سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :19

 

(21) اُٿيو اَلاهر ڪري، ٻڌي قصد ڪمر

ناطق نِهائينءَ کي ڪيو صاف سَڌر

ميڙي ڇيڻا مال جا، تنهن آندا اُت اَپر

لِهَه لئي لوچيندو وتي، منجهون ڪست ڪنڀر

آڻي اُنهيءَ ماڳ تي، ڪيو ڪاريگر ڪهڄر

ٿاڦان ٺهرائي رکيون، تنهن پهريون پاسن ڀر

رابر ڀانڊن کي، سٿيو تت سوجر

مونکي انهيءَ ماڳ ۾ تنهن وڌو نيئي ويتر

وجهي لوڙهو وجد جو،تنهن بند ڪيو برابر

ڦوڪي باهه فراق جي ويو دَٻي سڀئي در

آرانڀي آتش جي دُود ڪيو ڌَمچر

آڻي حال انهيءَ ۾ ساريو سوز سقر

چاهي ۾ چئوطرف جيان، متو ڌُم ڌَچر

هوش اتي حيران ٿيو، هڪ خالق آهه خبر

پچي انهيءَ پُور ۾، وئي آتش منجهه اندر

ٽي راتيون، ٽي ڏينهن، هُيو غمن ساڻ گذر

عاشق انهيءَ احوال جي لِکن ڇا دفتر!

رَچِي تنهن هنڌ راس ٿيس، سنگتين

منجهون سر

نڪتس لعلون لعل ٿي؛ منجهون اوجاري اَحمر

صبر جو سائينءَ ڏنو، نغمو ڏِس نشر

”آلصبر مِفتاح الفرح“ دوست چيو دلبر

عاشق انهيءَ ڀر ٿي سٺيم جفائون سِرَ تي.

(22)    جڏهن صادق ٿيس صبر تي رضا منجهه رحمان

اِمداديون آگي ڪيون، سائين اڄ سُبحان

تڏهن پِرين پيرَ ڀري اَچي کنيو مونکي خانَ

تنهن ڦُوڪي ڪڍيو فساد مئون، دست کڻي

دل جان

گهڻائي گِلال کي، دُرس ڏنائين دانَ

وٺي ويو وَٽ پنهنجي، تنهن درد ڪيا درمان

دستين ڌوتائون اچي شرط وڏي سان شان

اُماهيائُون ادب سان ايڏا ڪيائون احسان

سينگاري سر تي کنيو، محبن ڏيئي مان

قادر جي قدرت کي ڪمي آهي ڪانه

لک ڀيرا لطفن تئون ڪوڙين ٿيان قربان

”اِن مع العُسريَسراً“ ٻُڌ فائق جو فرمان

عاشق، ڏِس امانت ڪري تون دل ۾ رکي ڌيان

ادا! انهيءَ احوال جو، اورين ٿو ارمان

ته سر چڙهڻ سڄڻ جي، آهي نهايت نقصان

ناحق ٿئين نادان، پِريَنِ ته مون کي پاڻهي کنيو.

طالب

(23) مغز نه هڻ ماٺ ڪر، سِر چڙهين سڄڻ

هي ٻُڌ حرف حريف تون، جي چيا دانائن:

هيٺاهن هوتن سان اڪثر ڪئي عارفن

نياز ڪري نئڙت سان، ورتئون مزا مُحبن

خَس خجالت خوار ڪيو، آ هَزِيمَت هَلڪن

ڏس جواهر جوان! تون، ڪوڙيون لک لهن

تان تَرو وٺن تار ۾، تُرهي تان نه ترن

هلڪڙائي ڇڏ هورڙا، ٿي ڳورو منجهه ڳُن

سامهون سڄڻن سان، آهي ڪم فهمي ڪُورن

سَرڪشون سڄڻن سان، آهي ڪم فهمي ڪُوڙن

سَرڪشون سڄڻن سا، ڪڏهن ڪِين ڪَجن

لهي پؤ لڙلاهه تون، ڪي مَستي منجهون مَن

توڙي لائق لَک ڏِين، ته به ادب ڪجي اُنِ سان

(24) بس ڪر، ٻُڌ بات، دلا! دل نه وڌاءِ تون

بِرُ ٿي بَم گهڻا هَڻِي، وري وڃائين وات

جهلي آتش ظاهري، ٻي خواري خرايات

ڪَچو آهين ڪِينَ ٿِيئن، تو حَل نه ڪئي

حاجات

ٻُڌ انصاف اسان جا هاڻي حڪايات

آگي عناييت ڪري، ڪنهن پر ڏتم ڏات

جڏهن ظئهر ڪندس ذات، تڏهن دلالهندين

دم ۾.

(25) اول ۾ آگي جڏهن، رکيو خلقت سندو خيال

قادر ”ڪُن فَيَڪُونَ“ سان جوڙيو جَڳُ بحال

اُٻايائين اُڀڙا، بي سُتُون برحال

ظاهر زمينان ٿيون، قدرت ساڻ ڪمال

فرمايو فائِقَ اُتي. ظاهر ذوالجلال:

”اِنا عَرَضۡنا الاَمانَة عَلي السَّملوات وَالاَرضِ

وَالۡجِبالِ فَاءبيَنَ اَنۡ يَحۡمِلۡنَهاوَ اَشۡفَقۡنَ

مَنۡها و حَمَلهَا الاِنسانُ“، ايڏو عِزّ ٿيو اقبال

امانت انسان تي آگي ڪئي اِنزال

موٽي مَلڪن کي چيو، ري فرحت في الحال

مِٽي تن موجود ڪئي، جوڙيم جسم جمال

آتش آب هوا کي، تن گڏيو مثل گِلال.

فرشتن کي ”فَليسَجدۡوا“ فائق چيو في الحال

سر نائي سجدا ڪيا، مَلڪن ٻڌي مقال

مُنڪِر تِت ملعون ٿيو، ويس تباهي سان تال

”فَنَفَخۡت مِن رُ وحِي“ ٿيو سندم بخت بحال

بَر سِر بار بره جو، پيُمِ جهُلي سر جُوال

ٻرِي آتش عشق جي، جيءَ اندر ۾ جالَ

تون ٽِن ڏينهن واسطي ڪر ڪين ڪوه

ڪُلال؟

محبت جي موڳا ڏِئِين، گِلا سِر گِلال

دِلا، ٿيءُ دلال! ته ڪنهن جو بخت بلند ٿيو؟

(26)  تڏهن دلي اُتي دهلجي ڪئي با ادب بس

وهمن ويڙهيو تنهنکي، ڪيو برائي بيڪس

گم ٿي غيرت ۾ ويو، ٿيس اڳيون چوڻ عبث

ترتئون طالب کي، تنهن جوڙي چيو جس

اُتائين ادب سان: تو سچ چيو شابسَ

آءٌ بيڪار ۽ بيوس، تون طالب آن طلب جو.

(27)     بس ڪئي دلي بات کؤن، ويو سمجهي سارو

هنيو طالب عشق جو، نر اُتي نعرو

لٿو لڙ تن جو، خفو کاپارو

”شاه محمد“ شوق مؤن، ويا وڄائي وارو

هاڻي مزو اَٿئي ماٺ جو، مڙنئون موچارو

ياد ڪر يزدان کي، ويهه مَ ويسارو

سخت ٻجهي سڪرات جو، ٿوهاڙهو هاڪارو

ڪرهاً نيندءِ ڪاڪ تي، جئن ترت کِڙي تارو

قبر ۾ ڪاڙهو  ٻجهي، اَونده اَنڌارو

ڪلمن ڪرارو، پڙهه ته ڇٽين پاپ کؤن.

 

 

* * *

 

مناظرو سس ۽ ننهن جو

(مهرو +)

[هڪ ڀيري ڳالهين مٿان ڳالهيون ڪندي، سس ۽ ننهن پاڻ ۾ اٽڪيون. سس چويس ٿي ته توکي پنهنجن ڪو ڏِڻ موڪيو آهي؟ ننهن چويس ٿي ته ”وسعت آهر ڏيندا آهن، تون اجايو ٿي مهڻا ڏين. پنهنجي دل مان ٻيائي ڪڍي، سيڻن سان سلوڪ رک“. پر سس جا اهيئي مهڻا! تنهن آخر تائين التجا ڪندي رهيس ٿي ته سيڻن سان صلح ڪر.]

تمهيد

کاڌو کائي پاڻ، سس ننهن جهيرو ڪن

ڳالهيون ڳالهين تي ڪڍي، ڏوراپا به ڏِيَنِ

چي: سُک ساريم ڪونه ڪو، سندو تو سيڻن

تنهنجي تن پيڪَن، ڏِڻُ ته ڏنو ڪونه ڪو.

ننهن

سس! اَڏ گُڏ پاڻ ۾، متان گلا ڪن

محبت جا ماڻهو ڪري، ڳالهيون رکن تَن

ڇو ٿي گلا غريبن جي ڪرين، سندي مون پيڪن

منهنجي تَن پيڪَن، ڏِڻ ته ٽاريو ڪونه.

سس

ننهن، نِرڄائي ڇوڪري! ائين نه ڳالهاءِ

تنهنجي تَن پيڪن جي، مونکي ڪل سڀاءِ:

ڏِڻ ته ڏنائون ڪونه ڪو سياڻي! تون نه ساراهه

لوچي وڃي لَنو لاءِ ڪوڏي! پنهنجي ڪانڌ سان.

ننهن

مونکي مهڻا ڇو ڏين، سس! سياڻپ ڇڏ

منهنجي پيڪن پاڻهي، ڏِڻ ته ڏنائون سڏ

ڪڍ مَندائي من مَئون، ساهه سيڻَنِ سان گڏ

محبت اُٿي مَنڊ، ساراهه ڪر سيڻن جي.

سس

ساراهه ڪيان سيڻن جي! ڪونهي مونکي پَهه

ڏِڻُ ته مليو ڪونه ڪو، تون به ناحق نه چَئه

رکي سِڪ سرير ۾ تون پوچي لالڻ لَهه

سوين ويٺي سَهُه، ڏيئي ڪانڌ هٿن سان.

ننهن

ڪانڌ نه ڪِرپا ساريان، سس! تون صبر ڪر

ٻولي ٻِياٿيءَ جي ڇڏي، ساه سيڻن سان ڌَر

رکي محبت من ۾ تن سان گهڻو ڏمر نه ڪر

رک دَيا دل اندر، ڇو ٿي ويڻ وڏا ڪرين؟

 

 

سس

مونکي دل ۾ ناهه ڪيا، نُنهن! مٿي کڻ نيڻ

تنهنجي تن پيڪن جا، مونکي مارين وڏا ويڻ

ڏِڻُ ته ڏنائون ڪونه ڪو،مان ڪيئن ساريان سيڻ؟

کَمان ڪيو کيڻ، وڃي ويهُه پنهنجي ور سان.

ننهن

ويٺي آهيان وَرَ سان، تون وڏا ويڻ نه ڪر

منهنجي پيڪن پاڻهي، ڏِڻَ مُڪا آهن گهر

مَدي مارين من مؤ، ساهه سيڻين سان ڌَر

رک دَيا دل اندر، ڇو ٿي ويڻ وڏا ڪرين؟

سس

ڇوٿي ڳري ڳالهيون ڪرين، مون ته سيڻن ڏٺو نه ساءُ

ڇو ٿي ساراهين گهڻو، دل مؤن ٺاهي ٺاهه

ننهن!نئڙت ڪر گهر ۾، صحيح ڪر سڀاءُ

اُٿي، اوري آءُ، ته ڳڻ ۽ ڳالهيون ساريون.

ننهن

ڳڻ ته ڪيوءِ ڪونه ڪو، مونکي پچر پيڪن جي آهه

عرض ڪيان ٿي توکي، پاند ڳچيءَ ۾ پاءِ

جيئڙو رکي جاءِ، صلح ڪر سيڻن سان.

سس

صلح ڪريان ڪيئن سيڻن سان، ننهن، کڻي نهار

ويهي پنهنجي وَر سان، تون اَپر لاءِ آر

ڇڏ پچر پيڪن جي، تون من پنهنجي کي مار

سَتگروءَ کي سار، جو تاريندءِ توهَه سان.

ننهن

مان ننڍي تون وڏي، رنج اَندر مؤن لاهه

منُ ڦِريو مِهرو چوي، مديون سڀ مٽاءِ

تڏهن راضي ٿيو راءُ، جڏهن سيڻن گڏيا سيڻن سين.

 

* * *

مناظرو ٽوپي ۽ پڳ جو

(خير شاهه +)

[مناظري ۾ اڳرائي ٽوپيءَ جي آهي، جو ’پڳ‘ کي ڌڪاري ٿي. پوءِ ته پڳ ته ٽوپيءَ جي خوب لاک لاهي ٿي. چي: پڳ شاديءَ جي رسم جو شان آهي. تنهن تي ٽوپي چوي ٿي ”پٽڪو رڳو آنڊن ڍير، ٻيو خير ئي خير! کَٽي توکي کُنڀَ تي چاڙهي مُڱرن سان مار ڏيندا اهن. پڳ چوي ٿي ته: ڌوٻي مونکي ڌوئي، مون مان مجاز جي مَر لاهي، اَڇو اُجرو ڪندا آهن. پڇاڙيءَ ۾ پڳ هڪ ئي دليل ڏيئي، ٽوپيءَ کي لاجواب بنائي ڇڏي ٿي ته: ڪوبه پيش امام ٽوپيءَ سان هوندو آهي. آخر، شاعر پاڻ مصنف ٿي پڳ جي حق ۾ فتويٰ صادر ڪري ٿو.]

 

الله جل جلالہ، وڏي سَگهه ستار

پرور جوڙي پانهنجا، ٿو ڪم ڪري ڪلتار

مَهند اُپايائين نور نبيءَ جو آدم کان اڳوار

پوءِ اُپايائين عالَم ۾ بندا بيشمار

خاصو ختم الانبياءِ، جو مُڪائين مَهندار

دعوت سندي دين جي، اچي دُر ٻڌي دستار

پنجن جو پڌرو ٿيو ڏيهَنِ ۾ ڏهڪار

اڳي نبي جي ٿِي لنگهيا هئا بيحد بيشمار

هئا مڙيئي سي ڀلا، هڪ لک چوويهه هزار

ڄاڻان ڪين جهان ۾ مُرسل جي مقدار

پوءِ آگي ڪيو اظهار، انهيءَ حشمت هاشمي.

 

انهيءَ حشمت هاشمي، ڪري الله توهرَ

ٽوپي پڳ پاڻ ۾، ڪيو هُل حَشر

لڳي لڳايئون پاڻ ۾، ڏاڍو ڏک ڏمر

هوءَ ڀانئي ڀاڻ ڀَليرو، هوءَ ڀانئي پاڻ سڌر

پوءِ ٽوپي چوي: ٽَر، ڀڄي پڳ پري ٿي

پڳ

چي: ڪيئن ڀڄي پڳ پري، جا جُڙي منجهه جهان

پڳ بنا ڀَرڻو ڪنهن کي ڪين ساري

تو منجهه رکن اڳڙيون، منجهان ڀاڻ ڀري

ڪُڇ ڪنهين سان ڪينڪي وڃ تون ماٺ ڪري

نه ته ظاهر منجهه ذري، پُڙد ڪندو سانءِ پڌرو. (1)

ٽوپي

چي: پُڙد ڪندينءَ پڌرو، سو ته مڙني ۾ آهي

سُجهي اسانکي ڪانه ڪا، سِينو جا ساهي

ڳالهه ته تنهنجي ڳوٺ ۾، ڪو راڄ نٿو راهي

رسم اسانجي ڳوٺ ۾ ٺڪرن ڪئي ٺاهي

پوءِ لَس وڌائون لاهي، توکي آنڊن جهڙي اُڇلي.

پڳ

چي: ڙي! اُڇلن ڪين اسان کي، بخت جنين بالا

چُميو ٻڌن چاهه سان، مٿي اُتي متوالا

حيلا هلندءِ ڪين ڪي، چَندي کُٿي! چالا

تون انشاءالله تعاليٰ، پاڻهين پوندين پيش اچي.

ٽوپي

چي: پونديس پيش اچي، ٻهگُڻَ لاهي پاڻ

اسين چِندي کُٿيون چڱيون، تون پنهنجو پاڻ سڃاڻ (1)

قبول ڪري ئي ڪونه سندءِ مرتبو ۽ مان

تون هلڻ ڪاڻ اُٻهري، هو ڪين نينِ تو ساڻ

کُٽي کنيو کُنڀ تي، ڇاڻيو ڪڍنئي ڇاڻ

پوءِ ڦهڪايو ڦَرهن تي، ٿي پڇاڙائين پاڻ

انهيءَ عقل ساڻ؛ ٿي مٿان جهلين مُڱرا.

پڳ

چي: ڙي! مڱرن جي مارڻ کان، ڪريون ڪونه قصور

ڏيو ڌمالون ڌوئن ٿا، ڌوٻي اِنَ دستور

مهٽيو مَر مجازَ جو، ڪن نرمل نورئون نور. (2)

ٿيان اڳي کان اُجري، ظاهر منجهه ضرور

لکيو توکي ڪونه ڪو شاهاڻو شعور

پوءِ ڙي! ڪيو ٿيو ٽُور، لوڻي اُتي لاتيون ڪرين.

ٽوپي

ڙي! ’هان هان‘ ڪر مَ هيترو، آهي هر ڪنهن جو ڀاڳ

جي وڙ آهن جن جا، تون ليک تنهين جا لاڳ (1)

جن کاڌا پَرُ پُلاءَ ٿي، سي هيل سڪن لئي ساڳ (2)

ڪالهه هو وارو تنهنجو، اڄ اسان جي آڳ

تنهن لئي ڪريون چاڳ، هن موليٰ سندي ملڪ ۾.

پڳ

چي: موليٰ سندي ملڪ ۾، آءُ ته ڳالهيون ڳالهايون

هت ڪي راڄ رهي ويا، دايون ۽ ٻايون

ٽهلون ائين ٽوپيءَ تان، ڪنهن ڪِين ڪرايون (3)

پوءِ عقل ۾ آيون، اَنڌيون تنهنجون عادتون.

ٽوپي

چي: چڱيون اسان جون عادتون، جي چيون ٿي چڱن

ترت ڏيئي تعظيمون، سي مٿي منجهه رکن

اهو ٻَڌَڻ پيو ٻَن،جي ٻئي هٿ ٿڪجن هاج ۾

پڳ

چي: پڳ ٻڌن پُرسَ ٿا، جي آهن آرڏا ۽ اَڙٻنگ

جوان جنگاور جنگ جا، خاصا خان خَتَنگ (4)

رانول رَڪ راند ۾، پون جيئن پتنگ (1)

هڻن سَيلا سيگهه مان، ڇڪي تازين تَنگ(2)

اُتي ٽوپي کنيو ٽنگ، ترت ڪريو پوي پٽ تي.

ٽوپي

چي: ڙي! ٽهه ٽهه ڪيو ٽوپيءَ تي، ترت حنين طعنو

اکين ڏسي ڪين ڪي، هي ظاهر زمانو

هندو رکن حراست جو بيشڪ بتانو (3)

پوءِ ڪوڙ سندو ڪانو، ٿِي ٽِڪو ٽوپين کي ڏئين.

پڳ

چي: ڙي! ڪو ٽوپي پائي امام ٿيو، مڙني جو مهندار

شرع جا شفيع جي، سا تون پڇي ڪر تڪرار

جي ڪڇندينءَ ٻيهاسر، ته جٺ ڪنديسانءِ جڳ ۾.

 

ٿيو خير خير شاهه چوي، لٿو جهٽو ۽ جهيڙو

ڪميڻيءَ اشراف سان، ڪيو ٽرڙيءَ بکيڙو

نبيروسين نڪوڍيءَ جو، سنڌو ۽ سيڙو

تڙ تنهن ٻيڙو، ڪلمون جن قلوب ۾.

 

لاالہ الاالله محمد رسول الله ﷺ

 

* * *


(21) . الاهر = الله تو آهر، الله تنهنجي آسري. الصبر.... فرح = صبر. فرحت جي ڪنجي آهي.

(22) . دستين = هٿن سان. اُماهيائون = پهريائين ڌوتائون. ڪوڙين = ڪروڙين.

اِنَّ.... يسرا (ق) = تحقيق ڏکن سان گڏ سک آهن، فائق ۔= مٿاهون، بهتر بلند، وڏو.

(23). هزيمت = شڪست. هلڪن = هلڪڙن، سُبڪ مزاج. هورڙا = هلڪڙا. ڳورو = بردبار، ڳنڀير، مُتحمل. سرڪشون = نافرماني، برابري، وڏائي.

(24) . بر ٿيڻ = ڪاوڙ ۾ ڀرجي وڃڻ، مَڇرجي بيهڻ.

(25) . ڪن فيڪون (ق) = ٿيءُ! ته ٿي پيو. اڀڙا = آسمان. بي ستون = ري ٿنڀي، بنان ٽيڪ. انا .... انسان (ق) = بيشڪ اسان پيش ڪئي امانت آسمانن ۽ زمينن لاءِ، پوءِ انڪار ڪيائون ان جي کڻڻ کان، پوءِ انسان ان کي کنيو. ڪئي انزال = نازل ڪئي، لاٿي. فاسجدوا (ق) = پوءِ هنن سجدو ڪيو. منڪر = انڪاري، انڪار ڪندڙ. ملعون = لعنت ڪيل، مردود. نفخة من روحي (ق) نفخت يہ من روحي = مون آدم ۾ پنهنجي روج مان ذرو ڦوڪي وڌو.

(26) . اتائين = چيائين.

(27) . يزدان = خدا. هاڙهو = جبل، تڪليف، سخت، ظالم. ڪرهاً = ڪره = نارضامندي ۽ جبر.

+ . هڪ روايت مطابق مهرو فقير هندو، ويٺل لڳ شهدادڪوٽ (لاڙڪاڻو) وڏو حڪيم هو. وٽس پري پري جا مريض ايندا هئا. سندس عزيزن جو به ڌنڌو اهو ئي هو. پنهنجي ٻني ٻاري وارو هو. پاڻ کي فقير سڏائيندو هو. جنهن ڪري کيس ڏاڙهي ۽ وڏا وار هوندا هئا. ڪچهريءَ جو به ڪوڏيو هو. سال 1930ع ڌاري گذاري ويو. منشي پوڪرداس شڪارپور واري سندس ڪتاب جهيڙو سس ننهن جو 1917ع ۾ ڇاپايو.

+ . خير شاه ڪلهوڙن جي وقت ۾، حيدرآباد جي پراڻي ڦليليءَ ڀرسان سيالن جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. جڏهن ميرن جي صاحبي شروع ٿي، تڏهن مير فتح علي خان جا ڀائر مٿس گهڻو مهربان هوندا هئا. کيس ميرن وٽان نذرانا ۽ لوازما به ملندا هئا.

شاه صاحب چڱو شاعر هو. سندس مولود؛ مداحون ۽ ڪافيون مشهور آهن. ”ٽوپي ۽ پڳ“ جو جهيڙو، منشي پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور 1912ع ۾ شايع ڪرايو، جتان هت آندل آهي.

(1) . پڙد = ڪارناما، ڪم.

(1) . چندي کٿي = ٽوپيءَ جي اندرين تهه کُٿل.

(2) . نورئون نور = تازه به تازي، نئون نڪور.

(1) . لاڳ = بخشش، انعام.

(2) . پر = گذريل سال. هيل = هن سال. آڳ =سرسِي، وارو.

(3) . ٽهلون = ٽوڪون.

(4) . ختنگ = خدنگ، نشانه باز چوٽو، بهادر، سورهه.

(1) . رڪ = سخت.

(2) . سيلا = تير، نيزا.

(3) . بتائو = ٽوپيءَ جو استر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org