڙو ته مزو آيو، جو ڪجهه وقت ته اتيئي ويهي رهيو. انهيءَ کوهه تي حيرت ۽ غيرت ٻه پهريدار هئا. انهن پاڻ ۾ چيو ته: ادا هي انسان هتي پنهنجي پهري جي اندر لنگهي آيو آهي، جي اها خبر پنهنجي سائڻن کي پئي ته ڪاوڙ ڪنديون. انهن هن کي چيو ته: تون ڪير آهين، ۽ ڇو آيو آهين؟ هتان هڪدم هليو وڃ. ائين چوندي غيرت جهلي ٻانهن کان وٺي اڇلايس ته وڃي غارغفار جي کوهه ۾ پيو، ۽ تيستائين پيو رهيو جيستائين حيرت ۽ غيرت جو پهرو پورو ٿيو.

Text Box: 225

 

ٿوريءَ دير کان پوءِ قياس ۽ اخلاص پهري تي آيا. انهن کي رحم آيو، دلشاد کي کوهه مان ٻاهر ڪڍيائون. خبرون چارون پڇيائون تيستائين هنن جو پهرو به پورو ٿيو. وري مهر ۽ محبت جو وارو پهري جو آيو. جن به بادشاهه کان خبرون پڇيون، هن انهن کي به سموري ڳالهه ڪري ٻڌائي. هنن چيس ته: ڊڄ نه. دنيا گنبذ جي در تي بيٺو آهين. تون پنهنجو آواز به هن آواز سان ملاءِ ته فتح ٿي پوئي. دلشاد بادشاهه نار جي آواز سان آواز ملائي ڪلمون پڙهيون:  لا الــٰـه الا الله محمد رسول الله   ته اتي روح پرواز ڪري ويس. هن دنيا فانيءَ مان رحلت ڪري وڃي بهشت جي حوالي ٿيو.

 

Text Box: 224

 

 

 

 


 

* هيءَ روايت’گامون سچار‘ جي نالي سان ڇپيل هڪ ڪتابڙي تان ورتل آهي، جو مولوي بخش علي 1915ع ۾ ڇپايو.

* هن ڳالهه جون پنج روايتون مليون، وچولي مان مير محمد ”سڪايل“ ۽ ظفر بلوچ (تعلقو شهدادپور)، گدا علي (تعلقو ٽنڊو الهيار) ۽ لاڙ مان شيخ محمد سومار (تعلقو بدين) ۽ قاضي الهورايي (تعلقو گوني) کان مليون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org