Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

مقدمو

ڊاڪٽر نبي بخش

لوڪ ڪهاڻيون 7  (ڳاهن سان ڳالهيون)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

أَمْ لِلْإِنسَانِ مَا تَمَنَّىٰ O فَلِلَّهِ الْآخِرَةُ وَالْأُولَى

مقدمه

’لوڪ ڪهاڻين‘ جي سلسلي جو هيءُ ’ستون‘ ۽ آخري ڪتاب آهي، جنهن بعد ’مشهور سنڌي قصن ۽ عشقيه داستانن‘ جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. ارتقائي لحاظ سان، هن ڪتاب ۾ شامل ڳالهيون، ’لوڪ ڪهاڻين‘ ۽ ’لوڪ قصن ۽ داستانن ‘ جي وچ واري ڪڙي آهن. هي ’ڳاهن‘ واريون ’ڳالهيون ‘ آهن، جن ۾ فن قصه خواني جي جهلڪ نمايان طور نظر اچي ٿي. انهيءَ ڪري، اول ’ڳالهين ‘ جي مفهوم ۽ ’ڳاهن ‘ ذريعي فن قصه خواني جي عروج کي سمجهڻ ضروري آهي.

’ڳالهه ‘ جي سٽاءَ

عام اصطلاح ۾ ’ڪهاڻي‘، ’آکاڻي‘ يا ’ڳالهه ‘ ۾ فرق ڪونهي، البت ’لوڪ ادب ‘ جي علمي، اصطلاحي ۽ فني پهلوئن کان انهن جي مفهومن ۾ تخصيص ضروري آهي. هن سلسلي جي ’پنجين ڪتاب‘ جي مقدمي ۾ ’ڪهاڻي ‘ ۽ ’آکاڻي‘ جي فرق کي قدري واضح ڪيو ويو آهي. ’ڳالهه ‘ ٻنهي کان مختلف آهي. ‘ڳالهه ‘ جي پويان تاريخي ۽ جغرافيائي پس منظر لازمي آهي. ’ڪهاڻي ‘ ۽ ’آکاڻي‘ ان کان آزاد آهن. ’ڪهاڻين ‘ ۽ ’آکاڻين‘ جو تاريخي يا جغرافيائي پس منظر معلوم ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اهي انسان جي ڪهنين يادگيرين، وهمن، وسوسن ۽ تجربن جا يادگار آهن. البت انهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن دور جي سماجي پس منظر جو عڪس سمايل آهي. ان جي برعڪس ’ڳالهه ‘ جا واقعا توڙي ڪرداري تاريخي يا نيم - تاريخي حيثيت رکن ٿا، ۽ ڳالهه جي موقعن ۽ مڪانن لاءِ مقامي جاگرافيءَ ۾ جاءِ آهي. ڳالهيون زمان توڙي مڪان جي لحاظ سان عوام کي ويجهيون آهن ۽ انهيءَ ڪري ڪهاڻين ۽ آکاڻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جئريون جاڳنديون ۽ دلچسپ آهن.

فن قصه خواني جو ارتقاءِ

نه معلوم ڪڏهن کان وٺي ڪهاڻين ۽ آکاڻين ٻڌائڻ جو سلسلو شروع ٿيو، مگر سنڌ ۾ ان جي شروعات، ڪافي آڳاٽي دور کان ٿي، ۽ آهستي آهستي ان ۾ فني نزاڪت پيدا ٿيڻ لڳي. غالباً پهريائين گهر جي ڀاتين مان ڪن سگهڙ نانين ۽ ڏاڏين توڙي سڄاڻ مائرن ۽ ڀينرن ننڍين آکاڻين ۾ پنهنجي طرفان ڪي دلچسپ تـُـڪون ۽ فڪرا ڳنڍيا، جن سان ٻارڙن جي ريجهه ۽ خوشيءَ ۾ اضافو ٿيو. هن سلسلي  جي ’پنجين ڪتاب‘ ۾ اهڙين آکاڻين جا مثال موجود آهن. جڏهن انهن ٻارڙن مان ڪي سگهڙ ساماڻا ته انهن اڳتي وک وڌائي، ۽ ڪهاڻين جي شروع، وچ توڙي آخر ۾ ڪي دلچسپ جملا ۽ موزون فقرا ۽ مزيدار وراڻيون وڌايائون. انهن اضافن سان اهي ملوڪ ٻاهر ڪچهرين ۾ ذوق ۽ شوق سان ڪهاڻيون ۽ ڳالهيون کڻڻ لڳا. اهڙيءَ طرح ڪهاڻين يا ڳالهين ’ٻڌائڻ ‘ (محض بيان ڪرڻ) جي بدران ڪهاڻين يا ڳالهين ’کڻڻ‘ (فن سان ادا ڪرڻ) جو سلسلو شروع ٿيو. فني تاريخ جي لحاظ سان، قصي خواني جو اهو پهريون دور هو.

ان بعد باقاعدي فن سان ڀريل مجلسن ۾ ڳالهين کڻڻ ۽ داستانن ڳائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. آساني خاطر، ان جي اوائلي مرحلي کي فن قصه خواني جو ’ٻيو دور‘ ۽ ان جي عروج کي ’ٽيون دور‘ سڏي سگهجي ٿو. ٻئي دور ۾، سگهڙن ’موزون فقرن‘ کان اڳتي قدم وڌائي ’ڳاهون‘ جوڙيون ۽ ڳاهن جي چاشني سان ڳالهيون کڻڻ لڳا. ٽئين دور ۾ پيشه ور ڀٽن ۽ ڀانن، چارڻن ۽ منگتن، لنهگن ۽ مڱڻهارن وڏا قصا ۽ جنگي عشقيه داستان ڳاهن توڙي ڪافين جي جوڙ سان سازن جي وڄت تي ڳايا ۽ پنهنجي فصاحت ۽ ظرافت، آلاپن ۽ آوازن سان سنڌ ۾ فن قصه خواني کي عروج تي پهچايو.

هن ڪتاب جو اڪثر مواد ’ٻئي دور‘ سان تعلق رکي ٿو. هن ٻئي دور ۾ پيشور ڳالهيون کڻندڙ سگهڙ ساماڻا، جن ڳالهين جي دلچسپ موضوع کي فني اعتبار سان ويتر وڌيڪ دلپذير بنايو. هنن ملوڪن پنهنجي بيان کي وڌيڪ موثر بنائڻ خاطر ان ۾ شاعريءَ جو اضافو ڪيو، يعني ته’ ڳالهين‘ کي’ ڳاهن ‘ سان سينگاريو.’ ڳاهون ‘   هم قافيي منظوم مصراعون آهن ۽ سنڌي شاعريءَ جو آڳاٽو نمونو آهن. اوائلي ڳاهون غالباً محض تـُـڪ واريون ٻه منظوم مصراعون هيون، ۽ اهي سنڌ ۾ شايد انهيءَ ساڳئي دور ۾ اسريون، جڏهن هند ۾’دوهو‘ وجود ۾ آيو. پر ’هندي دوهو‘ محض نظم جو نمونو هو ۽ شاعريءَ خاطر جوڙيو ويو، ان جي برعڪس،’ سنڌي ڳاهون‘ واقعن سان وابسته ۽ انهن واقعن کي ڳائڻ خاطر جوڙيون ويون. انهيءَ ڪري محض شاعريءَ جي بجاءِ، موقعي جي نزاڪت کي مؤثر انداز مگر عام فهم الفاظ ۾ ادا ڪرڻ ’ سنڌي ڳاهن ‘ جو مکيه ۽ عملي مقصد هو. وقت گذرڻ سان ڳاهن جي اصلي سٽاءَ بدلي ۽ ’ ٻن مصراعن ‘ جي بدران انهن ۾ ٻين مصراعن جو اضافو ٿيو. ازانسواءِ ’ ڳاهه ‘ ڳائڻ خاطر هئي، ڇاڪاڻ ته ’ ڳاهه ‘ جي لفظن جي ڪڇ وهٽ آلاپن جي انداز تي قائم رهي، پر اکرن ۽ لفظن جي گهڙ- ڀڃ کان آزاد رهي. بهرحال جيئن ته ’ ڳاهون ‘ ڳائڻ خاطر هيون، انهيءَ ڪري هن ٻئي دور ۾ انهن جي اضافي سان ’ ڳالهين کڻڻ ‘ واري مرحلي کان ’ ڳالهين ڳائڻ ‘ جي درجي ڏانهن ترقي ٿي.

مواد جي نوعيت:

’سونل‘  وارين ٽن روايتن (3، 4، 5)(1) کان سواءِ هن ڪتاب ۾ شامل مواد مڙيئي ‘ڳالهيون ’  آهن. ’سونل‘  هڪ ڪهاڻي آهي مگر ان کي ڳاهن ذريعي ڳايو ويو آهي، انهيءَ ڪري ئي ان کي هن جلد ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جملي چاليهن شامل روايتن مان، سواءِ ڏهن(2) جي ٻين سڀني ۾ ڳاهون يا نظميه فقرا آيل آهن ۽ انهيءَ ڪري مجموعي طور سان هن ڪتاب کي ‘ڳاهن سان ڳالهيون ’  سڏيو ويو آهي. ’ڏمڻ سوناري‘ ، ’سونل‘  ۽ ’ گامون سچار ‘ مان هرهڪ جون هڪ کان زياده روايتون ڏنيون ويون آهن، ڇاڪاڻ ته هرهڪ روايت پنهنجي سٽاءَ جي لحاظ سان مستقل درجو رکي ٿي. انهن اٺن زائد روايتن(3) کان سواءِ، هن جلد جو مواد ٻٽيهن مکيه عنوانن سان مختلف ڳالهين تي شامل آهي، جن مان ٽي خاص (7، 24، 35) اتر سنڌ ۾ ٻه خاص (18، 20) لاڙ ۾، ۽ اٺ خصوصاً (6، 8، 10، 14، 36) ٿرپارڪر ضلعي ۾ رائج رهيون آهن. باقي اوڻيهه سنڌ جي تاريخ يا سڄي سنڌ جي مجموعي روايتن ذريعي معلوم ۽ مشهور آهن. تاريخي لحاظ سان، ڏمڻ سوناري جي ڳالهه دلوراءِ جي دور سان وابسته آهي، جنهن جو گمان اندازاً ڏهين يا يارهين صدي عيسوي سان ٿي سگهي ٿو، ۽ ’جاڙي ڀيمجي ۽ غلام شاهه ڪلهوڙي‘  واري ڳالهه ارڙهين صدي عيسوي جي آخر جي آهي. انهيءَ لحاظ سان، هن جلد ۾ شامل ڳالهيون 19- صدي عيسوي کان اڳ جي ستن - اٺن سوَن ورهين واري عرصي سان تعلق رکن ٿيون.

مکيه مضمون ۽ خاص اهڃاڻ

جدا جدا نظرين کان هي مڙيئي ڳالهيون اهم ۽ انوکيون آهن، ۽ پڙهندڙ کي هر هڪ جي اندروني خوبي، ادبي يا تاريخي اهميت، ڳاهن جي لطافت ۽ ٻيون نزاڪتون دل سان لڳنديون. مضمون ۽ مقصد جي لحاظ سان، جملي مواد کي پنجن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (الف) ڪهاڻيون، (ب) عشق ۽ محبت جون حڪايتون، (ج) ڪن مشهور ڪردارن بابت روايتون، (د) پراڻ درياءَ جون يادگيريون، ۽ (هه) نيم - تاريخي حڪايتون. اسان انهن عنوانن هيٺ، ڳالهين جي ڪن خاص ٽاڻن ۽ اهڃاڻن تي قدري روشني وجهون ٿا.

(الف) ڪهاڻيون: فقط هڪ ڪهاڻي ’ سونل ‘ جي شامل آهي، جا هن جلد کي هن سلسلي جي پوين ڇهن جلدن سان قدري ملائي ٿي. هي خاص طرح هڪ گهرو ڪهاڻي آهي ۽ سنڌ جي گهڻي ڀاڱي ۾ گهر گهر مشهور آهي. هي ڪهاڻي ٽن مکيه روايتن ذريعي رائج آهي، جيڪي متن ۾ ڏنيون ويون آهن (3، 4، 5). هيءَ هڪ ننڍڙي، سهڻي ۽ نهايت دلچسپ ڪهاڻي آهي، جنهن کي ’ ڳاهن ‘ ويتر دلپذير بنايو آهي.

(ب) عشق ۽ محبت جون حڪايتون: جملي پندرهن ڳالهيون(1) اهڙيون آهن، جن جو مکيه مضمون عشق ۽ محبت آهي. انهن مان ’ڏمڻ سوناري‘ جي ڳالهه، جنهن جون ٻه روايتون (1، 2) شامل آهن، غالبا سڀ کان آڳاٽي ۽ ڪافي وڏي عرصي کان سنڌ ۾ عام رائج آهي. دلواراءِ جي ڌيءَ ۽ ڏمڻ سوناري جي پٽ جي محبت هن ڳالهه جو مرڪزي مضمون آهي. هن ڳالهه ۾ ٻوليءَ توڙي سٽاءَ جي لحاظ سان ڪافي آڳاٽيون (خصوصا ص 4) ۽ سهڻيون ڳاهون شامل آهن ۽ اڃا تائين ڪي ملوڪ هيءَ ڳالهه ٿالهي جي وڄت تي کڻندا آهن. انهن ڳاهن جي وراڻي جي لئي، جن اها ڳالهه کڻندي ٻڌي هوندي تن کي نه وسري هوندي. اها وراڻي مختلف نمونن سان آلاپيندا آهن. جيئن ته: ”تن سونارن سان الا! مون من موهيو وي“، ”مون من آهي موهيو، موهي سونارن الا!“ يا ”مون من موهيو الا! مون من موهيو سوناري“.

ٻه ڳالهيون، ’ جلال ۽ مارک مير ‘ (9) ۽ ’ لالي ۽ سدورو ‘ (15) سنڌ جي مشهور عشقيه داستانن ۾ شامل آهن. ’ جلال ۽ مارک مير ‘، مشهور عشقيه داستان ’ بوبنا ۽ جراڙ ‘ جي هڪ روايت آهي، جنهن جون ٻيون روايتون توڙي هن داستان جا ڪي خاص ٽاڻا ۽ اهڃاڻ لوڪ ادب سلسلي جي ’اوڻٽيهين‘ ڪتاب (سنڌ جا عشقيه داستان-1) ۾ تفصيل سان ڏنا ويا آهن. ’ لالي ۽ سدورو ‘ پڻ هڪ محبت جو داستان، ’ ڦل وڌي ۽ ڀوري ‘ جي داستان وانگر ’ ڪوٽ ڏجي ‘ جي قديم بستي سان تعلق رکي ٿو. ’ لالي ۽ سدوري ‘ سان ٺهڪندڙ هڪ ٻي ڳالهه ’لالي ۽ لالو بادشاهه‘  اڪثر ملوڪ ناڙي نڙ جي وڄت ۾ ڳائيندا آهن.(2)

’چاندو ۽ گنگراج  (8) ’پوناراءِ ۽ ليلا ‘  (10) ۽ ’صابر ۽ نوران ‘ (36)- اهي ٽيئي ڳالهيون ٿرپارڪر ضلعي جي ’ناري ڊويزن ‘ ۽ خصوصا عمرڪوٽ واري ايراضي ۾ عام رائج آهن. انهن ٽنهي ۾ آيل ڳاهون صاف سنڌيءَ ۾ آهن مگر ڄڻ ته بالڪل هن پوئين دور جي ڪنهن سگهڙ جون جوڙيل آهن. پنج ڳالهيون ٻيون ’راجڪمار ۽ ساهيچي‘  (6)، ’سڏيوت ۽ سارنگا ‘ (11)، ’کيمرو ۽ لوڏڻ ‘(12)، ’آلڻڏي ۽ ڏيورو ‘ (13) ۽ ’راڻو سوندرو ۽ مانڌل راڻي‘ (14)- ٿرپارڪر ضلعي جي ’ٿر ڊويزن ‘ ۾ رائج آهن، ۽ انهن ۾ اڪثر گجرات، مارواڙ راجپوتانا ۽ جوڌپور جي لوڪ ڪهاڻين جو عڪس نمايان آهي. ڳاهن جي ٻولي ۾ پڻ ڍاٽڪي سان گڏ گجراتي ۽ مارواڙي جي ڪافي آميزش آهي. انهيءَ ڪري چئي نٿو سگهجي ته انهن مان ڪهڙيون ڳالهيون خاص سنڌ جي سرزمين (ٿر) جي پيداوار آهن ۽ ڪهڙيون ڪتابن يا سگهڙن ذريعي ٻاهران آيل آهن.

‘کپريو کاهوڙي ۽ راڻي ڪاڍاري‘ (20) ضلعي ٺٽي جي اترئين ڀاڱي ۽ خصوصاً ’جهرڪن ‘ واري ايراضي جو داستان آهي. هن ڳالهه موجب ’کپريو ‘ هڪ درويش هو، جنهن جو ماجيراءِ بادشاهه جي ڌيءَ ڪاڍاري سان سندس نينهن لڳو. فرهاد وانگر ڪشالا ڪري، سرنگهه هڻي شهزادي ڪاڍاري تائين پهتو ۽ انهيءَ سرنگهه واري ڪشالي سببان کيس ’کپريو کاهوڙي‘ يا ’کاٽ کپريو‘ سڏيو ويو آهي. کپريي بابت مقامي طور بيون ڳالهيون به هلندڙ آهن، جن مان ڪن موجب هو هڪ ڏاڍو مڙس چور هو. جهرڪن کان چار-پنج ميل اولهه طرف ڪراچي ڏانهن ويندڙ شاهي رستي جي ڏکڻ طرف ’ماجيراءِ جي ٽڪري ‘ موجود آهي، جنهن تي قديم آثار آهن، جي غالبا ٻڌڌرم جي مڙهي ۽ ان وقت جي شهر جا آهن. هيءُ داستان انهن قديم آثارن سان وابسته آهي.

’سهڻي صوحب ‘(7) ’راجا کينئرو ‘(24) ۽ ’بچل مهر ۽ سعدان جتڻي‘ (35) اهي ٽيئي ڳالهيون ضلعي سکر جي روهڙي ڊويزن ۾ عام رائج آهن. ’سهڻي صوحب ‘ غالباً ڪنهن سگهڙ جي جوڙيل خيالي ڳالهه آهي ۽ ان ۾ آيل ڳاهن ۾ پڻ هندي دوهڙن جو عڪس نمايان آهي. ’راجا کينئرو ‘ پاڙيسري پرڳڻي جيسلمير جي پاسي جي ڪا سچي ڳالهه ٿي ڀائنجي ۽ ڳاهن جي ٻولي پڻ ان طرف جي آهي. ’بچل مهر ۽ سعدان جتڻي‘ خاص مقامي ڳالهه آهي ۽ ان ۾ آيل ڳاهون پڻ مقامي سنڌي محاوري جي ساک ڀرين ٿيون.

(ج) ڪن مشهور ڪردارن بابت راويتون: آڳاٽي دور جا ڪي اهڙا ڪردار، جي ڪن خاص ڪارنامن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، تن کي سنڌ جي عوام پنهنجن انهن ڳالهين ذريعي ياد رکيو آهي. هن مجموعي ۾ اهڙين ستن مشهور شخصيتن بابت ڳالهيون شامل آهن، جيئن ته: مشهور سخي ’وڪيو ڏاتار ‘(27) مشهور سورهيه ’بڊاماڻي پنرو ‘(19) مشهور سچار ’گامون سچار ‘(29-34)، مشهور هاڻو (مال هڻندڙ) ’آهوڪوري ‘(18)، مشهور جوڳي ’ڀريو گاروڙي ‘(25)، مشهور ڀاڳيو ’سارو سنگهار ‘(22) ۽ محلاتن جو سورهيه ۽ سرهو چور ’ڪارائـڙيو سمون ‘(23). انهن ڳالهين مان هرهڪ بابت ڪي اهم اهڃاڻ هيٺ ڏجن ٿا.

وڪيو ڏاتار، سنڌ جي مشهور ’ڏهن ڏاتارن ‘ مان آهي، جن کي سنڌ جي سگهڙن ڳايو آهي. هن روايت ۾ ڏهن ئي ڏاتارن جا نالا ڄاڻايل آهن، ۽ ان موجب وڪيو ڏاتار ۽ ڄام لاکو ڦلاڻي ساڳئي وقت جا هئا ۽ وڪيي ڏاتار جو ملڪ ‘چينائي ٻيلو ‘ هو.

بڊاماڻي پـُـنرو، سنڌ جي آڳاٽن سورهيه سردارن مان آهي ۽ سندس نالو اڄ تائين ياد آهي. بڊاماڻي پنري بابت ڪي آڳاٽي وقت جا بيت شاهه جي رسالي (سر ڏهر) جي ڪن نسخن ذريعي محفوظ رهيا آهن، جي غالباً پنري بابت ڪنهن جهوني ڳالهه جون ’ڳاهون ‘ آهن. سنڌ جي هڪ داناءَ سگهڙ حاجي سرماڻ خان بگهياڙ (ڪرمتي بلوچ)(1) چيو ته: بڊاماڻي پنري جي غير حاضري ۾ ڪنهن غنيم (ڄام لاکو ڦلاڻي نه پر ٻيو ڪو) سندس شهر تي ڪاهه ڪئي ۽ ٻي لـُـٽ سان گڏ سندس سڳي توڙي ماٽيجي ماءُ، ٻنهي کي ‘ٻان ‘ ڪري وٺي ويو. پويان بڊاماڻي پنرو به سگهوئي اچي پهتو ۽ غنيم جي لشڪر جي پويان پيو ۽ وڃي آڏو ڪو لڪ جهليائين. جڏهن انهيءَ لڪ مان سندس ماءُ ۽ ماٽيجي جا ڪجاوا لنهگيا ته ماٽيجيءَ ماءُ، پنري کي ڏسي ورتو ۽ کيس ويڻ ڏنائين ته:

اڄ    گهـــر جين  آءُ،  بـــڊامــــــاڻـــي    پـــنرا!

مـــاٽـيـــجي ۽ مــاءُ، ٻــيــئي وڃــــي ٻـــان ۾

انهيءَ تي پنري جي سڳي ماءُ چيس ته:

نڪي پنرو تو   ڄائو،  نڪي تو  وٽ  هوءِ
پوءِ مــاٽيـــجــي! مــهڻـــو، ڇــــي لاءِ تـو ڏنوءِ

حاجي ڪـَـرمي ڀـَـويِ بلوچ ويٺل داٻيجي هڪ ڪچهري ۾ خبر ڪئي ته: ميو ۽ شير ٻئي پنري جا ڀاءُ هئا. اهڙي طرح بڊاماڻي پنري بابت جابجا ٿوريون گهڻيون ڳالهيون هلندڙ آهن، جن مان گهڻين کي اسان گڏ ڪري، ڀيٽي متن واري ڳالهه لکي آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته پنري جي ڪوٽ تي ڪنهن ’مغل ‘ ڪاهه ڪئي، ان مان گمان نڪري ٿو ته اها چڙهائي ارغونن يا ترخانن واري دور ۾ ٿي، ۽ انهيءَ لحاظ سان بڊاماڻي پنرو ڏهين صدي هجري/سورهين صدي عيسوي ڌاري ٿي گذريو.

گامون سچار: نسبتا ويجهي دور جو آهي. گامڻ خان ڪورائي، جو عام طرح ’گامون سچار ‘ جي نالي سان مشهور آهي، بابل خان ڪورائي جو پٽ هو. ديري غازي خان جي باني نواب غازي خان وٽ (جو يارهين صدي هجري ۾ ٿي گذريو) سچائي سببان سندس وڏي عزت هئي، ۽ هو نواب صاحب جي خاص وزيرن مان هو. گامون سچار جون ڳالهيون ديري غازي خان، بهاولپور، سري توڙي سنڌ ۾ لاڙ تائين مشهور آهن. هن جلد ۾ شامل پوين ٽن روايتن ۾ گامون جي اٽڪل ۽ حرفت وارا نقل غير معتبر ٿا ڀائنجن، ڇو ته گامون جو گڻ ئي سچائي هو ۽ نه حرفت ۽ اٽڪل.

آهو ڪوري: مشهور’هاڻـُـو ‘ هو، يعني مال (اٺيون، مينهون وغيره) هڻندو هو. هيءَ ڳالهه خاص طرح ٺٽي ضلعي ۾ رائج آهي ۽ اسان حاجي سرماڻ خان بگهياڙ ۽ سندس فرزند حاجي محمد سوڍي کان ٻڌي. ان بعد سگهڙ الله بخش پالاري(1) خبر ڪئي ته: آهو سيراچاڻي ۽ کپريو کاهوڙي پنهنجي وقت جا وڏا چور هئا. آهو ذات جو’وَدُو ‘ هو، پر ڪي چون ٿا ته ڪوري هو ۽ ڪي چون ٿا ته ڪاتيار هو. ا.هه.

هن روايت موجب ’آهو سيراچاڻي‘ جي نالي مان ظاهر آهي ته آهو پٽ سيراچ جو هو. الله بخش وڌيڪ ٻڌايو ته: ’آهـِـي وارو ڪوٽ ‘ مشهور آهي ۽ ’ڪـَـلـِـي جي وان ِّ ‘ (تعلقو ٿاڻو بولاخان) جي آسپاس ان جا نشان موجود آهن.

ڀريو گاروڙي: هنڌين ماڳين مشهور آهي. هو جهاڙ منتر جي علم جو استاد هو ۽ سـَـپ سـَـپ جي ذات تي سندس قبضو هو. عوام جي ويساهه موجب اهڙو مها جوڳي ڪو عام رواجي ماڻهو ڪونه هوندو. سندن خيال ۾ (هن راويت موجب) هو حقيقت ۾ هڪ شهزادو هو ۽ جيسلمير جي راجا جو پٽ هو. فقير جي قول موجب، جنهن جي دعا سان ڄائو، مرلين سان محبت رکيائين ۽ گـُـرو جي دعا ٿيس، جنهن ڪري نانگ بلائون سندس سڳي ۾ ٻڌا. هن روايت ۾ ڀريي گاروڙي جي زندگيءَ بابت ٻه ٻيا نوان نڪتا پڻ ملن ٿا: هڪ ته ’سڳئي سنگهار ‘ سان سندس نينهن لڳو، جا ’شيشا پٽڻ ‘ واري ڀاڱي جي ڪنهن شهر جي راڻي هئي، ۽ ٻيو ته سڳئي سنگهار جي رضا خاطر ’ڀڄنگ نانگ ‘ کي جهلڻ لاءِ ڪشالا ڪڍيائين، جن جي وگهي سندس موت ٿيو.

سنڌ جي عام روايت موجب ڀريو گاروڙي ذات جو چنهواڻ هو ۽ ’گوگي پير ‘ جو مک ۽ خبردار ٻالڪو هو. گوگو پير درويش هو ۽ ڪرامت سببان سڀ نانگ بلائون سندس مطيع هئا. ڀريي کانئس پرايو ۽ گوگي پير جي دعا ٿيس، جنهن ڪري جهاڙ منتر جي علم جي زور سان هن سڀ نانگ نمايا. ٺٽي لڳ ’گـُـجي‘ جا چنهواڻ فقير پاڻ کي ڀريي گاروڙي جو اولاد سڏائين ٿا ۽ ٺٽي واري ڀاڱي کي ئي گوگي پير جو آخري آستان ۽ ڀريي گاروڙي جو ماڳ مڪان ٻڌائين ٿا. ٺٽي ۽ گـُـجي جي وچ تي ڪراچي ڏانهن ويندڙ شاهي رستي جي لڳ ڏکڻ طرف “گوگي جا ٽـَـڪرءِ مشهور آهن. ڳالهه جي هن روايت موجب پڻ ڀريي گاروڙي جو ’شيشا پٽڻ ‘ جي سڳئي سنگهار سان نينهن لڳو. ’شيشا ‘ ۽ ’پٽڻ ‘ ٻئي سنڌو ندي جي هيٺين دو-آبي جون اڳيون شاخون آهن، ۽ ميرپور ساڪري تعلقي جي سامونڊي ڪناري واري اندرين ايراضي ۾ انهن نالن سان کارا درياءَ اڄ تائين موجود آهن. انهن اهڃاڻ مان پڻ ڀريي گاروڙي جو ٺٽي واري انهيءَ ڀاڱي ۾ اچڻ جو گمان نڪري ٿو.

سارو سنگهار: وڏي ۾ وڏو ڀاڳيو هو ۽ وٽس مال جي ذات موجود هئي. سندس باري ۾ جيڪي روايتون اسان کي ملي سگهيون، تن جي بناءَ تي متن ۾ هن ڳالهه جو خاڪو قائم ڪيو ويو آهي. ساري سنگهار بابت سنڌ ۾ ڪيئي ڳالهيون هلندڙ آهن، جن کي سهيڙڻ جي ضرورت آهي. مثلا سارو سنگهار چوندو هو ته: ڏاچيءَ جي منجهه جي مون کي خبر نٿي پوي، ڀاڻ تي ايندي ته به رڙندي ايندي ۽ ڀاڻ تان ويندي ته به رڙندي ويندي. هڪ ڀيري ساروسنگهار ڪٿان ٻاهران پئي موٽيو ته گس تي پنهنجي ڀاڻ جو ڪو ماڻهو گڏيس، پڇيائينس ته: پوئتي سڀ خير هو؟ هن چيو ته: هائو. اتي پڇيائينس ته: ڳئون پهريون؟ جواب ڏنائين ته: نه، ڳئون اڃا وٿاڻ تي. تڏهن ساري سنگهار چيو ته: ابا! پوءِ ڪيئن ٿو چئين ته پوئتي مڙيئي خير! ان مان مراد ته ساري سنگهار جي نظر ۾ سڄي مال ۾ ڳئون کٽر ۽ ويڙهي ذات آهي. ساري سنگهار جي ڪٽنب بابت هن جلد ۾ شامل ”ڪارائڙيي سمي“ جي ڳالهه ۾ ڪي وڌيڪ اهڃاڻ موجود آهن.

ڪارائڙيو سمو: ڪڇ جي سمن مان هو، ۽ هن روايت موجب هو ’گرڙيي - آبڙاسيي ‘ جي پينگهر ڄام جو پٽ هو. هو پنهنجي وقت جو شاهي سورهيه ۽ سرهو چور هو، ڇاڪاڻ ته هو هميشه راجائن ۽ سردارن جي محلات مان هيرن جواهرن ۽ ڳهن زيورن جي اڪيلي سر چوري ڪندو هو ۽ محلات جي داين ٻاين کي اوڍاڻيون پهرائي مال متاع کڻي ويندو هو. هن روايت ۾ ساري سنگهار بابت پڻ ڪي خاص اهڃاڻ موجود آهن، جيئن ته ’پڇم‘ واري ’ڪاري جبل ‘ جي اترين ڀت ۾ ’نير واري وانءُ ‘ عام طور  ’ساري سنگهار جي وانءُ ‘ پڻ سڏجي ٿي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ماڳ پڻ سارو سنگهار وس سانگي مال ڪاهي اچي رهيو هو، ٻيو ته ساري سنگهار کي ’مـَـچاچـُـل ‘ ۽ ’ڪـَـپـُـورئين ‘ نالي ٻه ڌيون هيون، جن مان ڪپورئين جي شادي ڪارائڙيي سمي سان ٿي.

(د) پراڻ درياءَ جون يادگيريون: اندازاً ڏهين صدي عيسوي جي آخر کان وٺي چوڏهين صدي جي شروع تائين، سنڌو درياءَ جو مکيه وهڪرو، موجوده موري ۽ سڪرنڊ جي وچ ڌاري اوڀر طرف ورکائي، موجوده ميرپورخاص جي رخ تي وهندو هو، جتان کان وٺي هيٺ درياءَ جو اهو وهڪري ‘پراڻ ‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳو، جنهنجي ٻن مکيه شاخن جا ڦٽل پيٽ اڃا تائين ميرپورخاص کان هيٺ ٿرپارڪر ضلعي ۾ موجود آهن. ان بعد درياءَ آهستي آهستي اولهه طرف لاڙو ڪيو ۽ ڪو وقت نصرپور وٽان وَڙهو، تان جو 1757ع ۾ هالن جي مٿان رخ ڦيرائي اڃا به اولهه طرفان ڪوٽري واري موجوده مـَـجراءِ ۾ وهڻ لڳو. مگر ’پراڻ درياءَ ‘ جون آباديون ۽ انجي ٻنهي ڪپن چهچٽن جون يادگيريون ماڻهن کي ڪين وسريون، پهاڪن، بيتن، قصن ۽ ڪهاڻين ذريعي پراڻ جو ذڪر جاري رهيو ۽ اڄ تائين جاري آهي. ڄام لاکي ڦلاڻي، پراڻ جي ڪناري تي منزلون ڪيون ۽ پراڻ جي وڻن کي اوڍاڻيون پهرايون. آمري، پراڻ جي ڪپ تي اسري ۽ وڌي وڻ ٿي، ۽ بادشاهن، اميرن ۽ درويشن جو منزلگاهه بني. ٽنڊي جان محمد لڳ پراڻ جي ڪناري تي ’آمري وارو مقام ‘ موجود آهي، جنهن ۾ ڪيئي سالڪ، سگهڙ، عاشق ۽ درويش ستل آهن، جن پراڻ جي لهرين ۽ آبادين کي اکين سان ڏٺو. پراڻ جي مانڊاڻ جا اهڃاڻ هيٺيان آڳاٽا بيت آهن، جن ۾ ڪنهن سالڪ پراڻ کان سوال پڇيو آهي ۽ پراڻ ان جو جواب ڏنو آهي:

سالڪ: جـــهــــــــونــي تـــــون پـــــراڻ، جـڳ ڇٽيهه سـنقـَريـن

تـــــــو ڪــــــــي ڏٺـــا هـــاڻ، لاکـــي جـهــــڙا پــَـهـَـيـڙا؟

پراڻ:لاکـــــا لـــک آئـــــــيـــــــا، انــــــــــڙ  ڪــــــــــروڙيـــــون اٺ

پرهيم- هيڙائون هڪڙو، وري نه آيو مون وٽ

’هيم - هيڙائو ‘ يعني ’سون جو سوداگر ‘ جنهن لاءِ چون ٿا ته هڪ دفعو پراڻ جي ڪناري تي منزل ڪئي ۽ چوڌاري وڻن ٽڻن کي سونا ڳهه پارائي، انهن کي سهاڳ ڏيئي ڇڏيائين.

هن جلد ۾ شامل روايت (21) جنهن پراڻ جي سوداگر جي آهي، سو ڪشمير جو هو، جنهن مان درياءَ ذريعي اتر هندوستان سان سنڌ جي آڳاٽي واپار جو پتو پوي ٿو. هن ڳالهه جي سٽاءَ ’ڪهاڻي ‘ واري آهي پر ان جي پس منظر ۾ ٻه تاريخي اهڃاڻ سمايل آهن: هڪ علي بندر جي آبادي، ٻيو پراڻ درياءَ جو ڦٽڻ. علي بندر جو اهڃاڻ، پراڻ جي پوڇڙي واري وهڪري جو پتو ڏئي ٿو. علي بندر، رهموڪي بازار کان اٽڪل ڇهه ميل کن اتر-اولهه طرف ۽ سنڌ جي سرحد اندر هڪ مکيه بندر هو، جتان کان پراڻ اندازاً ٻارهن تيرهن ميل هيٺ سر ڏکڻ وهي وڃي ’ڪاري ناري ‘ (اڀرندي ناري) سان گڏبي هئي. اتان ذرا اولهه طرف لاڙو ڪندي هئي، جتان کان ست - اٺ ميل هيٺ ’سنڌڙي ‘ جو بندر هو. سنڌڙي کان هيٺ اڃان به اولهه طرف لڙي وڃي ’ڪوري جي نار ‘ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. درياءَ جي پراڻ واري رخ بدلجڻ کان گهڻو پوءِ پڻ آبڪلاڻي جي موسم ۾ درياءَ جي اٿل سببان پراڻ جو ڍورو ڀرجي وهندو هو ۽ ويندي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور تائين پراڻ ۽ ناري جو گڏيل پاڻي سنڌڙي تائين پهچندو هو. مگر سنه 1819ع ۾ ڌرتي ڌٻڻ سببان انهيءَ وهڪري تي وڏو اثر پيو: ’سنڌڙي ‘ صفا تباهه ٿي وئي ۽ علي بندر جو اوج پڻ ختم ٿي ويو. هن عوامي روايت موجب، سوداگر کي ڪاوڙ آئي جنهن وڃي پراڻ جو منهن پورايو ۽ علي بندر جي اوج کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيائين.

(هه) نيم - تاريخي ڳالهيون: جملي اٺ ڳالهيون ڄڻ نيم - تاريخي حڪايتون آهن. ڇاڪاڻ ته انهن جي سٽاءَ ۾ ڪي تاريخي ٽاڻا ۽ اهڃاڻ ٽمڪندا نظر اچن ٿا. انهن مان ست ڳالهيون سومرن جي تاريخي دور سان وابسته آهن ۽ هڪ ڳالهه ڪلهوڙن جي دور سان تعلق رکي ٿي. اسان هيٺ انهيءَ تاريخي سلسلي مطابق انهن تي پڌري روشني وجهون ٿا.

سومرن جو دور: هن دور جي ستن ڳالهين مان ٽي - انڙ انڙاڻي (37)، سونل پري(26) ۽ ڄام پونئرو(16) سومرن جي دور ۾ ڪڇ ۾ سنڌ جي سمن سردارن جي حڪومت سان لاڳاپيل آهن، ۽ باقي چار - جسوڌڻ بادشاهه(28)، همير سومرو(17)، عمر ۽ گنگا(39) ۽ عمر ۽ نيرل راڻي(40). سنڌ ۾ سومرن واري دور سان وابسته آهن.

انڙ انڙاڻي: ڄام مهڙ ۽ ڄام مناهي، سنڌ جي سمن مان پهريان مک سردار هئا، جن سومرن جي دور جي وچ ڌاري ڪڇ ۾ سمن جي طاقت جو بنياد وڌو. ڪڇ جي روايتن موجب پڻ، ٻه ڀاءَ ڄام مهڙ ۽ ڄام مناهي پهريان سما سردار هئا، جي سنڌ مان آيا ۽ اچي ڪڇ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪيائون. انڙ انڙاڻيءَ جي ڳالهه انهيءَ دور سان تعلق رکي ٿي، ۽ ڪڇ جي روايتن سان گهڻي قدر ملي ٿي، البت ڪڇ جي روايتن موجب مهڙ ۽ مناهي پنهنجي ڀاءُ انڙ کي ماريو ۽ انهيءَ ڪري کين سنڌ ڇڏڻي پئي، مگر هن روايت مان انهيءَ واقعي جي تصديق ڪانه ٿي ٿئي. ازانسواءِ سمن جي شجرن مان پڻ گهڻن ۾ انڙ جو اولاد ڄاڻايل آهي، جنهن جي معنيٰ ته انڙ سنڌ ۾ ڄام ٿي رهيو ۽ مهڙ ۽ مناهي وڃي ڪڇ ۾ حڪومت قائم ڪئي.

سونل پري: ڪڇ ۾ ڄام مهڙ بعد ڄام ساهڙ (يا ڄام ساند) حڪمران ٿيو، جنهن کان پوءِ پٽس ڄام ڦل گادي تي ويٺو، ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ ڄام لاکو حاڪم ٿيو، جو ڪڇ توڙي سنڌ ۾ ’ڄام لاکي ڦلاڻي ‘ جي نالي سان مشهور آهي. عوام جي ويساهه موجب لاکي ڦلاڻي جهڙو سورهيه پٽ رواجي ماءُ ڪو ڄڻيندي! هو ضرور ڪنهن پريءَ پيٽان پيدا ٿيو هوندو. ’سونل پري ‘ جي ڳالهه انهيءَ عام ويساهه جو نتيجو آهي، جنهن موجب: لاکي جي ماءُ ’سونل ‘ حقيقت ۾ هڪ پري هئي، جنهن کي ’ڪرڌر ريٻاري‘ نياڻي ڪوٺي پنهنجي گهر ۾ رهايو، ۽ پوءِ ڄام ڦل، سونل جي سونهن ۽ سگهه ڏسي ساڻس شادي ڪئي ۽ سندس پيٽان لاکو ڄائو. ڪڇ جي روايتن مطابق، ڄام لاکي جي ماءُ جو نالو ’سون ٻائي ‘ هو ۽ هوءَ هڪ ريٻاري قبيلي جي ڇوڪري هئي. هن روايت موجب ڄام لاکي جو ڄم ’مهينو ڪتي سنبت 976 ‘ ڄاڻايل آهي. ڪڇ جي روايتن ۾ اختلاف آهي، مگر ڪن ۾ اهو ساڳيو سال ڄاڻايل آهي.

ڄام پونئرو: ڄام لاکي ڦلاڻي پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ گجرات توڙي مارواڙ جي سرحدي راجائن کي شڪستون ڏيئي، ڪڇ ۾ هڪ طاقتور حڪومت قائم ڪئي. کانئس پوءِ ڄام پونئرو حڪمران ٿيو، جو سنڌ جي بادشاهه همير سومري جو همعصر هو. ڄام لاکي ڦلاڻي جي مرڻ تي وجهه وٺي سرحدي راجواڙن ۽ راجائن وري ڪڇ ٿي ڪاهون شروع ڪيون. ’ويرگجر ‘ جو ‘ٻـَـرڙي ‘ واري ڀاڱي جو حاڪم هو، تنهن حملا شروع ڪيا، جن کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ خاطر ڄام پونئري سنڌ جي بادشاهه همير سومري ڏانهن مدد لاءِ لکيو، جنهن جو ذڪر هيٺ همير سومري جي ڳالهه(17) ۾ آهي.

هن ڳالهه ۾ ’جـَـکـَـن ‘ هٿان ڄام پونئري جي مارجڻ جو ذڪر آهي. اصولي طور سنڌ جي هيءَ روايت ڪڇ جي روايتن جو پڙاڏو آهي، جن ۾ ’جکن ‘ هٿان ڄام پونئري جو موت مشهور آهي، البت هن روايت ۾ ڳاهن ذريعي هن واقعي جو قدري تفصيل سان سماءُ رچيل آهي. غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ هڪ صرف عوامي افسانو آهي. تاريخي اهڃاڻن موجب، جڏهن ڄام پونئري ۽ همير سومري جي وچ ۾ عهدنامو ٿيو (همير سومري واري ڳالهه) تڏهن ڪڇ کي سنڌ جي پوري طاقت جي پٺڀرائي حاصل ٿي ۽ ڄام پونئري سان ڪو به پـُـڙي نه سگهيو. ان بعد ڪافي عرصي تائين هن حڪومت ڪئي ۽ پوءِ ڪنهن اتفاقي بيماري سببان هن اوچتو وفات ڪئي. بنا ڪنهن جنگ جي، گهر جي خاموشيءَ ۾ سندس اوچتي وفات سببان ماڻهن ۾ ڪئين ڳالهيون هليون. سندن خيال ۾ ڄام پونئري جهڙو مڙس ڪو بيماري وگهي مرڻ جو نه هو! ڀانيائون ته يقيني طور ڪنهن درويش جي پـِـٽ يا ڪنهن جادوءَ جي اثر جو شڪار ٿيو هوندو. اهڙيءَ طرح افسانو اسريو ته: ڄام پونئري جي راڻي، سنگهارن فقيرن کان پـُـٽ لاءِ دعا گهري، پر چيائونس ته توکي پٽ لکيل ڪونهي. انهيءَ تي راڻي رنج ٿي اچي ڄام پونئري کي برغلايو، جنهن انهن فقيرن کي بند ۾ وڌو. پوءِ منجهائن هڪڙو فقير، ’ڀنڀري ‘ حجام جي مدد سان ڀڄي نڪتو، جنهن ٽڪر تي چڙهي وڃي پنهنجي پير ’جـَـک ‘ کي سڏ ڪيا. سندس سڏ سڻي ايڪهتر جک گهوڙيسوار، سندن ڀيڻ ”سانئري“ سميت پٿرن سان پنهنجا توبرا ڀري، ڄام پونئري کي مارڻ لاءِ اچي ٽڪر تي پهتا. پوءِ محلات تي پٿر وسايائون پر ڄام پونئري کي به دعا جو تعويذ ڳچيءَ ۾ ٻڌل هو، جنهن ڪري کيس پٿر ئي ڪونه لڳو. پوءِ ’جکن ‘ جي ڀيڻ سانئري، مڇر بنجي اچي ڄام پونئري کي اندران بدن تي چڪ هنيو، جنهن تي هن غسل خاني ۾ وڃي ڪپڙا لاٿا ۽ تعويذ پڻ لاٿو. ان موقعي تي سڀني ۾ ننڍي جک جنهن جو نالو ’ڪـَـڪر ‘ يا ’ڪـَـڪڙ ‘ هو، تنهن چتائي پٿر هنيو، جو ڄام پونئري کي لڳو ۽ انهيءَ زخم سببان چاليهن ڏينهن بعد وفات ڪيائين.

هيءُ ڪڇ جي روايتن جو اختصار آهي، جنهن جي آڌار تي هن پوئين دور جي ڪن لکندڙ ڪاريگرن ڪئين طومار ٻڌا آهن. فقير کي بند ۾ وجهڻ واري ٽاڻي مان ثابت ڪيو اٿن ته ڄام پونئرو وڏو ظالم هو. پر ان کان وڌيڪ ’جکن ‘ جي سڃاڻپ بابت ڪئي خيالي لغڙ اڏايا اٿن، جن ۾ ‘لنڊن ‘ جو هڪ پروفيسر سڀني کان گوءِ کڻي ويو آهي. سندس خيال ۾(1) اهي ڪي ڏيهي ماڻهو ڪين هئا، پر ’روم‘ (Byzantium) جي طرف جا يورپي گورا هئا، جن ظالم پوئنري کي ماري ڄڻ ڪڇ جي عوام کي آزادي ۽ نجات بخشي. اهو انوکو خيال غالباً سندس ڪڇ جي تاريخي مطالعي جو پڙاڏو آهي، جنهن موجب 19 صدي ۾ انگريزن ڪڇ جي باهمت سپهه سالار فتح محمد نوتيار جي طاقت کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڪڇ تي پنهنجو قبضو ڄمايو ۽ اهڙيءَ طرح ڪڇ کي آزادي ۽ نجات بخشي.

جسوڌن بادشاهه: هيءَ ڳالهه(28) سومرن جي بلڪل اوائلي يا آخري دور سان تعلق رکي ٿي. ’تحفة الڪرام ‘ ۾ عربن جي دور بعد يعني ته سومرن جي بالڪل اوائلي دور ۾ سنڌ ۾ ستن راڻن جي سردارين جو ذڪر آهي، جن مان هڪ جو نالو ’جسوڌن آگرو ‘ ڄاڻايل آهي.(2) غالبا ’جسوڌن ‘ جي سرداري موجوده ٽنڊي آدم ۽ دلور (ضلعو سانگهڙ) واري ايراضي ۾ ’لوهاڻي درياءَ ‘ جي ڪنڌيءَ سان هئي، جتي ’آگرن ‘ جي آڳاٽي بستي جا آثار ملن ٿا. عربن جي دور ۾ درياءَ ’منصوره ‘ (برهمڻ آباد) وٽان وهندو هو، جنهن جا شاهي کنڊر جمڙائو واهه لڳ ’خيري ڪلوئي ‘ واري موري جي اوڀر طرف (تعلقو سنجهورو) موجود آهن. ان بعد درياءَ ذرا اولهه طرف رخ بدلايو ۽ ’منصوره ‘ ۽ موجوده ٽنڊي آدم جي وچ ڌاري ’لوهاڻي ‘ واري پيٽ مان وهڻ لڳو. هيٺ ڏکڻ طرف، سومرن واري دور ۾ ’پراڻ ‘ جي پيٽن مان وُهڙو ۽ سمن جي دور ۾ هڪ مکيه شاخ اولهه طرفان ٺـٽي وٽان وُڙهي ۽ ٻيو ننڍو واهڙ نصرپور وٽان وهڻ لڳو. ترخانن جي دور کان وٺي ڪلهوڙن جي دور تائين، نصرپور وارو واهڙ ڦري مکيه وهڪرو ٿيو، جنهن جي هڪ شاخ هيٺ لاڙ طرف ’پٽيهل ‘ جي نالي سان سڏبي هئي، ’پٽيهل جي ڇن ‘ اڃان تائين ’ترائي‘ (تعلقو ٽنڊو محمد خان) کان ڏکڻ - اولهه طرف موجود ۽ مشهور آهي. 1757ع ۾ جڏهن نصرپور وارو وهڪرو ڦٽو، ته هيٺ ڏکڻ طرف ان کي ’ ڦـِـٽو ‘  يا ’ڦـَـٽو ڍورو ‘ يا محض ’ڍورو ‘ سڏڻ لڳا ۽ اڃان تائين اهي نالا مشهور آهن. بهرحال، سومرن  جي دور کان وٺي ڪلهوڙن جي دور تائين ’لوهاڻي - ڦٽي ڍوري - پٽيهل ‘ وارو درياءِ جو وهڪرو، ’سير ‘ يا ’واهڙ ‘ طور مگر مسلسل جاري رهيو. جيئن ته جسوڌن جي سرداري مٿان ’لوهاڻي ‘ تي هئي، انهيءَ ڪري پوئين دور ۾ سندس نالو انهيءَ وهڪري جي هيٺين ڇاڙهن، يعني ته ڦٽي ڍوري ۽ پٽيهل، جي نالن سان گڏ ياد رهيو، جيئن ته ’شاهه جي رسالي ‘ (سر ڏهر) جي بيتن مان ظاهر آهي. هڪ بيت ۾ ’جسوڌڻ ‘ جو نالو کنيل آهي ته:

ڍور نــه اڳيـنءَ ڍار، مهنـد ملاحـن لکيو،

موڙي ڇڏيائون مـُـڪرا، پسي پاڻيءَ پار،

جـسـوڌڻ جـهڙا يـار، پيا ويــر ومــاس ۾.

سنڌ جي ڪن روايتن موجب، ’نورئين ‘ (نوري) کي جسوڌڻ بادشاهه جي ڌي سڏيو ويو آهي. نورئين جو زمانو ڄام تماچي وارو آهي ۽ ڄام تماچي سنڌ-سمن جي اوائلي بادشاهن مان هو. سندس پيءُ ڄام فيروز، سمن جو پهريون بادشاهه هو ۽ سومرن جي بلڪل آخري دور ۾ هو عروج کي رسيو. انهيءَ لحاظ سان ’ نورئين ‘´جي پيءُ ’جسوڌڻ ‘ کي پڻ سومرن جي بلڪل آخري دور جو قرار ڏيئي سگهجي ٿو. پر انهن روايتن ۾ ’ نورئين ‘ جي جسوڌڻ سان نسبت پڻ ’ڍوري‘ جي لحاظ سان آهي. چون ٿا ته جڏهن ڍورو سڪو ۽ جسوڌڻ جي بادشاهي ڦٽي ته سندس ٻيو خاندان ختم ٿي ويو ۽ باقي ’نورئين ‘ ڇوري ڇني وڃي رهي، جنهن جو ڪوبه اوهي واهي ڪونه رهيو. بالاخر هڪ گندري کيس پنهنجي نياڻي ڪري نپايو. غالباً روايت محض ’نورئين‘ جي شان وڌائڻ خاطر آهي. ان مان قدري جسوڌڻ ۽ ڍوري جو اهڃاڻ ملي ٿو.

تحفة الڪرام، شاهه جي رسالي جي بيتن ۽ نورئين واري روايت کان سواءِ جسوڌڻ بابت ٻي ڪابه روايت ڪانه ٿي ملي، تان جو 1950ع ۾ جڏهن اسان جون ميرپور ساڪري جي بگهياڙن سگهڙن سان ڪچهريون ٿيون ته هيءَ ڳالهه وٽانئن ملي جا نهايت دلچسپ آهي. هن روايت جو مرڪزي نڪتو پڻ ’ڍوري جو سڪڻ، جسوڌڻ جي بادشاهي جو ڦٽڻ ۽ دوباره ڍوري ۾ پاڻي اچڻ ۽ ملڪ جو وسڻ ‘ آهي، جو مٿين روايتن مطابق آهي. سنه 1961ع ۾ اسان جي ڪڇ جي سگهڙ مٺو فقير نهڙيي سان ڪچهري ٿي، جنهن پڻ جسوڌڻ بادشاهه ۽ نورئين واري روايت جا ٽاڻا ڏنا، پر وڏي عمر (نوي ورهيه) سببان کيس ويسر ٿي پئي ۽ سربستي ڳالهه ڪري نه سگهيو. البت ڳالهه ڪندي ’جسوڌڻ مهڙاڻي ‘ پئي چيائين، جنهن جي معنيٰ ته جسوڌڻ جي پيءَ جو نالو ‘مهڙ ‘ هو. وري چيائين ته: ”جسوڌڻ کي مهڙ نالي پٽ ٿيو، جنهن کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ نوري ٻيو اسحاق“. ٿي سگهي ٿو ته ’ نوري‘ جسوڌڻ جو پٽ هو، پر ساڳئي نالي سببان ڪن سگهڙن، ڄام تماچي جي محبوبه ‘نوريءَ ‘ کي جسوڌڻ جي ڌيءَ سمجهيو، جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي. مٺو فقير چيو ته: ’ٻلياري جسوڌڻ جي ٻني هئي.‘ شاهه جي رسالي ۾ هڪ بيت آيل آهي ته ”ڍاڳي ۽ ڍور، ٻئي وهن ٻليار ۾“، ۽ هن روايت موجب ’ٻليار ‘ مان مراد ’ٻلياري ‘ سمجهڻ گهرجي. پڻ مٺو فقير ’جسوڌڻ ‘ کي بعضي ’جسو فقير ‘ پئي سڏيو. متن ۾ ڏنل بگهياڙن سگهڙن واري ڳالهه مان پڻ ’جسوڌڻ ‘ جي نيڪي ۽ درويشيءَ جو گمان نڪري ٿو.

همير سومرو: هن ڳالهه(17) ۾ وير گجر سان ڄام پونئري جي مقابلن، همير سومري جو سندس مدد لاءِ سنڌ مان چڙهڻ ۽ بالاخر ويرگجر کي آمهون سامهون مقابلي ۾ مارڻ جو ذڪر آهي. هن ڳالهه جي ٻي ’پئرا ‘ ۾ مقصد توڙي مفهوم جي غلطي رهجي وئي آهي ۽ انهيءَ ڪري اها ’پئرا ‘ (ص83) هيٺينءَ طرح درست ڪري پڙهڻ گهرجي:

”انهيءَ زماني ۾ ڪاٺياواڙ طرف ٻرڙي واري ڀاڱي ۾ ’وير گجر ‘ نالي هڪڙو راجا هو، جنهن جي ڄام پونئري سان دشمني هئي. ويرگجر ڪڇ تي حملن لاءِ پنهنجا لشڪر چاڙهڻ لڳو. هڪ ڀيري هٿيار بند لشڪر موڪليائين، جن اچي ڪڇ مان مال هنيو. ڄام پونئري کي جڏهن خبر پهتي، تڏهن قول ڪيائين ته اهو مال واربو ۽ حملي ڪندڙن کي سيکت ڏبي. پوءِ ڄام پونئري پوئتان پنهنجو لشڪر چاڙهيـو، جـن ٻـَـرڙي پهاڙ جي لڪ وٽ هاڻن کي ماري مال ورايو:

پونئري ڪيا پرياڻ، ٻرڙي تي ٻر ٻيا،

تـنين وڃي واريـون لـوڙون لــڪ مـٿـا.

(ڄام پونئري پڪا قول ڪري، ’ٻرڙي، طرف سخت چڙهائي ڪئي، ۽ سندس فوج سرسي ڪري ’لڪ ‘ مٿان وڃي اهي لوڙهيون (هنيل مال واريون).“

هن ڳالهه مان ڪي اهم تاريخي اهڃاڻ نروار ٿين ٿا: ڄام پونئرو، همير سومري جو همعصر هو: کانئس اڳ ڄام لاکو ڦلاڻي هو، جنهن جي ڏاڏي ڄام مهڙ ڪڇ ۾ سمن جي طاقت جو بنياد وڌو، جنهن جي معنيٰ ته سومرن جي وچين دور ۾ سنڌ جي سمن سردارن ڪڇ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. ٻيو ته هن ڳالهه مان سومرن ۽ گجرن جي لڙائي جو ثبوت ملي ٿو، جنهن جا اهڃاڻ ‘دودي چنيسر ‘ جي رزميه داستان ۾ ملن ٿا(1) . ٽيون ته ڄام پونئري جي مدد ۾ همير سومري سنڌ مان چڙهائي ڪئي ۽ ويرگجر جي شڪست کان پوءِ ڪڇ پڻ سومرن جي سياسي اثر هيٺ آيو. هن روايت موجب (جنهن جي تصديق ڪڇ جي روايتن مان پڻ ٿئي ٿي) ”ان ڏينهن کان وٺي ڪڇ ۾ (همير سومري جي) نالي قائم رکڻ لاءِ زمين جا دستاويز لکڻ وقت ’اگهاٽ همير وارا‘ لکڻ جو رواج پيو (86)“. ڄام پونئري ۽ همير سومري جي معاهدي سببان ڪڇ ۾ سمن جي حڪومت کي سنڌ جي سومرن جي حڪومت جي پٺڀرائي حاصل ٿي ۽ ڪڇ ٻاهرين حملن کان محفوظ رهي. هيءَ ڳالهه اندروني تاريخي اهڃاڻن جي بناءَ تي ڪافي آڳاٽي ۽ معاصر واقعن جو عڪس معلوم ٿئي ٿي. ان ۾ آيل ’ڳاهون ‘ پڻ مضمون توڙي سٽاءَ جي لحاظ سان بلڪل آڳاٽيون ٿيون معلوم ٿين: اهي ابتدائي دور واريون ٻه- تڪيون ڳاهون آهن، ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ لاءِ هڪ قيمتي سرمايو آهن.(2)

عمر ۽ گنگا، عمر ۽ نيرل راڻي: هي ٻئي ڳالهيون سنڌ جي حاڪم عمر سومري سان تعلق رکن ٿيون. سنڌ جي تاريخي روايتن موجب، سومرن مان ’عمر ‘ نالي هڪ کان وڌيڪ بادشاهه ٿي گذريا. ’عمر ۽ نيرل راڻي ‘ واري ڳالهه ۾ ’عمر پٽ همير ‘ جو ڄاڻايل آهي، جنهن مان گمان نڪري ٿو ته هي ڳالهيون وڏي يا پهرئين عمر سان تعلق رکن ٿيون، جو شايد همير پهرئين جو پٽ هو، جنهن ڪڇ جي مدد لاءِ لشڪر چاڙهيو، جنهن جو ذڪر هن کان اڳ ٿي چڪو آهي.

’عمر ۽ گنگا ‘ هڪ ڪتابي ڳالهه آهي جا پهريائين ’تاريخ طاهري ‘ جي مصنف مير طاهر محمد نسياني قلمبند ڪئي ۽ بعد ۾ مير علي شير قانع ’تحفة الڪرام ‘ ۾ نقل ڪئي. ’تاريخ طاهري ‘ جي مطالعي مان ظاهر آهي ته مير طاهر محمد طبعي طور سومرن جو سخت مخالف هو ۽ انهيءَ ڪري سومرن خلاف نهايت مبالغي آميز ڳالهيون لکيون اٿس بلڪ سومرن کي هندو ڪري ڄاڻايو اٿس، حالانڪ ٻين تاريخن مان ان قسم جي خيالن جي ترديد ٿئي ٿي. هيءَ ڳالهه به سندس انهيءَ مخالفانه رويي جو عڪس ٿي ڏسجي، ڇاڪاڻ ته جنهن نموني ۾ مير طاهر محمد ”عمر ۽ گنگا“ جي ڳالهه پيش ڪئي آهي، ان جو سنڌ جي روايتن ۾ نالو نشان ئي ڪونهي. مير طاهر جي روايت موجب گنگا، عمر سان مڱايل هئي پر کيس نه وڻي ۽ چيائين ته ٻئي ڪنهن سان پرڻائي ڇڏيوس. پوءِ گنگا جڏهن وڏي ٿي ۽ عمر تميميءَ سان سندس شادي ٿي، تڏهن بادشاهه عمر سومرو وري مٿس عاشق ٿيو ۽ حرفت سان سندس مڙس کي شراب پياري کانئس طلاق ڏياري، وري گنگا سان پاڻ شادي ڪيائين. هي سڄو بيان پر تڪلف ۽ عوامي افساني واري جاذبيت کان خالي آهي.

’عمر ۽ نيرل راڻي‘ واري ڳالهه جا هڪ عوامي روايت آهي ۽ اڃا تائين خاص طرح عمرڪوٽ طرف رائج آهي، ان مان قدري حقيقت کلي ٿي. هن عوامي روايت ۾ ڄاڻايل آهي ته عمر ”گيگل“ نالي ڇوڪريءَ سان مڱيل هو. شادي کان اڳ هو ’نيرل پري ‘ کي هٿ ڪرڻ خاطر روانو ٿيو. بالاخر کيس ’روغان ‘  شهر ۾ ڳولي لڌائين ۽ ساڻس شادي ڪري اتي ئي رهي پيو. ڏينهن گذرڻ بعد پويان کيس قاصد پهتو جنهن کيس ٻڌايو ته وطن هل نه ته هاڻي تنهنجي مڱ ’گيگل ‘ ٻئي سان ٿا پرڻائين. اهو ٻڌي عمر اتان چڙهيو ۽ وقت سر اچي پهتو، جو سندس شاديءَ کان اڳ پنهنجي مڱ ’گيگل ‘ کي اچي هٿ ڪيائين. مير طاهر محمد نسياني جي ’گنگا ‘ ساڳي ‘گيگل ‘ آهي، البت سندس ڳالهه جو رنگ الڳ آهي.’عمر ۽ نيرل راڻي ‘ واري روايت جا اڄ ڏينهن تائين عام آهي، ان مان تصديق ٿئي ٿي ته عمر پنهنجي مڱ ’گيگل ‘ سان سندس شاديءَ ٿيڻ کان اڳ پرڻيو.

عمر جو ’نيرل پري ‘ جي تلاش ۾ نڪرڻ ۽ بالاخر ‘روغان ‘ شهر ۾ ساڻس شادي ڪرڻ ظاهر ۾ هڪ افسانو آهي، پر تاريخي لحاظ سان قرين قياس آهي. ’روغان ‘ جي شهر جا آثار، لسٻيلي ۾’ٻيلي ‘ جي شهر کان 9 ميل کن اتر - اولهه طرف پورالي ندي جي پيٽ ۾ ٻن شاهي ٽڪرين جي ڪنڌين ۾ اڃان تائين موجود آهن. اتي جي مقامي روايتن ۾ پڻ ’روغان ‘ پرين ۽ ديون جو آستان سڏجي ٿو. هڪ وڏي ويڪري گهار جي ٻنهي پاسي اوچين ٽڪرين جي آمهون سامهون ڪنڌين ۾ مٿي درن ورانڊن ۽ ڪمرن سان ننڍن گهرن جون قطارون ٽاڪيل آهن، جي هينئر سڀ خالي پيون آهن. اسان 1961ع ۾ روغان شهر جي انهن حيرت انگيز کنڊرن کي ڪشالا ڪري وڃي ڏٺو.(1) هڪ عجب نظارو آهي ۽ عقل ڪم نٿو ڪري ته ڪافي مٿي ٽڪرين جي ڀتين ۾ اهي گهر ڪنهن ٽاڪيا ۽ ڪڏهن ٽاڪيا. عمر سومري جي ڏينهن ۾ لسٻيلي ۾ سمن مان رونجهن ڄامن جي حڪومت هئي. بلڪل ممڪن آهي ته بادشاهه عمر سومرو، لسٻيلي جي رونجهن ڄامن وٽ لسٻيلي ويو هجي، جتي ’روغان ‘ جي پرين واري آستان جو سير ڪيائين ۽ پڻ ٻيلي مان ’نيرل ‘ نالي ڪنهن صاحبزاديءَ سان شادي ڪيائين. روايت موجب پڻ نيرل بهرحال مانجهي مير جي ڌيءَ هئي (ص209). سندس موٽڻ بعد پرين جي آستان ’روغان ‘ جو سير ۽ ’نيرل ‘ سان عمر جي شادي بابت ملڪ ۾ مقالون هليون، جي پوءِ هن افساني جي صورت ۾ ياد رهيون. هن روايت ۾ هڪ موزون مصرع ” ڦٽو شهر روغان جو، اڏيو عمرڪوٽ“ معنيٰ خيز آهي، ڇاڪاڻ ته ان مان عمر ڪوٽ جي اڏجڻ کان اڳ روغان جي پٽڻ جو اهڃاڻ ملي ٿو، بهرحال سنڌ وارا ان سمي پڻ رُوغان جي ’ ڦٽل شهر ‘ کان واقف هئا.

ڪلهوڙن جو دور:  ’جاڙو ڀيمجي ۽ غلام شاهه ڪلهوڙي‘، واري ڳالهه(38) هن دور سان تعلق رکي ٿي. غالبا روايت جي غلطي يا لکندڙ جي سهو سببان، ٻن جدا واقعن سان وابسته بيان هن يڪي ڳالهه ۾ شامل ٿي ويا آهن. شروع کان وٺي ص196 جي اڌ تائين بيان جو تعلق ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڪڇ تي چڙهائي ۽ جاڙي ڀيمجي جي سورهيائي سان آهي. اها هڪ جدا روايت سمجهڻ گهرجي. ٻي روايت ص196 جي اڌ کان شروع ٿئي ٿي، جنهن جو تعلق ڪڇ جي حڪمران گهراڻي جي عداوتن ۽ ڄام راول جو ڄام نگر جي گادي قائم ڪرڻ سان آهي. اهو واقعو ميان غلام شاهه جي ڪڇ تي چڙهائي کان گهڻو آڳاٽو آهي ۽ هڪ جدا روايت سمجهڻ گهرجي. هيٺ اسان انهن ٻنهي واقعن جي تاريخي پس منظر تي قدري روشني وجهون ٿا.

ميان غلام شاهه ۽ جاڙو ڀيمجي: هن روايت وارن واقعن جو تعلق 18 صدي جي ٻئي اڌ سان آهي، جڏهن سنڌ ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومت هئي ۽ ڪڇ ۾ راءِ گوڙ جي راڄڌاني هئي، ’راءِ لاکي ‘ کان پوءِ سنه 1760ع ۾ ڪڇ جي تخت تي ’راءِ گوڙ ‘ ويٺو. سندس وزير ’ديو ڪرڻ لوهاڻي ‘ جو پٽ ’پونجو لوهاڻو ‘ هو، جنهن کي راءِ لاکي بيعزتو ڪري ڪڍي ڇڏيو هو. جڏهن راءِ گوڙ تخت تي ويٺو، تڏهن پونجو انهي خيال سان واپس موٽي آيو ته هاڻي کيس آب ملندو، پر راءِ گوڙ به کيس چڱي عزت ڪانه ڏني. راءِ گوڙ طبعاً هڪ ظالم ۽ ضدي حڪمران هو. اهو حال ڏسي پونجو ڪڇ ڇڏي سنڌ ڏانهن آيو، جتي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومت هئي، ميان غلام شاهه، پونجي کي عزت ڏني ۽ کانئس سنڌ ۾ اچڻ جو سبب پڇيو، جنهن تي هن ٻڌايو ته: ميان صاحب، راءِ گوڙ نهايت ظالم آهي. هن منهنجي پيءُ ديو ڪرڻ کي مارايو ۽ مون کي پڻ بيعزتو ڪري، درٻار مان لوڌي ڪڍيو آهي. آءٌ اها دانهن کڻي تو وٽ آيو آهيان. هاڻي منهنجو ڪو داد ڪر، غلام شاهه سندس دانهن ٻڌي کيس پاڻ وٽ رهايو، ۽ پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪيو. هوڏانهن ڪڇ ۾ راءِ گوڙ رعيت کي آزاريو ۽ سنڌ جي سرحد تي پڻ وڳوڙ پيدا ڪرڻ لڳو، جنهن ڪري آخرڪار ميان غلام شاهه لشڪر سنڀرائي ڪڇ تي چڙهائي ڪئي.

راءِ گوڙ کي جڏهن خبر پئي ته ميان غلام شاهه ڪاهيو پيو اچي، سو اچي سر سان لڳس. نيٺ خيال ڪيائين ته ڪنهن حيلي ساڻس صلح ڪريان. جڏهن ميان غلام شاهه ڪڇ ۾ پهتو ۽ راءِ گوڙ کي خبر پئي ته پونجو لوهاڻو به ساڻس گڏ آهي، تڏهن پونجي تي خار لڳس، پر پوءِ ٿڌو ٿي، پنهنجا ماڻهو موڪلي پونجي کي گهرايائين ۽ کيس چيائين ته: پونجا! جيڪڏهن تون ميان غلام شاهه کي وٺي آيو آهين ته موٽائي به سگهندين، هاڻي جيڪڏهن تون ڪنهن حيلي سان کيس واپس ڪرين ته آءٌ سندس سڀ شرط مڃڻ لاءِ تيار آهيان. تڏهن پونجي کيس چيو ته: راءِ، جيڪڏهن تون پنهنجي ڀيڻ جو سڱ غلام شاهه کي ڏين ته آءٌ کيس موٽائي سگهان ٿو. راءِ گوڙ چيو ته: ڳالهه آهي ته ڏکي پر مون کي منظور آهي. اهڙو فيصلو ڪري پونجو لوهاڻو، ميان غلام شاهه وٽ موٽي آيو ۽ اچي کيس منٿون ميڙون ڪرڻ لڳو ته هاڻي تون موٽي هل، جو راءِ گوڙ جو هٺ ڀڄي چڪو آهي، هن پنهنجي ڀيڻ جو سنڱ ڏيڻ منظور ڪيو آهي. ميان صاحب سندس ڳالهه مڃي، ۽ چيائين ته: جيڪڏهن هن آڻ مڃي آهي ۽ توکي مانُ ڏنو اٿس ته مون کي صلح منظور آهي.

ميان غلام شاهه موٽي سنڌ ڏي آيو ۽ انهي ڳالهه کي ڳچ وقت گذري ويو، پر راءِ گوڙ پنهنجو انجام نه پاڙيو ۽ ويتر سنڌ جي سرحد تي اڳرايون ڪرڻ لڳو. جنهن تي ميان غلام شاهه وري ڪڇ تي ڪاهيو. راءِ گوڙ وري صلح لاءِ ليلايو، ۽ هن ڀيري پڻ پونجي، ميان صاحب کي منٿون ڪري موٽايو. راءِ پنهنجي ڀيڻ جي سڱ ڏيڻ بدران ڪڇ جي ٻئي نمبر گهراڻي راءِ کوڪر کان سڱ وٺي ڏنو. ميان غلام شاهه سان سنڱابندي ڳنڍي، مطمئن ٿي، راءِ گوڙ هاڻي وزير پونجي لوهاڻي کي هميشه ختم ڪرڻ جي سٽ سٽي. کيس دم دلاسا ڏيئي ڪڇ ۾ رهايائين ۽ ميان غلام شاهه سان گڏ واپس سنڌ وڃڻ نه ڏنائين. ان بعد اڃان به وڌيڪ خاطري ڏيڻ خاطر کيس پنهنجو وزير مقرر ڪيائين. پوءِ ڪجهه عرصي بعد هڪڙي ڏينهن پونجي وزير کي گهرائي پنهنجي روبرو زوريءَ زهر جو پيالو پياري کيس پورو ڪيائين. راءِ گوڙ طبعي طور سرڪش ۽ ظالم هو. هن معمولي ڳالهين تان پنهنجا ٽيهه وزير مارائي ڇڏيا. خود پنهنجي سڳي ڀاءُ مانسنگهه سان ڪنهن ڳالهه تان سندس تڪرار ٿي پيو ته ان کي پڻ مارائي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح ظلم ۽ ڊوهه جي هٿيارن سان ارڙهن اوڻيهه سال کن (1760-1777ع) ڪڇ جي گاديءَ تي قابض رهيو.

ڄام راول جي سرڪشي ۽ ڄام نگر جو بنياد: متن ۾ ڏنل روايت موجب (ص196) ڀيمجي ۽ ستوجي، جي ميان غلام شاهه ۽ راءِ گوڙ واري دور ۾ هئا، تن مان ’ستوجي ‘ جي اولاد کي هن واقعي سان ڳنڍيو ويو آهي، جو صحيح نه آهي. هي واقعو ڏيڍ سؤسال اڳ سورهين صدي عيسوي جي پهرئين اڌ جو آهي. ڪڇ جي روايتن موجب ڪڇ ۽ ڄام نگر (رياستن) جي راون جو وڏو ڏاڏو ’رتو رائڌڻ ‘ هو، جنهن جي هڪ پٽ ’اوٺاجي ‘ جي اولاد مان ڀيمجي ٿيو ۽ ٻئي پٽ ’گجڻ ‘ جي اولاد مان لاکو ٿيو. ڀيمجي ڪڇ جو راءِ هو ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ ’هميرجي‘ راءِ ٿيو. لاکي جو پٽ راول ٿيو، جو ’هميرجي ‘ جي وقت ۾ هڪ سرڪش سردار هو. راول سنه 1537ع ۾ هميرجي کي قتل ڪيو. هميرجي جي ٻن ٻارڙن ’کنگهارجي‘ ۽ ’صاحب جي‘ کي ڪن خيرخواهن مارجڻ کان بچايو، جنهن جو تفصيلي ذڪر هن روايت  ۾ موجود آهي. بالاخر ’کنگهارجي ‘ راءِ ٿيو، ۽ ڄام راول کي ڪڇ ڇڏڻي پئي، جنهن وڃي هالار ۾ پنهنجي جدا رياست قائم ڪئي ۽ ڄام نگر شهر جو بنياد وڌو.

نتيجو

مٿئين مختصر جائزي مان معلوم ٿيو ته هن جلد ۾ شامل مواد سنڌ ۾ فن قصه خواني جي ابتدا ۽ اوسر توڙي سنڌي ٻولي، تمدن ۽ تاريخ جي سرمايي جي لحاظ سان ڪافي مفيد آهي. هن سلسلي جي پهرين ڇهن جلدن ۾ ٻه سؤ ڇهانوي ڪهاڻيون ۽ آکاڻيون شامل آهن، ۽ هن ستين جلد جي اشاعت سان جملي ٽي سؤ ڇٽيهه ڪهاڻيون، آکاڻيون ۽ ڳالهيون، متن جي تحقيق ۽ تصحيح سان پڙهندڙن جي آڏو اچي وينديون ۽ سنڌي لوڪ ادب جو هي قيمتي ذخيرو هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويندو.

 

     نيو يارڪ    ن.ب.

20، جنوري 1964ع


 

(1) ڏسو’عنوانن جي فهرست ‘، جنهن ۾ ’سونل ‘ بابت روايتون نمبر3، 4، ۽ 5 آهن. هن بعد متن توڙي حاشين ۾ ڏنل ڪارن عددن جو اشارو فهرست مطابق ’ڳالهين ‘ جي سلسليوار نمبرن ڏانهن سمجهڻ گهرجي.

(2) 15، 20، 21، 22، 29، 30، 32، 33، 34، 39.

(3) يعني ته هڪ زائد روايت ’ڏمڻ سوناري ‘ جي، ٻه ’سونل ‘ جون، ۽ پنج ’گامون سچار ‘ جون.

(1) 1، 2، 7، 8، 9، 10، 11، 12، 13، 14، 15، 20، 24، 35 ۽ 36.

(2) نڙ ۾ هيءَ ڳالهه اسان 1944ع ۾ ٺٽي طرف جي مشهور ناڙي بنگل چنهواڻ کان ٻڌي ۽ واهه جا ٻڌايائين.

(1) ويٺل لڳ ميرپور ساڪرو ضلعو ٺٽو، هينئر سندس عمر سؤ ورهيه کن آهي ساڻنس اسان جون ڪچهريون 1945-1946ع ۽ ان بعد 1950-1955ع واري عرصي ۾ ٿيون. سندس فرزند حاجي محمد سوڍو هن وقت سنڌ جي وڏن سگهڙن مان آهي.

(1) اصل ويٺل ‘سـَـري ‘ تعلقو ٿاڻو بولاخان سندس عمر نوي ورهيه کن آهي. ساڻس اسان جون ڪچهريون 1960-1961ع ۾ مياڻي جي ٻيلي ۾ ٿيون. سنڌ جي وڏن سگهڙن مان آهي.

(1) ڏسو “رش بروڪ وليم” جو ڪتاب: ڪاريون ٽڪريون، ڪڇ جي تاريخ ۽ ڏند ڪٿا ص 83-85

Rushbrook william L.F.: the Black Hills: Kutch, Its History and Legend, London, 1958, pp 83-85

(2) تحفته الڪرام، سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1957، ص81

(1) تفصيل لاءِ ڏسو، لوڪ ادب سلسلي جو اٺاويهون ڪتاب ”سنڌ جو مشهور رزميه داستان: دودو چنيسر“

(2) تفصيل لاءِ ڏسو، اسان جو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ (حيدرآباد: پايونيئر پريس، 1962ع) ص61-64

(1) دوست محترم محمد اسماعيل خان نون (ان وقت ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ۽ ٻي سنگت جي مهرباني سان اسان لاءِ اهو سفر سڻائو ٿيو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

PREFACE : Dr. N.B Baloch  --  مهاڳ؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ  --  مقدمو؛ ڊاڪٽر نبي بخش

 
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org