سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :27

 

 

ٽيهه اکري

 

[شاهه محمد ديدڙ*]

 

ديدڙ جي هيءَ ’ٽيهه اکري‘ مرحوم حمزه علي ابڙي جي قلمي نسخي تان ورتل آهي. ان نسخي ۾ نه رڳو تَرَ جي شاعرن ۽ سگهڙن جو ڪلام قلمبند ڪيل آهي، پر سنڌ جي ٻين شاعرن ۽ سگهڙن جي ’لوڪ ادب’ جي هر صنف تي مواد گڏ ڪيل آهي. نسخي تان سال 1896ع لکيل آهي. سيد علي حيدر شاهه (ويٺل وڳڻ تعلقو لاڙڪاڻو) جن معرفت، اهو نسخو مليو.

الف، اڄ کيانتل وڃ، ڪانگل، آزي منهنجي مڃ

توکي ڪالهه رنڊايو ڪڃ، ڀيروڪين پرين ڏنهن ڀڃ

 

اُڏي اڄ ڪا خبر آڻ

تا ٿئي منهنجي روح رهاڻ.

 

بي، تون ٻڌ بره جي بات، هيئن لئج تون لعلڻ لات

روئي ڪالهه گذاريم رات، وائي جانب جي ٿم وات

 

ڪج ڪا منهنجي وٽِ وراڻ

تا ٿئي منهنجي روح رهاڻ.

 

تي، (1) تون کيانتل ٻولج کُلي، حال حقيقت قاصد ڪلي

هيءَ جا ٻانهي تون آڻ مُلي رويون راهه ڏسي هت رلي

 

هي چئج تون منهنجي ڪاڻ

تا ٿئي روح رهاڻ.

 

ئي، تون ثابت کٽ ثواب لاهه عشاقن سر عذاب

وڃج سائق ڪاڻ شتاب، رويون اکين اوتج آب


آڻج ساجن پنهنجي ساڻ

تا ٿئي منهنجي روح رهاڻ

 

جيم، جدائيءَ ڳاريم جان هَي هَي! هِت گهمان حيران

ڪانگل ڪلئي ڪج بيان مٿو پيرن تي ڌرجان

 

پوءِ پرين من پڇن پاڻ

تا ٿئي منهنجي روح رهاڻ.

 

حي، حق ڄاڻي هيئن وڃيج، ويجهو جانب وٽ وهيج،

ڌوڻا ڌڪا سر سهيج، اڳي مورئون ڪين اُڏيج

 

منهنجو مطلب توڙ رساڻ

تا ٿئي منهنجي روح رهاڻ.

 

خي، تون کيانتل لڳ خداءِ، وڃ سڄڻ ڏي وکَ وڌاءِ

من ۾ محبت مچ مچاءِ، منهنجون آزيون سڀ ٻڌاءِ

 

ڪانگل وڃ قريبن ڪول

ٻولي ٻانهپ واري ٻول.

 

دال، دلاسا پرين پارون، جانب آءُ وٺي ڪي جارون

سورن مفت ڏنيون ٿم مارون، چئج سڄڻ نا لڌيون ساريون

 

آڏو هيءَ ڪتابت کول

ٻولي ٻانهپ واري ٻول

 

سال، ذڪر ڪر ڪانگل هيءُ کنياتل قاصد منهنجو ٿيءُ

چئج سڄڻ کي ڳالهيون هيءُ: جانب جوش جلايو جيءُ

 

رمز هڻي، پوءِ هيئن نا رول

ٻولي ٻانهپ واري ٻول.

 

ري، مان راهه نهاريان روئي، جانب منهنجو آهي جوئي

سوچي يار سڃاتم سوئي، اُڏي ڪانگل ڪر ڪم ڪوئي

 

وڃ تون جانب منهنجو ڳول

ٻولي ٻانهپ واري ٻول

 

زي،(1) ٻڌ زاري عشق اوراڻو، وڃج اولهه طرف اُڏاڻو

ڪج ڪلهوڙن وٽ ناٿاڻو، ڪي ڪجهه ڀرتي پڇاڻو

 

ڦيريدارن جان نئي ڦول

ٻولي ٻانهپ واري ٻول

 

سين، سڄڻ سان ملين جڏهين، رويون روئج تون ڀي تڏهين

هيئن نا گهرجي، جانب هڏهين، ملندين مشتاقن

کي ڪڏهين؟

 

جهوري جيءُ وڌو ٿي جهول

ٻولي ٻانهپ واري ٻول.

 

شين، متان تون شڪ ڪرين، متان واٽئون، وٽ ورين

گهورين هي سِر وڃج گهرين، ڪاهيون ڪاهج توڙي مرين

 

ڪاهي آڏو وڃج ڪنڌي

سار لهي آءٌ ساجن سندي.

 

صاد، صلاح اها ون هاڻي، ڪانگل جي تون منهنجو ڄاڻي

چئج سڄڻ کي جواني ماڻي، پرين حال نه پڇو پاڻي

 

ڪانه ڪئي مون تو سان مندي

سار لهي آ ساجن سندي.

 

ضاد، ضرور نه اُڏج اڳي توڙي لک لٺين جي لڳي

ملندءِ مور جواب نه ڀڳي، چئج سڄڻ کي ويٺين ٺڳي

 

آهيان تولئي آسروندي

سار لهي آءُ ساجن سندي.

 

طئي، سان طلب تمامي تار، نايون ڪنڌ وهائج نار

پڇندءِ پروش، ساڻ پچار، رويون گوشي ڪج گفتار

 

ٻانهون ساڻ ادب جي ٻنڌي

سار لهي آءُ ساجن سندي.

 

ظئي، ڪج ظاهر منهنجو حال: پرين! عاشق ٿيو پيمال

هَي هي! هيڻو ٿيو ٿس حال، مشڪل جالڻ ٿيس محال

 

جنهن کي پاڻ هنيو تو ٻنڌي

سار لهي آءُ ساجن سندي.

 

عين عنايت ساڻ سڏيندءِ، گوشي، نيئي گڏ گڏيندءِ

پڇي خبران اَڄ اڏيدءِ، ورندي لکي پوءِ ڇڏيندءِ

 

آءُ کڻي سا کيانتل! کنڌي

سار لهي آءُ ساجن سندي.

 

غين، غمن ۾، ڪيو ماندو، تنهن کي واليءَ ڪيو اڄ واندو

ڪانگل اڄ سنيهو آندو، لٿو سورن ساهه سِياندو

 

پهتو پرين جو پروانو

ليکيان دم دم لطف ربانو.

 

في، سان فهم لفافو پَٽي، پڙهيم پرتون سانگو سٽي

مطلب تنهن جو جهٽ پٽ جهٽي، سور سيني

تئون ڪوري ڪٽي

 

تن ڪيو تنهن تازو توانو

ليکيان دم دم لطف ربانو.

 

ق لکيو اڄ قرب قراري، جانب منهنجي جيءَ جياري

ويٺا آهيون ڪينَ وساري، ساه گهڻو ٿو توکي ساري

 

هن مضمون ڪيو مردانو

ليکيان دم دم لطف ربانو.

 

ڪ پڙهي ڪيم جان خط پورو، آب اُجهايو کاميل کورو

ڏک ڪري ٿيو ٽنگين ٽورو، نچان پائي نِيهن جو نورو

 

مليم درد سندو درمانو

ليکيان دم دم لطف ربانو.

 

لام  لکيو هو، لعلڻ مان ڏي: ڪين اسين ٿيون عاشق ڪاڏي

لُچ اُڌا هن جاڏي ڪاڏي، ڪين مٽيو ٿئون خيال اوهان ڏي

 

متان موڳا! ٿين مستانو

ليکيان دم دم لطف ربانو.

 

ميم ڪئي مون جا منهن موڙ، ڪنداسين تائين توڙ

کؤنسن کرَ چوڌاري کوڙ، لٿي توتان سختي سوڙ

 

ڪيو ٿئون لچن لاءِ بهانو

ليکيان دم دم لطف ربانو.

 

نون نگهه ڪيم جان خط سارو، ڄاتم بخت ورايم وارو

برسر جانب ڪيو ٿم بارو، مرسل! موڳن جو منهن ڪارو

 

ڪر تون مير مڪي جا ڄام

سيد آهيون تنهنجي سام.

 

واءُ تنهين کي وجهه زنجير، مولي جي مختار وزير

آڻي احمد ڪر اسير، بدو، ڀاڙي جي بي پيرَ

 

ڪر تنين کي تون قتلام

سيد، آهيون تنهنجي سام.

 

هي حال ٻڌج ڪن ڏيئي، رَڪَّ، رقيب تڙي ڪڍ ٻيئي

جانب جيءَ جا آهن جيئي، سيد ميلين ساڳا سيئي

 

ڏي ڪو مونکي عشق آرام

سيد، آهيون تنهنجي سام.

 

لطف سان ڪڍ مون لوڏي، اکيون ترت نهارن توڏي

گهران چيڪي ڇڏ سيد، سو ڏي دلبر دوست

هجن گڏ گوڏي

 

ڇڏي کپائي خارج خام

سيد، آهيون تنهنجي سام.

ع ـــ الف اميدون منهنجي من، ساهه سِڪي ٿو ڪارڻ تن

ملن محب پرين پرچن، ”شاهه محمد“ جيئري جَن

 

مون کي ڪيو آ مست مدام

سيد، آهيون تنهنجي سام.

 

پي يَڪ عرض ڪيان ٿو هاڻي، مرسل! منهنجو تون ڪن آڻي:

جيئري جانب وٽ رسائي، حضرت هادي وقت هلاڻي

 

ڪندو ڪلمون باهه حرام

سيد آهيون تنهنجي سام.

 

* * *


* . هيءَ ٽيهه اکري مرحوم حمزه علي ابڙي جي قلمي نسخي تان ورتل آهي. ان نسخي ۾ تر جي شاعرن ۽ سگهڙن جي ڪلام سان گڏ سنڌ جي ٻين مشهور  شاعرن ۽ سگهڙن جو ڪلام لوڪ ادب ۾ هر صنف تي مواد شامل آهي. نسخو 1886ع ۾ لکيو ويو. سيد علي حيدر شاهه ويٺل رشيد وڳڻ تعلقي لاڙڪاڻي جي معرفت اهو نسخو مليو.

(الف)      کنياتل = خير جي خبر آڻيندڙ، قاصد، ڪانگ. ڪڃ = ڪن.

(بي)       ٿم = اٿم.

(1) . (تي)   اڻ ملي = اڻ ملهي. بنان زر.

(1) . (زي)   اوراڻو = اوسر، دل جي پُڪار. ڪج..... ٿاڻو. ڪلهوڙن جي ڳوٺ وٽ لهي نه پئجانءِ. ڪلهوڙن جي ڳوٺ، شاعر جي (ڳوٺ) جي اولهه ۾ آهي.

(سين)     وڌو ٿي جهول = نٻل يا ڪمزور ڪري وڌو ٿي.

عين . گوشي نيئي = ڪنڊائتو يا پاسيرو ڪري. گڏ گڏيندءِ = ڀر ۾ وهاريندءِ.

غين  سياندو = سيانٽو، ڊپ؛ انتظار،

 

في   سانگو سٽي = واسطا ڇڏي يعني ٻيا ڪم ڪاريون ڇڏي.

ڪ . (آب)   اجاهيو کاميل کورو = دل، جا کوري وانگر جلي رهي هئي، سا خط پهچڻ بعد، ٺري

 پئي. خط گويا پاڻيءَ جو ڪم ڏنو يعني خط ۾ احوال، عاشق جي دل وٽان لکيل هو. ڏک..... ٿورو = ڏک جي ڪري، اڳ ٽنگن کان ٿورو جڏو) ٿي پيو هوس، ليڪن خط اچڻ تي نينهن جا نورا پائي، نچان ٿو يعني انتها خوش آهيان.

لام . (لام)  ڪين....... ڪاڏي. اي عاشق، اسان ڪاڏي به ڪين ٿيا آهيون. اسان کي اها ئي محبت آهي.       اُڌا = وڌيا. ڪين...... ڏي = اوهان ڏانهن خيال ڪونه متيو اٿئون. اوهان دل تي آهيو.

نون  ڪيو اٿم پارو = ٿورو يا احسان ڪيو آهي.

هي   رڪ = سخت؛ خبيث، لُچ.

پي  ڪن آڻي = ٻڌ، اجابت ۾ آڻ رسائي = پهچاءِ. هلائي = هلڻ وقت، هي جهان ڇڏڻ وقت.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org