سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 32  33 34 

صفحو ؛ 15

Text Box: 226

32- گامون سچار 4-*

 

’گامون‘ نالي هڪ ڇوڪرو لقاپور نالي هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هو. ننڍي هوندي کان ئي هو سچ سچ ڳالهائيندو هو، ان ڪري مٿس نالوئي گامون ’سچار‘ پئجي ويو هو. انهيءَ ڪري پري پري جي ماڻهن، گامون جي سچ ڳالهائڻ بابت سندس نيڪي ٻڌي پرپٺ هن سان ياراڻي ڳنڍي ڇڏي هئي. سندس پيءُ ننڍي هوندي ئي گذاري ويو هو، باقي سندس پوڙهي ماءُ اوڙي پاڙي جو ان جنڊ تي پيهي، سندس ۽ پنهنجو پيٽ گذر پئي ڪندي هئي. نيٺ ٿوري گهڻي ڏينهن گامون به کٽڻ ڪمائڻ جهڙو ٿيو ۽ هڪڙي ڏينهن پنهنجي ماءُ کي چيائين ته: اما! هاڻي آءٌ ڪمائڻ جهڙو ٿيو آهيان موڪل ڏينم ته پرديس ۾ وڃي ڪمايان ۽ توکي کٽي کارايان. ماڻس چيس ته: ابا! منهنجي مرضي آهي ته توکي ملان مکڻ وٽ ڇڏي اچان ته ڪي ٻه - چار اکر علم جا پرائين. گامون اهو ٻڌي ماءُ کي چيو ته اما! سڀاڳا پٽ پينگهن ۾ پڌرا، بابو پڙهيو هو باقي آءٌ پڙهندس. ماءُ ڏٺو ته هي رهندوئي ڪين، سو لاچار موڪل ڏنائينس.

Text Box: 227

 

نيٺ ماءٌ کان موڪل وٺي اٽو پلاند ۾ ٻڌي اٿي هليو. رستي ۾ هڪڙي هنڌ کيس بک اچي تپايو. اٽو ته ساڻ هئس پر ماني ڪير پچائي! نيٺ هڪلي هڪڙي ڳوٺ ۾ آيو، جتي کيس هڪڙي مائي ڏسڻ ۾ آئي. گامون وڌي مائي وٽ ويو ۽ سلام ڪيائينس. مائيءَ پڇيس ته: ابا! تون ڪير آهين؟ گامون وراڻيو ته: اما! آءٌ پرديسي آهيان، بک ڏاڍي لڳي اٿم، هي اٽو ساڻ اٿم، تنهن مان مون کي ٻه مانيون پچائي ڏين ته تنهنجي وڏي ڀلائي ٿيندي. پوڙهيءَ چيس ته: پٽ! ويهه ته آءٌ  توکي ماني پچائي ڏيان. پوءِ گامون کان اٽي جي هڙ وٺي ڇوڙي ڏٺائين ته اٽو صاف ۽ سٺو پيٺل هو، اتي دل مڙئي سرڪي ويس سو ڇا ڪيائين جو اهو اٽو رکي ٻاجهريءَ جو هڪڙو روڍلو گهڙي پچائي آڻي گامون جي اڳيان رکيائين. گامون جو روڍلو ڏٺو سو سڙي ويو ۽ مائي کان پڇيائين ته: اما! هي ڇا...! مون ڏنو ڪڻڪ جو اٽو ۽ ماني ملي ٻاجهري جي! مائيءَ جواب ڏنو ته: پٽ! هن زمين جو ور ڪو اهڙو آهي، جڏهن اٽو ڳوهيم ته به ڪڻڪ جو هو، پر جنهن مهل دانگيءَ تي وڌم ته ٻاجهر جو ٿي پيو، هاڻي انهي ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي! گامون کي ڪوڙ تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، پر ٻاهريون ٻني رکي مائيءَ کي چيائين ته: اما! ائين هوندو، پر هاڻي رکي ماني ڇا سان کايان؟ تو وٽ ڪو ٿانءُ هجي ته مونکي ڏي ته آءٌ ڪو ڳـنڌڻ وٺي اچان.

 

مائيءَ چيس ته: ابا! ترس ته وٽو آڻي ڏيئين. ائين چئي مائي اندران وڃي هڪڙو وڏو وٽو کڻي آڻي کيس ڏنو ۽ خيال ڪيائين ته وڏو وٽو هوندو ته جهجهو ٻوڙ آڻيندو. گامون اهو وٽو کڻي دڪان تي آيو ۽ وٽو وڪڻي ٻيا پيسا چيلهه سان ٻڌائين، باقي ٽڪي واري ٺڪر جي جمني وٺي ان ۾ ٻوڙ وجهائي مائيءَ جي گهر آيو ۽ ماٺ ڪري ويهي ماني کائڻ لڳو. مائي ڏسي عجب ۾ پئجي ويئي، پر ڪڇيائين اصل ڪين. جڏهن گامون ماني کائي بس ڪئي، تڏهن پڇيائينس ته: اڙي ابا! هيڏو سارو وٽو توکي ڏنم، تنهن مان ٺڪر جي جمني ڪيئن ٿي؟ گامون وراڻيو ته: اما! برابر تنهنجي ڳالهه سچي نڪتي، ڇو ته جڏهن مون ٻوڙ ورتو هو تڏهن به اهو وٽو هو، پر جڏهن تنهنجي گهر جي لوڙهي اندر گهڙيس تڏهن ڦري جمني ٿي پيو، سو برابر زمين جو ڪو اهڙو ور آهي، هاڻي آءٌ به هتان جلد نڪران، متان پٽ مان ڌيءَ نه ٿي پوان! مائي چيس ته: ڇورا! اهي مسخريون وڃي ٻين سان ڪر... جهٽ ڪري ٻاهر ڪڍ وٽو نه ته هل بادشاهه وٽ، آءٌ پاڻهي انصاف ٿي ڪرايان. گامون چيس ته: هل آءٌ تيار آهيان، ائين چئي ٻئي گڏجي بادشاهه ڏي روانا ٿيا.

Text Box: 228

 

گامون ۽ مائي ڳوٺ مان نڪري پنڌ پيا. ڳچ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هڪڙي پوڙهي گڏين، جا ڏڌ ۽ مکڻ جي چاڏي مٿي تي کنيو غازي خان بادشاهه جي شهر ۾ وڪڻڻ لاءِ پئي ويئي، هي ٻئي ڄڻا به ان مائيءَ سان خبرون چارون ڪندا گڏ هلندا رهيا. هڪڙي هنڌ ان ڏڌ واري پوڙهيءَ گامون کي چيو ته: ابا! شهر اڃا ٻه ٽي ميل پرڀرو آهي، تون ڪو راڳ يا ڪافي ڄاڻندو هجين ته ٻڌاءِ، جيئن رستو جلد کٽي! تنهن تي گامون وراڻيو ته: هائو ڏاڏي ٿورو گهڻو مڙيئي جهونگاري ڄاڻندو آهيان. ائين چئي هڪڙي ڪافي چيائين. ڪافي پوري ڪري پوڙهيءَ کان پڇيائين ته: ڏاڏيّ! ڪيئن ڪافي وڻيئي؟ پوڙهي وراڻيو ته: ابا! ڪافي ته وڻي، پر اڃا دل نه ٺري! تنهن تي گامون وري ٻي ڪافي ٻڌايس. ڪافي جڏهن پوري ٿي، تڏهن گامون پڇيس: ڏاڏي! ڪيئن هاڻي ته دل ٺري؟ پوڙهي وري به ساڳيو جواب ڏنس ته: نه ابا! اڃا ٺري نه آهيان. ان تي گامون چيس ته: ڏاڏي! جيڪڏهن اڃا نه ٺري آهين ته پوءِ اهڙو ٿو راڳ ٻڌايئين جو يڪي ٺري پوندينءَ. ائين چئي هٿ ۾ جيڪو ڏنڊو هوس سو، ٺڪاءُ ڪرايائينس مٿي تي رکيل چاڏي تي. ڌڪ سان چاڏي ٽڪر ٽڪر ٿي ويئي ۽ سمورو ڏڌ مکڻ مائي جي مٿان هارجي ويو. پوءِ گامون پڇيس ته: ڪيئن، ڏاڏي! هاڻي ته ٺرينءَ؟ اتي پوڙهيءَ چيس ته: ڇورا ندورا! منهنجو سمورو ڏڌ مکڻ زيان ڪري ڇڏيئي، هل ته توکي بادشاهه وٽ وٺي هلان. گامون چيو ته: ڏاڏي! تو ڪونه چيو هو ته مون کي اهڙي ڪافي ٻڌاءِ جو ٺري پوان؟ باقي تون مون کي بادشاهه وٽ وٺي هلين ته هل، آءٌ پاڻهي ٿو هلان.

 

Text Box: 229

 

هلندا اچن ته واٽ تي هڪڙو سوار گڏين. ان جو گهوڙو هيڏي ساري گوڙ کي ڏسي اچي ٽٺو ۽ اڳتي هلڻ جي نه پيو ڪري. سوار گهڻئي مٿا مونا هنيا، پر گهوڙو اصل نه چري. ان تي گامون جي هٿ ۾ ڏنڊو ڏسي چيائين ته: ادا! گهوڙي کي ٿورو لڪڻ جي ٽوڪر ڏي ته اڳتي هلي. گامون اهو ٻڌي هٿ ۾ جو ڏنڊو هئس، سو کڻي اچي گهوڙي کي ورتائين. ڏنڊن جي باهه تي گهوڙو اچي ڀاڄ ۾ پيو ۽ سوار کي پهرئين ٽپي سان ڪيرائي، پاڻ الاجي ڪيڏانهن غائب ٿي ويو. سوار ويچاري کي ڌڪ آيو ڏاڍو سو ڪپڙا ڇنڊي اٿيو ۽ اچي گامون تي ڪاوڙيو چيائينس ته: نالائق! مون کي به ڌڪ ڏيارييءِ ۽ گهوڙو به وڃاييءِ! آءٌ توکي اصل ڪونه ڇڏيندس. ان تي گامون وراڻيو ته: ادا تون ڪاوڙجين ڇو ٿو؟ تو پاڻ چيو ته گهوڙي کي لڪڻ جي ٽوڪر ڏي سو مون هڪليو، انهيءَ ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه. تنهن تي سوار چيس: هي گهوڙو بادشاهه جو هو ۽ آءٌ بادشاهه جي ڪم سان وڃي رهيو هوس. ’هل بادشاهه وٽ ته تنهنجي خبر ٿو وٺان‘. ائين چئي هو به هنن سڀني سان گڏجي اٿي هليو.

 

ڳچ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هنن کي اچي اڃ لڳي. رستي تي هڪڙو ڳوٺڙو نظر آين، ڳوٺ وٽ ڪاهي رسيا ڳوٺ جي ٻاهران هڪ کوهه هو، جنهن تي ڪن ماڻهن پاڻي پئي ڀريو. گامون انهن کان پاڻي گهريو جنهن تي انهن ماڻهن هنن ٽنهي کي پاڻي پياري پوءِ گامون کان خبرچار پڇي ته: ابا! تون ڪٿي جو رهاڪو آهين؟ گامون وراڻيو ته: آءٌ لقاپور جو رهاڪو آهيان. لقاپور جو نالو ٻڌي انهن مان هڪڙي ڄڻي رڙ ڪري چيو ته: ڀلا اهو ٻڌاءِ ته لقاپور کي باهه ڪيئن لڳي؟ ان تي گامون وراڻيون ته: چئو ته، واتين ويڻين ٻڌايانوَ يا چئو ته هٿن جا پرتا ڪري ڏيکاريانوَ؟ تنهن تي سڀني چيو: واتين ويڻين مزو نه ايندو، هٿن جا پرتا ڪري ڏيکار! ان تي گامون چيو ته: چڱو، هڪڙي ٻلي، ڪپهه جو ذرو ۽ گاسليٽ کڻي اچو ته هٿن جا پرتا ڪري ڏيکاريانو. انهن مان ڪي ماڻهو ويا شيون کڻڻ ۽ هي ٽيئي ڄڻا ساهي کڻڻ لاءِ ويهي رهيا.

ٿوري دير کان پوءِ ماڻهن گهربل سڀ شيون آڻي گامون کي ڏنيون. گامون ڪپهه جو موئو ٺاهي، ان تي گاسليٽ هاري ٻليءَ جي پڇ ۾ ٻڌي کڻي تيلي ڏني. ٻلي کي جو آيو تؤ، سو وٺي ڳوٺ ڏانهن ڀڄڻ لڳي. ساري ڳوٺ کي چوڌاري لوڙهائي لوڙها هئا ۽ وري گهر ڪچا، ٻيو هيون ڀنگيون، سو ٻلي جتان ٿي لنگهي اتان باهه جا اُلا اٿڻ لڳا، بيٺي بيٺي ساري ڳوٺ کي باهه وڪوڙي وئي ۽ سارو ڳوٺ جلي خاڪ ٿي ويو. جڏهن ڳوٺ جا ماڻهو باهه وسائڻ مان واندا ٿي ڪاوڙجي هن ڏي آيا تڏهن گامون چين ته: ادا! لقاپور کي اجهو ائين باهه لڳي هئي. ماڻهن جا سڙيا هئا گهر، تن گامون کي گهٽ وڌ ڳالهائي چيو: ’ههڙا تهڙا! اسان جو سارو ڳوٺ ساڙي ڇڏييءِ! هاڻي هل غازي خان وٽ ته توکي ڪاٺ ۾ ٿا وجهايون. گامون چين ته: ٻيلي! ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟ توهان ئي ته چيو هو ته هٿن جا پرتا ڪري ڏيکار. هاڻي جي بادشاهه وٽ وٺي ٿا هلو ته بسم الله، هلو. پوءِ سڀئي گامون کي وٺي غازي خان ڏي روانا ٿيا.

Text Box: 231

 

Text Box: 230

 

پوري سج لٿي مهل اچي غازي خان جي شهر ۾ پهتا. بازار ۾ مٺاين جا دڪان ڏسي گامون دل ۾ چيو ته، مٺايون ته کائجن پر پيسو آهي ئي ڪونه. سو ڪا اٽڪل ڪرڻ گهرجي. پوءِ سڀني کي وٺي اچي هڪ حلوائي جي دڪان تي بيهاريائين. پهرين هڪڙي ٿالهه تي هٿ رکي، حلوائي کان پڇيائين ته: سيٺ! هن مٺائي جو گهڻي سير آهي؟ حلوائي چيس ته: انهيءَ جو پنج رپيا سير آهي. گامون وري ڏسي ڏسي ٻئي ٿالهه تي هٿ رکيو ۽ پڇيائين ته: سيٺ! هن مان گهڻي سير؟ سيٺ وراڻيو ته: اهو به پنج رپيا. گامون وري ٽئين ٿالهه تي هٿ رکي پڇيس ته: سيٺ ڀلا! هن جو گهڻي سير ڏيندين؟ حلوائي چيو ته: اهو به ائين. گامون کي کپندوئي اهڙو لفظ هو ائين (مفت ۾) ٻڌائين سو سڀني کي چيائين ته: کائو. پوءِ سڀ مٺائي کي لڳي ويا. جڏهن مٺائي کائي بس ڪيائون، تڏهن چپ اگهي سڀ اٿي اڳتي هليا. اتي حلوائي سڏ ڪري چيو ته: ابا! پيسا ته ڏيندو وڃ. گامون جواب ڏنس ته: سيٺ صاحب! مٺائي ته ائين واري هئي، پوءِ پيسا وري ڇاجا؟ سڀني کان پڇي ڏس. تو ڪونه چيو هو ته اها مٺائي ائين. اها ڳالهه ٻڌي حلوائي ڪاوڙجي اٿيو ۽ گامون کي چيائين ته: ٺڳ! هل بادشاهه وٽ. ائين چئي سڀني سان گڏجي اٿي هليو.

 

جڏهن محلات جي ويجهو پهتا تڏهن ڏسن ته هڪڙو فقير محلات جي اڳيان بيٺو سرندو وڄائي ۽ خيرات لاءِ بيٺو صدائون هڻي. ان تي گامون کي لڳي ڪاوڙ ۽ هڪ چماٽ واهي ڪڍيائينس ۽ چيائينس ته: نڪري وڃ هتان! توکي بادشاهه جي حرم جو به حياءُ ڪونهي. فقير چماٽ کائي پهرين ته ماٺ ٿي ويو پر پوءِ گامونءَ کي چيائين ته: تو مون کي بيگناهه ماريو آهي، هاڻي آءٌ توکي ڪونه ڇڏيندس، هل بادشاهه وٽ. گامون چيو ته: هل، پوءِ ته فقير به هنن سان گڏجي اٿي هليو.

آخر اچي بادشاهه جي درٻار وٽ پهتا. دربان وڃي غازي خان کي ٻڌايو ته: ڪي دانهين آيا آهن. غازي خان حڪم ڪيو ته سڀني کي وٺي اچو! سڀئي ماڻهو گامونءَ جي دانهن ڪرڻ لڳا. آخر غازي هڪ هڪ ماڻهو جي دانهن ٻڌندو، گامون کان ان جو سبب پڇندو ويو، جڏهن ٻين سڀني ماڻهن جا بيان ۽ گامونءَ جا جواب ٻڌي دنگ ڪيائين، تڏهن پڇاڙيءَ ۾ فقير جو وارو آيو. فقير عرض ڪيو ته: قبلا! هن مون کي بيگناهه ماريو آهي. غازي خان گامون کان ان جو سبب پڇيو. گامون وراڻيو ته: سائين! مون فقير کي چيو ته: بابا! هي بادشاهه جو محلات آهي ۽ توکي جي خيرات وٺـڻي آهي ته وڃي بادشاهه جي درٻار مان وٺ، پر فقير نه مڙيو ۽ حرم سراءِ مان نڪرندڙ ٻانهين کي تنگ ڪرڻ لڳو، ان تي مون کيس چماٽ هڻي ڪڍي. بس، سائين! منهنجو جي ڏوهه آهي ته اهو آهي. ان تي غازي خان چيس ته: گامون! تو جيڪي ڪيو سو ته ٺيڪ آهي، پر توکي هن فقير کي زباني سمجهائڻو هو ۽ ڌڪ نه هڻينس ها، هاڻي ٻين سڀني ڳالهين ۾ تون بيڏوهي آهين، باقي چماٽ لاءِ هن کي پنج رپيا ڏنڊ ڀري ڏي.

Text Box: 232

 

اهو فيصلو ٻڌي گامون کيسي ۾ هٿ وجهي ڏهه رپين وارو نوٽ ڪڍي کڻي بادشاهه کي ڏنو ۽ هڪ چماٽ به وهائي ڪڍيائينس. چماٽ هڻي غازي خان کي چيائين ته: حضور! مون وٽ پنج رپيا کليا ڪونه آهن، ان ڪري پنج رپيا ڏيو فقير کي ۽ باقي پنج رپيا، سي وري هڪڙي چماٽ جا توهان کڻو. اها ڳالهه ٻڌي غازي خان اچرج ۾ پئجي ويو ۽ گامونءَ کي چيائين ته: اڙي واهه ڙي گامون واهه! جهڙو ٻڌوسون تهڙو ڏٺوسون. نيٺ اٽڪل ڪري مون کي به چماٽ هڻي وئين. چڱو، هاڻي هي وٺ پنهنجو ڏهين جو نوٽ ۽ تون وڃ. پنهنجي پوڙهي ماءُ کي وٺي اچ ۽ اچي منهنجي بادشاهي ۾ رهو. خزانچي کي حڪم مليو ته گامونءَ کي پنج سو اشرفيون ڏيو ته ڳوٺان وڃي پنهنجي ماءُ کي وٺي اچي. جيڪي دانهين آيل هئا، تن جو اهو فيصلو ٻڌو، سي سڀ ڦڪا ٿي پوئتي موٽيا.

 

گامونءَ کي جڏهن خزانچيءَ پنج سؤ اشرفيون ڳڻي ڏنيون ته انهن مان هڪڙي اشرفي پٽ تي ڪري پئي، جنهن کي کڻي چمي جهوليءَ ۾ وڌائين. وزير اهو لقاءُ ڏسي بادشاهه غازي خان کي چيو ته: هيءُ وڏو ڪو ڪنجوس آهي جو هڪڙي اشرفي به نوڪرن جي لاءِ پٽ تي نٿو ڇڏي! ان تي گامونءَ ٺهه پهه جواب ڏنو ته اشرفي تي بادشاهه جي صورت اُڪريل آهي. جنهن جي بي ادبي ڪرڻ مون کي نٿي وڻي، متان مٿانس ڪنهن جو پير اچي وڃي تنهن ڪري چمي کڻي جهولي ۾ وڌي اٿم. ان ۾ منهنجو ڪنجوس هئڻ ڪيئن توکي معلوم ٿيو؟ اهو گفتگو غازي خان کي ڏاڍو وڻيو پوءِ گامون کي جلد ماءُ وٺي اچڻ جو تاڪيد ڪري موڪل ڏنائين.

Text Box: 233

 

گامون جي وڃڻ کان پوءِ وزير، غازي خان کي چيو ته: سائين! هي ڪٿي جو انصاف آهي، جو هڪڙي ٺڳ جنهن هيترن ماڻهن کي ستايو ۽ نقصان پهچايو تنهن کي سزا ته ڪانه ملي، پر اٽلندو انعام مليو! اهو ٻڌي غازي خان وزير کي چيو ته: اي وزير! هي ٺڳ نه هو، پر عقلمند هو هن پنهنجي عقلمدي سان سڀني کي بيعقل بنائي ڇڏيو، توکي جيڪڏهن آزمودو وٺڻو آهي ته وڃي ڇوڪري کان ڪنهن عقل سان پنج سؤ اشرفيون واپس وٺي اچ! جيڪڏهن ڇوڪري کان اشرفيون وٺي آئين ته آءٌ توکي هڪ هزار اشرفيون انعام ڏيندس. وزير اهو ٻڌي، هائو ڪري گهوڙي تي چڙهي گامونءَ جي پٺيان روانو ٿيو.

 

گامون اڃا شهر مان نڪري اڳڀرو ٿيو ته وزير اچي پهتس ۽ بيهاري چيائينس ته: اي گامون! آءٌ بادشاهه جو وزير آهيان، هن مون کي انهي لاءِ موڪليو آهي ته تنهنجو امتحان وٺان. هاڻي جي تون اهڙو عاقل آهين ته هنن ٻن سوالن جا جواب ڏي، جي جواب صحيح هوندا ته اشرفيون تنهنجون آهن، پر جي جواب غلط هوندا ته اشرفيون واپس ڏيندين. گامون وراڻيو: مون کي قبول آهي. وزير چيس ته: چڱو ٻڌ! پهريون سوال آهي ته ڌرتي جو وچ ڪٿي آهي؟ ۽ ٻيو سوال آهي ته خدا ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي؟ گامونءَ وزير کي چيو ته: سائين منهنجا! توهين بيٺا آهيو گهوڙي تي ۽ آءٌ هيٺ، تنهن ڪري گهوڙو ڏيو مون کي ته گهوڙي تي چڙهي ڏسي توهان کي ٻڌايان ته ڌرتي جو وچ ڪٿي آهي. وزير يڪدم گهوڙي تان لٿو ۽ گامون گهوڙي تي سوار ٿيو. هڪڙو ٻه چڪر هڻي، هيٺ مٿي ڏسي وزير کي چيائين ته: وزير صاحب! ڌرتي جو وچ اهو آهي جتي توهان بيٺا آهيو. وزير چيو ته: سو وري ڪيئن؟ گامون چيو ته: جي توهان کي اعتبار نه اچي ته ڀلي ماپ ڪري ڏسو، پوءِ به آءٌ ٻڌل آهيان. باقي ٻئي سوال جو جواب هي آهي ته الله سائين، هن ڳالهه ۾ راضي آهي ته پيادا ڪري سوار ۽ سوار ڪري پيادا. توهان ٿورو اڳ سوار هئا ۽ هن وقت آءٌ سوار آهيان. هاڻي بادشاهه کي وڃي ڏي سلام پنهنجي الله واهي. ائين چئي گامون گهوڙو هڪلي هليو ويو. گهوڙو هو ڀلو سو اک ڇنڀ ۾ غائب ٿي ويو ۽ وزير جتي بيٺو هو، اتيئي بت بنجي ويو. نيٺ ڪجهه وقت کان پوءِ غازي خان وٽ آيو، پر ڦڪائي کان ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو. غازي خان پڇيس ته: وزير! ڪر خبر، اشرفيون وٺي آئين؟ وزير وراڻيو ته: قبلا! گامون برابر عقلمند آهي. مون کان گهوڙو به ڦري ويو. اهو ٻڌي سڀ درٻاري مٿس کلون ڪرڻ لڳا.

Text Box: 234

 

گامون وزير کان گهوڙو ڦري جلد ئي اچي پنهنجي ڳوٺ پهتو ۽ پنج سؤ اشرفيون ڪڍي ماءُ جي اڳيان رکيائين، جا پهريائين ته حيرت ۾ پئجي وئي، پر پوءِ گامونءَ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس جا ٻڌي خوش ٿي. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ گامون پنهنجو ڳوٺ ڇڏي ماءُ سوڌو اچي غازي خان وٽ رهيو. جنهن کيس رهڻ لاءِ جاءِ ڏني. ٿورن گهڻن ڏينهن بعد گامون جي سچائي ڏسي غازي خان کيس خاص ماڻهن ۾ شمار ڪيو ۽ کيس ڏاڍو ڀائيندو هو. هر ڪا صلاح مصلحت گامون کان ئي پڇندو هو، جنهن ڪري درٻارين مان ڪيترا سندس دشمن ٿي پيا ۽ هن جي خلاف گهاٽ گهڙيندا رهيا، پر ورندو ڪجهه به ڪونه هو.

 

 

 

 

Text Box: 235

 


 

 

 

33-گامون سچار 5-*

 

گامون ننڍي هوندي کان ئي سچار هو، پر چرچائي به هوندو هو، نواب غازي خان جو به مٿس تمام گهڻو راض هو، سو به انهي ڪري جو سندس ڳالهيون کيس وڻنديون هيون. گامون ٻين کي ته سچ چئي ڏيندو هو، پر خود نواب صاحب کي به چوندي ڪين گسندو هو، هڪڙي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته نواب غازي خان ۽ گامون، ٻئي اڪيلا ويٺا هئا. نواب صاحب عطر جي شيشي کڻي ان مان ذرو ڪڍي، پنهنجي بت تي ٿي لڳايو، ته اتفاق سان ان شيشيءَ مان، هڪ ٻه ڦڙا عطر جا هارجي پٽ تي ڪري پيا. نواب صاحب کان بي اختيار دانهن نڪري ويئي ته: اڙي! تنهن تي گامونءَ طعنو هڻي چيس ته: تون بادشاهه لکن جو مالڪ، هڪ - ٻه ڦڙي عطر جي هارجڻ تي يڪدم اڙي جي دانهن نڪري ويئي اٿيئي! چڱو جو ڪو ٻيو ڌاريون ماڻهو ويٺل ڪونه آهي، نه ته اهو ته الاجي ڇا سمجهي ها! غازي خان دل ۾ چيو ته، گامڻ جي ڳالهه ته بلڪل پوري آهي. ذري عطر لاءِ دانهن نڪري ويئي اٿم. پر اهو ٽڪو پاڻ تان ضرور لاهيندس، نه ته گامون مهڻن سان کڻي ڇڏيندو، سو ڇا ڪيائين جو مشڪ، عطر خريد ڪري، ڳوٺ جي ڀرسان هڪڙي وهندڙ واهه ۾ هارايائين ته واهه ۾ پاڻيءَ سان گڏ عطر ۽ مشڪ جو واهه وهڻ لڳو، ۽ خوشبوءِ پکڙجي وئي. ائين ڪري پوءِ گامون کي چيائين ته: ڪيئن ٿو ڀانئين، ڏس اسان مشڪ ۽ عطر جا واهه وهائي ڇڏيا آهن! گامڻ چيو ته: حضور! هي واهه ته خير، پر عطر ۽ مشڪ جا درياءَ کڻي وهايو، ته به ’اڙي‘ جو مٽ نه ٿيندا. نواب غازي خان چيو ته: برابر مون کان بيوقوفيءَ سان لفظ نڪري ويو، هاڻي ڇا به ڪريان ته اهو ٽڪو نه لهندو! مفت خزانو لٽائڻو آهي، تنهن ڪري کڻي ماٺ ڪيائين.

 

ڪجهه ڏينهن گذريا ته نواب صاحب ڀر واري ڳوٺ مان مائٽي ڪرڻ جو خيال ڪيو. سڱ مليس ۽ شادي جا ڏينهن به مليس، هاڻي شاديءَ جي تياري ٿيڻ لڳي. جڏهن شاديءَ جي رات ٿي ته، نواب صاحب دل ۾ خيال ڪيو ته، جي گامون به شاديءَ تي هلندو، ۽ اتي ڪنوار ۾ يا ڪنهن ٻئي نموني جي ڪمي پيشي ڏسندو ته سچ چوڻ کان رهي نه ڪين سگهندو! متان ڪا خامي ڏسي ۽ مهڻو يا طعنو هڻي، ته اها بيعزتي آهي! اهو خيال ڪري، گامونءَ کي سڏي چيائين ته: گامڻ! تون هتي رهج! جو پوئتي لاءِ به ڪا اعتبار جوڳي پهر ڇڏڻي آهي، تو ۾ اعتبار آهي ٻين ۾ اهڙو ڀروسو ڪونهي. آءٌ سانجهيءَ شادي ڪري، سڀاڻي موٽي ايندس، تون مڙس ٿيو پٺيان سڀ ڪم جي نظرداري رکيو ويٺو رهج. گامونءَ حڪم ٻڌي کڻي ماٺ ڪئي. نواب صاحب ڄڃ وٺي ويندو رهيو. وچ تي درياءَ پار ڪرڻو هو. نواب پتڻ ٽپي سمورن ميربحرن کي حڪم ڏنو ته: اڄ رات ڪوبه ماڻهو هن ڀر نه اُڪارجو، جي اُڪاريو ته سزا ملندوَ. ائين چئي نواب، پنهنجي ڄڃ سميت اچي ساهرن وٽ پهتو. شاديءَ جا شغل لڳا پيا هئا، تان جو اچي سج لٿو رات پيئي.

 

Text Box: 237

 

گامونءَ حڪم ته ٻڌو، پر دل ۾ اچي خيال ٿيس، ته هي رڳو منهنجن مهڻن کان نٽائي، نواب صاحب مون کي اتي رهائي ويو آهي. آءٌ به ڇونه شاديءَ جو مزو ڏسان سو ڇا ڪيائين، جو رات ٿي ته زنانو لباس پهري، ٻيو نئون وڳو ڪنوار لاءِ هڙ ۾ ٻڌي کڻي اُٿي هليو. جڏهين پتڻ تي آيو ته ملاح هن ڀر اُڪاريس ئي نه، چي مائي! نواب صاحب منع ڪئي آهي. مون کي سزا کائڻي ڪانهي. تنهن تي گامونءَ چيس ته: اي ميربحر! آءٌ به نواب صاحب جي ٻانهي آهيان، ۽ سندس ڪنوار جو وڳو رهجي ويو آهي، اهو اڄ رات ضرور کپندو، انهيءَ ڪري ڪيئن به اهو وڳو جلد پهچائڻو آهي، نه ته نواب صاحب دل ۾ ڪندو، پوءِ پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ توتي ڏوهه هڻنديس، مصيبت ۾ وري به تون پوندين، مون کي ڇا آهي. اتي ميربحر ڏٺو ته هيءَ مائي سچ ٿي چوي، شاديءَ جو وڳو نه پهتو ته برابر پڇا ٿيندي، هيءَ ٻانهي به چوندي ته پتڻ واري موٽائي ڇڏيو ته ڏوهه سڄو مون تي ايندو. نواب صاحب متان ڪا وڌيڪ سزا ڏئي، سو چيائين ته: مائي! اتي ڪيترو وقت لڳندءِ؟ مائيءَ جواب ڏنو ته: بس، رڳو وڳو ڏيئي پوئتي ورڻو اٿم. پتڻ واري چيس ته: چڱو مائي! آءٌ توکي پتڻ اُڪاريان ٿو، تون جهٽ پٽ وڳو ڏيئي اچ، ته وري به پتڻ اڪاري هن ڀر ڪري ڇڏيانءِ. گامون ٻيڙيءَ تي چڙهي، هـُـن ڀر وڃي لٿو، جتان سڌو شاديءَ ۾ آيو. نواب جي شاديءَ ۾ ته ڪئين مزا لڳا پيا هئا سي به هن ڏٺا، دل به خوش ڪيائين. نيٺ گهمندي گهمندي هڪڙيءَ ٻانهيءَ کي اچي پاسو ڏنائين، ۽ چيائينس ته: ادي! هڪڙي ڀلائي ڪر، ان جو تو کي چڱو عوضو ڏيندس. تون مون کي نواب صاحب جي کٽ هيٺان اُماڻي ڇڏ، اها خبر توکي ۽ مونکي، آءٌ تنهنجو نالو به ظاهر نه ڪنديس. ٻانهيءَ هن کي لڪائي نواب صاحب ۽ ڪنوار جي کٽ هيٺان ويهاري ڇڏيو. کٽ تي وڏو هنڌ وڇايل هو، ان ڪري کٽ جي هيٺان ويٺل ماڻهو ڏسي نه پيو سگهجي. ٿوريءَ دير کان پوءِ نواب صاحب ڪنوار سميت اچي کٽ تي ويٺو، ٻيون ٻانهيون گهوٽ ڪنوار کي اندر اماڻي، در ٻيڪڙي وينديون رهيون. نواب صاحب خلاصو ٿي، پنهنجي ڪنوار سان مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. گامونءَ کٽ جي هيٺان سڀڪهه ويٺي ٻڌو. خير، نواب صاحب ۽ ڪنوار ڪجهه وقت کان پوءِ آرامي ٿيا. گامون سڀڪجهه ٻڌي سڻي کٽ هيٺان نڪتو، ۽ هنن ٻنهي کي ننڊ ۾ ڏسي، سيرانديءَ کان ريشمي رومال ۾ ويڙهيل خنجر رکيل هو، سو کڻي سڌو پتڻ تي آيو، ۽ پتڻ اُڪري پنهنجي جاءِ تي پهتو.

 

Text Box: 238

 

ٻئي ڏينهن نواب صاحب ڪنوار وٺي، ڄڃ سميت اچي گهر رسيو. سڀني ماڻهن نواب کي شاديءَ جون مبارڪون ڏنيون. گامونءَ به نواب کي مبارڪون ڏنيون. شادي جي ٽئي ڏينهن نواب صاحب شاديءَ جي خوشيءَ ۾ مجلس ڪئي. سڀئي امير وزير ۽ ٻيا ماڻهو اچي گڏ ٿيا. ڪنهن مهل گامون به اهو ريشمي رومال ۾ خنجر ٻڌل ڪلهي تي رکي، اچي مجلس ۾ حاضر ٿيو. خنجر ۽ رومال ڏسي نواب سڃاتو ۽ گامون کان پڇيائين ته: هيءَ خنجر ۽ رومال تو کي ڪٿان هٿ آيا؟ گامون چيو ته: سائين! پاڻ سڃاڻو. نواب غازي خان اهو ٻڌي سڙي ويو ۽ چيائينس ته: حيف هجئي گامڻ! تو منهنجو حڪم نه مڃيو، نيٺ اچي پهتين. تون نافرمان آهين تنهن ڪري مون کي نه گهرجين. منهنجي شهر مان ئي اڄ جو اڄ هليو وڃ. گامون ويچارو حڪم ملڻ تي هڪدم پنهنجا ٽپڙ ٻڌي، شهر ڇڏي ويندو رهيو.

 

گامونءَ جي وڃڻ کان پوءِ، نواب صاحب جي ڪچهريءَ مان اُهو مزو گهٽ ٿي ويو. حڪومت جو ڪاروبار به سولو نه پيو هلي. ڀلا بي ايمان نوڪر گامون جي برابريءَ ۾ ڪٿي ٿا اچي سگهن! ٿوري گهڻي ڏينهين، نواب غازي خان کي اچي گامون ياد پيو. سو ڳولها ڦولها ڪرائي کيس گهرائي ۽ پرچائي پاڻ وٽ ويهاريائين ۽ هن جو ساڳيو اڳيون عهدو قائم رکيائين. گامونءَ جي اچڻ سان نواب صاحب جي ڪچهريءَ جي رونق ئي ٻي ٿي پئي. وري به ساڳيءَ طرح عدل ٿيڻ لڳو. اڳيون وزير دل ۾ پچڻ لڳو ته ڪيئن به ڪري گامونءَ جو ڪوڙ ثابت ڪريان. ته کيس هميشه لاءِ نواب صاحب جي دربار مان تـڙائي ڪڍان. سو پيو وجهه ڳوليندو هو. ڪيترا ڏينهن گذري ويا، پر هن کي ڪو وجهه ئي نه لڳو.

Text Box: 239

 

انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته نواب صاحب جي هڪڙي خاص ٻانهيءَ سان گامون جي دل ٿي ويئي. ان کي ريجهائڻ لاءِ ڏاڍيون ڪوششون ڪيائين، پر ٻانهي ليکيس ئي نه. وزير اهو وجهه ڏسي ٻانهيءَ کي چيو ته: گامون ائين تنهنجي پٺ ڪانه ڇڏيندو. مفت خوار پئي ٿيندينءَ. هاڻي هيئن ڪر، جو گامونءَ کي چئو ته تو وٽ جيڪو نواب صاحب جي سواريءَ وارو اُٺ آهي، جيڪڏهن ان جو پـِـتو مون کي آڻي ڏيندين ته پوءِ آءٌ تو سان پرچي وينديس ۽ جيئن چوندين تيئن ڪنديس. پوءِ نه ڪو گامون اُٺ ڪهي، نه ڪو پـِـتو توکي ڏي، ائين جند ڇٽي پوندءِ. ٻانهي به وزير جي چوڻ تي لڳي، سو گامونءَ کي اچي چيائين ته: گامڻ! محبت ۾ سر به قربان ڪجي ٿو. جي تنهنجي مون سان گهڻي محبت آهي ته هيءُ منهنجو ڪم ڪر، جو بادشاهه جي سواريءَ واري اُٺ کي ڪهي، ان جو پتو آڻي ڏي، پوءِ آءٌ تنهنجي آهيان. گامون يڪدم هائو ڪري اُٿيو. اُٺ کي وٺي جهنگ ۾ ويو، اتي ڪهي، پتو ڪڍي آڻي ٻانهيءَ کي ڏنائين. ٻانهي حيران ٿي ويئي. دل ۾ چيائين ته منهنجو بهانو ته بيڪار ٿي ويو، هاڻي ڇا ڪري سگهنديس. گامون انجام گهرندو، ان کي ڪهڙو جواب ڏينديس! پر جڏهن وزير کي انهيءَ ڳالهه جي سڌ پيئي سو ته ڏاڍو خوش ٿيو ته هاڻي اجهو ٿو گامونءَ کي ڪڍايان، جو بنا موڪل جي نواب جو اٺ ڪٺو اٿس. جي ڪوڙ ڳالهائي ڪو بهانو ٺاهيندو ته به اسان لاءِ فائدو آهي ڇو ته سندس ڪوڙ ثابت ٿي پوندو.

 

هوڏانهن گامون پتو ته ٻانهيءَ کي ڏنو، پر دل ۾ خيال آيس ته بادشاهي اُٺ ڪهي وڌو اٿم،نواب صاحب مون کان سبب پڇندو، ان کي ڪهڙو جواب ڏيندس! اهي پور پچائيندو جهنگ منهن ڪري اُٿي هليو. واٽ تي هڪڙو سڪل وڻ ڏٺائين، دل ۾ چيائين ته ٻيلي، انهيءَ بنڊ کان به صلاح وٺڻ کپي. سو ڇا ڪيائين جو پنهنجي چادر لاهي کڻي بنڊ کي پٽڪو ٻڌائين. ويجهو اچي سلام ڪري، پڇيائينس ته: ٻيلي بنڊ! صلاح ڏي، بادشاهه جو اُٺ ڪهي وڌو اٿم، ان جي پڇا ٿيندي، هاڻي ان لاءِ ڪهڙو جواب ڏيان؟ وري پاڻ کي پاڻيهي جواب ڏنائين ته: گامڻ، صلاح اها آهي ته نواب صاحب کي جواب ۾ ٻڌاءِ، ته جهنگ ۾ هڪڙي Text Box: 240

 

شينهن اُٺ ماري وڌو. ڀلا جي نواب صاحب چوي ته هل، هلي شينهن جا پير ڏيکار ته اسين به ان شينهن کي ماريون ته پير ڪٿي آهن! نه گامڻ، ڪوڙو ٿي پوندين! هاڻي جي ٿو چوان ته هڪڙي گهاري ۾ ڪري پيو، ڪنڌ ڀڄي پيس ۽ مري پيو ته به ڳالهه وزن ۾ ڪانه ايندي، گامڻ، ڪوڙو ٿي پوندين! اڙي گامڻ، ڇو ٿو ڪوڙ ڳالهائين. نواب صاحب کي وڃي چئو ته يار هو رٺو، تڏهن اُٺ هو مون ڪٺو. نواب توکي معاف ڪري ڇڏيندو. گامون اهي خيال پچائي، بنڊ جي پڇاڙي واري صلاح بيهاري، چادر لاهي ڪلهن تي رکي، سڌو نواب صاحب وٽ اچي حاضر ٿيو. نواب صاحب جا ڪن ته اڳواٽ ئي وزير ڀري ڇڏيا هئا ته اڄ گامونءَ ڪهڙو نه ڪچو ۽ نقصان وارو ڪم ڪيو آهي. نواب غازي خان ته به اعتبار نه پيو ڪري، چي: گامون اهڙو ڪم بنا موڪل نه ڪندو، پر جي ڪيو هوندائين ته به ڪوڙ نه ڪندو. هاڻي ڀلي اچي ته کانئس پڇون. ايتري ۾ گامون به پهچي ويو. نواب صاحب چيس ته: گامون، اڄ دير ڪري آيو آهين؟ گامڻ چيو ته: سائين، ڪن ڪمن سبب برابر اڄ دير ٿي ويئي آهي. نواب صاحب چيس ته: اڄ خيال ٿيو آهي ته شڪار تي وڃجي، سو مون وارو اُٺ تيار ڪري آءُ! گامونءَ ٿورو هٻڪي چيو ته: حـضور، يار هوم رُٺو، تڏهن اُٺ اٿم ڪٺو. هاڻي ڏوهاري ته آهيان، وڻيو ته معافي ڏيو، وڻيو ته ڦاسي ڏيو. نواب صاحب تنهن تي چيس ته: ڀلا يار پرتو؟ چيائين ته: هائو سائين،يا پرتو. تڏهن نواب صاحب چيو ته: گامڻ، جي تنهنجو يار توسان پرتو، ته اُٺ توتان قربان آهي. شل پريت پختي هجي، باقي اُٺ توکي بخش آهي. وزير سڙي ويو. دل ۾ چيائين ته: ٻيلي، گامونءَ سان ته پڄڻ جي جاءِ نه آهي. نواب صاحب کان به نه ڊنو، منهن تي سچ چيو ڏي! نواب صاحب، گامونءَ کي چيو ته: ڀلا اها ٻانهي توکي پرڻايون؟ گامڻ چيو ته: سائين! جنهن لاءِ سر تان آسرو پليم، سا ڪيئن نه قبول ڪندس. پوءِ نواب صاحب ڏاڍي ڌام ڌوم سان گامونءَ جي شادي انهيءَ ٻانهيءَ سان ڪئي. گامون پنهنجي زال سان خوش گذارڻ لڳو. ٿورن گهڻن ڏينهن گذرڻ بعد کيس پٽ ڄائو. ڏاڍيون خوشيون ٿي ويون. گامونءَ تي نواب صاحب جو راض به ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو. انهيءَ ڪري سڀ خوش گذارڻ لڳا ۽ حڪومت جو سرشتو به چڱيءَ طرح هلندو رهيو.

 

Text Box: 241

 

ڏينهن گذرندي دير ڪانه ٿئي. گامونءَ جو پٽ اچي جوان ٿيو. هن کي اچي شوق ٿيو ته پٽ جي شادي ڪريان. مٽ مائٽ ته هوس ئي ڪونه، سو ڌارين ۾ مائٽيءَ جي ڳولا ڦولا ڪيائين. آخر پيسي سان نه مائٽ، سو به مائٽ ٿيو پوي. هڪڙي گهر ۾ چڱو ٻار جانچي، انهن کان سڱ جي گهر ڪيائين، ۽ چيائين ته: ادا، منهنجو پٽ جوان ٿيو آهي، مون وٽ سڱ ڪونه آهي جو ڏي وٺ ڪريان، پيسا ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ڀلائي ڪري منهنجي پٽ کي پاسي جي سک لاءِ ڪا زال ڏيو. گامڻ ته هو سچار، سو سچ چئي ڏنائين پر هنن ماڻهن کي انهن لفظن تان اچي ڪاوڙ لڳي، چي: گهري ٿو سڱ ۽ ڪري ٿو اهڙيون ڳالهيون. سو چيائونس ته: وڃ هليو، اسان وٽ سڱ ڪونهي. گامڻ چيو ته: ٻيلي، ائين نه ڪريو، ڀائر آهيو، ڪا مهرباني ڪريو. ٻيا ڪهڙا در ڳوليان. پر هو اصل پڙ ڪڍي بيٺا، جواب ڏيئي ڇڏيائونس. خير انهيءَ مهل ته گامون موٽي آيو، ٿوري گهڻي ڏينهين وري به روح نه رهيس، انهن ماڻهن وٽ هلي ويو. چيائين ته: ادا! ته اڳئين ڀيري مون کان بيوقوفيءَ جو اکر نڪري ويو. مون کي معاف ڪريو، وري اهڙو اکر نه ڳالهائيندس. هاڻي مون تي وڙ ڪريو، اوهان جو احسان مڃيندس. مون کي پنهنجو مائٽ ڪريو. نااميد نه ڪريو. تڏهن هنن ماڻهن چيس ته: جي پهرين ائين فضيلت سان ڳالهائي سڱ گهرين ها، ته هن کان اڳ پٽ پرڻائي ويٺو هجين ها. هاڻي تون ٻه ڀيرا اسان وٽ هلي آيو آهين، تنهن ڪري توکي مانُ ڏيون ٿا. اسان سڱ ڏنو. گامون ڏاڍو خوش ٿيو. يڪدم مٺائي ورهائي مڱڻو ڪيائين. شاديءَ جا ڏينهن وٺي ڪم شروع ڪيائين. تنهن کان اڳ پٽ کي سمجهايائين ته: ابا! شادي ته تنهنجي ڪريان ٿو، پر منهنجي هڪڙي ڳالهه مڃ. پرڻي کان پوءِ زال کي هٿ نه لائج، جو انهن ماڻهن سان جٺ ڪري سچي ڪرائڻي اٿم. پٽ چيو ته: حاضر بابا، جيڪا اوهان جي مرضي، آءٌ ائين ئي ڪندس. نيٺ ڪن ڏينهن کان پوءِ خير سان شادي ٿي گذري، گهوٽ، ڪنوار وٺي پنهنجي گهر آيو. گهوٽ ڏينهن جو ڪنوار سان کلي ڳالهائي، پر رات جو پٺ ڏيئي سمهي، ۽ سڄي رات ڪنوار سان ڳالهائي به ڪونه. ائين ڪندي پنج اٺ ڏينهن گذريا، ته ڪنوار دل ۾ ڪئين خيال آڻڻ لڳي. آخر مائٽن کي دانهون ڏيڻ شروع ڪيائين ته: مون مان اهڙا بيزار هئا، جو ههڙي نڪار ماڻهوءَ سان شادي ڪرائي اٿوَ؟ ان کان ته ماري ڇڏيو ها ته چڱو هو. هيءُ ته مون کي پڇي به ڪونه ٿو، سڄي رات ٻوٿ بوٿ تي چاڙهيو، منهن ڀت ڏي ڪريو ستو پيو آهي، نه ڪو ڳالهائي نه ڪو ٻولهائي، ڄڻ ته آءٌ سندس زال ئي ڪين آهيان. يا ته کيس سمجهايو يا طلاق وٺي ڏيو.

 

Text Box: 243

 

Text Box: 242

 

ڇوڪريءَ جا مائٽ ڏاڍا حيران ٿيا ۽ پنهنجي ڪيل ڪم تي پشيمان ٿيا، ته هاڻي ڇا ڪجي. هڪ ٻه دفعا گامونءَ جي پٽ کي سمجهايائون، پر هن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. زال دانهن تي دانهن مائٽن کي پئي پهچائي. لاچار ڇوڪريءَ جا مائٽ، گامون وٽ آيا. چيائونس ته: پنهنجي ڇوڪري کي سمجهاءِ، زال کي زال ڪري سمجهي، دنيا ۾ جيئن هلبو آهي ائين هلي، نه ته طلاق ڏيئي ڇڏي. گامون جواب ڏنو ته: ادا، ڀلي آيا جيءُ آيا. اوهان سڱ ڏنو هو مانيءَ ٽڪر پچائڻ ۽ ٻيو گهرو ڪم لاءِ. سو هلي پيو. آءٌ پهريائين اوهان وٽ آيو هوس، ته منهنجي پٽ کي پاسي جي سک لاءِ زال ڏياريو، ته اوهان مورڳوئي چڙي پيا ۽ موٽائي ڇڏيو. تڏهن مون پٽ کي منع ڪري ڇڏي، ته بابا متان وڌيڪ ڪا حجت رکين، متان تنهنجا ساهرا اڳئين کان به زياده ڪاوڙجي نه پون ۽ زال کسي وڃن. انهيءَ کان بهتر آهي ته صبر ڪج. هنن ماڻهن جڏهن اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن چيائونس ته: گامون، وڏو وير وٺو آهين. ٻيلي اسان توبهه ڪئي، گناهه بخش ڪر. هاڻي ڀلائي ڪري پٽ کي سمجهاءِ. گامونءَ چيو ته: چڱو ادا، جيڪا توهان جي مرضي. اوهين ڀائر هلي آيا آهيو ته کڻي ٿو مان ڏيان، باقي اها ٻول هئي ڪانه. جي پهرينديئي ڳالهه قبول ڪريو ها، ته ايتري تڪليف ڪانه ڏسو ها. هاڻي آءٌ پٽ کي سمجهايان ٿو، اميد ته وري دانهن نه ٿيندي. پوءِ پنهنجي پٽ کي سمجهايائين، جنهن کان پوءِ ٻئي زال مڙس خوش رهڻ لڳا.

 

________

 

34-گامون سچار 6-

 

غازي خان دوداڻي وٽ گامڻ خان ڪورائي کان سواءِ ٻيا وزير به هئا پر غازي خان، گامون کي سچ ڳالهائڻ ۽ سندس دانائي سبب تمام گهڻي عزت ڏيندو هو. گامون سچار اٺين اٺين ڏينهن غازي خان جو سلام ڪندو هو، ۽ پگهار به ٻين وزيرن جيترو کڻندو هو. ٻين وزيرن کي انهيءَ ڳالهه تان حسد ٿيندو هو ته اچي به اٺين ڏينهن ۽ پگهار به وٺي اسان جيترو، سو پيا غازي خان جا ڪن ڀريندا هئا. هو به سندن ڳالهيون ٻڌي ڪڪ ٿي پيو هو، سو نيٺ انهن وزيرن کي چيائين ته: هو توهان سمورن کان وڌيڪ داناءُ ۽ سچار آهي. وزيرن چيو ته: جيئندا قبلا! اسان کي سچ ڪوڙ جي ڪيئن خبر پوي ته گامون سچ ٿو ڳالهائي يا ڪوڙ؟ غازي خان چيو ته: توهين هن جو امتحان وٺو، ۽ هن کان ڪوڙ ڳالهارايو، باقي اهو ٻڌايانوَ ٿو ته گامون سچار آهي، ڪوڙ اصل ڪونه ڳالهائيندو.

گامون جي اها عادت هوندي هئي ته جڏهن به غازي خان جي درٻار ۾ ايندو هو، تڏهن پنهنجي مڏي کٿور واهه جي هن ڀر رکي ايندو هو. کٿور واهه جو اوريون ڪپ غازي خان جي حد ۾ هو ۽ ٻيو ڪپ وري ٻي حڪومت ۾ هو. گامڻ خان اهو ان ڪري ڪندو هو ته متان ڪنهن وقت بادشاهه ڪاوڙجي چئي ته: منهنجي ملڪ مان لڏي وڃ. وزيرن صلاح ڪري رٿ بيهاري ته گامڻ خان کان پڇون ته تون ڪنهن جو پٽ آهين. پوءِ هن جي سچ ڪوڙ جي سموري خبر پوندي. نواب غازي خان هنن کي وڏيءَ خوشيءَ سان اجازت ڏني ته ڀلي گامڻ خان کان ڪوڙ ڳالهارايو.

Text Box: 245

 

دستور موجب اٺين ڏينهن گامون سچار ڪچهريءَ ۾ آيو. وزيرن به پنهنجيءَ رٿ موجب هن کي چيو ته: ادا گامڻ خان! مهرباني ڪري اسان کي ٻڌاءِ ته تنهنجي پيءُ جو نالو ڇا آهي؟ گامون سچار جواب ۾ چيو ته: ادا! آئون اڃا صغير هئس ته منهنجي پيءُ وفات ڪئي، ۽ نه وري پنهنجيءَ ماءُ کان پيءُ بابت پڇيو اٿم. هاڻي جڏهن ايندس تڏهن ماءُ کان بابي جو نالو پڇي ايندس. ائين چئي گامڻ خان نواب جو سلام ڪري ڪچهريءَ مان اُٿي هليو ويو. هن جي وڃڻ کان پوءِ آهستي آهستي سڀئي ڪچهريءَ مان اُٿي ويا.

 

ٻئي ڏينهن سڀئي وري اچي ڪچهريءَ ۾ حاضر ٿيا، باقي گامون سچار جو اٺين ڏينهن ايندو هو، سو غير حاضر رهيو. اتي نواب غازي خان پنهنجي اميرن وزيرن کي چيو ته: ڏسو مون اوهان کي چيو هو ته گامون سچار ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي، ۽ نه ڪي اوهان جي سوال ۾ ڪوڙ ڳالهايائين، هاڻي اٺين ڏينهن گامڻ خان سميت اوهان سڀني جو امتحان وٺندس. اتي هنن جي دل ۾ اچي ڏڪڻي پئي ته اٺين ڏينهن گامون سچار به ايندو، ۽ اهو ته جواب ڏيئي ويندو پر اسان جو الاجي ڪهڙو حال ٿيندو. امير وزير پوءِ هر روز نواب غازي خان جي ڪچهريءَ ۾ ايندا هئا، پر سندن دل پئي ڏڪندي هئي. آخر اٺين ڏينهن تي سڀئي وزير گامون سچار سميت اچي ڪچهريءَ ۾ حاضر ٿيا. نواب سڀني جو آڌر ڀاءُ ڪري، هڪڙي نوڪر کي حڪم ڪيو، جنهن ڪاٺ مان ٺهيل نئين پاٽ آڻي نواب جي اڳيان رکي. پوءِ هن هڪڙي وزير کي حڪم ڪيو ته: هيءُ پاٽ کڻي وڃي شهر مان گيهه سان مکائي اچ، پر شرط اهو آهي ته اها پاٽ نه پئسن سان، نه ظلم سان، نه منٿ سان مکجي. وزير پاٽ کڻي شهر ۾ ويو. گهڻئي اٽڪلون ڪيائين پر گيهه سان پاٽ مکجي نه ملي. اهڙيءَ طرح ٻيا وزير به پاٽ کڻي بازار ۾ ويا، پر ساڳيءَ حالت  ۾ موٽائي آيا. باقي  وڃي گامون سچار رهيو. اهو به هنن وانگي پاٽ کڻي هليو ۽ سڌو نواب جي هڪڙي موديءَ وٽ ويو ۽ هن کي چيائين ته: گيهه سان پاٽ ڀري ڏي. جڏهن موديءَ هن کي پاٽ ڀري ڏني، تڏهن گامڻ خان چيس ته: هيءُ گيهه نواب غازي خان گهرايو آهي. تنهن تي موديءَ پاٽ ورائي وٺي ان مان گيهه لاهي چيو ته: گامڻ خان! نواب صاحب جي کائڻ جهڙو گيهه مون وٽ ناهي. اهو ٻڌي هو ٺلهي پاٽ کڻي سڌو درٻار ۾ آيو، ۽ مکيل پاٽ کي نواب صاحب جي اڳيان رکيائين. امير وزير حيران ٿي ويا ۽ چيائون ته گامڻ خان ضرور نواب جي نالي دڙڪو ڏيئي پاٽ مکائي آيو آهي. تنهن تي نواب هنن جي خاطريءَ لاءِ موديءَ کي گهرائي کانئس پڇيو ته: تو هن کي هيءَ پاٽ ڪيئن مکي ڏني؟ هن چيو ته: سائين! مون کي گامڻ خان پاٽ ڏيئي گيهه ورتو. جڏهن مون گيهه جي پاٽ ڀري، تڏهن چيائين ته هيءَ پاٽ مون کي نواب صاحب ڏني  آهي. پوءِ  ڏٺم ته اوهان جي کائڻ جهڙو گيهه ڪونه هو، تنهنڪري مون وري پاٽ خالي ڪري کيس موٽائي ڏني، باقي مون کي نڪو سوال ڪيائين نڪو پئسا ڏنائين ۽ نه زبردستي ڪيائين. اها حقيقت ٻڌي نواب، گامون سچار کي آفرين ڏني ۽ چيائينس ته: تون بيشڪ سچار آهين، ۽ قيامت تائين سچار سڏبين.

Text Box: 246

 

_____


 

* هن ڳالهه جون ٻه راويتون وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد صالح سپيي ۽ (ٽنڊي الهيار) مان گل محمد آزاد مان مليون.

* هن ڳالهه جي روايت وچولي (تعلقي شهدادپور) مان ظفر بلوچ کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org