سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 35  36 37 

صفحو ؛ 16

35- بچل مهر ۽ سعدان جتڻي*

 

ڀـُـنگ شهر ۾ ”بچل“ نالي مـَـهر رهندو هو. جوان ڳڀرو ۽ پهلوان هو. سندس پيءُ ماءُ گذاري ويا هئا. کيس هڪڙي ڀيڻ هئي جا اُن شهر جي وڏيري جي گهر ۾ پرڻيل هئي. بچل جي ڪرت ڪهڙي هوندي هئي جو روز صبح جو سوير گـُـليل کڻي، وڃي ڳوٺ جي ڀر واري کوهه جي پاسي ۾ ويهي رهندو هو. جڏهن شهر جون ڇوڪريون پاڻيءَ جا دلا ڀري مٿي تي کڻي اُٿي هلنديون هيون، تڏهن هي گليل هڻي انهن جا دلا ڀڃي ڇڏيندو هو. ڪجهه ڏينهن ڇوڪرين اهو آزار سٺو پر نيٺ ڪڪ ٿي وڃي بچل جي ڀيڻ کي دانهن ڏنائون ته: بچل اسان سان روز هيءُ ويل ٿو ڪري، بچل جي ڀيڻ انهن کي منٿ ڪري چيو: اديون! دين دنيا ۾ هڪڙو ڀاءُ اٿم، جي ان سان ڪو اوکو ويڻ ڳالهائينديس ته رسي ويندو هليو، باقي آئون اوهان کي ٽامي جا دلا ٺهرائي ٿي ڏيان جي هو ڪڏهن به ڀڃي نه سگهندو. پوءِ بچل جي ڀيڻ انهن کي ٽامي جون گهاگهريون ٺهرائي ڏنيون، جي ٻئي ڏينهن هو کڻي پاڻي ڀرڻ ويون. جڏهن بچل ٽامي جون گهاگهريون ڏٺيون تڏهن سـِـڌو پنهنجي پيءُ جي دوست لوهار وٽ ويو ۽ ان کي چيائين ته: مون کي رڪ جا ڳوڙها ٺاهي ڏي. لوهار تنهن تي رُڪ جا ڳوڙها ٺاهي ڏنس، جي هو کڻي صبح جو وري اچي ساڳئي کوهه تي ويٺو. ٿوري دير کان پوءِ ڇوڪريون ٽامي جون گهاگهريون کڻي پاڻي ڀرڻ آيون، تڏهن بچل وٺي جو رڪ جا ڳوڙها هنيا ته گهاگهرين کي آروپار ٽنگ ٿي پيا، شهر جي ڇوڪرين وري وڃي بچل جي ڀيڻ کي دانهن ڏني ته: ٽامي جي گهاگهرين کي به ٽنگ ڪري ڇڏيا اٿس، هاڻي اسين ڇا ڪريون؟ بچل جي ڀيڻ انهن کي دلجاءِ ڏني ته: هاڻي اوهان دل جهليو ۽ سڀاڻي کان بچل اوهان جا دلا ڪونه ڀڃندو.

Text Box: 248

 

جڏهن سانجهيءَ جو بچل گهر آيو، تڏهن ڀيڻس چيس ته: تو ته ظلم ٻاري ڏنو آهي. اهڙو جي سورهيه آهين ته ”سعدان جتڻي“ سان وڃي چرچا ڪر ته سندس ڀائر ”راجو“ ۽ ”کـَـجو“ ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏينئي. بچل جو اِهو ٻڌو سو هڪدم مڙس ٽامڻي ٿي ويو، ۽ ڀيڻ کي چيائين ته: اَدي! هاڻي تنهنجي هٿ جي ماني حرام اٿم، جي کائيندس ته سعدان جي هٿ جي، نه ته ائين ئي چڱو آهيان. اِتي ڀيڻس کي ڏاڍو ارمان ٿيو ته ناحق اها ڳالهه چيم، ڇو ته هن کي خبر ڪانه هئي ته اِها ڳالهه ڪو اهڙو خلم ٻاريندي، سو بچل کي ڏاڍو سمجهايائين ته: ادا! مون کي معاف ڪر. پر هي مڙس نه مڙيو ۽ ڀيڻ کا موڪلائي اُٿي سعدان جي ڳوٺ ڏي پنڌ پيو. جڏهن ٿورو پنڌ اڳتي ويو تڏهن ياد پيس ته، ٻيلي منهنجي پيءُ جي جهوني دوست لوهار کان ته موڪلايو وڃان، الاجي قسمت جا لکيا آهن، وري ملڻ ٿئي يا نه. سو سڌو لوهار وٽ آيو ۽ سڄي حقيقت ڪري ٻڌايائينس. لوهار ويچاري به گهڻو ئي سمجهايس ته: ٻچا! تون منهنجي دوست جي نشاني آهين. ڌن مال دولت جي ڪمي ڪانهي، مون کي هڪڙي وڏور ڌيءَ آهي، اها توکي پرڻايان، پر ايڏانهن نه وڃ. اهي مڙس راجو ۽ کجو انسان ته ڪونهن، ديو آهن. پر بچل اصل نه مڙيو ۽ کانئس زوريءَ موڪل وٺي سعدان جي ڳوٺ ڏي پنڌ پيو.

 

Text Box: 249

 

هلندي هلندي هن کي هڪڙو ٻڪرار گڏيو، جنهن هن کان نالونشان ۽ حال احوال پڇيو. ٻڪرار کي هن پنهنجا نالا نشان ٻڌايا ۽ چيائينس ته آئون نوڪري ڪندس. ٻڪرار چيس ته: مون وٽ نوڪري ڪندين؟ بچل چيس ته: ڇو نه ڪندس پر کائڻ پيئڻ ۽ پهرڻ لاءِ ڇا ڏيندين؟ ٻڪرار چيس ته: کائڻ لاءِ لسيءَ جو ڪنگر ۽ ڇاڻ جي ماني، پائڻ لاءِ انجهڻ منجهڻ دُسو ۽ ڪم ٻڪرين چارڻ جو ڪندين. بچل چيس ته: نه، کائڻ لاءِ ليلو صبح ليلو شام، کير مکڻ ڍؤ تي، پڻئي جا ڪپڙا ڪندس، ۽ ريشمي لنگي ڪلهن تي ڪندس، چانديءَ جي جتي پائيندس، جي هجئي منظور ته ڪم ڪريان. تنهن تي ٻڪرار طعنو هڻي چيس ته: ڀلو مڙس! ڄڻ ته سعدان جتڻي جو مڱيندو آهي، جو اهڙي پوشاڪ ۽ کاڌو ٿو طلبي! بچل چيس ته: ادا! فڪر نه ڪر، ويندس به سعدان وٽ. ائين چئي اٿي پنهنجي واٽ روانو ٿيو. رستي تي جيڪو به ماڻهو گڏجيس ۽ نوڪري لاءِ چئيس تنهن کي ائين چئي ۽ اهي سڀ سعدان جا طعنا ڏينس. نيٺ هلندي هلندي ڪن ڏينهن جي مسافريءَ بعد اچي انهيءَ جوءِ ۾ پهتو جتي  سعدان جا ڀائر راجو ۽ کجو رهندا هئا. پهريائين پهريائين هن کي راجو گڏيو. راجو هن کي اوڦٽو ڏسي پڇيو ته:

 

ڪـــيــــر جـــــوان آن، وينــدو ڪــاڏي پيو آن،

ويٺو تون ڪاٿي آن، ڪم ڪهڙو ڪندو آن؟

بچل کيس جواب ڏنو ته:

مـَـــهــــر جـُـــــوان آن، ويـٺــو ڀـُــنـگ شـهـــر آن،

بچل منهنجو نالو آ، ويندو نوڪري ڪرڻ آن.

تڏهن راجو چيس ته: ڀلا ڪم ڪهڙو ڪندين؟ بچل چيس ته: توهان جا جيڪي اَٺ ميهار نوڪر آهن، سي ڪڍي ڇڏيو ته مان هڪڙوئي مينهون چاريندس. راجو ڏٺو ته هي ته ڪو ڪم وارو ماڻهو آهي. سو ڀاءُ سان صلاح ڪري هن کي نوڪر ڪري بيهاريئون ۽ اڳوڻا جيڪي اٺ نوڪر هئا، تن کي ڪڍي ڇڏيائون. انهن اٺن نوڪرن ۾ هڪڙو منڊو نوڪر به هو، جو وڏو بدمعاش هو. تنهن جڏهن بچل کي ڪم ملندو ڏٺو، تڏهن خار لڳس، سو انهيءَ تاڙ ۾ رهيو ته بچل جي اهڙي چـُـڪ پڪڙيان جنهنڪري هن کي نوڪريءَ کان جواب ملي. بچل جڏهن صبح جو مينهون ڪاهي وڃڻ لڳو، تڏهن راجو چيس ته: ڀائو! ڳالهه ٻڌ، هنن ٽن پاسن ڏي ڀلجي به مينهون پهرائي نه وڃجانءِ جو انهن پاسن تمام خوفناڪ بلائون آهن، باقي چوٿين اولهه پاسي ڀلي وڃجانءِ. بچل اهو ٻڌي دل ۾ خيال ڪيو ته بلائون وري ڪهڙيون هونديون، آئون به ته ڏسان. جي حياتي هوندي ته بلائون ڇا ڪنديون. اهو پهه پچائي پهريائين مينهون پهرائي اتر پاسي ڏي رخ رکيائين. جڏهن اڳتي هليو ته ڏٺائين ته مار هن پٽ ۾ ته ڪنهن ڪيترن سالن کان پير ڪونه پاتو آهي ۽ مڙس جيڏو گاهه بيٺو آهي. بس هن به مينهون گاهه ۾ چرڻ لاءِ ڇڏيون، ۽ پاڻ کٿو تاڻي سمهي رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ هن کي مينهـُـن جي ڪـُـڻڪڻ تي سجاڳي ٿي. ڏسي ته هڪڙي مينهن جو مـُـٽ پيو وهي. پڪ ٿيس ته مينهن شينهن کي ڏٺو آهي. سو جهٽ تلوار ڪڍي بيهي رهيو. جهٽ ڪانه گذري ته شينهن جي گجگوڙ ٻڌائين. هي جوان به نڪري ٻاهر نروار ٿي بيٺو. ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏهن شينهن جي نظر جو بچل تي پئي، تنهن مٿس جلهه ڪئي. ايتري ۾ بچل خيال ڪيو ته هن ٻليءَ جي ٻچي کي ترار سان مارڻ مڙسي نه آهي، سو ترار پري اُڇلي ٻکين وڃي پيس، ۽ چيلهه ۾ ڀاڪر وجهي وٺي جو زور ڏنائينس ته ساهه ئي نڪري ويس، پوءِ وري بيفڪر ٿي کٿو تاڻي سمهي رهيو. تان جو شام اچي ٿي. شام جو بچل سجاڳ ٿيو ۽ موٽڻ مهل شينهن جي سـِـسي ڪـَـپي هڪڙي سانَ جي ڳچيءَ ۾ وجهي، ڌڻ ڪاهي اچي وٿاڻ ۾ ٻڌائين. جڏهن راجو ۽ کجو شينهن جي سـِـسي سانَ جي ڳچيءَ ۾ ڏٺي تڏهن ڏاڍو عجب لڳن، پر ماٺ ۾ رهيا.

Text Box: 251

 

Text Box: 250

 

هوڏانهن سعدان، جنهن تي اهو ڪم هوندو هو ته منجهند جي ماني ميهارن کي جـُـوءِ تي وڃي ڏيندي هئي، سا پنهنجي دستور موجب بچل جي ماني کڻي اولهه واري جوءِ ڏي هلي. اتي پهچي هن سڄي جوءِ ڳولي پر هن کي بچل هٿ ڪونه آيو ۽ هي وري واپس پنهنجي گهر آئي ۽ اچي ڀائرن سان ڳالهه ڪيائين.

 

ٻئي ڏينهن صبح جو بچل اوڀر ڏي مينهون پهرائي اٿي هليو، اتي پهچڻ سان ڏسي ته ٻيلي، هتي به ڏاڍو گاهه لڳو پيو آهي، ڄڻ ته سالن کان ڪو هن پاسي آيو ئي نه هجي.  هن يار به مينهون اتي گاهه ۾ چرنديون ڇڏي، پاڻ ويهي رهيو. ويرم ئي ڪانه گذري ته ”آدم بو، آدم بو“ جو آواز ڪن تي پيس. ڏسي ته مار! هڪڙو وڏو ديو سٽيندو پيو اچي. هن به نڪا ڪئي هم نڪا ڪئي تم، ڪڍي ترار بيهي رهيو. ديو جو هن وٽ ترار ڏٺي سو سمجهيائين ته، هائو ٻيلي، هي مڙس مقابلي جهڙو ٿو ڏسجي، تڏهن چيائين ته: مان به هٿين خالي آهيان ۽ تون به ترار پري اُڇل ته پوءِ زور آزمايون. بچل ترار اُڇلي ڇڏي ۽ وڃي ديو کي  ٻک وڌا. ديو گهمائي گهمائي جو بچل کي هنيو ته چيلهه تائين زمين ۾ هليو ويو. بچل کي باهه وٺي ويئي، سو هڪدم ٻاهر نڪري، ڪاوڙ مان ديو کي ڦيرائي ڦيرائي وٺي جو زمين تي هنيائين ته زمين ۾ ڳچيءَ تائين کپي ويو. ديو ٻاهر نه نڪري سگهيو. هن وٺي جو سسيءَ کي ٿڏو هنيس ته سسي وڃي پري پيس ۽ وري به ماٺڙي ڪري سمهي رهيو. اڳوڻي وانگر شام جو ديو جي سسي به سانَ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ماٺ ڪري وٿاڻ ڏانهن روانو ٿيو.

ٻن ڏينهن ۾ ئي سڄي جوءِ ۾ بچل جي بهادري جي هاڪ پئجي وئي. سعدان به دل ۾ خيال ڪيو ته ههڙي بهادر جوان کي هلي ملي ڏسجي ... وري ٻن ڏينهن کان ماني به ڪانه کاڌي اٿس، اُها به کارائي اچانس. ٺهي جڙي ماني کڻي سڌو وٿاڻ تي آئي، ۽ اچي بچل کي سڏڻ لڳي. بچل اُنهيءَ مهل ستو پيو هو، سو سعدان جي سڏن تي سجاڳ ٿيو، ۽ پڇيائين ته: ڪير آهي؟ سعدان جواب ڏنس ته: تنهنجي ماني کڻي آئي آهيان. بچل اُٿي اچي ڏسي ته سبحان الله، هڪڙي تمام سهڻي زال ماني کنيو بيٺي آهي. سعدان جي سونهن ڏسي هن جون اکيون ئي ڦاٽي ويون .... ڪن گهڙين کان پوءِ همراهه هوش ۾ آيو. سعدان به بچل جي حسن تي حيران ٿي ويئي ... نيٺ سعدان کيس چيو ته: ماني کاءُ. بچل چيس ته: مون پنهنجيءَ ڀيڻ سان انجام ڪيو هو ته هاڻي ماني کائيندس ته سعدان جي هٿن جي، جي تون سعدان آهين ته ويهه ته گڏجي ماني کائون، نه ته کڻي وڃي سعدان کي ٻڌاءِ ته بچل تنهنجي هٿن جي ماني کائيندو، نه ته نه. تڏهن سعدان چيس ته: ماني کاءُ، آئون سعدان آهيان. پوءِ ته ٻنهي ڄڻن گڏجي ويهي ماني کاڌي ۽ رهاڻ ڪئي. ڳچ دير جي رهاڻ کان پوءِ، سعدان کانئس پڇيو ته: سڀاڻي ڪهڙي پاسي ويندين ته ماني کڻي اچان. بچل ٻڌايس ته: ٻه پاسا گهمي آيو آهيان، باقي ڏکڻ وڃي رهيو  آهي، سڀاڻي اُنهيءَ پاسي ويندس. تنهن تي سعدان ٻڌايس ته: انهيءَ پاسي نه وڃ، ڇو جو ايڏانهن ست ڏائڻيون رهنديون آهن، اُهي توکي ڪنهن نه ڪنهن حرفت سان ڦاسائي وجهنديون. پر بچل چيس ته: تون ماني کڻي ايندينءَ ته آئون ميدان کٽيو ويٺو هوندس. منهنجي تون اصل ڳڻتي نه ڪر. لاچار سعدان کڻي ماٺ ڪئي، ۽ کانئس موڪلائي گهر موٽي آئي.

Text Box: 253

 

Text Box: 252

 

ٻئي ڏينهن صبح جو دستور موجب هي جوان مينهون پهرائي ڏکڻ طرف روانو ٿيو. هن ڀيري پاڻ سان ٿوري مڃ به کڻي ويو. اُتي وڃي ڏسي ته وڏا گاهه بيٺا آهن، هن به مينهون ڇڏي ڏنيون، ۽ پاڻ ويهي مزي سان مڃ جي نوڙي وٽڻ لڳو. اڃان ڪا مهل ئي ڪانه گذري ته ڏسي برابر ست ئي ڏائڻيون مينهن واءُ ڪنديون پيون اچن. هن به ڇا ڪيو جو پهرين روئڻ لڳو، وري کلڻ لڳو. ڏائڻين هن کي ائين ڪندو ڏسي، انهيءَ ڳالهه جو سبب پڇيو ته: تون کلين به پيو، روئين به پيو، انهي جو ڪهڙو سبب آهي؟ هن چين ته: ٻيو ته ڪوبه سبب ڪونهي، پر ٿوريءَ دير کان پوءِ ”تڏا ويڙهه“ اچڻ واري آهي. اِها توهان کي ماريندي اُنهي ڪري ٿو کلان، ۽ روئان انهي ڪري ٿو ته منهنجون مينهون به ماري ويندي. باقي آئون ته پاڻ کي هن رسي ۾ ٻڌي کوهه ۾ لڙڪائي ڇڏيندس. ڏائڻين جو اها ڳالهه ٻڌي سو اچي سر سان لڳين ته هاڻي ٿيون مرون سو بچل کي هٿ ٻڌي چوڻ لڳيون ته: تون اسان کي کوهه ۾ لڪاءِ پوءِ تون پاڻ لڪج. بچل چيو ته: ڳالهه آهي ته ڳري پر توهان جي سرسان ٿو اهو وڙ ڪريان. پوءِ ته ستن ئي کي رسيءَ سان ٻڌي کوهه ۾ کڻي اڇلايائين، جتي سڀئي ٻڏي مٺـُـيون.

 

ٿوري دير کان پوءِ سعدان به سندس ماني کڻي اچي پهتي. بچل کي صحيح سلامت ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. بچل به کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. پوءِ ٻنهي ڄڻن گڏجي ويهي ماني کاڌي ۽ رهاڻ ڪئي.

هوڏانهن منڊو ميهار هر وقت انهيءَ تاڙ ۾ هوندو هو ته بچل جي ڪابه غلطي نظر اچي ته وڃي راجو ۽ کجو کي ٻڌايان. جڏهن کيس بچل ۽ سعدان جي عشق جي سڻس پئي، تڏهن يڪدم اچي راجو ۽ کجو کي ٻڌايائين ته: ههڙيءَ طرح سعدان ۽ بچل جو پيچ پئجي ويو آهي. اهو ٻڌي ٻئي ڀائر ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويا، سو کيس چيائون ته: هلي اسان کي ڏيکار. هي به ٻنهي ڄڻن کي اُتي وٺي آيو جتي سعدان ۽ بچل پئي روح رهاڻ ڪئي. بس پوءِ ته اچي ٽنهي ۾ جهيڙو شروع ٿيو. هڪڙي پاسي بچل ته ٻئي پاسي ٻئي ڀائر ۽ سڄو ڳوٺ. بچل ڏاڍي بهادريءَ سان وڙهيو. وڙهندي وڙهندي سندس ست تلوارون ڀڄي پيون. نيٺ راجو مارجي ويو ۽ کجو الاجي ڪهڙي پاسي ڀڄي ويو. ڳوٺ وارن به بچل جي آڻ مڃي جنگ بند ڪئي. نيٺ بچل سعدان سان شادي ڪري، سندس سمورو مال ڪاهي پنهنجي ڳوٺ موٽي آيو، ۽ سڄي عمر خوش ۽ آرام سان گذاريائين.

 

______


 

 

Text Box: 254

 

 

 


 

36- صابر ۽ نـُـوران*

 

ڪنهن زماني ۾ عمرڪوٽ جي ديهه ”مارو واءِ“ ۾ ”صابر“ نالي هڪڙو شخص رهندو هو. هي هر سال پنهنجو مال ڪاهي، ننگر پارڪر جي سير تي نڪري ويندو هو، جتي ڪن ڳوٺن ۾ سندس مائٽ به رهندا هئا. هڪڙي سال وسڪاري جي موسم ۾ صابر مال ڪاهي ننگر پارڪر ڏي پنهنجن مائٽن ڏانهن پئي ويو، واٽ تي ننگرپارڪر جي هڪڙي ڳوٺ مـُـودري وٽان اچي لانگهائو ٿيو. رستي جي ڀر ۾ ٻاجهريءَ جي ٻنيءَ ۾ کيس هڪڙي سهڻي ڇوڪري جهار هڪليندي نظر آئي. انهيءَ جهار هڪليندڙ ڇوڪري جو نالو ”نوران“ هو، جا انهيءَ ئي ڳوٺ ۾ رهندي هئي. سندس حسن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، چنڊ به سندس سونهن آڏو شرمسار هو، وري سندس آواز اهڙو مٺو هو جو صابر هڪ هنڌ سڪ ٿي ويو، ۽ کيس ڏسندو ئي رهجي ويو. منجهس اها طاقت نه رهي جو هڪ قدم به اڳتي کڻي سگهي. دل ۾ طرح طرح جا خيال اچڻ لڳس. پهرين خيال ڪيائين ته دل جي ڳالهه دل ۾ کنيو هليو وڃان، پر اُن سهڻيءَ جي سونهن هلڻ ئي نه ڏنس. نيٺ دل جهلي چيائين ته:

مسافر تي مهر ڪر، او پيهي وارا يار!

آڀون تنهنجي پوک جا، چکائين ٻه چار.

Text Box: 255

 

صابر جي آواز تي نـُـوران ڏانهس ڏٺو. دل ۾ ڏاڍي ڪاوڙ آيس ته هيءُ وري ڪير  آهي جو اهڙي حجت ٿو هلائي، سو ٺهه  پهه ورندي ڏنائينس ته:

 

اُمـيــــدوار آڀــــن جـــا، سـُـڻ تون کـولـي ڪـن!

نئون ڌڻين ڪين ڪيو، پانڌي ڪيئن چکن؟

صابر سندس اهڙو رکو جواب ٻڌي هيڪر ته ماٺ ۾ پئجي ويو، پر ٿورو رکي ويچاري چيائينس ته:

مـُـٺ وڌي، ڪـِـرِي ڀڳي، پوءِ تان سڀ ڪو کاءُ،

آءٌ گـهــران ٿــو انّ اهــــو، جن سنگـن مٺو ســـاءُ.

اتي نـُـوران کي شڪ پيو ته هن جي نـيـّـت ئي ڪا ٻي  آهي. پهرين ته کـِـلَ آيس، پر پوءِ کيس دڙڪو ڏئي چيائين ته:

وات ڳاڙهاڇوڪرا! هي ڳالهه ڪيئي ڪهڙي؟

وٺ گـــــــــس روانـــــــــو ٿـــي، اُميـــــــــد نه رک اهـــڙي.

نـُـوران کي ڪاوڙيل ڏسي کيس ريجهائڻ لاءِ واجهه وجهڻ لڳو، چي:

اُميد رکي جو اُبتو، سو وڃي ڪيئن موٽي!

ڪــاوڙ ڇــــــــڏ، قــــــــرب ڪــر، وجهه مَ وڇوٽي.

صابر جي اها ڳالهه ٻڌي نـُـوران ڪجهه ويچار ۾پئجي وئي ته هي ڪو ڇڏڻ وارو ڪونهي. وري کيس سمجهائڻ خاطر چيائين ته: ڇوڪرا! اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، ڀتين کي به ڪن آهن، جيڪڏهن ڪنهن ٻڌي ورتو ته منهنجي عزت ڪهڙي رهندي! هاڻي چڱائي انهي ۾ اٿئي ته هتان ماٺڙي ڪري هليو وڃ، ۽ اهڙيون ڳالهيون انهن کي وڃي سڻاءِ جن جو تو سان نينهن هجي. پر صابر چئي ته: آئون ڪو ويندس ڇا .... تنهنجي سونهن ته مون کي هتي ئي ماري ڇڏيو آهي، هاڻي مهر ڪر ۽ مون مسڪين سان سرچي وڃ. اتي ڪجهه نـُـوران ڍري ٿي، سو پيهي تان لهي وٽس آئي ۽ چيائينس ته: تون مون کي هروڀرو اهي ٽوڪون ڇو ٿو هڻين؟ صابر چيس ته: آئون تو کي ٽوڪون ڪونه ٿو هڻان، مون تي مهر ڪر نه ته منهنجو حال ڪونه اٿئي. تنهن تي نـُـوران کلي چيس ته:

Text Box: 256

 

چــــوڻ ۽ ڪــــرڻ ۾ وڏو آهــــي ڦـــيــــــر،

 

رکي طاقت تولي جي، سڏائجي نه سير.

تنهن تي صابر چيس ته:

تنهنجي آڏو سپرين! آئون مڻ ته به ماسو،

دکــي دل کــي دلــبـــرا! ڏي ڪــو دلاســو.

ائين ڳالهيون ٻولهيون ڪندي، هڪ ٻئي سان رلي ملي ويا. ٻنهي جي پيار جو پيچ پختو ٿيو. انهيءَ ڏينهن کان وٺي ٻئي ڄڻا روز اتي هڪ ٻئي سان ملندا هئا ۽ روح رهاڻ ڪندا هئا.

صابر ۽ نـُـوران جي عشق جي ڳالهه نيٺ ظاهر ٿي پئي .... نـُـوران جي مائٽن کي جڏهن انهي ڳالهه جي سڌ پئي، تڏهن اچي پنهنجي عزت جو خيال ٿين، سو پهرين ته نـُـوران کي گهر ويهاري ڇڏيائون، ۽ پوءِ يڪدم سندس شاديءَ جا سانباها ڪرڻ لڳا. نـُـوران پنهنجي صابر جي جدائي سهي ڪانه سگهي، سڄو ڏينهن پئي  روئندي ۽ واجهائيندي هئي ته ڪنهن مهل وڃي محبوب سان ملاقاتي ٿيان، پر مائٽن جا بند کيس گهر کان پير ٻاهر به ڪڍڻ ڪونه ڏيندا هئا. نـُـوران جي ڪن سهيلين کان سندس اهو حال نه ڏٺو ٿيو، سو چيائونس ته: نـُـوران! ائين روئڻ ڌوئڻ مان ڪي ڪونه ورندو، ماٺ ڪري ويهي رهه ۽ ربّ جي رضا تي راضي رهه.

هوڏانهن صابر جي به ساڳي حالت هئي، روز اُنهي جاءِ تي ايندو هو جتي ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ گڏبا هئا، پر گهڻو وقت ويهي ويهي واپس هليو ويندو هو ۽ پيو واجهائيندو هو ته ڪنهن پر پرين سان ملان، پر سندس هڪ به نه هلندي هئي.

Text Box: 257

 

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نـُـوران جي شادي به ٿي وئي، جا خبر ٻڌي صابر کي ڏاڍو ڏک ٿيو. نيٺ ويس مٽائي، جوڳي ٿي اچي نـُـوران جي در تي صدا هنيائين. نـُـوران آواز ٻڌڻ سان سڃاتو ته لاشڪ هيءُ صابر  آهي، سو ڊوڙي اچي سندس قدمن تي ڪري. گهر جي ڀاتين جو نـُـوران کي هيئن هڪڙي ڌارئين مرد جي قدمن تي ڪرندي ڏٺو سي سڀ يڪدم ڊوڙي آيا ۽ نـُـوران کي گهلي اندر ٻڌي ڇڏيائون. باقي صابر کي ڏاڍي مار ڪڍي قرآن تي لکائي ورتائونس ته وري ڪڏهن به مودري نه ايندو. انهي کان پوءِ صابر وري ڪڏهن به نـُـوران وٽ نه ويو، فقير ٿي ڳوٺ ڳوٺ رلندو رهيو ۽ نـُـوران جي يادگيري ۾ بيت ٺاهيندي دم ڏنائين. هوڏانهن جڏهن نوران کي صابر جي مرڻ جي خبر ملي تڏهن روئي روئي پنهنجو حال وڃايائين، نيٺ نـُـوران به انهيءَ فراق ۾ گذاري وئي.

 

 

 


 

 

Text Box: 258

 

37- اُنڙ اُنڙاڻي*

 

Text Box: 259

 

ڄام ”انڙ“ سمون سنڌ جو حاڪم هو. کيس ٻه پٽ هئا، هڪ جو نالو ”مـُـهڙ“ ۽ ٻئي جو نالو ”منائي“ هو. ڄام انڙ ساموئي ۾ رهندو هو. ان زماني ۾ ”آڻو“ ڪيو ويندو هو. آڻو هيئن ڪندا هئا، جو ڪو گهوٽ شاديءَ جي ڏينهن ڪنواريتن وٽ وڃي نه سگهندو هو، ته اها ڪنوار سندس تلوار سان لانئون لهي، اها تلوار اچي پنهنجي مڙس کي ڏيندي هئي. جهالا واڙ (گجرات) مان ڪنهن راجپوت جي آڻ (تلوار سان لانئون لڌل ڪنوار) پئي وئي. ۽ ان سان سندس نڻان به هئي، ٻئي ڄڻيون ڏوليءَ ۾ چڙهيل هيون. ڪنوار هلندي هلندي نڻان کان پڇيو ته: هيءَ حڪومت ڪنهن جي  آهي؟ نڻان جواب ڏنس ته: هيءَ حڪومت ڄام انڙ جي آهي. گهڻو پنڌ ڪري وري به ان ڪنوار نڻان کان پڇيو ته: هيءَ حڪومت ڪنهن جي  آهي؟ نڻان چيس ته: هيءُ راڄ ڄام انڙ جو  آهي. گهڻو پنڌ ڪرڻ کان پوءِ وري به ڪنوار پڇيو ته: هي راڄ ڪنهن جو  آهي؟ وري به نڻان چيس ته: هي راڄ ڄام اُنڙ جو آهي، ۽ پوءِ کيس چيائين ته: ڄام اُنڙ سان عشق ٿي پيو اٿئي ڇا، جو هيڏي پڇا ٿي ڪرين؟ اهو ويڻ ٻڌي ڪنوار ٽپ ڏيئي ڏوليءَ مان لهي پئي ۽ چيائين ته: هاڻي وينديس به ڄام انڙ ڏانهن. نڻان حيران ٿي ويئي، ڏاڍو سمجهايائينس، هوءَ اڳتي وڃڻ کان صاف انڪار ڪري، تلوار هٿ ۾ کڻي وڙهڻ لاءِ تيار ٿي بيٺي. ڄڃ گهڻئي حيلا حوالا ڪيا پر ڪنوار پنهنجي مرضيءَ جي خلاف وڃڻ نٿي چاهيو، آخرڪار ڄڃ خالي رواني ٿي وئي. ان بعد ڪنوار ڄام اُنڙ کي نياپو موڪليو ته: آئون تو لاءِ سينئر آئي آهيان، ۽ هاڻي اچي مون کي هتان وٺي وڃ. ڄام انڙ جي عمر ان وقت سؤ ورهيه هئي، ۽ جهور پوڙهو ٿي چڪو هو. تنهن ڏٺو ته آهيان جهور پوڙهو، پر پٽن کي ڪيسريا ڪپڙا ڪري موڪليائين ته وڃي سينرَ کي وٺي اچو. مـَـهڙ ۽ منائي ويا، جن کي هن ڪنوار پنهنجا پٽ سڏي “ڏونکڙاءِ ڪيا. ۽ هو وري ڪنوار کي ماءُ ڪري پنهنجي گهر وٺي آيا. مائي چين ته مون کي مهڻي آندو آهي.

 

پوءِ ست مينهون گهرايائين، انهن مان ڇهن مينهن جو کير ستين مينهن کي پياريندي هئي ۽ اها ستين مينهن پاڻ چوڪيو ڄام انڙ کي پياريندي هئي. قدرت سان ڇهن مهينن ۾ هو پاڻ کي جوان محسوس ڪرڻ لڳو. پوءِ مائيءَ پنهنجي مڙس جي طاقت جي آزمودي لهڻ لاءِ چوگان تي گهوڙيون ڊوڙايون، جن مان منائي ۽ مهڙ گهوڙيون جهلي ورتيون، پر انڙ جهلي نه سگهيو. تنهنڪري هن وري به ڇهه مهينا ٻيا، ڄام انڙ کي سانڍيو. هو ڇهن مهينن کان پوءِ اهڙو ٿي ويو جو گهوڙيءَ کي پڪڙيندي جهوري وڌائين.

قدرت سان ان ڪنوار مان انڙ کي پٽ ڄائو. جيئن ته اهو نااميديءَ جي وقت کان پوءِ جو اولاد هو، تنهنڪري انڙ مٿس پنهنجو نالو رکيو، جو پوءِ ”انڙ انڙاڻي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. جڏهن انڙ انڙاڻيءَ جي عمر ٻارهن ورهيه ٿي تڏهن سندس پيءُ گذاري ويو. ٽيئي ڀائر گڏجي لاش ڍڪڻ ويا ٿي، پر ماءُ انڙ کي روڪي ڇڏيو. جڏهن جنازو ڪوٽ کان ٻاهر نڪتو تڏهن هن ناڪو بند ڪرائي ڇڏيو. پيءُ کي دفن ڪري، مهڙ ۽ منائي موٽي آيا، پر جڏهن هيءَ حالت ڏٺائون تڏهن پنهنجو اڻ پڇو موت سمجهي سڌو ڪڇ هليا ويا. جتي سندن مامو واگهم چاوڙو حڪومت ڪندو هو. هو ڪڇ ۾ مونڌاڻ ۽ اَٽڙيءَ جو حاڪم هو. هنن کي ڏسي واگهم کي شڪ پيو. تنهن پنهنجي ڀاڻيجن کان ويساهه وٺڻ لاءِ کين ڪـُـٽيسر ديوتا جي سنـُـهن کڻائڻ لاءِ مندر ۾ وٺي ويو. هنن ٻنهي ڀائرن جهرڪيءَ جا ٻه ٻچا جهلي بيٺ ۾ هڻي ڇڏيا. پوءِ مندر ۾ ست اُبتا ۽ ست سبتا ڦيرا ڏيئي چيائون ته: اي ڪٽيسر ديوتا! اسان کي جـِـيـوَ جو سنهن ته مامي سان دغا نه ڪنداسون. مامي ڏٺوَ ته هي سچا آهن. پوءِ هنن به چيس ته: تون اسان سان دغا نه ڪندين، ان لاءِ ويساهه ڏي. هن ست اُبتا ۽ ست سبتا ڦيرا ڏيئي ديوتا کي چيو ته: آئون ڀاڻيجن کي نه تڪليف ڏيندس ۽ نه ڏکوئيندس. پوءِ هو جيئن ديوتا جي اڳيان ڪنڌ نمائي ويٺو، تيئن منائي کيس تلوار هڻي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ پوءِ واوَٽو ٻڌي پنهنجيءَ حڪومت جو اعلان ڪيائين.

Text Box: 260

 

ست سانڌ ڀائر، جي ڳوئيري جا والي هئا، ۽ گڏجي حڪومت ڪندا هئا، واگهم انهن کي ڇهه اَنڪي ڀريندو هو، انهن جو اهو ٻڌو ته، مامي کي ماري مهڙ ۽ منائي انهيءَ جي راڄ جا وارث ٿيا آهن، سو کين لکي موڪليائون ته: جي ڇهه اَنڪي ڀريو ته واهه، نه ته جنگ ڪريو. مهڙ ۽ منائي چيو ته: اسين ڇهه اَنڪي ڀريون ٿا، پر هن شرط سان ته مهيني مهيني گاهه جا گاڏا ڪونه موڪلينداسون، جيڪي واگهم ڏيندو هو، پر سال بسال ڏينداسون، اها ڳالهه ٻڌي ست سانڌ سرها ٿيا ۽ هنن کي دعوت ڏياري موڪليائون. پوءِ هي ٻئي ڀائر وٽن دعوت کائڻ ويا. اتي وڃي ريتون رسمون جاچيائون. ٻنپهرن جو نار ڇوڙيندا هئا ۽ ستئي ڀائر هٿيار پنوهار لاهي وڃي آرام ڪندا هئا ۽ وري جڏهن نار ڇٽندي هئي، تڏهن هو ڀائر اٿـندا هئا.

 

Text Box: 261

 

سال پورو ٿيو ته مهڙ ۽ منائيءَ ڪيترين گاڏين ۾ ڪونڌر مڙس ويهاري مٿان گاهه وجهي سانڌ ڀائرن ڏانهن ڍل پيارڻ هليا. قلعي جي دروازي تي هڪ انڌو ويٺو هوندو هو، جو ڏاڍو اڪابر هو. هن جي اجازت کان سواءِ ڪابه شيءِ نه قلعي اندر ويندي هئي ۽ نه ٻاهر نڪرندي هئي. هن کان اچي مهڙ ۽ منائي قلعي ۾ اندر گهڙڻ جي اجازت ورتي. انڌي پڇين ته: گاڏين ۾ گاهه آهي، يا  ساڳ آهي يا مڱ آهن؟ پر مهڙ ۽ منائي چيس ته: انڌا! توکي ڪهڙي خبر، هنن گاڏين ۾ ته گاهه آهي. پوءِ ٽل سان کيس تلوار هڻي ختم ڪري کڻي گاڏيءَ ۾ هنيائون ۽ مٿان ڪک واري ڇڏيائون. گاڏيون اندر پهچي ويون. ستن ڀائرن ڌار ڌار گاڏيون ورهائي کنيون. ڪانيءَ قدر سج هو ته هر ڪنهن ڀاءُ جي اڳيان گاڏيون وڃي بيٺيون. رٿا موجب نوڪرن چيو ته: اجهو ٿا گاهه لاهيون، پر هنن دير پئي ڪئي. تان جو ٻنپهرن جي نار ڇڙي ۽ ستئي سانڌ ڀائر وڃي آرامي ٿيا نار ڇڙڻ سان پهلوان جوان نڪري ٻاهر ٿيا ۽ سڄي گهر تي هلان ڪري قبضو ڪري ويا. حملي ۾ ستئي سانڌ ڀائر مارجي ويا. هاڻي  مهڙ ۽ منائيءَ جو ملڪ وڌي ويو. اهو سانڌن وارو ملڪ ”ماڪ“سڏبو هو، جو ڪڇ جو هڪ حصو هو. پوءِ ’ماڪ‘ کان ’ڪنڊ‘ تائين سڄو ملڪ هنن جي هٿ ۾ اچي ويو.

 

مهڙ چيو ته: هاڻي اچو ته ملڪ وراهيون. مهڙ جي چوڻ موجب ملڪ جا ٽي حصا ڪيا ويا. هڪ حصو مهڙ کنيو، ۽ ٻيو منائيءَ کنيو ۽ ٽيون حصو مهڙ چيو ته اسين خدا ڪارڻ ڏينداسون. اهو ڪنڊ وارو حصو سنڌ جي ڪڪراليءَ وارو پرڳڻو هو. منائي چيو ته: اهو خيرات وارو ملڪ ٻين کي نه ڏبو، پر خيرات ۾ آئون ٿو کڻان. منائيءَ کان پوءِ اهو ملڪ سندس اولاد ڪيهرن جي هٿ ۾ رهيو. پوءِ منائي ۽ اُنڙ انڙاڻيءَ جي سرحد هڪ ٿي، پر ڀائر پاڻ ۾ ٺهندا ڪين هئا، مهڙ کين ٺاهڻ لاءِ گهڻائي حيلا ڪيا پر وريو ڪي به ڪين.

مهڙ بي اولاد ٿي مري ويو. پاڻ ولي الله جو درجو رکندو هو. سندس رعيت مٿس عاليشان قبو جوڙايو. مهڙ جو ملڪ ”مهڙاسو“ سڏبو هو. مهڙ جو قبو اڄ به شهر ”مهڙ قبو“ ۾ آهي. هن جي وفات کان پوءِ منائي اهو مهڙاسو به پنهنجي هٿ ۾ ڪيو.

اُنڙ انڙاڻي پنهنجي ڀاءُ جي گهڻي عزت رکندو هو. پر منائي سندس ڪوبه خيال نه رکندو هو ۽ ڪڪراليءَ جو قهري ڄام انهيءَ ڪري به مشهور ليکبو هو. منائي کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ اُڍو ۽ ٻيو ٻڍو. جن مان ٻڍو وڏو هو، ڪو ٻارٽ ٻڍي وٽ آيو ۽ اچي وٽانئس مينهن خيرات گهريائين، پر هن جواب ڏيئي ڇڏيس. اهو ڏسي ٻارٽ چيو ته:

Text Box: 262

 

مــيــنـهــون مــوٽـا ٿام، ڏيــڻ گـهـڻيـــون ڏکـيـون،

 

پر ڪڪراليءَ جا ڄام، ڪهر ڀانئين ڪاڪيون.

اهو ٻڌي ڏٺو ته اها نـِـلائي ٿي ٿئي، تنهنڪري ٻارٽ کي چيائين ته: بيت کي وار، مينهن ڪاهه. ٻارٽ بيت هيئن ورايو، جو ڪاڪيون جي جڳهه تي ڪوڏيون ڪري ڇڏيون.

مـيـنهــون مــوٽــا ٿــام، ڏيـڻ گـهڻــيـون ڏکيون،

پر ڪڪراليءَ جا ڄام، ڪهر ڀانئين ڪوڏيون.

Text Box: 263

 


 

 

* هن ڳالهه جي روايت اتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان ملي.

* هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي کان ملي.

* هيءَ ڳالهه لاڙ (تعلقي بدين) مان شيخ محمد سومار کان ملي. جنهن مٺو فقير نهڙيي، اصل ويٺل ڪڇ حال بدين، عمر اسي ورهيه کان ٻڌي قلمبند ڪئي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org