سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 7 8 9

صفحو ؛ 4

7-سهڻي صوحب*

 

ڪنهن شهر ۾ ’صوحب‘  نالي هڪ سهڻي عورت رهندي هئي. سندس سونهن ملـُـڪان ملڪ مشهور هئي. ڪيترائي ماڻهو هن تي ساهه صدقو ڪندا هئا، پر هن کي پنهنجي سونهن تي ايڏو ته بانور هو جو ڪنهن ڏانهن نهاريندي به ڪانه هئي. هڪڙي ڏينهن هارسينگار ڪيو، پنهنجي گهر جي در تي بيٺي هئي ته ٻه دوست اچي اُتان لنگهيا، جن ۾ هڪڙو صوحب جي سونهن جي هاڪ ٻڌي، پهرانهين هنڌ تان هڪلي سندس ديدار لاءِ آيو هو. انهيءَ کي سندس دوست صوحب جي تعريف ڪندي ٻڌايو ته:

صوحب سينڌ ڳتاءِ، هـُـن چندني سمهون نه جاءِ،

مـتـان چـندن ئي ڊهـه پئي، ۽ ريـن انـڌاري ڇاءِ.

(صوحب وار ڳنڌايا آهن، هاڻي شل چنڊ جي سامهون نه وڃي، متان چنڊ ئي ڪري پئي ۽ انڌاري رات ڇائن جي نه وڃي)

 

اتفاق سان صوحب اها ڳالهه سـُـڻي ورتي ۽ کيس هيڪاري پڪ ٿي ته آءٌ برابر تمام سهڻي آهيان ۽ منهنجو ڪو مٽ ثاني نه آهي. پر اڃان به وڌيڪ پڪ ڪرڻ لاءِ، عطر وٺڻ جي بهاني سان، ٺهي جـُـڙي هار سينگار ڪري، سـُـرهيي جي هٽ تي آئي. سرهيو کيس ڏسڻ سان هوش حواس وڃائي ويٺو. اکيون وڃي صوحب ۾ کـُـتس. ماڻهن جو سندسِ اها حالت ڏٺي، سو اچي دڪان لٽڻ لڳا، ٿوري دير ۾ دڪان ٺلهو ٿي ويو، پر هن يار کي ڪا به خبر ڪانه پيئي. اوڏيءَ مهل هڪڙو هاري به پنهنجي ڍڳي سميت اچي بازار مان لنگهيو. اوچتو سندس نظر به وڃي صوحب تي پيئي، سو جتي هو اُتي ئي حيرانيءَ ۾ بيهي رهيو، ۽ کيس خبر ئي ڪانه پيئي ته ڪيڏيءَ مهل کانئس ڍڳو ڇڏائي ويو. مطلب ته جن ٿي صوحب کي ڏٺو، سي بت بنجي بيهي ٿي رهيا.

 

Text Box: 39

 

صوحب سيس ڳـڌءِ، ڳئي ڳانڌي ڪـي هٽ،

 

واڻــئي وکــر گـنـوايـو، ٽــڙڌُ گـنوائـيـو چــٽ،

ڏانگ گنوائي ڏوڪري، ڦريو هاتـورو هــٽ.

ايتري ۾ هڪ سيلاني فقير به اچي اُتي پهتو، جو پڻ صوحب جي سونهن جي هاڪ ٻڌي، پري کان پنڌ ڪري کيس ڏسڻ آيو هو. فقير، صوحب کي ڏسي چيو ته: بيشڪ تنهنجو حسن بيمثال آهي، پر ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ئي ڪونهي. ائين چئي فقير رمندو رهيو. صوحب هڪڙي فقير جي واتان پنهنجي لاءِ اهي لفظ ٻڌي نراسائيءَ سان گهر موٽي آئي، ۽ ويڳاڻي ٿي کٽ تي ليٽي پيئي. فقير جي چيل ڳالهه تي ويچار ڪري چوڻ لڳي ته: ’ڀلان ڀليءَ‘  جي ڇيهه جي ڳولا ڪرڻ گهرجي. اڃان انهن ئي پورن ۾ هئي ته سندس مڙس آيو ۽ کيس ائين ويڳاڻي حالت ۾ ڏسي ان جو سبب پڇيائين. صوحب کيس فقير واري سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ ضد ڪري بيٺي ته: ڪيئن به ڪري، ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ڏسي اچي مون کي ٻڌاءِ.

ٻئي ڏينهن صوحب جو مڙس سهي سنبري، ڀلان ڀليءَ جي ڳولا ۾ روانو ٿيو. واٽ تي ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ۾ ترسندو، سونهن جي ڀلان ڀليءَ جي ڳولا ڪندو رهيو، پر ڪٿي به کيس پنهنجي زال صوحب کان وڌيڪ سونهن واري نظر نه آئي. آخر هلندي هلندي ڪن ڏينهن جي سفر کان پوءِ اچي هڪڙي ولايت ۾ پهتو. اتي هڪڙي هنڌ ڏسي ته تلاءَ ۾ ڪي جوان ڇوڪريون پيون وهنجن. سونهن ۾ سڀئي هڪ ٻئي کان سرس هيون. هيءُ پريان بيهي ڏسندو رهيو، جو پرديس ۾ پراين عورتن سان ملڻ کان پئي ڊنو. ڇوڪريون ڏسڻيون به ضرور هئس. آخر همت جهلي، گس جي ڏس پڇڻ جو بهانو ڪري اڳتي وڌيو. ڇوڪريون سونهن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيون، هيءُ حيراني وچان هنن کي ڏسندو رهيو: سبحان الله، ڪنهن کي ڏسي ڪنهن کي ڏسي! سندس سونهن ڏسي صوحب ئي وسري ويس. آخر انهن ڇوڪرين کان پڇيائين ته:

Text Box: 41

 

جر اوڍيو،سر پهريو، جر تي ڪيس لـَـڙ هتِ،

 

ڏس ڏيـو ڙي گـورڙيـان! ڏانـڊي ڪـٿ چـلت؟

(سهڻيون ڇوڪريون! اوهين ڀلي جر اوڍيو ۽ جر پهريو (يعني وهنجو)، اوهان جا ڪارا وار ڀلي ته پيا پاڻيءَ ۾ ترن، پر مون کي اڳتي وڃڻ لاءِ واٽ جو ڏس ڏيو.)

تڏهن انهن مان هڪڙي ڄڻيءَ هن ڏانهن منهن ڪري، ٻانهن سنئين ڪري، اشاري سان جواب ڏنس ته:

جر اوڍيون، جر پهريون، جر تي ڪيس لڙهت،

ڪــٿـان آئـيـن ڙي پـانـڌيا! ڏانـڊي اُت چـلــت.

(اي مسافر! اسين هن تلاءُ ۾ هميشه وهنجنديون آهيون، انهي تلاءُ جي پاڻي ۾ اسان جا وار پيا ترندا آهن، پر تون ڪو ٻئي ملڪ جو ماڻهو ٿو ڏسجين، ٻڌاءِ ته ڪٿان آيو آهين؟ تنهنجي وڃڻ جي واٽ اجها اها سامهون آهي.)

Text Box: 42

 

اها ڇوڪري اهڙي ته سهڻي هئي جو صوحب جو مڙس هن جو منهن ۽ اُگهاڙي ٻانهن ڏسندي غش ٿي ڪري پيو ۽ ڦٿڪڻ لڳو. ڪنهن شخص هن کي اهڙي طرح ڦٿڪندو ڏسي سموري روئداد وڃي بادشاهه کي ٻڌائي. جنهن ان ڇوڪريءَ ۽ مسافر کي درٻار ۾ حاضر ڪرڻ جو حڪم ڪيو. حڪم جي دير هئي، اک ڇنڀ ۾ ڇوڪري ۽ مسافر اچي درٻار ۾ حاضر ڪيائون. ڇوڪري پنهنجو سڄو جسم، سواءِ اکين جي، هڪڙي چادر ۾ ڍڪي ڇڏيو هو. بادشاهه کانئس پڇيو ته: اي ڇوڪري! ٻڌاءِ ته تو هن واٽهڙوءَ کي ڇو تڪليف ڏني؟ تڏهن ان جواب ڏنو ته:

 

هونءَ هڻان ته مان مران، جي مري صوحب جو بـِـيرُ،

هـٿ کــڻي ڏانـڊي بـتـلايم، ڦـڙ ڦـڙ ڪري مئو فقير.

(بادشاهه سلامت! جي صوحب جو مڙس منهنجي ڪري مري ها ته آءٌ به پاڻ کي ماري وجهان ها، مون ته رڳو هٿ جي اشاري سان هن کي رستو ٻڌايو ته فقير مٿان ٿي ڪري پيو ۽ ڦٿڪڻ لڳو.)

بادشاهه وري صوحب جي مڙس کان پڇيو ته: اي مسافر! تو ڇا ڏٺو جو بيهوش ٿي ڪري پئين؟ مسافر کيس پنهنجي زال جي سونهن، ان جي چوڻ تي ڀلان ڀليءَ جي ڇيهه ڳولڻ بابت سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي، ۽ چيائين ته بادشاهه سلامت! مون ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه هن ڪامڻيءَ ۾ ڏٺو. هاڻي منهنجي سوال جو مون کي جواب ملي ويو، ۽ منهنجي الله واهي!

بادشاهه ڇوڪريءَ جي حسن ۽ ڀلان ڀليءَ جي ڇيهه جي ڳالهه ٻڌي ماٺ ۾ پئجي ويو، ۽ خيال ڪيائين ته اهو حسن ڏسجي، جنهن جي ڏسڻ سان هوش حواس خطا ٿي وڃن ٿا. پوءِ ان ڇوڪريءَ کي چيائين ته: اي نينگري! تون پنهنجي جسم تان اها چادر لاهه ته آءٌ تنهنجو حسن پسان. تنهن تي ڇوڪريءَ جواب ڏنس ته:

چـــار اُڏت، چـــار چـــلـــت، چـــار ڦــل، ڦـَـــر چـــار،

ويهي رهن واٽهڙو، جي  ڪريان  سورنهن سينگار.

__

ٽـِـڪــڙا لاوان دس مــــرن، ڪـــجـــل پـــــاوان بــيـــس،

جي ٿئي ساروئي سينگار، ته مرن هڪ لک پنجيس.

__

ڏونگـر جـَـلي، ڏيـري جـَـلي، جي اُگهاڙيان ڳاٽ،

Text Box: 43

 

سؤ ڪوهه تي مرگهه مـَـري، ماڻهو ڪهڙي بات!

 

(بادشاهه سلامت! منهنجي مـُـنهن ڏسڻ جو خيال ئي لاهي ڇڏ، ڇو ته جيڪڏهن آءٌ سورنهن ئي سينگار ڪريان ته واٽهڙو منهنجي سونهن ڏسي هوند ويهي رهن، ۽ موٽي نه وڃن، جيڪڏهن پيشانيءَ تي رڳو معمولي تلڪ لڳايان ته ڏهه ماڻهو مرن، ۽  جي ڪجل اکين ۾ پايان ته ويهه ماڻهو مري وڃن، پر جي سمورو سينگار ڪريان ته هڪ لک پنجويهه ماڻهو مري وڃن ۽ جي جبل تي چڙهي، پنهنجي ڳچي اُگهاڙي ڪريان ته سؤ ڪوهن تي هرڻ مري وڃي، انسان جي ڪهڙي ڳالهه آهي!)

ڪامڻيءَ جي اها ڳالهه ٻڌي، بادشاهه به کڻي ماٺ ڪئي، آخر صوحب جو مڙس ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ڏسي، اچي پنهنجي گهر پهتو ۽ صوحب کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائين. اها حقيقت ٻڌي صوحب وري ڪڏهن به پنهنجي حسن تي بانور نه ڪيو.

 

 

Text Box: 44

 


 

 

 


 

8- چاندو ۽ گنگراج*

 

ڪنهن ملڪ تي ’سورج ‘  نالي هڪڙو راجا راڄ ڪندو هو، کيس ’ گنگراج‘  نالي سدا ملوڪ راڻي هئي. گـنگراج جي وري پنهنجي مڙس جي وڏي وزير ’چاندي‘ سان محبت ٿي ويئي، جنهن جي خبر فقط سندس وفادار ٻانهي کي هئي. ٻانهي تمام داناءُ ۽ سياڻي هئي، تنهن ڪري چاندي ۽ گنگراج جي محبت جي خبر راجا ته ٺهيو پر ڪنهن بني بشر کي به نه پئجي سگهي. راجا جي موجودگيءَ ۾ چاندي ۽ گـنگراج جي ملاقات ٿي نٿي سگهي، تنهن ڪري ٻئي ڄڻا ملاقات لاءِ وجهه پيا ڳوليندا هئا.

هڪڙي ڏينهن راڻي پنهنجي ٻانهيءَ سان صلاح ڪري، ان جي هٿان چاندي کي چوائي موڪليو ته ڪنهن به نموني سان راجا کي شڪار تي وٺي وڃ، پوءِ تون اڌ رستي تي پيٽ جي سور جو بهانو ڪري موٽي اچ ته قرب ونڊيون. چاندي کي راڻيءَ جي صلاح وڻي ويئي، سو انهيءَ وقت وڃي راجا کي شڪار جو شوق ڏياريائين راجا به هو شڪار جو ڪوڏيو، تنهن ڪري يڪدم وزير جي صلاح مڃي شڪار جو ڏينهن مقرر ڪري، تياريءَ جو حڪم ڏنائين.

ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ راجا، وزير ۽ لشڪر ساڻ ڪري شڪار تي روانو ٿيو. اڃا هڪڙي منزل مس ڪيائون ته چاندو وزير، پيٽ سور، پيٽ سور ڪري گهوڙي تان ڪري پيو ۽ لڇڻ لڳو. راجا سندس اها حالت ڏسي چيو ته هاڻي: چڙهئي شڪار موٽ ڪانه ٿيندي، باقي وزير ڀلي وڃي گهر علاج ڪرائي. ائين چئي راجا کيس واپس شهر وڃڻ جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ اڳتي روانو ٿي ويو. وزير ته اهي باسون پئي باسيون، سو ڪوڙ مان ڪنجهندو ڪرڪندو شهر ڏانهن موٽيو ۽ اچي محلات ۾ ٺڪاءُ ڪيائين. ٻانهي اڳ ۾ ئي سندس واٽ پئي نهاري، تنهن کيس ماڻهن کان لڪائي چور دروازي مان وٺي اچي راڻيءَ سان ملايو. راڻي ۽ چاندو هڪٻئي سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ گڏ جي هندوري ۾ لڏڻ ۽ پيار ونڊڻ لڳا، تان جو مٿان اچي رات پين.

Text Box: 45

 

هوڏانهن راجا جڏهن شڪار تان ٿڪجي شام جو طنبوءَ ۾ واپس آيو، تڏهن وزير کان سواءِ ڏاڍو مونجهو ٿيو. اميرن کي سڏائي چيائين ته: اڄ ته پنهنجي بادشاهي ۾ آهيون، پر جيڪڏهن ڪنهن ٻيءَ بادشاهيءَ ۾ هلي نڪرون ۽ وزير گڏ نه هوندو ته ماڻهو کلندا، ۽ چوندا ته راجا جو وزيرئي ڪونهي! تنهن ڪري منهنجي مرضي آهي ته هينئر ئي موٽي شهر ڏانهن هلون. راجا جي مرضيءَ خلاف ڪير ڳالهائي، سڀني هائوڪار ڪئي ۽ واپس شهر ڏانهن روانا ٿيا.

 

محلات ۾ چاندو ۽ گنگراج قرب ونڊي رهيا هئا ته ايتري ۾ راجا جي سواري اچي شاهي محل جي دروازي تي بيٺي. ٻانهيءَ بادشاهه کي ڏٺو، سو حيران ٿي ويئي ۽ خيال ڪيائين ته جيڪڏهن ٻنهي کي هوشيار نه ڪنديس ته سر ويندن، ۽ جي سس پس ٿي ڪريان ته راجا شڪي ٿيندو تنهن ڪري اتان ئي بيٺي، محلات ڏانهن منهن ڪري بيت ڏنائين:

چـــانـــدي ۽ گــنــگــراج، ٻــئــي ونـــڊيـــن ســـــڪ،

پـريـــــــت ۽ پــيـــار جــــا، قــْــيــــا پــيـئـــن پـِــــڪ،

چاندا! هاڻي لـِـڪ، نه ته سورج اٿئي در سامهون.

ٻانهيءَ جو بيت ٻڌي، راڻي ۽ چاندو سمجهي ويا ته راجا اچي ويو. ٻنهي کي اچي سر سان لڳي. تـڙ تڪڙ ۾ گنگراج ڇا ڪيو جو چاندي کي پلنگ تي وڇايل هنڌ ۾ ويڙهي کڻي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ رکيو، ۽ پاڻ ٺهي ٺڪي ويهي رهي.

Text Box: 46

 

راجا ٻانهيءَ جو اهو بيت ٻڌو سو اچرج ۾ پئجي ويو ته هي ٻانهي چئي ڇاٿي! کيس شڪ جاڳيو ته شايد چاندو مونکان گــُـسائي، گنگراج سان اچي قرب ونڊڻ لڳو آهي. سو ٻانهيءَ کي سڏي کانئس بيت جو مطلب پڇيائين. ٻانهيءَ چيو ته: راجا! ڪالهه رات شهر جي ٻاهر واري تلاءُ تي پوڄا ڪرڻ ويئي هيس، اُتي ڍنڍ جي پاڻي ۾ چنڊ جو پاڇو ڏٺم، مون کي سندن اِها ملاقات ڏاڍي وڻي، پر پوءِ خيال ڪيم ته هنن جي گڏجاڻي رڳو چئن پهرن جي آهي، صبح جو سج اُڀرندو ته ٻئي هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويندا، تڏهن چيم ته:

 

چـــانـــدي  ۽ گــنــگــراج،  ٻــئــي  ونـــڊيـــن  ســـــڪ،

پـريـــــــت ۽ پــيـــار جــــا، پــيـــا پــيـئـــن پـِــــڪ،

چاندا! هاڻي لـِـڪ، نه ته سورج اٿئي در سامهون.

راجا کي ٻانهيءَ جو جواب دل سان لڳي آيو ۽ پوءِ اچي راڻيءَ وٽ ويٺو. راجا جي اچڻ جو ٻڌي، چاندي کي اچي ٿـڙڪڻي ورتو. ٻانهي سندس انهي حالت کي پروڙي ورتو، ۽ خيال ڪيائين ته جي هنڌ جي چرپر يا کڙڪي تي راجا جو ڏيان ڇڪيو ته به سٺي ڳالهه ڪانه ٿيندي، تنهن ڪري چاندي کي هوشيار ڪرڻ لاءِ اتي ئي بيت ڏنائين ته:

گهـڻـو ٿـيءُ نه اُداس، ڦـٿ ڦـٿ ڇـو ٿـو ڪـريــن؟

وٺين گلن جي واس، پوءِ موت کان ڇوٿو ڏرين!

ٻانهيءَ جو بيت ٻڌي وزير ته ڏڪڻ ڇڏيو، پر راجا جو شڪ پڪو ٿيندو ويو ته ’ کوهه جي تري ۾ ڪجهه مڙئي آهي.‘   هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين پر ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيس.

چاندي وزير جي ماءُ کي جڏهن اها خبر پئي ته چاندو، راجا جي محلات ۾ آهي ۽ راجا به شڪار تان موٽي آيو آهي، تنهن کي اچي ڊپ ورايو ته اڄ سندس پٽ جو خير ڪونهي، تنهنڪري خبرچار وٺڻ لاءِ راجا جي محلات کي چوڌاري چڪر هڻڻ لڳي.... ٻانهيءَ جو کيس ڏٺو سو خيال ڪيائين ته: جيڪڏهن راجا هن کي ڏسي ورتو ته سڀئي پونداسين ڪاٺ ۾... اڳئي راجا شڪيو آهي، وري جي هن کي ڏسندو ته هيڪاري پڪ ٿيندس ته چاندو هتي آهي تنهن ڪري اُتان ئي چيائين ته:

Text Box: 47

 

ڦان ڦان ڇو ٿي ڪرين، تو لعل وڃايو رات،

 

ڦـٽي جي پـرڀـات، ته تـنـهنجو ملي قـِـوسـان.

چاندي جي ماءُ، ٻانهيءَ جو بيت ٻڌي سمجهي ويئي ته مڙيئي خير آهي، تـنهن ڪري اتان موٽي آئي.

ٻانهيءَ جا عجيب بيت ٻڌي، راجا کي پڪ ٿي ته ٻانهيءَ جي پيٽ ۾ ڪو وڏو راز لڪيل آهي، سو سڏي کانئس ٻنهي بيتن جو مطلب پڇيائين. ٻانهيءَ وڏي ادب سان هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته: راجا! سج لٿي مهل جڏهن آءٌ پوڄا ڪري اوهان جي باغ وٽان لنگهيس، تڏهن ڏٺم ته هڪڙو ڀؤنر، سورج مکيءَ جي گل جو واس پـيو وٺي، سج لهڻ ڪري سورج مکيءَ جو گل ٻوٽجي ويو، ڀؤنر اُن ۾ پورجي ويو. ڀؤنر پاڻ ڇڏائڻ لاءِ ڦٿڪڻ لڳو، تڏهن کل به آيم ۽ ڪاوڙ به، تنهن ڪري چيو مانس ته:

گهـڻـو ٿـيءُ نه اُداس، ڦـٿ ڦـٿ ڇـو ٿـو ڪـريــن؟

وٺين گلن جي واس، پوءِ موت کان ڇوٿو ڏرين!

اڃا اُتيئي بيٺي هيس ته هڪڙي مادي ڀؤنري اچي گل مٿان ڦانءَ ڦانءَ ڪرڻ لڳي. سمجهيم ته ڀؤنر جي ماءُ آهي، تنهن ڪري چيومانس ته:

ڦان ڦان ڪـرين ڇو ٿي، تو لعل وڃايو رات،

ڦـٽي جي پـرڀـات، ته تـنـهنجو قـِـوسـان ملـي.

ڇو ته پڪ هئم ته سج اُڀرڻ تي اهو گل وري ٽڙندو ۽ ڀؤنر آزاد ٿي وڃي ماءُ سان ملندو.

Text Box: 48

 

راجا، ٻانهيءَ جي سياڻپ ۽ عقل کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائينس ته گهر جيڪي گهرڻو اٿئي! ٻانهيءَ عرض ڪيو ته: راجا! اوهان جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي، رڳو هڪڙي دل ۾ آس اٿم ته پنهنجو راجائي هنڌ ڏيوم ته وڃي ان تي سمهان. راجا چيو ته: بس ڳالهه به ايتري، کڻي وڃ! ٻانهي دعائون ڪندي، اُهو هنڌ جنهن ۾ چاندو ويڙهيل هو، کڻي پنهنجي گهر اچي اُن مان وزير کي ڪڍيو. وزير جان بچائڻ تي سندس احسان مڃيندو گهر ويندو رهيو.

 

هڪڙي ڏينهن راجا، گنگراج کي چوائي موڪليو ته: اڄ رات هار سينگار ڪري مون وٽ حاضر ٿج. راڻي ڏاڍي خوش ٿي ۽ هارسينگار ڪرڻ لڳي. سينگار ڪري جڏهن چندن هار ڳوليائين تڏهن ياد آيس ته چندن هار اُنهيءَ رات چاندي جي ڳچيءَ ۾ وڌو هئم... هاڻي جي بادشاهه نه ڏسندو ته الائجي ڪهڙو حشر ڪندو. انهن ئي ڳڻتين ۾ ويٺي هئي ته سندس وفادار ٻانهي اُتي اچي سهڙي، جنهن گنگراج کي ائين ويڳاڻو ويٺل ڏسي، اُن جو سبب پڇيو. راڻيءَ کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. ٻانهي کيس دلداري ڏئي پاڻ يڪدم درٻار ۾ آئي.

درٻار اُن وقت ڀري پئي هئي. چاندو به اتي موجود هو. ٻانهي سلام ڪري چاندي وزير کي هيءُ بيت چيو:

سورج جو سينگار، چاندي چندن هار،

چنڊ مبارڪ چاندڻي، راجا جي درٻار.

چاندو ٻانهيءَ جو اشارو سمجهي ويو، سو يڪدم ڏاهپ سان قميص هيٺان لڪل چندن هار لاهي رومال ۾ ويڙهي ٻانهيءَ ڏانهن کڻي اڇلايو ۽ چيائين ته:

ٻانهي! ڪالهه مبارڪ چنڊ جي، تون اڄ آهين آئي،

هــي قـّه تـنـهنــجــو انـعـام، وٺ چـنـڊ جـي واڌائــي.

اُها هئي به چنڊ جي ٻي رات، سو سندن اِهو اشارو ڪنهن به ڪونه سمجهيو. اهڙيءَ طرح ٻانهيءَ جي عقل ۽ ساڻپ ڪري، چاندي ۽ گنگراج جي عشق جي مام لڪي ويئي.

ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ راجا مري ويو، چاندو وزير، راڻي گـنگراج سان شادي ڪري انهيءَ حڪومت جو راجا ٿي ويهي رهيو ۽ حياتيءَ جا باقي ڏينهن سک سان گذارڻ لڳا.

 

_________

Text Box: 50

 


 

 

Text Box: 49

 

 

 


 

9-جلال ۽ مارک مير(1)

 

ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي هڪ حـصي تي ’مارک مير‘  نالي بادشاهه حڪومت ڪندو هو. کيس ’ جلال ‘  نالي ڀائيٽو هو، جو سندس هم عمر هو. ٻنهي جي پاڻ ۾ ڀائرن جهڙي پريت هئي. چاچو ڀائٽيو ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي کان هڪ پل به جدا نه ٿيندا هئا. خدا جي قدرت جو سندس شادي به هڪڙي ئي ڏينهن گڏ ٿي هئي. شوق شڪار کان سواءِ سندن سرندي ڪانه هئي.

ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ مارک مير جي زال مري ويئي، جنهن ڪري ڀرواري بادشاهيءَ مان ’بوبنا‘  نالي شهزاديءَ سان شادي ڪيائين. بوبنا اهڙي ته سهڻي هئي جو آسپاس جا ڪئين شهزادا ۽ امير ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ آتا هئا، پر قدرت جي لکئي موجب بوبنا جي شادي مارک مير سان ٿي.

جلال پڻ بوبنا جي سونهن جي ساراهه ٻڌي مٿس پرپٺ عاشق ٿي پيو هو، سا جڏهن پرڻجي مارک مير جي محلات ۾ آئي، تڏهن جلال محلات ۾ گهڻي اچ وڃ ڪرڻ لڳو. بوبنا به جڏهن جلال جي پهلواني ۽ سونهن کي ڏٺو، تڏهن اها به کيس ڀانئڻ لڳي، اهڙيءَ طرح هنن ٻنهي جو پاڻ ۾ عشق ٿي ويو. جلال جي محلات ۾ گهڻي اچ وڃ، بوبنا سان ڳجهين ملاقاتن، مارک مير کي شڪ ۾ وجهي ڇڏيو. آخرڪار ٻانهين مان خبر پيس ته بوبنا ۽ جلال جو پاڻ ۾ عشق ٿي ويو آهي. اهو ٻڌي مارک مير ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو. يڪدم پنهنجي ڪوٽ ۽ محلات جي چوڌاري سخت پهرو بيهاري، جلال کي ڪوٽ ۽ قلعي ۾ اچڻ کان منع ڪري ڇڏيائين.

قدرت سان جلال کي هڪڙي اهڙي سرنگهه جي خبر هئي، جنهن جو هڪڙو منهن ڪوٽ کان ٻاهر هو ۽ ٻيو منهن محلات ۾ اندر هو. جلال روز رات جو لڪي سرنگهه مان وڃي ’ بوبنا ‘  جي محلات ۾ ساڻس محبت ونڊي، فجر جو هليو ايندو هو. اهڙيءَ طرح ڪو وقت گذري ويو.

چوندا آهن ته خون ۽ کٿوري لڪڻوئي ڪونهي، سو هڪڙي ڏينهن اتفاق سان مارک مير کي، بوبنا ۽ جلال جي ملاقات جي خبر پئجي ويئي. پنهنجي ڀائٽي جلال تي اهڙي ڪاوڙ آيس جو فيصلو ڪيائين ته هن کي جيئري قبر ۾ پورائي ڇڏجي. پوءِ پنهنجا سپاهي موڪلي جلال کي پڪڙائي، حڪم ڏنائين ته: جلال کي ڪوڏر هٿ ۾ ڏيو ته پنهنجي قبر پاڻ کوٽي. وزير، جلال کي هڪڙي سخت زمين تي وٺي ويو، جتي کيس هٿ ۾ ڪوڏر ڏيئي قبر کوٽڻ لاءِ چيائين. مارک مير پنهنجي وزير کي هلندي مهل چئي ڇڏيو هو ته قبر کوٽيندي جيڪڏهن جلال ڪو بيت چئي ته ڇڏي ڏجوس.

قبر کوٽيندي کوٽيندي جلال جا هٿ ڦٽجي پيا ۽ رت ريلا ڪري وهڻ لڳو. تڏهن وزير پڇيس ته: سائين! هٿن مان رت ڇوٿو وهي؟ ان جو جواب جلال بيت ۾ ڏنو:

مــارک ۽ جــلال، کـــڏون ڪــيـــن کــــوٽـيـــون،

يا واڳون ٽيڪ لڳيون، يا ڳوريءَ ڳل ٻانهون.

(مارک ۽ مون ڪڏهن به کڏون ڪونه کوٽيون، اسان جي هٿن ۾ يا ته سدائين گهوڙن جون واڳون رهيون، يا ته سهڻين عورتن کي ڀاڪرن ۾ جهليندا هئاسين، انهيءَ ڪري ڪوڏر منهنجا هٿ ڦـٽي وڌا آهن.)

Text Box: 52

 

جلال جي بيت ڏيڻ تي وزير هن کي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ ته مارک مير جو حڪم ائين هو. وزير کيس ائين به ٻڌايو ته آئيندي بوبنا سان ملڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪري، نه ته مارک مير کيس مارائي ڇڏيندو. جلال پنهنجي گهر موٽي آيو، پر خيال ڪيائين ته بوبنا سان ملاقات اوس ڪبي، پوءِ کڻي سر ڇو نه هليو وڃي، سو راتين جو لڪي لڪي، پهريدارن کان پاڻ بچائي، ڪنهن حيلي سان وڃي بوبنا سان ملندو هو.

 

Text Box: 51

 

هڪڙي ڏينهن مارک مير شڪار تي وڃڻ جو ارادو ڪري، ڪجهه لشڪر پاڻ سان وٺي روانو ٿي ويو. ساڻس گـڏ جلال به هو. مارک مير ۽ جلال پنهنجن سامونڊي گهوڙن تي سوار هئا. هلندي هلندي سج لٿي مهل، پنهنجي بادشاهي ڇڏي وڃي هڪڙي رڻ پٽ ۾ پهتا. مٿان اچي رات پيئي، سو خيال ڪيائون ته هاڻي موٽڻ ڪهڙو، رات اتيئي گذاري، صبح جو موٽي هلنداسين. پوءِ هڪڙو هرڻ شڪار ڪري باهه تي پچائي کائي سمهي رهيا. مڄاڻ انهيءَ رات جلال جو بوبنا سان ملڻ جو انجام هو ۽ ڪيئن به ڪري جلال کي اتي رسڻو هو. سڄي ڏينهن جي پنڌ ۽ ٿڪ سببان مارک مير توڙي سندس همراهن کي جلد ئي ننڊ اچي ويئي، پر ويچارو جلال پاسا ورائيندو رهيو. آخر جڏهن پڪ ٿيس ته سڀ سمهي رهيا آهن، تڏهن آهستي آهستي اُٿي هڪڙي سامونڊي گهوڙي تي چڙهي وٺي اڏاڻو. اڌ رات کان اڳ وڃي بوبنا وٽ پهتو. رهاڻ ڪري وري جو گهوڙي کي پيلڪ ڏنائين ته پرهه ڦٽيءَ کان اڳ اچي رڻ پٽ ۾ پهتو ۽ ساٿين سان گڏ سمهي رهيو.

 

صبح جو ٻيا سڀ سويل اٿيا، پر جلال اوجاڳي جو ماريل هو سو نه اٿيو. آخر گهڻيءَ دير کان پوءِ مس مس سجاڳ ٿيو. سڀني کي هن جون اکيون ننڊاکڙيون ۽ ڳاڙهيون نظر آيون. ويتر جو گهوڙي کي لٽ ۾ ڀريل ڏٺائون سو هيڪاري پڪ ٿين ته جلال رات جو ڪيڏانهن ويو هو. مارک مير کي يڪدم شڪ پيو ته هي شايد بوبنا سان ملاقات ڪرڻ ويو هوندو، پر وري خيال ڪيائين ته پنهنجو ملڪ هتان ٿيو سڄي رات جو پنڌ، جلال ڪيئن هڪڙيءَ رات ۾ وڃي موٽي آيو؟ پر تڏهن به پڪ ڪرڻ لاءِ جلال کان پڇيائين ته:

Text Box: 53

 

اکيون تنهنجون ڪام ڪهيون، اهي بنان ڪات،

 

ســـچ چــئــو ڙي جــلالـيـا! ڪـيـســـر هـئيـــن رات.

(اڙي جلال! تنهنجيون اکيون اوجاڳي سبب رت جهڙيون ڳاڙهيون آهن. سچ ٻڌاءِ ته رات ڪٿي هئين؟)

جلال ٺهه پهه جواب ڏنس ته: تنهنجي بوبنا ماڻي آيس. اهو جواب ٻڌي مارک مير ڪاوڙ مان سڄو ڪاراٽجي ويو. رت جو ڍُڪ ڀري کڻي ماٺ ڪيائين، ۽ ملڪ ڏانهن موٽي آيو.

ملڪ ۾ پهچي مارک مير خيال ڪيو ته، جيستائين جلال جيئرو هوندو، بوبنا جي پچر نه ڇڏيندو ۽ بوبنا به ساڻس عشق ڪندي رهندي، تنهن ڪري ڇو نه جلال کي مارائي ڇڏجي. اهو خيال ڪري وزير کي حڪم ڏنائين ته ڪهڙيءَ طرح به جلال کي پڪڙائي شهر جي ٻاهران وڃي مارائي ڇڏيو. حڪم موجب وزير سپاهين کي ساڻ ڪري وڃي جلال کي جهليو ۽ پوءِ کيس شهر کان ٻاهر وٺي ويا. ان مهل مارک مير کي جلال جا ٽي پٽ ويندا نظر آيا. جن کي پيءُ جي مارجڻ جي کڙڪ پئجي ويئي هئي، سي پيءُ کي ڇڏائڻ لاءِ پٺيانس ٿي ويا. مارک مير انهن کي سڏي چيو ته: انهيءَ طرف نه وڃو جو اوڏانهن ڏاند ٿا ڪـُـهن. تنهن تي انهن مان هڪڙي جواب ڏنس:

مـنـهـنــجـــي پــيءُ جـلال کــي، ڏاڏا! چـئــو مَ ڏانــد،

ڄائو هو ته ڀلي مئو، پر هو تـنهنجي جوءِ جو ڪانڌ.

(ڏاڏا! اسان جي پيءُ کي ڏاند نه چئو، جو ڄائو آهي، سو اوس مرندو، پر ماڻهو ائين چوندا ته جلال تنهنجي جوءِ بوبنا جو مڙس هو.)

Text Box: 54

 

مارک مير اهو طعنو ٻڌي سڙي ويو، ڪاوڙ ۾ اچي ڇوڪرن کي پڪڙڻ جو حڪم ڏنائين. جلال جا پٽ به پنهنجو مٽ پاڻ هئا، مارک جي سپاهين سان ڏاڍي ويڙهه ڏنائون، پر آخر وڙهندي وڙهندي اتي ئي مارجي ويا. هوڏانهن جلال کي وزير مارائي، سندس ۽ پٽن جا لاشا درياءَ ۾ لوڙهائي ڇڏيا. بوبنا جڏهن محلات جي دريءَ مان اهي لاش لڙهندا ڏٺا، تڏهن ٻانهيءَ کان پڇا ڪيائين، جنهن سموري حقيقت ٻڌايس. جلال جي مارجڻ جو ٻڌي بوبنا پاڻ به درياءِ ۾ ٽپو ڏيئي ٻڏي مري ويئي. 

 

 

****

 


 

 


 

* هيءَ روايت اتر (تعلقي پني عاقل) مان محمد حسن ”مشتاق“ کان ملي.

* هيءَ روايت اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان ملي.

(1) هيءَ روايت اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان محمد عالم ”شورو“  خانپوري کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org