سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :38

 

 

ٻالو ڀولو ڪڪڙ

ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن زماني ۾ هڪ ٻلي، هڪ ڪٻر ۽هڪ ننڍو ڪڪڙ هو. ٽيئي گڏ ڪنهن جهنگ ۾ هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهندا هئا. ٻلي ۽ ڪٻر، ٻئي جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ وينديون هيون ۽ ڪڪڙکي گهر ڇڏڻ وقت سمجهائينديون هيون ”ڏس! اسين تمام پري وڃي رهيون آهيون، ۽ تون اتي ئي ويهجاءِ ۽ گهر جي نظرداري ڪجانءِ. خبردار! گور نه ڪجانءِ، ۽ جيڪڏهن گِداڙي اچي ته دريءَ کان ٻاهر نه ڏسجانءِ“

گداڙيءَ کي جڏهن خبر پئي ته ٻلي ۽ ڪٻر ٻاهر ويون ته هوءَ ڊوڙي اچي جهوپڙيءَ جي ڀرسان، دريءَ جيهيٺان اچي ڳائڻ لڳي:

 

ڪڪڙ، ڙي ڪڪڙ!

گول تنهنجا تارا

تنهنجي چوٽي ڳاڙهي ڳاڙِهي

سهڻا سهڻا تنهنجا ڳَلَ

ٻاهر ته ٿورو ڏس ڀلا

مٽر جا داڻا ڏيان پٽ توکي

ڪڪڙ دريءَ کان ليئو پاتو. گداڙي ته کيس جهٽ کنڀي ورتو ۽ پنهنجي چُرِ يا غار ڏانهن ڊوڙي ڪڪڙ دانهون ڪيون:

گداڙي مونکي کڻي ٿي وڃي

اونهين ندين کان به اڳتي

وڏن پهاڙن جي هن پار

ڀڄ ٻلي، ڀڄ ڪٻري

اچو منهنجي جان بچايو.“

ٻلي ۽ ڪٻر، ننڍڙي ڪڪڙ جون رڙيون ٻڌيون، ۽ گداڙيءَ جي پويان پيون ۽ ڪڪڙ، ان کان ڇڏايائون.

جڏهن ٻلي ۽ ڪٻر، ٻئي وري ڪاٺين وڍڻ لاءِ وڃڻ لڳيون ته انهن ڪڪڙ کي وري سمجهايو: ”ڏس ڪڪڙ! دريءَ کان ٻاهر نه ڏسجانءِ، اڄ اسين تمام پري وڃي رهيا آهيون. تون رڙيون ڪندين، تڏهن به اسين ڪين ٻڌي سگهنديونسين.“

جڏهن هو هليون ويون ته گداڙي ڊوڙي اچي جهوپڙيءَ جي ڀرسان ڳائڻ لڳي:

 

”ڪڪڙ ڙي ڪڪڙ

گول تنهنجا تارا

چوٽي تنهنجي ڳاڙهي ڳاڙهي

ٻاهر ته ٿورو ڏس ڀلا

مٽر جا داڻا ڏيان پٽ توکي.“

ڪڪڙ چپ ڪيو ويٺو رهيو ته گداڙي وري ڳائڻ لڳي:

”ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڊوڙن ٿا

هرطرف ڪڻڪ جا داڻا پکـيڙيل

ڪڪڙيون چڳي رهيون آهن سڀ جو سڀ

ڪڪڙ ويچارا ڪجهه نه حاصل ڪندا.“

ڪڪڙ، دريءَ مان ليئو پائي پڇيو: ”ادي گداڙي، اهو ته ٿورو ٻڌاءِ ته ڪڪڙ ويچارا ڇونه حاصل ڪندا“؟

جلدي گداڙيءَ ڪڪڙ کي کنڀي ورتو ۽ پنهنجي چر ڏانهن ڊوڙي ڪڪڙ دانهون ڪيون:

”گداڙي مون کي کڻي ٿي وڃي

اونهين ندين کان به اڳتي

وڏن پهاڙن جي هن پار

ڀڄ، ٻلي، ڀڄ ڪٻري

اچو منهنجي جانءِ بچايو.“

 

ٻلي ۽ ڪٻر، ڪڪڙ جو آواز ٻڌو، ۽ ٻئي گداڙيءَ جي پويان پيون. ٻلي ڊوڙي ۽ ڪٻر تيز اڏاڻي جڏهن ٻئي گداڙيءَ جي ڀرسان پهتيون ته ٻلي رهرون ڏيڻ لڳي ۽ ڪٻر ٺونگا هڻڻ لڳي، ۽ ٻنهي ڪڪڙ کي ڇڏايو.

 

هن دفعي وري جڏهن گداڙي ۽ ڪٻر گهڻو پري جهنگ ۾ ڪاٺين وڍڻ لاءِ تياري ڪئي ته هينئر ڪڪڙ کي نهايت چڱي نموني سمجهايو. ”ڏس، گداڙيءَ جي چوڻ تي ڪَنُ نه ڪجانءِ ۽ دريءَ کان ٻاهر نه ڏسجانءِ. اڄ اسين تمام پري وڃي رهيون آهيون ۽ تون کڻي ڪيتريون به رڙيون ڪندين تڏهن به اسان جي ڪن تي آواز نه ايندو.“

 

ٻلي ۽ ڪبر ته تمام پري جهنگ ڏانهن، ڪاٺين ڪٽڻ لاءِ هليون ويون. جلدي اچي گداڙي به ڪڙڪي ۽ دريءَ هيٺان ڳائڻ لڳي:

 

”ڪڪڙ ڙي ڪڪڙ

گول تنهنجا تارا

چوٽي تنهنجي ڳاڙهي ڳارهي

باهر ته ٿورو ڏس ڀلا

مٽر جا داڻا ڏيان توکي.“

ڪڪڙ چپ ڪيو، ويٺو رهيو ته گداڙي وري ڳائڻ لڳي:

ڇوڪريون ڇوڪرا ڊوڙي رهيا هن

هر طرف کان ڪڻڪ جا داڻا پکڙيل

ڪڪڙيون چڳي رهيون آهن، سڀ جو سڀ

ڪڪڙ ويچارا ڪجهه نه حاصل ڪندا“

ڪڪڙ چپ رهيو ته گداڙي وري ڳائڻ لڳي:

”ماڻهو اڄ هتي گهڻا آيا

لکين باداميون هر طرف ڇٽيل

ڪڪڙيون چڳي رهيون آهن

سڀ جو سڀ

ڪڪڙ ويچارا ڪجهه نه

حاصل ڪندا............“

ننڍڙي ڪڪڙ دريءَ مان جهاتي پائي پڇيو:

”گداڙي ادي، ٻڌاءِ ته ڪڪڙ ويچارا ڇونه حاصل ڪندا؟

گداڙيءَ جلدي جهٽڪو ڏيئي کنڀي کنيو ۽ اونهين ندين کان اڳتي بلند پهاڙن جي هن پار، پنهنجي غار ۾ ڊوڙي ويئي.

 

ڪڪڙ زور زور سان دانهون ڪرڻ لڳو، پر ڪٻر کي هن جو سڏ ٻڌڻ ۾ نه آيو. جڏهن هو گهر موٽيون ته ڇا ڏسن ته ڪڪڙ غائب!

گداڙي جنهن رستي سان ويلي هئي، ان رستي تي ٻلي ۽ ڪٻر هليون ٻلي ڊڪي ۽ ڪٻر تيز اُڏاڻي. گهمنديون گهمنديون گداڙيءَ جي چر وٽ آيون. ٻلي باجو وڄائي ڳائڻ لڳي:

”ڳايان مان اهڙو گيت

ٿي وڃي دنيا مست

ادي گداڙي ڪٿي آهي

ٻاهر يا سمهي پئي آهي؟“

گداڙيءَ گيت ٻڌو ۽ چوڻ لڳي:

”هي ڪير آهي جو ايترو سٺو باجو وڄائي، اهڙو سٺو گيت ڳائي رهيو آهي؟ مان به ته ان کي ڏسان.“

گداڙي پنهنجي غار مان ٻاهر نڪري آئي. ٻلي ۽ ڪٻر جلدي، گداڙِءَ کي پڪڙي ورتو ۽ ٻئي کيس مارڻ لڳيون. ايترو ماريائونس جو گداڙي ساه مٺ ۾ ڪري وٺي ڀڳي. ٻلي ۽ ڪٻر، ڪڪڙ کي کنيو ان کي هڪ ٽوڪريءَ ۾ ويهاري گهر وٺي آيون ۽ اڄ تائين اهي ٽيئي جهنگ ۾ پنهنجي جهوپڙيءَ اندر خوش گذارين ٿا.

 

وڌيڪ ٻول

1-  تنڊڻي ڙي ٽنڊڻي

اسين تنهنجا ماڻهو

چٻينداسون ڏاڙهون

هيءَ کڙ کڙ ڪهڙي

ستن ڀائن جهڙي

ستئي پرڻايان

اچو گهگهو پايان

اچي گهگهي ليهه

ڀائر منهنجا ٽيهه

نوري بن کائيندي

دٻلو وڄائيندي

دٻلي ۾ موتي

ڏسو ڪڪيءَ جي پوتي.“

 

2-    ”ماما چنڊ، پائي ڏي

پائيءَ ۾ حرڪت

پوي تو ۾ برڪت

اندر ٻاهر سوجهرو

هڻ ٻليءَ کي موچڙو.“

 

3-       ”ڪريلا ڙي ڪريلا

ڪريان جي ڀاڄي

ڀاڄي بهوت جي

تيوڻ تهوت جو

لال سونارا

پٽ گليءَ وارا

نٿ ته گهڙائي ڏي

اڄ نه سڀاڻي

ويندس ناناڻي

ماءُ ماٽيجي سڏ نٿي ڏئي

پيءُ چوي ٿو: پٽ آءُ

ڀاڄائي چوي ٿي: ڦلڪو کاءُ

ڀاءُ چوي ٿو اکيون ڪڍاءِ.“

 

4-       ”پيسو لڌم پٽ تان

پيسي جو ورتم گاهه

گاهه ڏنم گانءِ کي

گانءِ ڏنو کير

کير ڏنم اما کي

اما ڏنو لولو

لولو ڏنم ڪانو کي

ڪانو ڏنو کنڀ

کنڀ ڏنم راجا کي

راجا ڏنو گهوڙو

گهوڙو ڏنم صاحب کي

صاحب ڏني بگي

چڙهي گهمان، چڙهي گهمان

چندن ڦٽاڪو

جيئي منهنجو ڪاڪو.

 

* * *

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org