سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 10 11

صفحو ؛ 5

10-پـُـوناراءِ ۽ ليلا *

 

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن زماني ۾، ٿر جي هڪڙي ٽڪري تي هڪڙو راجا راڄ ڪندو هو، جنهن جي انصاف جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! سندس راڄ ۾ شينهن ۽ ٻڪري هڪ ئي تـڙ تان پاڻي پيئندا هئا. سندس دستور هو ته روز رات جو چمڙاپوش ڪري سڄي شهر جو گشت ڪندو هو ۽ رعيت جي ڏک سور ۾ سنڀال لهندو هو. کيس الله جو ڏنو سڀ ڪجهه هو پر ويچاري کي اولاد ڪونه هو. اهوئي هڪڙو ڏک اندر ۾ هئس. ڪيترا پير فقير، ساڌو سنت پڇايائين، پر اولاد نه ٿيڻو هو سو نه ٿيو. نيٺ رضا تي راضي رهڻ چڱو سمجهي ماٺ ڪري ويهي رهيو، چئي: ڌڻي راضي ٿيو ته پاڻهي اولاد ٿيندو.

هڪڙي ڏينهن انهيءَ شهر ۾ هڪڙو پرديسي فقير آيو، جنهن اچڻ سان اهڙيون ته ڪرامتون ڏيکاريون، جو سڄي شهر ۾ سندس نالو وڄڻ لڳو. هن جي ڪرامتن جي خبر راجا کي به پيئي، سو هڪڙيءَ رات پنهنجي نصيب آزمائڻ لاءِ، چمڙاپوش ڪري فقير وٽ ويو. ڇا ڏسي ته فقير دونهين دکايو، بيراڳڻ ٽيڪيو ويٺو آهي. هيءُ به ماٺـڙي ڪري سندس سامهون ويهي رهيو. راجا کي ائين ويٺي ڪيتري دير گذري ويئي، پر فقير ڏانهس ڏٺو به ڪونه. آخر ڳچ وقت گذرڻ کان پوءِ فقير ڪنڌ مٿي کڻي چيو ته: راجا! توکي اولاد ته ٿيندو، پر سنگتين جي صحبت ۾ رهي پاڻ کي گهٽ ڪندو. راجا ويچارو اولاد جو سڪايل، سو ڪٿي ٿو اهي ڳالهيون ويچاري! هٿ ٻڌي چيائينس ته: فقير سائين! اهو ٿيندو سندس ڀاڳ، وڻيس ته سنئين ڪري، وڻيس ته اونڌي ڪري. اهو جواب ٻڌي فقير وري به ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو ۽ راجا سلام ورائي اچي گهر پهتو.

فقير جو چوڻ ڪونه گٿو. ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ پـَـٽ راڻيءَ کي اميد واري ٿي. پوءِ ته سڄي ملڪ ۾ خير خيراتون ٿي ويون. اَوي سوي غريب غربو، سڀ ڍاپجي پيا. آخر نون مهينن پڄاڻا هڪڙو سدا ملوڪ پٽڙو ڄائو. راجا خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ ئي نه پيو ماپي... يڪدم جوتشي اچي ويا ۽ حساب ڪتاب لڳائي، راجڪمار جو نالو ’پوناراءِ‘ رکيائون.

پوناراءِ اڄ ننڍو سڀان وڏو، نيٺ اچي پڙهڻ لائق ٿيو. سندس پڙهائيءَ لاءِ شهر جا وڏا وڏا اُستاد گڏ ٿيا، جن کيس نه رڳو عقل ۾ ڀڙ ڪيو، پر کيس پهلوانيءَ جا به سڀ ڪرتب سيکاريا. پوناراءِ سان گڏ وزير زادو ’مگڌر‘ به پڙهندو هو. گڏ پڙهندي پڙهندي ٻنهي جي هڪٻئي ۾ اهڙي دوستي ٿي ويئي جو هڪٻئي کان سواءِ هڪڙي ساعت نه سرندي هين. مگڌر ڏسڻ ۾ ڏاڍو اشراف ٿي آيو، پر اندر جو اڇو ڪونه هو. چوندا آهن ’ڪارو ٻڌ ڪمري سان ته رنگ نه مٽائي، پر اوساڻ ضرور مٽائي.‘ سو مگڌر جي صحبت مان پوناراءِ کي به ڪجهه ڪڻا ملي ويا.

ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ راجا گذاري ويو، ۽ پوناراءِ تخت تي ويٺو، جنهن وري مگڌر کي پنهنجو وڏو وزير مقرر ڪيو. هاڻي ته ملڪ جو سڄو ڪاروبار مگڌر جي هٿ ۾ هو، سو جيئن وڻندو هئس تيئن پيو ڪندو هو. نه ڪير پڇڻ وارو نه ڪو ڏسڻ وارو. پوناراءِ جو به منجهس اهڙو اعتبار هو جو ان جي برخلاف ڪا به ڳالهه ٻڌڻ پسند نه ڪندو هو. مطلب ته دنيا هڪ پاسي ۽ مگڌر جو ٻول ٻئي پاسي، ته به مگڌر جو پاسو سرس هوندو هو.

 

هڪڙي ڏينهن پوناراءِ پنهنجو لشڪر ساڻ ڪري شڪار تي چڙهيو. سڄو ڏينهن شڪار ڪندي ڪندي اچي ننگر وٽ پهتو. سڄي ڏينهن جي مسافريءَ سبب ٿڪجي به پيو هو ۽ اڃ به ڏاڍي لڳي هيس، آسپاس نهاريائين ته پريان وڻن جو هڪڙو جهنڊ ڏسڻ ۾ آيس، سو گهوڙو ڊوڙائي وڃي اتي نڪتو. وڻن جي جهنڊ ۾ سانگاهه نالي تلاءُ هو. پوناراءِ اتي گهوڙي تان لهي پاڻي پي ڍؤ ڪيو، ۽ وڻن جي ٿڌي ڇانوَ ۾ گهڙي کن آرام ڪرڻ ويهي رهيو. اڃا گهڙي ڪانه گذري ته ننگر شهر جي هڪڙي سهڻي ڇوڪري اچي اتان لانگهائو ٿي. راجا سندس سونهن ڏسي حيران ٿي ويو ۽ اکيون کپائي هن کي ڏسندو رهيو. ڇوڪري به اوڦٽو ماڻهو کي ڏسي بيهي رهي. ٻنهي ڄڻن نه ڪي پاڻ ۾ ڳالهايو نه ڪي ٻولهايو، رڳو هڪٻئي کي ڏسندا رهيا. ڪجهه دير کان پوءِ آخر جڏهن هوءَ هلڻ واري ٿي، تڏهن راجا دل جهلي کانئس پڇيو:

 

 

ڪير آهين، ڪٿي رهين، ڪهڙو تنهنجو ڏيهه؟

 

ماريـئي مسـافــرن کـــي، ڪا گهڙي تان ويهه.

(اي ڇوڪري! مسافرن کي ماري ائين هليو وڃڻ توکي جڳائي نه ٿو، ڪا گهڙي مون وٽ ويهه، ۽ ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين، ڪٿي ويٺي آهي، ۽ تنهنجو ملڪ ڪهڙو آهي؟) ان جي جواب ۾ ڇوڪريءَ کيس ورندي ڏني ته:

نــالــو لـيلا منهنجو، نـنـگر مـنـهـنـجـو ڏيـهه،

ذات ريٻارڻ آهيان، گهر شهر اُڀرندي ڇيهه.

(اي شخص! منهنجو نالو ليلا آهي، ۽ ذات جي ريٻارڻ آهيان. ننگر شهر جي اڀرندي ڇيڙي تي منهنجو گهر آهي.)

ائين چئي اڳتي هلڻ لڳي، راجا کي ڇوڪريءَ جي سهڻي صورت وڻي ويئي هئي، تنهن ڪري هن جي وڃڻ تي راضي نه هو، سو وري به ڏاڍي آزيءَ سان چيائينس ته:

مـاري مــســافـرن کـي،ائين وڃڻ واجب ناهه،

اچ ڪا گهڙي گڏ گهاريون، رمون مٿي راهه.

 

(اي ڇوڪري! پنهنجي گهور سان مسافرن کي ماري توکي وڃڻ واجب ناهي، اچ ته ڪا گهڙي ويهي رهاڻ ڪريون ۽ پوءِ پنهنجي واٽ وٺون.)

 

پر ڇوڪري ڊپ مان آسپاس نهاريندي جواب ڏنس ته:

چاري مون تي چو طرف، رهـڻ نـه مـنهنجي وس،

قسمت هيءُ ڪم ڪيو، جو گڏياسون ٻئي گس.

(اي شخص! منهنجي پٺيان چو طرف چاري پيا هلن، تنهن ڪري توسان ويهي نٿي سگهان، قسمت سان راهه ويندي گڏيا آهيون، سو رستي تي ڪهڙيون رهاڻيون ٿينديون؟) ائين چئي ليلا پنهنجو گس وٺي هلي ويئي ۽ پوناراءِ بيٺو ڏسندو رهيو. هوءَ جڏهن سندس اکين کان غائب ٿي وئي، تڏهن ڦان ٿي اتي ڪري پيو. ايتري ۾ سندس لشڪر به اچي پهتو ۽ راجا جو هيڻو حال ڏسي هنن کي ڏاڍو عجب لڳو. راجا نڪي ڳالهائي نڪي ٻولهائي، جيئن ٿي چيائونس، تيئن ٿي ڪيائين. آخر لشڪر جا ماڻهو راجا کي ساڻ ڪري شهر ڏانهن موٽيا. واٽ تي کيس گهڻوئي وندرايائون، پر وريو ڪي به ڪين. آخر اچي شهر ۾ پهتا. راجا ساڳيءَ طرح ماٺ ڪري وڃي محلات ۾ ويهي رهيو. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ته ٺهيو، پر کائڻ پيئڻ به ڇڏي ڏنائين. نوڪر چاڪر سڀ حيران  هئا ته آخر هن کي ٿيو ڇا آهي. راجا ويو ڏينهون ڏينهن پؤڻو پوندو. وزير مگـڌر ڪن ڏينهن لاءِ ٻاهر ويل هو، سو به اچي پهتو، يڪدم کيس راجا جي حالت جي خبر ڏنائون ته راجا کي الائي ڇا ٿيو آهي. جيڪڏهن ٻٽي ڏينهن نه کاڌائين پيتائين ته ڳالهه هٿن مان ڇڏائجي ويندي. مگـڌر ٻيا ڪم ڪار ڇڏي راجا ڏي ويو ۽ هن جي حالت ڏسي چيائين ته:

نڪي ڪـُـڇين نڪي پـُـڇين، ڪهڙو ويڌن ٿيوءِ؟

سـَـل حـقيـقـت حـال جــي، ڪـهـڙو ڪـانُ لــڳــوءِ؟

(اي راجا! توکي ڇا ٿيو آهي، جو ڳالهائين ٻولهائين به ڪونه ٿو، هاڻي سموري حقيقت ٻڌاءِ ته توکي ڪهڙو آزار اندر ۾ آهي؟)

 

وزير جي ڳالهه ٻڌي راجا وراڻي ڏني ته:

 

مـنـهـنـجـــو مــــرض لا دوا، تـنـهـن جـي ڪـري نـه پـچــار،

مون کي ڇڏ منهنجي حال تي، وڃي پنهنجو ڪم سنڀار.

(دوست! منهنجي مرض جي ڪا دوا ناهي، مون کي منهنجي حال تي ڇڏ ۽ وڃي پنهنجو ڪم سنڀال.) مگـڌو ڏاڍو چالاڪ هو، سو راجا جو جواب ٻڌي سمجهي ويو ته لاشڪ ڪٿي اک اٽڪائي اٿس، پر تڏهن به سندس منجهه ڪڍڻ لاءِ چيائين:

ان داتا! تو بنا آهي، سڃو سڀ سنسار،

ڇـڏي ڳـڻتين کي اٿي، هـلي ڪر درٻار.

(اي راجا! تو کان سواءِ سڄو ملڪ سڃو آهي، هاڻي ڳڻتيون ڇڏي هلي درٻار ڪر ته من تنهنجي دل پـِـرڀي.) پر راجا تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيو، ۽ نيٺ پنهنجي دل جي ڳالهه دوست کي ٻڌايائين ته:

جن کي هڻي ڪان قرب جو، ماريو محبوبن،

سي هلي درٻار ۾، ڪـنـهن سـان سـور سـلن؟

(دوست! جن کي محبوبن جي گهور گهايو هجي، سي ڪهڙي درٻار ڪندا ۽ ڪنهن سان سور سليندا؟) وزير کي پڪ ٿي ويئي ته راجا کي ڪنهن نازنين جي عشق هڻي ڦٽي وڌو آهي، جي ان جو بلو نه ڪبو ته راجا جو الائجي ڪهڙو حال ٿيندو، تنهن ڪري ان عورت جي نالي نشان بابت پڇيائينس ته:

جنهن ڏيئي آگ عشق جي، آن کي راجا! رمايو،

سا ڪير آهي، ڪٿي رهي، تنهن جو نالو ٻڌايو؟

(اي راجا! اُها ڪير آهي، ڪٿي رهي ٿي ۽ سندس نالو ڇا آهي؟ جنهن توکي عشق جي آڙاهه ۾ اُڇلايو آهي.) تنهن تي راجا ورندي ڏني ته:

بـَـڇي قـّاهه بـرهه جـي، کـسيو جنهن آرام،

 

سا ناري ننگر شهر جي، ليلا سندس نام.

 

(وزير! جنهن منهنجي دل کي برهه جي باهه بڇي، آرام کسيو آهي، تنهن جو نالو ليلا آهي، ۽ ننگر شهر ۾ رهي ٿي.) وزير کي رڳو پار پتا کپندا هئا، سو اها ڳالهه ٻڌي چيائين: سائين! انهيءَ ۾ ڳڻتيءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي! هيءَ ته هڪڙي ڇوڪري آهي، پر جي چئو ته ننگر جون سموريون ڇوڪريون آڻي حاضر ڪريان. وزير جي دلداريءَ کان پوءِ راجا ڪجهه سرهو ٿيو ۽ ڪجهه کاڌائين پيتائين.

ٻئي ڏينهن وزير مگـڌر پنهنجا ماڻهو، ليلا جي ڳولا ۾ ننگر ڏانهن موڪليا، جن اچي خبر ڏني ته هوءَ ذات جي ريٻارڻ آهي. وزير، راجا کي انهيءَ حقيقت کان واقف ڪري چيو ته: هن جي مائٽن کان سنئون سڌو سڱ گهرڻ توهان جي شان وٽان نه آهي. منهنجي صلاح آهي ته آءٌ پهرين وڃي هن جي مائٽن سان سڄي خبر ڪري اها ڳالهه هلائيندس ته پوناراءِ جو هڪڙو وزير، ليلا سان شادي ٿو ڪري. پوءِ هتي وٺي اچي اوهان جي حوالي ڪندس. راجا کي سندس ڳالهه وڻي، سو کيس يڪدم ننگر شهر ڏانهن روانو ڪيائين.

مگـڌر منزلون هڻندو اچي ننگر شهر ۾ پهتو، ۽ مليل ڏس موجب شهر جي اُڀرندي ڇيڙي تي وڃي ريٻارڻ جو گهر ڳولي لڌائين. ليلا جي پيءُ سان مليو، حال احوال ڏئي وٺي جڏهن دنگ ڪيائون، تڏهن اوچتو مگـڌر جي نظر وڃي ليلا تي پيئي. کيس ڏسڻ سان سندس هوش خطا ٿي ويا. هن به ڪيتريون ئي سهڻيون ڏٺيون هيون، پر هتي ڳالهه ئي ٻي هئي. دل ۾ اچي بي ايماني جاڳيس، پر هاڻي ڳالهه هٿان ڇڏائجي ويئي هئي، جو هيءَ ليلا جي مائٽن کي سڄي خبر ڏئي ويٺو هو، تنهن ڪري خيال ڪيائين ته اهڙي کيڏ ڪجي جو راجا کان اڳ ۾ مون سان ميلو ٿئي. آخر وجهه وٺي ليلا سان پنهنجي دل جو حال اوريائين. هوءَ ويچاري ٻالي ڀولي هئي، سا هن جي ڳالهين ۾ اچي وئي ۽ ٻه ٽي ڏينهن ڏاڍا خوشيءَ ۽ قرب ۾ گذاريائون. تنهن کان پوءِ سهي سنڀري تيار ٿي، پوناراءِ جي شهر ڏانهن روانا ٿيا ۽ منزلن تي منزلون ڪندا اچي اتي پهتا.

 

راجا کي جڏهن اها سڌ پئي ته مگـڌر ڪاميابيءَ سان واپس موٽيو آهي، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو. هن کي تمام گهڻا انعام اڪرام ڏيئي گهر روانو ڪري، پاڻ ليلا کي وٺي اچي محلات ۾ رهاڻ ڪرڻ لڳو. ٿورن ئي ڏينهن جي پيار قرب سان مگـڌر، ليلا کي موهي ڇڏيو هو، سو هوءَ ظاهري طرح ته راجا سان رهاڻ ڪندي رهي، پر سندس دل وزير کان سواءِ ٻاتاڙي هئي. ڪجهه چئي به نٿي سگهي، تنهن ڪري ماٺ ڪري راجا سان ويٺي رهي.

 

ڪن ڏينهن گذرڻ بعد ليلا کي وزير جي ڏاڍي سـِـڪ ٿي، سو ڇا ڪيائين جو هڪڙي چالاڪ ٻانهيءَ کي پنهنجو ڪري، وزير مگـڌر کي لڪ چوريءَ محلات ۾ گهرائي ورتائين، جو سڄي رات خوب رهاڻيون ڪري صبح جو هليو ويو. پوءِ اهڙيءَ طرح ليلا ۽ مگڌر جون ملاقاتون ٿينديون رهيون، جن جي خبر راجا ته ٺهيو، پر ٻانهيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن بني بشر کي ڪانه هئي.

هڪڙي ڏينهن راجا اڪيلو گهمندو گهمندو اچي هڪڙي برهمڻ ڇوڪري جي ڀرسان لنگهيو، جنهن ڪو حساب ويٺي ڪيو، راجا به اچي مٿان بيٺس، ۽ هن جي حساب ڪتاب کي ڏسي کلڻ لڳو. راجا جي کل تي ڇوڪري کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، سو يڪدم زمين تي ليڪا ڪڍي حساب ڪري چيائينس ته:

ويـري ڀانـئـين واهرو، ڪلر کاڌئي ڪوٽ،

جـوٺو کايو جکون هڻين، ڀانئين ٿو اٻوٽ.

 

(اي راجا! تون پنهنجي دشمن کي سڄڻ ٿو سمجهين، پر تـنهنجي ڪوٽ کي ڪلر کائي ويو آهي. کائين ٿو اوباريل کاڌو، وري ٻٽاڪون پيو هڻين اَڇـَـت کاڌي جون!) ڇوڪري جي واتان اهي ڳجهارت ۾ ڪڙا ويڻ ٻڌي، پوناراءِ هڪو ٻڪو ٿي ويو. ڇوڪري جي ڳالهه سمجهي ڪانه سگهيو، تـنهن ڪري چيائينس ته: ڇوڪرا کولي ٻڌاءِ ته ڳالهه ڇا آهي؟ پر ڇوڪري ٻڌائڻ کان صفا انڪار ڪيو، چئي: راجا ٿيو آهين، پر تو ۾ مون جيترو به عقل ڪونهي، ته پوءِ تنهنجو ڏوهه ڪونهي. راجا ڇوڪري کي گهڻيئي منٿون ڪيون، پر ڇوڪري سچي ڪانه ڪئي. نيٺ راجا ڪاوڙجي چيس ته: جي سچي نـٿو ڪرين ته مارائي ڇڏيندوسئين. بادشاهه کي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ڏسي ڇوڪرو ڊڄي ويو، دل ۾ چيائين ته، ’آپ سر تي ٻاپ گهوريو‘، هروڀرو پاڻ کي ڇو مارايان؟ تڏهن راجا کي چيائين:

 

تو کي عشق انڌو ڪيو، تنهنجي سر تي وڃائي سونهن،

هـُـــت لـــيـــلا مــگــــڌر پـــاڻ ۾، ويــٺـــا ڪـــن ورونــهــه.

(اي راجا! تو کي عشق اهڙو انڌو ڪيو آهي، جو ڪابه خبر ڪانه ٿي پوئي، خبر اٿيئي ته تنهنجي زال ليلا، مـگـڌر سان محلات ۾ قرب ونڊي، پنهنجي اها سونهن وڃائي ڇڏي آهي، جنهن تي تون مست ٿيو گهمين.) ڇوڪري جي واتان اهي لفظ ٻڌي، راجا پوناراءِ کي باهه وٺي ويئي. ڇوڪر کي چيائين ته: جي برهمڻ نه هجين ها ته اتي جو اتي ماري ڇڏيئين ها، پر هاڻي انهيءَ شرط سان جيئدان ڏيئين ٿو ته ستن ڏينهن اندر جيڪڏهن ليلا ۽ مگـڌر جي عشق جي ثابتي مليم ته وهواهه نه ته ڦاسي چاڙهائي ڇڏيندوسئين. ڇوڪر ڏٺو ته هفتي ۾ راجا کي ثابتي ملي يا نه، سو پاڻ ئي هن کي صلاح ڏنائين ته:

پـنـڌ اڻـانـگـو، شـهـر پري، باري بهانو،

راجا! اهو انهيءَ ڳالهه جو ڄاڻج نشانو.

(اي راجا! تون شڪار جو بهانو ڪري وزير کي ساڻ وٺي پرانهين پنڌ تي وڃ، فلاڻي رات مگـڌر ليلا سان ملڻ جو انجام ڪيو آهي، انهيءَ رات جيڪڏهن هو ڪو بهانو ڪري شهر ڏانهن موٽي اچي ته پڪ ڄاڻج ته ليلا سان ملڻ جو انجامي آهي. پوءِ توکي ثابتي ملي ويندي.)

راجا ڇوڪري جي صلاح مڃي محلات ۾ موٽي آيو.

هاڻي راجا جي دل م اچي چورا کورا ٿي ته ڪنهن طرح انهيءَ حقيقت جي پرک وٺان. سو ٻئي ڏينهن شڪار جو بهانو ڪري، وزير ۽ ڪجهه لشڪر ساڻ ڪري ڪنهن اڻانگي پاسي اُسهيو. سڄو ڏينهن هلندي هلندي جڏهن شهر کان هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي نڪري ويا ۽ رات ٿيڻ واري هئي، تڏهن وزير بادشاهه کي عرض ڪيو ته: راجا! منهنجي دوا گهر رهجي ويئي آهي، جا اڌ رات جو کائڻي ضروري آهي، تنهن ڪري موڪل ڏيو ته گهر وڃي وقت تي دوا کائي سگهان، ۽ وري اچي توهان سان ملان. راجا وزير جو بهانو صحيح سمجهي کيس موڪل ڏني.

وزير جي وڃڻ کان پوءِ، راجا ويچاريو ته هاڻي خبر لهجي. بس، اها مهل اهو پنڌ لشڪر کي اتي ڇڏي، وزير جي کڻي پٺ ورتائين. وزير ته اڌ رات جو وڃي محلات ۾ پهچي ليلا سان قرب ونڊڻ لڳو هو، کيس راجا جي موٽي اچڻ جو اصل خيال ئي ڪونه هو. سج اڃا ڪني مس ڪڍي ته راجا اچي محلات ۾ پير پاتو. قدرت خدا جي ان وقت ليلا جي خاص رازدار ٻانهي نڪتي، سامهون راجا کي ايندو ڏسي ڊڄي ويئي، پر پوءِ يڪدم پاڻ سنڀالي ليلا کي اطلاع ڪرڻ خاطر بيت ڏنائين ته:

پـــونـــاراءِ پــلٽيــــو، آيـــو تـنـهـنـجـي ديــس،

مگـڌر! ليلا ڇڏ کڻي، متان ڪاٽڪا ڪٽيس.

 

(مگـڌر! پوناراءِ تنهنجي ملڪ ۾ موٽي آيو آهي، تنهن ڪري هاڻي ليلا کي ڇڏ، متان مفت ۾ مارجي نه وڃين.) مگـڌر ۽ ليلا، جن هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ رهاڻ پئي ڪئي، سي ٻانهيءَ جي ڳالهه ٻڌي سمجهي ويا ته راجا موٽي آيو آهي. سو ڊپ ۾ ليلا ڇا ڪيو جو مگـڌر کي هڪڙي وڏي صندوق ۾ بند ڪري لڪائي ڇڏيو. ٻانهي اندر پهچي ڏسي ته صندوق مان مگـڌر جي ڏڪڻ جو آواز پيو اچي، ويچار ڪيائين ته جيڪڏهن راجا ٻڌي ورتو ته پوءِ خير ڪونهي، سو مگـڌر کي دلاسو ڏيڻ لاءِ ڳاهه ڏنائين ته:

 

 

تـــــوکــــي لـيــلا لـپـيـٽــيـــو، تون ڪرهل! ڪنبين ڪوهه،

 

جيڪو ليلا سان لنءُ ڪري، تنهن جي دارون دوا نه ڪوءِ.

(اي وزير! توکي ليلا لڪائي ڇڏيو آهي، پوءِ ڏڪين ڇو ٿو؟ توکي خبر ڪانهي ته هٿ وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب! ليلا سان عشق ڪيو اٿئي ته هاڻي ڏڪڻ بند ڪر، نه ته راجا ٻنهي کي مارائي ڇڏيندو.)

ٻانهيءَ جي ڳاهه ٻڌي مگـڌر ڪجهه هوشيار ٿيو ۽ ڏڪڻ بند ڪيائين. ٿوريءَ دير کان پوءِ راجا به اچي محلات ۾ داخل ٿيو، پر ٻانهيءَ جون چيل ڳاهون ٻڌيون هئائين، تنهن ڪري شڪي حالت ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو. انهيءَ وچ ۾ مگـڌر جي زال کي خبر پئجي وئي ته مگـڌر محلات ۾ لڪل آهي ۽ مٿان راجا اچي ويو آهي، سو پنهنجي مڙس جي بچاءُ لاءِ يڪدم محلات ۾ آئي ۽ محلات جي چوگرد چڪر هڻڻ لڳي. ٻانهيءَ کيس انهيءَ حالت ۾ ڦرندي ڏٺو سو اچي ڊپ ورايس ته متان راجا ڏسي وٺيس ۽ ڦڪڙ ڦاٽي پئي، تنهن ڪري کيس وزير جي سلامتيءَ جي خاطري ڏيڻ لاءِ ڳاهه ڏنائين ته:

وڃي ڀوري! آنند ڪر، تنهنجو ڀلو ڪندو ڀڳوان،

صبح ٿيندو، در کلندا، توکي ملندو اچي مهمان.

(ڳهيلي! وڃي آرام ڪر، ڀڳوان ڪندو ته سڀ خير ٿيندو، صبح جو جنهن مهل در کلندا، توکي تنهنجو مهمان ملي ويندو.) راجا محلات ۾ گهڙڻ کان پوءِ هيءَ ٽين ڳاهه ٻڌي هئي، سو هيڪاري پڪ ٿيس ته مگـڌر محلات ۾ ئي آهي، تنهن ڪري ڪاوڙ ۾ ڀرجي ٻانهيءَ کي اچي چوٽيءَ کان ورتائين ۽ چيائينس ته: ڪر خبر، اهو تو ڇا ٿي چيو؟ ٻانهي تمام چالاڪ هئي، تنهن ٺهه پهه جواب ٺاهي ٻڌايس ته: سائين: اڄ شام جو آءٌ تلاءُ تي ويس ته ڏٺم ته هڪڙو ڀؤنر پـَـٻڻ جي گل تي ويٺو آهي، انهيءَ وقت سج پئي لٿو، مون خيال ڪيو ته هاڻي جي ڀؤنر نه اٿيو ته گل ۾ پورجي ويندو. اهو ڏسي چيم ته:

پـــونـــاراءِ پــلــٽيــــو، آيـــو تـنـهـنـجـي ديــس،

مگـڌر! ليلا ڇـڏ اٿــي، متان ڪاٽڪا ڪٽيس.

پوناراءِ جي معنيٰ سج آهي ۽ ڀؤنر کي مگـڌر چئبو آهي، اسين پـٻڻ جي گل کي ليلا چوندا آهيون، سو مون اهو ڀؤنر کي ٿي چيو. راجا جواب ٻڌي چپ ٿي ويو ۽ کانئس ٻيءَ ڳاهه جو مطلب پڇيو. تنهن تي ٻانهي ٻڌايو ته: سائين! جڏهن سج لٿو، تڏهن گل جو منهن بند ٿي ويو ۽ ڀؤنر اندر رهجي ويو، جو پاڻ ڇڏائڻ لاءِ اندر ئي اندر ڦٿڪڻ لڳو. سندس اها حالت ڏسي مون ڳاهه ڏني ته:

تــــوکــــي لـيـــلا لـپـيـٽــيـــو، تون ڪرهل! ڪنبين ڪوهه؟

جيڪو ليلا سان لنءُ ڪري، تنهن جي دارون دوا نه ڪوءِ.

راجا! انهيءَ ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته اڙي ڀؤنر! تون ليلا يعني پـٻڻ جي گل تي مست ٿي ويهي رهئين، آخر ليلا توکي پاڻ ۾ لڪائي ڇڏيو، جڏهن تو ليلا سان لنءُ لاتو آهي، ته پوءِ ڏڪين ڇو ٿو؟ تنهن تي راجا چيس ته: ڀلا آخرين ڳاهه جو ڪهڙو مطلب آهي؟ ٻانهيءَ وري عرض ڪيو ته: راجا! جڏهن ڀؤنر گل ۾ پورجي ويو، تڏهن ڏٺم ته سندس مادي ڀؤنري، اچي گل جي چوڌاري چڪر ڏيڻ ۽ ڀوُن ڀوُن ڪرڻ لڳي، اهو ڏسي کيس چيم ته:

وڃي ڀوري! آنند ڪر، تنهنجي ڀلي ڪندو ڀڳوان،

صبح ٿـيـندو، در کلـندو، توکي ملـندو اچي مهمان.

 

يعني ته اي ڳهيلي! تون وڃي آرامي ٿي، صبح جو جڏهن گل کلندو، تڏهن تنهنجو مهمان توکي اچي ملندو. راجا ٻانهيءَ جا جواب ٻڌي سندس دانائي ۽ سياڻپ کان ڏاڍو خوش ٿيو، ليلا ۽ مگـڌر ڏانهن جيڪو شڪ هئس سو لهي ويس، پر برهمڻ ڇوڪري تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳس ته اجايو پنهنجي پياري دوست تي شڪ ڪيم. پوءِ ٻانهيءَ کي چيائين ته: اي ٻانهي! جيڪو گهرڻو اٿيئي سو گهر؟ ٻانهيءَ هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته: سائين! مون کي ڌڻيءَ جي دعا سان، اوهان جوڏنو اڳئي گهڻو آهي، باقي جيڪڏهن اها وڏي پيتي ڏيو ته مهرباني ٿيندي. راجا چيس ته: ڀلي کڻي وڃ. ٻانهي اها پيتي کڻائي گهر پهتي، ان مان وزير کي ڪڍي گهر روانو ڪيائين.

 

 

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير راجا گهوڙي تي چڙهي، اچي اتي پهتو، جتي برهمڻ ڇوڪر رهندو هو. ڇوڪري کي سڏي چيائين ته: تو ڪوڙ ڳالهايو آهي تنهن ڪري توکي ماريندس! اتي برهمڻ ڇوڪري جواب ڏنو ته: راجا! وزير ته چالاڪيءَ سان نڪري ويو، پر توهين هينئر ئي وڃي راڻيءَ کي حڪم ڪريو ته هار سينگار ڪري، نو لکو هار پائي توهان سان ملاقات ڪري پوءِ پاڻهي خبر پئجي ويندي ته ڪير ڪوڙو ۽ ڪير سچو آهي، ڇاڪاڻ ته وڃڻ وقت اهو هار تـڙ تڪڙ ۾ وزير جي کيسي ۾ رهجي ويو آهي. راجا چيو ته: چڱو هيءُ ڀيرو وري به آءٌ تنهنجي ڳالهه مڃان ٿو، جي ڪوڙ ثابت ٿيو ته پوءِ تنهنجو بچڻ مشڪل آهي. ائين چئي راجا پوين پيرن تي واپس درٻار ۾ آيو ۽ وزير کي اتي ويهاري، هڪڙي نوڪر جي هٿان راڻيءَ کي چوائي موڪليائين ته: هار سينگار ڪري، نولکو هار پائي ويهه ته آءٌ اچان ٿو.

 

راڻي ليلا کي جڏهن اهو حڪم پهتو، تڏهن اچي آنڌ مانڌ لڳس ڇو جو هار وٽس ڪونه هو، ۽ مگـڌر جي ڪوٽ جي کيسي ۾ رهجي ويو هو. راڻيءَ جي اها حالت ڏسي ٻانهي کانئس سبب پڇيو. جنهن تي هن سموري حقيقت ڪري ٻڌايس. ٻانهيءَ کيس چيو ته فڪر نه ڪر آءٌ پاڻهي ئي ٿي بندوبست ڪريان، ائين چئي ويس بدلائي فقير بنجي ڪستو هٿ ۾ کڻي سڌي درٻار ۾ آئي ۽ ايندي شرط صدا هنيائين ته:

پـهرين سلام راجا جـو، ٻـئـي وزيـرن جـي وار،

ٽيون سلام ڪچهريءَ جو، جيون جيوي دوار.

 

ٻانهي جيتوڻيڪ بدليل ويس ۾ هئي، پر وزير هن کي سڃاڻي ويو ۽ اهو به سمجهائين ته هار لاءِ آئي آهي، سو يڪدم چيائين ته:

 

ٻيو نه مون وٽ آهه حاضر، روڪڙ نه ڪو نوٽ،

اچ فــقـيـر دعـا ڪــر، وٺـي وڃ خـيـر ۾ ڪـوٽ.

ائين چئي ڪوٽ لاهي فقير کي ڏنائين، جنهن جي کيسي ۾ هار به پيل هو. ڪوٽ هٿ ڪري، ٻانهي موٽي ويئي ۽ هار وڃي راڻيءَ کي ڏنائين. راڻي ڏاڍي خوش ٿي ۽ هارسينگار ڪري، نولکو هار پائي ويهي رهي.

ڪجهه وقت کان پوءِ راجا محلات ۾ آيو، ڏسي ته راڻي هارسينگار ڪريو، نولکو هار پايو ويٺي آهي! راجا اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سمورا شڪ گمان لاهي ڇڏيائين، ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو برهمڻ ڇوڪري کي درٻار ۾ گهرائي مارائي ڇڏيائين.

 

 

 


 

 

 

11-سڏيوت ۽ سارنگا *

 

ڪنهن زماني ۾ ’پاري ننگر‘ تي ’ساليواهن‘ نالي هڪڙو راجا راڄ ڪندو هو، جنهن کي سڪي پني هڪڙو سدا ملوڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ‘سڏيوت’ رکيائين. راجڪمار اڄ ننڍو سڀان وڏو، جڏهن اچي لائق ٿيو، تڏهن کيس هڪڙي وڏي پنڊت وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريائون.

انهيءَ پنڊت وٽ ٻين شاهوڪار ماڻهن جا ٻار به پڙهندا هئا، جن ۾ ‘سارنگا’ نالي هڪڙي چنڊ جهڙي سهڻي ڇوڪري به هئي، جا هڪڙي وڏي سيٺ جي سڪيلـڌي ڌيءَ هئي. ٿورن ئي ڏينهن ۾ سڏيوت ۽ سارنگا هڪ ٻئي ۾ رلي ملي ويا. سڄو ڏينهن پيا گڏ راند ڪندا هئا. اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا، آخر اچي جوان ٿيا، ۽ ٻئي ڄڻا روزانو شهر جي ٻاهر واري باغ ۾ ملندا ۽ قرب ونڊيندا هئا. چوندا آهن ته خون ۽ کٿوري ڪونه لڪي، سو نيٺ هڪڙي ڏينهن هنن جي عشق جي ڳالهه ظاهر ٿي پيئي. سارنگا جي مائٽن کي اچي بدناميءَ جي ڊپ ورايو، تن سندس ٻاهر نڪرڻ بند ڪري ڇڏيو، ۽ ماٺ ميٺ ۾ سندس شاديءَ جا سعيا ڪرڻ لڳا. سارنگا گهڻوئي ليلايو ۽ ٻاڏايو، پر وريو سريو ڪي به ڪين. آخر هڪڙي ڏينهن ’ڌاراننگر‘ جي هڪڙي سيٺ ’ماڻڪچند‘ جي پٽ ’روپي‘ جي ڄڃ اچي پهتي ۽ سارنگا جي شادي روپي سان ڪري ڇڏيائون.

ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ ڄڃ موٽي وڃڻ واري هئي، پر وڃڻ کان اڳي سارنگا هڪڙو ڀيرو سڏيوت سان ملڻ جو خيال ڪيو. ٻيو ته ڪو وسيلو ئي ڪو نه هو، سو ڇا ڪيائين جو پنهنجي هڪڙي خاص سهيليءَ هٿان، ڏانهس نياپو ڏياري موڪليائين ته:

سـِـينگي سيلي هاٿ لـِـيو، تن پرخاڪ لڳاءِ،

وسـتــر پـهــرو گـيــڙئــا، وَسـو پـُـري ۾ جــاءِ.

(اي سڏيوت! بدن تي ڀـڀوت ملي، گيڙو رتا ڪپڙا پهري، سامين جو سامان کڻي هلي مڙهيءَ ۾ ويهه ته آءٌ توسان اتي اچي ملان.)

نياپي پهچڻ شرط، سڏيوت بت تي ڀـَـڀوت ملي، گيڙو رتا ڪپڙا پائي وڃي مڙهيءَ ۾ ويٺو.

قــِن پـر قـَسـم لـڳـاءِ، هاٿ ۾ ليئا ڪـِـيرُ،

سارنگا تيري ڪارڻي، ڪريو ويس فقير.

(بدن تي خاڪ ملي، ڪندري کڻي، اچي مڙهيءَ ۾ ويٺو آهيان. اي سارنگا! تنهنجي لاءِ مون فقيراڻو ويس ڪيو آهي.) مڙهيءَ ۾ ڪي نشئي ويٺا هئا، جن چلم پئي پيتي، واري واري سان سڀني ان مان پئي ڦوڪ ڀري. جڏهن راجڪمار جو وارو آيو، تنهن پهريائين ڪيٻايو، پر پوءِ لاچار ڦوڪ ڀرڻي پيس، ٻن ٽن سوٽن کان پوءِ نشي گهيراٽي وڌس ۽ ويچارو اتيئي سمهي رهيو.

سارنگا جي ڄڃ به گهران نڪتي ۽ هلندي هلندي اچي انهيءَ مڙهيءَ جي ڀرسان پهتي، جتي سڏيوت ويٺل هو. اتي پهچي سارنگا چيو:

شـِـو پوڄا ٻارهن ورس، تن من سان ڌرِ ڌيان،

ڄـــڃ هـــت بيهـارجــــو، لـَــئي آئــُـــون وَردان.

(آءٌ شو جي پوڄا سدائين هن مڙهيءَ ۾ ڪندي آهيان، ڪجهه وقت ڄڃ هتي بيهاريو ته آخري ڀيرو پوڄا ڪري آسيس وٺي اچان.) کيس پوڄا ڪرڻ کان ڪنهن به ڪونه روڪيو. ان وقت سندس هارسينگار اهڙو ڪيل هو، جو جنهن کيس ڏٺو ٿي، سو اتي جو اتي هوش وڃائي ٿي ويٺو.

 

بـِـيندي ڏني ڀالَ پر، ويسر دم ڪت جات،

 

ان جـهيڻـي پـهر ۾، يـار مـلـڻ ڪـو جات.

(پنهنجي پيشانيءَ تي تلڪ هڻي، شو جي پوڄا لاءِ پئي وڃي. سج لٿي مهل هوءَ پنهنجي يار سان ملڻ پيئي وڃي.)

اندر مڙهيءَ ۾ گهڙي سارنگا، سڏيوت کي ڳوليو. ڏٺائين ته سڏيوت هڪڙي ڪنڊ ۾ اگهور ننڊ ۾ ستو پيو آهي.کيس گهڻوئي جاڳايائين، پر هن کي هئا نشي جا گهيرٽ، سو ڪٿي ٿو سجاڳ ٿئي! آخر جڏهن هر طرح کان نراس ٿي، تڏهن وڻ تي ويٺل هڪڙي طوطي کي پنهنجو شاهد ڪري چيائين ته:

لـعـل ورڻ تـو چـونـچ آ، سـفـيـد رنگ تو آنک،

محبوب همارو جڏ جاڳي، ڀرجان ويرا! ساک.

(تنهنجي چهنب ڳاڙهي ۽ اک سفيد آهي. جڏهن منهنجو محبوب سجاڳ ٿئي، تڏهن منهنجي هتي اچڻ جي شاهدي ضرور ڏج!) ائين چئي، وري خيال ڪيائين ته پنهنجي ڪا اهڙي نشاني ڇڏي وڃان، جيئن سڏيوت ان کي ڏسي. سو ڇا ڪيائين جو آڱر کي چهڪ ڏيئي ان مان رت ڪڍي، سڏيوت جي ٻنهي هٿن تي لکيائين ته:

تکو لـي لـِـيو هاسـِـيو، پورا ڪاٽ پچاس،

جـهنگ اَڏائو جهـوپڙي، اُت پڄائـون آس.

(تکو ڏاٽو کڻي جهنگ مان پنجاهه ڪاٺ جا ٽڪرا ڪپي، اتي جهوپڙي اڏي ويهج ته اتي ملاقات ڪريون.) اهو لکي سارنگا ڄڃ سان گڏ رواني ٿي ويئي.

 

صبح جو سجاڳ ٿيڻ سان سڏيوت جي نظر سارنگا جي لکيت تي وڃي پيئي. ڏاڍو ڏک ٿيس ته محبوب آيو، پر گڏجاڻي نه ٿي. ڏٺائين ته ويل ڳالهه وري ڪانه موٽندي، سو يڪدم هڪڙي تکي گهوڙي تي چڙهي، رستو ڪپي وڃي سندس اڳ ورتائين ۽ هڪڙي جهوپڙي ٺاهي ان ۾ ويهي رهيو.

 

 

ٿوريءَ دير کان پوءِ سارنگا جي ڄڃ به اچي اتي پهتي. سڏيوت مڪر ڪري روئندي هنن کي چيو ته: منهنجي زال کي ويم جا سور لڳا آهن، ڌڻي جي واسطي منهنجي مدد ڪريو! پر ڄڃ مان ڪابه عورت هن جي مدد لاءِ تيار نه ٿي، جنهن تي سارنگا چيو ته: هل، آءٌ ٿي هلان. کيس گهڻوئي چيائون، پر هـُـوءَ نه مڙي ۽ سڏيوت سان گڏجي جهوپڙي ۾ گهڙي ويئي، ۽ ڄڃ اتي ترسي پئي. جهوپڙيءَ ۾ ٻئي هڪٻئي سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا. سارنگا جهوپڙيءَ مان نڪتي ته سندس ڪپڙا گهنجيا پيا هئا، سندس ڏير، جو تمام چالاڪ هو، اهو ڏسي پنهنجي ڀاءُ کي چيو ته:

 

ڪانچوئو ڪسمسيو، ساڙهـِـي ڀرائي سـَـري،

ويـــــرا! مَ وَرجيو، ڀـاڀـــي نــاهه ڪـســري.

(ادا! مون توکي اڳ ئي روڪيو پر تو نه مڃيو. هاڻي ڏس ته سارنگا جو نئون وڳو سڄو گهنججي ويو آهي. اڄ سارنگا ساڳي نه اٿئي.) سارنگا اهو ٻڌي سمجهي ورتو، تنهن يڪدم وراڻيو:

بودو ڪپڙو ٻـَـهـُـو رنگو، سبڻ وارو آڍنگ،

ٽــڙ ٽــڙ ٽـانـڪا ٽـُــٽيــــا، آرس موڙي آنگ.

(مون کي جيڪو وڳو پهريل آهي، ان جو هڪ ته ڪپڙو سڙيل آهي، ۽ ٻيو ته سبڻ وارو ڪاريگر نه آهي، ان ڪري آرس ڀڃڻ سان ٽوپو ٽٽي پيو ۽ ڪپڙا سڀ خراب ٿي ويا.) خير ڳالهه آئي وئي ۽ ڄڃ اڳتي رواني ٿي. سڏيوت به ڄڃ جي پٺيان وڃڻ لڳو.

 

ٻيءَ رات هڪڙي بڙ جي وڻ هيٺ وڃي ٽڪيا. سڏيوت به اٽڪل ڪري انهيءَ وڻ تي چڙهي وڃي ويٺو، جنهن جي هيٺان سارنگا ستل هئي. اڌ رات ٿي ته سڏيوت محبوب جي جدائيءَ ۾ روئڻ لڳو، ۽ سندس لڙڪ سارنگا جي ڳلن تي اچي پيا. تڏهن سارنگا چوڻ لڳي ته:

 

اَنــــب جــهـَـڙي انـبلـِــي، ڀـِـڄـي نـَــوســَـر هــــارَ،

رس چس تو سڀ چکيا، هاڻ ڇو روئين گينوار؟

(اي انب تـنهنجي انبڙي مان رس وهڻ ڪري منهنجو نو لکو هار پـُـسي پيو، تو ته سڀ رس چکيا ۽ مزا ماڻيا آهن، هاڻي ڇو ٿو روئين؟) سارنگا جو ڏير به ان مهل جاڳيو پئي، تنهن اهو ٻڌي سارنگا کي چيو ته: ڀاڄائي! اهو ڇا ٿي چوين؟ سارنگا ڳالهه کي بدلائي ٻڌايس ته:

انـب جـهـَـڙي انـبلـِـي، ڀـِـڄي نـَـو سـَـرهار،

ٻـڌا ڍڳـا بـک مـري، گاڏي هـلاءِ گينـوار.

(انب جي انبڙيءَ مان رس وهڻ ڪري منهنجو نولکو هار پسي پيو آهي. ڍڳا به ٻڌا بک بيٺا مرن، تنهنڪري گاڏي هڪلي هلو.) بس ڳالهه ڪرڻ جي دير هئي، يڪدم قافلو اڳتي روانو ٿيو، ۽ ويچارو سڏيوت جهڙو هو تهڙو اتي رهجي ويو، پر سارنگا کي سڏيوت ڪٿي ٿو وسري! سو واٽ تي روئندي ويئي.

هڪڙي ڏينهن سڏيوت ڪنهن تلاءُ مان پاڻي ٿي پيتو، پر سندس هٿ تي سارنگا جا اکر لکيل هئا، تنهن ڪري هرڻ وانگر نـِـوڙي پاڻي پيئڻ لڳو. تلاءُ جي پاسي ۾ ڪي چار عورتون بيٺل هيون. انهن مان هڪڙيءَ سندس اها حالت ڏسي چيو ته:

هـرڻ سـمـان پـاڻي پئي، جـل نـا هاٿ لڳاءِ،

هـُـون پـُـڇان اي سکي! تنهن جو اَرٿ بتاءِ؟

(اي سرتي! انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي جو هيءُ شخص هرڻ وانگر پاڻي پيو پئي ۽ ان کي هٿ بنهه نٿو لڳائي؟) اهو ٻڌي سڏيوت کيس جواب ڏنو ته:

ٻڌي ٿي پنهار سان، هلڻ هو تنهن ساٿ،

او روئـي ۾ جـهـلـيو، ڪجل ڀراڻو هاٿ.

 

(محبوب سان گڏ هلڻ جو انجام هو، پر آءٌ اڌ تي ترسي پيس، سو محبوب پنهنجي ڪجل جي نشاني هٿن تي ڇڏي ويئي اٿم.) تنهن تي ٻيءَ عورت چيو ته:

 

اي مـــــورک ڪـــــاٺ جــــا! ڪـجـــل ســـڀ ڏي ڌوءِ،

جيئن جيئن ڪجل ٿو ڏسين، تيئن تيئن دکڙو هوءِ.

(اڙي چريا! اها نشاني ميساري ڇڏ، ڇو جو انهيءَ جي ڏسڻ سان ويتر ڏک ٿيند”.) هي ٻڌي ٽينءَ عورت وراڻيو:

اِهو پرنارو گوگل هيو، گــَـيو اَملاڻي سـَـٿ،

ڌڻ آيا، پـرين نه جـاڳيا، ڳـاهه لکيندا هٿ.

(هيءُ ويچارو ڪو عاشق ٿو ڏسجي، پر ڪن املين جي سنگت ۾ گڏيو هو، جو نشي ۾ چور ٿي سمهي پيو هو. سندس محبوب آيو پر هيءُ نه جاڳيو، تڏهن هٿ تي ڳاهه لکي ويئي اٿس.) آخر انهن عورتن کانئس سندس حال جي حقيقت پڇي، جا هن سربستي ڪري ٻڌائي. تنهن تي هڪڙيءَ عورت چيس ته:

جهور ڀـِـي جهڪور ڀـِـي، روڻ پڻي رڻي،

هــــوءِ ڳـڻـس ڳـَـڻـي، ته آءُ مـــلا وڻــــي.

(ڳولا ڦولهاڪر، تڪليفون سرتي سهه، پوءِ جيڪڏهن تقدير ۾ لکيل هوندءِ ته ملي ويندءِ.)

 

ائين چئي چارئي عورتون، پنهنجو گس وٺي هليون ويون. سڏيوت ويچارو ڪيترو وقت اتي ويٺو رهيو. سارنگا جي سڪ ۾ هن کي هڪ پل به پهر پئي لڳو، تنهنڪري اٿي پنڌ پيو ۽ پارڪر جا پوٺا ڇڏي، اچي ڌاراننگر ۾ پهتو. خيال ڪيائين ته هاڻي سارنگا جو ديدار ڪيئن ڪجي؟ سو هڪڙي تلاءَ جي ڀر ۾ ويهي رهيو. نيٺ هڪڙي ڳالهه سجهي آيس، سو ڇا ڪيائين جو جوڳين وارو ويس ڪري، شهر ۾ سارنگا کي ڳولڻ شروع ڪيائين. آخرڪار هڪڙي ڏينهن وڃي هن جي درتي سئن هنيائين. سارنگا، جنهن ڪيترن ڏينهن کان سڏيوت سان ملڻ لاءِ ڪانگ پئي اُڏايا، سا هڪدم هن جو آواز سڃاڻي اندران سوني ٿالهه ۾ هيرا جواهر وجهي در تي آئي. ٻنهي ڄڻن هڪٻئي کي ڏٺو ۽ ڏسي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيا. ايتري قدر جو کين دنيا جي ڪا ڪل نه رهي. سارنگا ٿالهه ۾ جيڪي موتي کڻي آئي هئي، سي ڪانگ چڳڻ لڳا، پر هنن ٻنهي کي انهيءَ جي سڌ نه رهي، ۽ اکيون اٽڪايو ڏسندا رهيا.

 

انهيءَ وقت ڌارا ننگر جو راجا پنهنجي راڻيءَ سان گڏ محلات جي دريءَ کان بيٺو هو، تنهن جو هيءُ تماشو ڏٺو، سو عجب سان راڻيءَ کي چوڻ لڳو ته:

اِس ننگري ۾ مورک وسي، چتر وسي نه ڪوئي،

ڪـانـگا مـوتـي چـگ گـيـا، ڪـوڪـٽ ناڪـوئي.

(اي راڻي! هن شهر ۾ سڀ بيوقوف رهن ٿا، هڪڙو به سياڻو نه آهي. ڇاڪاڻ ته ههڙا قيمتي موتي ڪانگ پيا چڳن، ۽ انهن کي هڪلڻ وارو ئي ڪونهي!)

راڻي به سياڻي هئي، تنهن يڪدم جواب ڏنس ته:

اس ننگري ۾ چتر وسي، مورک وسي نه ڪوئي،

ٻــالاپـــڻ ري پـِــريتـڙي، مـيـٽ مـيـلاپــو هــوئـي.

(اي راجا! هن شهر ۾ سڀ سياڻا رهن ٿا، اياڻو هڪ به نه آهي، پر هي ڪي ٻئي ننڍي هوندي جا عاشق پاڻ ۾ مليا آهن.)

انهيءَ ڳالهه تي راجا ۽ راڻيءَ جو اچي ضد ٿيو، سو فيصلي ڪرائڻ لاءِ ٻئي هيٺ لهي آيا ۽ اچي ٻنهي کان خبر پڇيائون. سڏيوت هنن کي سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي، راجا کي هن جي حال تي ڏاڍو ارمان ٿيو، ۽ يڪدم حڪم ڪيائين ته سارنگا، سڏيوت جي حوالي ڪئي وڃي. بادشاهي حڪم جي آڏو ويچاري سيٺ جي ڪابه هلي نه سگهي. جهڙيءَ طرح ماٺ ميٺ ۾ سارنگا کي وٺي آيو هو، تهڙيءَ طرح سڏيوت جي حوالي ڪيائين. راجا پوءِ کين تمام گهڻو انعام ڏيئي پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ڪيو ۽ هيءُ محبت وارا حياتي جا باقي ڏينهن پيار ۽ پريت سان گذارڻ لڳا.

 

 

 

 


 

____________

 


 

 

* هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمر ڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي کان ملي.

* هن ڳالهه جون ٻه روايتون، ٿرپارڪر (تعلقي ننگر پارڪر) مان منگهارام اوجها ۽ وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد بچل کان مليون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org