سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: پهاڪن جي پاڙ

باب: --

صفحو :6

(ج)

 

57_  جتي لوڀي هجن، تتي ٺوڳي بُک نه مرن:

هڪ دفعي ٺوڳيءَ، لوڀيءَ کي اچي، چيو ته، ”ادا، مهمان آيا آهن، ڀلائي ڪري ديڳڙو ڏينم.“ ٺوڳيءَ ٻئي ڏينهن ديڳڙي ۾، هڪ ننڍي ديڳڙي وجهي، آني ڏنس. چيائينس ته، ”ادا، تنهنجو ديڳڙو، منهنجي گهر ويامي پيو هو، اها ديڳڙي ڏنائين“.

ٻئي دفعي، ٺوڳيءَ چيس ته، ”ادا اڄ گهڻا مهمان آيا آهن، جيڪي ديڳڙا هجن، سي ڏينم.“ لوڀيءَ ڇا ڪيو، جو گهر جا سڀ ديڳڙا ميڙي سيڙي کڻي ڏنس.

ڪيترا مهينا گذري ويا ته ٺوڳيءَ، لوڀيءَ کي مُنهن به نه ڏيکاريو. هڪ دفعي واٽ پنڌ، ٻئي گڏجي ويا. لوڀيءَ چيس ته، ”ادا، ديڳڙا؟“ چيائين ته، ”ادا، افسوس جو تنهنجا ديڳڙا ته سڀ مري ويا.“ لوڀيءَ چيس ته، ”اهو وري ڪيئن؟“ ٺوڳيءَ چيس ته، ”ادا، جيڪڏهن ديڳڙا ويامندا آهن ته مرندا به آهن“. تنهن تي ڪنهن ٻڌي، ائين چيو.

 

58_  جَرُ نِئِيس، پر جيڏِي نه نِئيس:

ڪنهن مائيءَ، درياهه جي ڀر تان مڇيءَ جو ڏَنڀرو لڌو. ٻيءَ چيو ته، ”اِهو منهنجو آهي“ هُن جي ڏيڻ کان، ڏنڀري لهڻ واريءَ، ماڳهين ڏنڀرو کڻي درياهه ۾ اُڇليو. اکري معنيٰ ته: جَرُ = جَل (پاڻي) ڀلي کڻي، پر ڪا جيڏي، سَرتِي نه کڻي. جيڪي ٻُڏو سَهن، پر ڏِنو نه سهائن، تن لاءِ ائين چئبو.

(گل شڪر)

هڪ سـَٺ سال جي پوڙهي سپورنج ڳالهه ڪئي ته، ”جڏهن 20 سالن جو هوس، تڏهن اُنهيءَ پهاڪي جي اصليت حاذق حڪيم ميان سعد الله بوبڪائيءَ، هن ريت ٻڌائي:

بوبڪن جي ڀرواري مهاڻڪي ڳوٺ ”آريسرو“ جا ميربحر، منڇر تي مڇي ۽ پکي ماريندا آهن ۽ سندن زالون ور ڪـُڙهي کڻي، ڀر واري پَٻڻ جي ڍوري مان مَڇي مارينديون آهن. ٻن ڏيراڻين مڇي ٿي ماري. ننڍيءَ ڏيرياڻيءَ جي واري ۾ ٿوريون ننڍيون ڪُرڙيون آيون، پر وڏيءَ ڏيرياڻيءَ جي واري ۾ هڪڙو ڪُرڙو ۽ ٿوريون ڪُرڙيون پڻ آيون. ننڍيءَ ڏيرياڻيءَ، دعويٰ ڪئي ته ڪُرڙو کيس ملي، ڇاڪاڻ جو ڪـُڙهي سندس هئي. اَڌواَڌ حصي تي به نه ٺهيون. ساڙ وچان وڏيءَ ڏيرياڻيءَ، ڦٿڪندڙ ڪُرڙو، کڻي پاڻيءَ ۾ اُڇليو! چي:

”جَرُ نئيس، پر جيڏي نه نئيس!“

 

59_  جنهن پنهنجي لاهي ڪَڇ ۾ ڪئي،

تنهن کي پَرائي لاهڻ ۾ ڇا:

جنهن کي عزت ئي ڪانهي، تنهن کي ٻين جي عزت جو ڪهڙو قدر.

نقل آندل آهي ته: هڪڙي ڪميڻي ماڻهوءَ جي دل، ايتري قدر ته وڌيل هئي، جو سڀ ڪنهن تي آيو رهندو هو. نه ڏسندو هو چڱو، نه لڱو، هر هڪ سان ڳنڍيو پيو هوندو هو.

هڪڙي ڀيري، هڪ نيڪ مرد، سان اچي جهيڙو جوٽيائين ۽ هن ويچاري کي، ڏاڍو گهٽ وڌ ڳالهايائين. مگر هن مير مرد ماٺ ڪيو ويٺي ٻڌو ۽ آخر بنا ڪڇڻ جي اتان هليو ويو. اهو حال ڏسي، ماڻهو ڏاڍو حيران ٿيا. هنن کي گهڻو تعجب انهيءَ ڪري ٿيو، جو اهو نيڪ مرد، جيڪڏهن صرف اشارو ڪري ها، ته انهيءَ ڪميڻي کي، بُج بُج ڪري ڇڏين ها. آخر انهن ماڻهن مان هڪڙي ڄڻي، کانئس خاموشيءَ جو سبب پڇيو. نيڪ مَرد جواب ڏنو ته، ”بابا، هو پنهنجي پڳ لاهيو، هٿ ۾ ڪيو بيٺو آهي، تنهن کي ٻين جي پڳ  لاهيندي، ڪهڙي ويرم لڳندي! جيڪڏهن ڳالهه کي ڊگهو ڪنداسين، ته اڃا به اسان جي وڌيڪ بي عزتي ٿيندي، ڇاڪاڻ ته گهڻا ماڻهو ٻڌندا، تنهنڪري ايتري ۾ ئي خير!

 

60_  جنهن جو بد بنياد، تنهن جو ميوو مٺو نه ٿئي:

چون ٿا ته هڪڙو بادشاهه، پنهنجي اميرن وزيرن سان، شڪار تي نڪتو. بيابان مان لنگهندي، بادشاهه سلامت هڪڙو اڪ جو ٻُوٽو ڏٺو، جو ڏاڍو سهڻو پئي لڳو. گهوڙي تان لهي، ٻُوٽي کي چڱيءَ طرح ڏٺائين ۽ سمجهيائين ته ڪنهن ولايت جي ميوي جو ٻج اُڏامي، هت آيو آهي، ڪوشش ڪري هن جي ڦرُ (ميوو) کائجي. حڪم ڏنئي ته، ”هن ٻوٽي جي پوريءَ طرح پرداخت ڪئي وڃي. جڏهن تيار ٿئي، تڏهن درٻار ۾ پهچايو وڃي“. هتي ته فقط اشاري جي دير هئي. کوهه کڄي ويو ۽ ڪمند جا چيچڙا لڳي ويا. هر روز ڪمند جي رَسُ، ٻوٽي کي ملڻ لڳي. ٿوري وقت کانپوءِ، ٻوٽي به ڦرُ جهليو، جڏهن اڪ جون انبڙيون وڏيون ٿيون، تڏهن مالهي ٿالهيءَ ۾ وجهي، دربار ۾ کڻي آيو. بادشاهه، ڏاڍو خوش ٿي ۽ اميرن وزيرن خواه دوستن کي گهرايائين. جڏهن انبڙيون ڪپيون ويون، تڏهن اندران، ڪپهه جيان تاندورا نڪتا! بادشاهه اهو ڏسي، حيران ٿي چيو ته، ”محنت ئي رائگان!.“ اتي ڪنهن وزير چيو ته:

ڪـُوَڻ کي پاڻيءَ جيان، پيِڙي پياريم ڪماند،

نڪو زهر زمين ۾، نڪو ڌاتوري ڌَر پاند،

ڪمائي ڪم ذات سان، وڃي ٿي وِڙواند،

جنهن جو بـَد بُنياد، تنهن جو ميوو مِٺو نه ٿئي.

ڪـُوَڻ، ڪُ = خراب + خراب وڻ، ڪماند = ڪمند، ڌاتورو = هڪ نشيدار قسم جو ٻوٽو. ڌرپاند= ڌرتي يا زمين ۾ لڳل پاسو يا بيخ (؟). وِڙواند = نيچ، ذليل، مفت، بي فائده.

مطلب آهي ته نيچ ماڻهوءَ مان، ڪڏهن به چڱائي نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته هو اصالت کان مجبور آهي.

ڪُلَ شَيءِ يرجِعُ اِليٰ اصلهِ (سڀڪا شيءِ پنهنجي اصليت ڏي موٽندي آهي). ٻيون چوڻيون:

1_        ٻِجُ خرابو ته نَجُ خَرابو.

2_        ڌوٻي منجهه درياءَ، ته به اوجهه نه ڇڏي اوجهري.

 

61_  جني لاءِ مُوند مُنڊايم،

سيئي سور سامهون آيم:

ڪنهن ڳوٺ ۾، هڪڙو سُست ماڻهو رهندو هو. هن کان ڪو به ڪم نه پڄندو هو، تنهنڪري گهر وارن جي هر وقت مٿس ڦِٽڪار پيئي پوندي هئي. پوءِ هن، پاڻ جهڙي دوست کان صلاح پڇي، ته هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ دوست چيس ته، ”مٿو ڪُوڙائي، ساڌن جي سٿ ۾ داخل ٿي وڃ، جو کين مفت جي ماني ملندي آهي.“

هن ائين ڪيو ۽ پوءِ ڪنهن ساڌوءَ وٽ ويو، جنهن پڇيس ته، ”ڪهڙو ڪم ڄاڻندو آهي، اسان جي جماعت ۾ توکي ضرور ڪو نه ڪو ڪم ڪرڻو پوندو؟“

هن چيو ته، ”جيڪڏهن ڪم ڪرڻ اچيم ها ته گهر کان ٻاهر ڇو نڪران ها؟“ پوءِ دل ۾ چيائين ته، ”مار! جتي لاءِ مُنڊ مُنڊايم، سيئي سور سامهون آيم.“

62_  جيسي ڪو تيسا ملا:

هڪڙو ساڌو، تيرٿن تي وڃڻ وقت پنهنجي هڪ پاڙيسري وٽ، پتل جا باسڻ، امانت رکي ويو ۽ جڏهن موٽي آيو، تڏهن اچي پاڙيسريءَ کان ٿانون جي گهُرَ ڪيائين. هن جواب ڏنس ته، ”مون کي نهايت افسوس آهي، جو تنهنجي ٿانوَن جي حفاظت به ڏاڍي ڪيم، ليڪن انهن کي گهُڻا کائي ويا! هو ويچارو، اهو جواب ٻُڌي کِکو وِکو ٿي ويو، مگر دل جي ڳالهه، دل ۾ رکيائين.

هڪ دفعي اُن ساڌوءَ، ڀوڄن تيار ڪري، پاڙي جي ٻارڙن کي کارايو. ٻيا سڀ ٻارڙا کائي ويا، مگر انهيءَ پاڙيسريءَ جي ٻارڙي کي، پنهنجي ٻارن سان الڳ ويهاري کارايائين. کاڌي کائڻ بعد، اُهو ٻار، ساڌو جي ٻارن سان راند روند ۾ لڳي ويو ۽ کانئس ڄڻ ته گهر وڃڻ ئي وسري ويو.

جڏهن اُن پاڙيسريءَ، ٻين ٻارن کي آيل ڏٺو ۽ پنهنجي ٻار کي ڪونه ڏٺائين، تڏهن راجا وٽ دانهين ويو. راجا چيس ته: ”تنهنجو جنهن ۾ شَڪ شُبهو هجي، تَنهن جو نالو ٻڌاءِ.“ هن پنهنجو شَڪ، ساڌوءَ ۾ ظاهر ڪيو، جنهن جي گهران کاڌي کائڻ کان پوءِ، ڇوڪرو موٽيو ئي ڪونه هو.

اِهو احوال ٻڌي، راجا هڪدم ساڌوءَ کي گهرايو ۽ کانئس پاڙيسري جي ڇوڪري لاءِ، پڇا ڪيائين. ساڌوءَ جواب ڏنو ته، ”مهراج، مون ڏٺو ته هن کي منهنجي روبرو سِرڻ کڻي ويئي!“ راجا حيرت ۾ پئجي، چيس ته ”بيوقوف هيڏي ساري ڇوڪري کي سِرڻ، ڪيئن کڻي سگهندي؟“ هن عرض ڪيو ته ”مهراج، ڇوڪري کي سِرڻ ائين کڻي ويئي، جيئن پِتل جي ٿانوَن کي گهُڻا کائي سگهن ٿا.“

مهراج پڇيو ته، ”اها ڳالهه ڪيئن آهي؟“ ساڌوءَ جواب ڏنو ته، ”منهنجي هن دوست کان پڇو.“ راجا کي جڏهن پوري قصي جي خبر پيئي، تڏهن ان کي پِتل جا برتن ڏياريائين ۽ ٻيءَ ڌُر کي ڇوڪرو مليو.

اصل چَوڻي هن نموني آهي:

جيسي ڪو تيسا ملا، سُنئي راجا پِيل

پِتل ڪو گهُڻ کا گئي، ڇوري ڪو لي گئي چِيل.

 

63_  جيڪي ڪـُلهو ڏيندا، سي توڙ رسائيندا:

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙو شخص، پنهنجا ٻار ٻَچا وٺي، جنهن وهناءَ تي پئي ويو. اڌ رات جو مردجي اک لڳي ويئي ۽ گاڏي هلندي رهي. اوچتو جو عورت ڏسي ته مار، هڪ ڏاند ۽ هڪ مرد، گاڏي ڪاهيندا ٿا هلن! اهو حال ڏسي، عورت، آهستي پنهنجي مرد کي چيو ته، ”ميان، اُٿو، جو چور هڪڙو ڏاند ڪاهي ويو آهي ۽ ان جي عوض پاڻ ڪُلهو ڏيئو ٿو هلي.“ تنهن تي مرد چيس ته چَري، جيڪي ڪُلهو ڏيندا، سي ضرور توڙ رسائيندا.“ اهي لفظ ٻڌي، چور ڏاڍو ڦِڪو ٿيو ۽ ڏاند موٽائي ڏنائين.

مطلب: بارُ کڻندا باري، ناهي ڪم ڪَچَن جو.

 

64_  جيسين لَلو کڻي لٺ،

تيسين ڪَرهه وڃي اُجهائي:

هڪ دفعي لَلي جي مائٽ سان ڪو پاڙيسري وڙهيو. جڏهن لَلي کي خبر پيئي، تڏهن جوش وچان اُٿيو لٺ ڳولڻ. آخر لٺ لڌائين، وري پَٽڪو ٻڌائين، وري جُوتو پاتائين. جيستائين سنبري ئي سنبري، تيستائين جهڙو (ڪَرهه) ٽَري (اُجهامي) ويو. ڪنهن اهو رنگ ڏسي، ائين چيو.

چوڻي؛   جيسين ڍائو مٿو کنهي،

تيسين بکئي جو ساهه وڃي.

مطلب: جيڪڏهن ڪو ڪم ڪرڻو هجي ته هڪدم ڪجي، ڪم همت ماڻهوءَ جي مدد تي اعتبار نه ڪجي.

 

65_  جُمن چارڻ وارو سوال:

جمن، ذات جو چارڻ، ضلعي خيرپور ميرس جو ويٺل هو. نابين، مسڪين ۽ ڪمزور هو. اکين جي روشني ۽ نَريني اولاد لاءِ، حضرت پيِران پِير عليه الرحمت جي مدح چئي اٿس.

فرزند تون حَسنين جو،                     آءٌ سائل تو ثقلينَ جو،

درگههَ مٿي دن رَين جو،                    او جر منگان عينينَ جو،

دارُون ٿئين دارينَ جو،                       يا پيِر پِيران بادشاهه.

مٿين بند ۾ اک جي بينائيءَ لاءِ، ”اوجر منگان عينين جو“ چيو اَٿس. ٻئي بند جي هڪ مصرع ۾ چوي ٿو:

”توکان منگان، هڪڙو پِسر.“

سندس مدح مقبول ٿي ۽ کيس ارشاد ٿيو ته: جيڪڏهن تون هڪڙو سوال گهُرندين، ته اهو بارگاهه ايزدي ۾ اجابت ۾ ايندو. جمن هي سوال ڪيو:

”ماڙيءَ تي نُنهن ڏُڌُ ولوڙيندي ڏسان.“

هيءُ  هڪ وڏو سوال هو، جنهن ۾ جمن جا هڙئي مطلب اچي وڃن ٿا: پهرين ڳالهه ته وري جوانيءَ ۾ اچي، ٻيو ته کيس بينائي ملبي، ٽيون ته کيس پُٽ ڄَمي، چوٿون ته سندس پُٽ شادي ڪري ۽ پنجون ته پُٽ جي زال يعني سندس نُنهن، ماڙيءَ تي ڏُڌُ ولوڙي! اهي سڀئي سوال گڏي، مٿيون هڪڙو سوال گهريائين. انهيءَ ڪري عام چوڻي ٿي ويئي ته: جمن چارڻ وارو يڪو سوال.

چون ٿا ته سندس مَن گهُريا مطلب پورا ٿيا.

جمن چارڻ جي باري ۾ مؤرخن ۽ محقفن جا مختلف خيال آهن، جي هيٺ درج ڪجن ٿا.

مرحوم محمد صديق پيرزاده لکي ٿو:[1]

”تمام مسڪين هو۽ نامرد، بيمار سخت، سڄو جسم ڦَٽ ڦَٽ ٿي پيو هوس، جنهن درد کان مداح حضرت غوث اعظم جيلانيءَ جي چيائين..............

”فقير، جڏهن لاچار ٿي پيو، تڏهن ڪي ماڻهو کٿيءَ جي جهولي ۾ کڻي،وڃي سخي سُپڙ ڏاتار جي مسا فر خاني ۾ ڦٽو ڪري آيس، ڄام سُپڙ کي سندس زال بيبي گنجانه چيو ته، ”اسين ٻئي زال مڙس، هن فقير جي واسطي ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ متوجهه ٿي، دُعا گهرون ته مالڪ شفا ڏئيس “ پوءِ ٻئي متوجهه ٿيا. ارشاد ٿين ته اوهين ٻئي ڪُندريوپن کڻي، وڃي حَسب نَديءَ جي ڀرسان، کَٻڙن مان پيرو چونڊي، کڻي آڻي جمن کي کارايو. هنن ائين ڪيو ۽ جمن چڱو ڀلو ٿيو.“

”پوءِ سخيءَ چيس ته، ”هاڻي فقير، توکي موڪل آهي، پنهنجي ڳوٺ وڃ. فقير چيو ته، ”ڳوٺ ڪجهه به ڪونه آهي.“ ڄام چيو ته، ”توکي فجر جو ڏات ڏيندس.“ ڄام رات جو گهر ۾ ڳالهه ڪئي ته: فجر جو ٿالهه مُهرن ۽ موتين جا ڀري رکندس، پوءِ فقير جمن کي بيبي گنجانه اچي چيو ته، ”جڏهن ڄام اَمر ڪريئي ته جيڪي ٻنهي هٿن ۾ کڻي سگهين، سو کڻ، تڏهن گهوڙن جي طنبيلي ۾ وڃي هڪ هٿ اولاهين ڪِليءَ ۾ وجهج، ٻيو هٿ اوڀارين ڪِليءَ ۾ وجهج.“ فجر جو جڏهن فقير اچي حاضر ٿيو، تڏهن ڄام ڏاتار، اَمر ڪيس ته، ”جيڪي کڻين، سو کڻ.“ فقير جمن، گهوڙن جي ڪُڙهه ڏي هليو. ڄام ۽ امير وزير گڏيا وَيس. جمن هڪ هٿ، گهوڙن جي طنبيلي جي ڪِليءَ ۾ وڌو ۽ ٻيو هٿ، ٻيءَ ڪِليءَ ۾. انهيءَ طناب ۾ 300 گهوڙا هئا، جي ڄام سڀ ڏنس. ڄام پڇيس ته ”اها صلاح ڪنهن ڏنهءِ؟“ چيائين ته، ”بيبي گنجانه.“ ڄام چيو ته، ”اها سخا بيبي گنجانه جي آهي. هاڻي تَرس ته سَنجَ سونهري ٺهرائي وٺون ۽ پوءِ ٻانها ۽ سئس گهوڙن لاءِ ۽ خرچ راهه جو، سڀ ڄام ڏيئي، روانو ڪـَيس. جڏهن هلڻ لڳو، تڏهن بيبي گنجانه چيس ته، ”منهنجا ڀائر، ڪوهستان ۾ آهن، انهن وٽ به مهمان ٿج“ جڏهن ڪوهستان ۾ آيو، تڏهن انهن ڄامن وٽ اچي منزل ڪيائين. انهن ٺڪائي خدمتون ۽ مهمانيون ڪري ۽ روپا سنج گهوڙي جا ٺهرائي ڏنس ۽ خرچ ڏيئي روانو ڪيو.“

”آخر فقير، باخيريت اچي ڳوٺ پهتو. پرڻيو، اولاد ٿيس، ۽ ماڙيءَ تي نُنهن، چاڏي ڏُڌُ جي ولوڙيندي ڏٺائين ............... اُن جي نسل مان ٻيو به جمن چارڻ شاعر پيدا ٿيل آهي.“

جمن چارڻ جو سخي سپڙ ڄام وٽ وڃڻ جو پڪو اهڃاڻ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تصنيف ”ٻيلاين جا ٻول“ مان پڻ ملي ٿو(1).

”چون ٿا ته ڪو سنڌ جو سوالي، هڪ سئو گهوڙن جي گهُر جو قصد ڪري آيو.سخي سپڙ ڄام وٽ دير ته هئي ڪانه، سو يڪدم سئو گهوڙن ساڻ پنهنجي پُٽ چوٽي کي ساڻس گڏ چاڙهي روانو ڪيائين، جو هن سواليءَ کي حفاظت سان سنڌ جي سرحد تائين اُماڻي آيو ۽ موڪلائڻ وقت اهي سئو گهوڙا کيس سونپيائين.“

اسان جي خيال موجب اهو اشارو جمن چارڻ ڏانهن ئي آهي.

 

 

 (ڄ)

 

66_  ڄائو پُٽ لَٿِي سِڪَ، پرڻيو پُٽ پيئي ڀِڪَ:

ڪنهن سِڪايل کي، سالن کان پوءِ الله نوازيو. وڏا شادمانا ڪيائين. ڀلا جو پيڙهيءَ ۾ ڪَڻ پيدا ٿيس، پوءِ خوشي ڇو نه ڪندو! ڇوڪرو، اڄ ننڍو سڀاڻ وڏو، اچي جوان ۽ شاديءَ لائق ٿيو. پڻس وڏي دل ڪري، ڪنهن بنيادي گهر مان شادي ڪرايس. ڪجهه وقت ته صلح سانت ۾ گذريو، پر پوءِ آهستي آهستي سَسَ ۽ نُنهن وچ ۾ ترشِي وڌندي ويئي. آخر حالت اچي اُتي بيٺي، جو گهر ۾ سڄو ڏينهن گَهپِي ۽ ڪِلڪِل لڳي پيئي هوندي هئي. هڪڙي ڏينهن پيءُ، پٽ کي چيو ته، ”ابا، زال تي ضابطو رک“ پُٽ وراڻيو ته، ”بابا، اوهان زور آور آهيو، هوءَ ويچار گُگدام! اما، هر گهڙيءَ پيئي لوئيس ۽ وڙهيس، ته به ويچاري ڪُڇي ئي ڪين، اوهين پاڻ پنهنجي زال تي ضابطو رکو!“

جڏهن پڻس اهي لفظ ٻڌا، تڏهن چيائين ته:

”ڄائو پُٽ لَٿِي سِڪَ، پَرڻيو پُٽ پيئي ڀِڪَ!“

 

67_  ڄَٽيءَ سُٽ پُسايو، واڻئي وِڌَس وَٽِي،

ڄَٽيءَ ليکي واڻيو مُٺو، واڻئي ڄَٽِي:

اڳي دستور هوندو ته ائٽ تي سُٽُ ڪتي، زالون دڪانن تي وڃي وڪڻنديون هيون.

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن ڄَٽيءَ (اڻ پڙهيل زال)، سُٽ ڪتي، پاڻيءَ ۾ پسائي رکيو. جڏهن ٿوروڙ سُڪو، تڏهن واڻئي جي دڪان تي کڻي ويئي. واڻئي هڪدم سهي ڪري ورتو، تنهنڪري مقرر وزن بدران ڳَري وزن وارو وٽُ، تارازيءَ جي ٻِئي پُڙَ ۾ وڌائين. ڄَٽي ويچاري خوش ٿي ته واڻئي کي ڦُريو اٿم. جڏهن پئسا وٺي گهر موٽي، تڏهن ڪنهن عاقل سان اها ڳالهه ڪيائين ته مان واڻئي کي، هن نموني ڦرُي آئي آهيان. واڻئي جي حرفت کان هو بخوبي واقف هو، تنهن ڪري چيائين ته.

ڄَٽيءَ سُٽ پُسايو، واڻئي وِڌَس وَٽِي،

ڄَٽيءَ ليکي واڻيو مُٺو، واڻئي ڄَٽِي،

مٺي سا ئي ڄَٽي.

 

(چ)

 

68_  پاڻ ۾ چانڊيا مـَگسي:[2]

هـَـڏ ڪـَپ ويري، دشمن.

هيءُ پهاڪو، چانڊڪا پرڳڻي جي پيدائش آهي، جنهن کي هينئر لاڙڪاڻو ضلعو چون ٿا.

چانڊيا ۽ مگسي، ٻئي بلوچ قوم جا جابلُو ماڻهو آهن ۽ هڪ ٻئي سان دنگئي پَلئي پڻ.

هڪ روايت مطابق، جڏهن چانڊڪا جاگير، ميان آدم شاهه (عباسي) ڪلهوڙي کي، مغلن کان ملي، تڏهن سندس ڪار پرداز غيبي خان هو. اُن وقت جهَلَ جو سردار زَئي خان هو، جنهن کي عام طرح مگسي خان ڪري چوندا هئا. (3) جهَل جو پرڳڻو (خِطو)، پوءِ ميان شاهل محمد عباسيءَ هٿ ڪيو، سو به چانڊين جي مدد سان. ميان شاهل محمد عباسيءَ جي ڪاهه جو فقط اهو سبب هو، جو مگسي، ميان جي فيصلن موجب نه هلندا هئا، جنهن کي ميان صاحب پنهنجي بي عزتي سمجهندو هو. اگرچ چانڊيا توڙي مگسي، ٻئي سندس مريد به هئا. مگسين کي انهيءَ تي مَٺيان لڳي ته ڇو گيگهيرن (ساڳيو گهَگهو ڍڪيندڙ هم ذات يا چانڊين بلوچن)، ميان شاهل محمد جي چُرچ تي اسان تي چڙهائي ڪئي؟ جيتوڻيڪ مگسي، ظاهر طرح خاموش رهيا، پر اندروني طرح منصوبا سٽيندا رهيا ته ڪهڙيءَ طرح به چانڊين کان وير وٺجي. انهيءَ ڪري ٿوري گهڻيءَ تان پاڻ ۾ اٽڪندا هئا.

سندن عداوت جو ٻيو سبب اهو معلوم ٿيو آهي ته چانڊڪا جو هڪ امير ماڻهو، جهَل مان هڪ خاندان تي سخت حملو ڪري آيو. مگسين، وري اهڙا ڏهه حملاڪيا. انهيءَ ڪري گويا جهنگ کي باهه لڳي ويئي. ٻنهي جي وچ ۾ وڏو جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ ايترا ماڻهو مئا، جو ميدان ئي رت سان رڱجي ويو! انهيءَ واقعي کي تَرَ جا ماڻهو ”ماهو“ سَڏڻ لڳا. آخر ٻنهي ڌرين جو فيصلو، ميان شاهل محمد عباسيءَ جي جَرڳي ڏنو.

(نگران سنده. باب قديم اقوام سنده.)

 

69:    چَٽي چَنيجَن جِي پرڻ تي پيئي:

چنيجا ۽ پَرڻ، موري تعلقي (ضلعي نواب شاهه) ۾ ٻه ڳوٺ آهن، جي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آهن. چنيجن ۾ هڪڙو هِندو سيٺيو رهندو هو، جنهن جي ڪن ماڻهن سان اڻبڻت ٿي پيئي. انهن ماڻهن کي، هر وقت اهو خيال رهندو هوته سيٺئي جو سر کڻجي. هڪ دفعي سيٺ کي ڌاڙو هڻڻ ويا، پر رات جي وڳڙي ۾ رستو ڀلجي، وڃي پَرڻ تي ڪڙڪيا. ڌاڙو ته هنيائون، پر سندن مطلب سِڌ نه ٿيو. ڪنهن انهيءَ واقعي کي ٻڌي، ائين چيو.

مطلب: جڏهن هڪ جو ڏوهه، ٻئي تي اچي، تڏهن ائين چئبو آهي.

 

70_ چڱو جن لِکيو، مَدو سي نه پَسن،

توڙي رِڻ رهن، ته به کنڊون کائين کير سان:

جن جي قسمت ۾ چڱو لکيل آهي، سي ڪٿي به هوندا ته سک پيا پَسندا.

چون ٿا ته هڪڙي بادشاهه، جهنگ ۾ محلات ٺهرايو هو. جڏهن راڻيءَ سان شڪار تي ويندو هو، تڏهن اُتي آرامي ٿيندو هو. هڪ دفعي شڪار ڪندي، راڻي ۽ بادشاهه جدا ٿي ويا. راڻيءَ ته جلد ئي محلات ڳولي لڌو، پر بادشاهه اڃا نه آيو.

هڪ مسافر، بادشاهه جي محلات وٽ لنگهيو. مسافر کي ٿَڪَ ماندو ڪري وڌو، جنهنڪري محلات جي ڪُنڊڙيءَ ۾ کٽ تي سمهي پيو. جڏهن اُٿيو، تڏهن بک بي حال ڪيس. محلات جي الماري کولي ڏٺائين ته منجهس کنڊ ۽ کير پيا آهن. کير کنڊ پي، وري سمهي پيو. اتفاق اهڙو ٿيو، جو بادشاهه به اتي آيو. ڏسي ته هڪ ماڻهو، کٽ تي آهِليو پيو آهي. وري مٿي وڃي ڏسي ته سندس راڻي پلنگ تي سُتي پيئي آهي. بادشاهه کي غيرت آئي، مسافر کي اُٿاري، پنهنجي شهر ڏانهن سزا ڏيارڻ خاخر، وزير ڏانهن هڪ خط لکي ڏنائينس. جڏهن شهر پهتو، تڏهن وزير کي اهو خط ڏنائين. وزير پڙهندي، هڪدم اڌ حڪومت جو کيس ڏنو. قدرت ڪريم جي، جيڪي اکر بادشاهه، غريب جي سزا لاءِ لکيا هئا، مثل سزاوار آهي = ٻي معنيٰ لائق آهي، سي انعام جي صورت ۾ تبديل ٿي ويا. غريب جي اها ڳالهه ٻُڌي، ڪنهن ائين چيو.

 

71_  چورَ جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪَکُ:

چون ٿا ته هڪ قافلي مان ڪنهن سيٺ جو مال چوري ٿي ويو. سيٺ، هڪدم سڀني کي گڏ ڪري، چيو ته، ”منهنجو مال چوري ٿي ويو آهي، جنهن کنيو آهي، تنهن جو پتو پئجي چڪو آهي ۽ اُن جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪَکُ آهي.“ چورَ به ان مجموعي ۾ موجود هو. ان کي دل ۾ شَڪُ جاڳيو ته، مُبادا منهنجي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک هجي، ڇو نه ڪڍي ڇڏيان. اهڙيءَ طرح چور ظاهر ٿي پيو ۽ سمورو مال مليو.

مطلب: عيبدار هميشه پنهنجي هر هڪ ڳالهه سان سڃاتو وڃي ٿو، يا شخص، ڪنهن جي طعني کي پنهنجي طرف گمان ڪري، تڏهن انهيءَ جي نسبت ائين چئبو آهي.

اُردو: چور ڪي داڙهي ۾ تنڪا.

72_  چور کي چون ته گهڙينس گهر ۾،

ڀاڳئي کي چون ته چور، گهر ۾ گهڙيو اٿئي:

اهو مثال، اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪم آڻبو آهي، جنهن ۾ هِنَ جي، هُنَ سان ۽ هُنَ جي، هِنَ سان گِلا يا شڪايت ڪري، ٻِن ڌُرين جي وچ ۾ جهڳڙي وڌائڻ جي ڪوشش ڪبي آهي.

ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙي ڳوٺ ۾، هڪڙو اهڙو شخص رهندو هو، جنهن جي عادت هوندي هئي ته جڏهن به ڏسندو هو، ته ٻن ڌرين جي وچ ۾ معمولي ڇڪتاڻ ۽ جهڳڙو شروع ٿيو آهي، تڏهن ڇا ڪندو هو، جو جدا جدا وقتن تي،  لِڪي ڇَپي، ٻنهي ڌرين سان پيو ملندو هو ۽ انهن کي ڪجهه سچيون ڳالهيون ته ڪجهه مرچ مصالحه لڳائي، اهڙي ته نوع سان ٻڌائيندو هو، جيئن هو پاڻ ۾ وڙهي پون! پر ٻنهي ڌرين کي اهو تاڪيد ڪندو هو ته، ”بابا، مان آهيان خير وارو، مهرباني ڪري منهنجو ڀُليو ڀُلايو به نه کڻجو!“

انهيءَ شخص جي شرارت جو اهو نتيجو نڪتو، جو روزانو ٻنهي ڌُرين جي پاڻ ۾ چَڪري لڳي پيئي هوندي هئي، بعض ته رَت وَهائڻ تائين به نوبت پهچي ويندي هئي.

آخر ڳوٺ وارن کي، سندس شرارت ۽ شيطان گيريءَ جو پتو پئجي ويو، جنهنڪري ڳوٺ ئي ڇڏي وڃڻو پيس.

 

73_  چور نه، ته چاڪي ئي سَهي:

ڪنهن ڳوٺ ۾ چوري ٿي، وقت جي قاضيءَ، پوليس تي زور رکيو، ته ڪنهن به صورت ۾، چور پيدا ڪيو وڃي. هاڻي پوليس ڇا ڪري! پيرو لڳي ته پتو پوي! جڏهن پوليس کان سچو ڏوهي لڀي نه سگهيو، تڏهن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، هڪڙي غريب چاڪيءَ کي گِهلي وٺي آيا. قاضي، اُن چاڪيءَ کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو هو. چاڪيءَ کي آيل ڏسي، پوليس ڏانهن منهن ڪري، چيائين ته:

”چور نه، ته چاڪي ئي سَهي.“

مطلب هيءُ آهي ته: موقعي مهل تي، ڪم ٽپائڻ ۽ جند ڇڏائڻ لاءِ هڪ جِي، ٻِي ڪبي آهي، ته ان وقت اهو پهاڪو استعمال ڪيو ويندو آهي.

 

74_  چورن مٿان مورَ:

چون ٿا  ته ڪن چورن، چوري ڪري، جهنگ ۾ سامان لاٿو. جڏهن ورهائڻ شروع ڪيائون، تڏهن هڪڙو سونو هار به ڪڍي، ميدان تي رکيائون. وڻ تي مور ويٺو هو، جنهن جي نظر وڃي هار تي پيئي، سو لامارو ڏيئي، اهو هار کڻي ويو، تنهن تي چورن مان هڪڙي ائين چيو.

مطلب: جڏهن ڪو، ناجائز طريقي سان، ڪا شيءِ هٿ ڪري ٿو ۽ پوءِ ڪو ٻيو ماڻهو، کانئس اها شيءِ (سڄي يا اڌ) کڻي وڃي ٿو، تڏهن ائين چئبو آهي.

 

 

 

(ڇ)

 

75_  ڇَتي ڪوريءَ وارِي ڊيگهه:

ڳالهه ڪرڻ وقت، اجائي، اينگهه ڪرڻ، بيجا ڳالهائڻ، اجائي بَڪَ ڪرڻ.

ڇَتو، رامڻ ڪوريءَ جو شاگرد هو. چون ٿا ته ساهتي پرڳڻي جو ويٺل هو. جڏهن پنهنجي استاد رامڻ ڪوريءَ وٽ اڻاوت جو ڪم سکندو هو، تڏهن به ڳالهائڻ وقت، اجائي ڊيگهه ڪندو هو. هڪ دفعي رامڻ پَٽڪو لاهي، پاسي ۾ رکي لڳو اُڻڻ. سندس ڇِڪَڻ وارو حُقو پڻ، پَٽڪي ڀرسان رکيو هو. اتفاقاَ َ هڪڙي چِڻنگ وڃي، پَٽڪي تي پيئي. ڇَتو، اهو حال ڏسي، وسائڻ جي بجاءِ، رامڻ جو ڌيان، اينگهه ڪري، هن طرح ڇِڪائڻ لڳو.

جَناب حضرت، استادَ رامَڻَ جي،

حُقي مان، هڪڙي چڻنگ اڏامي،

وڃي دستار مبارڪ تي پيئي آهي!

جيسين ڇَتي، اهي لفظ چئي پورا ڪيا، تيسين رامڻ جي پَٽڪي جو ڳپل حصو سڙي ويو.

جڏهن ڪم سِکي رهيو، تڏهن جوڙيون کڻي، وڪڻڻ ويندو هو. ٻيا ڪوري پنج پنج جوڙُيون کپائي اچن، پر هيءُ مڙس، هڪ جوڙي به مس کپائي، ڇاڪاڻ ته ڊيگهه ڪرڻ، سندس عادت ٿي ويئي هئي. جوڙي وڪڻندي، وٺي پنهنجي اُڻيل ڪپڙي جي تعريف ڪندو هو. چي: ”هيءَ جوڙي مضبوط آهي، سندس ٺِڪرِي پَڪي آهي. ڌاڳو پَڪو اٿس، گهاٽي اُڻيل آهي، تمام گهڻو چوڙُ ڏيندي، ڏاڍي سَستِي آهي، بَرُ به وڏو اٿس ۽ کار ۾ سڳو نه ڳرندس وغيره!“

ڀَلا، جيڪڏهن هر هڪ گراهڪ سان، ايڏي ڊيگهه ۽ بَڪ شَڪ ڪبي ته ڪم جو جلدي اُڪلاءُ ڪيئن ٿيندو!

 

(ح)

 

76_  حَنُود ڪاسائيءَ واري کَڏَ:

ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن سَمي، سيوهڻ سنڌ جو تخت گاهه هو، جنهن جو حاڪم، همنڪ هو، هو قلعي اندر رهندو هو.

هڪڙي دفعي، ڪنهن ڏورانهين ڏيهه جا چار ڄڻا، بادشاهه، وزير، ڪوٽوال ۽ بادشاهه جو غلام شڪار ڪندي، منڇر ڍنڍ تي، پکين جي شڪار لاءِ اچي نڪتا. شڪار بعد، شام جو گهوڙن تي سوار ٿي، سيوهڻ آيا. سامهون بادشاهي قلعو نظر آين. خيال ڪيائون ته قلعي اندر هلي، مهمان ٿي رهجي، پر دروازو بند هو. سَڏَ تي قلعي اندران جواب آيو ته، ”حاڪم بيمار آهي، تنهنڪري گهڻو گوڙ شور نه ڪريو، تنهن کان سواءِ، سج لٿي کان پوءِ، قلعي جو دروازو بند رهندو آهي.“ هنن خيال ڪيو ته ”اتي ئي قلعي ڀرسان، واري وَٽِيءَ تي پَهرو ڏيئي، رات ڪاٽيون.“ پهريائين ڪوٽوال جو وارو آيو ۽ باقي ٽي ڄڻا سُمهي پيا. اڃا اڌ ڪلاڪ مَس گذريو ته اوچتو شينهن اچي، مٿانئس ڪَڙڪيو، هڻي ڪوٽوال جا ٻيرا ڪري وڌائين. ڪجهه وقت کانپوءِ، ٻِئي پَهر لاءِ وزير اُٿيو. ڪوٽوال جا هڏا ڏسي، سمجهيائين ته، ”ڪوٽوال کي شينهن کائي ويو آهي ۽ هڏا ڇڏي ويو آهي.“ پَهرو ڏيندي، کيس اُڃ ڏاڍو ماند ڪيو، جنهنڪري ڀَر واري تلاءَ تي پاڻي پيئڻ وارو. اُتي جيئن پاڻي پئي پيتائين، تيئن هڪ وڏي مڇي، کيس گِهلي ويئي. وري ٽئين پهر لاءِ، بادشاهه اُٿيو، ڇا ڏسي، ڪوٽوال ۽ وزير ٻئي غائب! هڏن کي ڏسي، سمجهيائين ته، هڪ ته شينهن جو لُقمو ٿي ويو، باقي ٻئي لاءِ، خيال پئي ڪيائين ته ڪيڏانهن ويو. بادشاهه کي اُڃ ڏاڍو ستايو، جنهنڪري تلاءَ تي پاڻي پيئڻ ويو. اُتي وزير جي پڳ پسي، يقين ٿيس ته ڪوٽوال کي شينهن کائي ويو آهي ۽ وزير، پڳ ٻاهر رکي، پاڻي پيئڻ ويو آهي ته کيس ڪو مانگر مڇ کڻي ويو آهي. مٿس اهڙي ته هيبت طاري ٿي، جو پاڻي پيئڻ کان سواءِ ئي موٽي آيو. هينئر غلام جو وارو هو، پر بادشاهه، هن کي اُٿارڻ مناسب نه سمجهيو، ڇاڪاڻ ته سمجهيائين ته ويچاري، سڄو ڏينهن جاکوڙ ڪئي آهي. بادشاهه قلعي جي ديوار سان ٽيڪ ڏيئي ويچار ڪرڻ لڳو ته ايتري ۾ ڪُڪُڙن جا دَسَ شروع ٿي ويا. ان وقت حنود ڪاسائي، هميشه جي دستور موجب، پنهنجي گهران نڪتو. سندس گهر ۾ دڪان گڏوگڏ مٿان هئا، جنهنڪري کڏ تي نالو ئي پئجي ويو: ”حنود ڪاسائيءَ وار کَڏَ“. هن جي عادت هوندي هئي ته سويل صبح جو اُٿي، ڪنهن ماڻهوءَ کي هٿ ڪري، کيس ڪُهي گوشت وڪڻندو هو، جنهنڪري ملڪ ۾ حنود ڪاسائيءَ جو وڏو ڏَهڪاءُ هو. حنود کي ڪو هٿ به نه لائيندو هو،ڇاڪاڻ ته وڏو پهلوان هو. تنهن کان سواءِ وٽس تيز اوزار به هوندا هئا. انهيءَ ڪري ڪو اڻ واقف يا شهر جو ڪو ڪمبخت ئي سج اُڀرڻ کان اڳ ۾، گهر کان ٻاهر نڪرندو هو. اڄ صبح جو قلعي طرف گهمڻ آيو. بادشاهه تي نظر پيس، جو قلعي جي ڀر ۾ ڪُرنڊڙو ٿيو پيو هو. هن کي اٿاري، گهر وٺي آيو. اڃا بادشاهه کي ڪُهڻ تي هو ته کيس خبر پيئي ته شهر جو حاڪم همنڪ گذاري ويو آهي، جنهنڪري شهر جو ڪاروبار بند رهندو. بادشاهه کي ڪجهه وقت لاءِ مهلت ته ملي، پر ساهه سُڪي ويس.

شهر جي حاڪم کي ڪو اولاد ڪو نه هو، جنهنڪري وصيت ڪئي هئائين، ته، ”منهنجي مرڻ کان پوءِ، قلعي جو دروازو کوليندي، جيڪو پهريون ماڻهو مُنهن پوي، تنهن کي تخت تي ويهارجو“ دروازو کوليندي ئي، غلام کي دروازي ڀرسان سُتل ڏٺائون. سڀ امير ۽ وزير، غلام، مٿان ادب سان بيهي رهيا. جڏهن غلام اٿيو، تڏهن اچرج ۾ پئجي ويو ته هي ڇا؟ تنهن تي غلام پنهنجي ٻوليءَ ۾، هنن کي چيو ته، اوهان چريا ٿيا آهيو يا مان؟“ وزير سمجهيو ته شايد پڇي ٿو ته، ”سيوهڻ جي بادشاهي ملي آهي يا ٺَٽي جو ڪو ٽڪرو به.“ هنن هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته، ”سائين، ٻئي بادشاهيون، اوهان جون آهن.“ آخر غلام کي سمجهه اچي ويئي ۽ هو سيوهڻ جو حاڪم ٿيو.

اها خبر، بنا دير سڄي شهر ۾ وِڄُ وانگر ڦهلجي ويئي. جڏهن حنود ڪاسائيءَ کي اها خبرپئي، تڏهن ٻه هٿ ٽيون مُنهن پِٽڻ لڳو. چي: اڄ ويو به قلعي جي طرف هوس. جيڪڏهن ڪجهه وقت ترسان ها ته ضرور دروازو کوليندي مون کي ئي عملي جا ماڻهو ملن ها ۽ آءٌ ئي بادشاهه ٿيان ها.“ پوءِ ته اچي بادشاهه تي مَٽيو. ڪٿان جو، ڪٿان پيو اچي! چي، ”هي نڀاڳو، مُنهن نه پوي ها ته اڄ، مان ئي بادشاهه هجان ها.“ هڪدم ڏند ڪَرٽي، ڪاتي کڻي اُٿيو. بادشاهه کي ڏڪڻي وٺي ويئي. حنود کي چيائين ته، ”منهنجي مارڻ ۾ ڇا هٿ ايندئي. وڌ ۾ وڌ، منهنجي گوشت مان، ٻه _ چار رپيا ڪمائيندين، ٻيو ڇا! تون مون کي جيئندان ڏي ته مان توکي جهَجهو ڌَنُ، ڏيندس.“ هن کي ته اهائي ڳالهه کپندي هئي، ڇاڪاڻ ته پئسي جو پُٽ هو. ڪاتي کڻي ڦٽي ڪيائين. بادشاهه رومال جي چئن ڪُنڊن تي، ٻه مصرعون (مصرع مصرع جو اڌ هر هڪ ڪُُنڊ تي) لکي، حنود کي ڏنائين ته وڃي، نئين حاڪم کي ڏي ته توکي ڍئي ڇڏيندو. مصرع هيءَ آهي:

يکي شير خورد يکي خورد ماهي،

يکي بندي خانهء، يکي پادشاهي.

ڪاسائي رومال کڻي، نئين حاڪم کي ڏنو. حاڪم کي ذرا شَڪُ جاڳيو، پر پوريءَ طرح پروڙي نه سگهيو، سو هن به وري چئن ئي ڪُنڊن تي لکي موڪليو:

کسي شير خورد و کسي خورد ماهي،

کسي بندي خانهء، کسي پادشاهي.

اهو رومال، ڪاسائيءَ آڻي، بادشاهه کي ڏنو، جنهن وري لکي موڪليس:

کوٽوال را شير خورد و، وزير را خورد ماهي،

بادشاهه بندي خانهء، غلام پادشاهي.

هينئر ته هن کي سمجهڻ ۾ ئي دير ئي ڪانه لڳي.هڪدم بادشاهه کي آزاد ڪرايائين ۽ حنود کي به چڱو عهدو ڏنائين.

هينئر جو حنود کي چڱو عهدو ملي ويو، جنهنڪري ڪاسائڪو ڌنڌو ڇڏي ڏنائين ۽ ماڻهن جي دلين مان به، آهستي آهستي اهو ڊپ لهي ويو.

حنود واري کڏ، اڃا تائين سيوهڻ ۾ قائم آهي، جنهن جي ايراضي، تقريباَ َ پنجن جريبن ۾ ٿيندي.

حنود ڪاسائيءَ واري کڏ مان مطلب آهي: اها خوفناڪ اُونهي کڏ، جا ڀرجي ئي نه، ڇاڪاڻ ته ورهين کان وٺي ان ۾ ماڻهن جا هڏا اُڇليندو هو.

جڏهن، ڪو ظالمانه ڪم ڪندو آهي ۽ سندس پيٽ نه ڀربو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.


 

[1]  تاريخ سنڌ_ قلمي صفحو 132.

(1)  ٻيلاين جا ٻول، صفحه 83_84.

[2]  ”مگسي“ جو استعمالي اُچار ”منگسي“، چون ٿا ته اصل ”مگسي جي واديءَ“ جا هئا، جا رياست جهل کان، سئو کن ميل اولهه طرف آهي. انهيءَ واديءَ ۾ مگس يعني ماکيءَ جي مک گهڻي هئي، پر قحط ساليءَ سبب، اها مگس، جهَلَ جي چشميءَ واري واديءَ جي طرف کان اُڏامي هتي آئي ۽ هنن جا پوئينر ماکيءَ جي مک جو پيڇو ڪري، اچي جهَلَ واديءَ ۾ ويٺا، تنهنڪري هنن پاڻ کي ”مگسي“ چوايو، ورنه هو ڪن جي خيال موجب، لاشاري بلوچ جي ڪيڙُ آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org