سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 12 13 14

صفحو ؛ 6

12-کيمرو ۽ لوڏڻ*

 

ڪنهن زماني ۾ ڄام ننگر جي ”راول ڳوٺ“ ۾، آهير قوم گهڻي انداز ۾ رهندي هئي. سندن مـُـکي کي پنهنجي اولاد مان سڀني کان ننڍي پٽ ‘کيمري’ سان تمام گهڻو پيار هو، جو تمام سهڻو هوندو هو. کيمرو مائٽن جي پيار سبب تمام البيلو هوندو هو، ۽ سڄو ڏينهن گهوڙي تي چڙهي ڳوٺ جي آسپاس پيو گهمندو هو.

هڪڙي ڏينهن انهيءَ ڳوٺ جي ٻاهران هڪڙو قافلو اچي لٿو، جو گنگا جي تيرٿ تي ويو ٿي. آهيرن انهي قافلي وارن جي ڏاڍي آجيان ڪئي ۽ ٽن ڏينهن لاءِ کين پنهنجو مهمان ڪري ٽڪايو. قافلي جي اڳواڻ کي ”لوڏڻ“ نالي ڌيءَ هئي، جنهن جي سونهن ملڪان ملڪ مشهور هئي. لوڏڻ پنهنجي سڄي عمر عبادت ۾ گذاري هئي، ۽ قسم کنيل هئس ته ’هوءَ سڄي عمر نه ڪنهن اوپري ماڻهوءَ کي ڏسندي ۽ نه وري سڄي ڄمار شادي ڪندي.‘ آهيرن جي زالن کي جو اها خبر پيئي سو سهي سنڀري اهڙي عورت کي ڏسڻ لاءِ نڪتيون. کيمري کي جڏهن انهيءَ ڳالهه جي خبر پيئي ۽ لوڏڻ جي سونهن جي هاڪ ٻڌائين، تڏهن هن کي ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڀاڄاين سان گڏجي هلڻ تي ضد ٻڌي بيهي رهيو. هنن ڪيترو ئي سمجهايس ته لوڏڻ ڪنهن به مرد ماڻهو جي منهن ڏسڻ جو قسم کڻي ڇڏيو آهي، پر هو نه مڙيو. نيٺ جڏهن ڏٺائون ته کيمرو ضد تان ڪونه لهندو، تڏهن کيس زنانا ڪپڙا ڍڪائي پاڻ سان وٺي هليون.

Text Box: 77

 

لوڏڻ انهيءَ مهل دريءَ کان ويٺي هئي. اوچتو سندس نظر وڃي کيمري تي پيئي، جو وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندو پئي آيو. کيس شڪ جاڳيو ته اها عورت نه پر مرد آهي، جنهن جو هلڻ زالن کان کڙو تڙو ۽ البيلائي وارو آهي. اڃا انهيءَ ويچار ۾ هئي ته آهيرياڻيون اچي طنبوءَ ۾ گهڙيون. لوڏڻ سڀني سان ڀاڪر پائي، ڏاڍي اُڪير سان ملي ۽ کين عزت ڏنائين. کيمري سان ملڻ کان پوءِ کيس پڪ ٿي ته اهو مرد آهي. ڏاڍو ڏک ٿيس ته سڄي عمر جي ڪمائي ڪـُـٽ ٿي ويئي ۽ دل ۾ چيائين ته:

 

اوتـــڙو آهــيــر، ڀــاڄــايــن ڀـيـڙو مــــڙي،

ورت اسان جا وير، کوٽا ڪرايا کيمري.

(هڪڙي آهير، پنهنجي ڀاڄاين سان گڏ اچي منهنجي سڄي عمر جو ورت خراب ڪري ڇڏيو آهي.)

پوءِ کيمرو تمام سهڻو جوان نظر آيس، ۽ خيال ڪيائين ته هيءُ پهريون ئي مرد آهي، جنهن مون کي ڏٺو آهي، سو هاڻي انهيءَ سان ئي شادي ڪنديس. اهو پڪو پهه ڪري ويهي آهيرياڻين سان رهاڻ ڪرڻ لڳي. ڳچ وقت کان پوءِ هڪٻئي کان موڪلايائون.

هنن جي وڃڻ کان پوءِ لوڏڻ کي اچي آنڌ مانڌ ٿي. سندس اهڙي حالت ڏسي، ساهيڙي کانئس پڇيو ته: تو سان ڪهڙي ويڌن آهي؟ هن کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي ۽ چيائينس ته: هاڻي ڇا به ٿي پوي، شادي انهيءَ سان ڪنديس، پر هاڻي ڪا اٽڪل ڪري هن کي هتي وٺي اچ. ساهيڙيءَ کيس آٿت ڏنو ۽ انجام ڪيائينس ته: آءٌ کيمري کي رات جو وٺي اينديس.

رات جو لوڏڻ جي ساهيڙي، کيمري کي ساڻ وٺي آئي. ٻئي پاڻ ۾ ملي ڏاڍا خوش ٿيا. ڪافي وقت رهاڻ ڪيائون، تڏهن کيمري کانئس پڇيو ته: تو مون کي زناني ويس ۾ ڪيئن سڃاتو؟ لوڏڻ ورندي ڏنيس ته:

Text Box: 78

 

تون مـِـڙني مـِـڙيان، ڀـُـج ٻئي ڀيڙا ڪري،

 

تنهنجي نئه نران، کـَـوا نـِـوڙيــا کـيمرا!

(اي کيمرا! توسان ڀاڪر پائي ملڻ وقت مون تنهنجون مضبوط ٻانهون ۽ ڪلها ڏسي سڃاڻي ورتو ته تون مرد آهين.)

آخر رهاڻ ڪندي اچي پرهه ڦٽي، تڏهن هڪٻئي کان موڪلائڻ لڳا. لوڏڻ کيمري کي چيو ته: کيمرا! اسين هاڻي وڃون ٿا، تيرٿ ڪري موٽي اچي پاڻ ۾ شادي ڪنداسين. اهو ٻڌي کيمري کي لوڏڻ جي جدائيءَ جو ڏاڍو ڏک ٿيو، سو سندس اکين ۾ پاڻي تري آيو. تنهن تي لوڏڻ چيس ته:

سنگهه سگهيرو جا”، کماريوِ کمي نهين،

رو مـَـت راولـيـا! کــوٽـي مَ ڪـر کـيـمــرا!

(کيمرا! هاڻي روئڻ چڱو ناهي، کلي موڪل ڏينم ته قافلي سان گڏجي وڃان، مون کي هتي گهڻو وقت نه ترسا”.)

کيمري جواب ڏنس ته: لوڏڻ! تنهنجي وڇوڙي ۾ ته آءٌ مري ويندس. جنهن تي لوڏڻ ورندي ڏنيس ته: دلگير نه ٿيءُ، آءٌ دوارڪا مان ٿي پنڌرهين ڏينهن وري موٽي اينديس، پوءِ پاڻ شادي ڪري آرام سان حياتي گذارينداسين. کيمري چيو ته: ڀلي وڃ، پر جيڪڏهن تون پنڌرهن ڏينهن ۾ نه ايندينءَ ته آءٌ پاڻ کي ماري ڇڏيندس. لوڏڻ کيس پڪ ڏني ته، دوارڪا هتان ستن ڏينهن جي پنڌ تي آهي، چوڏهن ڏينهن سفر ۾ لڳندا، هڪڙو ڏينهن تيرٿ تي رهبو، اهڙيءَ طرح انجام ڪيل ڏينهن تي خاطري سان پهچي وينديس. پوءِ ٻنهي ڄڻن هڪٻئي کان روئي موڪلايو. هلڻ وقت کيمري کيس ٻه لوٽا ڏنا ته اهي گنگا جي پاڻيءَ مان ڀريو اچي. لوڏڻ جي دل خود کيمري کي ڇڏي گنگا وڃڻ تي نه هئي، پر خيال ٿيس ته متان ماڻهو ٺٺول ڪن ته لوڏڻ جهڙي سيل واري عورت به عشق ۾ ڦاسي، خدا کي وساري ويهي رهي، تنهن ڪري قافلي کي وٺي رواني ٿي ويئي.

اتان رواني ٿيڻ کان پوءِ لوڏڻ سڄي ڏينهن ۾ پوڄا نه ڪئي، ۽ کيمري جي يادگيري ۾ ويڳاڻي رهي. سندس اها حالت ڏسي کانئس ڀاءُ پـڇيو ته: لوڏڻ! تون ويڳاڻي ڇو ٿي آهين؟ پهرين ته هن گهڻوئي نٽايو، پر جڏهن ڏٺائين ته ڀاڻس هوڏ تان نٿو لهي، تڏهن چيائينس ته:

اوتــڙو آهــيــر، ڀــاڄــايــــن ڀــيــڙو مـِـڙي،

ورت اسان جا وير! کوٽا ڪرايا کيمـري.

(ادا! کيمرو نالي هڪڙو آهير پنهنجن ڀاڄاين سان گڏجي مون وٽ آيو، ۽ منهنجو سالن جو ورت ٽوڙي ڇڏيائين، انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ ويڳاڻي آهيان.)

ڀاڻس اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چيائين ته: کيمري دولاب ڪيو آهي، آءٌ کيس ماري ڇڏيندس. ڀاءُ کي ڪاوڙيل ڏسي لوڏڻ چيو ته:

آئي اُڀي ديش، گانجو ڪوئي گميونهين،

پـڻ روڙو اول ديــش، کـتـيو دل ۾ کيمرو.

(ادا! آءٌ سڄو ملڪ گهمي ڦري آئي آهيان، راول ديس جو سهڻو کيمرو منهنجي دل ۾ گهر ڪري ويو آهي. ان تي ڪاوڙ نه ڪر.) پوءِ ڀاءُ کي سموري حقيقت ڪري ٻڌايائين. اتي سندس ڀاءُ کي هيڪاري ڪاوڙ لڳي ۽ چيائينس ته: لوڏڻ! توکي ائين نه جڳائي جو هڪڙي ڌارئي ماڻهوءَ کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏني اٿيئي ۽ ان سان شاديءَ جو انجام ڪيو اٿيئي، هاڻي آءٌ ڪڏهن به اها شادي اُن سان ڪرڻ نه ڏيندس. پوءِ لوڏڻ ڀاءُ کي ڪيتريون منٿون ڪيون، پر هن ڳالهه نه مڃي.

لوڏڻ جنهن چاهه سان تيرٿ ڀيٽڻ آئي هئي، هاڻي اُهو چاهه نه رهيو هو. پوڄا پاٺ سڀ وسري ويا هئس، سڄو وقت کيمري جي يادگيري ۾ گذرندو هئس.

Text Box: 80

 

لوڏڻ جي ڀاءُ کي سموري حقيقت جي خبر هئي ته ٻنهي ڄڻن پنڌرهين ڏينهن موٽي ملڻ جو انجام ڪيو آهي، سو دوارڪا جي تيرٿ واري مسافري ۾ سستي ڪرڻ لڳو. ڀيڻس لوڏڻ سمجهي ويئي ته ڀاءُ جي نيت ڪهڙي آهي، سا هن کي تڪڙي پنڌ ڪرڻ ۽ انجام واري ڏينهن تي موٽي هلڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳي، پر وريو ڪي به ڪن. دوارڪا ۾ پهچي قافلي وارا پوڄا ۾ لڳي ويا، پر لوڏڻ فقط کيمري جا ڏنل ٻه لوٽا گنگا جي پاڻيءَ مان ڀري موٽڻ جو انتظام ڪرڻ لڳي.

 

Text Box: 79

 

لوڏڻ جو ڀاءُ هڪ نه ٻيو بهانو ڪري هاسيڪار ٻٽي ڏينهن اتي ترسي پيو. ڀاءُ جي اها هلت ڏسي، لوڏڻ کي ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ کيس جلد موٽڻ لاءِ آزيون نيزاريون ڪندي رهي. جڏهن ڀاڻس ڏٺو ته لوڏڻ نه رهندي تڏهن واپس ورڻ جي هام هنيائين. قافلو تيار ٿيو ۽ واپس روانو ٿيو.

 

هوڏانهن کيمري جي اڳين البيلائي ختم ٿي چڪي هئي، لوڏڻ جي عشق اندر ڳاري ڇڏيو هئس. سندس اها حالت ڏسي ڀاڄاين کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي، پر هن کين ڪو به جواب نه ڏنو. جيئن جيئن لوڏڻ جي ورڻ جا ڏينهن ويجها ٿيندا ويا، تيئن تيئن کيمري جي حالت وڌيڪ خراب ٿيندي ويئي. پنهنجو گهر ڇڏي لوڏڻ جي موٽڻ واري رستي تي وڃي ويهي رهيو. نه کائڻ نه پيئڻ، بت بنيو ويٺو رهيو. آخر اُهو ڏينهن به اچي پهتو، جنهن تي لوڏڻ کي موٽڻو هو. سڄو ڏينهن گذري ويو، پر لوڏڻ جو قافلو کيس نظر نه آيو. کيمرو وڌيڪ جدائي جو ڏک سهي نه سگهيو، اتي جو اتي ساهه نڪري ويس. سندس مائٽن کي جڏهن انهيءَ ڳالهه جي سڌ پئي، تڏهن اُتيئي سندس سماڌي ٺهرائي ڇڏيائون.

ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ، لوڏڻ جو قافلو به اچي پهتو، پر وقت گذري ويو، جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿي چڪو. لوڏڻ اُتي نئين سماڌي ڏسي زارو قطار روئڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته: کيمري جيڪي چيو سو ڪري ڏيکاريو، اهو ڏوهه منهنجو آهي. وري قافلي وارن کي ورلاپ ڪندي چيائين ته:

مارگ ڪنٺي مساڻ، اوجڙ ران آهير تڻان،

پـوڍيل مـارو پـراڻ، راولـيـوريـسيائي گيو.

(رستي جي ڪپ واري مساڻ ۾، آهيرن منهنجو پرين سمهاري ڇڏيو آهي. هاڻي کيمرو مون کان رسي ويو آهي.)

Text Box: 81

 

ائين چئي، جيڪي ٻه لوٽا پاڻيءَ جا دوارڪا مان آندا هئائين، سي سندس سماڌيءَ تي هاري ڇڏيائين. وري پنهنجي ڀاءُ کي، جو گهوڙي تي چڙهيل هو، چيائين ته:

 

گهوڙي سوار! جائو واٽ، اسين پاراپو گسان،

ديـوي، سـاري رات، تاري کانڀي مٿي کيمرا!

(اي گهوڙي سوار! هاڻي پنهنجي واٽ وٺي هليو وڃ، آءٌ جي آيس ته پاڻهي پيرين پيادي اينديس. آءٌ اڄوڪي سڄي رات هتي ئي پنهنجي پياري جي سماڌي وٽ گذارينديس.)

قافلي وارن سندس اها حالت ڏسي، کيس اُتيئي روئندو ڇڏي هليا ويا.

لوڏڻ پوءِ اتيئي رهي پئي، نه کائيندي هئي نه پيئندي هئي. آخر ٿوري وقت کان پوءِ اها به اُتي ئي مري ويئي ۽ آهيرن سندس سماڌي به کيمري جي ڀرسان ٺاهي ڇڏي.

 

 

 

 


 

 

13-آلڻڏي ۽ ڏيورو*

 

آڳاٽي زماني ۾، ٿرپارڪر جي ڪنهن ڳوٺ ۾ آهير قوم جا ماڻهو رهندا هئا. سندن مـُـکي کي ‘آلڻڏي’ نالي هڪڙي تمام سهڻي ڌيءَ هئي. انهيءَ ڳوٺ ۾ ‘ڏيورو’ نالي هڪڙو غريب آهير پڻ رهندو هو. خدا جي قدرت جو آلڻڏي ۽ ڏيوري جو پاڻ ۾ ننڍي هوندي کان ئي پيار هوندو هو. جڏهن آلڻڏيءَ جي پيءُ کي هنن ٻنهي جي محبت جي خبر پيئي، تڏهن آلڻڏيءَ کي ڏيوري سان ملڻ کان منع ڪري، هن جوگهر کان ٻاهر نڪرڻ بند ڪري ڇڏيائين. ڏيورو تمام مسڪين هو ۽ آلڻڏيءَ جو پيءُ شاهوڪار هو، تنهن هڪڙي بـُـکئي ڀانگ سان پنهنجي ڌيءَ جو ملڻ بيعزتي ٿي سمجهي. پر هنن ٻنهي کي جا عشق جي لوري لڳل هئي، سي ڪٿي ٿا هڪ ٻئي سان ملڻ کان سواءِ رهي سگهن! لڪچوريءَ پيا پاڻ ۾ ملندا هئا.

چوندا آهن ته خون ۽ کٿوري لڪڻوئي ڪونهي، سو هنن ٻنهي جي عشق جي خبر سڄي ڳوٺ کي پئجي ويئي. آلڻڏيءَ جي پيءُ خيال ڪيو ته جيڪڏهن آلڻڏي هن ڳوٺ ۾ هوندي ته وڌيڪ خواري ٿيندي، تنهن کان سواءِ هنن کي ملڻ کان روڪي به ڪونه سگهبو، تنهن ڪري ڇو نه آلڻڏيءَ جي شادي ٻئي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪري ڇڏجي. اهو خيال ڪري هڪڙي پرانهين ڳوٺ ۾، ‘ڍولري’ نالي هڪڙي شاهوڪار شخص سان آلڻڏيءَ کي پرڻائڻ جو سانباهو ڪيائين.

Text Box: 82

 

اها خبر جڏهن آلڻڏيءَ جي ڪن تي پيئي، تڏهن لڪي ڇپي وڃي ڏيوري سان ملي، ۽ سڄي حقيقت ڪري چيائينس ته: تون وڃي بابي کان منهنجي سڱ جي گهر ڪر. اهو ٻڌي، ڏيورو پنهنجي غريبيءَ تي کلڻ لڳو. آلڻڏيءَ سمجهيو ته ڏيورو ڪنڌ ٿو ڪڍائي، سو روئڻهارڪي ٿي چيائينس ته:

 

ڏيورا! ڪــنـڌ مَ ڪــڍا”، دـشمـن ڏسي هـِـر کـِـسي،

تنهنجي هسڻ سان ها”! منهنجو جنم زهر ٿـِـيســي.

(ڏيورا! نٽاءِ نه، نه ته اسان جا دشمن هروڀرو خوش ٿيندا، تون ته کلين پيو، پر منهنجي حياتي زهر ٿي ويندي.)

آلڻڏي جي اهڙي ڏک واري ڳالهه ٻڌي، هن چيو ته: مٺڙي، آءٌ خوشيءَ مان نٿو کلان، پر آءٌ پنهنجي حال تي کلان ٿو ته، ڪٿي تنهنجو لکاپتي پيءُ، ۽ ڪٿي آءٌ غريب! تنهنجو پيءُ اهڙو آهي، جو مرندي مري ويندو پر مون غريب جي ڳالهه ڪين مـڃندو. باقي تون وڃي چئينس، من تنهنجي ڳالهه مڃي! پر جي نه ته پوءِ جيئن لکيو هوندو تيئن اوس ٿيندو. آلڻڏي چيس ته: چڱو، جي ائين آهي ته پوءِ آءٌ بابي کي منٿ ٿي ڪريان. پوءِ ٻئي ڄڻا هڪٻئي کان موڪلائي پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي ويا.

آلڻڏي گهر وڃي پنهنجي پيءُ  کي گهڻوئي ليلايو ته مون کي ڏيوري سان پرڻا”! پر هو پنهنجي ضد تان نه لٿو، ۽ چوڻ لڳو ته: جيڪڏهن آءٌ ائين ڪندس ته نيات وارا مون سان رستو ٽوڙي ڇڏيندا. پوءِ مٿس هيڪاري سختي رکيائين ته جيئن وري ڏيوري سان ملي نه سگهي. آخر هن هڪڙي ڏينهن ڍولري سان آلڻڏي جي شاديءَ جا ڏينهن ٻڌا. مقرر ڏينهن تي ڄڃ آئي. آلڻڏي، ڍولري کي گهوڙي تي ويٺل ڏسي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي، ۽ پنهنجي سرتين کي روئندي روئندي چيائين ته:

ٽـاٽـا گـهـوڙا ٽـار، اڻ گـهـڻـا آن کي چڙهي،

مڪڙي جو هسوار، ڏسجي منهنجو ڏيورو.

Text Box: 84

 

Text Box: 83

 

(هيءُ گهوڙو منهنجي اکين کان ٽاريو جو اصل نٿو وڻيم، پر جيڪڏهن انهي مڪڙي گهوڙي تي ڏيورو چڙهيل هجي ها ته مونکي ڏاڍو وڻي ها.)

 

نيٺ ڄڃ مـَـنـهـِـن ۾ آئي، شادي ٿي ۽ ڍولرو ڪنوار وٺي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن موٽي ويو.

آلڻڏي ويچاريءَ کي اهڙو ته ڏک هو، جو نه کائي نه پيئي، سڄو ڏينهن ويٺي روئندي هئي. سندس اها حالت ڏسي، سس سمجهيو ته شايد مائٽن کي ياد ڪري روئي ٿي، سو پرڀائڻ لڳيس ته: اسين به تنهنجا اهڙائي مائٽ آهيون، جهڙا ڇڏي آئي آهين. هاڻي اٿي کاءُ پيءُ! تنهن تي آلڻڏيءَ جواب ڏنس ته:

انــهــان مــون کــي آورا، ڀــوڄــن ڀــاوي نا،

دل ۾ وارون وار، ڏيورو مون کي سانڀري.

(مون کي توهان جا اهي تازا طعام نٿا وڻن، منهنجي من ۾ ته رڳو ڏيوري جي يادگيري آهي.)

سس ويچاريءَ جو اهو ٻڌو، تنهن جا ٺپ ئي ٺري ويا، ۽ ماٺـڙي ڪري اٿي هلي ويئي، ٿوريءَ دير کان پوءِ وري سندس مڙس ڍولري کي جڏهن خبر پيئي ته آلڻڏي کائي پيئي اصل ڪانه ٿي، سو ماني کارائڻ لاءِ وٽس آيو ۽ کيس اچي ٻانهن کان جهليائين، تڏهن آلڻڏي ان کي جواب ڏنو ته:

ڍولرا نه ڍار ڍوليو، مَ جهل منهنجي ٻانهن،

منهنجي مـَـن ائين ٿا”، دشمن ٿيندو ڏيورو.

(ڍولرا! منهنجي ٻانهن کان نه جهل، ڇاڪاڻ ته جي ڏيوري ائين ڏسي ورتو ته پوءِ تنهنجو دشمن ٿي پوندو.)

هن جي واتان ڏيوري جو نالو ٻڌي ڍولري کي اچي اُڻ تڻ ٿي ته، اهو ڪير آهي، جنهن جي يادگيريءَ ۾ آلڻڏي کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي. پوءِ هن کان گهڻوئي پڇيائين پر آلڻڏيءَ نه ٻڌايس. تڏهن چيائينس ته: ڀلا جي ماني ٽڪي نٿي کائين ته گهڙي پل لاءِ آرام ڪري وٺ. پر هن وراڻي ڏنس ته:

سمهڻ وڻي نه ڍولرا! چـِـتـڙو چڙهيو چڪڏوڙ،

هـِـردي ۾ گـهـمـروڙ، دل ۾ کـٽـڪي ڏيـــورو.

(اي ڍولرا! مون کي آرام ڪرڻ نٿو وڻي، ڇاڪاڻ جو هر وقت ڏيوري جي يادگيري سبب آنڌ مانڌ اٿم.)

اتي ڍولري کي پڪ ٿي ته هن کي پريت جو ٻاڻ لڳل آهي. پوءِ آلڻڏيءَ کي اتي ئي ڇڏي، اوڏي مهل سهي سنڀري، گهوڙي تي چڙهي، سندس ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو.

هوڏانهن ويچاري آلڻڏي، ڏيوري جي يادگيريءَ ۾ روئندي رهي. جيڪا شيءِ ڏٺائين ٿي، تنهن کي ٿي ڏيوري ڏانهن نياپو ڏنائين. سس سهري ۽ ٻين گهڻوئي سمجهايس، پر هن جي اکين مان لڙڪ بس ئي نه ڪن. نه اکين کي آرام اچيس ۽ نه هڪ هنڌ قرار، لڇندي ڦٿڪندي رهي.

ڍولرو آلڻڏيءَ جي ڳوٺ پهچي، ڏيوري جي پڇا ڪري وڃي ساڻس مليو. ٿوري دير ۾ ئي کيس ڏيوري ۽ پنهنجيءَ زال آلڻڏي جي محبت جو داستان معلوم ٿي ويو. سو ڇا ڪيائين جو ڏيوري کي ٻانهن کان وٺي کڻي گهوڙي تي ٻيلهه چاڙهيائين، ڳوٺ پهچڻ شرط آلڻڏيءَ جي ٻانهن ڏيوري جي هٿ ۾ ڏيئي، سندس وهانءُ اتي ئي ڪرائي ڇڏيو. هي ٻئي وڇڙيل پاڻ ۾ ملي ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ ٻئي ڍولري کي دعائون ڪندا ڳوٺ موٽي آيا. ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڏيوري پنهنجيون ٻه ڀيڻيون ڍولري کي پرڻائي ڏنيون ۽ انهن سڀني پنهنجي باقي عمر آرام سان گذاري.

__________

Text Box: 86

 


Text Box: 85

 

 

 


 

14-راڻو سوندرو ۽ مانڌل راڻي*

 

ڪنهن زماني ۾ راڻو ‘مينڌرو’ راجپوتانا ۾ هڪڙي جاگير جو مالڪ هو. کيس ‘سوندرو’ نالي هڪڙو ڀاءُ هو، جو تمام بهادر ۽ طاقتور هو. مينڌري جي به ساڻس ڏاڍي پريت هئي، ٻئي ڀائر هڪٻئي کا پل به جدا نه ٿيندا هئا.

هڪڙي ڀيري اُتي مينهن بنهه ڪونه اُٺو، جنهن ڪري سڄي جاگير سـُـڪي ٺوٺ ٿي وئي، آبادي اصل ڪانه ٿي. کائيندي کوهه به کٽيو وڃن، سو جيڪو گاهه پٺو ۽ اناج رکيل هون سو کائي ڇيهه ڪيائون، آخر اچي ملڪ ۾ ڏڪار پيو. ماڻهو جاگير ڇڏي گذر لاءِ ٻين پاسن ڏانهن وڃڻ لڳا. جڏهن راڻي مينڌري کي اها خبر پئي، تڏهن راڄ جي ماڻهن کي سڏائي چيائين ته: ڌڻيءَ مان اُميد نه لاهيو، آءٌ اڄ جوتشي گهرايان ٿو، اُنهن کان پڇون ٿا ته مينهن وسندو يا نه، جي وٺو ته پوءِ هتان لڏي هلڻ جو ضرور ڪونهي، نه ته پوءِ توهان کي جيڏانهن وڻي تيڏانهن وڃجو، منهنجي توهان کي جهل ڪانهي. ماڻهو هن جي ڳالهه موٽائي نه سگهيا، ۽ ماٺ ڪري ويهي رهيا.

مينڌري انهيءَ مهل نجومين کي سڏايو ۽ کانئن مينهن بابت پڇيو، جن حساب ڪتاب ڪري، کيس ٻڌايو ته: پنهنجي ملڪ جي اُتر واري ٻيلي ۾ هڪڙو ڪارو هرڻ رهي ٿو، جنهن جي سڱ ۾ هڪڙو تعويذ ٻڌل آهي، جيڪڏهن هرڻ ماري اهو تعويذ پاڻيءَ ۾ وجهبو ته مينهن اوس وسندو، ۽ ملڪ تان ڏرت لهي ويندو. اِها ڳاهه ٻڌي مينڌرو ۽ ٻيا ماڻهو ڏاڍا سرها ٿيا. پوءِ نجومي انعام اڪرام وٺي هليا ويا.

ٻئي ڏينهن مينڌرو ۽ ڀاڻس سوندرو، ڪجهه ماڻهو ساڻ ڪري، گهوڙن تي چڙهي، نجومين واري ٻڌايل ڏس تي ٻيلي ڏانهن روانا ٿيا. سڄي ڏينهن جي جاکوڙ کان پوءِ، نيٺ وڃي ڪارو هرڻ هٿ ڪيائون، ان کي ماري، سڱ ۾ ٻڌل تعويذ کڻي پاڻيءَ ۾ وڌائون، بس مهل ئي اُها، ڄڻ ته ڪو جادو ٿي ويو، گهڙي کن ۾ جهڙ ٿي ويو ۽ مينهن وسڻ لڳو. مينهن وسڻ تي سڄي جاگير ۾ خوشيون ٿي ويون. پکي پکڻ، ماڻهو مرون سڀ خوش ٿيا.

رات جو سڀئي ماڻهو گڏجي مينڌري وٽ ويا ۽ کيس چيائون ته: راڻا! اسان کي موڪل ڏي ته تنهنجي زمين تي آبادي ڪريون، پر ايترو ڪونه اٿئون جو جيستائين فصل تيار ٿئي، تيستائين ٻـچن جو قوت گذر ڪريون. مينڌري کين خوشيءَ سان موڪل ڏني ۽ چيائين ته: فصل لهڻ تائين توهان سڀني جي ماني مون تي ٿيندي. پوءِ ته سڀ سوندري سان گڏجي ماڻهو وڃي زمين آباد ڪرڻ کي لڳا. راڻي مينڌري جي زال وري ٻانهيون ساڻ ڪري روزانو وڃي انهن کي ماني کارائيندي هئي.

هڪڙي ڏينهن مينڌري جي زال پنهنجي ٻانهي سميت ڀت جي ديڳ کڻائي ٻنيءَ تي آئي، سڀئي هاري ناري اچي مڙيا ۽ ڀت کائڻ لڳا، پر سوندري هڪ گراهه به نه کاڌو، تنهن تي ڀاڄائي کانئس پڇيو ته:

هــر ڇــوڙي، ســنــج سـانــوٽــي، ٻـيـسي جـيـمــڻـي ڀات،

ايڪ نه جيمي راڻو سوندرو، جيري من ۾ ڪهڙي بات؟

(سڀئي هر ڇوڙي اچي ماني کائڻ ويٺا آهن، پر سوندرو نه ٿو کائي، الائجي سندس من ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي؟)

سوندري جواب ڏنس ته:

Text Box: 87

 

اڄ ڀـاڀـج ويـگو اُوٺـيو، گـهـڻي پـيـتي ڇاڇ،

 

مارو سر سيتل ڀئيو، منا نهين ڀاوي ڀات.

(ڀاڄائي! هڪڙو ته آءٌ اڄ ننڊ مان دير سان اُٿيو آهيان، ٻيو وري صبح جو تمام گهڻي جهڻ پيتم، جنهن ڪري ڳهر ٿي پيئي اٿم، هيئنر مون کي ڀت اصل نٿو وڻي.)

اها ورندي ٻڌي سوندري جي ڀاڄائي سمجهيو ته سوندرو سندس رڌل ڀت تي چٿرون ٿو ڪري، سو ڪاوڙجي چيائينس ته:

جـُـوٺـو نـه رکـان، اَلـوڻـو نـه رکـان، نـه رکــان واســـي ڀـــات،

مان ري هاٿ رو نه جيمين، تو جيم مانڌل راڻي ري هاٿ.

(مون نه ته جـُـوٺو ڀت آندو آهي، نه ڪو آلوڻو آندو اٿم، نه ئي وري ڪو پاروٿو ڀت کڻي آئي آهيان، پر تنهن هوندي به جي توکي منهنجي هٿ جو رڌل ڀت نٿو وڻي، ته پوءِ مانڌل راڻيءَ جي هٿ جو رڌل وڃي کاءُ.)

ڀاڄائي جو اهو ويڻ ٻڌي سوندري ڪاوڙجي چيس ته: هاڻي مانڌل راڻي ماڻي پوءِ هتي ايندس، ۽ ان جي هٿ جو رڌو توکي کائي ڏيکاريندس. رڳو ان جي ماڳ جو ڏس ڏينم. مينڌري جي زال سمجهيو ته انهيءَ پاسي وڃڻ هن جي وس کان ٻاهر آهي، سو يڪدم ڏس ڏنائينس ته:

اتـر پـنـٿ ڏي هـئو، ‘ويسـانـگـر’ اُوڻ رو گـام،

‘منگل’ راجا ري ڏيڪري، مانڌل اُوڻ رو نام.

(اتر طرف ڏي ويسانگر آهي، جتي منگل راجا راڄ ڪري ٿو ان جي ڌيءَ جو نالو مانڌل آهي.)

مانڌل جا پار پتا وٺي، سوندرو اتان ئي سڀني کان موڪلائي روانو ٿيو.

Text Box: 88

 

سوندري جي وڃڻ کان پوءِ سندس ڀاڄائي کي ڏاڍو ارمان ٿيو، پر ڪمان مان ڇٽل تير وري ڪيئن موٽي! پوءِ غمگين صورت سان هوءَ محلات ۾ موٽي آئي، جتي مينڌري کانئس ان جو سبب پڇيو. جنهن تي راڻيءَ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ۽ چيائينس ته: سوندرو اهڙي پاسي ويو آهي، جتان سندس موٽڻ مشڪل آهي. ايترو ٻڌي مينڌرو ڏاڍي ارمان ۾ پئجي ويو. آخر ڪجهه دير ويچار ڪرڻ کان پوءِ پنهنجيءَ زال کان ڏس وٺي، گهوڙو سنجي، ڀاءُ جي پٺيان روانو ٿي ويو.

 

مينڌرو هلندي هلندي ڳچ وقت جي پنڌ کان پوءِ، آخر اچي سوندري کي پهتو ۽ کيس واپس ورڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳو. سوندري ڏٺو ته ڀاءُ مون کان طاقت ۾ وڌيڪ آهي، متان زوري واپس وٺي هلي، تنهن ڪري پريان ئي چيائين ته: منهنجي ويجهو نه اچ، اتي بيهي ڳالها”، ڇاڪاڻ ته مون قسم کنيو آهي، سو موٽي ڪونه هلندس. جڏهن مينڌري جي منٿن سان به سوندرو نه ترسيو، تڏهن چيائينس ته: چڱو ڀلا، جيڪڏهن واپس نٿو هلين ته هي گهوڙو ۽ ناڻو پاڻ سان کڻي وڃ، متان ڪٿي انهن جي ضرورت ٿيئي. سوندري ڀاءُ جي اها ڳالهه قبول ڪئي. هڪٻئي کان موڪلائڻ مهل سوندري، ڀاءُ کي هڪڙو تير ڪمان تي ڪشي ڏنو ۽ چيائينس ته: جيستائين هي تير ڪمان تي ڪشيل هوندو، تيستائين سمجهج ته آءٌ جيئرو آهيان، پر جي اهو تير ڪمان مان ڪري پئي ته پوءِ خير ڪونهي. پوءِ سوندرو ڀاءُ کان گهوڙو ۽ ناڻو وٺي مانڌل راڻي جي ملڪ ڏانهن روانو ٿيو ۽ مينڌرو گهوڙي تي پنهنجي گهر موٽي آيو.

سورهيه سوندرو ڏينهن جا ڏينهن گهوڙي تي سفر ڪندو، ڪشالا ڪڍندو، نيٺ اچي مانڌل جي ملڪ ۾ پهتو. شهر جي ٻاهران هڪڙو ماڻهو گڏيس، جهن کان مانڌل راڻيءَ جو حال احوال پڇڻ لڳو. هن شخص پهرين ته ڪجهه ٻڌائڻ کان نـٽايو، پر پوءِ جڏهن سوندري ڌن جي لالـچ ڏنس، تڏهن کيس ٻڌايائين ته، هن شهر جي اترئين پاسي هڪڙي ديويءَ جو مندر آهي، اتي روز صبح جو مانڌل پنهنجي سرتين سميت گل چاڙهڻ لاءِ ويندي آهي. جيڪڏهن توکي ان سان ملڻو آهي ته وڃي ان مندر جو در جهلي ويهه. ائين چئي اهو ماڻهو هليو ويو ۽ سوندرو گهوڙو وٺي سڌو اچي ان مندر وٽ بيٺو. اڃا رات جو ڳـچ حصو باقي هو. سوندري گهوڙي کي مندر جي دروازي سان ٻڌي، پاڻ اندرئين پاسي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو. همراهه هو گهڻو ٿڪل، سو ويٺي اتيئي ننڊ کڻي ويس. تان جو اچي اڇو صبح ٿيو.

Text Box: 89

 

قدرت خدا جي اهڙي ٿي جو انهيءَ ڏينهن مانڌل جي طبيعت ڪجهه خراب ٿي پئي، جنهن ڪري پوڄا لاءِ مندر ۾ نه آئي، رڳو سندس سرتيون، گل کڻي مندر ۾ آيون، سوندرو به مندر جي دروازي تي ستو پيو هو. مانڌل جون سرتيون هن جو حسن ڏسي حيران ٿي بيهي رهيون. ڳـچ دير گذرڻ کان پوءِ، خيال ڪيائون ته پوڄا ڪرڻي آهي، ۽ هي اگهور ننڊ ۾ ستو پيو آهي، جنهن کي جاڳائڻ گناهه آهي ۽ اورانگهڻ به چڱو نه آهي، پر لاچار مانڌل جي ڊپ کان هڪڙي هڪڙي ٿي سوندري کي اورانگهي، مندر ۾ ويون ۽ پوڄا ڪري، ساڳيءَ طرح موٽي آيون.

 

مانڌل راڻي، روزانو صبح جو پنجن گلن ۾ تـُـرندي هئي، پر اُن ڏينهن پنج پٿر رکيائون، تڏهن به راڻي ڳري ٿي پيئي. تڏهن مانڌل سرتين کي چيو ته: لاشڪ توهان کان اڄ ضرور پوڄا ۾ ڪا چڪ ٿي آهي، جو آءٌ ڳري ٿي پيئي آهيان. پهرين ته سڀ ماٺ ۾ رهيون، پر پوءِ مانڌل راڻيءَ جي دڙڪن تي هڪڙي ٻانهيءَ سچي ڪئي ۽ چيائين ته: راجڪماري! ٻي ته ڪابه ڳالهه ڪانهي، البت اڄ اسان مندر جي دروازي تي ستل هڪڙي سهڻي جوان کي اورانگهيو آهي. اتي راجڪماري کانئن پڇيو ته: اهڙو ڪير ماڻهو آهي، جيڪو مندر جي دروازي تي ٿو سمهي؟ مون کي هلي ڏيکاريو! پوءِ ڪاوڙجي انهيءَ وقت سهيليون ساڻ ڪري، اچي مندر ۾ نڪتي. دروازي تي ستل سوندري جي سونهن ڏسي، سندس ڪاوڙئي لهي ويئي. پوءِ واپس محلات ۾ اچي، هڪڙي ٻانهيءَ کي موڪليائين ته انهي ماڻهوءَ کي وٺي اچ، جو پنهنجو مزمان آهي.

Text Box: 90

 

انهيءَ وچ ۾ سوندرو سجاڳ ٿيو، ۽ ديويءَ جي آڏو تازا گل ڏسي افسوس ڪرڻ لڳو ته، نڀاڳي ننڊ مون سان ويل ڪيو، جو محبوب جو ديدار نه ڪري سگهيس. اڃا انهن ئي پورن ۾ ئي هو ته ايتري ۾ ٻانهي اچي چيس ته: اڄ تنهنجي مزماني مانڌل راڻي جهلي آهي، تنهن ڪري مون سان گڏجي هل. اهو ٻڌي سوندرو ڏاڍو خوش ٿيو ته، واهه محبوب سان ٿي ملاقات ٿئي! سو ٻانهيءَ جي پٺيان هلڻ لڳو. ٻانهي ڪا تمام چالاڪ هئي، تنهن سندس امتحان وٺڻ لاءِ پهرين کيس وٺي وڃي هڪڙي گندي جاءِ ۾ ويهاريو ۽ دل ۾ چيو ته: ڏسان ڇا ٿو ڪري! سوندرو اهڙي گندي جاءِ ڏسي ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو، ۽ ٻانهيءَ کي لڪـُـڻ هڻي چيائين ته: مانڌل کي وڃي چئو ته هن جاءِ ۾ رهڻ منهنجو شان ناهي. جنهن تي ٻانهيءَ کانئس معافي ورتي ۽ اُتان وٺي کيس هڪڙي عاليشان عمارت ۾ ڇڏي، پاڻ واپس هلي ويئي.

 

هوڏانهن مانڌل کي به عشق جي لوري لڳي ويئي هئي، پر خيال ڪيائين ته جنهن سان پيچ ٿي پايان، پهرين اُن جي پرک وٺان. سو جڏهن مانيءَ جي مهل ٿي، تڏهن ٻانهيءَ هٿان کيس چوائي موڪليائين ته: ماني تيار آهي پر کير ڪونهي، ڇو جو مينهـُـن ۾ هڪڙو ويڙهو پاڏو وڃي پيو آهي، تنهن ڪري کير ڪونه ڏڏو آهي، جيڪڏهن هجيئي مڙسي ته وڃي ماري اچينس. سوندري چيو ته: بس ڳالهه به ايتري! يڪدم تلوار کڻي ڪاهي وڃي پاڏي تي پهتو. پاڏو ڏاڍو ويڙهو هو، تنهن جو ماڻهو ايندي ڏٺو، سو اتان ئي ٽپ ڏيئي مٿس ڪاهه ڪري آيو، پر سوندري کيس هٿ جي هڪ تريءَ سان روڪي، ٺڪاءُ جو ڪرائي ترار ته سري ڌڙ کان ڌار ٿي وڃي پري پيس. سندس اها بهادري ۽ جوانمڙسي ڏسي، مانڌل راڻي ڏاڍي خوش ٿي ۽ ساڻس شادي ڪرڻ جو پڪو خيال ڪيائين.

رات جو مانڌل سوندري کي سڏايو، ۽ هڪٻئي سان ملي ڏاڍا قرب ونڊيائون. موڪلائڻ وقت سوندري، مانڌل کي چيو ته: هاڻي مون کان جدائي ڪانه سـُـٺي ٿيندي، تنهن ڪري مون سان گڏجي هل. مانڌل وراڻي ڏنس ته: سوندرا! اڄ نه، پر سڀاڻي رات جو تون، ٻه ڀلا گهوڙا ۽ هڪڙو پنڊت وٺي اچج، ته پوءِ شادي ڪري هليا هلنداسين. سوندري سندس اها ڳالهه مڃي ۽ کانئس موڪلائي موٽي آيو.

Text Box: 91

 

ٻيءَ رات مانڌل ڇاڪيو جو پنهنجا شاهي ويس وڳا لاهي، پنهنجي هڪڙي دل گهري ۽ رازدار ٻانهيءَ کي پهرايا ۽ پاڻ ٻانهيءَ جا ڪپڙا پائي محلات کان ٻاهر نڪتي، جتي سوندرو اڳيئي ٻه گهوڙا ۽ پنڊت وٺيو بيٺو هو. پوءِ ٻئي هڪٻئي سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا. ٿوري دير کان پوءِ پنڊت سندن شادي ڪرائي جنهن کي هنن انعام اڪرام ڏيئي واپس روانو ڪيو ۽ پاڻ گهوڙن تي چڙهي روانا ٿي ٿيا ته مانڌل کي اچي پنهنجو چندن هار ياد پيو، سو سوندري کي چيائين ته: تون ٿوري دير ترس ته آءٌ چندن هار کڻي اچان. ائين چئي، پاڻ محلات ۾ هلي ويئي.

 

انهيءَ وچ م سوندري کي جهنگ جو خيال ٿيو. قدرت سان اُن وقت هڪڙو ريٻاري اچي اتان لانگهائو ٿيو، سوندري ان کي گهوڙا جهلڻ لاءِ ڏيئي پاڻ ڪجهه پرڀرو وڃي ويهي رهيو. ايتري ۾ مانڌل راڻي به اچي ويئي، تنهن يڪدم ريٻاري کي هلڻ لاءِ چيو. ريٻاري سمجهيو ته مون کي چڙهڻ لاءِ چيو اٿس، سو هڪڙي گهوڙي تي پاڻ چڙهيو، ٻئي تي راجڪماري مانڌل چڙهي. گهوڙن تي چڙهڻ سان گهوڙا وٺي اُڏاڻا. سوندرو جو اتي اچي ڏسي ته ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آهن،“ نڪي گهوڙا ۽ نڪا راجڪماري! هاڻي ته ٻه به ويس ڇهه به ويس، گهوڙن پٺيان رسڻ جي اميد ڪانه هئس ۽ ڳالهه به ظاهر ڪرڻي ڪانه هئس، سو مـِـٺي ماٺ مـُـٺي به ماٺ ڪري ويهي رهيو.

Text Box: 92

 

هوڏانهن راجڪماري مانڌل ۽ ريٻاري هڪڙي ڏينهن جو پنڌ ڪري ويا، پر انهيءَ وچ ۾ ريٻاري هڪڙو اکر به ڪونه ڳالهايو. راجڪماريءَ کي انهي تي ڏاڍو اچرج لڳو، ته سوندرو مون سان ڳالهائي ڇو نٿو! نيٺ پاڻ هن سان ڳالهائڻ لڳي. جنهن وقت ريٻاري ڳالهايو، تنهن وقت راجڪماري سڃاتو ته هيءُ سوندرو نه آهي، پر ڪا ٻي بلا آهي، ڏسي کڻي ته اهو ‘اوگو’ ريٻاري هو. مانڌل کانئس پڇيو ته: اوگا! تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ تنهن تي هن وراڻيو ته: مون کي ڪا خبر ڪانهي، هڪڙو نوجوان جهنگ جي خيال سان ويل هو، سو آءٌ ان جا گهوڙا جهليو بيٺو هوس ته تو هلڻ جو حڪم ڪيو. اتي راجڪماريءَ کي ڏاڍو ارمان ٿيو. وري خيال ڪيائين ته ڪنهن به نموني هن اوگي کان جند ڇڏايان. آخر ٿوري آچار ويچار کان پوءِ هڪڙي رٿ رٿي، اتي ئي ترسي پئي.

 

ٻئي ڏينهن صبح جو هن اوگي کي هڪڙي پني ٽڪر تي ڪجهه لکي ڏنو ته وڃي بازار مان هي وکر وٺي اچ! هو ويچارو حڪم جو بندو، سو انهيءَ مهل وٺي پنڌ پيو. هن جي وڃڻ کان پوءِ مانڌل پاڻ مردانو ويس ڪري، ‘ڪاشيءَ’ ڏانهن رواني ٿي ويئي، هلندي هلندي هڪڙي خوفناڪ جهنگل ۾ رات پئجي ويس. جهنگلي جانورن جي خوف کان هڪڙي وڻ سان گهوڙو ٻڌي، ترار ڪڍي سڄي رات پهرو ڏيڻ لڳي. قدرت خدا جي سان جنهن وڻ هيٺان هوءَ ويٺي هئي، انهيءَ وڻ تي ڪي ٻه پکي ويٺا هئا، جن پاڻ ۾ خبر چار پئي ڪئي. هڪڙي پکيءَ چيو ته: جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن وڻ جون پاڙون ڪپي، پاڻيءَ ۾ وجهي وهنجي ته ڪهڙي به ڪوڙهه جي بيماري هوندي ته لهي ويندي. وري ٻئي پکيءَ چيو ته: هن وقت جيڪڏهن ڪو ماڻـهو منهنجيون وِٺيـُـون گڏ ڪري، پيهي سرمو ٺاهي اکين ۾ وجهي، ته ڪهڙو به اکين کان انڌو هجي ته سڄو ٿي پوندو. راجڪماري اهي ٻئي ڳالهيون ٻڌي، يڪدم انهيءَ وڻ جون پاڙون ۽ پکيءَ جون وٺيون هٿ ڪري کڻي رومال ۾ ٻڌيون ۽ باقي رات گذاري صبح جو اُتان اڳتي رواني ٿي.

Text Box: 94

 

ڳچ ڏينهن کان پوءِ ڪاشيءَ جي شهر ۾ پهتي، بازار جي وچ ۾ هڪڙي جاءِ مسواڙ تي وٺي، پاڻ کي حڪيم مشهور ڪري ويهي رهي. قدرت الاهيءَ سان، ڪاشيءَ جي راجا کي ڪوڙهه هئي. سڄي ملڪ جا حڪيم طبيب دوا دارون ڪري بيٺا، پر وريو سريو ڪجهه به ڪونه، لاچار راجا ماٺ ڪري ويهي رهيو. جڏهن راجڪماري مانڌل کي انهيءَ جي سـُـڌ پيئي، تڏهن يڪدم مرداني ويس ۾ سهي سنڀري محلات ۾ آئي ۽ اچي چيائين ته: آءٌ راجا جو علاج ڪندس. پهرين ته حڪيم طبيب هن تان کلڻ لڳا، پر پوءِ وزير جي چوڻ تي هن کي پنهنجي دوا آزمائڻ جي موڪل ملي. راجا، مانڌل کي ڏسي چيو ته: اي نوجوان! منهنجي مرض جو ڪو علاج ڪونهي، اجائي تڪليف نه ڪر ۽ موٽي وڃ. پر مانڌل چيس ته: راجا! سڀڪي ڌڻي جي وس آهي... علاج آءٌ ٿو ڪريان، ڇڏائيندو اُهو. راجا سندس اهڙو ضد ڏسي کيس چيو ته:  چڱو، جي آءٌ هن مرض مان نه ڇـُـٽس ته پوءِ توکي ڪاٺ ۾ وجهائيندس، پر جي ڇـُـٽس ته پنهنجي ڌيءَ ۽ اڌ راڄ ڀاڳ ڏيندوسان”. مانڌل اهي شرط قبول ڪيا. جڏهن راجا جا اهي شرط شروط ٿي چڪا، تڏهن پاڻ چيائين ته: اي راجا! ٻه شرط منهنجا به آهن. راجا چيو ته: چئو، تنهنجا ڪهڙا شرط آهن؟ مانڌل چيس ته: پهريون شرط هيءُ آهي ته، مون کي شهر جي وچ ۾ هڪڙي خلاصي جاءِ کپي، جنهن ۾ ڪوبه بني آدم منهنجي موڪل کان سواءِ اندر نه اچي. ٻيو، جيڪي ماڻهو ڪاشيءَ جي تلاءُ ۾ ٻڏي مرڻ ٿا گهرن، سي سڀ منهنجي موڪل وٺڻ کان پوءِ ٻڏڻ وڃن. راجا به سندس ٻئي شرط قبول ڪيا.

 

Text Box: 93

 

انهن ڏينهن ۾ دستور هوندو هو ته ڪو به ماڻهو جيڪڏهن ڪو ڪڌو ڪم ڪندو هو، ته پنهنجي روح کي آرام ڏيڻ لاءِ، اچي پاڻ کي ڪاشيءَ واري تلاءَ ۾ ٻوڙيندو هو.

 

ٻئي ڏينهن صبح جو راجڪماري مانڌل دوا تيار ڪئي ۽ راجا کي اُن دوا جي پاڻيءَ سان وهنجاريو. مالڪ جي مهرباني ٿي جو راجا چاق چڱو ڀلو ٿي پيو. راجا ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجو ڪيل واعدي پارڻ واسطي حڪيم کي چيو. پر مانڌل هئي زال، سا ڪيئن ٿي شادي ڪري سگهي! تنهن ڪري راجا کي چيائين ته: آءٌ مهيني کان پوءِ شادي ڪندس.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪڙي ڏينهن سوندرو حيران پريشان دانهون ڪندو اچي اتي ڪاشيءَ ۾ پهتو ۽ راجا کي چيائين ته: مون کي موڪل ڏي ته ٻڏي مران. راجا کيس حڪيم ڏانهن موڪليو. مانڌل، سوندري کي ڏسڻ سان سڃاڻي وئي، پر هن نه سڃاتس، جڏهن سوندري مانڌل کان ٻڏڻ جي اجازت گهري، تڏهن مانڌل پڇيس ته: ٻڌاءِ ته ڇوٿو ٻڏين؟ چيائين ته: حياتيءَ کان کٽو ٿيو آهيان. جنهن تي مانڌل چيس ته: ٻه ٽي ڏينهن ترس، پوءِ تنهنجو وارو به ايندو.

ٻئي ڏينهن صبح جو اوگو ريٻاري به ٻڏڻ لاءِ ڀڳو آيو. ان کي ست ڏينهن ترسڻ جو حڪم ڏنائين. ٽـئين ڏينهن وري سندس دل گهري ٻانهي، جنهن کي پنهنجا ڪپڙا پارائي آئي هئي، سا اچي سهڙي. مانڌل، ٻانهيءَ کان پڇيو ته: ڪر خبر تون ڇو ٿي ٻڏين؟ ٻانهيءَ وراڻيو ته: اي حڪيم! اسان جي راجڪماري مانڌل جو وهانءُ ڪنهن راجا سان رٿيل هو، اُهو راجا شادي ڪرڻ لاءِ آيو. رسم موجب جڏهن هٿيالو هڪٻئي سان ٻڌڻ جو وقت ٿيو، تڏهن منهنجا هٿ ڏسي راجا کي شڪ پيو ته اهي راجڪماري جا هٿ ڪونهن. انهيءَ شڪ ۾ راجا مون سان چونريءَ ۾ ڦيرا کائڻ کان پوءِ مونکي چتائي ڏٺو، تڏهن بنهه پڪ ٿيس ته آءٌ راجڪماري مانڌل نه آهيان. سو يڪدم ترار سان پلاند ڪپي مون کي ڇڏي هليو ويو. هاڻي منهنجي عمر برباد ٿي، تنهن ڪري جيئڻ کان چڱو آهي ته هتي پاڪ پاڻي ۾ ٻڏي پنهنجي روح کي آرام ڏيان. تنهن تي مانڌل چيس ته: جيڪڏهن آءٌ تنهنجي شادي ڪرايان، پوءِ ته ڪانه ٻڏندينءَ؟ ٻانهي اهو ٻڌي ڪجهه سرهي ٿي. پوءِ مانڌل ريٻاري ۽ ٻانهيءَ جي شادي ڪرائي، ريٻاريءَ کي بادشاهي باغ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ مقرر ڪرائي ڇڏيو.

Text Box: 96

 

چوٿين ڏينهن صبح جو راجڪماريءَ جو مڱيندو راجا به ٻڏڻ لاءِ اچي سهڙيو. تنهن کان پڻ مانڌل سڄو احوال پڇيو ته: تون ڇوٿون ٻڏين؟ جنهن تي هن سموري ڳالهه ڪري ٻڌايس ته: ههڙيءَ طرح مانڌل راجڪماريءَ سان منهنجو مڱڻو ٿيل هو، سا الائجي ڪهڙي پاسي گم ٿي وئي ۽ هوءَ پنهنجي گوليءَ کي پنهنجو ويس ڍڪائي، پنهنجيءَ جاءِ تي ويهاري ويئي هئي، تنهن کي مون چونري ۾ ڦيرا پائيندي سڃاڻي ورتو، ته هيءَ راجڪماري نه آهي، تنهن ڪري ان سان شادي ڪرڻ ۾ پنهنجي بيعزتي ڄاتم، هاڻي ان خواريءَ کان مرڻ چڱو سمجهي هتي آيو آهيان، هاڻي موڪل ڏينم ته ٻڏان. راجڪماريءَ هن کي چيو ته: جي تون مرڻ تان هٿ کڻين ته آءٌ ڪاشيءَ جي راجا جي ڌيءَ سان تنهنجي شادي ڪرايان. اهو ٻڌي راجا خوش ٿيو ۽ اها ڳالهه قبول ڪيائين. ٻئي ڏينهن ڪاشيءَ جي راجا کان به مانڌل اها ڳالهه قبول ڪرائي. شاديءَ جي تياري ٿي ۽ ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ ٻنهي جي شادي خير سان ٿي گذري، راجا هنن کي تمام گهڻو ڏيج ڏاوڻ ڏيئي، روانو ڪيو.

 

Text Box: 95

 

هاڻي باقي وڃي سوندرو رهيو، سو روز اچي مانڌل کي ستائيندو هو ته، مون کي به جلد موڪل ملي! آخر هڪڙي ڏينهن مانڌل هن کي چيو ته: تو کي ٽن ڏينهن کان پوءِ موڪل ملندي. اڄ رات مون وٽ اچجان”، پاڻ ٻئي پرديسي آهيون، ويهي وندر ڪنداسون، مانڌل جي چوڻ موجب، سوندرو رات جو حڪيم جي جاءِ تي آيو، جتي راجڪماري مرداڻو ويس لاهي، پنهنجو اصلوڪو زنانو ويس ڍڪي، اڳيان چوپڻ رکي ويهي رهي. سوندرو جو آيو ۽ ڪنهن زال کي اُتي ويٺل ڏسي سمجهيائين ته شايد حڪيم جي زال ويٺي آهي، ۽ پاڻ ڪونهي. تنهن ڪري واپس موٽي ويو.

 

ٻئي ڏينهن صبح جو حڪيم هن کي نه اچڻ جي ميار ڏني. سوندري جواب ڏنس ته: اوهان جي ميار اکين تي، آءٌ رات آيو هئس، پر توهين ڪونه هئو، هڪڙي زال ويٺي هئي، تنهن ڪري مناسب ڄاتم ته موٽي وڃان، پر اڄ رات آءٌ ضرور ايندس. انجام موجب سوندرو وري ٻيءَ رات جو آيو، ته به ساڳي ڪار ڏٺائين، اهو ڏسي وري واپس هليو ويو.

ٽـئين ڏينهن صبح جو مرڻ لاءِ تيار ٿي اجازت وٺڻ لاءِ اچي حڪم وٽ پهتو، تڏهن مانڌل چيس ته: تون سڀاڻي اچج. اڄ تنهنجو وارو ڪونهي، سانجهيءَ پاڻ چوپڻ راند ڪنداسون پوءِ توکي مرڻ جي موڪل ڏيندس. وري به سوندرو بيوس ٿي واپس هليو آيو. رات جو وري اچي ڏسي ته ساڳي زال منهن ڍڪيو چوپڻ رکيو ويٺي آهي. سوندرو به دل جهلي وڃي سامهون ويٺس.

مانڌل ڍارو هنيو، جڏهن سوندري جو وارو آيو، تڏهن ڍارو هٿ ۾ کڻي اڇلڻ تي هو ته سندس نظر راجڪماريءَ جي هٿ تي وڃي پيئي، جنهن ۾ سوندري جي ڏنل منڊي پيل هئي، منڊي ڏسي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس، ان تي راجڪماري ڏسي پڇيس ته: ڪر خبر روئين ڇو ٿو؟ جنهن تي سوندري کيس ورندي ڏني ته: هن منڊيءَ جهڙي منهنجي به منڊي هئي، جا مون مانڌل راجڪماري کي ڏني هئي، پر هينئر هوءَ مون کان جدا ۽ الائجي ڪٿي آهي. تنهن تي راجڪماريءَ چيس ته: ڏس متان هيءَ ئي اها منڊي هجي. سوندري جواب ڏنس ته: آءٌ چئي نٿو سگهان، پر هيءَ منڊي آهي ساڳي اُن جهڙي. جنهن تي راجڪماري پنهنجي منهن تان ڪپڙو لاهي چيو ته: مون کي سڃاڻ ته ڪير آهيان. سوندري کيس ڏسڻ سان سڃاڻي ورتو. پوءِ ته وڇڙيل هڪ ٻئي سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ ويهي رهاڻيون ڪرڻ لڳا. هڪ ٻئي کي سارو حال احوال ڏنائون ورتائون. اهڙيءَ طرح رهاڻيون ڪندي سڄي رات بسر ڪيائون. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سوندرو ۽ مانڌل راجا کان رخصت وٺي واپس ڳوٺ روانا ٿيا. راجا هنن کي تمام املهه سوغاتون ۽ سوکڙيون ڏيئي روانو ڪيو.

سوندرو ۽ مانڌل منزلون هڻندا هڻندا اچي پنهنجي شهر جي ويجهو پهتا، ۽ شهر جي ٻاهران ترسي هڪڙو ماڻهو ڀاءُ مينڌري ڏانهن موڪلي، پنهنجي اچڻ جي خبر ڏنائون. ڀاءُ اها خبر ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هڪدم ڪي ماڻهو ساڻ ڪري سوندري کي گهر وٺي آيو. جڏهن سوندرو گهر پهتو، تڏهن ڀاڄائيءَ کي سڏي چيائين ته: ڀاڄائي! تو مون کي مهڻو ڏنو هو، سو تنهنجو مهڻو ڌڻي جي فضل سان پورو ڪري آيو آهيان. اجها مانڌل راڻي ويٺي اٿئي. ڀاڄايس ٻڌي ڏاڍي ڦڪي ٿي، ۽ کانئس معافي ورتائين. پوءِ سڀئي پاڻ ۾ خوش ٿي ملي جـُـلي هڪ ٿي ويا. اهڙيءَ طرح شل ڌڻي پاڪ سڀ ڪنهن وڇڙيل کي پنهنجي وڳر سان ملائي!.

Text Box: 97

 

 

______


 

* هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ننگر پارڪر) مان منگهارام اوجها کان ملي.

* هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ننگر پارڪر) مان منگهارام اوجها کان ملي

* هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ننگر پارڪر) مان منگهارام اوجها کان ملي

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org