سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :36

 

 

جمالو

 

جمالو سنڌ جو مشهور ۽ محبوب گيت آهي، جنهن جي ڳائڻ وقت ناچ ٿيندو آهي، جنهن کي جمالو ناچ چوندا آهن. جمالو ناچ وقت هڪ ڄڻو جمالو گيت ڳائيندو، ته ٻيا وري ٻولڙيا ٿي، سندس فقط پهريون بند دهرائيندا، ۽ دهل جي ڌرن تي تاڙيءَ جو ڦهڪو لائي ڏيندا.

 

جمالو گيت تي اهو نالو ڪيئن پيو، تنهن لاءِ مختلف راوين جون روايتون ڏجن ٿيون:

(1) قادر بخش چانڊئي ٻڌايو:

”جمالو جو اصل نالو جمال خان هو، جو لاڙ جي طرف جو ويٺل هو، ڪي شاهينگ سندس مال کي هڻي ويا. ان ڪري ڀائر هڪٻئي کي طعنو هڻڻ لڳا. جمال طعنو برداشت ڪري نه سگهيو ۽ هڪدم پيرو ڪڙڻ شروع ڪيائين. ڀيرو کڻندي ڪوهستان طرف وڃي نڪتو. آخر اها جوءِ ڳولي لڌائين جتان مال موٽي مليس.

جڏهن خير سان موٽي آيو، تڏهن هرهنڌ واهه واهه ٿي ويئي ته هڪ ڄڻي ڪيئن مال موٽائي آندو! اها ڳالهه هلندي ويئي آخر ايترو ته مشهورٿي جو جمال جي شان ۾ گيت چوڻ لڳا، جي ڦريل گهريل صورت ۾ اڄ به ملن ٿا.“

(2) خدا بخش حجام ٻڌايو:

”جمالو پنهنجي جوءِ ۾ مڃيل پهلوان هو مجال جو سندس پير ڪو اورانگهي! ڪچي جي طرف جو ويٺل هو. زور آزمائي جي مقابلي ۾ لاڙ طرف ويو، جتي وڃي نالو ڪڍيائين لاڙين جي محبت کيس موهي وڌو جنهن ڪري ڪيترو ئي وقت اتي رهي پيو. انهيءَ ڪري سندس پهلوانيءَ جي هاڪ هنڌين ماڳين هلي ويئي.“

(3) الکاڻيءَ ٻڌايو:

”جمالو هڪ ٺاهوڪو خوش ۽ پوشاڪ ۽ ڪوپو قداور هو. سندس شرافت ۽ شير مردي ڪري ڳوٺ وارا توڙي اوري پري جا کيس پيار ڀري نظر سان ڏسندا هئا. هڪ دفعي ڀائن سان ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙجي بر منهن ڪيائين. اهڙو اشارو جمالو گيت ۾ به ملي ٿو.“

”جنهن سان ڀائن ڪيو ڊوهه هو ـــــ هو جمالو

ڪٿي وڃي دنگ ڪيائين سو پتو نه پيو پر دادو طرف کان آيو هو، جو جمالي ۾ به آهي.

”دادو ته دٻائي ويو ـــــ هو جمالو“

پوءِ گهڻي وقت بعد پنهنجي ڳوٺ ويو جتي خوب خوشيون ڪيائون ۽ سندس خوشيءَ ۾ گيت ڳايائون.

(4) محمد رمضان دادو واري ٻڌايو:

”وڏڙن کان ٻڌندا ايندا آهيون ته جمال، ڀائن کان ڪنهن سبب ڪاوڙجي ڪوهستان طرف ويو پئي، اتي مان ۽ مرتبو پئي لڌائين. ڪاڇيلن وڏي قربداري ڏيکاريس ۽ کيس سواريءَ لاءِ هڪ ڪاڇيلو اُٺ به ڏنائون. اهڙو ذڪر جمالو گيت ۾ به آهي (4)

 

1-      جنهن کي ڪاڇي اُٺ سواري ۾ ـــــ هو جمالو

2-     جنهن جو ڪاڇي اُٺ ٽئونر سان ـــــ هو جمالو

چون ٿا ته ”جمالو“ نالي هڪڙو شخص هو، جو پنهنجي ساٿين کان وڇڙيو، ۽ ڪي سال وڃي هيٺ لاڙ ۾ جتن سان گڏ گذاريائين. ڪجهه عرصي بعد جڏهن وري موٽي آيو، تڏهن سندس ساٿين توڙي سڪ وارن خوشيون ڪيون. ناچ ڪيائون ۽ پڻ سندس نالي گيت ڳايائون“ (1)

بهرحال مختلف روايتن مان ڪجهه پرو پيو ته جمالو گهر کان ٻاهر ويل هو ۽ اچڻ بعد سندس خوشي ۾ گيت ڳالهايون. جمالو گيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو واقعي بهادر هو.

”جنهنجا پير پنج سير ــــــ هو جمالو.“

پير پنج سير، يعني سندس پير دهرا هئا، جا ڪوپي قرار ۽ جانٺي جانباز جي نمايان نشآني آهي. باقي ٻيو جو ڪجهه گيتن ۾ آهي، سو سندس تعريف ۾ آهي.

جنهن جون اکيون رب رکيون ــــ هو جمالو

جنهن جا ڏند دلبند ــــ هو جمالو

جنهن جي ڀنڀي ڏاڙهي شان سان هو جمالو

جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾ هو جمالو

جمالو گيتن ۾ ڪن شاعرن هاڻوڪين ڳالهين جو به ذڪر ڪيو آهي جو مناسب نٿو لڳي مثلاً

سکر واريءَ پل تي ـــــ هو جمالو

غلام محمد بئريج تي ــــ هو جمالو

اهي مصراعون رڳو رس ۽ رهاڻ خاطر ڳنڍيون ويون آهن. هڪ روايت مطابق اهو واقعو ميرن جي دور جو آهي.

 

جمالو گيت *

 

منهنجو جمالو جتن سان، هو جمالو

جنهن جا پير پنج سير، هو جمالو

جنهن جي سوني منڊي چيچ ۾ هو جمالو

جنهن سان ڀائن ڪيو ڊوهه هو جمالو

لڙي ايندو لاڙ ڏانهن، هو جمالو

جنهن کي ڪاڇي اُٺ سواري ۾، هو جمالو

جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾ هو جمالو

جنهن جون اکيون رب رکيون هو جمالو

منهنجو کٽي ايندو خير سان هو جمالو.

منهنجو جمالو جتن سان هو جمالو

منهنجو کٽي آيو خير سان هو جمالو

جنهن جا ڏند دلبند هو جمالو

جنهن جو ڪاڇي اُٺ ٽونر سان هو جمالو

جنهنجي پڳ آهي پيچ سان هو جمالو

جنهن جي ڀنڀي ڏاڙهي شان سان هو جمالو

جنهن جي جتي جيسلمير جي هو جمالو

جاڏي پير تاڏي خير لا هو جمالو.

 

* * *

 

ڪهاڻيون

اڳ لوڪ ادب ۾ ڏيکاريل آهي ته نثري لوڪ ڪهاڻيون ۽ نظمي تڪبندي واريون ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون، نثري لوڪ ڪهاڻين ۾ ڪي ڪهاڻيون اهڙيون آهن، جو پيچيده (ڳالهه ۾ ڳالهه) هئڻ سبب ڪچڙا دماغ برداشت ڪري نه سگهندا. ليڪن نظمي تڪ بندي واريون ڪهاڻيون ٻار خوشيءَ سان ٻڌندا ۽ ياد ڪري وٺندا ڇاڪاڻ ته اهي تڪون سندن مزاج مطابق آهن. اهي نظمي تڪون سندن وندر ۽ ورونهه جو سامان آهن، انهيءَ ڪري اهڙي قسم جي ڪهاڻين کي ٻاراڻا ٻول (ڪهاڻيون) چيو وڃي ٿو.

 

مواد جي مد نظر ڪهاڻين کي هيٺينءَ ريت ورهائي سگهجي ٿو.


 

ٻاراڻا ٻول

ٻاراڻي وهي ڇا چئجي! نه ڳڻتي نه ڳاري ۽ نه عشق نه گهاري آندي نيندي جي ڪاڪل ڪانه. ڇا آيو ڇا ويو، باقي ڇا آهي، تنهن سان هنن جو ڪو سروڪار نه آهي. سندن دنيا ئي نرالي آهي. رڳو پنهنجي ۾ پورا پنهنجي منهن وتن يل گهمندا، ۽ جيڏن سرتن سان کيڏندا کند هم جنس يا هم جنس پرواز جي مثال، ڇوڪرا ڇوڪرن سان ۽ ڇوڪريون ڇوڪرين سان پنهنجو منڊل مچائيندا. سندن سمجهه سادي ته ٻول به سادا نه لفظ جي معنيٰ جي خبر نه وري تلفظ جي جيڪي اچين سو وڃن تڪون تڪن ۾ ملائيندا. لفظ جو ربط ۽ معنيٰ جو ضبط ٺهي نه ٺهي، ته به وٺ رينگٽ کي! هو انهيءَ ۾ خوش ته سندن ٻول راندين کي وڌيڪ رونق بخشين ٿا.

 

ٻارڙن جو لب و لهجو ۽ طور طريقو ئي پنهنجو مطلب ته سندن محاورا به پنهنجا ته استعمال به پنهنجو ڪنهن سان دوستي يا ياراڻي رکڻ چاهيندا ته ان جي سڄي چيچ پنهنجي سڄيءَ چيچ ۾ ملائي هي ٻول ٻوليندا ”اکريءَ ۾ ڪاتي، تو مان ياراڻي پاتي.“ پوءِ ڏسو ته ڪيئن نه هڪٻئي تي ساهه ڇڏين ٿا. مجال جوڪو ڇوڪرو ٻنهي ڇوڪرن مان ڪنهن سان ٿورڙو به هٿ اٽڪائي سر ڌڙ جي بازي لائي ڏيندا پوءِ جان هيٺئنڙو يا مٿينئڙو! مطلب ته هڪٻئي مٿان اول گهول پيا ويندا گهمندا به گڏ پڙهندا به گڏ ته خرچيندا به گڏ اويل سويل هڪٻئي کي ست سارو مدد به ڪندا. رواجي دوستيءَ وانگر دوستي نه رکندا. لائيندا ته توڙ نڀائيندا ڇو ته سندن سينو هڪٻئي ڏانهن صاف ۽ اک شفاف آهي. حرص ۽ هوس جي هوا سندن سيني کي نه گرم ڪيو آهي ۽ نه سرد تنهنڪري ٻارهو اندران ٻاهران هڪڪرا ۽ هڪجهڙا وري جيڪڏهن دوستي ڦٽائڻي هوندن ته به هڪٻئي کي هن ٻول ۾ ٻڌائيندا ”پاري ۾ مٺائي، تو مان ياراڻي ڦٽائي“ يا ”چوندا جيئي منهنجي پئي توسان آهي اُفي“ بس پوءِ اڍائن گهرن جو خير! نه سلام نه ڪلام سڏ نه صلح نه اچ نه وڃ نه ڏک نه ڏوراوپو نه ميرا نه مهڻو! مٺي به ماٺ مٺي به ماٺ ڪڏهن به دشمنيءَ واري اک نه رکندا ۽ نه کڻندا، ۽ نه ٻئي جي لائي چائي ڪندا. پر ڪندا. پر اها سندن اُف يا افي گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه سگهندي. ڏينهن اڌ کان پوءِ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه اها ئي کل خوشي، اهي ئي ٺينگ ٽپا.

 

جيڪڏهن چرچي طور ڪنهن ڇوڪري کي کٿ ڪرڻو هوندن ته به سهائيندڙ لفظن ۾: مثلاً ٿانئونءَ نالي، هڪ پيٽي ڇوڪرو آهي تنهن لاءِ چوندا:

ٿانئون ڙي ٿانئون

توکي پيٽ ۾ بلائون

توکي ٻيلي ۾ ٻڌائون

ٿانئون ڙي......

 

جيڪڏهن ڪو ڇوڪرو گنجو آهي ته چوندا:

 

گنجو هليو ميٽ ملائي

وار نه لڀي ڇا کي لائي؟

هٿ ڀري ٿوپيٽ کي لائي

گنجو هليو...........

 

اندر گهري تان غوطا کائي

ٻاهر نڪري تان خلق کلائي

گنجو هليو..............

 

جيڪڏهن ڇوڪريءَ کي چيڙائيندا ته چوندا:

 

چري ڇوڪري چم جي

کاٽي کٽا ٻير

اٺ جيڏي اوجهري

گابي جيڏا پير.

چري ڇوڪري..............

 

ڏياٽين واري عيد ايندي مشعال ٻاريندا ۽ چوندا:

 

عيد عيد مشالعو

ڪافر جو منهن ڪارو

جيئي نبي سونهارو

عيد عيد..................

 

جيڪڏهن راند مچائڻ لاءِ ٻارڙن کي سڏ ڪندا ته هي ٻول ٻوليندا:

 

اچو ڙي ٻارو

راند جو سعيو

اڪ جون ڪاٺيون

نم جو پائو

ڊوڙي اچي ڊڳڙ کائو

موٽي اچي مکڻ کائو.

اچو ڙي................

 

پوءِ ڪير نه اچي! ٿوري ويرم ۾ ئي پيڙا لڳي ويندا، ۽ ٽوليون ٽوليون ٺاهي راند شروع ڪندا. جيڪڏهن ڳالهه کڻندا ته به اهڙي رنگ ۽ ڍنگ ۽ طرز ۽ طريقي سان کڻندا جو ٻڌندي وڏا به دنگ رهجيو وڃن.

مطلب ته موقعي آهر سندن ٻول هوندا، جي پنهنجيءَ پر ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. انهن ٻولن کي مختلف قسمن جي پيش نظر هيٺين قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.


(1) . قادر بخش چانڊيو، سگهڙن جي ڪچهري، ڳوٺ شيخ محمد وساڻ تعلقو سانگهڙ، تاريخ 21-11-1947ع.

(2) . خدا بخش حجام، ڳوٺ ڪاڪي پوٽا (تعلقو ڳڙهي ياسين، ضلعو سکر) کان مليل 29-3-1950ع.

(3) . محمد صديق اَلکاڻي (لڳ ڇني، تعلقو جوهي ضلعو دادو) کان مليل 18-12-1952ع.

(4) . ڪچهري جي تاريخ 10-12-1952ع.

(1) . ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لوڪ گيت، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1965ع، ص 30.

* . خدا بخش حجام ڪاڪي پوٽا واري کان مليا،. ڪچهريءَ جي تاريخ 2-1-60

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org