سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 2 3

صفحو ؛ 2

ڏمڻ سونارو 2- *

 

سومرن جي زماني ۾، سنڌ جي هڪڙي حـصي تي، دلوراءِ راجا راڄ ڪندو هو. راجا وٽ دولت جي ڪمي ڪانه هئي، مگر دل جي سچي خوشي يعني اولاد جي نعمت کان محروم هو. ڪيترائي پير فقير پڇيائين، پر وريو سريو ڪي به ڪونه. هڪڙي ڏينهن راجا جي ملڪ ۾ جوتشين جو هڪڙو ٽولو آيو، جن جو نالو، ٿورن ڏينهن ۾ شهر جي سڀني ماڻهن جي زبان تي اچي ويو. راجا به قسمت جي حال پڇڻ لاءِ انهن نجومين کي گهرائي پڇو ته: اوهان حساب ڪري ٻڌايو ته مونکي اولاد ٿيندو يا نه؟ نجومين، شاهي حڪم ٻڌي پنهنجا ڪتاب اٿلائڻ پٿلائڻ لڳا. ڪجهه وقت کان پوءِ حساب ڪري جواب ڏنائون ته:

ڍر ڍارا،   چـــڪ   پـــــــــريــــن، چــــــــڪـيــا چــاڪ چـــــڪـــن،

ڌيءَ دلوراءِ بادشاهه جي، جنهن جو لکيو مسلمانن،

مـــون   مـــن   آهـــي مــوهـيـو،   مـــوهـــي   ســونــارن   الا.

راجا نجومين جي اها ڳالهه ٻڌي باهه ٿي ويو ۽ وري نجومين کان پڇيائين ته: اهي سونارا ڪٿي آهن؟ جوتشين حساب ڪري ٻڌايو ته: جيئندا قبلا! اهي هن ئي شهر ۾ رهن ٿا، ڪل ست ڄڻا آهن. هڪ پيءُ آهي جنهن جو نالو ڏمڻ آهي ۽ ڇهه سندس پٽ آهن. راجا نجومين کي اجازت ڏيئي بروقت ڏمڻ ۽ سندس پٽن کي گرفتار ڪري درٻار ۾ آڻڻ جو حڪم ڏنو. بس حڪم جي دير هئي، سپاهي ويا سي سڀني سونارن کي ٻڌي درٻار ۾ آڻي پيش ڪيائون. راجا نجومين جي فيصلي کي ڪوڙو ڪرڻ لاءِ ڏمڻ جي ڇهن ئي پٽن کي مارائي ڇڏيو ۽ ڏمڻ کي سزا طور شهر نيڪالي ڏني. ڏمڻ ويچاري کي اوچتي مصيبت کان ڏاڍو ڏک ٿيو، پر رضا تي راضي رهي، پنهنجي زال سميت هڪ طرف روانو ٿي ويو. ڪڏهن هڪڙي شهر ۾ ته ڪڏهن ٻئي شهر ۾ ائين ڀٽڪندو ڏکيو سکيو وقت گذاريندو رهيو. هڪڙي ڏينهن خيال ڪيائين ته ڇو نه نالو ۽ ذات بدلائي وڃي ساڳئي ملڪ ۾ رهان، ايئن ڪرڻ سان پرديس جي مصيبتن کان ته ڇٽي پوندس. اهو خيال ڪري وري اچي پنهنجي اڳئين شهر ۾ رهڻ لڳو.

 

هوڏانهن نجومين جي ڪيل اڳڪٿي ڪانه گٿي ۽ ٿورين گهڻين ڏينهن راجا دلوراءِ کي چنڊ جهڙي سهڻي ڌيءَ ڄائي. هيڏانهن وري ڏمڻ کي ٻه سدا ملوڪ جاڙا پٽ ڄاوا. ڏينهن پٺيان راتيون، راتين پٺيان هفتا، مهينا ۽ سال گذرندا ويا، ڇوڪرا اچي سمجهه ڀريا ٿيا. ڏمڻ کي راجا جو اڃان ڊپ هو، سو هنن ٻارڙن کي گهر کان ٻاهر ڪڍندو ئي ڪونه هو. هنن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ هڪ استاد رکيائين جو لڪ ڇپ ۾ پيو پڙهائيندو هون. اٺين اٺين ڏينهن، ٻئي ڇوڪرا پنهنجي استاد سان گڏجي، شهر گهمڻ ويندا هئا، پر جنهن پاسي راجا جو باغ ۽ محلات هو، ان طرف وڃڻ لاءِ ڏمڻ جي سخت منع ٿيل هئن، ان لاءِ ته متان ڪو نئون ممڻ نه مچي پوي.

 

Text Box: 16

 

هڪڙي ڏينهن، ڇوڪرن گهمندي گهمندي پنهنجي استاد کي چيو ته: هيءُ سڀئي پاسا ته اسان گهميا آهن، اڄ هن پاسي هلنداسون، ڏسون ته انهيءَ پاسي آهي ڇا! استاد کين گهڻوئي سمجهايو، پر هيءُ ضد کان نه لٿا. نيٺ لاچار ٿي استاد کين شاهي باغ ڏانهن وٺي ويو. ڇوڪرن ههڙو باغ ڏسي اندر هلڻ لاءِ زور رکيو. هاڻي سندن استاد کي به اچي ڊپ ورايو، پر ٻارن کي ڪير سمجهائي! ڊڄندي ڊڄندي ٻارن کي شاهي باغ ۾ وٺي ويو. اتفاق سان، ان ڏينهن شهزادي به پنهنجين ساهيڙين سميت باغ جو سير ڪرڻ آئي هئي. گهمندي گهمندي شهزاديءَ جي نظر به وڃي هنن ڇوڪرن تي پيئي. هوڏانهن وڏي ڀاءُ جي نظر به شهزاديءَ تي پيئي. سندن استاد جو ساهه هيٺ ساهه مٿي... حيران ٻنهي کي ڏسندو رهيو، جڏهن ڏٺائين ته، نه ٿي شهزادي چري، ۽ نه ئي ٿو ڇوڪرو هلڻ جي ڪري، تڏهن ٻنهي ڀائرن کي ٻانهن کان وٺي زوريءَ گهر ڏانهن موٽڻ لڳو. واٽ تي هنن کي سندن ڇهن ڀائرن جي ڪسجڻ، مائٽن جي شهر نيڪالي ۽ وري موٽي اچڻ جي سڄي حقيقت ڪري ٻڌايائين. پر وڏي ڀاءُ تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيو.

 

گهر پهچڻ شرط استاد ڏمڻ کي باغ واري ڳالهه ٻڌائي ۽ ڇوڪرن کي وڌيڪ پڙهائڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته: جيڪڏهن راجا کي خبر پيئي ته مون کي مارائي ڇڏيندو. ڏمڻ هن کي سمجهايو ته: ٻار آهن، ڪجهه تون سمجهائين، ته ڪجهه وري آءٌ ٿو هدايت ڪريان، ڌڻي ڪندو ته وري اهڙو ارادو نه ڪندا. خير، استاد وري به پڙهائڻ لاءِ انجام ڪري هليو ويو.

ڏمڻ جو وڏو پٽ جو شهزاديءَ تي پهرين نظر ڏسڻ سان اڪن ڇڪن ٿي پيو هو، تنهن نه ٿي ماني کاڌي نه ٽڪي. سنجهي صبح بس شهزادي جي تات هئس. سندس ننڍو ڀاءُ گهڻوئي سمجهائيندو هوس ته: ادا، انهيءَ شهزاديءَ جي پيءَ پنهنجن ڀائرن کي مارائي ڇڏيو ۽ پنهنجن مائٽن کي به ملڪ مان تڙائي ڪڍيو، هاڻي وري ڪا مصيبت نه کڙي ٿئي، ان ڪري تون انهيءَ ڳالهه تان لهي وڃ. پر وڏو ڀاءُ هن جي هر ڳالهه جي جواب ۾ چوندو هو ته:جيتسائين آءٌ هن کي نه ڏسندس تيسين منهنجي دل کي ڪڏهن به آرام نه ايندو. وڏي ڀاءُ جو اهو جواب ننڍو ڀاءُ پنهنجي کي ٻڌائيندو هو، جو وري پنهنجي سر پٽ کي نصيحت ڪندو هو ته:

اڪ نه ڏجي ڏاندڻو، سپ نه کائجي ماس،

ات نـه لائجي دوسـتي، جـتي جـيءَ وڻاس،

 

مون من آهي موهيو، موهـي سونـارن الا.

 

پر ڇوڪري کي رڳو شهزادي جي يادگيري هئي، ٻيو مڙوئي ٿيو خير.

هوڏانهن شهزاديءَ سان به ساڳيو حال هو. نه کائڻ نه پيئڻ، سڄو ڏينهن هن جي يادگيري ۽ کٽ وٺيو پيئي هوندي هئي. نيٺ وڃي طبيبن جي تات پيئي. شاهي حڪيمن، سنياسي فقيرن هزارين حيلا هلايا، مگر شفا نه ٿيڻي هئي سا نه ٿي. آخرڪار راجا نجومين کي گهرايو، جن پوٿيون پٽي، ڍارا هڻي ٻڌايو ته: مهاراج! تنهنجي ڌيءُ ڏمڻ سوناري جي پٽ تي عاشق ٿي پيئي آهي. راجا عجب ۾ پئجي ويو ۽ چيائين ته ڏمڻ سوناري جا پٽ ته مون مارائي ڇڏيا. نجومين ڍارا هنيا ۽ حساب ڪري جواب ڏنائون ته:

ٽــــپ    ٽــپــڻــي   دار هــنــيــو،    ٻــانـڀــــڻ    پــــوٿـيــــدان،

ڌيءَ دلوراءِ بادشاهه جي، جنهن جو لکيو مسلمان،

مــون مــن آهـــي مــوهـيــو، مـــوهـــي سـونــارن الا.

مهاراج! ڏمڻ سونارو ملڪ برابر ڇڏي ويو هو، مگر گهڻي وقت کان وري اچي هن شهر ۾ رهيو آهي ۽ ان کي ٻه تمام سهڻا پٽ آهن. بادشاهه اچرج ۾ پئجي ويو، وري به خاطري ڪرڻ لاءِ نجومين کان پڇيائين ته: ڀلا اهي سونارا رهن ڪٿي ٿا؟ نجومين جواب ڏنو ته مهاراج! اهي سڀئي هڪ بند جاءِ ۾ رهندا آهن. ڏمڻ جو پٽ پڻ شهزادي جي ساروڻي ۾ بيمار گذاري ٿو. راجا اهو ٻڌو دورانديشي ڪري، شهزاديءَ کي شهر جي هڪ امير ڪلانچ سان مڱائي ڇڏيو، جو شهزادي جي عشق جي حقيقت کان بيخر هو.

Text Box: 18

 

راجا انهيءَ مڱڻي جي موقعي تي عام خاص ماڻهن لاءِ، شاهي باغ گهمڻ جو اعلان ڪيو ۽ اندروني طرح سان ڏمڻ سوناري جي ڇوڪرن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ چاري پڻ مقرر ڪري ڇڏيا. ڏمڻ جي ڇوڪري به باغ گهمڻ جي سنبت ڪئي. پيءُ گهڻوئي کيس روڪيو پر ڇوڪرو پنهنجي هوڏ تان هيٺ نه لٿو، نيٺ لاچار ٿي ڏمڻ پاڻ هن کي باغ گهمائڻ لاءِ وٺي آيو. گهمندي گهمندي باغ جي هڪ تلاءُ تي اچي پهتا، جتي شهزادي پنهنجين سرتين سميت طرحين گلن سان دل وندرائي رهي هئي. اوچتو هوا جي هڪ جهوٽي سان شهزاديءَ جي مٿي تان پوتي لهي ويئي، ڏمڻ اهو ڏسي ٽوڪ سان چيو ته:

 

کـڻ ڳوري، ڪر ڪپڙا، ويٺينءَ کولي وار،

ڍڪ پنهنجا ڍولڻا، ڪـُـهين نه ڪلهڙا ٻار،

مــون مـن آهي موهيو، موهي سونارن الا.

پيءُ جي واتان ههڙا لفظ ٻڌي ڇوڪري به اوڏانهن نهاريو. سامهون شهزاديءَ کي ڏسي، بنا ڪنهن ڊپ جي وڃي ساڻس مليو، پهرين ته هڪٻئي کي ڏسندا رهيا، پر پوءِ شهزاديءَ اشارن ۾ چيس ته: هيترا ڏينهن ڪٿي هئين؟ ڇوڪري جواب ڏنو ته: آءٌ سڄو ڏينهن گهر ۾ بند پيو آهيان، مونکي مائٽ ٻاهر نه ٿا ڇڏين. شهزاديءَ چيس ته: تون مون کي پنهنجي گهر جو ڏس ڏي، پوءِ آءٌ پاڻهي تو وٽ اينديس. ڇوڪري کان سندس گهر جو ڏس پڇي شهزاديءَ کيس چيو ته: رات آءٌ تنهنجي مهمان آهيان، ڇوڪرو اهو ٻڌي سرهو ٿيو. ايتري ۾ ڏمڻ اچي رسيو ۽ پٽ کي گهلي گهر ڏانهن وٺي ڀڳو ۽ شهزادي به هنن جي وڃڻ بعد جلد ئي محلات ڏانهن موٽي ويئي.

رات ٿي، ته شهزادي هار سينگار ڪري، بازار وارو رستو ڏيئي، ڏمڻ جي گهر ڏانهن وڃڻ لڳي. جڏهن بازار جي اڌ ۾ آئي، تڏهن هڪ دڪاندار، جو پنهنجي دڪان جو حساب ٺاهي رهيو هو، هن حور کي آڌيءَ رات جو اڪيلو بازار مان ويندي ڏٺو، سو پهرين ته ڏاڍو حيران ٿيو، پر پوءِ همت ڪري چيائينس ته:

هـيڏڙي بازار ۾، تنهنجو هار به چلڪـا ڏئي،

جي پير ڀرين منهنجي هٽ تي ته لک لٽايان،

مــون مـن آهـي مـوهيـو، مـوهـي سـونـارن الا.

 

شهزاديءَ ڪاوڙجي جواب ڏنس ته:

 

اي بــــابــي جـــــا واڻــيــــا! تـون نــــــه ايــــــڏو ويــڻ هـــــل،

ٿئي سڀاڻي ڏينهڙو، تـنهنجي بـُـهه   ڀرايان کل،

مـــون  مــن   آهــي   مــوهــيـو،  موهي  سونارن  الا.

دڪاندار ڏٺو ته مار، هيءَ ته بادشاهزادي آهي، سو اچي سر سان لڳس، ڊپ وچان شهزاديءَ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ معافيءَ لاءِ آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳو. شهزاديءَ چيس ته: آءٌ توکي انهي شرط سان معاف ڪنديس ته تون مون کي ڏمڻ سوناري جي گهر تائين وٺي هلين. انڌو ڇا گهري ٻه اکيون، ٿوري ۾ ئي جند ڇٽيس، سو حاضر چئي شهزاديءَ کي ڏمڻ جي گهر پهچائي آيو. انهي وقت مينهن پئي وٺو، سو شهزاديءَ ڏمڻن جي گهر جو در کڙڪائي چيو ته:

جهرمر وسي مينهڙو، منهنجو پـُـسي پـُـٽ پڙو،

مـان تـه بــيٺس بـازار ۾، تون اٿي لاهه ڪـڙو،

مـون مـن آهـــي مــوهـيـــو، مـوهـي سـونارن لا.

اهو آواز جڏهن ڏمڻ جي ڪن تي پيو تڏهن جواب ڏنائينس ته:

ڪئين لاهيا مان ڪڙو، منهنجو سـُـڪي ٿو ساهه،

ڇـهـه اڳـيــئــي مــاريــا، تـون هــاڻـي هــــن پـٺـيــاءُ،

مـون مــن آهـي مـوهـيــو، مــوهــــي ســــونــــارن لا.

Text Box: 20

 

ڏمڻ جي پٽ ڏٺو ته بابو ڪڙو نٿو لاهي، سو ڇري کڻي پنهنجي پيٽ تي رکي چيائين ته: جي ڪڙو نه لاهيندا ته آءٌ پاڻ کي ماري ڇڏيندس. لاچار ڏمڻ در کوليو، ۽ شهزادي اندر لنگهي آئي. ڏمڻ ڊڄندي ڊڄندي چيس ته: شهزادي! ڪڪڙن جي ٻانگ کان اڳ هلي وڃجانءِ. شهزادي اها ڳالهه قبول ڪري وڃي پنهنجي محبوب سان ملي. انهي وچ ۾ ڏمڻ جو ساهه ئي سـُـڪيو پيو هو. نيٺ جڏهن گهڻو وقت گذري ويو ته ڏمڻ ڇا ڪيو جو کـُـڏ تي چڙهي، ميڻ - تـَـهو وڄائي ڪڪڙ جي ٻانگ وانگر آواز ڪرڻ لڳو، جنهن تي شهزاديءَ چيو ته:

 

ڪـوڙا ڪـڪـڙ! ڪوڙ ٻولين، اڃا آڌي رات،

اسـان پـريـن پـاڻ ۾، ڳـالـهيـون ڪيون وات،

مـون مـن آهـي مـوهـيـو، مـوهـي سـونارن لا.

لاچار ويچارو ڏمڻ ماٺ ڪري ويهي رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ وري به ڏمڻ کان رهيو ڪونه ٿيو ۽ ساڳي طرح ڪوڙي ٻانگ ڏنائين، جنهن تي شهزاديءَ وري چيس ته:

ڪــوڙا ڪـڪــــڙ ڪـــوڙ ٻــولـيـن، اڃــا آڌي رات،

پڃر ڪرئي ڪنڌ تي، تنهنجا کنڀ ٻلي جي وات،

مـــون مــن آهــي مــوهيــو، مــوهـــي ســونــارن الا.

ڏمڻ نيٺ ڪڪ ٿي آسرو لاهي سمهي رهيو. هيڏانهن هن قرب وارن کي ڪچهري ڪندي اچي پرهه ڦٽي، شهزادي ڇوڪري کان موڪلائي واپس محلات ڏانهن موٽي. اتفاق سان هن کي سندس منڱيندي هن طرح اڪيلو ويندو ڏسي ورتو، هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، سو نه ڪيائين هم نه تم سڌو وڃي راجا سان سموري ڳالهه ڪيائين. راجا ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو ۽ يڪدم سونارن جي مارائڻ لاءِ هڪڙو کوهه کڻائي، ان ۾ نيزا، بڙڇيون ۽ ٻيا تکا اوزار اُڀا کوڙائي ڇڏيائين. شهزاديءَ کي جو انهي ڳالهه جي خبر پيئي، تنهن هڪ رازدار ٻانهيءَ جي وسيلي پنهنجي محلات مان ڳجهي سرنگهه هڻائي، کوهه مان سڀ تکا اوزار ڪڍائي، منجهس گاهه ۽ ڪپهه رکائي ڇڏيائين. ٿورن ڏينهن کان پوءِ بادشاهه، ڏمڻ کي سندس پٽن سميت قيد ڪرائي، کڻي انهيءَ اونداهيءَ کوهه ۾ اڇلارايو. پر جيئن ته شهزاديءَ سندس بچاءُ لاءِ اڳ ۾ ئي بندوبست ڪري ڇڏيو هو، تنهن ڪري هنن کي ذرو به ڌڪ نه لڳو.

رات جو شهزادي ڳجهي سرنگهه رستي هنن سان اچي ملي، سڀئي پاڻ ۾ ملي ڏاڍا خوش ٿيا. پوءِ کين تيار ڪري پاڻ سان وٺي، گهڻو مال متاع کڻي، تيز گهوڙن تي چڙهي دلوراءِ جي نگري ڇڏي وڃي ٻئي ملڪ ۾ رهيا، جتي سڄي عمر امن ۽ آرام سان گذاريائون.

Text Box: 21

 

 

 

 


 

 


 

 

 


 

3- سونل 1- *

 

ڳالهه ٿا ڪن ته آڳاٽي زماني ۾ ڪنهن ننڍي ڳوٺـڙي ۾ هڪ سهڻي ڇوڪري پنهنجي ستن ڀائرن سان رهندي هئي. هن جا وار سونا ۽ ڊگها هوندا هئا، تنهن ڪري ماڻهو کيس ”سونل“ سڏيندا هئا. سندس ستئي ڀائر ڏاڍا پهلوان هوندا هئا، جي روزانو صبح جو پنهنجي ڪم تي ويندا هئا ۽ شام جو موٽي ايندا هئا. سونل وري گهر جو ڪم ڪار ڪندي هئي.

هڪڙي ڏينهن، هڪڙو وڏو ديو اڏامندو پئي ويو ته سندس نظر وڃي سونل تي پيئي. ديو کيس ڏسڻ شرط عاشق ٿي پيو ۽ لهي وٽس آيو. ديو کي ايندو ڏسي، هن کي ڏاڍو ڊپ ٿيو، پر دل جهلي چيائينس ته: ”مئا ديو! هتي ڇو آيو آهين؟ هتان هليو وڃ نه ته منهنجا ڀائر ٻوٽي ٻوٽي ڪري ڇڏيندئي.“ ديو کلي چيس ته: چري، ڪنهن کي به طاقت نه آهي جو منهنجي وار جو به ڪو نالو وٺي سگهي. تون اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، اچ ته پاڻ ۾ قرب جون ڳالهيون ڪريون. سونل هراسجي ويئي ۽ ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهي. آخر ديو چيس ته: مون سان شادي ڪر، آءٌ توکي هر طرح سکيو رکندس. پر سونل کيس صفا انڪاري جواب ڏيئي ڇڏيو. ديو کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ ڇا ڪيائين جو گهر جو ٻاهريون در بند ڪري، سئي ڌاڳي سان سونل جون اکيون سبي، سندس ڊگهن وارن کي ٿنڀ سان ٻڌي ڇڏيائين ۽ پاڻ هن جي گوڏن تي سمهي رهيو. شام جو سونل جا ڀائر ڪم تان موٽيا، تن اچي در کڙڪايو ۽ چيائون ته:

 

 

ادي سونل، ادي سونل! در لاهه، ڏيو ٻار.

 

ڀائرن جو آواز سڃاڻي، سونل اندران جواب ڏنو ته:

ادا ڙي ادا! اکـــيـــون ســئــيءَ سـبـيـون،

چوٽو ٿنڀ ٻڌو، راڪاس گوڏڙي ستو.

راڪاس جو ٻڌي هنن ويچارن کي ڏاڍو ڊپ لڳو ۽ ڊنا ته جي اندر وينداسين ته راڪاس ماري ڇڏيندو، سو انهيءَ ڊپ ڪري واپس هليا ويا ۽ وڃي ٻئي هنڌ رات گذاريائون.

ٻئي ڏينهن به ستئي ڀائر شام جو وري آيا، ۽ ڊڄندي ڊڄندي در تي بيهي ڀيڻ کي سڏيائون:

ادي سونل، ادي سونل! در لاهه، ڏيو ٻار.

ڀائرن جو آواز ٻڌي، سونل وري به ساڳيوئي جواب ڏنو ته:

ادا ڙي ادا! اکـــيـــون ســئــيءَ سـبـيـون،

چوٽو ٿنڀ ٻڌو، راڪاس گوڏڙي ستو.

اهو ٻڌي ويچارا ڀائر وري به ماٺ ڪري موٽي ويا. اهڙي طرح روزانو ايندي ويندي هنن کي ڇهه مهينا گذري ويا. ديو به ڪو ڇهه مهينا ننڊ ڪندو ۽ ڇهه مهينا جاڳندو هو، تنهن جي ننڊ به اچي پوري ٿيڻ واري هئي.

سونل جي ڀائرن ڏٺو ته ديو ننڊ مان جاڳي سونل کي کڻي هليو ويندو، اهو خيال ڪري ارمان ۾ پئجي ويا ته ’ الا! سونل جهڙي ڀيڻ اسان کي وري ڪٿان ملندي؟ ‘  سو خيال ڪيائون ته ڪنهن به طرح ديو کي ماري سونل کي ڇڏائجي. پوءِ جي ديو سان وڙهندي مئاسين ته ڀيڻ تان صدقو ٿياسين. اهو خيال ڪري ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا کڻي پنهنجي گهر جي در تي آيا ۽ ڪڙو کڙڪائي ڀيڻ کي چيائون ته:

ادي سونل، ادي سونل! در لاهه، ڏيو ٻار.

Text Box: 24

 

سونل ويچاري تمام هيڻي آواز ۾ کين جواب ڏنو ته:

 

ادا ڙي ادا! اکـــيـــون ســئــيءَ سـبـيـون،

چوٽو ٿنڀ ٻڌو، راڪاس گوڏڙي ستو.

سونل جو جواب ٻڌي پڪ ٿين ته ديو اڃا ستو پيو آهي، پوءِ در ڀڃي گهر ۾ گهڙي آيا. ديو کي ستي ئي اچي ورتائون. هڻي هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيائونس. ديو جي مرڻ کان پوءِ ڀيڻ کي ٿنڀ مان ڇوڙي گهر وٺي آيا، اتي هڪ ٻئي سان ملي باقي حياتي آرام سان گذاريائون.

 


 

*ڏمڻ سوناري‘ جي هن ڳالهه جي روايت وچولي (تعلقي شهدادپور) مان ميرحسن ’ سڪايل‘ وٽان ملي.

* سونل‘ جي هيءَ روايت حيدرآباد شهر مان زبيده بيگم شيخ کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org