سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :22

 

 

مداحون ۽ مناجاتون

’مدح‘ عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي تعريف، ساراهه. جيڪو ’مدح‘ ڪري، تنهن کي عربيءَ ۾ ’مادح‘ يا ’مدّاح‘ چون؛ پر سنڌي محاوري ۾ ان کي ’مداحي‘ چون.

مان مداحي تو سندو پَرتل اَٿوَ جانِي بندو

عرض آزيون تو ڪندو، يا محب مشفق مهربان

”جاني“ شاعر پاڻ کي مداحي (مدح ڪندڙ) سڏيو آهي. اهڙيءَ طرح سنڌي شاعرن ’مدح‘ کي ’مداح‘ چيو آهي.

شاعرن ’مداحون‘ نظم ۾ چيون آهن، جن ۾ آنحضرت ﷺ، اصحابن، اوليائن ۽ درويشن جي تعريف هوندي آهي. عربيءَ ۾ ’ملح‘ ڪنهن به بادشاهه، امير، وزير وغير جي ڪري سگهجي ٿو پر اسان جي شاعرن اهڙي مدح کي قصيدو سڏيو آهي. ’مدح‘ ۽ ’قصيدي‘ ۾ اهو نمايان فرق آهي ته ’مدح‘ ۾ پنهنجي دلي عقيدتمندي جو اظهار نهايت عاجزانه انداز ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ پنهنجي مشڪل ڪشائي، نظم جو خاص جزو هوندو آهي. يعني دينوي مصيبتن مان آجائي ۽ آخرت جي موچارائي لاءِ بار بار عرض ڪيل هوندو آهي ۽ ڪڏهن وري نريني اولاد لاءِ، ڪي خاص خيال  لفظ استعمال ڪيل هوندا آهن. پر قصيدي ۾ بادشاهه،امير، وزير وغيره جي لُنڊي خوشامد به هڪ جزو هوندو آهي يعني جيڪي وصفون يا خوبيون اڳلي ۾ هونديون آهن، تن کي مبالغه آميز لفظن ۾ سهڻو بڻائي، اهڙي ته شدءَ ۽ مد سان پيش ڪندا آهن؛ جو هو سمجھندا آهن ته واقعي انهن ئي خوبين جا مالڪ آهن. اهي مداحي نه پر درٻاري شاعر آهن، جن جو مقصد هوندو آهي ته پنهنجي آقائن جي پِرڪارن تي پرده پوشي ڪري، پنهنجي لاءِ سندن جيءَ ۾ جاءِ وٺي، ڪجھ ڇڏائڻ جي تنما رکن، جيتوڻيڪ سندن سڀ آقا هڪجهڙا به نه هوندا آهن، پر تڏهن به سندن شان ۾ جنهن لفاظي ۽ طمطراقي کان ڪم وٺندا آهن سو تيليءَ مان تنڀ بڻائڻ جي برابر هوندو آهي.

’مناجات‘ عربي لفظ آهي، جنهن جو بنياد يا ماده آهي:

’ناجيٰ‘، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ڪن ۾ ڳالهه ٻول ڪرڻ.

مجازاً خدا کي حاضر ڄاڻي، سندس حضور ۾ دعا گهرڻ، هندي ۾ ”يشوَر پِرارٿنا“ (1)

جامع اللغات وارو لکي ٿو:

اهو نظم جنهن ۾ خدا جي تعريف ۽ پنهنجي عاجزيءَ جو اظهار ڪري، التجا ڪئي وڃي.(2)

مٿين معنائن مان صاف ظاهر ٿيو ته ’مناجات‘ مخص مالڪ جي ئي درگاهه ۾ پيش ڪري سهگجي ٿي؛ پر شاعرن ان کي وسيع معنيٰ ۾ ورتو يعني الله تعاليٰ جي ساراهه کان علاوه آنحضرت ﷺ ۽ اصحابن جي مدح، اوليائن ۽ درويشن جي تعريف به ان ۾ شامل ڪري ڇڏي. جيتوڻيڪ ظاهراً ’مناجات‘  ۽ ’مدح‘ قريب قريب ساڳي معنيٰ رکندڙ آهن، پر لغوي خيال کان علحده آهن، جئن مٿي ڏيکاريل آهي ته مناجات فقط الله تعاليٰ جي ئي حضور ۾ پيش ڪري سگھجي جي، جنهن ۾ واحد جي واکاڻ سان گڏ، دِلي آرزو به يعني سوال پوري ڪرڻ لاءِ پڻ التجا هوندي آهي، پر ’مدح‘ محض آنحضرت ﷺ، اصحابن، اوليائن، پيرن، فقيرن جي شآن تائين محدود هوندي آهي.

”تاريخ طور ’مدح‘ جو سلسلو پڻ عرب شاعر ڪَعبُ بن زَهير سان شروع ٿيو، جنهن اسلام جي حقيقت کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو ۽ نبي ﷺ وٽ حاضر ٿي پنهنجو مشهور قصيدو پڙهيو، جنهن ۾ نبي ﷺ جي شان ۾ سهڻا بيت چيل هئا. جڏهن قصيدو پورو ڪيائين ته نبي ﷺ جن خوش ٿي پنهنجي کٿي ڪلهن تان لاهي کيس ڍڪائي. ڪعب رضه جي انهي قصيدي جو مطلع هي آهي“

 

بانت سُعادۡ فقلبي الۡيَومَ متبُولُ

مُتيۡمً اِثرها لَمۡ يۡفدُ مکبۡوُل

 

[ ويئي سعاد، هنيون اڄ هاءِ هنيو آ

هاڃي هنيل آ ٻڏل هو ڪيِنَ ڇٽڻوآ](1)

 

 اهو ڪعب جو قصيدو، جنهن کي ’قصيده بُرده‘ چئجي ٿو، سو اڳتي هلي مدح سرائي جو بنياد بڻيو.

”ابو عطا سنڌي جي عربي اَشعار ۽ انهن ۾ ظاهر ڪيل جذبات م پڻ اها خصوصيت بکي ٿي، ان بعد جڏهن هڪ سنڌي شاعر، بغداد م برمڪي وزير جي ساراه ۾ پنهنجو شعر پڙهيو ته به چيائين ته اسان جي پاسي جڏهن چڱاين  جو ذڪر چُرندو آهي ته مانهو تنهنجو مثال ڏيندا آهن.(2)

ان مان ظاهر ٿيو ته وقتاً فوقتاً شاعرن پنهنجي وقت جي حاڪمن ۽ وزيرن جي تعريف پئي ڪئي آهي. اسان جي سنڌي شاعرن به انهن عربي، فارسي مداحن ۽ مناجاتن کان متاثر ٿي پنهنجي واٽ ورتي. پهريائين ڪهڙو مداحي يا مناجاتي شاعر ٿي گذريو آهي، تنهن جي باري ۾ تحقيق ۽ تاريخ جا ورق خاموش آهن. البته ٻوليءَ جي قدامت ۽ اهڃاڻن مان ٽاڻي واڻي ائين چئي سگهجي ٿو ته جمن چارڻ وفات 1838ع) پهريون ئي مداحي آهي، جنهن حضرت پِيران پير رضه جي شان ۾ مدح چئي:

”نامِ خدا يا مصطفيٰ! يا پير پيران بادشاه!“

ڀٽائي سائين به سخي سردارن جي دل کولي تعريف ڪئي آهي؛

جکرو جوڙي پاڻ ڌڻيءَ پيدا ڪيو      (سر بلاول)

جکرا! جيئين شالَ، تنهنجو ڪنين مندو م سُڻان(سر بلاول)

هي سنڌ جو (ٺٽي ضلعي جو) مشهور سخي جادم جکرو هو، جنهن جي تعريف ڀٽائي سائينءَ ڪئي آهي، پر شاه صاحب لس ٻيلي ۾ گهڻائي سخي سردار ٿي گذريا آهن، پر ڀٽائي سائين سر پرڀاتي  ۾ سخي سپڙ ڄام جي دل کولي تعريف ڪئي آهي:

ميرا پسي مڱڻا، سپڙ سڏَ ڪيا.

اهڙي طرح ڀٽائي سائينءَ جي همعصر شاعر جلال رنگريز به جادم جکري جي تعريف ڪئي آهي:(1)

جُنگ ساماڻي جکري، لٿو هيبت هُلَ

مطلب ته مدح ۽ مناجات جو ٿڏو ڪلهوڙن جي دور ۾ لڳو ۽ بعد ۾ وڌي وڻ ٿيو.

* * *

مدح حضرت بادشاهه پير رحه

(جمن چارڻ *)

 

جمن ولد محمد بخش چارڻ، ڳوٺ کهڙا ( تعلقو گمبٽ ضلع خيرپور) جو ويٺل هو. هڪ روايت مطابق هو نابين، پيرسن، بيمار ۽ نريني اولاد کان محروم هو. شفايابي لاءِ مدح حضرت پير پيران بادشاهه جي شان ۾ چيائين، جا مقبول پيئي ۽ کيس ارشاد ٿيو ته تنهنجو هڪ سوال آگي جي در اگهندو. سوال هن ريت ڪيائين: سوني ٻانهينءَ سان ننهن، پٽ جهوليءَ ۾، ماڙي تي کير ولوڙيندي سان. هن سوال ۾ سندس من جي مدعا سمايل آهي انهي ڪري ”جمن چارڻ وارو سوال“ ساريءَ سنڌ ۾ پهاڪي جي صورت ۾ مشهور آهي، وقت جو شاعر، سگهڙ ۽ سپورنج هو. سندس مقولا – پنجئي بدنام، پنجئي مَئي مت، پنجئي گهوچائي وغيره مشهور آهن جي سگهڙ پائيءَ جي فن جو قيمتي مواد آهن. جمن چارڻ، شاه ڀٽائي کان 14 سال وڏو هو، سندس وفات 14 رجب 1151هه ۾ ٿي.*

نامِ خدا يا مصطفيٰ!

(1) توکان مڱان صحت و شفا

   تنهنجي مريدن سان وفا،

يا پيران پير بادشاهه!

صحت و شفا، شرم و حيا

تنهنجي مڱئي سڀ کي نفعا

يا پير پيران بادشاه!

 

(2) نافِعً نبي جو نُور جو،

    معلوم انهيءَ مذڪور جو،

چَوڪي آهين تون حضور جو

سڀ ملڪ ۾ مشهور جو

يا پير پيران بادشاهه!

 

(3) فرصت نه ڪيئه گردان ۾،

   مِهتر نُوح هو طوفان ۾،

   جذبان رسي جولان ۾،

اِيهو شاهه تنهنجي شان ۾

تون هئين اُنهي امڪان ۾

ڪشتي ڪڍيهءِ آسان ۾

يا پير پيران بادشاهه!

 

(4) مهتر ابراهيم کي آڙاهه ڏنهن،

   يوسف بچايَهءِ چاههً ڏنهن،

يونس نبي درياءَ ڏنهن

اهو عطا ٿيُهءِ الله ڏنهُن

يا پير پيران بادشاهه!

(5) پرور جڏهن پيدا ڪئين،

    دائي کڻي دستين ڪِئين،

تان ڀي تَولَدّ تون ٿئين

عرشين اُڏامي پوءِ وَئين

يا پير پيران بادشاهه!

 

(6) تهتئون وَئين، آئين تِئين،

   عالَمَ سڻيو آهي، جئين،

پهريون مَناقب ڪيو مئقن

هردم وسين اندر هيئين

يا پير پيران بادشاهه!

(7) ستاويهين رجب شهر،

       ٿيون شاديون برو بحر،

پيدا شده صائم دَهرَ

سڀ ديس ٿي ديني لهر

يا پير پيران بادشاه!

 

(8)  چار سؤ ستر سال هو،

      اِبنِ الا بُوشَہ صالحو،

تولد ٿيو وڏو طالعو

اعليٰ نبيءَجي آل جو

يا پير پيران بادشاه!

 

(9)  اعليٰ نبي جي آل هو،

      مرشد جنين جو تو جهو،

ساقي سَٻر سَڌَّر سِهو

آ تن مريدن غم ڪيهو

يا پير پيران بادشاهه!

 

(10)   تنهنجو مريدن سان واعدو،

      جواب تنهن جو جائدو،

تنهن واعدي ڪيو فائدو

دل ۾ رکون ٿا قاعدو

يا پير پيران بادشاهه!

(11) سِيرو سوا مُشڪ و عطر،

    نامِ خدا را خوب تَر،

    بد ذات ٿيا سي بي خبر،

 

(12) رحمان اڳيان رايو سنديءِ،

    منظور فرمايو سندءِ،

با اُو بِشوئي دَهن تر

رحمان ڪيُهءِ روشان تر

يا پير پيران بادشاهه!

 

پيغمبر اڳيان پايو سندءِ

گهرجي سدا سايو سندءِ

يا پير پيران بادشاهه!

 

(13) اَسرار ربي ٿيو عيان،

    ڪن ڪِيرتُون ڪوڙين ڪيان،

باطون بيحد بي بيان

نوَ کنڊَ سڀ توکي نيان

يا پير پيران بادشاهه!

 

(14) روشن ٿيا چوڏهن طبق،

     مخلص مرديءَ ٿيا، ملڪ،

هفتِ زمين، هفتِ فلڪ

ديو و پريءَ خادم خلق

يا پير پيران بادشاهه!

 

(15) تنهنجي شرافت شان جو

    تون سر آهين سبحان جو

عظمت عِز مڪان جو

ڪونهي مٿو اِمڪان جو

يا پير پيران بادشاهه!

(16) سر سبحاني تون آهين،

    قطب رياني تون آهين،

    به اين حال من داني تون آهين

محبوب حقاني تون آهين

غوث صمداني تون آهين

يا پير پيران بادشاهه!

(17) هن حال جي تو معلومي،

   همراه ٿي هر ڳالهه ۾،

زُوري زدَه ڪر ظالمي

يا شاهه قطب العالمين

يا پير پيران بادشاهه!

 

(18) آنگشت سڄي تون سئين،

   اهڙي ڪرامت ٻئي ڪنهين

دوزخ وِسامي دَم تنهين

تون اوليا اهڙو آهين

يا پير پيران بادشاهه!

 

(19) تون اوليا الله جو،

    شد مَهرو ماهه جو

    سوالي نه خالي تانهه جو،

اولاد علي شاهه جو

ڪو غور ڪرهان ڏاههءَ جو

يا پير پيران بادشاهه!

 

(20) فرزند تون حسينن، جو

  درگہ مٿي دِن رينَ جو

دارون ٿئين دارين جو،

آءٌ سائل تو ثقلين جو

اوجر مڱان عينين جو

يا پير پيران بادشاهه!

(21) هفت دختر جو پدر،

    فرزند ڪيئه سڀ يڪ نظر

توکان مڱان هڪڙو پِسر

اهڙي ڪرامت ڪرم ڪر

يا پير پيران بادشاهه!

 

(22)سر اولياء سلطان تون،

   سڀڪو سنوارين ڪاجُ تون

والي وڏو وَر سماج تون

ڪنهن جو نه ڪر محتاج تون

يا پير پيران بادشاهه!

 

(23) سر اولياء سلطان تون،

     جَنتَ سندو درمان تون،

    مشڪل ڪرين آسان تون

درگہ خَدا ديوان تون

ڏي دين دنيا جو دان تون

يا پير پيران بادشاهه!

 

(24)سواليءَ سپر سِهو جئين،

   آءٌ اوکون تنهنجو دنهين،

  پرسير ڪر مون کي ڪنهين،

چوڏول ۾ چاڙهيو تئين

ٻئي در وڃان ڪهڙي ڪيئن

يا پير پيران بادشاهه!

(25) لاکا، سپر، حاطم طئي،

    آدم ڪُلي، عالم زئي،

ٻنڌي کڙا ٻانهون ٻئي

تنهنجي ننگر ڏانهن طامعي

يا پير پيران بادشاهه!

 

(26) چورن اچي چوري ڪئي،

     تن جا ويا اولا لهي،

”چارڻ“ چوندو ڇا چئي!

تن ڏي نظر ڪيئي نافعِي

اهڙي ڪرامت تو ڪئي

يا پير پيران بادشاهه!

يا پير پيران بادشاهه!

 

 (27) معلوم سنڌءِ منقبا،

منظور ٿيسي مراقبا

دارون دوا ٻيا ڇاڪيا،

دعا در ته تنهنجا تاڪيا

يا پير پيران بادشاهه

 

(28) فقيهہُ نه ڄاڻان فارسي،

    دل کي ڏئين دَستارَ سِي،

    درڪار تنهنجي وارثي،

ساراهه ڪريان تان ڪارسِي

آهيان اٻوجهو آرسِي

يا پير پيران بادشاهه!

(29) وارث ولايت وير تون،

       ڪامل قطب ڪبير تون،

مرشد محي الدين مير تون

ڪل پيرن جو پير تون

يا پير پيران بادشاهه!

 

(30) عالي نسب امير تون،

     دين و دنيا دستگير تون،

درماندگان دل ڌِير تون

يا پير پيِران بادشاهه!

يا پير پيران بادشاهه!

(31) دل دُرس آ دستگير ڏي،

      يا پير تون دل ڌير ڏي،

آءٌ ڪيئن وڃان ٻئي پير ڏي

گهر گهر خوشحالي کير ڏي

يا پير پيران بادشاهه!

 

(32) توڻي آهيان تقصير زد

     ”مُريدي لاتخو“ تنهنجو وعد

     ابنِ ابو صالح سيد!

تان ڀي توهان سان ايءُ عدد

يا پير! تو آ پاڪ جَد

خاطر خدا جي خُذ بِيد

يا پير پيران بادشاهه!

 

(33) بَد نفس منهنجو بي جَلهه،

   قنهنجي شجاعت شهنشہ!

ڪشتيٰ بَدر يا بي مَلَح

احسان سان چاڙهين آلهه

يا پير پيران بادشاهه!

 

(34) دائم اُجاريُهءِ دين کي،

     بِينا ڪيو نابين کي،

تشريف ڪَيَهءِ تلقين کي

ٿِي ماڙَ مون مسڪين کي

يا پير پيران بادشاهه!

 

(35) مَردِي ڏيو نامرد کي،

     پرورش سندي پرورد کي،

ڪر سخرو روءِ زرد کي

ڪر دفع دل مان درد کي

يا پير پيران بادشاهه!

(36) تون بادشاهه بغداد جو،

     سڻ عرض مون بدزاد جو،

     پردو رکين اولاد جو،

ڪو داد ڪر فرياد جو

تون ڪوٽ ٿي فولاد جو

يا ٻير پيران بادشاهه!

 

(37) جيڪو سندءِ غلام ٿيو،

    ڇا خاص ٿيو، ڇا عام ٿيو،

   تنهنجو نِڪو ئي نام ٿيو،

عالَم تنهِن انعام جو

تو پير جو پينام ٿيو

يا پير پيران بادشاهه!

 

(38) جيڪي وڪاڻا تو درين،

    پرتو آهيان سڀئين پَرين،

ڪوشش تنهين جي تون ڪرين

ويلهه اُتي وَهلو وَرين

يا پير پيران بادشاهه!

 

(39) برڪت سندءِ بحرين برين،

    ڪوهه ڪاف ڪُل قَطرا ڪرين،

ايڏي شناخت تون سرين

پرچيو خدا سڀين پرين

يا پير پيران بادشاهه!

 

(40)جڏهن نبي ڄام معراج چڙهيو،

   مُلڪ سارو تو ڏَنهُن وريو،

تڏهن قدم کڻي توتي ڌريو

ايڏو ڪرم توکي سَريو

يا پير پيران بادشاهه!

(41)جڏهن حضرت رکيو تو تي قدم،

   اَپر توتي ربي رحم،

ايڏو ڪريمي ٿيو ڪرم

ڪيهو مريدن غم وهم؟

يا پير پيران بادشاهه!

 

(42)جيڪو مريدن سان وَڳي،

   ڪر دور دشمن کي دَڳي،

   ٿيو ڇوٽڪو دامن لڳي،

ڪري دشمني سوڪيئن تَڳي

ٻوليو سندءِ آهي اڳي

يا پير پيران بادشاهه!

 

(43) دامن لڳي دلدارگي

    آزار کان آزادگي،

    اسلام تي اُستادگي،

ايمان عمر زياده گي

تعظيم ۽ تن تازگي

ڪا اهڙي ڪريو امدادگي

يا پير پيران بادشاهه!

 

(44)ڪُل عِلم جو ارشاد ڪر،

    عالِم سندم اولاد ڪر،

اِرشاد جو امداد ڪر

دشمن قوي ڪل ماد ڪر

يا پير پيران بادشاهه!

(45)تون دَرگہ خدا جو دفتري،

    پَٽ دين دنيا جي دَري،

راهِه خدا ڪر رهبري

واهُهر ٿي وَهلو وري

يا پير پيران بادشاهه!

(46) مذهب سندءِ احمد جَنبل،

   خشڪي، بحر جي ڪو جبل،

ڪيهءِ علم تي اعليٰ عمل

چوڏهن طبق تنهنجو طبل

يا پير پيران بادشاهه!

 

(47) ديدار جو مشتاق من،

       مُشرف ڪيو جڳ ۾ جُمن،

مونکي پَسايو پاڪ تن

توکان گهران اَمن و امن

يا پير پيران بادشاهه!

 

(48) عرب و عجم ايران ۾،

    ڪشمير ۽ ڪاشان ۾،

    فِلنگي سندو فرمان ۾،

طنبول ۽ توران ۾

ڪاٻُول ۽ ڪرمان ۾

يا پير پيران بادشاهه!

 

(49) عرب و عجم اصفهان ۾،

    ٺٽي ننگر ملتان ۾،

صورت بندر سيوستان ۾

خادم سندءِ خراسان ۾

يا پير پيران بادشاهه!

 

(50)عرب و عجم اَستِين تون،

    پورب پڇيم پَستين تون،

دهلي، دکن دَستِين تون

چنجي، چنجاول، چِين تون

يا پير پيران بادشاهه!

(51)مشرق، مغرب، روم شام ۾،

   گرنار ۽ گُندام ۾،

بلخ و بيخارا، آسمان ۾

هند، سنڌ، تمهارلآ نام ۾

يا پير پيران بادشاهه!

 

(52)مصري، مَڪاوي، مشهدي،

   يَڪ پاء شان قهقہ هَدِي

تو ڏات ڏاتر کان لڌي،

بدوي، بدخشي، بيحدي

چوچڪ سندءِ، چيلابندي

يا پير پيران بادشاهه!

 

(53) رک عِلتُون علامتون،

    مهرون مَ لاهيون ما مٿئون،

رک شومتئون ۽ شامتئون

قربان اُنهَن جي نام تئون

يا پير پيران بادشاهه!

 

(54) ڪلام جي مقبوليت،

      وحدانيت جي وصوليت،

عداوت جي عَدوليت

حاجات جي حصوليت

يا پير پيران بادشاهه!

 

 

 

(55)ڪُل پِيرن تي پڳ سندءِ،

   ”جمن“ مداحي سڳ سندءِ،

عالَم سوالي، جڳ سندءِ

بيزار جو پَس لڳ سندءِ

يا پير پيران بادشاهه!

 

(56) پيزار جا پس لڳ گهڻا،

      عارف ٿيا تو وٽ گهڻا،

موليٰ وِڌي تو ۾ مڻيا

ڪهڙا ڳڻيو ڪهڙا ڳڻيا

يا پير پيران بادشاهه!

 

(57) آهين ضعيفي ذات جو،

    بخرو ڏيارو ڏات جو،

سوالي سنجهي پرڀات جو

رک شرم مستورات جو

يا پير پيران بادشاهه!

 

(58) ”جمن“ جاهل آهيان،

     تنهنجي در جو سائل آهيان.

ڪِرتون ڪَچو ڪاهل آهيان

يا پير پيران بادشاهه!

يا پير پيران بادشاهه!

 

 

(59)جي باب منهنجي بداکر،

   وانجومَ ڪر منهنجو لکر،

   تنهنجي پَنهَه، تنهنجي پکر،

ميٽاءِ، ڪر سُبتا سَکر

تون روز قيامت تا حشر

يا پير پيران بادشاهه!

يا پير پيران بادشاهه!

 

(60) اُتر، ڏکڻ، اولاهه تي،

     ڪو غور ڪر مان ڏاهه تي،

تنهنجو طبل سج، ماه تي

ڪلمون محمد شاه تي

 

يا پير پيران بادشاهه!

 

لا الا الله محمد رسول الله

 

 * * *


(1) . منشي جهمٽ لال بدايوني، هيرا لغات، ڇاپائيندڙ پي.سي. دوادش شريني ائنڊ ڪو علي ڳڙهه،ص 1210

(2) .عبدالمجيد لاهوري، جامع اللغات اردو، چوٿون جلد، ص 594.

(1) . ۽ (2) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مداحون ۽ مناجاتون، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1959ع ص 2-8

(1) .عبدالڪريم سنديلو، سنڌ جو سينگار، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1952ع ص22

* . گڏ پنج مداحون ڇاپائيندڙ مولوي محمد عظيم شڪارپور تاجر ڪتب، رفاه عام اسٽيم پريس لاهور، 1347هه . ص 10-24.

 

(7) . شهر = مهنو. پيدا شده = پيدا ٿيو، چائو. صائم دهرً = صائم الدًهر = هميہ روزو رکڻوارو ماڻهو.

(8) . طالعو = بخت وارو. ابن الابوشہ صالحو = ابو صالح جو پٽ.

(9) . سٻر = طاقت وارو. سڌر = مضبوط. سهو = آڌار، ٽيڪ، ڀروسو. جهو = جهڙو. ڪهو = ڪهڙو.

(10) . جائدو = جائتو، پيرائتو، ٺيڪ ٺيڪ. جو انسان توکي عرض ڪري ٿو، تنهن جي عرض کي پورو ڪرين يعني تو وٽان ٺيڪ ورندي ملي ٿي.

(13)  اسرار، = ڳُجهه. عيان = ظاهر، پڌرو. باطون ۔= باطن = اندروني ڪيرتون = عاجزيون. نوکنڊ = ساري دنيا.

(16) . اين حال من داني = منهنجي هن حال کي ڄاڻين ٿو.

(17) . معلومي = ڄاڻ. زوري = جلدي.

(19) . ڏاهه = غلام. تانهه جو = تنهنجو. تنهنجو سوالي، خالي نه ويندو.

(20) . دن رين = ڏينهن رات.

(21) . هفت دختر جو پدر = ستن ڌييئن جو پيءُ

(24) . سپڙ = سخي سپڙ چام رونجهو. اوکون = اوکيءَ کان، تڪليف کان.

دنهين = دانهين، فريادي. سيرڪر = ڍوڪراءِ، من جا مطلب پورا ڪر.

(25) . لاکو = لاکو ڄام ڦلاڻي. عام زئي = جيئرا يا زنده جهان.

(28) . نڪي فقه جو عالم ڄاڻان ٿو ۽ نه فارسي. رسي = پهچي. دستارسي = آٿت.

(30) . درماند گان = لاچار، عاجز. دل ڌير = دل جي ٽيڪ.

(32) . تفصير زد = خطاوار، گنهگار. مريدي.... وعد = تنهنجو وعدو آهي ته منهنجي مريدن کي ڪو خوب ڪونهي. خذبيد = منهنجو هٿ وٺ.

(33) . بي جلهه = بي جهل. ملح = صلاح.

(37) . پينام = پينار = پنڻو، گدا. نڪوئي = نيڪوءَ وارو، چڱو.

(38) . پرتو.... پرين = هر طرح سان توکي پرتل آهيان. ويلهه = ويل، مهل، ڏکيو وقت. وهلو= جلدي، ترت، تڪڙو.

(42) . وڳي = دشمني رکي. دڳي = ماري، ڪُٽي.

(43) . استادگي = بيهڪ.

(44) . مادڪر = مات ڪر.

(45) . طبل = نعارو. هِت معنيٰ: نالو، مشهوري.

(48) . فلنگي = انگريز.

(50) . پورب = اوڀر. پڇيم = اولهه.

(51) . مشرق = اوڀر. مغرب = اولهه. جمن شاعر چوي ٿو ته ”اي پيران پير! جتي ڪٿي تنهنجا معتقد ۽ مريد موجود آهن.“

(53) . علتئون = علت کان، مرض کان. شومتئون = شومت کان. نحوست کان، بد بختيءَ کان، شامتئون = شامت کان. مصيبت کان. اَنهن جي = اوهان جي.

(55) . پڳ = پير، قدم.

(57) . بخرو = بهرو، حصو، پتي. مستورات = سَتر واريون، پردي واريون. اشراف زالون. اشارو پنهنجي ستن ڌيئن ڏانهن ڪري ٿو.

(58) . ڪِرتون = ڪرت کان، ڪمن کان، اعمالن کان.

(59) . باب = حق ۾، بابت. وانجو = جدا، الڳ، پري، پنهه = پناهه. پکڙ = پناه، مدد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org