سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 18 19 20

صفحو ؛ 8

 

18-آهو ڪوري هاڻـُـو

 

آڳاٽي زماني ۾،”آهو“ نالي هڪڙو مشهور هاڻـُـو ٿي گذريو آهي، جو ذات جو ڪوري هو. اڪيلي سر مال هڻندو هو، ۽ نهايت چالاڪيءَ سان وڳن جا وڳ ڪاهي ويندو هو. پهلوان به اهڙو هو جو ڪير به ساڻس مقابلو ڪري نه سگهندو هو. ڀاڳيا ۽ مالوند ماڻهو رات جو جڏهن پنهنجو مال پهرائيندا هئا، تڏهن اها خبر ڪنهن کي به نه ڏيندا هئا ته مال ڪهڙي پاسي پهرايل آهي، جيئن آهي ڪوريءَ جي ڪن نه پوي، ۽ جي کيس جهنگ ۾ مال جي سـُـڻس پئي ته مال ويو.

هڪڙي ڀيري ڪنهن پاسي مال هڻڻ ويو. سج لٿي مهل ڳوٺ جي ٻاهران جهنگ ۾ وڃي ويٺو، انهيءَ انتظار ۾ ته ڪيڏيءَ مهل ٿو مال پهرجي. اتي هڪڙي لنگهـِـي رهندي هئي، جنهن وٽ به هڪڙي ڏاچي هئي. سندس ڏاچي اچي ڦـَـر تي بيٺي، پر ڪو ڏهڻ وارو ڪو نه هو. مائيءَ خيال ڪيو ته متان ڏاچي وِڻـِـي نه ٿي وڃي، سو هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي ته من ڪو ماڻهو نظر اچي. اوچتو سندس نظر وڃي آهي ڪوريءَ تي پئي، جو انتظار ۾ بيٺو هو. مائيءَ سڏ ڪري چيس ته: ابا! مون کي ڏاچي ته ڏهي ڏي! پر آهي جواب ڏنس ته: مائي، آءٌ ڏاچي ڏهي ڪو نه ڄاڻان. تنهن تي مائيءَ ٺٺول طور چيس ته:ابا، ڏاڙهيءَ سان مڙس اچي ٿيو آهين، اڃا ڏاچي ڏهڻ ئي ڪا نه ٿي اچئي! آهو، مائيءَ جو ويڻ سهي ڪو نه سگهيو، ۽ يڪدم چونري کڻي ڏاچي ڏهڻ بيٺو.

ڏاڙهـيءَ نـالــي ڏمـريـو، عـمـر چوءِ اَهان،

کير ڏُڌائين کـَـهکـَـهو، ڏمر ڏاچيءَ مان.

Text Box: 120

 

(سڄي عمر ٻڪريون ڏڌيون هئائين، سو ڏاڙهيءَ جو ويڻ ٻڌي آهو ڏمريو، ۽ ڪاوڙ مان ڏاچي زور ڏهڻ لڳو.)

 

اڳي هن ڪڏهن به ڏاچي ڪا نه ڏڌي هئي، تنهن ڪري سندس هٿ ڦٽجي پيا، ۽ انهن مان رت ريلا ڪري وهڻ لڳو. مائيءَ سندس هٿن جو اهو حال ڏسي کانئس پڇيو ته: تون آهين ڪير؟ تنهن تي هن جواب ڏنس ته: مائي آءٌ ڪوري آهيان. اتي مائيءَ ٺهه پهه چيس ته:

هڪڙو رُڪ پڇنڊڻ ويرئين، ٻيو چاپڻ واڳڙيا،

هـِـنـيـن تــنـهنــجي هٿــڙيـن، آڏاڻــا نــه هـئــــا.

(ابا، مون کي خدا نه ڀلائي ته آهو ڪوري تون آهين. ڏاچي ڏهندي تنهنجا هٿ رتورت ٿي پيا آهن، انهيءَ ۾ تنهنجو ڏوهه ڪونهي، ڇو ته تون رڳو نالي جو ڪوري آهين. تنهنجي هٿن ڪڏهن به آڏاڻا ڪونه هلايا آهن، پر تنهنجو ڪم آهي هڪڙو ترار هڻڻ ۽ ٻيو وڳ ڪاهڻ.)

آهي چيو ته: مائي! برابر. آهو هاڻو آءٌ آهيان، ۽ هن ڳوٺ مان مال هڻڻ لاءِ آيو آهيان. اها ڳالهه ڪنهن کي به نه ٻڌائج. رڳو اهو ٻڌائينم ته ڳوٺ وارا اڄ ڪهڙي طرف مال پهرائيندا؟ مائي کي اچي پنهنجي ڏاچيءَ جي ڊپ ورتو، ته متان اها به نه ڪاهي وڃي، سو چيائينس ته: هن وقت مون کي اها خبر ڪانهي ته اڄ رات مال ڪهڙي پاسي ورائيندا، باقي رات جو هڪڙي هنڌ ڀـَـنـَـڻ آهي، تون اتي اچي لڪي بيهجئين. اتي ضرور اها خبر نڪرندي، پوءِ اوساري ٻڌائينديسانءِ ته مال فلاڻي طرف پهريل آهي. رات جو لـَـنگهي اوڏانهن ويئي، جتي ڀنڻ هو. آهو به سندس پٺ وٺي، جاءِ جي ٻاهران لڪي ويهي رهيو. لنگهيءَ وڃي ماڻهن جو منجهه ڪڍي پڪ ڪئي ته مال ڪهڙي پاسي پهريل آهي. پوءِ ٻين زالن سان گڏ ويهي اوساريندي اوساريندي آهي کي ڳاهه ڏنائين ته:

تيسين تون نه آئيو، جيسين ”تـُـڳو“ هو ڪيڻانِ،

Text Box: 121

 

هــاڻـي ”مٽيرو“ سيڻــان، وڃــي واڳـَـهه اُکـتيـُـون.

 

(تڏهن تون نه آئين جڏهن تـُـڳو ساڻن هو. هاڻي مـَـٽيرو ساڻن آهي، جي واڳهه اڪري ويون.)

آهو اِنهي ڳاهه مان سمجهي ويو ته: اڳ ۾ اُٺين سان ”تـُـڳو“ پهريل هو، هينئر انهن سان مٽيرو پهريل آهي. اهي اُٺيون هن وقت واڳهه جو ڍورو به اڪري ويون آهن. آهي کي پڪ ٿي ته اُٺين سان هڪڙو همراهه ”مٽيرو“ پهريل آهي، ۽ واڳهه جي ڍوري جي به خبر هئس، تنهنڪري مائي لنگهيءَ جو ڏس ٻڌي، ان مهل ئي اُٿي اُٺين پٺيان روانو ٿيو.

هوڏانهن هڪڙي پيرسن جو اها ڳاهه ٻڌي، سو ڏاچين سان پهريل جـَـتن، ۽ واڳهه جي ڍوري جا نالا ٻڌي سمجهي ويو ته، لنگهـِـي مڙئي ڪنهن کي اهڃاڻ پئي ڏئي:

پرئي مڙس پروڙيو، لنگهيءَ لاتڙين،

اڄ پڻ آهو آئيو، سـَـڀان وڳ هڻجن.

(پير مرد لنگهيءَ جي ڳاهه مان سمجهي ورتو ته آهو اڄ آيو آهي، ۽ سڀاڻي سڀني جو مال هڻي ويندو.) سو اتي ويٺلن کي چيائين ته:

هيءَ لـَـنگهـِـي پرائي ڀـَـنڻين، ڪـِـي جو ويٺي چوءِ،

ســــور پــنـهـنــجــــو روءِ، ٿــي ٻـــڌائــي ٻـيــن کــي!

(ٻڌو ٿا ته هيءَ لنگهي پرائي پٿر تي ڇا ٿي چئي؟ سور پنهنجا پئي روئي اهڃاڻ ٻين کي پئي ڏئي.)

پر پير مرد جي ڳالهه ڏانهن ڪنهن خيال ئي ڪو نه ڏنو.

ويچاري همراهن کي گهڻئي دانهون ڪيون ته:لاشڪ اڄ آهو ڪوري اچي ويو آهي، سڀاڻي سڀني جو مال هڻي ويندو، تنهنڪري مال انهيءَ پاسي نه پهرايو، اٿلائي ڪنهن ٻيءَ جـُـوءِ تي موڪليو، پر سڀني مٿس ٺٺولي ڪري چيو ته:

Text Box: 122

 

آهير اوٿاري ڪـَـڄـِـيو، وجهو ڌَڙڪَ مٿانس.

 

(آهير کي اوٿارو ٿيو آهي، شايد فقير آيو اٿس، تنهن ڪري مٿان رلي وجهي ڇڏيوس.)

ويچاري پير مرد جي ڪنهن به دانهن ڪا نه ٻڌي. هوڏانهن آهو لنگهيءَ جي ڏس تي، واڳـَـهه جو ڍورو اُڪري، سندن سمورو مال هڻي پنهنجي ملڪ موٽي ويو.

 

 

 


 

 

Text Box: 123

 

 

 


 

19-بڊاماڻي پـُـنرو

 

سمن جي آخري دور ۾ ڪـَـنڌي، يعني سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد وٽ ”ڪاڇي“ واري حصي ۾ ”پـُـنرو“ نالي هڪ سورهيه سردار رهندو هو. جنهن ڀيڻيءَ ۾ هو رهندو هو، ان جو نالو ”بڊام“ هو، ۽ ڪي چون ٿا ته ذات جو ”بڊام“ هو، جنهن ڪري ”بڊاماڻي پنرو“ جي نالي سان مشهور هو. هيءُ وڏو هاڻو هو. ڏورانهن هنڌن تان مال هڻي ايندو هو. سندس ساٿي به وڏا سورهيه هئا، پر پنرو سڀني ۾ سرس هو. چون ٿا ته مال هـَـڻـِـي همراهن جي حوالي ڪري، انهن کي اڳواٽ روانو ڪري ڇڏيندو هو، ۽ پاڻ پوئتان اڪيلي سر واهر پليندو هو. يا وري پاڻ اڪيلو مال ڪاهي روانو ٿيندو هو، ۽ پويان سندس سڀئي همراهه گڏجي واهر پليندا هئا.

پنري ڪنهن به ڪاهه ۾ ڪڏهن به هار ڪا نه کاڌي، هو سدائين سوڀارو ٿي موٽندو هو. آسپاس جي سردارن ۾ سندس اهڙو ته ڌاڪو ويٺل هو، جو جڏهن خبر پوندي هئي ته پنرو لوڙهه هڻڻ لاءِ چڙهيو آهي، تڏهن ماڻهو پنهنجا ماڳ ڇڏي ويندا هئا.

ڪنڌيءَ مور ڪـِـڻڪيو، وڳن واجهايو،

بــڊامـاڻي پــنـــرو، جـو ٻـُـجهي سو آيو.

(هوڏانهن بڊاماڻي پنرو لوڙهه هڻڻ لاءِ ڪنڌيءَ مان نڪتو، هيڏانهن مالوند ماڻهن ۾ ڦڙڦوٽ پئي، ته جيڪو بڊاماڻي پنرو ٻڌوسين پئي، سو اچي ويو.)

Text Box: 124

 

پنرو به تمام پري پري تائين وڃي لوڙهيون هڻندو هو. سندس غيرحاضري ۾ پڻ ٻئي ڪنهن کي همت نه ٿيندي هئي ته ڪاڇي تي ڪاهي اچي. پنري هڪڙو ڪوٽ اڏائي ڇڏيو هو، جنهن ۾ سندس ڪٽنب ۽ مٽ مائٽ رهندا هئا. اهو ڪوٽ سندس دٻدٻي ۽ ڌاڪي جو نشانو هو.

 

هڪڙي ڀيري سندس پرپٺ ڪو مغل سردار ڪاڇي تي ڪاهي آيو. پنرو ان وقت پنهنجي سڀني ساٿين سان گڏ ڪنهن پرانهين هنڌ تي مال هڻڻ ويو هو. چون ٿا ته ڪن پالارين، مغل جي سونهپ ڪئي هئي. رات جي وڳڙي ۾ مغل جي لشڪر اچي پنري جي ڪوٽ کي گهيرو ڪيو. پنري جي ڪـُـڙم جون ڪي زالون ڪوٽ تي چڙهيون، جن دشمن جي لشڪر کي ڏسي پنهنجن مردن کي ڄاڻ ڪيو.

ان وقت ڪوٽ ۾ گهڻو ڪري رڳو پير مرد هئا، ۽ فقط پنري جو هڪڙو ڀاءُ سو موجود هو. هيءُ جوان مغل جي ڪاهي اچڻ Text Box: 91

 

Text Box: 92

 

جو ٻڌي تلوار سنباهي ڪوٽ جي دروازي جي اندران ٿي بيٺو. مغل جا ماڻهو دروازي مان لوگهو ڪري، هڪڙو هڪڙو ٿي اندر ٿي گهڙيا. بس جيڪو ٿي اندر گهڙيو، تنهن کي ٿي قتل ڪيائين. اهڙيءَ طرح دشمن جا گهڻا ماڻهو مارجي ويا. تڏهن مغل پنهنجي لشڪر کي حڪم ڪيو ته: ڪوٽ جي ڀت ڀڃي اندر گهڙو! مغل جي لشڪر پوءِ سمورو زور ڪوٽ جي ڀت ڀڃڻ تي لاتو. پنري جو ڀاءُ دروازي واري لوگهي وٽ ٻين ماڻهن کي بيهاري پاڻ ان هنڌان وڃي بيٺو، جتان مغل جي لشڪر ڪوٽ جي ٻانهين ٿي ڀڳي. پر اڪيلي سر ڪٿي ٿو سڀني سان مقابلو ڪري سگهي؟ آخرڪار ڪوٽ جي ٻانهين ڀڃي، مغل جو لشڪر ڪوٽ اندر ڪاهي پيو. اتي پنري جي ڀاءُ، پنهنجي سورهيه ڀاءُ کي ياد ڪندي چيو ته:

 

اڄ گـهــرجـيــن هـت، بــڊامــاڻـي پنرا!

مٿان ڀڳي ڀت، ويرين واٽون لائيون.

(اي بڊاماڻي پنرا! اڄ هن موقعي تي تون هتي گهـُـرجين، جو دشمن ڪوٽ جي ڀت ڀڃي، ان مان اندر ڪاهي پيو آهي.)

Text Box: 125

 

پر پنرو سؤ ڪوهه پنڌ تي ڪيئن ٿو ڀاءُ جو سڏ ٻڌي سگهي! نيٺ دشمن اچي سر تي ڪڙڪيس، تڏهن تلوار کڻي ڪٽڪ ۾ ڪاهي پيو ۽ بهادريءَ سان مقابلو ڪرڻ لڳو، پر ڪٿي سمورو لشڪر ۽ ڪٿي اڪيلو سر! تڏهن وري به ڀاءُ کي سڏيائين ته:

 

اڄ گـهـــرجـيــن تــون، بــڊامـاڻي پنــرا!

مٿان اچي مون، ويرين  واٽون لائيون.

(اي بڊاماڻي پنرا! اڄ هتي تون گهرجين، جو دشمن مون اڪيلي مٿان اچي ڪڙڪيو آهي.)

آخرڪار سورهيائيءَ سان دشمن جو مقابلو ڪندي اتيئي مارجي ويو، پر پڇاڙيءَ تائين پنهنجي سورهيه ڀاءُ پنري کي سڏيندو، سندس مدد لاءِ واجهائيندو رهيو:

اڄ گــهـــرجــيــن يـار، بـڊامـاڻـي پـنــرا!

ڪاڇي ٻـَـئيِ پار، اچي ويرين ويڙهيا.

(اي يار! اڄ تون هتي هجين ها ته چڱو هو، ڇو ته ڪاڇي کي ٻنهي طرفن کان ويري وڪوڙي ويا آهن.)

Text Box: 126

 

بڊاماڻي پنري جي ڀاءُ ڪاڇي ۽ ڪڙم تان سر قربان ڪري ڪـَـرَ کي اُجاريو. ان جي مارجڻ کان پوءِ مغل جو لشڪر ڪوٽ ۾ ڪاهي پيو ۽ نالي کي هڪڙو ڪک به نه ڇڏيائون. ان سان گڏ سڀ زالون پڻ اول ڪري پاڻ سان نيائون. انهن زالن ۾ پنري جي ”سڳي ماءُ“، ”ماٽيجي ماءُ“، ”امـُـلهه“ نالي سندس ڀيڻ ۽ هڪڙي سوناري عورت، جنهن تي پنرو عاشق هو، سي به شامل هيون. پنرو انهيءَ رات پنهنجن يارن سميت، ڪاڇي کان سؤ ڪوهه پنڌ تي ستو پيو هو. اُٺين جو وڳ ۽ ٻيو مال هڻي اچي اُتي آرامي ٿيا هئا. کيس آڌيءَ رات جو اچي ڪي پسڻ پيا، سو ستي اوچتو ئي اوچتو ڇرڪ ڀري اُٿي ويهي رهيو. سندس همراهه به سڀ اُٿي ويٺا، جن ڇرڪ ڀرڻ جو سبب پڇيس، تڏهن چيائين ته:منهنجي هنئين ۾ گهوڙن جا سـُـنب پيا لڳن. دوستن کيس اوري پري جون ڳالهيون ٻڌائي سندس دل تان اؤنٽار لاهي ڇڏيو. پر وري پنري کي پسڻ پيو ۽ ساٿين سان گڏ سڌو پنهنجي ڪوٽ ڏانهن رخ رکيائين.

 

هيڏانهن پنري جون مائرون ڪاڇي جو ڪوٽ ڇڏي، مغل جي لشڪر سان گڏ ٻان طور هلڻ لڳيون، ۽ پنهنجي ملڪ جي بربادي ڏسي پنري کي ياد ڪيائون. ماٽيجي ماءُ آهه ڀري پنري کي وقت سر پهچڻ لاءِ سڏيو ته:

بــڊامـاڻي پنــرا! اڄ گهــرجـيـــن آءُ،

ماٽيجي ۽ ماءُ، ٻيئي وڃن ٻانَ ۾.

(بڊاماڻي پنرا! توکي اڄ هتي پهچڻ گهرجي، جو تنهنجي ماٽيجي ۽ سڳي ماءُ، ٻئي ڄڻيون قيد ٿي، ضامن طور پيون وڃن.)

ان وقت ڪاڇي جو هڪڙو ماڻهو، جو پڻ مغل جو قيدي هو، تنهن اهو ورلاپ ٻڌو، ۽ خيال ڪيائين ته، ڪنهن طريقي سان پنري کي انهيءَ واقعي جي خبر ڪجي. سو اٽڪل سان لشڪر مان کسڪي ويو. ڀڳل قيدي پنري کي ڳولي اچي هٿ ڪيو ۽ سامهون بيهي چيائين ته:

بــڊامـــاڻـــي پــنـــرا! پــٽ ٻـانهـن ونـاگڻيان،

وڙهي ورچي ڇڏيو، اهڙين گهڻين گهلڻيان.

وري چيائين ته:

ڪهون واٽا ورسي، ڪهون واٽا ڌار،

بڊامـاڻي پنـرا! پٽ ڪاڇي جا ڳهـار.

ائين چئي پنري کي مغل جي ڪاهه، سندس ڀاءُ جي مارجڻ، مائرن، ڀيڻ ۽ سوناريءَ جي گرفتار ٿيڻ جي سموري حقيقت ٻڌايائين ۽ پڻ سندس ماٽيجي جو ورلاپ کيس سڻايائين. پنرو سڄي ڳالهه ٻڌي جوش ۾ اچي ويو، ۽ چيائين ته:

ماٽيجي! تو مهڻو مونکي، ڀلي ڪري ڏنو،

Text Box: 127

 

آءٌ ڪاهــي مـغــل مـاريــان، وٺــي جـو هليو.

 

(ماٽيجي ماءُ! تو ڀلي مون کي طعنو ڏنو، هاڻي آءٌ قسم ٿو کڻان ته جيسين مغل کي نه ماريندس، تيسين کائڻ پيئڻ وهه اٿم.)

پوءِ انهيءَ مهل ئي ساٿين کي ساڻ ڪري واءُ مينهن ڪندو، انهيءَ پاسي روانو ٿيو، جيڏانهن مغل کي وڃڻو هو. سڄي ڏينهن جي پنڌ کان پوءِ، نيٺ اچي جبل جي لڪ وٽ پهتو، جتان مغل جو لشڪر پئي لنگهيو. لڪ سوڙهو هو جنهنڪري لشڪر ٿورو ٿورو ٿي پئي اڪريو، مغل جي لشڪر جو ڪجهه حصو لڪ مان اُڪري ويو هو، باقي لشڪر پنري ۽ سندس ساٿين لڪ ۾ پورو ڪري ڇڏيو.

بــڊامـــاڻـــي پـــنــــرو، جــهــلـــي بـيـٺـــو لـَـــــڪ،

ماري مغل مٿاکرا، تن جو پورو ڪيائين لک.

(خود مغل سردار، جو پنهنجي لشڪر جي حفاظت لاءِ پويان بيٺل هو، سو به جيئن لڪ مان لنگهيو ته پنري پنهنجي سر حملو ڪري، کيس ۽ سندس گهوڙي کي اتي پورو ڪري ڇڏيو.)

بــڊامــاڻـــي پــنـــرو، جـهلــي بيٺو سـَـنڌ،

وڍي مغل گهوڙي سوڌو، ڪري اڌو اڌ.

پنري جون مائرون ۽ ٻيون اهي عورتون جي مغل گرفتار ڪري ساڻ وٺي ٿي ويا، سي آزاد ٿيون. حملي کان پوءِ جانچ ڪن ته پنري جي ڀيڻ اَمـَـلهه ۽ سندس محبوبه سوناري آهن ئي ڪين. پوءِ سمجهيائون ته املهه ۽ سوناري مغل جي لشڪر جي اڳئين حـصي ۾ هيون، جو لڪ اُڪري چڪو هو. پنري پنهنجي ساٿين سميت ڏاڍي ڳولا ڪئي، پر اهو لشڪر هٿ ئي ڪو نه آيس. آس پاس به گهڻئي ماڻهو ڊوڙايائين پر پتو ڪو نه پيو.

Text Box: 128

 

هوڏانهن وري مغل جا ماڻهو سوناريءَ کي ڪنهن شهر ڏانهن اُماڻي، اَمـَـلهه کي کڻي پنهنجي شهر ۾ آيا، جتي ويچاري رات ڏينهن ڀاءُ کي ياد ڪندي هئي. هڪڙي ڏينهن اتفاق سان اتي ڪاڇي جي پاسي جو ڪو فقير اچي نڪتو، اَمـُـلهه کيس سڃاڻي ڀاءُ پنري ڏانهن سنيهو موڪليو ته:

 

”نالو جنهن املهه، تنهن سـَـڳا سـُـيون هٿ ۾، ويٺي ٽڳي جهـُـل.“

فقير املهه جو نياپو آڻي پنري کي ڏنو. پنرو ڀيڻ ڏانهن وڃڻ لاءِ يڪدم تيار ٿي فقير کان ڏس پتو پڇڻ لڳو. سندس ساٿين گهڻو ئي چيو ته: اسين به گڏجي هلون پر هيءُ انڪار ڪري اڪيلي سر پنهنجي "نيلوفري" گهوڙيءَ تي چڙهي روانو ٿي ويو. هلندي هلندي وڃي انهيءَ شهر ۾ رسيو. مخفي طور پڇاڳاڇا ڪري وڃي انهيءَ جاءِ هيٺان بيٺو، جتي سندس ڀيڻ قيد هئي. املهه، جنهن ان وقت به دريءَ کان پئي پنهنجي ملڪ جي واٽ ڏٺي، تنهن جي نظر جڏهن پنري تي پئي ته بي اختيار لهي اچي ڀاءُ کي ڀاڪر پاتائين. املهه جي پٺيان ٻانهان، ٻانهيون ۽ پهريدار ڊوڙندا آيا، پر پنري ڀيڻ کي ٻانهن کان جهلي يڪدم کڻي پاڻ سان گڏ نيلوفريءَ تي ٻيلهه ويهاريو، ۽ گهوڙيءَ کي اڙي هنيائين ته اڏامي اُٿي هلي، ۽ پنرو سلامتيءَ سان اچي ڪاڇي ۾ پهتو. پنري جي موٽي اچڻ تي سڄي ڪاڇي خوشي ملهائي. بڊاماڻي پنري مغل کي ماري، ڪاڇي ۾ ٿيل ڪيـِـس جو بدلو ورتو، مائرن کي موٽايو ۽ ڀيڻ به آڻي وڳر ڀيڙي ڪئي، پر سندس دل کي اڃا آرام نه آيو هو، ڇاڪاڻ ته سندس ساهه سدا سهڻي سوناريءَ ۾ هو، جنهن جو اڃا کيس پتو نه پئجي سگهيو هو ته ڪهڙي پاسي قيد آهي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي. هڪڙي ڏينهن کيس ڪنهن ماڻهو هٿان سوناريءَ جو نياپو اچي پهتو ته:

بـــڊامـــاڻـــي پنــــرا! ڀــلــيـــون ســڀ ڪــيــــاءِ،

ٻيون تان سڀ وٺي وئين، هڪ ڳوٺـِـي وسارياءِ.

(بڊاماڻي پنرا! تو سڀ ڀـَـلي ڪئي ۽ پاڻ ملهايئي، پر هڪڙي ڳالهه جو ارمان اٿم ته ٻيون (عورتون) سڀ ڇڏائي وٺي وئين، ۽ رڳو هڪڙي ڳوٺائڻ (محبوبه) وسري ويئي.)

Text Box: 129

 

سوناريءَ جو اهو نياپو ٻڌي پنرو انهيءَ مهل ٽپ ڏيئي اٿي کڙو ٿيو ۽ نياپي آڻيندڙ کان پار پنڌ پڇي نيلوفري گهوڙيءَ تي چڙهي وڃي اُتي رسيو. سپاهين سان وڏي ويڙهه کائي سوناري ڇڏايائين، جنهن کي پاڻ سان گڏ نيلوفريءَ تي ٻيلهه کڻي اچي ڪاڇي ۾ پهتو. ان کان پوءِ پنري جي حياتيءَ ۾ وري ڪنهن کي به ڪاڇي تي ڪاهڻ جي همت نه ٿي.

 

بڊاماڻي پنري جي مرڻ کان گهڻو پوءِ مشهور لوڙائو ”لاکو ڦلاڻي“ ساماڻو، جنهن ڪاڇي ۾ به لوڙهيون هنيون. تڏهن اتي جي ماڻهن پنهنجي سورهيه سردار کي ياد ڪيو، ۽ ڪنهن سگهڙ چيو ته:

”ڀيڻي ناهه بڊام، تڏهن لاکو ٿو لوڙهيون هڻي.“

بڊام جو ڪوٽ پوءِ ڦٽي ويو، پر جنهن ڀيڻي تي اهو اڏيل هو، اتي هڪ دڙي جا آثار رهجي ويا، جنهن کي پوءِ ”بڊاماڻي بـُـٺ“ ڪري سڏيندا هئا. ڪونجون هميشه اتي ولر ڪري اچي لهنديون هيون ۽ عام ماڻهو ائين ڀائيندا هئا ته ڪونجون اتي بي ڊپيون پيون چڳن، جو ڀانئين ٿيون ته هو سورهيه پنري جي سام ۾ آهن. شڪاري ساڃاهه وارا هئا جو سورهيه پنري جي ماڳ مڪان جو خيال رکي اتي ڪونجن کي ڪين ماريندا هئا. پر وقت گذرڻ بعد ويچارين ڪونجڙين لاءِ به خطرو پيدا ٿي پيو. انهيءَ پوئين دور واري حالت ۾ ڀٽائي صاحب پڻ ڪونج کي خبردار ڪيو ته:

چـيـتا ڪيو چيڻـج، بڊاماڻـي بـُـٺ ۾،

نيڻين ننڊ مَ ڏيج، ڇيڙون ڇپر آئيون.

______

Text Box: 130

 


 

 

 


 

20-کپريو کاهوڙي ۽ راڻي ڪاڍاري*

 

ڪنهن زماني ۾،”جهرڪن“ ۾ ”ماجيراءِ نالي هڪڙو سردار رهندو هو. وٽس ٻي ته ڪنهن ڳالهه جي ڪمي ڪانه هئي، پر اولاد ڪونه هئس. ڪئين پير فقير، ساڌو سنت پڇايائين پر سندس مراد پوري ڪا نه ٿي. هڪڙي ڏينهن کيس ڏس مليو ته اولهه طرف وارين ٽڪرين ۾ هڪڙي چـُـر آهي، جنهن ۾ هڪڙو فقير رهي ٿو، تنهن وٽ وڃ. شايد تنهنجي من جي مراد پوري ٿئي. ويچارو نااميد ته ٿي چڪو هو، پر وري به اُميد ڪري، ڏس مليل ٽڪرين ڏانهن روانو ٿيو. ٿوري پنڌ کان پوءِ، اچي انهيءَ غار وٽ پهتو. اندر گهڙي ڏسي ته برابر هڪڙو پيرسن فقير ڪنڌ هيٺ ڪيو مراقبي ۾ ويٺو آهي، جنهن جا ڀرون به اڇا ٿي ويا هئا. هيءُ به سلام ورائي هڪڙي ڪنڊ وٺي ويهي رهيو. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ فقير ڪنڌ مٿي کنيو ۽ کيس ڏسي چيائين ته: ماجيراءِ، توکي هڪڙي ڌيءَ ڄمندي. ائين چئي فقير وري کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيو، ۽ ماجيراءِ سلام ورائي پوئين پيرين موٽي آيو.

فقير جو چوڻ سچو ٿيو، سندس زال کي اميد واري ٿي، ۽ نائين مهيني هڪڙي سدا ملوڪ ڌيءَ ڄايس، جنهن جو نالو ”ڪاڍاري“ رکيائين. جنهن جي معنيٰ آهي ”غار مان ڪڍيل.“ ڪاڍاريءَ جي ڄمڻ تي چؤطرف خوشيون ٿي ويون. ماجيراءِ جي خيرات مان غريب غربو ڍاپجي ويو.

Text Box: 131

 

ڇٺيءَ جي رات، دستور موجب ڪيترائي پنڊت ۽ نجومي گهرايا ويا، جي پوٿيون ۽ ٽپڻا کولي، ڪاڍاريءَ جو ڀاڳ ڏسي ماٺ ڪري ويهي رهيا، ۽ ماجيراءِ کي ڪجهه به نه ٻڌايائون. تنهن تي هن سمجهيو ته ڳالهه ۾ مڙئي ڪو رولو آهي، سو نجومين کي چيائين ته: نياڻيءَ جي ڀاڳ ۾ جيڪي لکيل هجي اهو ٻڌايو. آخر هڪڙي نجوميءَ ڏڪندي ڏڪندي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته:سردار! جيئدان ملي ته ڪجهه ٻڌايان. ماجيراءِ چيس ته: توکي جيڪي چوڻو آهي، سو جلدي چئو. جنهن تي نجوميءَ ٻڌايس ته: اي سردار، ڪاڍاري تمام سلڇڻي ۽ ڀاڳ واري آهي، سدائين سکي رهندي، پر سندس لکيو توسان آهي. اهو ٻڌي ماجيراءِ جي منهن جو پنو ئي لهي ويو، ڏاڍو ڏک ٿيس، پر ڌڻيءَ جي رضا جي آڏو انسان جو ڪهڙو وس آهي. سو چيائين ته: چڱو جڏهن اهو وقت ايندو تڏهن ڏٺو ويندو.

 

ڪاڍاري ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پلجڻ لڳي، اڄ ننڍي سڀان وڏي، اچي جوان ٿي. سندس سونهن جي هاڪ مـُـلڪان ملڪ مشهور ٿي ويئي، ڪيئي راجا ۽ شهزادا سندس سڱ وٺڻ لاءِ اچڻ لڳا، پر ماجيراءِ سڀني کي ٽاريندو آيو.

Text Box: 132

 

انهن ڏينهن ۾ جهرڪن جي پويان هڪڙو پهتل فقير رهندو هو، جنهن کي ”کپريو کاهوڙي“ ڪري سڏيندا هئا، هن وٽ هڪڙو ڪرامتي ”کنو“ هو، جنهن جي وسيلي هو جتي به چاهيندو هو اتي وڃي پهچندو هو. کني ۾ اها به حڪمت رکيل هئي جو ”جيڪڏهن عورت ذات انهيءَ کي هٿ لائيندي ته سندس ڪرامت ختم ٿي ويندي“ جڏهن انهي فقير ڪاڍاري جي حسن جي هاڪ ٻڌي ۽ اهو به پتو پيو ته سندس لکيو، پنڊتن جي چوڻ موجب پيءُ سان ٿيندو، تڏهن پڪو پهه ڪيائين ته ڪنهن حيلي ڪاڍاري کي محلات مان ڪڍي اچجي ۽ کيس انهيءَ گناهه کان بچائجي. سو پهرين واءُ سواءُ وٺي اچڻ جي خيال کان ڪستو کڻي صدائون هڻندو اچي ماجيراءِ جي در تي سئن هنيائين. ٻانهي نڪري آئي، جنهن کيس خيرات ڏني، پر هن وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته: اسين ٻانهين جي هٿان خيرات ڪو نه وٺون. وڃي سانئڻ کي چئو ته اها پاڻ اچي خيرات ڏئي. ٻانهيءَ وڃي ڪاڍاريءَ سان ڳالهه ڪئي ته، فقير هيئن ٿو چئي. ڪاڍاريءَ خيال ڪيو ته فقير ٿيندا آهن الله لوڪ، اُنهن جي ڳالهه موٽائڻ چڱي ناهي، سو هڪڙي ٿالهيءَ ۾ خيرات کڻي ٻاهر نڪتي... سبحان الله ڪهڙي ڳالهه ڪجي! فقير سندس حسن جي جيڪا هاڪ ٻڌي، تنهن کان چار رتيون سرس ڏٺائين. کپريو کاهوڙي هو ته فقير، پر شڪل صورت ۾ شهزادن کي به شهه ڏيو بيٺو هو، سو ڪاڍاري به مٿس موهت ٿي پئي. ٻئي هڪ ٻئي ۾ اکيون اٽڪائي بيهي رهيا. ڳچ دير گذرڻ کان پوءِ کپريي پاڻ سنڀالي، هن کان خيرات ورتي ۽ موٽي وڃڻ لڳو، تنهن تي ڪاڍاري چيس ته:فقير! ڀيرو نه ڀڃج. کپريي جواب ڏنس ته:راڻي! ايندس، پر هاڻي فقير ٿي نه ايندس. ائين چئي کپريو کاهوڙي رمندو رهيو.

 

ڪاڍاريءَ کي اچي عشق لڳو هو، سو سڄو ڏينهن وياڪل ۽ ويڳاڻي ٿي ويٺي هوندي هئي، نه ڏينهن جو سک، نه رات جو آرام، بس رڳو فقير جي يادگيري هوندي هئس.

هوڏانهن کپريي جي به ساڳي حالت هئي. آخر خيال ڪيائين ته زور زبردستي منهنجي ڪانه هلندي، ۽ نڪي وري ماجيراءِ، پنهنجي ڌيءَ ڪاڍاري جي شادي مون سان ڪندو، تنهنڪري اهڙي ڪا اٽڪل ڪجي جو ڪاڍاريءَ کي محلات مان کڻي اچجي. گهڻئي خيال ڊوڙايائين پر ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه پئي اچيس. انهن ڳڻتين ۾ ويٺو هو ته سندس نظر هڪڙي ڪاٺيءَ تي وڃي پيئي، جنهن مان ڪي ماڪوڙا آر پار پئي آيا ويا. اتي خيال آيس ته ڇو نه هن غار کان وٺي سرنگهه هڻجي، جا وڃي ڪاڍاريءَ جي محل سان لڳي. پوءِ يڪي سر بيٺو سرنگهه کوٽڻ. رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيائين، پر محلات تائين پهچي نه سگهيو. ڇهن ڀيرن جي ناڪاميءَ کان پوءِ، ستين دفعي سڌو ڪاڍاريءَ جي ڪمري ۾ وڃي نڪتو. پوءِ ته ٻئي پاڻ ۾ ملي، ڏاڍا خوش ٿيا. کپريي چيس ته: هاڻي مون سان گڏجي هل. ڪاڍاريءَ به کڻي هائوڪار ڪئي، سو يڪدم کيس اتان کڻي سرنگهه جي محلات واري در کي لـَـٽي، اچي پنهنجي آستان ڀيڙو ٿيو.

Text Box: 133

 

هوڏانهن محلات ۾ ڪاڍاريءَ جي گم ٿي وڇڻ جي خبر باهه وانگر پکڙجي ويئي. ماجيراءِ سڄي مـُـلڪ ۾ ماڻهو ڊوڙايا پر ڪٿان به ڪاڍاريءَ جو پتو پئجي نه سگهيو. آخر روئي پٽي ماٺ ڪري ويهي رهيا.

 

ڪاڍاري سکن جي پليل سا ڪٿي ٿي هڪڙيءَ چـُـر ۾ رهي سگهي! جيتوڻيڪ هن کي کپريي سان عشق هو، پر تنهن هوندي به هوءَ ماءُ پيءُ ۽ مٽن مائٽن کان سواءِ ويڳاڻي رهڻ لڳي. ڪاڍاريءَ جي اهڙي الت ڏسي، کپريو هڪڙيءَ رات ماجيراءِ جي ڪوٽ ۾ ويو، ۽ پنهنجي ڪرامتي کني جي مدد سان، ڪاڍاريءَ جي خاص ٻانهيءَ جون اکيون بند ڪري کڻي آيو ۽ اچي ڪاڍاريءَ جي حوالي ڪيائين. اتي ڪاڍاري جي دل ڪجهه پرڀي. پوءِ روز رات جو کپريو ٻانهيءَ کي چر ۾ کڻي ايندو هو، جتي ڪاڍاري ۽ ٻانهي ٻئي پاڻ ۾ رهاڻيون ڪنديون هيون، وري صبح ٿيڻ تي ٻانهيءَ کي ڪوٽ ۾ ڇڏي ايندو هو. کپريي ٻانهيءَ کي ڊپ ڏئي ڇڏيو هو ته، جيڪڏهن اها ڳالهه ڪٿي ٻاهر ڪڍندينءَ ته تنهنجو خير نه ٿيندو.

Text Box: 134

 

هوڏانهن ماجيراءِ، پنهنجي سڪيلڌي ڌيءَ جي ڏک ۾ روئي روئي بيحال ٿي پيو هو، نه کائڻ نه پيئڻ، رڳو ويٺو ڌيءَ کي ياد ڪندو هو. ٻانهيءَ کان سندس اهو حال ڏٺو ڪو نه ٿيو، سو هڪڙي ڏينهن وجهه وٺي کيس دلداري ڏنائين ته:سائين! تون دلجاءِ ڪر! ڪاڍاري مون ڏٺي آهي. هوءَ جتي به آهي اتي سلامت ۽ خوش آهي. اهو ٻڌي ماجيراءِ کيس کڻي قابو ڪيو، چي: سچي ڪر، ڪاڍاري کي ڪٿي ڏٺو اٿئي؟ اتي ٻانهيءَ کي اچي سر سان لڳي، سو ڳالهه نٽائڻ لڳي. پر ماجيراءِ کيس دڙڪا دهمان ڏيئي سچي ڪرائي. هن ٻڌايس ته: ٻي ته مون کي خبر ڪانهي، پر روز رات جو هڪڙو ماڻهو ايندو آهي، جو منهنجون اکيون ٻڌي کٽ تي سمهاري، رات وچ ۾ ڪاڍاري وٽ کڻي ويندو آهي، ۽ وري صبح ٿيڻ کان اڳ هتي ڇڏي ويندو آهي.

 

ماجيراءِ يڪدم پنهنجا صلاحڪار گهرايا. ڪنهن ڪهڙي صلاح ڏني، ڪنهن ڪهڙي. نيٺ اهو رايو بيٺو ته ٻي ته ڪا به واهه ڪانهي، باقي سانوڻيءَ جي شروعات ۾ کٽ جي پيرانديءَ کان سـَـرنهه جون ڳوٿريون ٻڌي انهن کي سوراخ ڪري ڇڏجن، جيئن ٻانهي کٽ تي کڄي پئي ويندي، تيئن انهن ڳوٿرين مان سرنهه ڪرندي وڃي، پوءِ مينهن پوڻ تي جڏهن سرنهه ڦٽندي، تڏهن انهيءَ نشان وسيلي چور جهلي سگهبو.

قصو ڪوتاهه، سانوڻ به آيو، خيرن سان مينهن وٺا، ۽ سرنهه جو ٻج به ڦٽي ظاهر ٿيو. ماجيراءِ ڇا ڪيو جو پنهنجي لشڪر سميت سرنهن وارو گس وٺي، ڪاهيندي اچي کاٽ کپريي جي مڪان کي گهيرو ڪيو. کپريو کاهوڙي انهيءَ وقت عبادت ۾ مشغول هو، جنهنڪري کيس ڪا به خبر نه پئجي سگهي، باقي سندس ڪرامتي کنو انهيءَ گهڙي، پاڻمرادو مياڻ مان نڪتو. اتفاق سان کپريي کاهوڙيءَ ڪاڍاريءَ کي کني جي ڪرامت واري ڳالهه ڪا نه ٻڌائي هئي، سو هن جو مياڻ مان کنو نڪرندو ڏٺو، تيئن سٽ ڏيئي کڻي جهليائينس. پوءِ ته گهڙيءَ کن ۾ کني جي ڪرامت پوري ٿي وئي. ايتري ۾ ماجيراءِ جو لشڪر به چـُـر ۾ ڪاهي آيو، جنهن يڪدم کپريي کي عبادت ڪندي ماري وڌو. اهو حال ڏسي ڪاڍاري سهي نه سگهي، تنهن به اتي جو اتي پاڻ کي ماري ڇڏيو. ماجيراءِ کي انهن جو ڏاڍو ڏک ٿيو.

پوءِ راجا ماجيراءِ، ڪاڍاري ۽ کپريي کاهوڙيءَ کي دفن ڪرائي ڇڏيو. ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڏسن ته اهي قبرون گڏجي هڪ ٿي ويون. اڄ ڏينهن تائين هنن جي اها قبر موجود آهي.

______


 

 

* هيءَ ڳالهه لاڙ (تعلقي ٺٽي) مان عبدالله گندري کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org