سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 21 22

صفحو ؛ 9

21-پـُـراڻ درياءَ جو سوداگر*

 

سومرن جي حڪومت جي آخري دور ۾، سنڌ جي لاڙ واري حصي مان سنڌو درياءَ وهندو هو، جنهن کي ”پراڻ“ڪري چوندا هئا، جنهن ڪري لاڙ تمام سائو ۽ ستابو حصو ليکيو ويندو هو. پراڻ جي ٻنهي ڪنڌين تي وڏا ۽ عاليشان بندر هئا، جن تي پري پري جا غوراب ۽ ٻيڙا اچي لنگر هڻندا هئا. انهن بندرن ۾ ”علي بندر“ سڀني کان مشهور هو.

هڪڙي ڀيري هڪڙو ڪشميري سوداگر، جنهن جو واپار ڪشمير کان ڪڇ تائين هلندو هو، مال اسباب جا غوراب ڀرائي پنهنجي زال ۽ ٻئي وڏي ساٿ سميت واپار ڪرڻ لاءِ سفر جو سانباهو ڪيو. رواني ٿيڻ کان اڳ سوداگر پنهنجي سموري ساٿ کان انجام ورتو ته، جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ منهنجي حڪم جي عدولي ڪئي، ته ان کي اتي جو اتي ساٿ کان جدا ڪيو ويندو. اهو شرط سڀني قبول ڪيو. نيٺ هڪڙي ڏينهن ٻاويهه ٻيڙا سامان سان ڀري کڻي الله توهار ڪيائين. واٽ تي واپار ڪندو، منزلون هڻندو، ڪيترن مهينن کان پوءِ اچي ”علي بندر“ تي لنگرانداز ٿيو. سوداگر وٽ مال جهجهو هو، سو ڪجهه ڏينهن اُتيئي ترسي واپار ڪرڻ لڳو. ڪجهه وڪيائين، ڪجهه خريد ڪيائين، جنهن مان کيس گهڻو ئي فائدو ٿيو.

Text Box: 136

 

هڪڙي ڏينهن شام جو، سوداگر ۽ سنديس زال سير ڪرڻ لاءِ درياءَ جي ڪپ تي ويا. گهمندي گهمندي سندن نظر هڪڙي ٻڪرار تي وڃي پيئي، جنهن ٻڪرين کي پاڻي پئي پياريو. ٻڪرار پاڻ به ٻڪرين وانگر گوڏا کوڙي پاڻيءَ ۾ ٻوٿي وجهي پئي پاڻي پيتو. اهو لقاءُ ڏسي، سوداگر پنهنجي زال کي چيو ته: اهو سڀ تخم جو تاثير آهي، جو ٻڪرار به ٻڪرين وانگر پاڻي پيو پئي. ان مان سمجهجي ٿو ته هيءُ ڪو گهٽ ذات جو آهي. جيڪڏهن ڪو خاندان ۽ اصل نسل وارو هجي ها، ته هوند ائين نه ڪري ها. انهيءَ تي سوداگرياڻيءَ جواب ڏنو ته: نه سائين ائين ڪونهي، اهو سڀ صحبت جو اثر آهي، جو ٻڪرين سان گڏ رهندي، ٻڪرار کي به انهن وانگر پاڻي پيئڻ جي عادت پئجي ويئي آهي. سوداگر زال جو اهو جواب ٻڌي چيو ته:توکي اها ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي، نه ته منهنجي حڪم جي عدوليءَ سبب توکي ساٿ کان جدا ڪيو ويندو. جوڻس وراڻي ڏني ته: سائين! تون ڇا به چئين، پر سچ نيٺ سچ آهي. سوداگر هڪڙيءَ تي، زال ٻيءَ تي، نيٺ جڏهن جوڻس سندس ڳالهه ڪا نه مڃي، تڏهن چيائينس ته: تو منهنجي ڳالهه کان انڪار ڪيو آهي، تنهن ڪري آءٌ توکي پاڻ سان ڪو نه وٺي هلندس. اڄ کان تنهنجو رستو جدا ۽ منهنجو رستو جدا، پوءِ ڀلي پئي انهيءَ کي صحبت جو اثر سمجهه. اهو ٻڌي سوداگرياڻيءَ کي ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ مڙس کي چيائين ته:ميان! آءٌ انهيءَ سزا سهڻ لاءِ تيار آهيان، پر توکي ٻڌائي ٿي ڇڏيان ته، تنهنجو اهو ضد اجايو آهي، هاڻي ڪن کولي ٻڌي ڇڏ ته هڪڙي ڏينهن توکان انهيءَ ساڳئي ٻڪرار جي جـُـتي ڇنڊائي، سمجهائينديس ته اهو صحبت جو اثر هو ۽ نه ڪي تخم جو تاثير. سوداگر سندس ڳالهه اڻٻڌي ڪري پنهنجي ساٿ ڏانهن موٽي ويو، ۽ يڪدم ٻيڙا سنبرائي علي بندر تان روانو ٿي ويو.

 

سوداگرياڻي وڏي ڪا داناءُ عورت هئي، تنهن دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن انهي هٺيلي سوداگر کان ساڳئي ٻڪرار جي جـُـتي کڻائينديس. اهو پهه پچائي يڪدم ٻڪرار وٽ آئي ۽ چيائينس ته:ميان ٻڪرار! مون سان شادي ڪندين؟ غريب ٻڪرار سڄي عمر ڪنهن زال سان ڳالهايو به ڪين هو، تنهن کي جو مفت ۾ زال ٿي ملي، سو يڪدم کڻي هائوڪار ڪيائين. پوءِ ته ٻڪرار کيس پنهنجي گهر وٺي آيو ۽ ٻڪريون واڙي کانئس خبرون چارون پڇڻ لڳو، جنهن تي هن ٻڌايس ته:آءٌ فلاڻي سوداگر جي زال آهيان، جو ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي، مون کي تنهنجي حوالي ڪري ويو آهي. ٻڪرار اهو ٻڌي ڪجهه وقت ته ماٺ ۾ رهيو، پر پوءِ هن کي چيائين ته: آءٌ هڪ غريب ٻڪرار آهيان، جيڪڏهن غريباڻي جهوپڙيءَ ۾ رهڻ مناسب سمجهين ته رهه، نه ته منهنجي توتي ڪا به روڪ ڪانهي. پر سوداگرياڻيءَ چيس ته: مون کي رهڻو ئي هت آهي، ٻئي هنڌ آءٌ ڪين وينديس. لاچار ٻڪرار کڻي ماٺ ڪئي، ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ پاڻ ۾ شادي ڪري ويهي رهيا.

Text Box: 137

 

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سوداگرياڻي پنهنجو موتين جو هار ٻڪرار کي ڏنو ته وڃي بازار ۾ وڪڻي اچ. ٻڪرار اهو هار شهر ۾ وڪڻي، پيسا آڻي سوداگرياڻيءَ کي ڏنا. هن ڇا ڪيو جو پهرين ڪجهه پئسن مان تمام اڇو ڪپڙو گهرائي ٻڪرار لاءِ ٻه ٽي وڳا تيار ڪرايا. ٻڪرار جڏهن ڦاٽل ڪپڙا لاهي، وهنجي سهنجي نوان ڪپڙا پاتا، تڏهن وڃي ڪجهه ڏسڻ جهڙو ٿيو پوءِ کيس چيائين ته: اڄ کان تون ٻڪريون نه چاريندين. ٻڪرار تي زال جو ايترو اثر هو، جو جيئن ئي چيائينس ٿي تيئن ٿي ڪيائين. پوءِ ٻڪرار کي چيائين ته: هاڻي شهر مان ڪنهن مولوي کي وٺي اچ. ٻڪرار يڪدم وڃي هڪڙي پيرسن مولوي کي وٺي آيو. سوداگرياڻيءَ ٻڪرار جي ٻانهن مولويءَ جي حوالي ڪري چيو ته:مولوي صاحب! هن کي علم سان گڏ اخلاق به سيکاريو. جنهن لاءِ اوهان کي سٺو اجورو ڏينديس. ٻئي ڏينهن کان وٺي ٻڪرار وٽس پڙهڻ لڳو.

 

Text Box: 138

 

ٿوري گهڻي عرصي کان پوءِ ٻڪرار هڪڙو علم ۽ فضيلت وارو بنجي پيو. انهيءَ کان پوءِ سوداگرياڻيءَ مولويءَ سان صلاح ڪري ٻڪرار کي شهر جي هڪڙي عقلمند امير جي صحبت ۾ موڪليو. اهو امير روز هن کي بادشاهه جي درٻار ۾ وٺي ويندو هو. جتي آهستي آهستي بادشاهي اٿڻي ويهڻي ۽ ڳالهه ٻولهه مان پڻ واقف ٿيڻ لڳو. اهڙيءَ طرح ڳچ عرصي گذرڻ بعد، اهو ساڳيو ٻڪرار، هڪ جهنگلي ماڻهوءَ مان ڦري هڪڙو هوشيار ۽ عقلمند انسان بنجي پيو، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ سڄي شهر ۾ ”شيخ معروف جيئاڻي“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو.

 

انهيءَ زماني ۾ علي بندر جهڙي سکئي ستابي ۽ آباد شهر تي جـَـت قوم جو سردار وڏو لشڪر وٺي ڪاهي آيو. علي بندر جو بادشاهه جنگ جي لاءِ تيار ئي ڪو نه هو، پر تڏهن به ٿورو گهڻو لشڪر گڏ ڪري شهر جو بچاءُ ڪري ويهي رهيو ۽ پنهنجي ملڪ جي دستور موجب هڪڙو کـَـنو ميدان ۾ کوڙي ڇڏيائين. جنهن جو مطلب هو ته جيڪڏهن ڪو جوڌو جوان هجي ته وڃي دشمن سان مقابلو ڪري. اهو کـَـنو ساندهه ٽي ڏينهن ميدان ۾ کتو پيو هو، پر ڪنهن به جوان ان کي کڻڻ جي پاڻ ۾ همت ڪانه ساري. اها حالت ڏسي بادشاهه کي اچي سـِـر سان لڳي ته شايد اسان جي ملڪ ۾ هاڻي بهادري نه رهي آهي، تنهن ڪري پڪ ملڪ کسجي ويندو. سو نڪي کائي نڪي پيئي، ۽ انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ ڳرندو ويو. آخر اها خبر سوداگرياڻيءَ جي ڪنن تائين پهتي، تنهن يڪدم شيخ معروف کي چيو ته: تون وڃي کنو کڻي، چمي اکين تي رک ته بادشاهه کي ڪجهه دلجاءِ ٿئي. پوءِ اچ ته وڌيڪ صلاح ڪريون.

ٻئي ڏينهن صبح ٿيڻ سان شيخ معروف ميدان تي آيو ۽ کنو ڪڍي چمي پنهنجي اکين تي رکيائين. ماڻهن جو اهو ڏٺو سو چوڌاري واهه واهه پئجي ويئي. شيخ کنو کڻي سڌو پنهنجي گهر آيو ۽ پوءِ ٻئي زال مڙس صلاح ڪري، زرهون پائي بادشاهه وٽ آيا ۽ دشمن سان مقابلي ڪرڻ جي اجازت ملڻ لاءِ عرض ڪيائون.

Text Box: 139

 

بادشاهه هنن کي بهادرن جو وڏو لشڪر ڏئي روانو ڪيو. هي ٻئي زال مڙس لشڪر وٺي، اوچتو وڃي دشمن تي ڪڙڪيا ۽ سخت لڙائيءَ کان پوءِ دشمن جي لشڪر کي ماري ڀڄائي ڪڍيائون.

 

جڏهن بادشاهه کي خبر پهتي ته شيخ معروف دشمن کي ڀڄائي ڪڍيو آهي، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ شيخ کي انعام اڪرام ڏيڻ لاءِ پنهنجي درٻار ۾ گهرايائين. شيخ درٻار ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ تيار ٿيو، ته زال کيس سمجهايو ته: بادشاهه ڪجهه به انعام ڏينئي ته نه وٺجانءِ ۽ ان جي عيوض عرض ڪج ته مون کي علي بندر تي ايندڙ غورابن کان ڏن اڳاڙڻ جي اجازت ملي. زال جي اها ڳالهه خيال ۾ رکي درٻار ڏانهن روانو ٿيو.

درٻار اڳ ۾ ئي وزيرن ۽ اميرن سان ڀري پئي هئي. شيخ معروف جي پهچڻ تي سڀني درٻارين اٿي هن جي آجيان ڪئي ۽ کيس هڪڙي عاليشان جاءِ تي ويهاريو. اتي بادشاهه شيخ جي بهادري جي تعريف ڪئي ۽ چيائين ته: تنهنجي بهادريءَ جو ته ڪو عوض آهي ئي ڪونه، پر جيڪي منهنجي وس ۾ آهي ان مان جيڪي گهرندين سو ملندءِ. شيخ ادب سان هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته:بادشاهه سلامت! مون کي ڌڻيءَ جو ڏنو ۽ اوهان جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي، جيڪڏهن سائينجن جي اها مرضي آهي ته پوءِ مون کي علي بندر مان لنگهندڙ واپاري غورابن کان محصول اڳاڙڻ جي اجازت ملي. انهيءَ تي بادشاهه پنهنجي اميرن ڏانهن منهن ڪري حڪم ڪيو ته:جيئن شيخ معروف چئي ٿو تيئن ڪيو وڃي. حڪم ملڻ جي دير هئي، گهڙيءَ کن ۾ هڪڙي سوني پڙڇ تي علي بندر جي آمدنيءَ جو پروانو لکجي هن کي مليو.

Text Box: 140

 

انهيءَ ڏينهن کان وٺي علي بندر جو مالڪ شيخ معروف هو. هن بندر جي ويجهو هڪ عاليشان جاءِ ٺهرائي، ان ۾ پاڻ پنهنجي زال سميت ڏاڍو خوش گذارڻ لڳو. هو روز شام جو بندر تي آيل غورابن جي فهرست ٺاهي، پنهنجيءَ زال جي اڳيان آڻي رکندو هو ۽ صبح جو انهن ٻيڙن جي مالڪن کان محصول وصول ڪري، کين لنگر کڻڻ جي اجازت ڏيندو هو. اهڙيءَ طرح ڪيترو ئي عرصو گذري ويو.

 

هڪڙي ڏينهن ڪشميري سوداگر جي غورابن جو ساٿ به وڻج واپار ڪندي، اچي علي بندر تي لنگر هنيو. شيخ معروف شام جو غورابن جي فهرست تيار ڪري زال کي ڏني، جنهن چڪاس ڪندي جڏهن ڪشميري سوداگر جو نالو پڙهيو، تڏهن شيخ کي چيائين ته: ٻين سوداگرن کي وڃڻ جي اجازت ڏي، باقي هن ڪشميري سوداگر کي ترسائي ڇڏ، هن جي محصول جو فيصلو پوءِ ڪنداسين. ٻئي ڏينهن ٻين سوداگرن کي وڃڻ جي اجازت ملي، پر ڪشميري سوداگر جي ڪا به شنوائي ڪا نه ٿي. ائين ڪيترائي ڏينهن گذري ويا. اتي سوداگر به اچي حيران ٿيو. نيٺ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، لنگر کڻڻ جي اجازت وٺڻ لاءِ شيخ جي گهر آيو. ان وقت شيخ معروف به گهر ۾ ئي هو، ته نوڪر سوداگر جي اچڻ جو اطلاع ڏنس. سوداگرياڻيءَ اهو ٻڌي، شيخ کي ڪجهه سمجهائي غسلخاني ۾ تڙ ڪرڻ لاءِ اُماڻي ڇڏيو ۽ نوڪر کي چيائين ته:سوداگر کي آڻي ڀر واري ڪمري ۾ ويهار. نوڪر حڪم موجب سوداگر کي آڻي انهيءَ ڪمري ۾ ويهاريو.

جڏهن شيخ معروف وهنجي غسلخاني مان نڪتو ٿي ته ڏسي ته سندس جـُـتي اونڌي ٿي پئي آهي. انهيءَ تي نوڪر کي سڏ ڪيائين ته، اچي جتي کڻي ڏي. ڪيترن سڏن تي ڪو به جواب ڪو نه مليس، لاچار سوداگر کي سڏ ڪري چيائين ته:ادا! معاف ڪج. مهرباني ڪري اها جتي ڇنڊي اڳتي ڪري ڏي! سوداگر دل ۾ چيو ته، جٺ ته چڱي ٿي، پر پنهنجي گتيءَ خاطر اهو ڪم به ڪرڻو پوندو، سو ماٺ ميٺ سان جتي کڻي اچي غسلخاني جي در وٽ رکيائين. اتي سوداگرياڻي، جنهن مٿان دريءَ مان اهو لقاءُ پئي ڏٺو، رڙ ڪري چيو ته:هٺيلا سوداگر! اهو تخم جو تاثير آهي يا صحبت جو اثر؟ تو جهڙو سوداگر هڪ اهڙي ٻڪرار کي جتي ڇنڊي پيو ڏئي، جنهن ٻڪرين سان گڏ گوڏا کوڙي پاڻي پيتو هو! اتي سوداگر جون اکيون کليون ۽ پنهنجي ڪيل غلط فيصلي تي ڏاڍو شرمندو ٿيو. پر وري به پنهنجي هٺ کي قائم رکڻ لاءِ جواب ڏنائين ته: تو برابر پنهنجو قول پاڙيو، پر هاڻي علي بندر جو محصول به تو جيڪي ورتو سو ورتو، هاڻي انهيءَ لاءِ تون به سڪندينءَ. ائين چئي سوداگر ٻيڙا ڇوڙائي روانو ٿي ويو.

Text Box: 141

 

چون ٿا ته انهيءَ واقعي کان پوءِ سوداگر پنهنجي خرچ سان پراڻ درياءَ جو منهن بند ڪرائي ڇڏيو، جنهنڪري درياءَ علي بندر کي ڇڏي ٻئي هنڌان وهڻ لڳو. آهستي آهستي اهو شهر ڦٽي برباد ٿي ويو.

 

 

 

 

 

 


 

 

 


 

22- سارو سنگهار*

 

چون ٿا ته ڪنهن سمي سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحدي ڀاڱي ۾ ’سارو سنگهار‘ نالي هڪڙو ڀاڳيو رهندو هو. وٽس بي انداز چوپايو مال هو. ڍڳين، مينهن، رڍن، ٻڪرين ۽ اٺن کان سواءِ وٽس ڪڪڙين جا به ولر هوندا هئا. سندس چوپايو مال پهرجي هلندو هو، ته ڪوهن ۾ رڳو مال ئي مال نظر ايندو هو. ايترو چوپايو مال ڪنهن به ٻئي ڀاڳئي وٽ ڪونه هو. خود بادشاهه وٽ به ايترو چوپايو مال ڪونه هو.

ساري سنگهار کي هڪڙي هنڌ ٽڪاءُ ڪـونه هونـدو هو: مـال جـي سٺـي سـان ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي. جنهن به هنڌ ڊاٻو ڪندو هو، اتي پنهنجو ڪو نه ڪو يادگار ضرور ڇڏيندو هو. جنهن تلاءَ يا ٽوڀي تي اچي مال وهاريندو هو، ته اهو سندس نالي سان سڏجڻ ۾ ايندو هو، يا جنهن هنڌ وٿاڻ ڪري اچي رهيو ته اهو سندس ئي نالي سڏجڻ ۾ آيو. سندس اهڙا آستان سنڌ ۽ ڪڇ توڙي گجرات، ۾ موجود آهن. تعلقي عمر ڪوٽ ۾ نبي سر جي ويجهو چار تلاءَ ڀيماسر، صاحب تـڙ، ليٽڪو، ۽ نـُـهٽو هن وقت به سالم حالت ۾ آهن جي ساري سنگهار جا تلاءَ ڪري سڏبا آهن. اهي تلاءَ سانوڻ جي مند ۾ ڀربا آهن ته ڀاڳيا ماڻهو مال ڪاهي انهن جي آسپاس رهندا آهن. جوڌپور علائقي ۾ به ڇهوٽڻ جبل تي ساري سنگهار جا آستان آهن جتي وڏا حوض ٺهيل آهن. انهن مان ڪي ته اڪثر ٻارهوئي ڀريل رهن ٿا، اهي به ساري سنگهار جي نالي سان مشهور آهن. تعلقي ننگر پارڪر ۾ ويرا واهه جي ويجهو هڪ وڏو تلاءُ آهي، جنهن کي “”سانگاهه“ ڪري سڏيندا آهن، چون ٿا ته اتي به ساري سنگهار جا وٿاڻ هئا. مطلب ته ناري، ٿر، سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد، توڙي ڪڇ ۾ اهڙا ڪافي هنڌ لڀندا جيڪي سندس نالي سان سڏجن ٿا.

Text Box: 143

 

ساري سنگهار کي چوپائي مال جي سڃاڻڻ، ۽ انهن جي خاصيتن ۽ بيمارين وغيره سمجهڻ جي قدرت کان ڏات مليل هئي. سندس انهيءَ دانائي جي ڪري کيس ڀاڳين جو بادشاهه ليکيو ويندو هو. چون ٿا ته ٻئي سڀ مال جي خاصيت جي خبر پوندي هئس، پر ڪيتري عرصي تائين ماهي مال کي سمجهي نه سگهيو. ڇو ته مينهون گرميءَ ۽ سرديءَ کي هڪجهڙو ڪري ڀائينديون آهن. هڪڙي ڏينهن افسوس ڪندي چيائين ته: مون کي خبر نٿي پوي ته مينهون باهه جي پيدائش آهن يا پاڻيءَ جي! وس جي مند ۾ هڪڙي ڏينهن اوگهم اهڙو اچي ٿيو جو ماڻهو ڇيڻو سڀ پگهر ۾ شل ٿي ويا. هرڪو ساهوارو حيران پريشان هو. سارو سنگهار انهيءَ هنڌ موجود هو، سو ڏسي ته مينهون ڪاڙهي جي سامهون بيٺيون آهن. اتي ساري سنگهار کي هڪڙي اٽڪل سـُـجهي آئي سو ڌنارن کي يڪدم ڇيڻن گڏ ڪرڻ لاءِ چيائين. ٿوري دير ۾ ڇيڻن جو ڍڳ لڳي ويو. هن انهيءَ ڍڳ کي باهه ڏياري، ته مينهون به اچي باهه تي ڳاهٽ ٿيون. سارو سنگهار منجهي پيو، پر پوءِ ڏٺائين ته مينهون پيشاب ڪنديون، پوسل تي ويهنديون وڃن. تڏهن چوڻ لڳو ته: مون سمجهيو، مينهون پاڻيءَ جي پيدائش آهن، ۽ نه باهه جي.

 

Text Box: 144

 

هڪ دفعي سارو سنگهار ڪنهن ڪم سانگي ٻئي ملڪ ڏانهن ويو، جتي کيس گهڻا ڏينهن لڳي ويا. ان سال ملڪ ۾ سخت ڏڪار پيو. ساهه وارا بک مرڻ لڳا. آخر ماڻهن مينهن وسڻ لاءِ الله کي ستايو. خدا جي قدرت سان اهڙو ته مينهن وٺو، جو ان ۾ ساري سنگهار جون ست ويهون ڳانيري ڳئون مري ويون. سارو سنگهار به ٻاهران ٿي وريو ته واٽ تي پنهنجو ماڻهو مليس جنهن کان خبر چار پڇيائين. هن ٻڌايس ته: سخت مينهن وٺا ۽ تنهنجون ست ويهون ڳانيري ڳئون مري ويون. ٻڌي چيائين ’مر ته مينهن وسن‘. ان سال مينهن وسندا رهيا ۽ ساري سنگهار جو مال پئي مئو ته به پئي چيائين ته ‘مر ته مينهن وسن’.

 

ساري سنگهار کي ٻه ڌيئون ۽ چار پٽ هئا. مرڻ کان اڳ هن جڏهن چوپايو مال وغيره ورهايو ٿي، تڏهن وڏي کان پڇيائين ته: توکي هن مان ڪهڙو مال گهرجي؟ پٽ چيس ته: مون کي اٺ ۽ گهوڙا کپن. وري ٻئي پٽ کان پڇيائين جنهن وري ڍڳين جي گهر ڪئي. ٽئي پٽ رڍون ۽ ٻڪريون گهريون، ۽ چوٿين پٽ چيس ته: بابا! تو وٽ جيڪا محبت آهي، سا مون کي ملي. چون ٿا ته سمورو مال پنهنجي ٻين پٽن کي ورهائي ڏنائين ۽ چوٿون پٽ پاڻ سان رهايائين. خدا جي قدرت جو محبت واري وٽ مال جا ڪينجهر لڳي ويا. هڪڙي ڏينهن هڪڙو غريب ساري سنگهار کان ڏس پڇڻ آيو ته: آئون ڪهڙو چوپايو مال ڌاريان جنهن ۾ برڪت پئي؟ سارو سنگهار ان وقت ننڊ ۾ ستو پيو هو. سندس ڌيءَ ان شخص کان خبر چار پڇي، صلاح ڏنيس ته: وڃي رڍون ڌار. اهو پڙلاءُ ساري سنگهار جي ڪن تي پيو، يڪدم اُٿي ڌيءَ کي چيائين ته: اما! اهو ڏس ان کي ڏجي، جنهن کي پنهنجي نياڻي ڏجي.

ان زماني ۾ گجرات علائقي مان مهر ندي وهندي هئي. هڪ سال سارو سنگهار به گجرات طرف مال ڪاهي ويو ۽ وڃي انهيءَ نديءَ جي هڪڙي وڏي ٻيٽ تي ڊاٻو ڪيائين، جتي هو هميشه ايندو هو، کيس نديءَ جي لاهن ۽ چاڙهن جو چڱيءَ طرح تجربو هوندو هو، تنهن ڪري بيفڪر ٿي اُتي ويٺو رهيو. هڪڙيءَ رات اتفاق سان نديءَ ۾ پاڻي تمام تيزيءَ سان چڙهيو، ۽ ساري سنگهار سميت ڪافي مال ٻوڙي هليو ويو. باقي ڪو اهڙو ماڻهو ڪونه بچيو، جيڪو رهيل مال کي ڪاهي، نديءَ مان نڪري اچي. تنهن ڪري باقي جيڪو چوپايو مال سلامت بچيو، سو جهنگ ۾ رهي جهنگلي ٿي ويو. چون ٿا ته اڄ به انهيءَ مهر نديءَ جي پيٽ ۾ جهنگلي ڳئون، مينهون ۽ ڪڪڙ وغيره نظر اچن ٿا، جي ماڻهو کي ڏسيو ڀڄيو وڃن.

Text Box: 145

 

Text Box: 146

 

مالدار ۽ ڀاڳيا ماڻهو، اڄ به کٽر ڳئون يا مينهن کي ساري سنگهار جو قسم ڏيندا آهن. ٻين حالتن ۾ به مال کي ساري سنگهار جو قسم ڏيندا آهن. ڌنارن جو يقين هوندو آهي ته چوپائي مال کي ساري سنگهار جو قسم وجهبو ته مستي ڇڏي ڏيندو.

 

ساري سنگهار جو ‘نهـِـيرو’ مشهور آهي جو هيرل واهه جي تيرهين ميل کان اُلهندي طرف، مير محمد هاليپوٽي جي ڳوٺ ۽ شهلي ڏهري ڳوٺ جي ڀرسان، ڏاڏي آدم جي ٻنيءَ ۾ کتل آهي. حقيقت ۾ اهو هڪ ڊگهو تاريخي پٿر آهي، پر تر جا ماڻهو ان کي ساري سنگهار جو نهيرو سڏين.

 

 


 

* هن ڳالهه جون ٻه روايتون مليون، هڪ وچولي (تعلقي ٽنڊوالهيار) مان الله بچائي جروار کان، ۽ ٻي لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان محمد طالب لوهار کان ملي.

* هن ڳالهه جو مدار مختلف روايتن تي آهي، جي سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن مان مليو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org