سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :9

2- چيروان

سر عمر ــــ مارئي

تو نه پاري سومرا! سا پاري پليتن

ڪڏهن ٻڌي ڪانه ڪا، پٽ تي پليتن

آڻي چاڙهي سومرا! پٽي پليتن

سانگي ماڻهو پَنَ چرا، رات به پليتن

جوڙي ڏِيِنئي جان ۾، هوند به پليتن

اهو پهه پليتن، آڇيو عمر ڄام کي (*)

(پليتن = پلي تن، تن پالي تاتي وڏي ڪئي. پٽ تي پليتن = تن جي گهر ۾ اَنَّ جي پلي. پٽي پليتن. تن مٽرن جي پلي پٽي. رات به پليتن = رات به تن گذاري. پليتن = پليتي واري بندوق. پليتن = پليدَ، بدنيت ماڻهن.)

پُسيُون ڪارڻ پيٽ جي، اچن پنهور پٽيون

هُت وَرڙاويڙهن کي ڏين، جئن هت ڪوٺي ڪام پٽيون

ڪڏهن ڇوڙينديس ڪينڪي، اهي پنهوار پٽيون

راڄ ”نصيرا“ روڄ کان، منهنجون اکيون تان نه پٽيون

سُک نه سمهن سيج تي، وڻيون، جي پٽيون

اهي پنهوار پٽيون، ٻڌم ڦٽ فراق جون (+)

(پٽيون = چونڊيون. پٽيون = جاءِ جون پٽيون. پٽيون = سڳيون. پٽيون = کُليون. پٽيون = ميدان. پٽيون = ڦٽَ ٻڌڻ لاءِ ڪپڙي جون پٽيون.)

سر سورٺ

ماري ڏِٺئين منگتر، تڏهن هو منگتو مهل مٿي

توکي آ گهوٽ گهرايو، او منگتا! مهل مٿي

سورٺ ٿي سوال ڪري، او منگتا! مهل مٿي

او منگتا! محل مٿي، جيڪا تنهنجي من ۾.

(مهل = وقت. مهل مٿي = اڃا منگتي کي راءِ ڏياچ جي ماريءَ وٽ پهچڻ ۾ مهل پنڌ جي گهربل هئي. سورٺ، ماڙيءَ تان منگتي کي ڏٺو. محل = محلات. محل مٿي = محلات مٿي. چوبدارن چيس ته ”او منگتا، توکي راءِ ڏياچ مٿي محلات تي گهرايو آهي. مهل مٿي = مَ = نه + هَل + مٿي. مٿي (محلات تي) نه هل. سورٺ، منگتي کي سوال ٿي ڪري ته مٿي محلات تي نه وڃ. او منگتا محل مٿي = او منگ (گُهرُ) ته معلوم ٿئي. سورٺ چويس ٿي ته ”اي منگتا، جيڪي تنهنجي من ۾ آهي، سو گُهرُ ته معلوم ٿئي ته توکي اوترو ئي ڏيان.“)

محلين آيو منگتو، بو تاسري

دان ته دونا مَنگو، ڀَرو تاسري

دان ته سارا ديئو، نا ته ديئو تاسري

اُتي تاسري، ٿي ڪوٽ مٿي ”سونارو“ چوي.

(بوتاسري = آڀو تان سري. منگتو سري، ڪوٽَ ڀرسان اچي بيٺو. دان = خيرات = دونا = ٻيٺو. منگو = گُهرو. ڀارو = ڀريو. تاسري = تَسرِي، وَٽِي. سارا = سير، ڪنڌ. تاسري = ته سُوري، ڦاهي دان ۾ سر ڏيو نه ته ڦاهي ڏيو. تاسري = تهس رِيهه = ڏاڍي دانهن ، جڏهن ڪانڌ جو ڪنڌ لٿو، تڏهن سورٺ دانهون ڪرڻ لڳي.)

سر سهڻي

تِک ڏسي ترسي پيا، اُتي اوتارا

سج چنڊ لُڙَ ۾ لَٽيا، اُتي اوتارا

سهڻيءَ ساهڙ جا ڏٺا، اُتي اوتارا

پوٽيا پٽجن ڪينڪي، اُتي اوتارا

اُتي اوتارا، اڙيا ”موهن“ جا محبوب سان (*)

(اوتارا = او تاروئڙن، ننڍا جيت جي درياء يا واهن ۾ تڪڙو ترندا آهن. اوتارا = او (آسمان جا) تارا. اوتارا = جايون، مڪان (ميهر جا) اوتارا = او تارا، اکين جا تارا. اوتارا = او تارا = تاران = دل جون تارون.)

ساهڙ سهڻي پاڻ ۾، اوڏيءَ ويل اُٿن

جنين کي ڪپهه پانهنجو، سي اوڏيءَ ويل اُٿن

واڳون جي وِيرَ جا، سي اوڏيءَ ويل اُٿن

اوڏيءَ ويل اُٿن، پوءِ وهن ڪين ”وڏل“ چوي.

(اوڏيءَ ويل = او + ڏيئي + ويل = ڏِئي وقت يعني آسر ويل ڪپهه = ڪو + پَهُه (خيال) = ڪو خيال (ڌڻيءَ پاسي اورڻ) جو اوڏي + ويل = انهيءَ وقت. ذڪر فڪر لاءِ افصل وقت اسر آهي. اوڏي + ويل = انهيءَ مهل. اَسر جو او + ڏي (ڏينهن) وقت. ريجهه رهاڻ صبح جو (جڏهن ڏينهن ٿيڻ تي هجي) بند ڪن.)

سر مومل ــــ راڻو

جاڳي جارُ نه ڪيو، مٺي مومل

سُتي سور پرائيا، مٺي مومل

مٺي مومل ته وڃي سور سنڌا ڪري.

(مومل = راڻي جي زال. هُن مُٺيءَ راڻي لاءِ ڪوبه اوجاڳو نه ڪيو. مومل = مون مُئل. پاڻ کي پٽي چوي ٿي ته ”مون مُئل، سمهڻ مان ئي سور پرايا آهن.“ مٺي مومل = موٽي مون مل. موٽي اچي مون سان مِل ته جيڪي به سور آهن، سي هڪدم لهي وڃن.)

هتي! پسِي حيران ٿئين، ڏِسي ڏونگر ۾

لاهي پسين ها لڱن تان، ڏسي ڏونگر ۾

ڏسي ڏونگر ۾، چڙهي وَئين ”چانڊيو“ چوي.

(ڏونگر = ڏون = ٻه + گر = گهر. ٻه گهر (۾). ڏونگر = ڏون = ٻه + گر = گهر = ٻه گهر ۾. ڏونگر = ڏون = ٻه + گر = گهر = ٻه گهر ۾. مومل راڻي کي چوي ٿي ته ”اي راڻا، مون سان ٻه ماڻهو گهر ۾ (گڏ ستل) ڏسي حيران ٿي وئين. ڪم از ڪم ڪپڙو ته لاهي ڏسين ها ته ڪير ستل آهي. بس، گهر ۾ ٻه ڄڻا ڏسي، اُٺَ تي چڙهيو هليو وئين!)

3- سرائتا ــــ رواجي

سر سسئي

ڪرنايون ٿي ڪام، سرندي پڇي ساٿ جو

ڍولڪ لنگهي ويا، موڙي نغاري گام

رڻ سنگي راتيون رهي، شهر نه پڇي شام

ڌڪڙ ڪاهڻ ڪيچ ڏي، مرلي منڌ مدام

دفين دفين دل دام، اٿس جانب ڪاڻ ”جلال“ چئي.

هن هنر ۾ سازن کي ڳڻايو ويو آهي، جن ۾ ڪرنائي، سرندو، ڍولڪ، نغارو، ڌڪڙ، مرلي ۽ دف جا نالا اچن ٿا. انهن سازن جي هنر ۾ معنيٰ هيٺين ريت ٿيندي.

(ڪرنايون = ڪر = ڪنڌ + نايون = نمايو، نيوانو. ڪام = عورت. سسئي ڪنڌ نوايو، پنهل جو پير پڇائيندي، اڳتي سرندي پي ويئي. ڍولڪ = ڍول لڪَ. ڍول = لڪَ لنگهي ويا. نغاري = نه + غاري = غار کان. جبل جي غارن کان به پير پٺتي نه ٿي رکيائين. رڻ... شام = پٿريلي زمين تي راتيون رهي پئي، پر تڏهن به شام جي وقت شهر ۾ نه پيئي ويئي. ڌڪڙ = ڌوڪڻ، زور سان هلڻ، مرلي = مئي رُلي. منڌ = عورت. دفين دفين = ڀيري ڀيري. هر گهڙيءَ. سسئيءَ جي دل کي، پنهل جي گهڙي گهڙي ياديگري جا بي انداز دام پيل هئا.)

ڪوري محبت ڪو نه ڪهي، نِيهَن نرولي نار

نائي مصلحت مُڌَ کي، جاڳي نه جروار

هها، موچي، مون نه چيو، پرٽ لنگهي ٿيا پار

ڪنڀارين تون ڪامڻي، تَرهل چاڪي تار

سونارون سا سڏ ڪري، ٿي ڪاسائي ڪار

سنگتي ساٿي دُور ٿي، منگسي مڱڻهار

سرها ڏير سنڀار، جبلين پاس ”جلال“ چئي.

اهو هنر ذاتين تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ڪوري، نرولي، نائي، جروار، هَها، موچي، پرٽ، ڪنڀار، چاڪي، سونارو، ڪاسائي، منگسي، مڱڻهار ۽ سرهيا ٻڌا ويا. انهن ذاتين جي هنري معنيٰ هيٺين ريت بيهندي:

(ڪوري = ڪو + ري سواءِ. ڪهي = هلي. نرولي = ني + رولي = وڃي رولي. نار = عورت. نائي = نه آئي. جر =جار = عشق + وار = وقت. جاڳي نه جروار = وقت تي جار ڪري نه جاڳي. هها = ها3 هاءِ، هوءِ هوءِ. موچي = مون اچي. هاءِ هاءِ! مون ته انهن کي ڪجهه به اچي نه چيو. پرٽ = پَٽ، ميدان، ڪنڀارين = ڪُنڀ پاڻيءَ جا تلاءِ + هارين. اکين مان ڪنڀ پاڻيءَ جا هارين. ترهل = ترندي هل، تڪڙي هل. چاڪي = چا = کَڻُ + ڪي = تار عشق سان تڪڙي هل. چاڪي = چا = کَڻو + ڪي = تار عشق سان تڪڙي وهندي هل. سونارون = سَو نعرون = سوين نعرا. ٿي ڪا سائڪي ڪار = ٻڪرين ڪهڻ واري ڪار ٿي آهي. منگسي = منگ = گُهر + سي = اهي. اهي ڏير گُهرُ. مڱڻهار ٿي، پنهنجا ڏير ڳول. سُرهيا = سُرها، وڻندڙ.)

 

سر مومل راڻو

تنبورا کنيو ٿي آيا، سي گونرا ٿيا

سرندا سنگتي، پَئي دَفيرا ٿيا

يڪتاري شَهَه ڏيئي، ڪا سانگ سيها.

هن هنر ۾ ساز ڳڻايل آهن، جن ۾ تنبورو، گونرو، سرندو، دف، يڪتارو ۽ سانگ اچي وڃن ٿا. انهن سازن جي معنيٰ هنر ۾ هن طرح بيهندي:

(تنبورا = تنبو = خيما + را = راجا. گونرا = گون = گم + را = راجا. جيڪي راجا مومل ماڻڻ لاءِ تنبو کنيو ٿي آيا، سي گم پئي ٿيا. سُرندا = رڙهندا، اڳتي هلندا. دفيرا = دُف، ناس + را= راجا. هڪٻئي پٺيان راجا سرندا پئي ويا ۽ ناس ٿيندا پئي ويا. يڪتاري = يڪ = هڪ + تارو = تارو = اک. هڪ اک واري. اشارو راڻي ڏانهن. سانگ = سانگا، سيها. هڪ اک واري، سڀني کي شهه ڏيئي، پنهنجي لاءِ سانگ سيها ڪري ڇڏيا.

ڦٽڪي، سوڍا، رسوليون، ڇاڪاڻ

سوئا پالڪ تو کان وئي، ڄاتُهءِ نٿي ڄاڻ

تيل، ميٽ هو تنهنجو، لاهين ها هيراڪس هاڻ

صابڻ، ڪنڙو تو ڪيو، انهيءَ عقد ساڻ

موٽي مان مٽي ڪت ڪهڙي ڪيان تو ساڻ

ڇوڏي ڪري هاڻ، اُٿلي هان ”امام بخش“ چئي.

هن هنر ۾ وکر ڪم آندا ويا آهن، جيئن ته ڦٽڪي، سوڍا، رومَل، سوئا، پالڪ، تيل، ميٽ، هيراڪس، صابڻ، ڪِنڙو، مٽي ڪت ۽ ڇوڏي. انهن جي هنر ۾ معنيٰ هن طرح ٿيندي:

(ڦٽڪي = ڦٽو ڪَيُهءِ. سوڍا = راڻا. رسولين = رُسِي ورين. سوئا = سا، اها. پالڪ = پلڪ، گهڙي، ساعت، تيل ميٽ = تُل مَٽ، برابر. هيراڪس = هينئين ڪَسُ، قلب جي ڪَٽُ. صابڻ = سو + بڻ = بنياد. ڪنڙو = ڪنو، خراب. مٽي ڪت = مائٽي ڪت، مائٽن واري ڳالهه. ڇوڏي = اڇو ڏينهن، صبح اَڀاري اُٿين ها.)

سر سهڻي

رَند وٺي پئي وَئي ته رَندِي

هئي سَڀري واءُ ڪيري ۾ آندي.

(رند = رستو. رندي = رُند واري. سڀري = طاقتور، ته رندري = تَرندي. سهڻي ترندي پئي وئي، اها ئي راهه. واءُ ڪيري ۽ وهڪري، درياء جي وهڪري. طاقتور ته هئي، پر وهڪري پاڻ وٽ ڇڪي آندس.)

روپيو گهڻو، ته به آڌي وئي انڌ ڪال

دل ۾ هار سان پائلي ڪونه خيال

ٻياني ڇا مجال، وَهه ڪري وئي وچ مان.

(روپيو ــــ رَو = لَٽُ، مِٽي + پيو. هوا ۾ رَويا لَٽُ هو، يعني فضا صاف نه هئي. آڌي = اڌ رات. انڌڪال = آنڌاري وقت جو يعني بنهه اونده وقت. ۾ هار = ميهار. پائلي = پاءُ = پَهُه = خيال، ويچار، + لي = لئي، واسطي. ٻياني = ٻيا، ديگر + ني = ٻيا ماڻهو ني. وهه ڪري = وهڪري، تيزي. سگهڙ چوي ٿو ته ”ان رات هوا ۾ رَو گهڻو هو، جنهن ڪري آسماني فضا صاف نه ئي ته به آڌيءَ رات جو هلي وئي، دل ۾ ميهار هوس، تنهنڪري اهڙين ڳالهين جو خيال ئي دل ۾ نه آندائين. ٻين جي ڪهڙي مجال آهي، جو اهڙين حالتن هوندي به درياءَ جي وهڪري جي وچ ئي وچ مان هلي وڃي!“)

4. بي سرا ــــ چيروان هنر

دلبر، اوهان جي درد جون، آهن دانهون هيڪاريون

سَڙي سوز فراق ۾، هي هِنيون هيڪاريون

جَلي جوش ۾ ٿي ويون، بڪيون هيڪاريون

سڄڻ هيڪاريون، تنهنجون ”ساه محمد“ نه سَهي.

هنر جو هي بيت، ڪنهن به سر تي نه آهي، بلڪ ائين ئي لفظي ڀڃ گهڙ جي خيال کان ٻڌل آهي. لفظن جي ڀڃ مان هنر جي معنيٰ هيٺين طرح ٿيندي:

(هيڪاريون = هيڪانديون، تمام گهڻيون، بيشمار. هيڪاريون = جيڪي سو، جئن جو تئن. هيڪاريون ۔= هي ڪاروين. هي بڪيون ڪاريون ٿي ويون آهن. هيڪاريون = هي + ڪاريون = ڪم، ڪارروايون، هَلتون، ارڏايون.)

تُنهن ٻوڙي سا ٺهي، هو ڪوهه ڪيائين

جڏهن پوڳَهَه ٿي کنيائين، تڏهن ته چڙهي ها.

(نُنهن ٻوڙي = نوح ٻيڙي. ٺهي = تيار ٿي. هو ڪوهه ڪيائين = هو ڪوهه ڪيائين، منادي ڦيرايائين. وڏي آواز سان چيائين. پوڳهه = پڳهه، لنگر. چڙي = چڙهي. حضرت نوح جي وقت ۾ زبردست طوفان لڳو هو، روزانو وڏي واڪي ماڻهن کي چوندو هو ته ”فلاڻي تاريخ اِلاهي غضب نازل ٿيندو ۽ سڀ منهنجي ٻيڙيءَ ۾ چڙهجو. پر جڏهن سندس ٻيڙي ٺهي، تڏهن سندس زال نه چڙهي ۽ ٻُڏي مئي،)

 

دراهو

’دراهو‘، هُنر جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ سگهڙن ۽ شاعرن ٻِٽو هُنر ڪم آندو آهي يا ٻِن قسمن جي لِڪَ رکي آهي. ’دراهو‘ فارسي لفظ آهي. (1) دو = ٻه + راهه = رستو. ٻن رستن وارو، يعني اهو بيت جو ٻِٽي معنيٰ رکي. ڪن جي خيال ۾ هي لفظ اصل ۾ ’دوراهو‘ يا ’دورايو‘ يعني ٻن راين وارو آهي (2). لوڪ ادب ۾، شاعرن ۽ سگهڙن محض ٻن راهن کي پيش رکي، بيت ٺاهيا، جن تي پنهنجي عام اصطلاح ۾ ’دُراهو‘ نالو ڌريائون.

شاعرن ۽ سگهڙن پهريائين بيت ۾ ٻن معنائن جي رِٿَ رٿِي هوندي، ليڪن جئن وقت گذرندو رهيو ۽ ڪچهريون قائم ٿينديون رهيون، تئن دراهي کي وڌيڪ بليغ بڻائڻ لاءِ، انوکي قسم جا الفاظ آڻيندا رهيا، جن ۾ پنهنجي هنر ۽ حرفت جي معيار کي وڌيڪ بلند ڪرڻ لاءِ وک وڌائيندا رهيا ۽ اهڙي ته صفائي ۽ نزاڪت سان ٻَڌَ ٻَڌائون، جو ساڳئي لفظ ۾ ٻن کان وڌيڪ معنائون رکي، ساڳئي بيت مان مختلف سُرن آهر معنيٰ ۽ مقصد ظاهر ڪيائون.

مواد ۾ جيڪي ’دراها‘ مليا آهن، سي اڪثر ٻن معنائن وارا آهن يعني ’ٻن سُرن‘ وارا. ’دراهي‘ جي اها خاصيت آهي ته ساڳيو لفظ ٻن مختلف معنائن سان، ٻن مختلف سُرن ۾ ايندو. جيئن

مثال 1-                جهل مهار

’مهار‘ لفظ ٻه معنائون رکي ٿو:

1- اُٺَ جِي واڳَ.

2- م = نه + هار = ڳچيءَ جو زيور جي معنائن جي انهي فرق سان ”جهل مهار“ جون هاڻي هيٺيون معنائون ٿينديون:

1- سر سسئي: اي سسئي، تون اُٺڻ جي مهار جهلي وهين ها!

2- سر ليلان: اي ليلان، اهو هارُ پاڻ وٽ نه جلهين ها!

ساڳيو لفظ ’مهار‘ ٻن مختلف معنائن سان، ٻن مختلف سُرن ۾ ڪم آيو. جيڪڏهن ’هڪ لفظ‘ ڪيتريون ئي معنائون رکي، پر سڀ معنائون ’هڪ سر‘ سان ئي تعلق ٿيون رکن ته اُهو ’هنر‘ چئبو. پر ’دُراهي‘ لاءِ ضروري آهي ته هڪ لفظ مختلف معنائون، مختلف سُرن لاءِ رکي.

مثال 2-                            سر ڦوٽن ۾

1- سر سهڻي ميهار: سهڻيءَ جو سر، درياء جي ڦوٽن (حبابن) ۾ (گم ٿيو)

2- عمر مارئي: ماريءَ جو سر، سدائين ٻوڏن (ڦٽ لعنت) ۾.

3- سسئي پنهون: سسئيءَ جو سر، جبلن جي ڦوٽن (ڏارن) ۾.

پر اڃا به جيڪڏهن ڪو لفظ وڌيڪ معنائون رکي (وڌيڪ سرن لاءِ) ته به ’دراهو‘ چئبو.

مثال 3- متارن کي لاهه ڳهلا انهيءَ ڳالهه تان.

ظاهري سر ’موکي متارا‘ نظر اچي ٿو، پر لفظي ڀڃ گهڙ مان، ٻئي سُرَ جو پڻ پتو پوندو. هيٺينءَ ريت

پهريون سر موکي متارا

متارا = مَتوالا، مست، شراب پيئڻ وارا.

اي بيوقوف (موکي ــــ شراب پياريندڙ)، متارن کي شراب پيئڻ واري ڳالهه تان لاهي ڇڏ يعني انهن کي شراب پيئڻ نه ڏي. (*)

ٻيو سر سورٺ راءِ ڏياچ

متارن = م = نه + تارن = تَندن. متارن کي لاهه = سرندي جي تارن کي نه لاهه، يعني تارن (سرندي جي) کي ڍرو نه ڪر، پر چڙهيل هجن.

جڏهن ٻيجل سرندو وڄائي ٿڪو، تڏهن تارون ڍريون ڪري سرندو رکڻ لڳو. تڏهن راءِ ڏياچ هڪل ڪري چويس ٿو ته ”اي بيوقوف، سرندي جي تارن کي ڍرو نه ڪر، يعني وڄائڻ کان بس نه ڪر.“

اهڙيءَ طرح ساڳئي ’متارن‘ لفظ مان ٻه مختلف معنائون ۽ ٻه مختلف سُرَ نڪتا.

’دراهي‘ کي سگهڙن هيٺين ٻن قسمن ۾ وراهيو آهي:

1. ٻن معنائن وارا هنر

(1) متارن کي چئو، زَهرين مَٽ موکي ڇڏيو

     ڀر گِلاسين، گهٽ مان ڪيو، کڻ ڪلالڻ ني هارتون.

(الف) سر موکي متارا

زهرين مٽ = زهر وارو مُٽَ، جنهن ۾ نانگ پيو هو. موکي = شراب پياريندڙ. گهٽ مان ڪيو = گهٽ مَ ڪيو، گهٽ نه ڪريو. هار تون = تون وڃي (زهر جو مٽ) هار.

موکيءَ وٽ ڪيترائي پياڪ جُهم ڪري اچي بيٺا. موکيءَ اڳ ويٺل ماڻهن مان هڪ کي چيو ته ”هنن کي تون سمجهاءِ. کين چؤ ته موکيءَ جو مٽ، نانگ جي زهر سان ڀريل هو، جنهن ڪري اڄ پيارڻ ڇڏي ڏنو اٿس“. متارا ته مٿان بيٺا هئا، جن موکيءَ کي چيو ته ”مٽ ۾ شراب آهي. اسان کي گلاس ڀري ڏي، پر گلاس گهٽ نه ڪجانءِ ته جئن ڍئو تي پئون.“ ٻيو واٽهڙو به بيٺو هو، جنهن نانگ کي مُٽَ جي تري ۾ ڏسي، ڪلالڻ کي چيو ته، ”“اهو مَٽُ کڻي وڃي هار.“


(*) . سير ڪوهستان، الله بچايو يار محمد سمون، سنڌي ادبي بورڊ، 1971ع، ص 91.

(+) . محمد صديق پيرزادي کان ڪچهري ڪندي مواد مليو. 1- 1- 1947ع.

(*) . موهن فقير جو بياض، پير رانجهن کان مليو، 1 – 1 -1950ع.

(1) . شرٽ، سنڌي ـــ انگلش ڊڪشنري، 1879ع، ص 395ع.

(2) . ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڳجهارتون، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1969ع، ص 29.

(*) . ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ’غريب اللغات‘، 1907ع صفحي 25 تي لکي ٿو: آخوند عبدالرحيم چوي ٿو ته موکي نالي هڪ زال گوادر پاسي شراب وڪڻڻ جو ڪم ڪندي هئي. هڪ لڱا سندس شراب جي ڪنهن مَٽ ۾ نانگ وڃي پيو ۽ اُنهي مَٽ جو شراب جن پيتو ٿي، سي مري ٿي ويا.

(1) . هي بيت قادر بخش چانڊئي کان ڳوٺ شيخ محمد وساڻ تعلقي سانگهڙ ۾، تاريخ 21- 11 -1947ع، مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org