سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: وتايو فقير

باب: پهريون

صفحو :3

وتايو فقير

ولي محمد طاهرزادو

باب پهريون

 

ڪرامت جا ڪلام

 

الف: وتايو ڪامل مجذوب، سنڌ جي مجذوبن ۾ وڏيءَ معرفت وارو ٿي گذريو آهي. مخدوم واعظ کان روايت آهي: ”وتايي هڪ ڀيري چيو ته شريعت، طريقت جي زير ناف آهي. جهڙي طرح مرد لاءِ زير ناف بلوغت جي نشاني آهي. ساڳي طرح شريعت جي پابندي سالڪ ماڻهوءَ کي طريقي جي راهه ۾ بالغ بنائي ٿي.“

ب[1]: ملا محمد: جڏهن جهانگير بادشاهه جي سڏ تي ساڻس ملڻ ٿي ويو ته رستي ۾ وتايو فقير مليس، جنهن کان دعا گهريائين. هو مسڪين حال ۾ هو، پوءِ علمي ڪمال حاصل ٿيس ۽ نورجهان بيگم جو استاد مقرر ٿيو.

ج: چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن ڪو ماڻهو مڪليءَ تي زيارت ڪرڻ لاءِ پئي ويو. هوڏانهن وتايو مجذوب ٽڪريءَ تان موٽيو پئي آيو. ٻيو مجذوب ٽڪريءَ ڏانهن پئي ويو. وتايي ان ٻئي مجذوب کي چيو ته ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ اڄ مخدوم حمزو گذاري ويو آهي. جناب سيد المرسلين سندس جنازي جي نماز پڙهڻ واسطي تشريف فرما ٿي رهيا آهن، پاڻ امامت ڪندا. هل ته پاڻ به هلي پهچون. هن ويندڙ ماڻهوءَ ڳالهه ڪئي ته انهن مجذوبن جي ڳالهه ٻڌي آءٌ به سندن پٺيان شهر ۾ آيس ۽ اچي ڏٺم ته برابر مخدوم حمزو گذاري ويو آهي. آءٌ سندس جنازي نماز پڙهڻ لاءِ صف ۾ بيٺس. صفون سڌيون ٿيون ته هو ٻئي اڳينءَ صف ۾ وڃي بيٺا. امام جي تڪبير چوڻ کان اڳ هڪ تڪبير غيب مان ٻڌڻ ۾ آئي.

د: وتايو فقير سَير ڪندي، هڪ ڏينهن لنواريءَ جي شهر وڃي نڪتو. هڪ مسجد وٽان لنگهندي ڏٺائين ته شيخ گل محمد نماز پڙهي، ٻين جماعتين سان گفتگو ويٺو ڪري. سندس پُٺا اگهاڙا هئا. وتايي، اندر گهڙي شيخ کي پٺن تي چمي ڏني. ماڻهن پڇيس ته درويش ڇا ڏٺئه؟ چيائين ته هن پُٺ مان هڪ گل پيدا ٿيندو، جنهن جي سڳنڌ، جڳ واسي ڇڏيندي. ٿيو به ائين شيخ صاحب کي مخدوم محمد زمان لنواري وارو پيدا ٿيو، جنهن لاءِ شاهه لطيف چيو آهي:

مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،

تني سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي!

 

1.               مون ڀڳڙا تڏهن ٿي کاڌا جڏهن ملان هليو ٿي ويو.

هڪڙي ڏينهن مسجد جي امام وتايي کي چيو ته نماز جي مهل آهي. جمعي جو ڏينهن سڳورو آهي، هلي نماز پڙهه. وتايي فقير کي ڪنهن کائڻ واسطي ڀڳڙا ڏنا هئا، جن جا ڦڪ ڀريندو پئي ويو. امام جي چوڻ تي سڌو مسيت ۾ هليو آيو. صفون ٻڌيون ته هيءُ به هڪ صف ۾، جهولي ڀڳڙن سوڌي جهلي، نماز پڙهڻ بيٺو. هر هر هيڏانهن هوڏانهن ڏسيو، ڀڳڙن جي لپ وات ۾ هنيو، وري ماٺ ڪريو نماز پئي پڙهيائين. جڏهن نماز پڙهي فارغ ٿيا ته ماڻهن چيس فقير، تنهنجي نماز ڪانه ٿي! تو نماز ۾ ڀڳڙا پئي کاڌا. وتايي چين ته مون ان وقت ڀڳڙا ٿي کاڌا، جيڏي مهل امام هليو ٿي ويو. هنن پڇيو ته امام ڪيڏانهن ٿي ويو؟ هُو ته نماز پڙهائي رهيو هو. وتايي چيو ته پڇي ڏسوس ته پهرين ڍڳي ڳولڻ جي ويچار هيٺ هو ۽ پوءِ گاهه هٿ ڪرڻ لاءِ پئي ڊوڙيو. جڏهن اُتان خيالن موٽ ٿي کاڌس ته نماز ٿي پڙهيائين. ماڻهن مُلي کان پڇيو، جنهن چيو ته برابر مون کي نماز ۾ ٻه ڀيرا اهڙا خيال آيا هئا.

 

2.               ٻيڙيءَ جهل ته آئون لهان....

هڪڙي ڀيري وتايو هِن ڀَر اچڻ لاءِ درياهه جي پَرينءَ ڪنڌيءَ تي اچي ويٺو ته پتڻ اچي ته چڙهي وڃان. ڪجهه وقت کان پوءِ پاتڻي آيو ۽ پتڻ ڀري جڏهن هلڻ هارڪو ٿيو ته چيائين ”هاڻ آسرو الله جو.“ هن جو ايترو چوڻ ۽ وتائين جو جوش ۾ اچي چوڻ: ”اڳ تنهنجيءَ ماءُ جو.“ ٻيڙي جهل ته آءٌ لهان. هو ٽپ ڏيئي لهي پيو. ساڻس گڏ ٻه ٽي ٻيا ماڻهو به لهي پيا. فقير کان پڇيائون ته ڇو لٿو آهين؟ هن چيو ته هن مورک مهاڻي کي ڪابه سُڌ ڪانه ٿي پوي. جنهن جو نالو ورتو اٿس، درياهه ۾ ته ٻيڙيون اهوئي ٻوڙيندو آهي، ٻيو ڪو مهاڻي جي ابن ڏاڏن ڪونه ٿي ٻوڙيون. هاڻي ويٺا مزو ڏسو. اها ٻيڙي جڏهن وچ سِير تي پهتي ته ڦيريون کائي ٻڏي ويئي.

 

3.               پهتا وتائي تائين ڪونه، يڪدم الله کي ڪيئن رسيا!

ٻيڙيءَ مان لٿل ماڻهن وتايي کي چيو ته هاڻ ڳوٺ ڪيئن پهچبو؟ وتايي چيو ته پهچڻ تمام سولو آهي. هنن چيو ته ڪيئن؟ وتايي چيو ته توهان کي آءٌ کنڀڙاٽين کان ٿو جهليان، پاڻي مٿان هلنداسون، توهان سمورو وقت ”وتايو وتايو“ ڪندا هلجو. اميد تي پرينءَ ڀر پهچي وينداسون. اها ڳالهه انهن قبول ڪئي. وتايي ٻنهي کي باذوءَ کان پڪڙيو. هو وتايو وتايو ڪندا هليا ۽ وتايو الله الله ڪندو پاڻيءَ مٿان پئي هليو. اوچتو هنن کي خيال آيو ته ٻُڌون ته سهي، وتايو ڇا چوندو هلي. سو ماٺ ڪري ٻڌائون. وتايون ته الله الله ڪندي پئي هليو. پوءِ دل ۾ آين ته وتايو الله الله پيو ڪري ته ڇونه اسين به الله الله ڪريون. اڃان ايترو چيائون ته ٻئي ڳؤرا ٿي پيا. وتايي منجهائن کڻي هٿ ڪڍيا ته ماڳهين ٻڏڻ لڳا. ان تي وتايي چيو ته پهتا وتايي تائين ڪونه يڪدم الله کي ڪيئن رسيا!

 

4.               سيوهاڻي جي چَٽي وتائي تي آئي!

هڪڙو ايراني سپاهي قسمت سان سنڌ ۾ بيمار ٿي پيو ۽ رهجي ويو. ٻيا سندس سنگتي پنهنجي ملڪ هليا ويا. سپاهي جڏهن چاق ٿيو ته نه وٽس سمر هو، نه سواري. سو لال قلندر شهباز تي چِلو (چاليهو) ڪڍي ويهي رهيو ته مون کي پنهنجي ملڪ اماڻ. رات ڏينهن اها لوري لڳل هيس. هڪ ڏينهن اشارو مليس ته وتايي فقير کي ڳولي وڃي لهه. اهو ڪم ان کان ٿيندو. سپاهي اٿي پڇائون ڪرڻ لڳو. نيٺ فقير کي ڳولي لڌائين. چنبڙي پيس ته مون کي خدا جي واسطي ڳوٺ موڪل. فقير آني ڪاني ڪئي، پر هن چيو ته مون کي پُختو ڏس مليو آهي. آءٌ ڪونه ڇڏيندوسانءِ. فقير ماٺ ۾ رهيو. سپاهي به ايلاز منٿون ڪندو رهيو. هڪ ڏينهن بيٺي بيٺي سپاهي کي سڏ ڪيائين ته هلو آءُ! سپاهي ڀر ۾ اچي بيٺس. چيائينس ته تنهنجو ساڄو پير منهنجي ساڄي پير مٿان ۽ کاٻو پير کاٻي پير مٿان رکي، ٻانهون سڌيون ڪري اکيون پوري ڇڏ. سپاهيءَ ائين ڪيو. فقير بيٺي بيٺي دونهين جو واچوڙو ٿي ويو. گهڙي سوا کان پوءِ انهيءَ هنڌ تي ظاهر ٿي بيٺو. پگهر ۾ شم، دز مٿس چڙهيل. ٿڪل ماڻهوءَ وانگر ڏسڻ ۾ پئي آيو. اتي ويٺلن پڇيس ته فقير ڏي خبر؟ چيائين ڪهڙي ٿا خبر پڇو. ”سيوهاڻي جي چَٽي، وتائي تي آئي.“ گهڻو پري وڃي نڪتا هئاسين.“

 

5.               هيڏانهن اٽو ڪونهي، هوڏانهن بادشاهي ڪٿي؟

هڪڙو غريب ماڻهو هو. جنهن کي گهر ۾ پوري تُوڻ به ڪانه هئي. زال زور رکيس ته ٻن ڏينهن کان گهر ۾ ڪَڻو ڪونهي، جو کڻي چکون. وڃ ڪٿان اَٽي جي لپ ڇڏائي اچ ته ڪا اڪو ڦلو ڪريون، نه ته مري وينداسين. همراهه خالي تَسُ کڻي گهر کان ٻاهر نڪتو ته سامهون وتايو گڏيس. ان کي ويجهو وڃي چيائين درويش، بک ٿا مرون. اڄ ته تون مون تي مهر ڪر. وتايي چيس ته مون وٽ ڇا آهي جو توکي ڏيان؟ ڏيڻ وارو پاڻهي ڏيندءِ. هن چيو ته اڄ ڏيندئي منهنجو هانءُ تو ۾ هِچي ويو آهي. بس سمجهان ٿو ته توکان سواءِ ڪو بلو ڀيڻي ڪونه ٿيندو. اهو ٻڌي فقير پنهنجي لٺ مٿي ڪري ڪُلهي سامهون سڌائيءَ ۾ جهلي ۽ هن کي چيائين ته پاٽ اتي رکي. هِن لٺ هيٺان لنگهي هُن پاسي ٿيءُ. هُن ائين ڪيو. ٻئي پاسي ٿيڻ سان ڇا ٿو ڏسي ته هڪڙو وڏو ڪٽڪ ڪنهن جي انتظار ۾ بيٺو آهي. هنن سان خوشيءَ جو سامان گڏ آهي. هڪڙو گهوڙو پنج سنجيءَ سان سنجيل آهي. ڇٽ پيو ڦِري دُهل دماما، شرنايون قرنايون پيون وڄن. گلن جي هار کڻيو بيٺا آهن. هيءُ جو هُن پاسي ٿيو ته سڀ ڦري آيس، هارَ کڻي وڌائونس، گهوڙي تي چاڙهي سرگس ڪري، نچندا ٽپندا اچي شهر ۾ محلات اندر لاٿائونس، پوءِ هڪ شخص اڳيان اچي بيٺس، جنهن چيو ته آءٌ هن ملڪ جي بادشاهه جو وزير آهيان. جي ڏينهن ٿيندا ته هتان جو بادشاهه بنا اولاد مري ويو آهي. مرڻ وقت وصيت ڪيائين ته منهنجي بادشاهيءَ لاءِ اهڙو ماڻهو مقرر ڪجي، جيڪو بلڪل ٻاهرتُو هجي ۽ ٽن ڏينهن اندر هن شهر ۾ پير وجهي، پر جي ڪو ٽن ڏينهن اندر نه اچي ته پوءِ توهان جنهن کي مناسب سمجهيو، تنهن کي حاڪم ڪجو. سو اسين هر روز سرحد وٽ اچي بيهندا هئاسون ته ڪو ٻاهريون ماڻهو اچي ته بادشاهه بنايونس. ٻن ڏينهن ۾ ته ڪير ڪونه آيو، اڄ ٽيون ڏينهن آهي، تون آيو آهين. هاڻ تون اسان جو بادشاهه ۽ اسين تنهنجي رعيت آهيون. هي تخت، هي محلات، هي راڻيون، ٻانهيون، نوڪر چاڪر، گهوڙا ٻيڙا اڄ کان وٺي تنهنجي حوالي ۽ تنهنجي حڪم هيٺ آهن.

پوءِ وٺي آڻي تخت تي ويهاريائونس. شادمانا ٿي ويا مجرا ڀرجڻ لڳا. امير وزير تحفا، سوغاتون پيش ڪرڻ لڳا. جڏهن جشن پورو ٿيو ته بادشاهه محلات ۾ آيو. راڻيون، ٻانهيون قطارن ۾ بيهي سلامي ڀرڻ لڳيون. مطلب ته ڏاڍو خوش ٿيو. ڇا هو، ڇا مان ڇا ٿي پيو؟ پورا پنج سال حڪومت هلايائين، عيش عشرت ڪيائين. تنهن کان پوءِ ڪو سوداگر تمام ڀلا گهوڙا ڪاهي هن جي ملڪ ۾ وڪڻڻ واسطي آيو. بادشاهه پاڻ گهوڙا ڏٺا، ڏاڍا وڻيس. حڪم ڪيائين ته هڪڙي گهوڙي تي سنج وجهو ته آءٌ سواري ڪري ڏسان. گهوڙي تي سنج پئجي ويا. سَئسن بادشاهه کي گهوڙي تي سوار ڪيو. بادشاهه لغام تڻڪيو، گهوڙو نرا کڻي مٿي اُڀريو ۽ ڦيرائي ڦيرائي بادشاهه کي کڻي پَٽ سان هنيائين. ڪِريو ته سندس هيٺان ٺِڪر جي پاٽ ڀڄي پرزا پرزا ٿي پئي. وتايو لٺ سنئين سڌائي ۾ جهليو بيٺو هو. هن ڪِرڻ سان وتايي جي منهن ۾ نهاري سڃاتو ته هيءُ ته وتايو فقير بيٺو آهي. ان کي ڏسي پڇيائين ته فقير منهنجي بادشاهي ڪيڏانهن وئي، منهنجيون راڻيون ٻانهيون ڪيڏانهن ويون؟ آءٌ هت ڪيئن آيو آهيان؟ فقير چيس ته عجيب انسان آهين! لٺ جي هُن پاسي آهين ته چوين ٿو ته منهنجي بادشاهي ڪيڏانهن وئي ۽ جڏهن هِن پاسي آهين ته گهر ۾ اَٽو ڪونه هئي. ماٺڙي ڪري وڃي اٽي جي پَٽ سٽ ڪر!


 

ب:تحفت الڪرام ص547.

ج: تحفت الڪرام ص550.

د: مشاهير لنواري، ڪتاب اردو.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org