سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 38 

صفحو ؛ 17

38- جاڙو ڀيمجي ۽ غلام شاهه ڪلهوڙو*

 

ڪنهن زماني ۾ ’ جهاري جبل‘ جي ڀرسان ’نـَـري‘ شهر تي ”ڀيمجي ٺڪر“ ۽ ”ستوجي ٺڪر“ ٻه ڀائر ڪڇ جي راجا پاران جاگيردارهئا. سندن ماءُ جي بهادري بابت مشهور آهي ته سندن پيءُ جي زماني ۾ هڪڙي ڀلوڙ گهوڙي، جا چئن ڪـِـلن ۾ ٻڌبي هئي، ڇنائي اُٿي ڀڳي ۽ وچ بازار ڏيو پئي آئي، ڪنهن به ماڻهو کي همت نه ٿئي جو گهوڙي کي کڻي جهلي، هرڪو پاسو ڏئي بيهي رهيو. انهيءَ مهل هڪڙي جوان جماڻ نوتيار ڇوڪري مٿي تي دلا کنيو، هٿ ۾ پاڏن جون پاڍون جهليو پئي آئي. سندس ڀرسان جڏهن گهوڙي ٽاپ ٽاپ ڪندي لنگهي ته وڌي وڃي گهوڙيءَ جي رسي تي، جو پويان گهليو پئي ويو، پير رکيائين. پير رکڻ سان گهوڙي جتي هئي اتي سـُـڪ ٿي وئي ۽ سندس چرڻ ئي بند ٿي ويو. انهيءَ وقت نري جي جاگيردار به پنهنجي محلات جي دريءَ مان ويٺي اِهو رنگ ڏٺو، سو ڇوڪريءَ جي همت ۽ پهلواني ڏسي حيران ٿي ويو، ۽ دل ۾ پڪو خيال ڪيائين ته، انهيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪندس. سو نوتيارن جي سردار کان سڱ گهريائين، جنهن کيس مان ڏنو ۽ ڇوڪريءَ جو کيس سڱ ڏيڻ قبوليو، ٺڪر کي پوءِ انهيءَ نوتيار زال مان ٻه پٽ - ڀيمجي ۽ ستوجي ٿيا، جي پڻ پنهنجي بهادري سبب سڄي ملڪ ۾ مشهور ٿي ويا.

Text Box: 264

 

پونجو لوهاڻو، ڪڇ جي راجا جي وزير جو پٽ هو ۽ سندس ڀـَـلان ڀائي هئي، پر جڏهن ڀيمجي ۽ ستوجي ساماڻا ته پونجي جي هنن سان ڪانه پئي، پر هنن ٻنهي ڀائرن ڪڏهن به سندس ڳالهه کي وزن ڪونه ڏنو. انهيءَ ڪري پونجو، ڀيمجي ۽ ستوجي کي ڏاڍو ڌڪاريندو هو ۽ جتي ڪٿي سندن نلائي پيو ڪندو هو. نيٺ هڪڙي ڏينهن رهي نه سگهيو، سو راءِ گوڙ جي ڀري ڪچهريءَ ۾ چئي ڏنائين ته: راجا! ڀيمجي ۽ ستوجي کان سواءِ به ملڪ هلي سگهي ٿو. اها ڳالهه ڀيمجي کي ڪانه وڻي، سو دل ۾ خيال ڪيائين ته هن کان انهيءَ بيعزتيءَ جو وير وٺان، جي زوري زبردستي ڪڍندوسانس ته ملڪ ۾ ڦيٽاڙو پوندو، جو پونجو به وڏي اثر رسوخ وارو آهي، تنهنڪري اهڙي ڪا اٽڪل ڪريان، جنهن سان نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي. نيٺ هڪڙي رٿ رٿي ٻئي ڏينهن جو انتظار ڪرڻ لڳو.

 

ٻئي ڏينهن صبح جو دستور موجب درٻار لڳي. ڀيمجي اڳئي ويٺو هو، جڏهن پونجو جتي لاهي راجا کي سلام ڪري اچي ويٺو، تڏهن ڀيمجي آهستي آهستي ڪري، سندس جتيءَ جو هڪڙو پادر لڪڻ سان ابتو ڪري ڇڏيو. اهو پونجي لاءِ اشارو هو ته هتان نڪري وڃ، نه ته تنهنجو خير ڪونهي. ڀيمجي ائين ڪيو ۽ رڳو پونجي ڏٺو. هو يڪدم سڄي ڳالهه سمجهي ويو سو ڏاڍي ڪاوڙ لڳس، پر ڳالهه ظاهر ڪرڻ پنهنجي بيعزتي سمجهيائين، تنهنڪري بيماريءَ جو بهانو ڪري راجا کان موڪلائي درٻار مان ٻاهر نڪتو، ۽ پنهنجي دل ۾ پڪو انجام ڪيائين ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڀيمجي کان انهيءَ ڳالهه جو وير وٺندس.

Text Box: 265

 

آخر پونجو ڪڇ ڇڏي سنڌ جي بادشاهه ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وٽ آيو ۽ غلام شاهه کي عرض ڪيائين ته: جيئندا قبلا! آئون ڪڇ جي راجا راءِ گوڙ جو وزير آهيان، پر راجا ۽ سندس صلاحڪارن مون کي ملڪ مان تڙي ڪڍيو آهي. هاڻي تون ڪا منهنجي مدد ڪر. غلام شاهه کيس چڱي عزت ڏني ۽ کيس رهايائين. ان بعد پونجو ميان غلام شاهه کي پـيو صلاحون ڏيندو هو ته ڪڇ تي ڪاهه. راجا گوڙ جي ظلم کان ڪڇ جا ٻيا به ڪيترائي معزز ماڻهو ميان غلام شاهه وٽ دانهون کڻي پئي آيا.

 

آخر هڪڙي ڏينهن ميان غلام شاهه نـَـوَ طنابي لشڪر مان ڪڇ تي چڙهيو. غلام شاهه جي ڪاهي اچڻ جي خبر سڄي ڪڇ ملڪ ۾ پکڙجي وئي، ۽ راجا ۽ ٻيا جاگيردار سندس مقابلي لاءِ سنڀرڻ لڳا. جڏهين ڀيمجي جي ماءُ کي انهيءَ ڳالهه جي سڌ پئي، تڏهن يڪدم پنهنجن پٽن جي زالن وٽ وئي، ۽ کانئن پڇيائين ته: اوهان جي مڙسن ۾ غلام شاهه سان جنگ ڪرڻ جي طاقت آهي؟ تنهن تي هڪ ننهن وراڻي ڏنيس ته:

مــاتـــا! مــارو ڪٿــــڙو، کـــارو مـــانـــــن لاءِ،

مڻ گجرون گوڏ ۾ ته به واڙي ڏانهن واجهاءِ.

(اما! منهنجو مڙس رڳو مانيءَ جو مڳ آهي، کارو مانين جو کائي ۽ مڻ گجرن جو گڏ ۾ کائڻ لاءِ کڻي ته به پيو واڙيءَ ڏانهن واجهائيندو.)

سس کي پنهنجي ننهن جي واتان اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ته هن پٽ به ٻوٽو ڪونه ٻاريو. اتان اُٿي ٻئي پٽ جي زال وٽ آئي جنهن کان پڻ ساڳيو سوال پڇيائين. جنهن ٻڌي جواب ڏنيس ته:

مـاتـا! مــارو ڪٿــــڙو، کــاڌي جــو کرو،

مٿان پئي ورو، ته گهوٽ گهر ۾ گهايو.

(اما! منهنجو مڙس کاڌي جو ملوڪ آهي، مٿان ڪا تڪليف اچي ته مڙس گهر جو گهر ۾.) ماءُ اتان نااُميد ٿي، وري ٽئين ننهن وٽ آئي، جنهن کان به ساڳي ڳالهه پڇيائين. جنهن جواب ڏنس ته:

ماتا! مارو ڪٿڙو، هون نه ڪا تون،

پڄي نه ٻين سان، مٺيون ڏئي مون.

Text Box: 266

 

(اما! منهنجي مڙس ۾ ته ڪو حال ئي ڪونهي، ٻين سان پڄي ڪونه، وڙهي وري مون سان.)

 

ماءُ ويچاري ٽن پٽن جو اهو حال ٻڌي افسوس ڪندي ڀيمجي جي زال وٽ آئي. اُن کان پڇيائين ته: مائي! ٻڌاءِ تنهنجي مڙس ۾ سنڌ جي بادشاهه سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت آهي؟ ڀيمجي جي زال ڪر مٿي کڻي وڏي فخر سان پنهنجي سس کي جواب ڏنو ته:

ماتا! مارو ڪٿڙو، تيتر جيترو ماس،

تــورئيــن ته پـنج پـاءُ، آروڙي پچاس.

(اما! منهنجو مڙس آهي ته تتر جيترو، جيڪڏهن تون کيس توريندينءَ ته پورا پنج پاءُ ٿيندو، پر جنگ ۾ پنجاهه ماريندو.)

اتي ڀيمجي جي ماءُ سرهي ٿي ته هي پٽ اسان جي ڪر اُجاريندو. ۽ کيس دعائون ڪندي بي اوني ٿي اچي ويهي رهي.

Text Box: 267

 

هوڏانهن ميان غلام شاهه پنهنجي لشڪر سميت، واءُ مينهن ڪندو ڪڇ ڏي تمام تيزي سان وڌندو پئي آيو. حالت اهڙي جو ڪٿي به منزل نه ڪيائين، رستي جي ڪيترن سردارن سندس ماني جهلي، پر هن سڀني کي چيو ته: آئون ترسندس ڪونه، باقي مون کي ۽ منهنجي لشڪر کي گهوڙي چڙهي ۽ هلندي ماني کارائيندو ته کائيندس نه ته اسان جي منزل ڪڇ آهي، ماني اُتيئي وڃي کائيندس. جڏهن سردار ’هو ٿي نهڙئي‘ کي انهيءَ شرط جي خبر پئي تڏهن چيائين ته: اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، آئون ٿو سندس ماني جهليان. پوءِ هزارين دانگيون کڻي چاڙهيائين، ۽ مانيون پچڻ لڳيون. هزارين تتر ڪهائي، سـِـيخ ڪرائي پچائي تيار ڪرائي ڇڏيائين. مقرر ڏينهن تي لشڪر اچي لنگهيو ته هرهڪ ماڻهو کي ٻه مانيون ۽ تتر ملندو ويو. غلام شاهه کي جڏهن ماني ملي، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هوٿي نهڙئي کي چوائي موڪليائين ته: جي حياتي آهي ته تو کي گهڻا سهنج ڏيندس.

 

ميان غلام شاهه رستي تي جتي ڪٿي ڀيمجي ۽ ستوجي جي سورهيائي جي ساراهه پئي ٻڌي. وري جو کين ڏٺائين ته کيس پنهنجي کنيل قدم تي  افسوس ٿيو، پر ڏڌو کير ٿڻين ڪونه پوندو آهي. پوءِ ميان صاحب خيال ڪيو ته ڪنهن حيلي صلح ڪري، خون خرابي کان پاسو ڪجي، سو ڀيمجي کي چوائي موڪليائين ته: اسان سنڌ مان ڪڇ تي ڪاهي آيا آهيون، پر هاڻي جيڪڏهن تون اسان کي پنهنجي ڀيڻ جو سڱ ڏئين ته موٽي وڃون. ڀيمجيءَ جواب ۾ چوائي موڪليس ته: غلام شاهه! اسان ٻئي ڪنهن کي ڪتي به نه ڏيون. اها ورندي ٻڌي غلام شاهه کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، پر وري به پنهنجي ڪاوڙ ڍري ڪري ويچار ڪيائين ته جيڪڏهن سڱ نٿا ڏين ته من سلام اچي ڪن، هرو ڀرو خون خرابي مان ڇا ورندو .... پر اميرن وزيرن ٻڌايس ته: سائين! ڀيمجي ۽ ستوجي ڪڏهن به تو کي نئڙي سلام ڪونه ڪندا. جنهن تي غلام شاهه چيو ته: اسين کين حرفت سان پنهنجي آڏو جهڪائينداسين. پوءِ غلام شاهه هنن ڏانهن قاصد موڪليو، جنهن کي ڀيمجي وڏي عزت ڏني ۽ چوائي موڪليائونس ته: اسين فلاڻي وقت بادشاهه وٽ اينداسين.

غلام شاهه طنبوءَ کي اهڙي نموني سان بيهاريو، جيئن هو نمي اندر گهڙن ۽ ماڻهن کي اهڙي طرح منجهائي ويهاريو، جيئن هو غلام شاهه وٽ  پهچي نه سگهن. مقرر ٿيل وقت تي ڀيمجي ۽ ستوجي غلام شاهه جي ڇانوڻيءَ ۾ آيا. جنهن طنبو ۾ غلام شاهه ڪچهري ڪوٺائي هئي، سو تمام ننڍڙو هو، ۽ اندر وڃڻ جو دروازو به تمام سوڙهو ۽ هيٺ هو، جو اندر وڃڻ لاءِ ماڻهوءَ کي جهڪڻو ٿي پيو. ٻئي ڀائر اها حالت ڏسي ويچار ۾ پئجي ويا، ۽ خيال ڪيائون ته جيڪڏهن اندر وڃڻو پوندو ته جهڪڻو پوندو: ڄڻ ته اسين غلام شاهه جي آڏو نـِـمياسين، ۽ ٻين اکرن ۾ سندس آڻ مڃيسين. تنهن تي ستوجيءَ چيو ته: ادا! سنڀال، ڳالهه ۾ اتي وَرُ آهي. پٺتي به ڪونه موٽنداسين، انجام ڪيو اٿئون سو اندر هلنداسين ضرور، پر جهڪنداسين ڪونه. ائين چئي ٻئي ڀائر تلوار ڪڍي طنبو جون قناتون ڪپي، سڌا سنوان اندر لنگهي ويا. هنن کي ائين اگهاڙين تلوارن سان ايندو ڏسي سنڌي پهلوانن به تلوارون ڪڍي اگهاڙيون ڪيون، پر غلام شاهه کين منع ڪئي. پوءِ هو غلام شاهه ڏانهن وڌيا، پر رستو هوئي ڪونه جو لنگهي وڃي بادشاهه تائين پهچن. ڀيمجي پوءِ تلوار سڌي اڳيان جهلي، ۽ جنهن کي تلوار جي چهنب ٿي لڳي سو سريو پاسو ڪندو ٿي ويو. ائين ڪندي ٻئي ڀائر نيٺ وڃي بادشاهه وٽ پهتا. ميان غلام شاهه سندن همت ۽ بهادريءَ کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين عزت واري جڳهه ڏنائين. ميان صاحب هنن سان صلح جي هر ڪوشش ڪئي، پر هي سندس ڪوبه شرط قبول نه پيا ڪن. ڀيمجي چيس ته: جهڙو آيو آهين تهڙو موٽي وڃ، جي نه ته اسين جنگ لاءِ به تيار آهيون. آخر تائين پاڻ ۾ نه ٺهيا، ۽ نيٺ ڀيمجي جنگ جو اعلان ڪري ڀاءُ سميت هليو ويو.

Text Box: 268

 

ٻئي ڏيهن ڀيمجي جاڙيجن جو لشڪر سنڀرائي، ’جاروجهارا‘ جبل مٿان وڃي پنهنجو ديرو دمايو. انهي جبل کي ٻـه لڪ آهن هڪڙو ’اڳوڻو لڪ‘ - جنهن کي ’اڀرندو لـَـڪ‘ به چوندا آهن - ۽ ٻيو ’وائون لڪ‘ - جنهن کي ّّ’الهندو لڪ‘ به چوندا آهن. ڀيمجي انهن لڪن تي قبضو ڪري پنهنجو لشڪر بيهاري ڇڏيو. ڀيمجي پنهنجي لاءِ سؤ گهوڙيون سجائي بيهاريون، انهيءَ لاءِ ته جي هڪڙي گهوڙي مري ته ٻيءَ تي چڙهي مقابلو ڪجي. پهريون راتيون ڀيمجي پنهنجي سر اڪيلو وڃي غلام شاهه جي لشڪر ۾ پيو، ۽ ڪيترا سپاهي ماري وڌائين. انهي وچ ۾ سندس گهوڙيون پئي مـُـيون، پر هڪڙي مري ته ٻي اڳئي سنجي تيار ٿي بيشي هجي. انهيءَ موقعي جي ڪنهن سگهڙ ڳجهارت جوڙي ته:

 

نرنان ذاتين سان، مال جن تي، پوک جا ڪيا.

Text Box: 269

 

ڀيمـجـي جاڙيجـن سـان ٽڪـرن تـي ڳاهه ڪيا.

 

پنهنجي لشڪر کي ائين ڪـُـسندو ڏسي غلام شاهه ڀيمجي کي چوائي موڪليو ته: سڏائين ٿو پاڻ کي بهادر ۽ سورهيه، ۽ وري وڙهين ٿو چورن وانگر رات جو، اهو مڙسن جو وڙ ڪونهي. اچ ته کلئي ميدان جنگ ڪريون ته پوءِ خبر پوي ته سرس ڪير آهي. ڀيمجي اها ڳالهه ٻڌي يڪدم عام جنگ جو اعلان ڪيو، پوءِ ته سنڌ جي لشڪر توبن جا ڪڙڪا لائي ڏنا، پر جاڙيجا ٻئي لڪ سنڀالي تلوارون ڪڍي تيار ٿي ويهي رهيا. جيڪو بهادر لڪن ڏانهن ٿي لڙيو، تنهن کي ٺڪاءُ ڪن ترار، يا مڙس ٻه اڌ، يا تلوار ٻه اڌ. جنگ به جنگين جهڙي لڳي. ڪئين سنڌي سورهيه ۽ ڪڇي ڪونڌر ڪـُـسجي ويا. ساندهه چاليهه ڏينهن جنگ لڳي، پر سنڌين کي سٺيءَ طرح جنگ ڪرڻ جو موقعو ڪونه مليو:

ڀـُـــڄ ڀــڄـئي وچ ۾ اٺــوري اٽــڪـيــا،

ڀيمجي جهارو ملهائيو مڙيو نه ماڳا.

اها حالت ڏسي غلام شاهه آخر صلاح پـُـڇي، هڪ رٿ رٿي، ۽ ايڪيتاليهين رات جو سنڌي سورهيه لڪن تي چڙهي پيا. ان وقت جاڙيجا شراب پيو مست ٿيو ستا پيا هئا، سنڌي لشڪر جيئن ئي مٿي چڙهيو ته ڪڇي به سجاڳ ٿي، هٿيار سنڀالي وڙهڻ لڳا. اهو مقابلو اهڙو ٿيو جو ان ۾ نه رهيو سنڌين جو سماءُ، نه ڪڇين جي ڪـَـل. جيڪو ٿي سامهون آيو. ٺڪا ترار ..... پنهنجي پرائي جي سڌي ڪانه رهي، جيڪو ٿي ڪنهن جي سامهون آيو سو ٿي پورو ٿيو. ان جنگ ۾ وڙهندي ڀيمجيءَ جو سر لهي پيو، ۽ هو ”کوند“ ٿيو.

ڪڇ ۾ ٻه کوند ٿيا، هڪ ”ڀيمجي“ ۽ ٻيو ”ابڙواڙٻنگ“. ڀيمجي وٽ سر لهڻ کان پوءِ به تلوار هٿ ۾ هئي، ۽ لشڪر ۾ ٽاڪوڙو وجهي ڇڏيائين. اها حالت ڏسي غلام شاهه حيران ٿي ويو، ڪيترائي ماڻهو ڪسي ويا، ۽ لشڪر ويو کٽندو. سسي لهڻ کان پوءِ به ٻه ڏينهن وڙهندو رهيو. اتي ميان غلام شاهه کي فڪر ٿيو ته هاڻي الائجي ڇا ٿيندو. نيٺ پونجي کي گهرائي کانئس صلاح پڇيائين، جنهن ٻڌايس ته: سائين! هاڻي هي ڪڏهن به ڪونه مرندو، پر جيڪڏهن ڪو لنگهو کيس جس ڏيندو ته ڪري پوندو ۽ مري ويندو. يڪدم حڪم ٿيو ته لنگهو حاضر ٿئي. ماڻهو الائجي ڪٿان هڪڙو لنگهو وٺي آيا، جنهن دهل وڄائي کيس شاباس ڏني. جس ملڻ شرط ڀيمجي ڪري پيو، پر ڪرڻ کان اڳ ايترو چيائين ته: نڀاڳا! تو وطن سان دغا ڪئي ۽ هاڻي ڪوبه لنگهو منهنجيءَ نوائيءَ ۾ ڪونه رهندو، ۽ ٿيو به ائين. اڄ تائين ڀيمجي جي شهر جهارا جبل ۾ نوائـِـي ۾ ڪوبه لنگهو نه رهندو آهي.

Text Box: 270

 

جاڙيجن جهارو ملايو، جنهن جي امر سر تراڙ.

 

ڀيمجي جي مرڻ کان پوءِ سندس لشڪر جي دل ڀڄي پئي، ۽ هٿيار ڦٽا ڪري غلام شاهه جي آڏو پيش پـيا، جيڪو ڪن ڏينهن کان پوءِ واپس سنڌ موٽي آيو، موٽندي اهو پڪو انجام ڪيائين ته هاڻي ڪڏهن به ڪڇ تي نه ڪاهيندس. رستي تي هوٿي نهڙي سان ملي سڄي عمر لاءِ سندس ڍل معاف ڪري ڇڏيائين.

Text Box: 271

 

ڀيمجيءَ کي اولاد ڪونه هو، پر ستوجيءَ کي ٻه پٽ هئا، هڪڙو ’هميرجي‘ ۽ ٻيو ’ڄام راوَڙ‘، جن وهمن جي ڪري ٻارهن ڳوٺ بدلايا تنهن ڪري ’ٻارهو ڳوٺ‘ ٺهيو، ۽ وري تيرهون دفعو پڊ بدلايائون جنهنڪري ’ تيرئو ڳوٺ‘ ٺهيو. اهي ٻارهو ۽ تيرئو شهر اڄ به موجود آهن. ڄام راوڙ تمام ظالم هو، تنهن خيال ڪيو ته جيستائين هميرجي جيئرو هوندو تيستائين منهنجي ڪا ڳالهه ڪانه هلي سگهندي. تنهنڪري هڪڙي ڏينهن وجهه وٺي اُن کي ماري ڇڏيائين، ۽ پوءِ سڄي حڪومت تي قبضو ڪري ويهي رهيو. هميرجيءَ جا ٻه پٽ هئا. هڪڙي جو نالو ’صاحب جي‘ ۽ ٻئي جو نالو ’کينگارجي‘ هو. راوڙ جا ظلم ڏسي زالن ويچار ڪيو ته راوڙ، هميرجي جي پٽن کي به ماري وجهندو، تنهنڪري انهن کي ڪنهن به حيلي بچائجي. شهر کان ڪجهه پرڀرو هميرجي جا ٻه وفادار نوڪر ’ڇڇر ڀـُـٽو‘ ۽ ’ميون ٻاراچ‘ رهندا هئا. زالن انهن کي سڏائي سڄي ڳالهه ٻڌائي. هنن هميرجي جي پٽن کي بچائڻ جو ذمو کنيو. انهيءَ وقت ٻنهي نينگرن جي عمر اٺ ڏهه سال هئي. هي ٻئي وفادار نوڪر هئا سو ٻنهي ڇوڪرن کي لڪائي کنيائون ۽ سنڌ ڏانهن روانا ٿيا، پر جڏهن ڄام راوڙ کي انهي ڳالهه جي سڌ پئي تڏهن سندن پٺيان ڪاهي پيو. نيٺ وڃي واڳڙ ۾ کين رسيو. جڏهن هنن کي راوڙ جي اچڻ جي خبر ملي تڏهن ٻنهي جوانن اتي جي ”ويسو“ نالي مياڻي سان حقيقت ڪئي. تنهن کين آٿت ڏني ۽ ڇوڪرن کي بچائڻ جو ذمو کنيو. هن ڇا ڪيو جو ڇوڪرن کي ڪالر (ان جي دن) ۾ لڪائي ڇڏيو. راوڙ اچي ويسوءَ کي قابو ڪيو ۽ کانئس سخت پڇا ڳاڇا ڪئي، ۽ ويسوءَ کي دڙڪا ڏنا پر هن چيس ته: مون کي ڇوڪرن جي ڪابه خبر ڪانهي. آخرڪار ڪاوڙ ۾ اچي راوڙ سندس ٻه پٽ ڪهي ڇڏيا، پر ويسوءَ سچي ڪونه ڪئي، ۽ زال کي اشاري ۾ چئي ڇڏيائين ته خبردار جو ُرني آهين يا ڪا ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي اٿئي. پوءِ راوڙ کي چيائين ته: هاڻي اسان کي ماري وڃ ... باقي هن دنيا ۾ جـِـي ڇا ڪنداسين! اتي راوڙ کي پڪ ٿي ته ڇوڪرا هن وٽ ناهن، تنهنڪري واپس موٽي ويو.

 

راوڙ موٽي ويو، پوءِ ته اهي ٻارڙا ڪالر (ان جي دن) مان نڪري ٻاهر گهمڻ ڦرڻ لڳا ۽ اتيئي ڀلجڻ لڳا. ان ڏينهن کان اهو ڳوٺ ’بچائو‘ سڏجڻ لڳو. پوءِ اتي جي رهندڙن ۽ ڇوڪرن جي سار سنڀال لهندڙن کين تلاءَ جي ڪپ تي تخت سينگاري ڏنا، جتي ٻئي ابهم ويٺا هوندا هئا. هڪڙي ڏينهن اتي هڪ ’گرهيو‘ جنهن کي سنڌيءَ ۾ ٻهروپيو چوندا آهن، اچي نڪتو. انهي وڃي ڇوڪرن جا هٿ ڏٺا، ۽ کيس هٿن ۾ بادشاهي نظر آئي. سو اتي جي رهندڙن کان ٻنهي ڇوڪرن جون ٻانهون وٺي پنهنجي گهر آيو. جتي سندن تمام گهڻي ٽهل ٽڪور ڪيائين ۽ پوءِ کانئن حال احوال ورتائين. ڇوڪرن کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي، ۽ چيائون ته: اسان کي ڇڇر ڀٽي ۽ ميون ٻاراچ سڏائي ڏي ته اسين سنڌ وڃون. ٻهروپئي يڪدم پڇا ڳاڇا ڪري ٻئي جوان ڳولي ڦولي هٿ ڪري وٺي آيو ۽ ٻئي ڇوڪرا اُنهن جي حوالي ڪري کين ڀلا گهوڙا  ڏئي روانو ڪيو.

Text Box: 272

 

هي ٻئي وفادار نوڪر، ٻنهي ڇوڪرن کي وٺي مينهن واءُ ڪندا اچي سنڌ ۾ پهتا، جتي سندن پڦي پڻ رهندي هئي. هنن اهي امانتون هن جي حوالي ڪيون ۽ احوال ڏنو، جنهن ڇوڪرن کي پاڻ وٽ رهايو ۽ پاليو. اهڙي طرح ڪي ورهيه گذريا، ۽ هي ڀائر به اچي جوان ٿيا. هڪڙي ڏينهن غلام شاهه پنهنجي لشڪر سميت شڪار تي چڙهيو، ۽ هي ٻئي ڀائر به ساڻس ويا. هلندي هلندي جهنگ ۾ غلام شاهه جي آڏو هڪڙو شينهن نڪتو. ٻيا ته سڀ مارجي ويا، پر هنن ٻن ڪونڌرن شينهن کي ماري وڌو. غلام شاهه هنن جي بهادري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ کانئن پڇيو ته: اوهان ڪير  آهيو؟ هنن پنهنجي ملڪ مان نڪرڻ واري سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. اها ڳالهه ٻڌي غلام شاهه ڪلهوڙي کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ خيال ڪيائين ته راوڙ کي سزا ڏيڻ لاءِ ڪڇ تي ڪاهي وڃان. پر انهن راجڪمارن چيو ته: راوڙ لاءِ اسيـن ٻه ڄڻا جهجهـا آهيـون، پر اسان کي چار گهوڙا ڏي. غلام شاهه کين چار گهوڙا ڏنا، ۽ لشڪر به ڏيڻو ڪيو، پر هنن نه ورتو. انهن گهوڙن تي کينگارجي، صاحب جي، ڇڇر ڀٽي ۽ ميون ٻاراچ چڙهي ڪڇ ڏانهن وگهه وارڻ لاءِ روانا ٿيا.

 

Text Box: 273

 

هوڏانهن راوڙ جا گهوڙا، رکال ۾ ساٿي (سئيس) چاريندو هو. گهوڙن جي وڳر جي هيءَ گت هئي ته هڪڙو گهوڙو جيڏانهن منهن ڪندو هو سڀ گهوڙا ان پٺيان لڳندا هئا. ساٿيءَ (سئس) ڏٺو ته دشمن جي نظر ٺيڪ نه آهي، سو گهوڙا وٺي الهندي طرف ڀڳو. تان جو گهوڙا سنڌڙيءَ ۾ وڃي پهتا. اتي کينگارجي ۽ صاحب جيءَ پنهنجن سنڀاليندڙن ڇڇر ۽ ميين ڏانهن نهاريو، جن چيو ته: سائين جو ڳاڻ کپي، باقي گهوڙا سڀ اسين هٿ ڪنداسون. پوءِ ته انهن راجڪمارن کين ست ست ڳوٺ سنڌڙيءَ جي ويجهو ڏياريا. پوءِ ڇڇر ۽ ميين سئيس (ساٿيءَ) کي وڃي ماريو ۽ گهوڙا هٿ ڪيا.

 

اها خبر جڏهن راوڙ کي پئي سو وٺي هالار جبل ڏانهن ڀڳو، جو کيس  اچي موت جي ڊپ ورايو. هالار جبل واري راءُ کي جڏهن اها خبر ملي ته راوڙ پيو اچي سو وري اتان وٺي ڀڳو. راوڙ اهو قلعو وٺي مٿس ڄام ننگر نالو رکيو ۽ اتي ويهي رهيو. ڄام ننگر مشهور شهر آهي.

راوڙ جي راڄ تي کينگار ۽ صاحب جي راڄ ڪرڻ لڳا. هڪ ڏينهن ٻئي ڀائر شڪار تي پئي ويا ته هڪڙي هنڌ سهو ڪتن کي مارڻ لڳو ۽ ڪتا ڀڄڻ لڳا. اهو ڏسي کينگار ۽ صاحب جيءَ اها جڳهه چڱي سمجهي ۽ اتي قلعو ٺهرايو، جنهن جو نالو ’ڀڄ‘ رکيائون - يعني اتي دشمن ڀڄي ويندو.

 

 


 

 


 

* هن آکاڻيءَ جون ٻه روايتون لاڙ (تعلقي بدين) مان شيخ محمد سومار کان مليون، جيڪي هن ڪڇ جي ٻن سگهڙن مٺو فقير نهڙيي (عمر اسي ورهيه) ۽ شيخ پـريي کان ٻڌي قلمبند ڪيون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org