سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 15 16 17

صفحو ؛ 7

15-لالي ۽ سدوري*

 

ڪنهن زماني ۾، ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ “عبد الله” نالي هڪڙو غريب شخص پنهنجي ٻن پٽن ‘متل’ ۽ ‘سدوري’ سان گڏ رهندو هو. متل وڏو ۽ سدورو ننڍو هو. ٻئي ڀائر طاقت ۽ زور ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، جهڙو تهڙو ماڻهو هنن سان هٿ ڳنڍڻ جو ست ساري ڪونه سگهندو هو.

هڪڙي ڀيري ڪنهن ڪچهريءَ ۾، هي ٻئي ڀائر ويٺا هئا، ڳالهين مٿان ڳالهيون ڪندي، هڪڙي ماڻهو ٻڌايو ته، ڪنهن شهر ۾ ‘لالي’ نالي هڪڙي تمام حسين شهزادي رهي ٿي، جنهن جا ٽي شرط آهن، جيڪو به اهي شرط پورا ڪندو تنهن سان لاليءَ جي شادي ٿيندي. لاليءَ جي حسن جي هاڪ ٻڌي، هنن ٻنهي ڀائرن فيصلو ڪيو ته انهيءَ لاليءَ کي ضرور ڏسنداسين. سو ماڻهن کان لاليءَ جي ماڳ مڪان جي خبر چار پڇڻ لڳا، سندن اها ڳالهه ٻڌي ماڻهو کلڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا ته: ڪٿي لالي، ڪٿي هيءُ! جتي ڪئين بادشاهه ۽ شهزادا نٿا پهچي سگهن، اتي هنن جو ڪٿي ٿو زور هلي سگهي. پر هيءُ ٻئي ڀائر ڳالهه تي پختا ٿي بيٺا، چي: ڇا به ٿي پيئي، هڪ دفعو کيس ڏسنداسون ضرور.

Text Box: 100

 

آخر هڪڙي ڏينهن ٻئي ڀائر سهي سنڀري، ڪجهه ثمر ساڻ ڪري اُٿي پنڌ پيا. هلندي هلندي کين ڪي ڏينهن گذري ويا. گس تي کين لاليءَ جا ڪيترائي عاشق مليا، جي فقير بنيا پئي ڦريا. اُنهن به ساڻن ساڳي ڳالهه ڪئي ته: يارو! انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي ڏيو، موٽي وڃي گهر سکيا ٿيو. لالي ڪنهن ڀاڳ واري کي نصيب ٿيندي. پر هي ٻئي ڀائر، سڀني جون ڳالهيون ٻڌندا سڻندا توڪل تي اڳتي وڌندا پئي ويا. نيٺ هڪڙي ڏينهن اچي هڪ رڻ پٽ ۾ پهتا، جتي کين هڪڙي جهوپڙي نظر آئي. ٻئي ڄڻا جهوپڙي تي ڪاهي آيا. ڏسن ته هڪڙو درويش، جنهن جا ڀرون اڇا هئا ۽ ڏاڙهي دن تائين ڊگهي هئس، ڪنڌ جهڪايو مراقبي ۾ ويٺو آهي. ٻئي ڀائر سلام ورائي، هڪڙ ڪنڊ وٺي ويهي رهيا. آخرڪار پهر کن کان پوءِ، درويش ڪنڌ مٿي کڻي، کانئن اچڻ جو سبب پڇيو. متل کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. درويش ڳالهه ٻڌي ٽـُـٻيءَ ۾ پئجي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ چيائين ته: جوان! لاليءَ جو مون به رڳو نالو ٻڌو آهي، پر اها خبر ڪانه اٿم ته اها ڪٿي ۽ ڪهڙي پاسي آهي. باقي اڳيان منهنجو وڏو ڀاءُ ويٺو اٿوَ، کيس منهنجا سلام ۽ هيءَ نشاني ڏجو، شايد توهان کي لاليءَ جو ڏس ڏئي سگهي. ٻنهي ڀائرن درويش جي مهرباني مڃي، ۽ ڏنل نشاني کڻي اٿي پنڌ پيا.

 

Text Box: 99

 

چئن پنجن ڏينهن جي پنڌ کان پوءِ، اچي اُنهيءَ جاءِ تي پهتا، جتي درويش جو وڏو ڀاءُ ويٺو هو. ٻئي ڀائر هٿ ٻڌي اڳيان وڃي ويٺس. هن به کانئن اچڻ جو مقصد پڇيو. متل کيس اڳئين درويش جي ڏنل نشاني ۽ سلام ڏيئي کانئس لاليءَ جو ڏس پڇيو. درويش چيس ته: ابا، مونکي پڪي سـُـڌ ته ڪانهي، پر ٻڌو اٿم ته هتان اٽڪل سؤ ڪوهن جي پنڌ تي، هن رڻ جي ڇيڙي تي هڪڙو “رڻ پنوهار” رهندو آهي، ان جون اٺيون لاليءَ جي باغ مان چري اينديون آهن. توهين ان وٽ وڃو، شايد اُهو توهان جي مدد ڪري. متل ۽ سدورو درويش جا احسان مڃي اڳتي روانا ٿيا.

 

ڪن ڏينهن جي مسافريءَ کان پوءِ اچي رڻ جي ڪنڌي ڀيڙا ٿيا. اُتي ڏسن ته هڪڙو ڪرڙوڍ شخص ڪڇ ۾ مـَـڻ ڏاس جي ويڙهي ۽ اڌ مڻ جي ڍيري لڙڪائيندو، ڪتيندو پيو اچي. ٻنهي کي پڪ ٿي ته اهوئي رڻ پنوهار آهي، جنهن جو درويش ڏس ڏنو هو. هڪلي وٽس آيا. سلام ڪلام کان پوءِ رڻ پنوهار کي چيائون ته: تنهنجا مهمان آهيون، رڻ پنوهار چين ته: ڀلي آيا جيءُ آيا... منهنجون اکيون ٿڌيون، مون کي به هن رڻ ۾ رهندي سال ٿي ويا آهن، پر ڪنهن آدمزاد جي شڪل ڪانه ڏٺي اٿم، پر اهو ته ٻڌايو ته هن رڻ ۾ ڪهڙي ڪم سان آيا آهيو؟ متل کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي، جنهن تي رڻ پنوهار چين ته: هائو ادا! لاليءَ جي هاڪ ٻڌي مون به آهي، پر خبر ڪانه اٿم ته اُها آهي ڪهڙي پاسي. باقي منهنجيون اُٺيون چرڻ وينديون آهن، جي لاليءَ جي باغ مان چري اينديون آهن، انهن کي گس جي خبر آهي، پر اهو وڳ اڄ ئي چرڻ ويو آهي، جو ٽن ڏينهن کان پوءِ موٽندو. اُن جي موٽڻ تي ئي آءٌ اوهان جي ڪا مدد ڪري سگهندس، تيستائين توهين منهنجا مهمان آهيو. ائين چئي ٻنهي کي وٺي اچي هڪڙيءَ جاءِ ۾ ويهاريائين.

Text Box: 101

 

رڻ پنوهار جنهن هنڌ رهندو هو، اتي ڀلجي به ڪو انسان ڪو نه ايندو هو. ڇاڪاڻ ته رڳو رڻ ئي رڻ هو. هن کي “سدوري” نالي هڪڙي تمام سهڻي ڌيءَ هئي، جا اچي جوان ٿي هئي. سو رڻ پنوهار دل ۾ خيال ڪيو ته، حياتيءَ تي ڀروسو ڪونهي، الائجي اڄ مران يا سڀاڻي، ته پوءِ هن جوان نياڻيءَ جو ڇا ٿيندو! هينئر به سالن کان پوءِ هيءُ ٻه جوان ڏٺا اٿم، جي گهر ويٺي هلي آيا آهن، ڇو نه نياڻي انهن مان هڪڙي سان پرڻائي اهو بار سر تان لاهي ڇڏيان، وري الائجي ڪو هتي اچي يا نه اچي. هيءُ مڙس به پهلوان ٿا ڏسجن، جو هيڏا ڪشالا ڪڍي هن رڻ ۾ اچي پهتا آهن.

 

Text Box: 102

 

هوڏانهن وري سدوري جو رڻ پنوهار جي ڌيءَ سدوريءَ کي ڏٺو، سو مٿس موهت ٿي پيو. متل کي انهيءَ ڳالهه جي کڙڪ پئجي وئي، سو اچي ڊپ ورايس ته رڻ پنوهار کي جي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئي ته مفت ۾ مارجي وينداسين، تنهن ڪري ڀاءُ کي چيائين ته: ادا! پاڻ ٻه ڏينهن هن شخص جو نمڪ کاڌو آهي، اهو پنهنجو وڙ ڪونهي جو ان جي ننگ ۾ اک وجهون، تنهن ڪري اهو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏ. جو ماڻهو ڀلائي ڪري، ان سان برائي نه ڪبي آهي. سدوري کي ڀاءُ جي ڳالهه دل سان لڳي، ۽ دل جو سور دل ۾ رکي ماٺڙي ڪري ويهي رهيو.

 

ٽئين ڏينهن شام جو اوڀر طرف کان ڌوڙ اڏامندي نظر آين، رڻ پنوهار هنن کي ٻڌايو ته: اُٺين جو وڳ چري موٽيو آهي. ٻئي ڀائر خوشيءَ مان اٿي کڙا ٿيا. ايتري ۾ اُٺيون واءُ  مينهن ڪنديون اچي سهڙيون. رڻ پنوهار ڏهائيءَ لاءِ اڳ ۾ ئي وڏيون گهاگهرون ٺاهي رکيون هيون، سو ڏُهائيءَ لاءِ سنبريو، پر متل کيس چيو ته: پهرين اسان کي لاليءَ جي ملڪ جو ڏس ڏي، پوءِ ٻيو ڪم. رڻ پنوهار ته من ۾ ڪا ٻي سـِـٽي هئي، تنهن پهرين ته ڪجهه نٽايو ۽ هنن کي ٻه چار ڏينهن ٽڪڻ لاءِ زور ڀريو، پر هيءُ مڙس ڪٿي ٿا ترسن! تن کيس ٻڌايو ته: اسين تو وٽ ٽي ڏينهن به الائجي ڪيئن ترسيا آهيون. ڀلائي ڪري اسان جي مدد ڪر ته جلدي وڃي اتي رسون. لاچار ٿي رڻ پنوهار کين چيو ته: جوانو! آءٌ توهان تي اهو احسان ڪريان ٿو، پر اوهين به مون تي هڪڙو احسان ڪريو، متل جواب ڏنس ته: اي شخص! تون اسان کان سر گهرندين ته اهو به حاضر آهي، اسين تنهنجي احسان جو عيوض ڏيئي ڏاڍا خوش ٿينداسين. اتي رڻ پنوهار کيس ٻڌايو ته: آءٌ مرڻ ڪنڌيءَ تي ويٺو آهيان، مرضي اٿم ته جيئري ئي پنهنجي سر تان نياڻيءَ جو بار لاهيان. اوهان کان وڌيڪ ٻيو ماڻهو، هن رڻ پٽ ۾ مونکي مشڪل سان هٿ ايندو، تنهن ڪري اوهان ٻنهي ڀائرن مان هڪڙو، منهنجو ناٺي ٿيڻ قبول ڪري ته ڏاڍو چڱو.

ٻئي ڀائر پهرين ته ڏاڍي ويچار ۾ پئجي ويا هئا، پر جڏهن ڳالهه جو پتو پين، تڏهن ٻئي هٿ کڻي اکين تي رکيائون. متل کي پنهنجي ڀاءُ سدوري ۽ رڻ پنوهار جي ڌيءَ سدوريءَ جي عشق جي خبر هئي، تنهن يڪدم هن کي چيو ته: ادا! اهو ته اسان تي تنهنجو ٻيو احسان ٿيندو، ڇو جو تنهنجي ڌيءَ سان منهنجي ڀاءُ جي پريت ٿي ويئي آهي، ڇو نه انهن ٻنهي کي کڻي پرڻايون. بس پوءِ ته اتي جو اتي قبولا قبولي ڪرائي، ٻنهي جي کڻي شادي ڪرائيون. تنهن کان پوءِ متل چيس ته: هاڻي اسان کي ڏس ڏي ته اڳتي وڃون، ۽ ورندي ستين ڏينهن حياتي هوندي ته اسين تنهنجا مهمان آهيون، اچي ڪنوار وٺي وينداسين. پوءِ رڻ پنوهار کين خوشيءَ سان موڪل ڏيئي، ٻنهي ڀائرن کي ساڻ وٺي وڳ ۾ ويو ۽ وچ ۾ بيهي چيائين ته: اي رزق مال منهنجا! خلقيل پاڪ خدا جا، جواب ڏيو ته اوهان مان ڪهڙيون ڪهڙيون اُٺيون لاليءَ جي باغ مان چري اينديون آهن؟ انهيءَ سوال تي هڪڙي پوڙهي ڏاچي، جا ٽنگ کان منڊي ۽ ڪنن کان ڏَٻي هئي، سا رڙهي اچي سندس ويجهو بيٺي. سندس گؤنرو به اچي گڏ بيٺس. رڻ پنوهار، متل کي ٻڌايو ته: ادا! هيءَ ڏاچي لاليءَ جي باغ ۾ چرڻ ويندي آهي، هاڻي وڻيو ته ڏاچيءَ تي وڃو، وڻيو ته گؤنري تي چڙهي وڃو. متل ڏاچيءَ کي پسند ڪيو. تڏهن رڻ پنوهار پنهنجي ڌيءَ کي پاکڙي آڻڻ لاءِ چيو. ٿوريءَ دير ۾ سدوري پاکڙو کڻي آئي. متل کانئس پاکڙو وٺي، ڏاچيءَ تي ڪشي ٺاهي چڙهي ويٺو، ۽ ڀاءُ کي سڏ ڪيائين، پر هو ٻئي زال مڙس پاڻ ۾ اکيون اٽڪائي بيهي رهيا. اشارن ئي اشارن ۾ انجام اڪرام ڪري، هڪ ٻئي کان موڪلايائون. متل ۽ سدورو، لاليءَ جي باغ ڏانهن روانا ٿيا.

Text Box: 104

 

ڏاچي هئي ٽنگ کان منڊي، پر هلڻ سان هاڃا ڪري ڇڏيئين. منيهن واءُ ڪندي، اٺن پهرن جي پنڌ کان پوءِ شام ڌاري اچي لاليءَ جي باغ ۾ پهتي، جو ميلن ۾ پکڙيل هو. هنن به ڏاچيءَ کي هڪڙي وڻ سان ٻڌي واءُ سواءُ لهڻ لاءِ باغ ۾ چڪر هنيا. نيٺ هڪڙو مالهي گڏجي وين، جنهن سان حالي احوالي ٿيا. مالهيءَ کين ٻڌايو ته: لاليءَ جا ٽي شرط رکيل آهن، جيڪو ماڻهو اهي شرط پورا ڪندو، تنهن سان هوءَ شادي ڪندي. هاڻي توهين هيئن ڪريو، جو سندس محلات جي ٻاهران جيڪا ڀـير رکيل آهي، ان تي ڏؤنڪو هڻو. اندران ٻانهي نڪري ايندي جا توهان کي لاليءَ جا شرط ٻڌائيندي. پر منهنجي صلاح مڃو ته پوئتي موٽي وڃو، ڇو ته انهن شرطن جي پوري ڪرڻ لاءِ هتي ڪئين پهلوان آيا، پر خوار خراب ٿي مارجي ويا، تنهن ڪري چڱائي انهيءَ ۾ اٿو ته موٽي وڃو. پر هنن ٻنهي ڀائرن سندس انهيءَ ڳالهه تي خيال ئي ڪونه ڏنو، ۽ کانئس موڪلائي باغ کان ٻاهر نڪتا. اتي منهن مير به اچي ٿي هئي، تنهن ڪري خيال ڪيائون ته هلي ڪنهن سراءِ ۾ رات گذارجي، ۽ صبح جو هلي شرط پڇنداسين. اهو فيصلو ڪري هڪڙيءَ سراءِ ۾ اچي ٽڪيا.

 

Text Box: 103

 

صبح جو سويل متل ۽ سدورو ٺهي جڙي اچي لاليءَ جي محلات ڀيڙا ٿيا. ڀير تي ڏؤنڪو هڻي، پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏنائون. ٿوريءَ دير ۾ هڪڙي ٻانهي نڪتي، جنهن کانئن اچڻ جو مطلب پڇيو. متل وراڻي ڏنس ته: اسين لالي جا شرط پورا ڪرڻ آيا آهيون، هاڻي سـِـگهـِـي ٿي پنهنجي سانئڻ کان شرط پڇي اچّ! ٻانهي ڏاڍي ناز نخري سان جواب ڏنو ته: توهين ڀلي ڪري آيا، جيءُ ڪري آيا. اڄ ته هلي مهمانخاني ۾ رهو، باقي سڀاڻي توهان کي شرط ٻڌائينداسين. پر متل چيس ته: مائي! اسين ماني ڪونه کائڻ آيا آهيون. اسان کي اڄ ئي شرط پڇي اچي ٻڌا”، جو دير ٿي ٿئي. ٻانهي سندن ضد ڏسي، سڌي لاليءَ وٽ آئي، ۽ کيس هنن جي اچڻ جو مطلب ٻڌايائين. لاليءَ کيس چيو ته: ٻانهي! کين وڃي چئو ته اسان جي اتر طرف واري ٻيلي ۾ هڪڙو ڪيهر شينهن رهي ٿو، جنهن اسان جي مال ۽ ماڻهن کي ڏاڍو نقصان رسايو آهي. هاڻي پهريون شرط اهو آهي ته منهنجي شاديءَ وقت اهو شينهن جيئرو حاضر هجي، ٻانهيءَ اهو شرط اچي هنن کي ٻڌايو. ٻئي ڀائر يڪدم پوئين پيرين موٽيا. ڇا ڪيائون جو اچي هڪڙي ٻڪري مـُـلهه ورتائون، پوءِ ڏاچيءَ تي چڙهي، ٻيلي ڏانهن روانا ٿيا. ٿوريءَ دير کان پوءِ اچي ٻيلي ۾ پهتا. ٻنهي ڀائرن صلاح ڪري ٻڪريءَ کي هڪڙي وڻ سان ۽ ڏاچيءَ کي ٻئي وڻ سان ٻڌو، ۽ پوءِ متل پاڻ ٻڪريءَ جي ڀرسان ۽ سدورو ڏاچيءَ جي ڀرسان ڏنڊا کڻي بيهي رهيا، ۽ زور سان هوڪريا ڪرڻ لڳا. ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪڙي پاسي کان ڪيهر شينهن گجندو ٻيلي مان ظاهر ٿيو، ۽ ٻڪريءَ کي ڏسي ان ڏانهن وڌيو. تنهن تي متل هڪل ڪيس ته: کـَـلا ٿئي ٻليءَ جا پـُـٽ! متان ويو آهين. شينهن متل جي هڪل ٻڌي، ٻڪريءَ کي ڇڏي ان ڏانهن وريو، ته پٺيان سدوري ڦيرو ڏيئي مغز ۾ اهڙو ته ڏنڊو هنيس جو ڦيراٽيون پائي وڃي پٽ تي ڪريو. هنن به ورائي کڻي ٻڌس، ۽ ٽنگو ٽالي ڪري آڻي، لاليءَ جي محلات آڏو اڇلايائون. پوءِ ڀير تي ڏؤنڪو هڻي، پنهنجي اچڻ جي خبر ڏنائون. ٻانهي نڪري آئي، جا دروازي جي اڳيان ڪيهر شينهن کي پيل ڏسي، ۽ ٻنهي ڀائرن کي سلامت ڏسي، حيران ٿي ويئي. هنن هڪل ڪري چيس ته: ٻانهي! هي شينهن ٻڌو پيو اٿئي، هاڻي پنهنجي سانئڻ کان ٻيو شرط پڇي اچ ته وري ان جي ڳڻ ڪريون. ٻانهي سندن بهادري ڏسي ڏاڍي خوش ٿي، ڇو جو هن کان اڳ جيڪي به ماڻهو ان شينهن کي جهلڻ لاءِ ويا هئا، تن مان هڪڙو به ڪونه موٽيو هو، سو يڪدم ڊوڙي وڃي لاليءَ کي ٻڌايائين. لاليءَ ٻانهيءَ کي چيو ته: کين اڄوڪو ڏينهن پنهنجي مهمانخاني ۾ ترسا”، ٻيو شرط سڀاڻي ٻڌائبو. ٻانهيءَ ٻاهر نڪري کين اهو ٻڌايو، پر هنن چيو ته: ٻانهي! پنهنجي سانئڻ کي وڃي چئو ته سياڻن جو چوڻ آهي ته اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه وجهجي، تنهن ڪري جلدي ٻيو شرط ٻڌاءِ جو اسان کي وري پوئتي ورڻو آهي. ٻانهيءَ سڄي ڳالهه وڃي لاليءَ کي ٻڌائي، جنهن چيو ته: جيڪڏهن نٿا مڃين، ته پوءِ ٻيو شرط هيءُ آهي ته اتر طرف واري ٻيلي ۾ هڪڙو سانُ رهي ٿو، جنهن اڄ تائين سوين شينهن ماريا آهن، ان کي جيئرو جهلي اچو، جو منهنجي ڪاڄ ۾ ڪم ايندو.

 

Text Box: 106

 

اهو شرط ٻڌي ٻئي ڀائر سهي سنبري، وري انهيءَ ٻيلي ڏانهن روانا ٿيا. اتي وڃي ڏسن ته برابر هڪڙو متارو سانُ ويٺو  ڦوڪو ڏئي. ٻنهي ڀائرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته سامهون هن سان پوري ڪونه پونداسين، باقي پٺيان اچي جهليونس. سو ٻئي ڄڻا لڪي لڪي اچي پٺيان ڪڙڪيس. سٽ ڏيئي متل هڪڙي پـُـور کان ورتس ۽ سدوري وري ٻئي کان، ورائي کڻي ڳٽ ڳچيءَ ۾ Text Box: 105

 

وڌئونس. هن گهڻئي پاڻ ڇڏايو پر ڇڙيون هڻي ساڻو ٿي پئجي رهيو. پوءِ سان کي سـُـڪ ڪري هڪلي آڻي لاليءَ جي محلات جي آڏو ٻڌائونس. لاليءَ پنهنجي ٻنهي شرطن جي پورائي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ ٻانهيءَ کان هنن بابت پڇڻ لڳي. ٻانهي چيس ته: سانئڻ! اهڙو خيال اٿيئي ته دريءَ مان هلي کين ڏس. سو لالي اچي دريءَ ۾ بيٺي ۽ متل کي ڏسي مٿس موهت ٿي پيئي، دل ۾ خيال ڪيائين ته، ٻـيو سوال ته هنن پورا ڪيا، پر ٽيون سوال تمام ڏکيو آهي، سو هنن کان پوروئي ڪونه ٿيندو. اهو ويچار ڪري، کيس ڏاڍو ارمان ٿيو ته، ههڙا سهڻا ۽ پهلوان جوان مري ائين ئي ويندا، تنهن ڪري ڇو نه ٻٽي ڏينهن کين رهائي سندن مهماني ڪريان ۽ ساڻن رهاڻ ڪريان. سو ٻانهيءَ کي نياپو ڏيئي اماڻيائين، پر هنن سندس ڳالهه ئي ڪانه ٻڌي. چي: اسان جو رڻ پنوهار سان ستن ڏينهن جو واعدو ٿيل آهي، تنهن ڪري آرام ڪونه ڪنداسين. اسانکي شرط ٻڌايو ته اوڏانهن وڃون. جڏهن ٻانهيءَ ڏٺو ته هو ڪنهن به حيلي نٿا رهن، تڏهن ٽيون شرط ٻڌايائين ته: هتان ڏکڻ طرف رڻ پٽ ۾ هڪڙو اجگر رهندو آهي، جنهن جي وات مان باهه جا اُلا نڪرن ٿا، هن ڪيترائي ڳوٺ ساڙي رک ڪري ڇڏيا آهن، تنهن کي جيئرو جهلي اچو. اهو شرط ٻڌي هيءُ جوان ڪجهه هٻڪيا، ڇو ته اڳي ته هئي زور آزمائي جي ڳالهه، هاڻي ٿيو نانگن سان منهن ڏيڻو. پر خيال ڪيائون ته اُکرين ۾ مٿو وجهي، مهرين ڀر ڪونه ڊڄبو، جيڪي الله کي منظور هوندو سواَ وَس ٿيندو. ڪوشش ته پاڻ به ڪريون ٿا، پوءِ کٽڻ ۽ هارائڻ آهي رب جي وس. اهو پهه پچائي انهيءَ رڻ پٽ ڏانهن روانا ٿيا. هفتي کن کان پوءِ اچي انهيءَ اجگر جي حد ۾ پهتا. اول ڇا ڪيائون جو ڇيڻا چونڊي، انهن جا ٽي وڏا ڍڳ ٺاهيائون، ۽ پوءِ ويهي نانگ جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا. آخر ٻئي ڏينهن نانگ به ساهواري جي ڌپ تي اچي منهن ڪڍيو. ايندي شرط وٺي جو ڦوڪ ڏنائين ته ڇيڻن جو پهريون ڍڳ سڙي رک ٿي ويو. وري اڳتي وڌيو ته ڇيڻن جو ٻيو ڍڳ سامهون آيس، ان کي ڦوڪ ڏنائين ته مهڙ وارا ڇيڻا سڙي ويا، ۽ ٻئي پاسي وارا رڳو لهسيا. آخر اچي ٽئين ڍڳ کي ڦوڪ ڏنائين، جنهن کي ڪجهه به ڪونه ٿيو. اتي متل ۽ سدوري کي پڪ ٿي ته هاڻي نانگ جو زهر ختم ٿي چڪو آهي، سو ڊوڙي وڃي ان جي ڪنڌ ۾ رسو وجهي کڻي سوگهو ڪيائونس. پوءِ ٻئي ڀائر ڪلها ڏئي اجگر کي گهلي اچي لاليءَ جي محلات وٽ پهتا. جڏهن لاليءَ کي سندن صحيح سلامت موٽي اچڻ جي خبر پيئي، تڏهن ڏاڍي خوش ٿي، ۽ يڪدم ٻانهيءَ جي هٿان چوائي موڪليائين ته توهان منهنجا شرط پورا ڪيا،، هاڻي آءٌ انجام موجب شاديءَ لاءِ تيار آهيان. آخر شادي جي تاريخ مقرر ٿي، جنهن تي لاليءَ جا عزيز قريب اچي گڏ ٿيا، ۽ سندس شادي متل سان ڪرايائون. لاليءَ جي پيءُ کين ڪافي مال ملڪيت ڏيئي، لاليءَ کي پنهنجي مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏني. هنن کي به رڻ پنوهار سان انجام پارڻو هو، سو مينهن واءُ ڪندا اچي رڻ پنوهار وٽ پهتا. جو کين سلامت ۽ ڪامياب ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ٽن ڏينهن تائين هنن جي مهماني جهلي، چوٿين ڏينهن سدوريءَ کي تمام گهڻو ڏاج ڏيوڻ ڏيئي، هنن کي موڪل ڏنائين.

 

Text Box: 107

 

ٻئي ڀائر شاديون ڪري، پنهنجي ڳوٺ ڏانهن وريا. هلندي هلندي اچي وڏي درويش وٽ پهتا، جو پڻ هنن کي سلامت ڏسي خوش ٿيو، ۽ لاليءَ ۽ سدوريءَ کي پنهنجون نياڻيون ڪري، کين تمام گهڻيون سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي اڳتي وڃڻ جي موڪل ڏنائين. اهڙيءَ ريت منزلون ڪندا وري اچي ننڍي درويش وٽ پهتا، جنهن به هنن جي چڱي خاطري ڪئي، ۽ کين سوکڙيون پاکڙيون ڏنيون. آخرڪار منزلون ڪندا اچي ڳوٺ پهتا، جتي پنهنجن مائٽن سان گڏجي آرام ۽ امن سان رهڻ لڳا. جهڙو ميلو انهن جو ٿيو، تهڙو شل جڳ جهان جو ٿئي - آمين!

 

Text Box: 108

 


 

 

 


 

16-ڄام پـُـونئرو*

 

عيسوي ڏهين صديءَ ڌاري ڪـَـڇ ۾ ”ڄام پونئرو“ راڄ ڪندو هيو. وٽس مال متاع جي ڪمي ڪانه هئي، پر اولاد جي خوشي نصيب نه ٿي هئس، جنهنڪري رات ڏينهن ڳڻتين ۾ پيو ڳرندو هو. اولاد جي لاءِ هن ڪيترائي پير فقير پوڄيا، پر ٻيو ٿيو خير. سندس شهر ”پڌر ڳڙهه“ کان ڪجهه مفاصلي تي، هڪڙي ندي هئي، جنهن جي ڪپ تي، ڪي ست ڄڻا ساڌو فقير، رات ڏينهن پوڄا پاٺ ۾ مشغول هوندا هئا، جن جي ڪنهن بني بشر کي به خبر ڪانه هئي.

هڪڙي ڏينهن ڪو مهاڻو اُتي مڇيون مارڻ آيو، جنهن هنن کي ڏسي ورتو. اهو ويچارو به ڪو اولاد جو سڪايل هو. خيال ڪيائين ته من انهن فقيرن جي دعا سان ڪو اولاد ٿئيم، سو ڄار نديءَ جي ڪپ تي رکي، هڪلي ساڌن جي آستان تي ويو ۽ هٿ ٻڌي هڪڙي ڪنڊ وٺي ويهي رهيو. ساڌو پنهنجن ئي خيالن ۾، ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺا هئا. مهاڻي دل ۾ خيال ڪيو ته آستان ۾ ڏاڍو گند ڪچرو لڳو پيو آهي، سو ڇونه انهي جي صفائي ڪري وٺان! پوءِ ته يڪدم صفائي کي لڳي ويو، مـَـٽَ سڪي ويا هئا، سي به نديءَ تان ڌوئي ڌمالي ڀري آڻي رکيائين. آخر هڪڙي پيرسن ساڌو ڪنڌ کڻي کيس ڏٺو ۽ چيائينس ته:اي شخص! تون ڪهڙي خيال سان هتي آيو آهين؟ مهاڻي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته: سائين، ڌڻي جو ۽ توهان جو ڏنو سڀ ڪجهه اٿم، پر اولاد ڪو نه اٿم، ان لاءِ توهان جي دعا گهرجي. تنهن تي ساڌو چيس ته:

Text Box: 109

 

جي تون مڇيون نه مارين، ميلو رکين نه من،

 

پـــيءُ ٿــئــيــن پــٽـــن جـــو، اڱــڻ جهجهـو اَن.

(اي شخص! جي تون مڇيون نه مارين ۽ دل کي ميرو نه رکين ته تون پٽن جو پيءُ ٿيندين، ۽ تنهنجي گهر ۾ گهڻي برڪت پوندي.)

مهاڻي ان ڏينهن کان پوءِ مڇين مارڻ کان توبهه ڪئي ۽ ساڌن جو چوڻ به پورو ٿيو. مالڪ جي مهر سان کيس نائين مهيني هڪڙو چنڊ جهڙو پٽ ڄائو. بس پوءِ ته سڄي ملڪ ۾ ساڌن جي درويشيءَ جو هـُـل هـُـلي ويو. نيٺ هڪڙي ڏينهن ڄام پونئري کي به اها خبر پئجي وئي. هو به هر هنڌان نااميد ٿي چڪو هو، تنهن جو اها خبر ٻڌي، سو هڪ دفعو وري به اميد ٿيس. ڇا ڪيائين جو پنهنجي پـَـٽ راڻي ”راجـَـئـِـين“ کي سهائي سنڀرائي، ساڌن جي آستان تي وٺي آيو. ساڌو ته پنهنجيءَ عبادت ۾ مشغول هئا، پر راڻيءَ انهيءَ ڳالهه جو خيال ئي ڪونه ڪيو، ۽ وڏي آواز سان چيائين ته:

راڻـــيءَ رٿ جــــوڙيــــو، آئـــي درويــشــن وٽ،

”وياءَ وڌايون مون ڏيو، ته ماڻڪ ڏيانوَ مـَـٽ“.

(راڻيءَ چيو: آءٌ رٿ تي چڙهي درويشن وٽ آئي آهيان. اي ساڌو! توهين جيڪڏهن مون کي اولاد ڏياريو، ته ان جي عوض آءٌ توهان کي هيرن جواهرن جا مـَـٽَ ڏيندس).

فقيرن کي ڀلا هيرن جواهرن جي ڪهڙي پرواهه! ويتر راڻيءَ جو هنن جي عبادت ۾ خلل وڌو هو، سو رکو جواب ڏنائونس ته:

اسين نه اهڙا اولياءَ، جي ڏيون ٻين کي ٻار،

هيءُ نياءُ ات ٿئي، جت صاحب جي درٻار.

(اي مائي! اسين اهڙا درويش ڪو نه آهيون جو ٻين کي اولاد ڏيندا وتون. اُهو ته سڀڪجهه مالڪ جي هٿ وس آهي.)

Text Box: 110

 

ساڌن جو اهو جواب ٻڌي راڻيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر وري به کين ستائڻ لڳي ته: اي ساڌو! توهان هڪڙي مهاڻي کي پٽ ڏنو آهي پر هن ملڪ جي راجا کي نٿا ڏيو، ڇا اسين ان مهاڻي کان به گهٽ آهيون؟ تنهن تي وري به فقيرن کيس سمجهائيندي چيو ته:

 

ٻـــائـــي! ڏاهـــي ٿـــي، اسـيــن نــه ٺـــــوڙهــــا ٺـــــڳ،

هڪڙو هينئر جهلي ڏيون، جي هجن اسان وٽ وڳ.

(اي مائي! ڏاهي ٿيءُ، اسين ٺڳ ڪو نه آهيون جو توکي ڪوڙو دلاسو ڏيون. اسان جي وس ۾ جي ڳالهه هجي ته هينئر ئي کڻي توکي پٽ ڏيون.)

ساڌن جو رکو جواب ٻڌي، راڻي اولاد جي آس اندر ۾ ئي سانڍي مايوس ٿي محلات ڏي موٽي آئي، ۽ سموري حقيقت ڄام پونئري کي ٻڌايائين.

راجئين پونئري ڄام کي، چيون ڳالهيون چار،

مـهــاڻـــي تــي مهـر ٿــي، اسـان لـئـي انـڪـــار.

(راڻي راجئين، پونئري ڄام کي سڄي حقيقت ٻڌائي ته، ساڌن مهاڻي تي مهرباني ڪري ان کي اولاد ڏنو، پر اسان لاءِ انڪار ڪيائون.)

ساڌن جو اهڙو رکو جواب ٻڌي، ڄام پونئري کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، سو ڇا ڪيائين جو ستن ئي ساڌن کي کڻي تهخاني ۾ بند ڪيائين، سمجهائين ته پاڻهي بک اڃ ۾ لاچار ٿي مون لاءِ دعا گهرندا. ڏينهن گذري ويا پر ساڌن ڪجهه به ڪين ڪڇيو. تنهن تي راجا هيڪاري باهه ٿي ويو ۽ حڪم ڏنائين ته: هنن ساڌن کي تهخاني مان ڪڍي، هڪڙي کلئي ميدان تي گهاڻي ۾ ٻڌي وهايو. حڪم جي دير هئي، يڪدم هنن ويچارن کي تهخاني مان ڪڍي گهاڻي ۾ ٻڌائون، پر هو ڪٿي ٿا ظلم کان ڊڄي، راجا لاءِ عا گهرن! صبر سان سڀ مصيبتون سهندا رهيا. ساڌو ويچارا رات ڏينهن گهاڻي ۾ وهندا رهيا ۽ ماڻهو وري مٿن چٿرون ۽ مسخريون ڪرڻ لڳا. ڪو به هنن کي ماني ٽڪي ڪو نه ڏيندو هو. آخر هنن کي هيڏي مصيبت ۾ ڏسي هڪڙي غريب حجام کي مٿن قياس اچي ويو. تنهن ماڻهن کان لڪچوري اچي هنن کي چيو ته:

Text Box: 111

 

توهان جو ڪو ڌڻي ڌوڻي آهي يا نه. جو توهان کي هن آزار مان آجو ڪري؟ تنهن تي هڪڙي ساڌو چيس ته: اسان جا سار لهڻ وارا ته گهڻئي آهن، پر انهن کي اطلاع ڪير ڏئي؟ اسين ستئي هتي گهاڻي ۾ ٻڌا پيا آهيون. باقي جي ڪو ماڻهو اسان مان هڪڙي جي بدران هن گهاڻي ۾ وهي ته جيڪر اُهو وڃي مددگارن کي سڏي اچي. حجام کين چيو ته: جيڪڏهن توهان جي ائين جند ڇٽندي ته آءٌ توهان مان هڪڙي جي پاران هن گهاڻي ۾ وهڻ لاءِ تيار آهيان. ائين چئي هڪڙي ساڌو کي کولي، پاڻ ان جي پاران گهاڻي ۾ وهڻ لڳو.

 

گهاڻي مان ڇٽل ساڌو ٿورو پنڌ ڪري اچي هڪڙي ٽڪريءَ تي چڙهيو ۽ پنهنجي ديوتا کي سڏڻ لڳو ته:

ڪـَـنن پائي ڪوڪرا، ڌرس ٻـرايم ڌان،

رٿــيــا راڄ اگـهــان، اڃــان ڪــو نـه آيـو!

(ڌرس چوڻ لڳو ته، اسين هتي مصيبت ۾ ڦاٿا پيا آهيون، پر توهان مان اڃان تائين اسان جي مدد لاءِ ڪو به ڪو نه آيو آهي.)

Text Box: 112

 

ساڌوءَ جي پڪار تي ٿوري ئي وقت کان پوءِ هنن جي مدد لاءِ ٻاهتر ”جک“ اچي ڪڇ جي بندر ”جکوئي“ تي لٿا. هنن سان گڏ هنن جي هڪ ڀيڻ ”سانيري“ پڻ آئي هئي. سانيري تمام چالاڪ هئي، تنهنڪري جکن هن کي ڄام پونئري جي طاقت ۽ محلاتن جي ڳجهن رستن جي حقيقت لهڻ لاءِ محلات ۾ موڪليو. سانيري پنهنجي هوشياري ۽ چالاڪيءَ سان، راڻي راجئين ۽ ڄام پونئري جي گهر جي اٿڻ ويهڻ جي سموري حقيقت هٿ ڪري، جلد ئي موٽي آئي، ۽ جکن کي اچي ٻڌايائين ته، ڄام پونئرو روز صبح جو وڏي ماڙيءَ جي اڱڻ ۾ وهنجندو آهي، اهو وقت ۽ هنڌ پونئري کي مارڻ لاءِ ٺيڪ ٿيندو. سانيري جي اها اٽڪل سڀني کي وڻي ۽ ٻئي ڏينهن جو انتظار ڪرڻ لڳا.

 

ٻئي ڏينهن هميشه وانگر جيئن ڄام پونئرو وهنجڻ خاني ۾ ويو، تيئن ”ڪڪڙ“ نالي هڪڙي جک، ٽڪريءَ تان چڙهي نشان چٽي، اهڙو ته تير هنيس جو ڄام پونئرو اتي ئي ڦٿڪي مري ويو.

ڪـَـڪڙ ڪاني هنئين، ڪانيءَ ڪيو ٺڪاءُ،

پـُـونئرو وينــدي پاٽ، تيئن چپــر پئي مٿان.

(ڪڪڙ، ڄام پونئري کي اهڙو ته تير هنيو، جو هو اتيئي مري ويو.)

اهڙيءَ طرح هنن، ساڌن کي ڄام پونئري جي مصيبتن مان آزاد ڪرايو. جنهن ٽڪريءَ تان ڪڪڙ جک تير هنيو هو، ان کي اڄ ڏينهن تائين به ”ڪـَـڪڙ پٽ“ چوندا آهن.

 

 

 


 

Text Box: 113

 

 

 


 

 

17- همير سومرو*

 

هيءَ ان وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن همير سومرو سنڌ جو بادشاهه هو. ان وقت ”ڄام پـُـونئرو“ لوڙهيون هڻندو هو. آسپاس جي علائقن مان چوپايو مال هڻي پنهنجي ملڪ ۾ موٽي ايندو هو. وڏو ظالم هو، جنهنڪري آسپاس جا راجا هن کان ڊڄندا هئا. ڪنهن کي به هن سان هٿ اٽڪائڻ جي همت نه هوندي هئي، پر پونئرو سڀني راجائن کي پيو ستائيندو هو.

انهيءَ زماني ۾ ڪاٺياواڙ جي دنگ تي ”وير گوجر“ نالي هڪڙو تمام عادل ۽ سخي راجا راڄ ڪندو هو. هڪڙي ڀيري پونئري ان جي مال هڻڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو موڪليا:

پونئري ڪيا پـَـرياڻ، ٻرڙي تي ٻـَـرَ ٻيا،

تنين وڃـي واريون، لـوڏون لـَـڪ مـٿـان.

(پونئري، وير گوجر جي ملڪ ۾ ٻرڙا پهاڙ ڏانهن لشڪر اُماڻيو جنهن وڃي لڪن مان مال هنيو).

وير گوجر کي جڏهن انهيءَ ڳالهه جي خبر پئي، تڏهن يڪدم ڀرپاسي وارن راجائن ۽ سردارن کي گڏ ڪيائين، جي پڻ پونئري جا دشمن هئا، پوءِ هڪڙو وڏو لشڪر ٺاهي، ڪڇ ملڪ تي ڪاهي آيو:

چانوَت ڪري چڙهيو، گـُـجر گهو مليا،

Text Box: 114

 

پـواڙا پونئري ٻيلئين، گهڻا وچ ڪيئا.

 

(وير گوجر، گهوملي ننگر کان فوج وٺي، ڏاڍي ڪاوڙ مان چڙهائي ڪري آيو، پر پونئري جي سردارن به ساڻس چڱي جنگ ڏني.)

نيٺ هو لـُـٽ مار ڪندو پونئري جي ڪوٽ پڌر ڳڙهه وٽ اچي پهتو، ۽ ڪوٽ کي گهيرو ڪري ويهي رهيو. لڳاتار ٻه مهينا گهيرو هليو، پر هو پڌر ڳڙهه جو هڪ پٿر به هٽائي نه سگهيو. انهن ٻن مهينن جي عرصي ۾، ٻنهي ڌرين مان جڏهن به ڪنهن کي موقعو ملندو هو ته ٻيءَ ڌر تي حملو ڪري ان جا ڳچ ماڻهو ماري ڇڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح ڪيترائي ماڻهو مري ويا پر جنگ جو فيصلو نه ٿيو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن ٻئي طرف ڪمزور ٿيندا ويا. آخر ٻنهي ڌرين گڏجي فيصلو ڪيو ته، ٻنهي پاسن کان هڪ هڪ پهلوان ميدان ۾ اچي، ۽ پوءِ جنهن به ڌر جو پهلوان ماري، تنهن کٽيو. انهيءَ فيصلي ٿيڻ سان ٻئي راجا، پونئرو ۽ وير گوجر، ميدان ۾ آيا ۽ پهرين پهرين زور آزمائي لاءِ ملهه وڙهيا.

سنڀري سامـَـنت اُٿـيـا، کينٽـيا اچي خان،

وير موڙي مانَ، پـَـل ۾ پونئري ڄام جو.

(ٻئي پهلوان تيار ٿي، ميدان ۾ آيا ۽ وڙهڻ لڳا، آخر وير گوجر، پونئري جو هٺ ڀڳو.)

پونئري جڏهن ملهه ۾ هارايو، تڏهن هٿيارن سان جنگ ڪيائين، هٿيارن جي جنگ ۾ به وير گوجر کانئس سرسيءَ ۾ رهيو. پونئري هارايو ۽ وير گوجر کٽيو. هارائڻ کان پوءِ ڄام پونئري ڏن طور ڪيترو مال، ويد گوجر کي ڏنو، آئيندي پڻ سال بسال ڏن ڏيڻ جو انجام ڪيائين. وير گوجر جي موٽي وڃڻ تي، ڄام پونئري جي حڪومت جو اڳيون زور ڪو نه رهيو، ۽ سڀئي سردار کيس ڏن ڀرو راجا سمجهي سندس حڪم مڃڻ کان انڪار ڪرڻ لڳا. اها حالت ڏسي، پونئري خيال ڪيو ته اهو خواريءَ جو ٺڪر پاڻ تان لاهجي، سو سنڌ جي بادشاهه همير سومري کي دعوت موڪليائين ته هو اچي وير گوجر سان جنگ ڪري ۽ انهيءَ جي عيوض ڏن طور ڌيءَ جو سڱ ڏيڻ جو انجام ڪيائين.

ماڙو هلايئين متر، ڪوٺيئين سنڌ همير،

ســڱ ڏيــان ســومــرا، ٻيا پڌر ڏيانءِ وير!

(پونئري، همير سومري ڏانهن ماڻهو موڪليو ۽ چوائي موڪليائينس ته: جي منهنجي مدد لاءِ ايندين ته توکي سڱ به ڏيندس ۽ ان کان سواءِ منهنجي ملڪ جو ڪجهه حصو پڻ ڏيندوسئين.)

پـِـياڻي پـِـياڻي لک ڏيان، گهوڙا ڏيان ڳچ،

سـمـي ڪـارڻ ســومـــرا! تـون تان وهلو اچ.

(آءٌ توکي تنهنجي هر منزل تي لک رپيا ۽ بيشمار گهوڙا ڏيندس، پر اي سومرا! سمي ڄام جي مدد لاءِ جهٽ اچ.)

همير سومري کي جڏهن اهو نياپو پهتو، تڏهن هڪڙو وڏو لشڪر تيار ڪري پونئري جي مدد لاءِ ڪڇ ڏانهن روانو ٿيو.

جيئن ڏونگر تيئن ها ٿيا، جيئن کيريون تيئن ڇـَـتر،

هــــــــمــيــــراڻــــي فــــــــوج ڪـــــــــَـر، اُڳــــــا اُڀ نــکـــــــــــــتــــــــــــــــر.

(همير سومري جي فوج ۾ جبلن جيڏا بي انداز هاٿي، جن جي هنبارين جا ڇٽ کيرين جي ٻوٽن وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آيا، ۽ همير جي فوج به ائين ٿي لڳي ڄڻ آسمان ۾ تارا.)

ٿوري ئي وقت ۾ سڄي ملڪ ۾ اها خبر باهه وانگر پکڙجي ويئي ته سنڌ جو حاڪم همير سومرو، پونئري جي مدد لاءِ پيو اچي، سو سڀني کي اچي سر سان لڳي.

اچــــــــــــي ســــــــــــاڻ اُلــٽــيـــا، اُڏاڻـــــــــــي پـَـــڻــــِـي،

راجئين نهاري ڳوک تان، آيو سنڌ ڌڻي.

Text Box: 116

 

Text Box: 115

 

(همير سومري جا جوڌا جوان ڌوڙ اُڏائيندا اڳتي ڌوڪيندا پئي آيا، ۽ پونئري جي زال راڻي راجئين پنهنجي محلات جي دريءَ مان نهاري چيو ته، سنڌ جو ڌڻي اچي ويو.)

 

همير سومري جي پهچڻ تي پونئرو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ پنهنجا ماڻهو وٺي سندس آڌرڀاءُ لاءِ اڳڀرو وڃي ساڻس مليو. ٻئي راجا پاڻ ۾ ڀاڪر پائي ڏاڍي اُڪير مان مليا. پوءِ پونئري کيس قلعي ۾ رهڻ لاءِ عرض ڪيو پر همير سومري سندس اها ڳالهه نه مڃي، ۽ چيائينس ته:

واڙي وَڇـُـــون پـُــورجـن، پـاڏا نـه پـُـــورجـــن پـار،

اسين پڌر جا بادشاهه، ڊڄون نه ڪنهن جي ڊاءُ.

(اي پونئرا! واڙي ۾ وَڇون پوربيون آهن ۽ نه پاڏا، اسين ميدان جا مرد آهيون، اسان کي ڪنهن جو ڊپ ڊاءُ ڪونهي.)

پونئري، همير سومري جي اها ڳالهه ٻڌي کڻي ماٺ ڪئي، ۽ همير سومري، پڌر ڳڙهه جي قلعي آڏو پنهنجو ديرو دمايو. ٻن ٽن ڏينهن جي آرام کان پوءِ لڙائيءَ جي تياري شروع ٿي. آخر هڪڙي ڏينهن ٻئي ڌريون اچي آمهون سامهون ٿيون. وري به ساڳيو فيصلو ٿيو ته ٻنهي پاسن کان پهلوان، ميدان تي نڪري وڙهن، تنهن ڪري همير سومرو ۽ وير گوجر هٿيار پنوهار پهري ميدان ۾ آيا. وير گوجر هاٿيءَ تي ۽ همير سومرو گهوڙي تي سوار هو. ٻئي جوڌا جوان جڏهن هڪ ٻئي جي ويجهو ٿيا، تڏهن هڪ ٻئي کان اڳرا ٿي ڏسجڻ ۾ آيا. همير چئي ته، پهرين تون وار ڪر، پر وير گوجر چئي ته پهرين تون وار ڪر. نيٺ گهڻي ريڙهه پيڙهه کان پوءِ وير گوجر، همير سومري تي گرز سان وار ڪيو، جو سندس منهن ۾ لڳو. ڌڪ لڳڻ سان رت ريلا ڪري وهڻ لڳو. همير سومري جا ڪيترا ڏند ڀڄي پيا ۽ گهوماٽي کائي گهوڙي تان ڪري پيو. پونئري پنهنجي محلات جي دريءَ مان سارو لقاءُ ويٺي ڏٺو، تنهن همير سومري کي گهوڙي تان ڪرندو ڏسي چيو ته:

گهاءُ لڳو گهـُـڻج جو، ڇـَـڻيو ڇـَـتر مٿان،

راڻـي ائـيــن پـڪاريـو، حـمـير ويو هٿان.

(همير سومري کي گرز لڳڻ ڪري گهاءُ ٿي پيو ۽ هو گهوڙي تان ڪري پيو. اتي پونئري رڙ ڪري چيو ته همير هٿن مان ويو.)

همير سومرو تمام طاقتور شخص هو، سو اهو ڌڪ پچائي اٿي کڙو ٿيو، ۽ وير گوجر کي هوشيار رهڻ لاءِ للڪاريائين. سندس للڪار سان لڙائيءَ جو سارو ميدان گونجڻ لڳو. وير گوجر، همير جي وار لاءِ تيار ٿيو ۽ همير سومري مٿس ڀالي سان وار ڪيو. ڀالو سـُـوسٽ ڪندو وڃي وير گوجر جي ڇاتيءَ ۾ لڳو، جو بولاٽي کائي ڪري پيو، ۽ اتي ئي مري ويو. وير گوجر جي مرڻ ڪري سندس لشڪر ۾ اچي ڀاڄ پئي ۽ همير جي لشڪر جي سوڀ ٿي. پوءِ چؤطرف خوشيون ٿي ويون.

پونئري انجام موجب، پنهنجي ڌيءَ جو سڱ همير سومري کي ڏنو، جا راڻي راجئين مان هئس. انهيءَ خوشيءَ ۾ سڄي پڌر ڳڙهه کي خوب سينگاريو ويو. همير سومرو موڙ ٻڌي ڇني ۾ آيو. سندس آڌر ڀاءُ لاءِ راڻي راجئين به هار سينگار ڪري اچي حاضر ٿي. همير سومري جو ڪنڌ هيٺ هو، ڇو جو وير گوجر سان مقابلو ڪندي سندس ڏند ڀڄي پيا هئا، اهو ڏسي هڪڙي لنگهي چرچي طور چيو ته:

جــهــڙو آڻَ هـَـــرَ ڦـُــٽـَــڙو، تـــهــــــڙو وَرَ جــــي هـــــوءِ،

ته ڪچو نه ڪري ڪوءِ، سـَـسُ ڀلين سـَـستـَـر ڪري.

(جهڙي ڪنوار سهڻي آهي، اهڙو ئي جيڪڏهن گهوٽ سهڻو هجي ها ته ڪو به عيب جوئي نه ڪري ها، ۽ سس کي به سينگار ڪرڻ سونهي ها.)

Text Box: 118

 

لنگهي جو چرچو همير سومري کي ڏاڍو ڏکيو لڳو، ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهو ٿي ويو، ۽ انهيءَ مهل ڇنو ڇڏي پنهنجي ڇانوڻيءَ ڏي موٽي آيو. همير جي رسڻ تي، سڀني کي اچي ڊپ ورايو ته هاڻي الائجي ڪهڙو ڪـِـيس ٿيندو. آخر وڏا وڏا امير گڏجي کيس پرچائڻ لاءِ ويا، پر همير سومري هڪ به نه ٻڌن، نيٺ گهڻي سـَـت ستاءُ کان پوءِ همير چين ته: انهيءَ شرط سان شادي قبول ڪندس ته ڪڇ ۾ سدائين منهنجو نالو قائم رهي. هنن اها ڳالهه به قبول ڪئي ۽ کيس ڇني ۾ آندائون، جتي شاديءَ جي رسم پوري ٿي.

 

Text Box: 117

 

ان ڏينهن کان وٺي ڪڇ ۾ سندس نالو قائم رکڻ لاءِ زمين جا دستاويز لکڻ وقت ”اگهاٽ همير وارا“ لکڻ جو رواج پيو.

 

 

__________

 


 

* هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ننگر پارڪر) مان منگهارام اوجها کان ملي.

* هيءَ ڳالهه ٿرپارڪر (تعلقي ننگرپارڪر) مان منگهارام اوجها کان ملي.

* هن ڳالهه جي روايت ٿرپارڪر (تعلقي ننگرپارڪر) مان منگهارام اوجها کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org