سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :7

 

وطايو فقير

سنڌ ۾ ڪيترائي اهل دل درويش ۽ باڪمال بزرگ ٿي گذريا آهن، جن جي گواهي سندن ڪلام فصاحت انجام ڏئي ٿو. وطايو فقير به انهن درويشن مان هڪ آهي.هو وقت جو مڃيل مجذوب هو، جنهن ڪري هن ڪيترائي عجب ۾ وجهندڙ ڪارناما ڪري ڏيکاريا. تحفة الڪرام ۾ آيل آهي ته:

”جڏهن ملا محمد جهانگيري، حضور ۾ ٿي ويو ته رستي ۾ وطائي کيس نوازيو هو. پوءِ به جلد ئي مسڪين حال هوندو هو علمي ڪمال سببان، هڪ مشهور معروف ماڻهو ٿي پيو.“ (1)

وڌيڪ هي به آيل آهي ته:

”چون ٿا ته هڪ ڏينهن صبح جو هڪ ماڻهو مڪليءَ جي زيارت ڪرڻ ٿي ويو. هوڏانهن وطايو مجذوب ٽڪريءَ کان موٽيو ٿي آيو. وطائي انهيءَ ٻئي مجذوب کي چيو ته ”ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ اڄ مخدوم حمزه گذاري ويو آهي. جناب سيدالمرسلين سندس امامت لاءِ تشريف فرما ٿي رهيا آهن. اچ ته اسين به پهچون.“ هيءُ ويندڙ ماڻهو پڻ انهن مجذوبن جي پويان شهر ۾ پهتو ۽ ڏٺائين ته برابر مخدوم حمزه گذاري ويو آهي. هُو سندس جنازي تي ويو ۽ صفن سڌي ٿيڻ وقت وڃي پهرين صف ۾ بيٺو. امام جي تڪبير چوڻ وقت پهريائين کيس غيب مان تڪبير ٻڌڻ ۾ آڻي.“

جنهن شخص جي ايڏي منزل هجي، ته ڇا، هن جي ڪلام ۾ روحانيت نه هوندي؟ ڇا، هن جو ڪلام حقيقت جي پايه تي مبني نه هوندو ڇا، سندس ڪلام ۾ معنيٰ جا موتي نه هوندا، جن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ بعد انسان پنهنجي حياتي سڌاري ۽ سنواري سگهي ٿو. علامه آءِ. آءِ. قاضي لکي ٿو. (1)

”وطائي فقير جي نقلن ۾، نه صرف اسان لاءِ سبق سمايل آهن پر جيڪر سڄي دنيا جي ملڪن جا ماڻهو، انهن مان سبق حاصل ڪري سگهن.“

وري چوي ٿو.

”جيڪڏهن اهي نقل، ڪو ويهي ٺاهي لکي ته جيڪر شاعرن کي به شَهه ڏيئي ڇڏي.... اوهان وطائي جي نقل کي شايد هڪ چرچو ڪري ڀانيو، پر عقلمندن لاءِ هي نقل، عقل جي موتين سان ڀريل آهن.“

وطائي فقير جي رهڻي ڪهڻي نهايت سادي هئي، جنهن ڪري هن ڏانهن ڪنهن جو به گمان نه ويندو هو ته ڪو صاحب منزل آهي. سندس نقل سياڻپ جا نُڪتا آهن ۽ دانائيءَ جو درس آهن. هن جي تربت ٽنڊوالهيار کان 3 ميلن جي مفاصلي تي آهي. (2)

 

نقل

(1) چون ٿا هڪ ڀيري وطايو، ڪنهن پاسيري پيچري کان اڪيلي سر پئي ويو ۽ سندس بوڇڻ جي پلاند ۾ هڪ ڪَلدار (روپيو) ٻڌل هو. خيال آيس ته متان هن اڪيلي واٽ تي ڪو چور نه گڏجي وڃي، جو نه رڳو روپيو ڦُري، پر هڻي ڦٽي وجهي! سو ڇا ڪيائين جو روپيو ڇوڙي کڻي گس جي ڀرسان بيٺل اَڪ جي پاڙ ۾ رکيائين ۽ پوءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيندي، چيائين ته ”اي ڌڻي منهنجا! چڱو جو هن جزا مان جند ڇڏايئي. هاڻي هٿين خالي کي ڪو ڊپ ڪونهي. نڪي هڙ ۾ ڪي هوندو، نڪي ڪير ڦريندو.“ ائين چئي اُٿي پنڌ پيو. ڪجهه وقت گذري ويو ۽ واءُ لڳڻ سببان روپئي مٿان مِٽيءَ جو تهه وري ويو. هڪ ڏينهن ڪو مسافر ساڳئي گس تان اچي لنگهيو، ۽ قضا حاجت لاءِ اچي انهيءَ اڪ جي پاڙ ۾ ويٺو. روپئي واري جاءِ تي جو پاڻيٺ پيو، سو مٽي لهي ويئي ۽ هيٺان ڪلدار چمڪڻ لڳو. بنان هٻڪ جي هن يار به جهت ڪري کڻي هٿ ۾ کنيو. ڀانئيائين ته اهو اڪيلو روپيو ڪونه هوندو، پر اِتي پڪ ڪو خزانو پوريل آهي؛ سو سنبري وڃي مزور وٺي آيو ۽ اچي کوٽائڻ شروع ڪيائين. چوڌاري کڏون لڳي ويون ۽ اڪ پاڙن سوڌو ڪڍي کڻي ٻاهر ڪيائون، پر هئا ڪاريءَ وارا ڪک، سو ملين ڪي به ڪين! نيٺ سُور پِٽي، ڪڪ ٿي روانا ٿيا. هڪ ٻن ڏينهن بعد وطايو به وري ساڳئي انهيءَ گس تان اچي لنگهيو. ڏسي ته مار! چوڌاري کڏون لڳيون پيون آهن، ۽ اَڪ پاڙ سوڌو ٻاهر پيو سُڪي!! اِتي ٻئي هٿ کڻي چيائين ته ”شڪر اَٿئي اي منهنجا موليٰ، جيڪڏهن آءٌ انهيءَ روپئي مان جِند نه ڇڏايان ها ته مون سان به ساڳي انهيءَ اَڪ واري ڪار ٿئي ها.“

 (2) چون ٿا ته وطايو ڏسي ته هڪ گهورڙيو پيو گِدرا وڪڻي. کيس رڳو چار پيسا ڳنڍ ۾ هئا، سي ڪڍي ڏنائين ۽ ڳهو کيس هڪ چڱو ٺاهوڪو گدرو کڻي ڏنو. وطائي ڏٺو ته گهر ۾ ماڻهو گهڻا آهن ۽ هن گدري مان پورت ئي ڪانه ٿيندي؛ پر وڌيڪ پيسو به وٽس ڪونه هو، سو ويچار ڪيائين ته گهورڙئي جي آڏو گدرن جو ڍڳ لڳو پيو آهي، سوال ڪريانس ته من هڪڙو کڻي ڏئي. اهو سوچي چيائينس ته ”هَڙَ ۾ پيسو ڪونه اٿم جو ٻيو گدرو وٺان، پر پويان آڪهه وڏي آهي ۽ هن هڪ گدري مان ته کين ڦار ڦار به هٿ ڪانه ايندي؛ سو سائينءَ جي نالي تي ٿو توکي سوال ڪريان ته انهيءَ موليٰ جي محابي هڪڙو ٻيو گدرو ڏيار.“ گهورڙيو ڪجهه ويرم ته ڪاوڙ وچان گُهور ڪري ڏانهس نهارڻ لڳو، ۽ آخر خفا ٿي، ڪُسندي مَسندي، هڪ اهڙو ڪِنو ڦِٿل گدرو هٿ ڪيائين، جو ڀانئيائين ته ڪوبه ڪونه وٺندو، سو کڻي وطائي فقير جي هٿن ۾ هنيائين. وطائي هي لقاءُ ڏسي، گدرو تريءَ تي رکي کڻي مٿي کنيو، ۽ ڳوڙهن ڀريل اکيون آسمان ڏي کڻندي چيائين ته ”اي الله، ماڻهن وٽ تنهنجو قدر اِجهو اِهو آهي! تنهنجي نالي تي اجهو هيءُ مليو اٿم“ ڏسان ٿو ته ماڻهن وٽ تنهنجي نالي کان ڇَئن پيسن جو مانُ مڙيوئي مٿي آهي.

(3) چون ٿا ته اَسُر ٿيندو هو ته وطايو فقير تسبيح سورڻ شروع ڪندو هو. ڪيترن ڏينهن کان پوءِ اهڙو ڪو خيال ذهن نشين ٿيس، جو تسبيح جي پچر ئي ڇڏي ڏنائين. ماڻهن پڇيس ته ”فقير، ڇو ايتري ۾ ٿڪجي پئين؟“ فقير جواب ڏنو ته ”روزانو هيتريون ڪِ هيتريون تسبيحون پڙهندو هوس ۽ ناغو نه وجهندو هوس، پر پوءِ ڏ‎ٺم ته ”يارن سان ڪهڙا ليکا آهن، تنهن ڪري ڇڏي ڏنم. باقي دل ۾ ته وسي ٿو.“

(4) نقل آهي ته وطائي فقير جي چوري ٿي ويئي. ويچاري گهڻي پڇا ڳاڇا ڪئي، پر ڪير ڏسي! نيٺ چورن جي پيري کڻڻ بدران، ڳوٺ جي مقام ۾ وڃي ويهي رهيو. ڪنهن ڏينهن چور اُتان لانگهائو ٿيا. فقير کي سڃاڻي، پڇيائوس ته فقير اِتي اڪيلو ڇو ويٺو آهين؟“ چيائين ته چور چوري ڪري ويا آهن، تنهنڪري سندن اڳ جهليو ويٺو آهيان.“ چورن پڇيس ”اهو وري ڪيئن؟“ فقير چيو ته ”بابا، نيٺ ته چور به مرندا ۽ اڳي پوءِ هِتي ئي پوربا.“ چور ڏاڍو لڄي ٿيا ۽ هڪدم مال موٽائي ڏنائونس.

(5) چون ٿا ته وطايو فقير ڪنهن ڏورانهين سفر تي نڪتو. هڪ پنڌ پري، ٻيو مسافري اَڻانگِي، سوويچارو ٿڪجي پيو. الله کي سوال ڪيائين ته ”حال معلوم اَٿي، ڪهڙي کولَ ڪريان. ڪا سواري ڏيار ته پنڌ جي مصيبت کان ڇٽي پوان“. اڃا ائين چئي بِس ڪيائين ته کيس هڪ پوليس وارو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن کي گهوڙي ۽ وَڇيرو هو. سمجهائين ته اڄ الله تعاليٰ مهرباني ڪئي آهي. اها سواري مون لاءِ ئي آهي، ڏاڍو خوش ٿيو. خبر تڏهن پئي جو ويجهو اچي، پوليس واري چيس ته ”فقير، کڻ هِي وڇيرو؟ مون سان هلندو هَلُ.“ وطائي ٿورو ڪيٻايو؛ پر جڏهن ڪنڌ جو لڳس، تڏهن ڪياڙي کَنهِي اُٿيو وڇيرو ڪلهن تي، ۽ پوليس وارو اڳيان! دل ۾ چيائين ته: هي تعدي چڱي. ڳالهه ئي اُبتي! تان جو ٿاڻي تي آڻي ڦَرَ کي لاٿائين. جڏهن ٻاهر نڪتو، تڏهن خدا کي چيائين ته ”بيشڪ تون ٻُڌين ٿو، پر سمجهين ڪونه ٿو. مون چيو ته گهوڙو ڏيار يا گهوڙي کي سوار ڪر!

 

پيراڻو ڀنڀرو

ڪچهريءَ ۾ پيراڻي ڀنڀري جا بيت به هلندا آهن، جي ڪچهريءَ جي ڪوڏين کي ڏاڍو ڀانءِ پوندا آهن، ڇاڪاڻ ته ظاهري چرچي ڀوڳ وارا هوندا آهن، ليڪن کُلڻ کان پوءِ انگشت بدندان ڪري ڇڏيندا آهن، جو اُهي اخلاقي تنبيہ ۽ حڪمت کان خالي نه هوندا آهن. پيراڻي ڀنڀري جي بيتن جي باري ۾ هِيئن چوڻ درست ٿيندو ته هُن، نفس کي ماري مُڃ ڪرڻ ۽ دنيوي حرص ۽ هوس کي ڇڏي ڏيڻ لاءِ ئي بيت جوڙيا آهن.

هڪ روايت مطابق ته هو ڀٽائي سائين جي وقت جو هو، ۽ سندس ڳوٺ ’ڀنڀرا‘، ضلعو سانگهڙ هو. سندس ڪي بيت هتي ڏجن ٿا.

(1)     جان وڃان واٽ وٺيو ته مڙس گڏيم جهونو

ڪنڊو لڳو ٿَس پير ۾، کوٽي جو مُونو

چئي پيراڻو ڀنڀرو، ڇا ٿو ڪرين؟ چي: اڳ ٿو ڦِرانس.

(مڙس جهونو = حضرت عزرائيل ڏانهن اشارو، جو شروعات کان هليو اچي. ڪنڊو = موت ڏانهن اشارو. ساهه، پيرن کان وٺي نڪرندو آهي. جڏهن پيرن مان ساهه نڪتو ته وري گوڏي وٽ آيو. آخر ساه سرير مان نڪريو وڃي. پيراڻو ڀنڀرو چوي ٿو ته ”عزرائيل جو خيال رکو. ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ضرور مهمان ٿيندو. سويل ئي نيڪ عمل ڪريون ته جئن ساهه نڪرڻ وقت سڪرات جي تڪليف ڏسڻي نه پوي.)

(2)       جان وڃان واٽ وٺيو، ته ڪَپَر مٿي ڪُورَ

جان پيم پُورَ، ته کودِي ٻُهاري وجهان خُرزين ۾.

(ڪپر مٿي ڪور جو وهڻ = مسجد ۾ جماعت جو نماز پڙهڻ لاءِ اچڻ ۽ سڄي مسجد جو ڀرجي وڃڻ. کودي = ناس جي دٻلي. خزرين = کيسو. ڀنڀرو چوي ٿو ته ”اڄ اَلاجي ڪهڙي سبب مسجد، نمازين سان ڀرجي ويئي آهي. هونءَ ته مسجد ۾ الله ۽ رسول جو نالو مِٺو موچارو ٻيو ٿيو ڀلو! ملان به دٻليءَ مان ناس ڏيئي، وري وعظ جا پَورَ پيو پچائي، اهو انهيءَ ڪري جو ڪار اِلاهي آفت اچڻي آهي. اڳ سجاڳ نه ٿيا، هينئر پيا الله کي ياد ڪن! پيراڻي جو خيال آهي ته الله کي هر وقت ياد ڪرڻ کپي، ائين نه جو مصيبت وقت الله ياد اچي پوءِ خير ئي خير.)

(3)       جان وڃان واٽ وٺيو، ته پَڪي بيٺي آ ٻير

اُڇليو ڪانئِيچَ هڻانس، ته ڇني پيا مُڱَ

کڻيو ڍنگهر ميڙيان ته ٽَٺا اُٺَ وڃن

چوي پيراڻو ڀنڀرو، يارو جهليو، جو مَهارون ٿاڇِنَنِ.

(ٻير = هِي جهان. پڪي بيٺي آ ٻير = هيءَ دنيا بلڪل سينگاريل آهي. اڇلي ڪانئچ هڻڻ = انتهائي درجي جي ڪوشش ڪرڻ. مڱ ڇڻڻ = ڪجهه به حاصل نه ٿيڻ. ڍنگهر = دنيا جا نفساني خيال. اٺ = پاڪ خيال، نوراني روح. مهارون ڇنڻ = بيزاري ڏيکارڻ. انهي بيت ۾ طالب الموليٰ ۽ طالب الدنيا جي ڀيٽ ڪيل اهي. هت پيراڻو ڳالهه ٿو ڪري ’طالب الدنيا‘ جي. ٻير آهي. دنيا، جا بلڪل سينگاريل ۽ موهيندڙ آهي. طالب الدنيا اها ٻير ڏسي، ڪانئچ اڇلائي يعني انتهائي حيلا هلائي، دنيا کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، مگر مُڱ (ڪجهه به نه) ڇڻيو پون. نفساني خيالن سان پاڪ خيال شامل نٿا ٿين ۽ بيزاري ڏيکارين ٿا. پيراڻو ڀنڀرو چوي ٿو ته ”طالب الموليٰ، نفس اماره جي چوڻ تي هلڻ کان بيزار آهن، ۽ دنيوي حرص ۾ پاڻ نٿا ڦاسائين.)

4-        جان وڃان واٽ وٺيو، ته گَجُ شِينهندو اچي

پَٽُ وٺي ٽَنگَ تي هنيومانس ته شِيڪَ پيو ڏَندي

چوي پيراڻو ڀنڀرو، ڦاڙا تاري پيو.

(گج شينهندو اچي = شينهن ڳجندو اچي. شينهن = دنيا جي زبردست نفساتي خيالن ڏانهن اشارو. پٽ وٺي ٽنگ تي... ڏندي = ٽَنگَ کان وٺي پَٽ تي هنيو مانس ته ڏند پيو شِيڪي يعني طالب الموليٰ انهن دنيوي حرصن ۽ هوسن کي ڦيرائي پَٽيءَ تي هنيو ته ڏاڍو شَڪي ٿيا. ڦاڙا تاري پيو = تارا ڦاڙي پيو. يعني دنوي حرص خيال ڪاوڙ مان ڏيکاري ڏين ٿا.مطلب ته طالب الموليٰ، دنيا جي ڪامنا ۾ نه اچي سگهندو. توڙي دنيا وَل ڇَل سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندس، پر اَٽڪل سان اڳيئي نڪري ويندو.)

5-          پيراڻا ڀنڀرا، مِٽيءَ جا ڍير

ڪاڏي ڪيا ٿي مَٿا، ڪاڏي ڪيا ٿي پير

سَٽون ڏيندي سيرَ، رات وهامي وَيَهءِ.

(مٽيءَ جا ڍير = مٽيءَ جا ٺهيل، نڪما. سير = گَهٽ گهير، راستا ۽ راهون. پيراڻي ڀنڀري، انسان ذات کي تنبيہ ڪئي آهي ته اي نِڪما انسان، تون هن دنيا ۾ ڇا جي لاءِ آيو اهين. اها ڳالهه ته وسري ويئي اٿيئي. ٻڌاءِ ته تنهنجو مٿو ڪيڏانهن آهي ۽ پير ڪيڏانهن؟ يعني جنهن پاسي توکي خيال ڪرڻو آهي ۽ جنهن پاسي راهه رَمڻي آهي، سي پاسا ته وٺين ڪونه ٿو. اَوجهڙ پيو وڃين. راه راست کان مُنهن موڙي، ڪُراهَه تي وڃي پيو آهين. انهن ئي گَهٽَن ۽ گهيرن تي سُٽون ڏيندي، حياتيءَ جي شمع گُل ڪري ڇڏيندين.)

6-        اُٺ چڙهيو آڪاس تي، ڀَڳِي جهرڪي ڄَنگَهه

ڀڄي پري ٿيءُ ڍال وارا، متان اَچيئي آنگهه

چئي پيراڻو ڀنڀرو، ٿورو سوچيندو ڪر.

(اُٺ = پاڪ روح. جهرڪي = بوتو. ڍال = بچاءُ، دنيا جا مٽ مائٽ. ترار = دل ۽ جسم. انگهه = راضپو. روح آسمان تي پهتو. انسان جي دل بيهي ويئي، موت اچي ويو. اي عزيز، موت کان پري ٿي، رضا تي راضي هو، مبادا بي شڪريءَ سبب اوهان تي ناراضپو يا گناهه ٿئي.)

(7)       گهران نڪتس نيراني ٻه پُسريون کائي

لَئِي ڏٺم وچ درياء ۾، ريجَ بنان سائِي

چوي پيراڻو ڀنڀرو، اها اٽڪل خدا کي ڪٿان آئي!

(بسري = ڳُڙَ واري ماني. ٻه بسريون کائي = ٻه رڪعتون نماز جون پڙهي. درياء = مقام. لَئِي = هڪ درويش جي قبر، جنهن تي پڙ پيل هئا.

هڪ دفعي پيراڻو ڀنڀرو صبح جي نماز پڙهي مقام طرف ويو ڏٺائين ته هڪ قبر تي پَڙَ پيل هئا، جنهن مان سمجهائين ته هي درويش ڪمائي ڪري ستو آهي. انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڏيندي، نيڪ عملن جي تقاضا ڪري ٿو ته قبر ۾ يا آخرت ۾ ڇوٽڪاري جو باعث به اهي ئي نيڪ اعمال ٿيندا.)

8-        جَتَ مٿي ٻه ڄڻا، چڙهيا اُٺَ وڃن

ڦُلا منهنجي پلاند ۾، صلاح هُو نه ڪَن

چوي پيراڻو ڀنڀرو، وڏا بَه ايمان ٿا ڏسجن.

(جت = انسان ڏانهن اشارو. ٻه ڄڻا = ٻه ملائڪ يعني ڪراماً ڪاتبين. ڪراماّ ڪَاتِبَين يَعلَمُون ماّ تّفعلُون (قرآن) = سڳورا ملائڪ لکڻ وارا، جي اوهان جا سڀ ڪم ڄاڻن ٿا. ڦلا = عمل، ڪم. به ايمان = ايماندار. پيراڻو چوي ٿو: اهي به ڪُلهن تي ويٺل ملائڪ (اُٺَ)، هر انسان جو روزانو عمل لکندا رهن ٿا. پر جيڪي اعمال ڪندو رهي ٿو، تن لاءِ ڪوبه اشارو يا مشوره نٿا ڏين ته هي ڪم جائز آهي يا نه. هو فقط ڏسندا ۽ لکندا رهن ٿا. پيراڻو مڃي ٿو ته واقعي ايماندار آهن، جو پنهنجي فرض ادائي نيڪ نِيّتن سان ڪن ٿا. هن مان اهو ظاهر ٿو ته انسان کي ٻئي جي صلاح جو محتاج ٿيڻ نه کپي، بلڪ پنهنجي روشن ضمير کي صاف ۽ پاڪ رکندو اچي، جنهن کان ئي وقت تي پڇڻ کپي.)

9-        دُهل دارون نه پِئي، وڄي تان نه لَنگهو

چوي پيراڻو ڀنڀرو، ڦاٽِي پيو ڏؤنڪو

هاڻي کڻي وٺو ڪوڏر ته ڏيونس ٽوپو.

(دهل = پيٽ. دارون = کاڌو پيتو. وڃي نه لنگهو = ساه نٿو کڄي. ڏونڪو = زبان. ڦاٽي پيو ڏونڪو = زبان ڳالهائڻ کان بيهي ويئي. ڏيونس ٽوپو = قبر ۾ پوريونس. ڀنڀري، هَلائڻ جي وقت جي ڳالهه ڪئي آهي. جڏهن انسان هلڻ هارڪو ٿيندو، تڏهن سندس کاڌو پيتو بند ٿي ويندو، ۽ زبان به ڳالهائڻ کان بند ٿي ويندي. مرڻ کان پوءِ ڪوڏر سان قبر کوٽي پوري ايندس.)

(10) چڙهي ويٺس ڏاندَ تي، هَلي نٿي ڀِتِ

ڏاند ٿيو بُوبڪين، مان ٿيس هِتِ

پيراڻو ڀنڀرو چئي، ڏاند گاه نٿو چري.

(هن بيت ۾ پيراڻي ڀنڀري، انسان جي پڇاڙيءَ جو ذڪر ڪيو اهي ته ڪيئن پيريءَ ۾ انسان کي ضُعف وڪوڙي وڃي ٿو. چڙهي ويٺس ڏاند تي = ڪافي عمر گذري ويئي يعني پيريءَ جو وقت آيو. ڀت نٿي هلي = ٽنگن ۾ اها طاقت ڪانهي جو جوانيءَ وانگر هلجي. ڏاند ٿيو بوبڪين = وَهِي تمام گهڻي گذري وئي. مان ٿيس هت = مان ساڳيو ئي آهيان، پر اها ساڳي طاقت نه رهي آهي. ڏاند گاه نٿو چري = حياتي سڀني ڳالهين کان بيزار ٿي ويئي.)

11-       ٽَهي چِلِي، ڦاٽي ڏاند، ڌُو جهنگ وَهگڙي ۾

چوي پيراڻو ڀنڀرو، اڃا نٿو سمجهين؟

(ٽهي = ڊڄي. چلي = دِل. ڏاند = روح. وهڙو = نفس امارو جهنگ = دنيا، حرص وارا خيال. پيراڻو چوي ٿو: ڪنهن نيڪ بخت انسان جي دل، گناهن کان سچي ارادي سان ٽهِي ڀڳي، تڏهن روح مٿان پيل گناهن جا پردا ڦاٽا ۽ روح صفا صاف ٿي، پنهنجي حقيقي موليٰ سان مليو. اي انسان، تون اڃا نٿو سمجهين ته تنهنجي برتري ۽ بهتري ڇا ۾ آهي؟)

12-       ترندي پئي اچي تار مان، روهه ڪِي موچي

هنيس ڪانگ ٺونگو، نڪري پيس پِسُ،

چوي پيراڻو ڀنڀرو اهو تماشو ته ڏس

(تار = دنيا، جا هڪ وڏي سمنڊ مثال آهي. روهه ڪي موچي = موچڪي روهي، جنهن تي اوزا تيز ڪجن. هت اشارو پاڪ روح ڏانهن. ڪانگ = شيطان. ٺونگو هنيو = برغلايو. پِسُ = اعمال. نڪري پيس پس = ذليل ٿيو. صاف دل اِنسان، دنيا جي فريب ۾ ڦاسي ذليل ٿيو. پيراڻو چوي ٿو ته اها عبرت ته ڏس!)

13-        ڪاڏي مُنهن مال جو، ڪاڏي وڄي چڙو

ڪاڏي رخ راهه جو، ڪاڏي پوي ڌَڙو

چوي پيراڻو ڀنڀرو، اُٿي ڪلمون پڙهو.

(منهن هال جو = دل جو رخ.وڄي چڙو = ڪم پيو ٿئي، اعمال پيو ٿئي. راهه = راهِه راست، سنئين وات. ڌَڙو = ماڻُ. انسان لاءِ فقط ٻه رستا آهن: چڱو ۽ لڱو. جنهن تي به هلي، سندس مرضيءَ پيراڻو چوي ٿو ته دل پاڪ آهي، سندس رخ به چڱي طرف آهي، پر انسان اَجوڳ ڪمن ۾ ڦاسي، ٻئي پاسي پيو ڪم ڪندو. جيڪا سنئين واٽ آهي تنهن کي ڇڏي، ٻئي پاسي ضرر جهڙا ڪم ڪندو ٿو وتي. اي انسان گهڻو ئي وقت گذريو آهي. هاڻي بداعمالن کان بان ڪري، اُٿي ڪلمون پڙهه.)

14-          اُٺ نه رُٺا، ٻورا رُٺا

مِينهَنِ مٿان ڇَپَرَ اُٺا

ڀوُنڪن چور ته ڪُتا ٽَٺا

ميل ٻڪريان ته ڪاسائي ڪُٺا

چوي پيراڻو ڀنڀرو...................

(اٺ = انسان. ٻورا = ملائڪ. جڏهن انسان مري ٿو ته ملائڪ (جيڪي ڪلهن تي ويٺا آهن.) هليا وڃن ٿا. انسان روئيندو آهي ته ڇپرن هيٺان ڳوڙها ڳڙندا آهن پيراڻو چوي ته، انسان، دنيا جي اهڙي ڪنهن چڪر ۾ اچي ويو، جو ايترو رنو، جو اکين جي ڇپرن مٿان ڳوڙها وري ويا. اوائل اسلام ۾ ڪافرن جي ڀؤ کان آهستي ٻانگ ڏيندا هئا. ٻانگ ٻڌندي اهي ڪُتا يعني ڪافر ڀڄي ويندا هئا. ڪربلا جي ميدان ۾ جيڪي ڪاسائي ڪُهڻ وارا (امام سڳورا) هئا، سي ٻڪرين وانگر ڪُسجي ويا يعني مخالفين ڪاسائي ٿيا ۽ امام سڳروا ٻڪريون ٿيا.)

15-         جهرڪين لاتي جِهرمر، ڪانگل دهل وڄايو،

جِيئي ماما جاڙو، هيڙهي آ پُڇُ اُچايو

چوي پيراڻو ڀنڀرو.... .... ....

(جهرڪيون ۽ ڪانگ = نفس اماره، شيطان جو لشڪر يا وسوسا. دهل وڄايو = برغلايو. مايا جاڙو = انسان (ويچارو) گنگهار. هيڙهو = نفس يا شيطان. پڇ اُچايو = مغرور ٿيو. هيڙهي يا شيطان پنهنجو مطلب پورو ڪري، مغرور ٿي، ماما جاڙي (انسان) جي دل ۾ وسوسا وجهي، حقاني راهه کان برغلائي، خوشيون ڪري ٿو ته ڀل اهڙو انسان زنده هجي ته چڱو ڪم ڪرڻ نه ڏيانس.)

16-         جان وڃان واٽ وٺيو ته کٻَڙَ ۾ کُڙڪو

نَڙُ چلم جي واتَ ۾، ڳوهه ڪيو ڊڙڪو

گدڙ ۽ ڄَرڪو، کِلي کِلي کِلي کيرا ٿيا.

(کٻڙ = هي جهان. کڙڪو = غل، هل، شور. گدر ۽ ڄرڪو = هڪٻئي جا مخالف، منافق ماڻهو. نڙ = آواز. چلم = وات. ڳوهه ڪيو ڊڙڪو = دل ۾ سڪ جاڳيو. پيراڻو واٽ وٺيو پئي ويو ته واٽ تي هن ڪن ماڻهن کي پاڻ ۾ ڏاڍي پاٻوهه ۽ پيار، مِٺ محبت سان ڳالهائيندي ڏٺو، ليڪن پيراڻي سندن گفتگو مان اندازو لڳايو ته ٻئي ڌُريون اندروني طرح هڪٻئي جي خلاف آهن ۽ طرفين کي هڪٻئي ڏانهن وهم ۽ گمان ويٺل هئا. هڪٻئي جو جَڙ ناس ڪرڻ لاءِ، اندروني طرح تيار آهن، جئن ڄَرڪو، گدڙ کي ڳِهي ويندو آهي. تئن زماني ۾ ماڻهو هڪٻئي کي ڳِهڻ لاءِ يعني انتهائي نقصان پهچائڻ لاءِ تيار آهن. شيطان، انسان جي اهڙي روش تي کڳـيُون هڻي ٿو.)

17-          جان وڃان واٽ وٺيو ته ڇَٻَرَ ۾ ڇوڏو

ڪنڊو لڳو ٿس پير ۾، کوٽي جو گوڏو

ڏيئي ڏاڙهيءَ لوڏو، ڪنڊو ڪڍيائونس

ڪياڙيءَ مان.

(ڇٻر = بدن. ڇوڏو = روح. ڪنڊو = ساه. وڌيڪ لاءِ ڏسو بيت نمبر 1)

18-          جان وڃان واٽ وٺيو ته ٻيلي اندر دانهن

ڪُڪِڙِ ڏاٽو پُٺِ ۾، لَئي ويٺي ڪانهن

چئي پيراڻو ڀنڀرو وڇا ٿو ڪرين؟ چي: گهر

ٿو ٺاهيان.

(ٻيلو = بدن. ڪڪڙ = روح. لئي = لُڻي، ڪپي. ڪانهن = ڪم (چڱا يا لڱا). پيراڻو چوي ٿو ته انسان، هن جهان ۾ ڪيئي ڪم ڪري ٿو، جن آهر آخرت ۾ ڦَل ملندس. جيڪڏهن چڱا ڪم ڪندو ته گويا آخرت لاءِ گهر ٺاهيائين، ورنه جئن ڪانهن ڏاٽي سان لُڻبا آهن، تئن دنيا ۾ ڦاسِي، پنهنجا اعمال بَد ڪندو. جيڪڏهن انسان کي پنهنجو گهر ٺاهڻو اهي ته چڱا ڪم ڪري.)

19-      جان وڃان واٽ وٺيو، ته ڪُوڙُ پيو ڪُٽجي

پاڻي ٺهي ئي ڪونه ڪو، ته به ڀَت پيو رَڌجي

ماڻس ڪُنواري ته به ڌيءَ پيئي پرڻجي.

(هڪ ڀيري پيراڻو ڀنڀرو گهٽيءَ مان لنگهيو. ڏٺائين ته ٻارڙا گُڏين راند کيڏي رهيا آهن ۽ گُڏي ۽ گڏيءَ کي پرڻائين ٿا. سِهرا ڳائين پيا ۽ رانديڪن ۾ ڀَت رڌين پيا. هن ساري هٿراڌو ٽڪساٽ کي ڏسي اهو بيت چيو، جنهن مان ڪوڙ ڪٽڻ جو مفهوم ادا ٿئي ٿو. جئن ٻارڙا ڪوڙين ڳالهين تي خوش ٿين پيا، تئن اڄ ڪلهه جا انسان به ڪوڙين ڳالهين تي اعتبار ڪيو، پنهنجي زندگي گنوايو ويٺا آهن.)

20-         ڪنڊو لڳو پير ۾، نِرگُهٽَ ڪيو ٺڪاءُ

ڏَند ڪُهاڙي وڍيو، جِيئندو ڪِٿان؟

پيراڻو ڀنڀرو چئي، نظر جو تعويذ ڪجي.

(ڪنڊو = ساه. نڙگهٽ ڪيو ٺڪاءُ = ساه هيٺان بدن مان ڇڏيندو اچي نڙگهٽ وٽ پهتو يعني مرڻ جو وقت آيو. ڏند = ساه. ڪهاڙو = موت. جڏهن سان نڪري ويو ته انسان وري ڪيئن جيئندو؟ پيراڻو ڀنڀرو چئي ٿو ته جيڪڏهن نيڪ انسان آهي ته نيڪ اعمال هن جو ثمر آهن، ورنه الله پاڪ ڪا ٻاجهه ڪري. نظر جو تعويذ = الله پاڪ جي مهرباني.)


(1) . مخدوم امير احمد (مترجم)، تحفة الڪرام، سنڌي ادبي بورد حيدرآباد، 1954ع، ص 547.

(1) . علامه آءِ . آءِ. قاضي، صدارتي خطبو، 18 ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس، حيدرآباد، 31-51958ع، ص، ص 5- 6.

(2) . محمد اسماعيل عرساڻي ۽ اللهه بخش ٽالپر، وطايو فقير، 1952ع، ص 3.

(1) . علامه. آءِ. آءِ. قاضي، صدارتي خطبو - 18 ڪل سنڌي ادبي ڪانفرنس، حيدرآباد، 31-5-1958ع، ص ص 5-6.

 (2) . علامه آءِ. آءِ. قاضي صدارتي خطبو، 18 آل سنڌ ادبي ڪانفرنس حيدرآباد سنڌ، 1957ع، سنڌ يونيورسٽي پريس، حيدرآباد، ص 6.

(3) . محمد اسماعيل عرساڻي ۽ الله بخش ٽالپر، وطايو فقير؛ 1952ع، ص 5.

(4) . مليل بهرام فقير کان، ويٺل جعفر لغاري، ڪچهري جي تاريخ 11- 12- 1947ع.

(5) . (8) سگهڙ صابو، ڳوٺ ڪُر ڪليُون تعلقو سنجهورو کان مليا، 13- 12 -1947ع.

(1) . ڏهه حصو ـــ منشي پوڪرداس، تاجر ڪتب شڪارپور سنڌ ـــ سال 1892ع، ص 52.

(2) .عبدالحسين شاه موسوي ۽ محمد ابراهيم عباسي ـــ سڳنڌ، سال 1950ع، ص 69.

(3) . هي بيت آچر ماڇيءَ کان 23 جولائي 1949ع، ڳوٺ جعفرخان لغاري (تعلقه سنجهورو) ۾ مليو.

(7) . عبدالحسن شاه موسوي ۽ محمد ابراهيم عباسي، سڳنڌ، 1950ع، ص 69.

(10) . هي بيت ميان پير بخس پنهور کان مليو، جنهن سان مَلدَسِي (تعلقه شهدادپور) ۾ تاريخ 4 – 6 -1949ع تي ڪچهري ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org