سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 4 5 6

صفحو ؛ 3

4سونل 2- *

 

ڪنهن زماني ۾، هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪ شخص رهندو هو، جنهن کي ست ڀائر هئا ۽ هڪڙي ڌيءَ هي. سونهن ۽ سوڀيا ۾ ان ڇوڪريءَ جهڙي ڪا ورلي هوندي. سندس وار به سڄا سونهري هئا، جنهن ڪري کيس سڏيندائي ’ سونل ‘  هئا.

هڪڙي ڏنهن سونل پنهنجي سهيلين سان گڏجي ڀرواري تلاءَ تي وهنجڻ ويئي، اتي وهنجندي سندس مٿي جو هڪ وار تلاءُ ۾ ڪري پيو. جڏهن سانجهيءَ جو سندس وڏو ڀاءُ ان تلاءُ تي گهوڙي کي پاڻي پيارڻ ويو ته کيس پاڻيءَ ۾ اهو وار ترندو نظر آيو. سونو وار ڏسي هو حيران ٿي ويو ۽ خيال ڪرڻ لڳو ته، ’ جنهن جا وار ئي سونا آهن سا ڪيتري قدر نه سهڻي هوندي، اها ڳالهه ڳڻي، دل ۾ پڪو پهه ڪيائين ته انهيءَ ڇوڪريءَ سان ضرور شادي ڪندس. سو ڇا ڪيائين جو اهو وار کڻي سڌو گهر آيو ۽ ماءُ کي چيائين ته: اما! جنهن ڇوڪريءَ جي مٿي جو هي وار آهي، ان سان منهنجي شادي ڪراءِ. ماڻس اهو وار سڃاتو ۽ پٽ کي چيائين ته: ابا! چريو ته ڪين ٿيو آهي! هي وار ته سونل جو آهي، تنهن ڪري ڀيڻ سان ڪيئن شادي ڪندين؟ اهو ٻڌي هن جا طاق لڳي ويا، پر دل ۾ جيڪو ارادو ڪيو هئائين تنهن کي به ڇڏڻ چڱو نه سمجهيائين، سو ضد ڪري بيٺو، چئي: ڇا به هجي، شادي ڪندس ته سونل سان، نه ته سڄي عمر ائين گذاريندس.

Text Box: 26

 

ماءُ ويچاري ارمان ۾ پئجي ويئي، پٽ کي ڪيتروئي سمجهايائين، پر هو ضد تان نه لٿو، ۽ چيائين ته: جيستائين مون کي سونل نه پرڻائيندينءَ، تيستائين نه کائيندس نه پيئندس. آخر ائين ڪيترا ڏينهن گذري ويا ۽ ڇوڪرو جيئن پوءِ تيئن ويو تمام ڏٻرو ٿيندو. هڪڙي ڏينهن ماڻس ۽ پڻس پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته جيڪڏهن موڀي پٽ جي اها ڳالهه نه مڃبي ته مري ويندو، تنهن ڪري کڻي هائو ڪجي. اها صلاح ڪري پٽ کي چيائون ته: ابا! هاڻي تون دلجاءِ ڪر اسين جلدئي تنهنجي شادي سونل سان ڪرائينداسين. ڇوڪرو اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اُٿي کائڻ پيئڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لڳو.

 

اها خبر جڏهن سونل ٻڌي، تڏهن سندس پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، ڏاڍو ڏک ٿيس. هن گهڻيئي ماءٌ پيءُ کي سمجهايو پر هو ويچارا به ڇا ٿي ڪري سگهيا. جيئن جيئن شاديءَ جا ڏينهن ويجها ٿيندا ويا تيئن سونل تي ڳڻتين جا گهر چڙهندا ويا. آخر شاديءَ جو ڏينهن اچي پهتو، سونل ڇا ڪيو جو صبح جو ماٺ ماٺ ڪري گهر جي پٺئين پاسي واري وڻ تي چڙهي وڃي ويهي رهي. شاديءَ وقت سڀني سونل کي ڳوليو پر هوءَ گهر ۾ هٿ ئي ڪونه آين. نيٺ ڳوليندي ڳوليندي هن کي وڻ تي ويٺل ڏٺائون، سڀني صلاح ڪري پهريائين ماڻس کي موڪليو ته سونل کي پرچائي وٺي اچي. ماڻس جڏهن وڻ جي هيٺان آئي تڏهن سونل چيس ته: اما ڙي اما! ڪيئن آئي آهين؟ ماڻس ورندي ڏني ته:

امـا سونــل، اما سـونـل! لـهـي آءُ، انـهـيءَ وڻ تــان لـهـي آءُ،

پنهنجي گهر دهل وڄن، ڌمر وڄن، وينڍن وارا گهوٽ نچن،

لهي آءُ، لهي آءُ.

اهو ٻڌي سونل مٿان جواب ڏنو ته:

امـا ڙي امـا! پـيءُ نـه ٿــئـي سـُــهــرو، مـاءُ نـه ٿـئـي ســـس،

اهــڙا جـي ٿـيـن ڪـيـس، تـه  پْوءِ ڏونـگــر ڪـيـئن نـه ڏري!

Text Box: 27

 

اهو ٻڌڻ شرط ماءُ جي دل کي اهڙو ته صدمو آيو جو اتيئي دانهن ڪري ڪري پيئي ۽ مري ويئي.

 

هوڏانهن وري جڏهن ماءُ نه موٽي، تڏهن وري پيءُ سونل کي وٺڻ لاءِ آيو، وڻ هيٺان اچي سونل کي سڏ ڪري چيائين ته:

امـا سونــل، اما سـونـل! لـهـي آءُ، انـهـيءَ وڻ تــان لـهـي آءُ،

پنهنجي گهر دهل وڄن، ڌمر وڄن، وينڍن وارا گهوٽ نچن،

لهي آءُ، لهي آءُ.

تنهن تي سونل پنهنجي پيءُ کي جواب ڏنو ته:

ابـا ڙي ابـا! مـاءُ نـه ٿـئـي ســس، پــيءُ نـه ٿـئـي سـُــهـرو،

اهــڙو جـي ٿـئي قــــهــــر، پوءِِ ڏونـگــر ڪـيـئن نـه ڏري!

اهو ٻڌي پڻس کي اهڙو ڏک ٿيو جو دانهن ڪري ڪري پيو ۽ وري نه اٿيو.

وري جڏهن پيءُ کي دير ٿي تڏهن وڏو ڀاءُ کيس وٺڻ آيو، ۽ وڻ هيٺيان بيهي ڀيڻ کي چيائين ته:

ادي سونــل، ادي سـونـل! لـهـي آءُ، انـهـيءَ وڻ تــان لـهـي آءُ،

پنهنجي گهر دهل وڄن، ڌمر وڄن، وينڍن وارا گهوٽ نچن،

لهي آءُ، لهي آءُ.

سونل مٿان جواب ڏنس ته:

ادا ڙي ادا! ماءُ نـه ٿـئـي ســـس، پـيءُ نـه ٿـئـي سـهــرو،

جي ڀاءُ ٿئي گهوٽ، ته اڃا ڏونـگــر ڪـيـئن نـه ڏري!

ڀاءُ، ڀيڻ جو اهو ويڻ ٻڌي نه سگهيو ۽ اتي ئي ڪري پيو. وري جڏهن ٻئي ڀاءُ ڏٺو ته ادو نه موٽيو، ته پاڻ ڀيڻ کي وٺڻ لاءِ آيو ۽ وڻ هيٺان بيهي، ڀيڻ کي ساڳيءَ طرح ليلائڻ لڳو. ان کي به ڀيڻس جواب ڏنو ته:

ادا ڙي ادا! ماءُ نه ٿئي سس، پيءُ نه ٿئي سهرو،

Text Box: 28

 

جـي ڀـاءُ ٿـئي، ڏيـر، ته ڏونـگـر ڪيئـن نـه ڏري!

 

اهو جواب ٻڌيندي ئي ڀاڻس کي به اهڙو ڏک ٿيو جو اتي جو اتي ڪري پيو ۽ مري ويو. اهڙيءَ طرح سڀ ڀائر ايندا ويا ۽ سونل کي لهڻ لاءِ ستائيندا ويا، ۽ سونل هر هڪ کي اهو جواب ڏيندي آئي. جنهن جي ٻڌڻ سان هنن جي دل کي اهڙو ته ڌڪ آيو، جو سڀ اُتي هڪٻئي پٺيان مري ويا. جڏهن باقي ننڍو ڀاءُ وڃي بچيو، تڏهن اهو به ڀيڻ کي وٺڻ لاءِ وڻ هيٺان اچي بيٺو ۽ ڏاڍي ڏک مان ڀيڻ کي چيائين ته:

ادي سـونل، ادي سـونل، لـهي آءُ لـهـي آءُ،

آءٌ تنهنجو ننڍڙو ڀاءُ، تون لهي آءُ لهي آءُ.

اهو ٻڌي سونل وڻ تان لهي آئي، ننڍڙي ڀاءُ کي ڳراٽڙي پائي روئڻ لڳي. وري جو پنهنجي مئل مائٽن تي نظر پيس سو هيڪاري ڏک ٿيس. پوءِ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي چيائين ته: منهنجي کاٻي هٿ جي آڱر مان ٿورو رت ڪڍي، هنن سڀني کي انهيءَ جا ڇنڊا هڻ. تنهن تي ڀاڻس سندس کاٻي هٿ جي آڱر کي ٿورو چهڪ ڏيئي، ان مان ٻه- ٽي ڦڙا رت جا ڪڍي، سڀني کي ڇنڊا هنيا ته سڀ چڱا ڀلا ٿي اُٿي ويٺا. اتي سڀئي هڪٻئي کي صحيح سلامت ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيا. وڏي ڀاءُ پڻ پنهنجي ڀيڻ سونل کان معافي گهري. پوءِ سڀ خوش ٿي پنهنجي گهر واپس آيا.

__________


 

 

Text Box: 29

 

 

 


 

5- سونل 3- *

 

ڪنهن ڳوٺ ۾ سونل نالي هڪڙي ڇوڪري پنهنجي ستن ڀائرن سان گڏ رهندي هئي، سندس وڏو ڀاءُ پرڻيل هو. هڪڙي ڏينهن سونل ڀاڄائي کان ريٽو کـُـهنبو وٺي، پاڙي جي ٻارن سان کيڏڻ وئي. راند ڪندي ڪندي ريٽو ڇيڻي ۾ ڀرجي پيس، سو مار ملڻ جي ڊپ کان وڃي تلاءُ تي ڌوئڻ لڳي. ريٽي کهنبي جي ڌوئڻ ڪري، سڄي تلاءُ جو پاڻي ڳاڙهو ٿي ويو.

ٿوري وقت گذرڻ کان پوءِ سونل جو وڏو ڀاءُ پنهنجي ڪميت گهوڙي کي وٺي ان تلاءَ تان پاڻي پيارڻ آيو، پر پاڻي ڳاڙهي هئڻ سبب گهوڙي نه پيتو. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيس ته سونل وڃي تلاءَ ۾ کهنبو ريٽو ڌوتو هو، جنهن ڪري پاڻي ڳاڙهو ٿي ويو آهي. اهو ٻڌي ڀيڻ تي ڏاڍو ڪاوڙيو، پر ماءُ جي ڊپ کان ماٺ ڪري ويهي رهيو.

Text Box: 30

 

ٿورن ڏينهن گذرڻ بعد سونل کي سزا ڏيڻ جي ارادي سان هن سونل ۽ ننڍي ڀاءُ کي چيو ته: هلو ته ناناڻن مان گهمي اچون ۽ ماءُ کي چيائين ته: اما! ادي سونل ۽ ادا ننڍي کي سنبرائي ته ٻنهي کي ناناڻن مان گهمائي اچان. ماڻس پهريائين ته نٿي ڇڏيو، پر آخر پٽ جي زور ڀرڻ تي موڪل ڏنائين. هي ٻنهي کي ساڻ ڪري ناناڻن جو رستو وٺي هلڻ لڳو. اڌ رستي تي پهچي، سڌو رستو ڇڏي، جهنگ ڏانهن وڃڻ لڳو. تنهن تي سونل چيس ته: ادا! ناناڻن جو ته رستو هي آهي، تون اسان کي ڪيڏانهن ٿو وٺيو هلين؟ اتي ڀاڻس دڙڪو ڏيئي چيو ته: ماٺ ڪري هل! هتان ويجهو رستو آهي. ڊپ ڪري هي ويچارا ماٺ ڪري هلندا رهيا. هلندي هلندي جڏهن گهاٽي جهنگ ۾ پهتا، تڏهن هن چيو ته: هاڻي ٿڪجي پيا آهيون، تنهن ڪري هتي ترسي ڪجهه آرام ڪريون، ائين چئي اتي ترسي پيا. پوءِ ننڍي ڀاءُ کي چيائين ته: تون وڃي جهنگ مان ڪاٺيون ڪري اچ ته ماني پچايون. ڀاڻس ڪاٺيون ڪرڻ ويو پٺيان هن ڪپ ڪڍي، سونل کي ڪـُـهي، کڏ کڻي، ان ۾ پوري ڇڏيو.

 

ننڍو ڀاءُ جڏهن ڪاٺيون ڪري آيو، تڌهن ان کي غمگين ٿي چيائين ته: ادا، سونل کي ته بگهڙ کڻي ويو. ننڍو ڀاءُ چالاڪ هو سو ڳالهه سمجهي ويو، پر انهيءَ وقت ڀاءُ جي ڊپ کان ڪونه ڪڇيو. گهر واپس اچي، وڏي ڀاءُ پنهنجي پوڙهي ماءُ کي روئي ٻڌايو ته: امڙ! اسين جهنگ مان پئي وياسين ته هڪڙو بگهڙ آيو، اوچتو اديءَ سونل کي کڻي هليو ويو، اسين ڏاڍي مشڪل سان جند ڇڏائي آيا آهيون، پر ننڍي ڀاءُ، ماءُ کي ٻڌايو ته: امان، ادا اديءَ کي ڪهي، کيس جهنگ ۾ پوري آيو آهي. اهو ٻڌي ماڻس ويچاريءَ ڏاڍيون دانهون ڪيون ۽ آخر ڌيءَ جي ڏک ۾ روئندي روئندي انڌي ٿي پيئي.

انهيءَ ڳالهه کي ڇهه مهينا گذري ويا، سانوڻ جا مينهن وٺا، جنهن ڪري گاهه ڦٽا، ميدان ساوا ٿيا ۽ چوڌاري ساوڪ ٿي وئي، خدا جي قدرت! جو جنهن هنڌ سونل پوريل هئي اتان هڪڙو مرلين جو وڻ ڦـُـٽو، جو آهستي آهستي وڌندو، وڏو ٿيندو ويو. انهيءَ وڻ ۾ ٻيون سڀ ننڍيون وڏيون مرليون ڦـِـڏيون هيون، پر وڻ جي چوٽيءَ ۾ هڪڙي سڌي، سنئين مرلي لٽڪيل هئي جو جنهن به هڪ ڀيرو ان کي ڏٺو ٿي، تنهنجي دل هرکجيو ٿي ويئي.

هڪڙي ڏينهن، سامي فقيرن جو هڪ ٽولو اتان اچي لنگهيو. انهن مان هڪڙي فقير جي نظر وڃي انهيءَ سڌي مرليءَ تي پيئي. فقير دل ۾ خيال ڪيو ته: اها مرلي ڪيئن به ڪري هٿ ڪجي. سو بهانو ڪري اتي ئي ترسي پيو. نيٺ سڀ جوڳي هليا ويا ۽ هي وڻ تي چڙهي ويو. اڃا مرليءَ ۾ هٿ وجهي پٽڻ تي هو ته ان مان نهايت مٺو ۽ ڏکارو آواز آيو ته:

Text Box: 31

 

سامي ٿي منگان، جوڳي ٿي منگان، ڪٺيس کاڌس وڏي ڀاءُ،

 

ڪــــل نـــه لــــڌڙي نــنــڍي ڀــــاءُ، ڏيـنــدي ڪــا بـاب بــکـيــــا؟

اهو ٻڌي فقير پهريائين ته ڊڄي ويو، پر پوءِ دل جهلي مرليءَ کي لاهي هيٺ کڻي آيو، ۽ اچي شهر ۾ پنڻ لڳو. پهرين پهرين وڏي ڀاءُ جي در تي آيو، اڃا مرلي کي وات تي رکي وڄايائين ٿي ته مرلي مان ساڳيو آواز نڪتو ته:

سامي ٿي منگان، جوڳي ٿي منگان، ڪٺيس کاڌس وڏي ڀاءُ،

ڪــــل نـــه لــــڌڙي نــنــڍي ڀــــاءُ، ڏيـنــدي ڪــا بـاب بــکـيــــا؟

وڏي ڀاءُ اهو ٻڌي چيو ته: آواز منهنجي ڀيڻ سونل جو آهي، پر اها ڪٿان آئي! آخر ٻاهر نڪري آيو ۽ ڏٺائين ته جوڳيءَ جي هٿ ۾ هڪ مرلي هئي، جنهن مان اهو آواز پئي نڪتو. هن جوڳيءَ کي ڏاڍيون منٿون ڪيون ۽ پيسا آڇيا ته: جيڪي به گهرين سو ڏيانءِ پر اها مرلي مون کي ڏي. پر جوڳي مرلي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. اتان ٿي جوڳي وري ٻئي ڀاءُ جي در تي آيو ۽ اتي به مرليءَ ساڳي صدا هنئي ته:

سامي ٿي منگان، جوڳي ٿي منگان، ڪٺيس کاڌس وڏي ڀاءُ،

ڪــــل نـــه لــــڌڙي نــنــڍي ڀــــاءُ، ڏيـنــدي ڪــا بـاب بــکـيــــا؟

صدا ٻڌي ٻيو ڀاءُ ٻاهر نڪري آيو. آواز سڃاڻي فقير کي چيائين ته: ڪيترو به ملهه انهيءَ مرليءَ جو وٺ ۽ مرلي مونکي ڏي. پر جوڳيءَ هڪ نه مڃي. نيٺ فقير کي خيرات ڏيئي، ڀاڻس واپس موٽي ويو ۽ جوڳي وري پنڻ لاءِ رمندو رهيو. اهڙي طرح جوڳي ڇهن ڀائرن جي درن تي آيو، ڇهن ڄڻن ئي پنهنجي ڀيڻ جو آواز سڃاڻي، جوڳيءَ کان مرلي وٺڻ جي هر طرح ڪوشش ڪئي پر هن ڏيڻ کان بنهه انڪار ڪري ڇڏيو.

Text Box: 32

 

نيٺ هلندي اچي سڀني کان ننڍي ۽ ستين ڀاءُ جي در تي صدا هنيائين:

 

سامي ٿي منگان، جوڳي ٿي منگان، ڪٺيس کاڌس وڏي ڀاءُ،

ڪــــل نـــه لــــڌڙي نــنــڍي ڀــــاءُ، ڏيـنــدي ڪــا بـاب بــکـيــــا؟

سونل جي ماءُ به ننڍي پٽ سان گڏ رهندي هئي، جا ڌيءُ جي ڏک ۾ روئي روئي انڌي ٿي پئي هئي. سا پنهنجي سڪيلڌي ڌيءُ سونل جو آواز سڃاڻي، ڀڄندي در وٽ آئي، اتي ننڍو ڀاءُ به اچي پهتو ۽ فقير کي چيائون ته: جوڳي! مرلي وري وڄا”. جوڳي وري به ساڳي صدا ٻڌاين. آخر ٻنهي ماءُ پٽن چيو ته: جوڳي اها مرلي اسان کي ڏي. پر فقير ڏيڻ جي نه پيو ڪري. نيٺ گهڻي ستائڻ تي فقير کين مرلي ڏني. ٻڍڙيءَ جوڳي کي ماني ٽڪي کارائي، پيسو ڏوڪڙ ڏيئي روانو ڪيو. رات ٿي ته ٻڍڙيءَ ڇا ڪيو جو اها مرلي کڻي گــُـنديءَ ۾ رکي ڇڏي. صبح جو اٿي ڏسي ته گـُـنديءَ ۾ سندس ڌيءَ سونل ويٺي آهي! کيس ڏسي، ڀاڻس ۽ ماڻس ڏاڍا خوش ٿيا. ماڻس جا روئي روئي انڌي ٿي ويئي هئي، تنهن کي به آهستي آهستي اکين ۾ نور پوڻ لڳو، وڏو ڀاءُ به پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿيو، ۽ پوءِ سڀئي پاڻ ۾ گڏجي خوش گذارڻ لڳا.

 

 

 

____________


 

 

Text Box: 33

 

 

 


 

6-راجڪمار ۽ ساهيچي *

 

ڪنهن شهر ۾ هڪڙو سوداگر رهندو هو، جنهن جي راجڪمار سان گهري دوستي هوندي هئي. سوداگر کي ’ساهيچي‘  نالي هڪ حسين زال هئي. زال مڙس ٻنهي ڄڻن جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار هوندو هو. هڪڙي ڏينهن سوداگر ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ٿي ويو، تنهن ڪري پنهنجي دوست راجڪمار کي گهر جي سڌ سماءَ لهڻ جي پارت ڪري ويو. سوداگر جي وڃڻ کان پوءِ راجڪمار روزانو گهوڙي تي چڙهي، سوداگر جي گهر جي ٻاهران هڪ ٻه چڪر هڻي موٽي ايندو هو.

هڪڙي ڏينهن ساهيچي پنهنجي محلات جي دريءَ وٽ وار بيٺي سـُـڪايا ته دستور موجب شهزادو به گهوڙي تي چڙهي انهيءَ وقت اچي اتان لانگهائو ٿيو. سندس نظر ساهيچيءَ تي وڃي پيئي. شهزادو، ساهيچيءَ جو حسن ڏسي حيران ٿي ويو ۽ اڳتي چري نه سگهيو. پر پوءِ جلد ئي پاڻ سنڀالي، مٿي ماڙيءَ تي چڙهي ويو ۽ وڃي ساهيچيءَ کي چيائين ته:

نگري! تون اولـي ٿـي، مـاڙي نهـاريـوم اڄ،

نڪا ڏيوَن ۾ ڏيوَل پـُـتري، نه راڻين ۾ رڄ.

(اي نينگري! تون لڪل هئينءَ، مون اڄ اوچتو ماڙيءَ ڏانهن نهاريو آهي، ڏسان ٿو ته تو جهڙي نه ڪا ديوي آهي ۽ نه وري راڻين ۾ ڪا توجهڙي سونهن آهي.)

راجڪمار جي ڳالهه ٻڌي، ساهيچي چوڻ لڳي ته:

Text Box: 34

 

اڄ اَٻــلا وٽ ڇــو آيـــا، ڪــهــڙو قـْيـو مـــون ڪـــامُ؟

 

مـَـهنتو تنهنجو گهر نا، مون شـُـڪل ورڻي رو شام.

(اي راجا! تون ڇو اڄ مون اَٻلا وٽ اڪيلو آيو آهين، تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟ جڏهن تنهنجو سنگتي، يعني مون سهڻيءَ صورت واريءَ جو محبوب گهر ۾ نه آهي.)

اها ڳالهه ٻڌي راجڪمار جواب ڏنس ته:

نگري! تون اُولي ٿئين، ماڙي نهاريوم اڄ،

هـُــون آيــو اٻلــو، ڀـلا ڀـــي ٻـــولاوڻ ڪـــــج!

(اي حسين ڇوڪري! تون لڪل هئينءَ، اڄ اوچتو مون ماڙيءَ ڏانهن نهاريو، تنهنجي سهڻي صورت موهي وڌو اٿم، تنهنڪري اڄ اڪيلو توسان ڳالهائڻ آيو آهيان، ڀلائي ڪري مون سان ڪجهه ته ڳالهاءِ)

تڏهن ساهيچي لـڄ وچان چوڻ لڳي ته:

ڏينـهـــن گـيــو، گــهـر آ پـري، راجــا گهـران جــا”،

مون اٻلا سان ڪهڙو ٻولڻو، تون ڪيهر مون گا”،

(اڄ راجا! هاڻي سج لهڻ تي آهي، تون پنهنجي گهر وڃ. تنهنجو مون اٻلا سان وري ڪهڙو ڳالهائڻ ٿيندو؟ ڇو ته تون ڪيهر شينهن جي مثل آهين ۽ آءٌ ڳئون جي مثل آهيان).

انهيءَ تي وري راجڪمار جواب ڏنس ته:

ڪـيــهــــر بـَـک ڪــوئـِـلـِـي، اَجــيــا بــک بــگــهـــار،

ڪيهر ڪوئلي کي کائيندو، جي حيلا ڪرين هزار.

(ڪوئو شينهن جي ور چڙهي ۽ ٻڪري بگهڙ جي، ته ڀائين ٿي ته ڇٽي ويندا! تون کڻي هزار حيلا ڪرين ته به شينهن جي چنبي کان آزاد نه ٿيندينءَ.)

ساهيچي وري به چيس ته:

Text Box: 36

 

واڙ ڏيـــان کــيــنــتــر نــان، واڙ کـيـتـر نـان کـــاءِ،

 

راجا ڏنڊي رعيت نان، ڪـُـوڪ ڪنهن وٽ جاءِ؟

(ٻنيءَ کي بچائڻ لاءِ لوڙهو ڏبو آهي، پر جڏهن واڙ خود کيت کي کائڻ شروع ڪري ۽ جڏهن ڪو راجا پاڻ رعيت جو دشمن ٿئي ته پوءِ فرياد ڪنهن کي ڏجي؟)

پر راجڪمار پنهنجي هوڏ تان نه لٿو ۽ چوڻ لڳو ته:

ڪوڪ مت ڪر ساهيچي! ڪوڪ ڪري ڪـِـڻ هوءِ،

ڪـيـهر بـَـک چڙهي ڪوئلي، ڇـُـٽي سـُـڻي نه ڪــوءِ.

(اي ساهيچي! دانهن ڪوڪ مان ڇا ورندو! ڪڏهن اهو ٻڌو اٿئي ته شينهن جي ور ڪوئو چڙهي ۽ بچي وڃي؟)

اهو ٻڌي ساهيچي ڏاڍي پريشان ٿي ۽ ليلائي راجڪمار کي چوڻ لڳي ته:

آڻ ڏيــان راجـــا تـــوکـــي، مــــت الــــــوپــيــــا آپ،

مون اٻلا سان ڪهڙو ٻولڻو، هون ٻيٽي تون ٻاپ.

(اي راجا! مان توکي قسم ٿي ڏيان، تون اُهو قسم ڪوڙو نه ڪج، مون هيڻيءَ سان تنهنجي ڪهڙي ڳالهه ٿيندي، جو تون منهنجو پيءُ ۽ آءٌ تنهنجي ڌيءَ آهيان.)

اهي لفظ ٻڌي راجڪمار جلي ويو ۽ هٿ مهٽيندي، هٿ کي جهڙي اُڇل ڏنائين ته سندس آڱر ۾ پيل منڊي وڃي سوداگر جي پلنگ تي ڪري، جنهن جي راجڪمار توڙي ساهيچيءَ کي خبر ئي ڪانه پئي، ۽ راجڪمار ڪاوڙ کان ڀـُـٽڪندو ڀـُـٽڪندو ويندو رهيو.

اُن ڏينهن کان وٺي ساهيچيءَ جي ننڊ ئي ڦٽي پيئي، ڳڻتين ۾ ويئي ڳرندي ته جيڪڏهن سوداگر کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پيئي ته الائجي ڪهڙو حشر ٿيندو. سندس اهڙي حالت ڏسي سهيليءَ پڇيس ته:

Text Box: 35

 

پگ، پگ پر گهسي، پايل گهـس گهس جاءِ،

 

هـُـون پڇان، اي سکي! تني ننڊ ڪيئن نه آءِ.

(اي سرتي! توسان ڪهڙي ويڌن آهي جو سڄي رات اُٿلندي پٿلندي گذارين ٿي ۽ تنهنجي پيرن جي ڇير جو ڇمڪار سڄي رات ٿيندو رهي ٿو، آخر ڪهڙو سبب آهي جو تو کي رات جو ننڊ نٿي اچي.)

پر هوءَ ڪنهن کي ڪيئن ٻڌائي ته ساڻس ڪهڙي ويڌن آهي.

ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ، سوداگر به مسافريءَ کان موٽي آيو. گهر ۾ گهمندي ڦرندي هو پنهنجي بستري تي وڃي ويٺو ته اوچتو سندس نظر وڃي راجڪمار جي منڊيءَ تي پئي. مڙس جيڏو هو تيڏو دهلجي ويو، اچي وسوسا جاڳيس ته لاشڪ ساهيچي راجڪمار سان ڦٽل آهي، ۽ منهنجي غير حاضري ۾ راجڪمار هتي ايندو رهندو آهي. ڏاڍي ڪاوڙ لڳس پر ووءِ ووءِ ڪرڻ مناسب نه سمجهيائين، سو مـِـٺيءَ به ماٺ مـُـٺيءَ به ماٺ، دل جو سور دل ۾ رکي ساهيچيءَ سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڇڏي ڏنائين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ساهيچي سمجهي ويئي ته سوداگر ڪهڙي آزار ۾ ڦاٿل آهي، سو شڪ دور ڪرڻ لاءِ کيس چيائين ته:

ڌرتــي ڌان نـه پـنـجـي، تـارا مـنـڊل هـست هـوءِ،

ڌارئين سان پريت ڪران ته پرٿوي پـَـر لئه هوءِ.

(جيڪڏهن آءٌ ڪنهن ٻئي ڌارئي سان پريت ڪريان ته هيءَ ڌرتي اوڀڙ نه ڪري ۽ هي سج، چنڊ تارا ناس ٿي وڃن ۽ قيامت ٿي وڃي.)

پر سوداگر جو شڪ نه لٿو ۽ ساڳيءَ طرح ماٺ ۾ رهيو. سوداگر جي گهر ۾ خوشيءَ جي بدران اهڙي ماٺ ڏسي، ساهيچيءَ کان سندس سهيليءَ پڇيو ته:

لـعـل پـَـلـنگ لچڪيو نـهـين پـايل جي جهڻڪار!

هون پڇان، اي سکي! ڪوڻ چتر، ڪوڻ گينوار؟

(اي سرتي! سوداگر جي موٽڻ کان پوءِ به نه تنهنجي پلنگ جو آواز ٿو ٻڌجڻ ۾ اچي ۽ نه ئي وري تنهنجي ڇير جو ڇمڪار. ٻڌاءِ ته توهان سان ڪهڙي ويڌن آهي؟)

پر هن ڀيري به ساهيچي ماٺ رهي. نيٺ گهڻي ويچار کان پوءِ، ساهيچيءَ پنهنجي پيءُ کي خط لکيو، جنهن ۾ هن پيرائتي حقيقت لکي، ۽ لکيائينس ته خط ملڻ شرط هيڏانهن هليو اچ. خط ملڻ شرط سندس پيءُ وٽس آيو، اتي وڌيڪ خبرچار ڪري، سوداگر جي دل مان شڪ دور ڪرڻ جي رٿ رٿيائون.

ٻئي ڏينهن ساهيچيءَ جي پيءُ، سوداگر، راجڪمار ۽ ساهيچيءَ جي پاڻ وٽ دعوت ڪئي. ماني ٽڪي کائڻ کان پوءِ، ساهيچي جي پيءُ چوپڙ کولي، ۽ چارئي ڄڻا راند کيڏڻ ويٺا. پهرين ساهيچي ڍارو اڇلائي، پيءُ کي چيو ته:

تـــــو ڏنـــي تــــلاوڙي پـــاڻــي پـيـڻ ري ڪــَــــڄ،

هنسي چونچ ٻوڙي نهين، تنهن جو اُتر ڏيو اڄ.

(تو پاڻي پيئڻ لاءِ هڪڙو تلاءُ ڏنو، پر هنس ان ۾ چهنب به ڪانه ٻوڙي، ان جو سبب ڪهڙو؟)

ائين چئي، هن ڍارا پنهنجي پيءُ کي ڏنا. پڻس ڍارو هڻي چيو ته:

ڌرم ڏنـي تــلاوڙي، پـــاڻـــي پــيــــڻ ري ڪـَــڄ،

هنسي چونچ ڇو نه ٻوڙي، تنهن جو اتر ڏيو اڄ.

(مون بنا ڪنهن مطلب جي، ڌرم ڪري پاڻي پيئڻ لاءِ تلاءُ ڏنو، مون کي جواب ڏي ته ڇو نه هنس پاڻي پيتو؟)

هاڻي سوداگر جو وارو هو، سو ته اڳي ئي سڙيو ويٺو هو. ڍارا هڻي چيائين ته:

جي مارگ ڪيهر هليو، رجي لڳي تـڻي،

اوکــڙ اُڀــا سـڪـسـيــن، چـنـا نــه هــرڻــي.

(جنهن رستي تان شينهن لنگهيو آهي، اتان جو جيڪو گاهه آهي، سو سـُـڪندي سڪي وڃي، پر هرڻ نه چنندو)

Text Box: 37

 

اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي، راجڪمار سمجهي ويو ته مـَـمڻ ڇاتي متل آهي، سو ڍارو هڻي چيائين ته:

 

پار چـڙهي جل تانگهيو، پاڻي پـيڻ ري ڪڄ،

پڻ هنسي چونچ ٻوڙي نهين، نشچيه آڻيو اڄ.

(برابر، هنس پاڻي تانگهيو هو، پيئڻ جي ڪوشش به ڪئي هئائين، پر پي نه سگهيو، منهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪريو.)

سوداگر کي اتي پڪ ٿي ته ساهيچي جو ڏوهه ڪونهي، ڏوهه راجڪمار جو آهي، سو اُن ڏينهن کان هن سان دوستي ٽوڙيائين، جنهن جي لائق به هو، باقي پاڻ ۽ ساهيچي سڀ شڪ گمان لاهي، خوشيءَ جي زندگي گذارڻ لڳا.                       *

Text Box: 38

 


 

 

* سونل’ جي هن ڳالهه جو مدار ٻن روايتن تي آهي، جي وچولي (حيدرآباد شهر) مان زبيده بيگم ۽ (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان مليون.

* سونل’ جي هيءَ روايت حيدرآباد شهر مان زبيده بيگم شيخ کان ملي.

* هن ڳالهه جي روايت ٿرپارڪر (تعلقي ننگرپارڪر) مان منگهارام اوجها کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org