سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 39  40 

صفحو ؛ 18

Text Box: 274

 

ضميمو

 

39- عمر ۽ گنگا*

(هيءُ ڳالهه پهريائين پهريائين ”تاريخ طاهري“ جي مصنف سيد طاهر محمد نسياني (يارهين صدي جو شروع) پنهنجي ڪتاب ۾ آندي آهي. ان بعد تحفته الڪرام جي مصنف مير علي شير قانع (ٻارهين صدي جو آخر) پڻ ان کي نقل ڪيو آهي. اهي ٻئي روايتون اصل ڪتابن مان ترجمو ڪري لفظ به لفظ ڏجن ٿيون)

1- روايت تاريخ طاهري

روشن ضمير صاحبن تي واضح هجي، مجلس کي سينگاريندڙ نيڪ ماڻهو، نقل ڪندا ٿا اچن ته گنگا نالي قوم تميم جي ڇوڪري، انهيءَ (عمر سومري) جي نالي ڪئي هئائون. ننڍپڻ ۾ اڃا هن (گنگا) جو حـُـسن ظاهر نه ٿيو هو، ته ان جي نظر چڙهي وئي، پسند نه آيس، تنهنڪري دل کڄي ويس ۽ شادي ڪرڻ جو ارادو ڦٽو ڪيائين ۽ اهڙي اجازت ڏنائين ته جنهن کي وڻيوَ تنهن کي ڏئي ڇڏيو.

Text Box: 275

 

عمر تميم نالي هڪڙو شخص جيڪو ان (گنگا) جي مائٽن مان هو - جو عمر سومري جو دوست هو ۽ عمر سومري سان ان جو ايترو تعلق هو، جو سواءِ ان جي ڪچهري قائم نه ڪندو هو - ان جي نالي ڪيائون. ڪيترن سالن گذرڻ کان پوءِ اها مکڙي ٽڙي گل ٿي، جنهن جي سرهاڻ کان سڄي هوا واسجي وئي، جنهن کان بي اختيار دلين کي سـُـرور ٿي پهتو. هڪڙي ڏينهن ڌوٻيءَ ان جا ڪپڙا ڌوئي واٽ تي سـُـڪڻا وڌا. اوچتو انهيءَ سردار (عمر سومري) جو خوشبودار لباس وٽان لنگهڻ ٿيو، جنهن جي هٻڪار ڪوهن ۾ پکڙيل هئي. ان خوشبوءِ هن جو مغز ڦيرائي ڇڏيو. حيران ٿيو ته ههڙا ڪپڙا ڪنهن جا آهن! ڌوٻيءَ کان پڇيائين مگر هن کي ڪپڙن جي ڌڃاڻيءَ جي منع ڪيل هئي ته ڪنهن کي نه ٻڌائجانءِ، تنهن هوندي به هن ٻڌايس ته اهي ڪپڙا عمر تميمي جي زال جا آهن. پوءِ افسوس ڪرڻ لڳو ۽ چريو ٿي پيو (جڏهن) ان (گنگا) جي گهر جي ويجهو پهتو، خيال ڪيائين ته جي ان جو مڙس گهر ۾ نه هجي ته ان محبوب کي ڏسي اکيون ٺاريان. پڇا تي معلوم ٿيس ته گهر جو ڌڻي گهر کان ٻاهر آهي. چوندا آهن کوٽي کي بهانا جهجها. پوءِ ڪبوترن کي تير هڻڻ جي بهاني سان تير ان جي گهر ۾ اڇلي وڌائين. تير کڻڻ جي بهاني سان هن جي حويلي اندر ڪاهي پيو. هن پردي نشين کي ان ڳالهه جي خبر نه رهي، پريشان ٿي لڪڻ جي ڪوشش ڪيائين. هن پڇيس ته هي ڇا آهي؟ ڏسڻ جو مطلب هوس سو بهاني سان ڏسي موٽيو. پر هن جي اکين جو تير اهڙو جگر تي لڳس جو نانگ وانگر وٽ کائيندو رهيو. ملڪ جا امير حيران ٿيا ته هن کي ڇا ٿي ويو. حقيقت کان جڏهن واقف ٿيا، تڏهن هن کي تسلي ڏنائون ته هيءُ ڪم بلڪل آسان آهي، توهين گهٻرايو نه ۽ عيش آرام سان رهو. صلاح ڪيائون ته مڙس کان جدا ڪري هن (گنگا) کي محل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪجي.

 

پوءِ بي وڙن جي چوڻ تي عمر ان (عمر تميمي) سان ڏاڍي گهڻي ۽ گهاٽي دوستي رکي ۽ ان کي حد کان وڌيڪ ڀانئڻ لڳو. جنهن تي هو حيران ٿيو ته هي اوچتو هيڏو قرب الائجي ڪهڙي ڪارڻ آهي. هڪڙي ڏينهن پنهنجن سنگتين کان پڇيائين ته هن مهرباني جو ڪهڙو سبب آهي؟ جڏهن ته اهي سڀئي هڪ ڳالهه تي متفق هئا، چيائون ته بادشاهه پنهنجي ڀيڻ توکي پرڻائڻ گهري ٿو. تنهنڪري تو کي ايڏو اعزاز ۽ عزت بخشي ويئي آهي. ڇاڪاڻ ته بادشاهه تنهنجي خدمتن کان تمام گهڻو خوش ٿيو آهي. جڏهن ته انسان خطا ۽ ويسر جو مرڪب آهي. هو ڪوڙ کي سچ سمجهي اعتبار ڪري گل وانگر ٽڙي ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو. بيوقوف هي نٿي سمجهيو ته سڀئي دوست مڪر ۽ فريب سان هن جي زال کسڪائي ٿا وڃن.

Text Box: 276

 

هڪڙي ڏينهن هڪ وڏي مجلس خوشيءَ جي برپا ڪيائون، جنهن ۾ خوب شراب جو دور هليو ۽ هن (عمر تميمي) کي به خاص ترڪيب سان گهڻو شراب پياريو ويو، جنهن ۾ هن جا هوش حواس گم ٿي ويا. چيائون ته هن کان وڌيڪ ٻيو ڪو موقعو نه آهي. تنهنڪري هن کي اڀاريئون ته بادشاهه جي ڀيڻ سان شادي ڪرڻ گهرين ٿو ته اڳين زال کي طلاق ڏي. نيٺ هن طلاق ڏني. وري چيائون ته فقط طلاق ڪافي نه آهي، پر زال کي عمر جي آڏو پيش ڪر. چنانچه شراب نامراد جي ڪري هو پنهنجي نڪاح ٻڌل زال بادشاهه اڳيان پيش ڪرڻ ۾ نه هٻڪيو. نتيجو اهو ٿيو جو هن کي مجلس کان ٻاهر لوڌي ڪڍيائون ۽ هن جي زال کي محل ۾ وڃڻ جو حڪم ڪيائون. ٻئي ڏينهن جڏهن نشو لٿس تڏهن سڄي ماجرا معلوم ڪري هاءِ گهوڙا ڪرڻ لڳو ۽ دهليءَ جي بادشاهه علاو الدين سلطان وٽ فريادي ٿي ويو.

 

Text Box: 277

 

هن ملڪ جي ڳوٺاڻن کان هيئن ٻڌو ويو آهي ته جڏهن اهو مظلوم، بادشاهه جي خدمت ۾ پهتو ۽ فرياد پيش ڪيائين، تڏهن بادشاهه قاصد موڪليس ته هڪدم حاضر ٿي، فريادي کي اچي راضي ڪر، جي نه ته تنهنجي ملڪ کي اسان جو لشڪر برباد ڪري ڇڏيندو، ۽ توکي عيال سوڌو قيد ۾ رکندس. قاصد جي پهچڻ شرط عمر سوکڙيون سوغاتون کڻي درٻار ۾ پهتو. فريادي ۽ ملزم جڏهن روبرو ٿيا ته ڏوهه ملزم تي ثابت ٿيو ۽ بادشاهه کڻي قيد ڪيس. بادشاهه کي ايترو سخت غصو هو، جو خيال هوس ته سڄي زندگي قيد ۾ رهي مري وڃي، جيئن بڇڙن لاءِ عبرت جو سبق ٿئي، پر چڱن مڙسن جي سفارش ۽ بروقت مٿس لڳايل ڏنڊ ڀري ڏيڻ ۽ ساليانو ڏن ڀريندو رهڻ جي انجام اقرار تي آزاد ٿيو ۽ موٽي سنڌ ملڪ ۾ پهتو. تنهن کان پوءِ سنڌ ملڪ تي دهليءَ جي بادشاهن طرفان اهو ڏن ڏيڻ هميشه لاءِ مقرر ٿي ويو.

 

اهڙي نموني سان بادشاهه جي قيد کان آجو ٿي عمر پنهنجي وطن پهتو. قيد ۽ بند جا مصيبت وارا ڏينهن وساري، هن ملڪ جي قديمي رعيت تي وري ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. گهڻين قومن ۽ قبيلن جا چڱا مڙس ۽ سردار هن جي آزار کان وطن ڇڏي ڪڇ ملڪ ۾ - جيڪو گجرات ۽ سنڌ ملڪ جي وچ وارو ڀاڱو آهي - اوڏانهن لڏي ويا. انهن وڃي اوڏهين پنهنجي حڪومت ٺاهي.

2- روايت تحفة الڪرام*

تميم قوم جي “گنگاءِ نالي هڪ ڇوڪري، ننڍپڻ ۾ ”عمر“ سان مڱائي هئائون. ائين ٿو ڏسجي ته هن کي هڪ ڏينهن ڪنهن اهڙي حال ۾ ڏٺائين، جو ننڍپڻ جي ڪري، هن جي حسن جو گل اڃا پوريءَ طرح نه ٽڙيو هو، ۽ کيس نه وڻي، جنهن تي چيائين ته هن کي جنهن سان وڻيوَ، تنهن سان مڱائي ڇڏيو. سندس اجازت موجب، هوءَ تميم قوم جي هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان مڱائي ويئي، جو ”عمر سومري“ جو وزير هو. وقت اچڻ تي گنگا سونهن ۾ بينظير نڪري پيئي، ۽ ملڪان ملڪ مشهور ٿي. عمر پڻ هاڪ ٻڌي ڪنهن بهاني سان کيس ڏسڻ چاهيو. انهيءَ عرصي ۾، شڪار ڪندي اچي ڪنهن ڌوٻيءَ وٽان لنگهيو، جو ڪپڙا ڌوئي سڪائي رهيو هو. هڪ خوشبودار وڳو، ڪنهن وڻ تي ڏسڻ ۾ آيس. ڌوٻيءَ کان پڇڻ تي معلوم ٿيس ته اهو وڳو گنگا جو آهي. اهو ٻڌي هڪدم انهيءَ جي گهر روانو ٿيو. معلوم ٿيس ته مڙس گهر ۾ ڪونه آهي. (ڇا ڪيائين جو) گز ڪبوتر ڏانهن اڇلي، انهيءَ گز کڻڻ جي بهاني سان، دروازي کان اندر لنگهي، مرضيءَ موجب ديدار جو مطلب پورو ڪري، سندس گهنڊيدار زلفن جي قيد ۾ گرفتار ٿي، پيچ تاب کائيندو، گهر موٽي آيو، ۽ حيلا هلاقـِّڻ شروع ڪيائين، وزيرن کان پڻ صلاح پڇيائين. آخر صلاح بيهاري، مٿئين تميميءَ کي گهڻي ۾ گهڻي عزت ڏيڻ لڳو. هن عمر جو پاڻ ڏانهن اڳوڻي کان وڌيڪ توجهه ڏسي، وزيرن کان پڇيو ته: هن اميد کان وڌيڪ نوازش جو سبب ڪهڙو آهي؟ چيائونس ته: عمر توکي پسند ڪيو آهي، ۽ پنهنجي ڀيڻ جو سڱ تنهنجي نڪاح ۾ ڏيڻ گهري ٿو، هو بيوقوف هن ٺڳيءَ تي هٿن مان نڪري، انهيءَ مائٽيءَ جو چاهه رکڻ لڳو.

Text Box: 278

 

نيٺ هڪ ڏينهن عمر، شراب جي محفل برپا ڪري، کيس نشي ۾ چور بنائي، وزيرن کي پنهنجي ڪم سرانجام ڪرڻ جو اشارو ڪيو، جنهن تي وزيرن تميميءَ کي چيو ته: عمر کي پنهنجي ڀيڻ جو سڱ تو کي ڏيڻ جو شوق آهي، پر فقط اهو ويچار ٿو ٿئيس، ته توکي اڳئي زال آهي، جنهن جي محبت ۾ گرفتار آهين، جيڪڏهن تون انهيءَ کي پاڻ کان جدا ڪري، عمر جي حوالي ڪرين - جيئن هو جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏيئي ڇڏي - ته هوهڪدم پنهنجي ڀيڻ تنهنجي نڪاح ۾ ڏيندو. انهيءَ سادي بي نصيب کي، نشي جي حالت ۾ جيڪي چيائون سو بجا آندائين. جڏهن تميميءَ جي زال گنگا، هن جي ڇڏڻ ۽ بخشڻ موجب عمر جي قبضي ۾ آئي، تڏهن وزيرن جي چوڻ تي، انهيءَ نشي ۾ چـُـور بيهوش کي، ڏاڍيءَ خواريءَ ۽ ذلت سان، غاليچي جي ڪنڊ تان، ٽنگ کان گهلي کڻي ٻاهر اڇلايائون، ۽ چيائونس ته: تو جڏهن اڳوڻيءَ زال کي، بنا ڪنهن ڏوهه جي، محض دولت جي محبت ۾ بخشي ڇڏيو ۽ وفا جو طريقو - جو مردانه ڪمن جو خلاصو آهي - بلڪل ڇڏي ڏنو، تڏهن تون سردار جي مائٽيءَ جو لائق ڪيئن ٿيندين؟

 

Text Box: 279

 

جڏهن ويچارو رات واري نشي کان، صبح جو هوش ۾ آيو، تڏهن انهيءَ ٿيل حادثي کان ڪپڙا ڦاڙي، دهليءَ جي بادشاهه سلطان  علاو الدين وٽ فريادي ويو ۽ دربار مان عمر جي گهرائڻ جو پروانو ڪڍائي موڪليائين. ٿيندي ٿيندي  هيءَ ڳالهه ٻين سببن سان گڏجي انهيءَ قوم جي حڪومت جي زوال جو سبب بڻي.

 

 


 

 

Text Box: 280

 

 

 


 

40- عمر بادشاهه ۽ نيرل راڻي*

 

حمير سومري جو پٽ عمر سومرو، سنڌ جو مشهور حاڪم ٿي گذريو آهي. هن جي بادشاهت جيسلمير جي راجا سان لڳ هئي. حمير سومري جو جيسلمير جي راجا سان ڪنهن ڳالهه تي عهدنامو ٿيل هو، جنهن موجب حمير سومرو سال بسال ڪجهه رقم ڏن طور هن کي ادا ڪندو هو. جڏهن عمر سومرو جوان ٿيو، تڏهن هن اها رقم ڏيڻ واجب نه ڄاڻي، جيسلمير جي راجا کي جواب ڏياري موڪليو ته هاڻي اسين اها رقم هرگز ڪين موڪلينداسون. جڏهن جيسلمير جي راجا کي اهو نياپو پهتو، تڏهن عمر کي نقصان پهچائڻ جي خيال سان هن پنهنجا پاليل روجهه ڇوڙي، حميراڻي وِيءَ ڏي روانا ڪيا.

ٻڌل روجهه ڇٽنديئي وِيءَ طرف روانا ٿي ويا. جڏهن وِيءَ ۾ پهتا، تڏهن اتي جي راکن ڊوڙي وڃي حمير کي خبر ڏني ته جيسلير جي روجهن وِيءَ ڀيلي ڇڏيا آهن. حمير جواب ڏنو ته: عمر کي وڃي ٻڌايو، جنهن جي ڪري ئي ائين ٿيو آهي. راکو ڊوڙي عمر وٽ آيو. عمر ان وقت قلم هٿ ۾ کڻي ڪجهه لکيو پئي، انهيءَ ڪري راکو بيهي انتظار ڪرڻ لڳو ته عمر واندو ٿئي ته کيس حقيقت ٻڌائجي. پر عمر لکڻ ۾ اهڙو محو هو، جو راکي ڏانهن اک کڻي به نه ڏٺائين. راکي کي اتي بيٺي جڏهن ڳچ وقت گذريو، تڏهن عمر بادشاهه کي چيائين ته:

قلم ڇڏي هٿ مان، تون صاحب! سجاڳ ٿيءُ،

Text Box: 281

 

روجهه ڇٽا جيسلمير کان، ٿا ڀيليو وڃن وِيءُ.

 

اهو ٻڌي عمر قلم ڇڏي، سنڀري سوار ٿي وِيءَ ڏي روانو ٿيو. اتي پهچي پهلوانيءَ سان سڀ روجهه ماري ناس ڪري ڇڏيائين.

عمر جو مڱڻو ننڍي هوندي کان ئي سندس ماسيءَ جي ڌيءَ سان ٿيل هو. ان ڇوڪريءَ جو نالو "گيگل" هو. هوءَ ڏاڍي سونهن سوڀيا واري هئي، سومرن جي راڄ ۾ جهڙس سـُـهڻي ڪا نه هئي. انهيءَ ڪري سندس ماءُ هميشه مغرور رهندي هئي. هينئر گيگل اچي ساماڻي هئي. تڏهن عمر چيس ته: ماسي! هاڻي اسين ٻئي جوان آهيون، تنهنڪري هاڻي اسان جي شاديءَ جو بندوبست هئڻ گهرجي. اهو ٻڌي ماسيس مغروريءَ وچان جواب ڏنس ته:

اڃان گيگل ننڍڙي، ٿي وٽيـِـين پئي کير،

نيــرُل، پرڻـجي اچ، جي اهڙو هجين ويـر.

(اي عمر! منهنجي گيگل اڃا ننڍڙي آهي، تنهنڪري اڃا اُها پرڻائي ڪانه ڏينديس، باقي جي توکي شادي ڪرڻ جو شوق هجي ۽ پاڻ کي اهڙو جوڌو جوان ٿو سمجهين ته پوءِ ڇو نٿو وڃي نيرل راڻيءَ سان شادي ڪرين اچين!)

ماسيءَ جي واتان اهو طعني وارو جواب ٻڌي عمر اندر ۾ سڙي ويو. ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ماسيءَ کي ٺهه پهه جواب ڏنائين ته:

ڪنجرو ڏنو جو مون هٿن سان، سو تون واري ڏي،

هــار ڏنـــو مـــون هــٿــن ســان، ســو تون واري ڏي.

(اي ماسي! جيڪڏهن مون کي گيگل سان شادي نٿي ڪرائين ته پوءِ ڪنجرو ۽ هار موٽائي ڏي، جو مون گيگل جي لاءِ ڏنو هو.)

تڏهن ماسيس منهن کي موڙو ڏئي چيس ته:ڪهڙي ڌراوت اسان کي ڏني اٿئي جا اڳاڙڻ بيٺو آهين؟ هاڻي ٻڌ:

ڪنجرو ڇنو گيگل هٿن سان، ٽـِـڪ نه ٽـِـڪن گڏ،

Text Box: 282

 

هـار ٽوڙيــو گيگل هٿن سان، مڻيون نه مڻيي گڏ.

 

(اي عمر! هڪڙو ڏنئي ڪنجرو، جيڪو گيگل هٿن سان ڇني ٽـِِـڪ، ٽـِـڪ کان جدا ڪري ڇڏي آهي، ۽ ٻيو ڏنئي هار، سو به گيگل پنهنجي هٿن سان ڇني مڻيون مڻيي کان ڌار ڪري ڇڏيو، اڃان پيو ڪنجري ۽ هار جي پڇا ڪرين!)

عمر ماسيءَ جي واتان اهي لفظ ٻڌي هيڪاري سڙي پچي ويو ۽ ڪاوڙ مان چيائين ته:

مـاســي ڏي نه مهـڻـا، آءٌ ويـنــدس انـهـيءَ راهه،

يا نيرل آڻيندس پاڻ سان، يا وڃائيندس ساهه.

(ماسي! هاڻي وڌيڪ مهڻا نه ڏي، باقي جي شادي ڪندس ته نيرل راڻيءَ سان، نه ته وري جيئري منهن به هيڏانهن ڪونه ڪندس).

ائين چئي عمر ڪاوڙجي اتان نڪتو ۽ ان ئي ڏينهن تيار ٿي گهوڙي تي چڙهي نيرل جي ملڪ ڏانهن روانو ٿيو.

جڏهن ماسيس ٻڌو ته عمر ڪاوڙجي ٿو وڃي، تڏهن پنهنجي مغروريءَ تي ڏاڍو ارمان ٿيس، جو خبر هيس ته کيس عمر کان وڌيڪ ٻيو ڪو ناٺي ڪونه ملندو، تنهنڪري هن کي پرچائڻ لاءِ اڳ وٺي اچي بيٺي. جڏهن عمر اتان اچي لنگهيو، تڏهن چيائينس ته:

ســالا رُســايــو مـيـان سـومرا! رٺـڙو وڃين راءُ،

ساليون رُسايون ميان سومرا، رٺڙو وڃين راءُ.

عمر پنهنجي ماسيءَ جي ڳالهه ٻڌي ڏانهس نهاريو به ڪين ۽ هلنديئي جواب ڏنائين ته:

تنهنجي مهڻي ماريو، نه ته ڪري ڪشالا ڪير،

ڀانيان ٿو ته ازل کان، هو تنهنجو مون سان وير.

Text Box: 283

 

اتي ماسي ترسي پوڻ لاءِ ڏاڍو ليلايس، پر ڏڌو کير ٿڻين ڪونه پوي. سندس طعني عمر جي دل وڍي ڇڏي هئي، سو نه ترسيو، ۽ ماسيءَ کي چيائين ته:- موٽيس ته نيرل ماڻي موٽندس، نه ته مئو ڀلو آهيان. تڏهن وري به ماسيس ڪاوڙجي چيس ته:

 

جي اهڙو آهين ارڙو، ته وڃ نيرل جي پاس،

ڌاران آڻــــــڻ ان جــــي، وري نه وٺـــج واس.

عمر جي سنگتين ساٿين کي جو خبر پئي ته عمر، ماسيءَ جي مهڻي کان نيرل ماڻڻ ٿو وڃي، سو ڊوڙي آيا ۽ گهڻو ئي سمجهايائونس ته اڳيان دشمنن ۽ جانورن جو ڊپ آهي، تنهنڪري اوستائين صحيح سلامت پهچي، نيرل ماڻڻ مشڪل آهي، پر هن ڪنهن جي صلاح ڪانه مڃي ۽ پنهنجي پيءُ جي وزير جو پٽ سونهون ڪري پاڻ سان کڻي، ڏس پتو پڇي نيرل جي ملڪ طرف روانو ٿيو.

 هلندي هلندي تڪليفون ڏسندي، اچي ان ملڪ جي ويجهو پهتو. آخر اچي نيرل ۽ سندس سهيلين جي وهنجڻ واري تلاءَ جي ڀر ۾ پهتو. جڏهن تلاءَ وٽ پهتو تڏهن گهوڙي تان لهي، گهوڙو تاڻي تلاءَ ڏي پاڻي پيارڻ جي خيال سان هليو. انهيءَ تلاءَ تي ڪنهن به مرد ماڻهوءَ کي اچڻ جي اجازت ڪانه هئي. عمر کي انهي ڳالهه جي ته ڪا خبر ئي ڪانه هئي، سو تلاءَ جي ڪناري تي آيو، تڏهن اتي نيرل جي هڪڙي ٻانهي مليس، جنهن هن کي ڏسنديئي چيو ته:

گهوڙي وارا گـهـوٽيـا! تـــون گهــوڙو پـانهــون وار،

هيءُ تلاءُ آهي پرين جو، جي ڪندئي بڇڙي ڪار.

(اي گهوڙي وارا جوان! جي سر جو خير گهرين ته گهوڙو پوئتي موٽاءِ، هي تلاءَ پرين جو آهي، انهن کي خبر پوندي ته هڪڙي مرد ماڻهو هن تلاءَ مان پاڻي پيتو ۽ گهوڙي کي به پاڻي پياريو اٿس، تڏهن اهڙي ڪار ڪندئي جو ياد ڪندين.)

عمر سومرو ته اڳيئي سر مان بيزار هو، تنهن هڪل ڪري چيس ته:

Text Box: 284

 

آهيان سنڌ جو سورمو، مون کي ڊپ نه ڪو ڊاءُ،

 

ڏورئون ڏوري مس ڏنـُـو، مون هي پرين جو تلاءُ.

(اي ڇوڪري! آءٌ سنڌ جو پهلوان آهيان تنهنڪري مون کي مرڻ جو ڊپ نه ڏي، آءٌ ته پاڻ هن تلاءَ جي ڳولا ۾ هيڏا ڪشالا ڪري هتي آيو آهيان.)

عمر جو اهو جواب ٻڌي ٻانهي کيس آفرين چيو ۽ کانئس پورو احوال ورتائين. احوال وٺڻ بعد ٻانهيءَ خيال ڪيو ته ههڙو سهڻو جوان اڻ ڏٺي مورت تي عاشق ٿي ديس ڇڏي اچي پرديس ۾ پهتو آهي، ڇو نه ساڻس ڪا مدد ڪريان! تڏهن چيائينس ته:هيءُ تلاءُ برابر نيرل پريءَ جو آهي، جا پنهنجين سٺ سهيلين سان هر سومر جي شام جو هتي وهنجڻ ايندي آهي، تون ان ڏينهن لڪي ويهج. جڏهن نيرل ۽ سندس سهيليون تلاءَ ۾ گهڙي وهنجڻ لڳن ۽ راند روند ۾ مشغول ٿي وڃن، تڏهن تون لڪي لڪي سندن ڪپڙا کڻي وڃي وڻ تي ويهي رهج. پوءِ هو جڏهن نڪرنديون تڏهن ڪپڙا نه ڏسي پريشان ٿينديون ۽ توکي ڏسڻ کان پوءِ ڪئين کريب ڪنديون، پر تون خاموش ويٺو رهج. آخر کانئن سندن سينڌ جا وار وٺي پوءِ ڇڏج.

Text Box: 285

 

اها صلاح پڪي بيهاري عمر ۽ سندس سنگتي هڪ ٻه ڏينهن اتي گذاريا. جڏهن سومر جو ڏينهن ٿيو تڏهن مقرر وقت تي لڪي وڃي وڻ تي ويٺو. ٿوريءَ دير بعد پريون به اچي تلاءَ ۾ گهڙيون. جڏهن هو راند ۾ مشغول ٿيون تڏهن عمر وجهه وٺي وڻ تان لهي سندن ڪپڙا کڻي وڃي وڻ تي لڪي ويٺو. جڏهن پرين جي نڪرڻ جو وقت ٿيو تڏهن ڏسن ته سندن ڪپڙا آهن ئي ڪونه. ڪپڙا نه ڏسي ڏاڍو ششدر ٿيون. نيٺ هڪڙي ڄڻيءَ جي نظر وڃي وڻ تي پئي، جتي عمر ڪپڙن سميت ويٺو هو. پوءِ هنن گهڻي ئي کريب ڪيا ۽ ڊپ ڏنائونس، پر عمر اصل ڪين ڊنو. نيٺ وڻ تان لهي گهوڙو ڇوڙي آيو ۽ چيائين ته: هاڻي آءٌ اوهان جا ڪپڙا کنيو ٿو وڃان. ائين چئي گهوڙي کي پاڻي پيارڻ جي خيال سان تلاءُ ڏي ڇڪيائين. تڏهن پرين وٺي گوڙ ڪيو ته گهوڙو ٽهي پوئتي ڇڪڻ لڳو. انهيءَ تي عمر پنهنجو گهوڙو ڪاهي هلڻ لڳو. اتي نيرل ڏٺو ته هيءُ جوان اسان جا ڪپڙا کنيو، گهوڙو ڪاهي وڃي ٿو، تڏهن هڪڙي اٽڪل سـُـجهي آيس، سو عمر کي چيائين ته:

 

گهوڙي وارا گهوٽيا! تون گهوڙو نه اڃ سين مار،

ڏونگر مٿي مـِـٺي وِيري، آءٌ ڇڪيان! تون پيار.

(گهوڙي وارا جوان! گهوڙي کي پاڻي پيارڻ کان سواءِ موٽائي اڃ سان نه مارينس، جي هتي گهوڙو ڇرڪي پاڻي نٿو پيئي ته پوءِ جبل تي مٺي پاڻيءَ جي هڪڙي کوهي آهي، هل ته اتي هلي گهوڙي کي پاڻي پياريون). نيرل خيال ڪيو ته جي عمر انهيءَ اٽڪل ۾ اچي ويو ته پوءِ مون کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ لاءِ ضرور ڪپڙا ڏيڻا پوندس، هيڪر رڳو مون کي تلاءَ مان نڪرڻ ڏئي، پوءِ واهه جان... پاڻهي خبر پئجي ويندس. پر عمر به اڳيان پڪو پڙهايل هو تنهن ورندي ڏنيس ته:

ٻاڙو پاڻي اوهان جي ملڪ جو، منهنجو گهوڙو نٿو پيئي،

بـنــا پـاڻـي پـيئـــــڻ جــــي، گـهــي گهـــوڙو ڀـُـــڻـــو جـيئي.

(اوهان جي ملڪ جو پاڻي ٻاڙو آهي، جو منهنجو گهوڙو نٿو پيئي، هي گهوڙو پاڻي پيئڻ کان سواءِ به جيئرو رهندو آهي). نيرل ڏٺو ته اها به اٽڪل ڪانه هلي، سو وري چيائينس ته:

گهوڙي وارا گهوٽيا! تون گهوڙو نه بک سان مار،

ڏونــگــر مــٿــي گـاهـه سـائــو، آءٌ پـٽـيان تون چار.

(گهوڙي وارا جوان! تون پنهنجي گهوڙي کي بک سان نه مار، جبل تي سائو گاهه جام آهي، مون کي ساڻ وٺي هل ته آءٌ گاهه پٽيان، تون گهوڙي کي چار). عمر انهيءَ ڳالهه جو جواب ڏنو ته:

Text Box: 286

 

Text Box: 287

 

ٻاڙو پاڻي اوهان جي ملڪ جو، کارو آن وٽ گاهه،

 

واپــرائــي آءٌ بــنــا سـبــب، ٿــيـنـدس ڪـيـن تـقـّاهه.

(نه رڳو اوهان جي ملڪ جو پاڻي ٻاڙو آهي، پر اوهان وٽ گاهه به کارو آهي. آءٌ اهو پاڻي ۽ گاهه ڪم آڻي پنهنجو گهوڙو ڪونه مارائيندس). نيرل کي اهو جواب ڏيئي عمر هلڻ تي هو ته نيرل کيس چيو ته:اسان جا ڪپڙا ڏي ته اسين وڃون جو تمام گهڻي دير ٿي آهي. جيڪڏهن اسان کي وڌيڪ دير ڪرائيندين ته انهيءَ ۾ تنهنجو ڀلو ڪونه ٿيندو. عمر چيو ته:آءٌ انهن ڳالهين کان ڊڄڻ وارو ڪين آهيان، اوهين ڀلي وهنجي موج ڪريو. اهو ٻڌي نيرل جي ٻين ساهيڙين چيو ته:اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ تون نيرل لاءِ آيو آهين، اها ڄاڻي تون ڄاڻ، باقي اسان کي پنهنجا ڪپڙا ڏي ته وڃون. تنهن تي عمر چيو ته:چڱو، اوهين پنهنجي سينڌ مان هڪ هڪ وار ڏيو ته پوءِ ڪپڙا ڏيانوَ. تنهن تي هنن پنهنجيءَ سينڌ مان هڪ هڪ وار ڏنو. ان بعد عمر هنن کي ڪپڙا ڏنا، جي هو پهري روانيون ٿي ويون. جڏهن سڀ ساهيڙيون هليون ويون تڏهن نيرل چيو ته:

پـاڻـيءَ پـاسـا ڀـيـلـيـا، کاڌو ماس مڇـين،

ڪپڙا ڏي ته نڪران، اينديس، وٺ وچن.

(اي عمر! پاڻيءَ ۾ بيٺي بيٺي بدن نستو ٿي پيو آهي، ۽ مڇيون اچي ماس کي کائڻ لڳيون آهن. هاڻي مون کي ڪپڙا ڏي ته پاڻيءَ کان ٻاهر نڪران. باقي آءٌ وچن ٿي ڪريان ته تو وٽ اينديس). عمر ان بعد نيرل کان وچن ۽ سينڌ جي وارن جي چڳ وٺي ڪپڙا هن کي ڏنا، جي هوءَ پهري رواني ٿي.

ان کان پوءِ عمر ۽ سندس ساٿي وزيرزادو، گهوڙن تي چڙهي روانا ٿيا. جڏهن اڌ ۾ پهتا تڏهن چيائون ته: ٻيلي! پاڻ نڪو نيرل کان ڏس پڇيو نڪا ڪا خبرچار ورتي. هاڻي پهرين هنن وارن جي چڳن جي خبر وٺون ته ڪا منجهن حڪمت به آهي يا نه! پوءِ جي نيرل آئي ته کڻي خبرچار پڇنداسينس. ائين چئي ڏنئون وارن کي ڇڪي، ته انهيءَ مهل نيرل پنهنجي سٺ سهيلين سان اچي حاضر ٿي. تنهن تي عمر چيو ته:

ڪير آهين، ڪٿي رهين؟ پنهنجو نالو نيڪ ٻڌاءِ،

سـُـڌ سـاري ڏي پنهـنـجي، تـون اک سان اک مـلاءِ.

تنهن تي نيرل جواب ڏنو ته:

ڌيءَ مـانـجهـي مـيـر جـي، نيرل منهنجو نام،

ويٺل روغاني شهر ۾، سهسين ڪنم سلام.

هنن کان نالو، ذات ۽ سموري خبرچار پڇي، پوءِ هي پنهنجي ڳوٺ روانا ٿيا. آخرڪار ٿورن گهڻن ڏينهن بعد اچي ڳوٺ پهتا. جتي شاديءَ جي تياري ڪري، ڄڃ سنڀرائي نيرل جي ملڪ روانا ٿيا.

پنج سؤ ڄاڃي ڪوٺيائون، گهوڙن جا هسوار،

هـلـيـا روغــانــي شـهـر ڏي، تـڪــڙا ٿـي تـيـار.

آخرڪار هلندي هلندي ٿورن گهڻن ڏينهن بعد اچي مانجهيءَ جي باغ ۾ لٿا. مانجهيءَ پنهنجي ٻانهي موڪلي خبر پڇي ته:

گـهـوڙن وارا گـهـوٽـيا! ڪـهـڙي اٿو گـهـور؟

آهيو واٽهڙو واٽ جا، ڪِ آهيو کاپرو چور.

(گهوڙيسوار جوان! اوهين پنهنجو احوال ڏيو ته ڪي مسافر آهيو يا ڌاڙيل؟). ان جي جواب ۾ ٻانهيءَ کي عمر ڳاهه ڏني ته:

نه آهـيـون واٽـهـڙو واٽ جا، نڪي آهيـون چور،

آهيون گهورا نيرل جا، پنهنجي مائٽن جا مور.

(ته نڪي اسين مسافر آهيون ۽ نه وري چور، پر نيرل جا گهورا آهيون). ٻانهيءَ اهو جواب ٻڌي مانجهيءَ کي وڃي چيو ته:هي عمر سومرو سنڌ جو بادشاهه آهي ۽ نيرل جو سڱ گهرڻ آيو آهي. اهو ٻڌي مانجهيءَ چيو ته:نيرل کان پڇجي ته سندس رضا ڪهڙي آهي؟ جي هوءَ راضي ٿئي ته اسان کي ڪو به اعتراض ڪونهي. ان بعد هن نيرل جي سهيلين مان معلوم ڪيو ته برابر هوءَ راضي آهي. پوءِ اچي عمر سان مليو ۽ شاديءَ جي هاڪار ڪري، شاديءَ لاءِ ڏينهن مقرر ڪيائين. مقرر ڏينهن تي شادي ٿي گذري. سڀني ماڻهن عمر کي مبارڪباد چئي.

Text Box: 289

 

Text Box: 288

 

شاديءَ بعد عمر موڪل گهري ته هاڻي اسان کي وطن ڏي وڃڻ جي موڪل ڏني وڃي. تنهن تي مانجهيءَ چيو ته: تون وڃين ته ڀلي وڃ، باقي آءٌ پنهنجي ڌيءَ ڪونه ڇڏيندس. اهو ٻڌي عمر ڄاڃين کي موڪل ڏني ۽ پاڻ اتي ويهي رهيو. اتي رهندي هن کي ڪافي ڏينهن گذري ويا. هڪڙي ڏينهن سندس ملڪ کان، سندس پيءُ جو موڪليل مڱڻهار اچي پهتو. جنهن کيس ٻڌايو ته: تنهنجا ماءُ پيءُ تولاءِ روئي روئي انڌا ٿي پيا آهن ۽ تنهنجي مڱ گيگل به هاڻي ٻين کي پرڻايو ٿا ڏين. اها خبر ٻڌي عمر ڏاڍو مايوس ٿيو. گهر اچي اونڌو منهن هڻي سمهي رهيو. هن جي اها حالت ڏسي نيرل کانئس پڇيو ته: ڇا خبر آهي؟ هن سڄي خبرچار ٻڌائي. ان بعد نيرل پنهنجي باغ مان ٻه گل هن کي آڻي ڏنا. چيائين ته: هنن ۾ خاصيت آهي ته اڇو گل سونگهڻ سان هن کي ڪو به ماڻهو ڪونه ڏسندو ۽ سائو گل سونگهڻ سان وري سڀڪو کيس ڏسي سگهندو. هاڻي وڃ خدا تنهنجو نگهبان آهي. پوءِ عمر، نيرل کان موڪلائي پنهنجي ملڪ روانو ٿيو. ڳوٺ پهچي هن ڏٺو ته شاديءَ جي تياري ٿي رهي آهي. اهو ڏسي عمر پنهنجيّ مڱڻهار کي سيکاري موڪليو. جنهن اتي وڃي چيو ته شادي ته عمر سومري جي، ٻيون مڙئي شادڙيون. تڏهن هنن پڇيو ته: ان شاديءَ ۾ ڇا هو؟ مڱڻهار چيو ته: ايترا ته شراب ڪباب هئا جو ڪنوار کان سواءِ ٻين سڀني خوب کاڌو پيتو. هنن به اهو ٻڌي يڪدم شراب گهرايو. پوءِ ته ايترو کاڌائون پيتائون جو سڀ نشي ۾ الوٽ ٿي ڇا جو ڇا بڪڻ لڳا. عمر اهو موقعو ڏسي اڇو گل سونگهي، ماڻهن جي نظر کان غائب ٿي گهرن ۾ آيو، اتان گيگل کي کڻي ٻاهر نڪتو ۽ سڌو پنهنجي اٺن جي وڳ ۾ اچي، اتي ڳاهه ڏنائين:

 

ڪنهن ۾ ٻڌان سونا گهنگهرا، ڪنهن ۾ ٻڌان منهنجي لـڄ،

ســـــؤ راتــيـــن جـــو پــنـــڌ، مـــون کــي پــهــچــائــي رات اڄ.

(ڪهڙي اٺ ۾ سونا گهنگهرا ٻڌان ۽ پنهنجي ڪنوار سميت مٿس چڙهي ويهان، جو سؤ راتين جو پنڌ مون کي هڪڙيءَ رات ۾ پڄائي). تنهن تي هڪڙي گونري جواب ڏنو ته:

مون ۾ ٻڌ سونا گهنگهرا، مون ۾ ٻڌ پنهنجي لـڄ،

ســـؤ راتــيـــن جــو پــنــڌڙو، آءٌ پـهـچـائـيـنـــدس اڄ.

پوءِ عمر ان اٺ تي ساڄ وجهي تيار ٿي گيگل کي چاڙهي روانو ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ واهر به ان جي پوئتان نڪتي. جيئن ته واهر وارا سڀ نشي ۾ چـُـور هئا، تنهنڪري عمر کي پهچي ڪين سگهيا. عمر خير سلامتيءَ سان وڃي روغان جي شهر ۾ پهتو. اتي پهچي گيگل سان نڪاح ڪري خوش رهڻ لڳو.

اهڙيءَ طرح عمر کي اتي رهندي ڪافي وقت گذري ويو. هڪ دفعي برسات جي مند ۾ عمر بادشاهه محلات تي ويٺو هو ته اتر طرف کان کنوڻ ۽ گجگوڙ ٿي. اها حالت ڏسي هن جي من ۾ آنڌ مانڌ ٿي ۽ هن کي پنهنجو وطن ياد اچڻ لڳو، ۽ وطن جي وڇوڙي ۾ هن جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا. هيءُ انهيءَ حالت ۾ ويٺو هو ته مٿان نيرل اچي بيٺي. نيرل هن جي حالت ڏسي ڊڄي وئي ۽ هٿ ٻڌي عمر کان انهيءَ جو سبب پڇيائين. عمر جواب ڏنو ته: اي نيرل! وطن جي يادگيريءَ ۾ اهڙو حال ٿيو اٿم. عمر جو اهو جواب ٻڌي، نيرل يڪدم پنهنجي پيءُ وٽ وئي ۽ کانئس عمر سان گڏ سنڌ وڃڻ جي اجازت گهريائين. پيءُ جو ارادو ته ڪين هو، پر نيرل جي گهڻي زور تي کيس مس مس اجازت ڏنائين.

آخر هڪڙي ڏينهن هو ٻئي ڄڻا سهي سنڀري سنڌ ڏانهن روانا ٿيا. ان ڏينهن تي نيرل جون سڀ سهيليون ۽ مٽ مائٽ اچي سوڙها ٿيا. نيرل جي روانگيءَ وقت سندس ماءُ هيءَ ڳاهه ڏني:

Text Box: 290

 

Text Box: 291

 

اچي مڙو ڏاڏي پوٽيون، ساٺ ڪريو ساري،

 

نــيــرل وڃــي ٿــي ســاهـــريــن، عـمـر آڌاري.

وري چيائين ته:

ڦـٽو شـهـر روغــانيءَ جـو، اڏيو عمرڪوٽ ڙي،

ڌيءَ مانجهي ملير جي، وڃي گڏي گهوٽ ڙي.

ان بعد نيرل ۽ گيگل کي وٺي، عمر خير سلامتيءَ سان عمرڪوٽ ۾ اچي پنهنجي مائٽن سان مليو.

 

_______


 

* ”تاريخ طاهري“، فارسي متن، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ تان ورتل.

* تحفة  الڪرام“ مطبوع سنڌي ادبي بورڊ تان ورتل.

* هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي) عمر ڪوٽ مان محمد عمر ‘معمور’ يوسفاڻي کان ملي.

 

  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

PREFACE : Dr. N.B Baloch  --  مهاڳ؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ  --  مقدمو؛ ڊاڪٽر نبي بخش

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org