سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 9

 

مـُـهراڻي جي نوحاڻين واري روايت

صابر نوحاڻي ۽ ساٿين (تعلقو سامارو) جي ٻڌايل ڳالهه

(هيءَ روايت صابر نوحاڻي، شادمان نوحاڻي ۽ سلطان جسڪاڻي جي زباني تاريخ 14- مارچ 1968ع تي نوحاڻين جي ڳوٺ (تعلقو ڊگهڙي، ضلعو ٿرپارڪر) ۾ ڪيل ڪچهري ۾ لکڻ شروع ڪيئي وئي، ۽ رئيس عبدالله خان ڪپري جي ڳوٺ (تعلقو سامارو) ۾ڪيل ڪچهري (تاريخ 11-14 ڊسمبر 1969ع) ۾ تاريخ 13- ڊسمبر 1969ع تي لکي پوري ڪئي وئي.

صابر نوحاڻي، عمر (1968ع ۾) 87 سال، چيو ته: منهنجو ڪاڪو گلشير نوحاڻي جهلجي حيدرآباد جيل ۾ ويو، اتان  ’دودي - چنيسر‘  جي ڳالهه سکي آيو، جيڪا پوءِ ٻين نوحاڻين سکي. اها ساڳي ڳالهه جسڪاڻين به نوحاڻين کان سکي. گلشير نوحاڻي اندازاً 1920ع ڌاري ستر سالن جي عمر ۾ گذاري ويو.

هيٺ ڏنل هڪ بيت موجب هن ڳالهه جو شاعر  ’موميڻو‘  ذات يا نالي وارو آهي، جيئن ته:

دودا ديــمــيـــون آئـــيــون، ڏسـڻ تـنـهنــجو ڏيهه

دليءَ کان دُومَ چڙهي تن ڇلين ڪـــونهي ڇيهه

سومرا ساڻيهه، ملهائج هوميڻو چئي. ن - ب)

ڪارو دودو، ڀونگر راءِ جو پٽ هو. ڀونگر جي شادي اهڙن پهلوانن مان ٿي هئي، جي ديون مثل هئا. ڪارو دودو ناناڻن ۾ ڄائو ۽ اهي عرب هئا. اُتان دودي کي واءُ  اُڏائي سنڌ ۾ آندو. ٻڪرين جو کير پياريائونس ته ٿڻ پٽي ڇڏيائين. آخرڪار مينهن ڏنائونس، جنهن جو کير پيتائين ۽ انهي مينهن کي ڪلهي تي کڻي، پنهنجي پيءَ ڀونگر جي باغ ۾ پئي چاريائين. ان باغ جو راکو  ’شـِـڪـِـر ديو‘  هو، جيڪو ڀونگر راءِ جو سالو هو، اُهو دودي کي سامهون ٿيو ته ان کي ماريائين. انهيءَ تي ڀونگر راءِ، دودي کي ملڪ نيڪالي ڏني. دودو محلات مان نڪتو ته سندس ڀيڻ (ڀونگر جي ڌي) ٻاگهي دانهن ڪئي:

 

ٿوڻي جهليو ٿنڀ جي ٿي ٻاگهي ٻاڪاري

 

 

رٺـــــو وڃي راء تــنـــهــن کـي ڪــــو واري.

 

دودو پنهنجن ڌاريل ڪتن کي وٺي، انهن لاءِ سونيون سنگهرون گهڙائڻ لاءِ سوناري وٽ آيو، ۽ ان کي چيائين:

گــهڙ ســونــــــارا سنگهرون، سچي سون منجها

ڪـُـتن پائي ڪڙولا، نڪران ڀونگر راڄ منجها.

ڀونگر پنهنجي پاتڻي کي چوائي موڪليو ته: دودي کي پتڻ نه اُڪارج!

اڄ مَ اُڪارج پاتڻي! دودو پهرئين پـُـور

هــــڪ نيراني نڱئو، ٻئو وڃي ٿو ڏُور.

دودو روانو ٿيو ته ميربحر پتڻ نه پيو ٽپائيس، ان کي چيائين ته:

ڀونـگــر سنـدا پـــــاتڻي، مــــون کي پـــــار اُڪـــار

مون کي ڀونگر موڪليو وڃي سـِـٽيـِـون ساري آ.

نيٺ جڏهن پتڻ اُڪاريائين، تڏهن پاتڻي کي چيائين ته:

ڀونگر سندا پاتڻي، تون ويڻ مَ وســـــاريج

دودي آئي سنڌ ۾، ڪو سـَـڌر ماڳ مڻيج.

دودو اڳتي هليو ته آڏو هڪڙو ٻڪرار ستل ڏٺائين، جنهن جو کنو پاڻهي مياڻ مان نڪري نانگ کي ماري، وري اچي مياڻ ۾ پيو.

 

 

کنو نڪري کپ مان، ڪــارو ٻـِـر منجهــا

 

اهو رنگ ڏسي ڪري، ريجهي بيٺو راء.

خيال ڪيائين اهو کنو هٿ ڪريان، پر ڪيئن؟

سـُــتا مارڻ سـَـڦرا، ڪـِـ ڪـِـي جاڳايانس

ڪـِـ هڻي لـَـپڙ ڳـــــل جي کنو ڇڏايانس.

ٻڪرار جاڳيو ته ان کان پڇيائين ته: کنو ڪٿان آندئي؟ ٻڪرار وراڻيو ته: مينهن دريا مان ڪڍي آئي آهي:

مينهـِـن مـَـندؤ(1) رِي ماڻڪـِـي، گهڙندي ڪيو ڌڪاء

کــــــنــــــو وجـــهـــي پـُـــــــــــور ۾ آنـــــدائـــيـــن اُتـاء.

دودي چيو ته: ڪهاڙي توکي ڏيان ٿو، کنو مون کي ڏي. ميهار قبول ڪيو، جو سمجهيائين ته جهنگ وڍڻ ۾ سولائي ٿيندي.

دودو ميهار پــــــــاڻ ۾ ٿـــــا ڪـــن سؤدو سـَـٽ

ميهار ڀانيو مون کٽيو، دودي ڀانيو مون مـَـٽِ.

دودو کنو وٺي اڳتي هليو ته آڏو شـِـقر ديو جي ماءُ  ’ڪالڪان‘  خريب ڪري آئي ته دودي کي ماريان. ان کان پڇيائين ته: ڪير آهين؟ چيائين ته: آءٌ غريب مائي آهيان. دودي سڃاڻي چيس ته:

راڻيون رِڻ نه اچڻيون، تــــــون هــتــي سـِـهـِـڙ ڪـِـيـــــــاء

ڪاري ڪـَـنين ڪالڪان، تون آهين شقر ديو جي ماء.

هن دودي کان جـِـيـَـڏاڻ گهريو. پوءِ دودي کي وار ڏنائين ۽ چيائين ته: وار کي تـَـوَ ڏجئين ته آءٌ اچي حاضر ٿينديس. پوءِ اڳتي ويو ته شينهن نر - ماد ڏٺائين. انهن تي ڪـُـتا ڇڏيائين ته  ’موتي‘  ڪتو مارجي ويو ۽  ’ڀؤنر‘  ڀڄي آيو. تڏهن دودي چيو:

 

 

 

مــــوتــِـيـَـڙو مــــــــــــارايئي، ڀؤنر مَ ڀيرو لاءِ

 

ويهي وڳهه ڪوٽ جا تو ڪيئين وڃايا ٿانء

پوءِ ڀؤنر به وڃي شينهن سان وڙهيو پر مارجي ويو. اتي دودي شينهن کي چيو ته:

ڀيچي ماريئي منهنجا، ڪانئر ڪڄاڙي لاءِ

جي وڙهڻو اٿئي ويڙهه ۾ ته هيڪر اوري آءُ.

پوءِ دودي حملو ڪري، ترار هڻي شينهن کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيائين، باقي مادي شينهڻ کي ڌڪ نه هنيائين، پر سـِـسـِـي مروڙي پـَـٽي اُڇلي ڇڏيائينس.

شينهن کي ماري، دودو اڳتي هليو ته آڏو هاري ڏٺائين، جيڪو  ’ڪـُـل‘  باهه جو مٿي تي کنيو پئي هليو. پڇا تي هاري چيو ته: ڍڳا پيا هـُـرلي ۾ وهن، متان گـُـرڙ- پک مارين، تڏهن ڪـُـل کنيو پيو هلان. دودي چيو ته: آءٌ ٿو گرڙ - پک کي پليان. هاري سـُـتو ته دودي کي به ننڊ کڻي وئي. جاڳي ته گرڙ - پک پيو ڍڳا کائي. ان کي ماريائين پر ترار وڃي هيٺ زمين ۾ لوهه تي لڳي ۽ ڪـَـڪر پئجي ويو. ڳوٺ ۾ آيو ته ڇوڪرن پئي راند ڪئي. پڇيائين ته: ڳوٺ ۾ اهڙو ڪو لوهار آهي، جو ترار جو ڪڪر ڪڍي. ڇوڪرن چيو:

ڪڏهن سئوسين ڪونڪو، اهڙو پـَـسايـَـلُ لوهار

ڏندا ڏانٽن جــــا ڪــڍي، ٻيــو ٽـَـــڪـُـــنِ ڳنڍڻهار.

اهو دلوراءِ جو شهر هو، جتي  ’لڌي‘  نالي لوهار وٽ ويو، جنهن چيو ته: سؤ مڙس هجن، جي سـِـراڻ ڇـِـڪين. دودي اڪيلي سر ويهي ڇڪيو ته به ڪڪر نه نڪتو. اتي لـَـڌي جي ڌيءَ مٿان ڳالهايو ته  ”ڇٽيهه لکڻي ماڻهوءَ جو رت ڦڙو ترار تي وجهو ته ڪڪر نڪري پوي“ . دودي پنهنجي رت جو ڦـُـڙو وڌو ته ڪڪر نڪري ويو. پر:

 

ماڙيءَ مٿان ڊيــل ڍُرڪي، لاکيڻي لــــوهــــار

 

تنهن سان دودي سومري وڃي اکين لائي آر.

لوهار جو وچن هو ته جيڪر سراڻ اڪيلي سر ڇڪيندو تنهن کي ڌيءَ ڏيندس. دودي جو به لهه لڳي ويو ۽ ثابت ٿيو ته ڇٽيهه لکڻو آهي. پوءِ  ’لڌي‘  ڌيءَ پرڻايس ۽ دودو اتي رهي پيو.

دودو ٻن مهينن کان پوءِ شهر ۾ ڍريو ته هڪڙي پوڙهي روئندي ڏٺائين، جنهن چيو ته: اڄ رات راڪاس ايندو، منهنجي پٽ جو وارو آهي ۽ راڪاس کائي ويندس. پوڙهي مائي کي دلداري ڏيئي، دودو پاڻ پوڙهيءَ جي پٽ بدران راڪاس ڏانهن ويو ۽ ان کي ماري ڇڏيائين. صبح جو پڇا ٿي ته راڪاس ڪنهن ماريو! باآلاخر دلوراءِ دودي کي گهرايو. دلوراءِ کي معلوم ٿيو ته راڪاس، گرڙ پکي، شينهن وغيره دودي ماريا آهن. پوءِ دلوراءِ کيس عزت سان پاڻ وٽ رهايو ۽ پنهنجي ڌيءَ به پرڻايائينس.

هاڻي ڳالهه گـُـجرن جي طرف جي ته جئسينگ گـُـجر، جوڳين کان پڇيو ته: مـُـلڪ پيا گهمو، منهنجي جوڙجيس ڪا عورت ڪٿي ڏٺيوَ؟

ٿا گهمو کنڊ به کنڊڙا، وٺو ٿا واسينگ
آن ڪا ڏٺي ڳؤري، جوڙ جهڙي جئسينگ؟

 

جوڳين جواب ڏنو ته: ٻي ته ڪا عورت تو جوڳي اسان کي ڪانه سـُـجهي، باقي وڳهه ڪوٽ ۾ شهزادي ٻاگهي تنهنجي لائق ٻـُـڌي اٿئون:

ٿـــا گهمون کنڊ به کنڊڙا، وٺون ٿا واسينگ
ٻاگهي وڳهه  ڪوٽ ۾ جوڙ آهي جئسينگ.

 

اتي گجر ميڙ ڪري وڳهه ڪوٽ ۾ ڀونگر وٽ ٻاگهي جي سڱ لاءِ آيا. اُتي پنهنجي طاقت پيا ڏيکارين. ڀونگر پير مرد ٿي چڪو هو، سو دودي کي سنڀاليائين ۽ چيائين:

 

 

 

ڌُٻي ڌُٻي اُٿيو، ڀـُــونڊا ڏيئي ڀون
ماء مرادون پنيون، پر ڪم نه آيون مون.

 

 

 ڀونگر، دودي جي پڇا ڪئي، ٻڌايائونس ته: دودو دلوراءِ جي شهر ۾ ٿو رهي. اتي پاتڻي چيو ته: دودو ايندو ته مون کي ماريندو، سو آءٌ اڳواٽ خط کڻي وڃانس ۽ پرچائي وٺي اچانس. سو پاتڻي خط کڻي ويو دودي وٽ، جنهن ۾ لکيل هو ته:

نيش نه سـُـڪن ڪـِـنگريين، راوَ نه ڳنڍين ويڻ(1)
جي گولـِـي نيندا گـُـجرا، ته به چوندا دودي ڀيڻ.

 

دلوراءِ، راڪاس بابت نجومين کان پڇيو ته: راڪاس مئو، پر وري ته ڪونه ايندو؟ چيائون ته: جيسين دودي جي بـُـوءِ هن ڀيڻي ۾ هوندي تيسين ڪونه ايندو. پوءِ جڏهن دودو وڃڻ وارو ٿيو ته دلوراءِ جو پٽ اچي سامهون ٿيس ۽ وڃڻ کان روڪيائينس:

ڪنگر جيڏي پيٽ سان دودا آئين تون
ڀيڻ پرڻائي پنهنجي، ماڻهو ڪـَـيـَـئـِـي مون.

 

دودي چيو ته: راڪاس ماري انصاف ڪري تنهنجي ڀيڻ پرڻيو آهيان. ٿورو مون تي ڪونهي، آءٌ وڃان ٿو پر ديرا پوئتي ڇڏي ٿو وڃان، وري ايندس. اتي دلوراءِ جو پٽ موٽي ويو.

 

دودو آيو وڳهه ڪوٽ ۾. ٻاهران گـُـجرن جو گهيرو هو، سو ڪوٽ جا در بند ٿيا پيا هئا. اتي دودي نيشاني هيءَ موڪلي، جو پاڏو جهلي کڻي اُڇليائين ته وڃي ڪوٽ جي اندر ڪريو. گـُـجرن اڳ گهـَـٽن جون چوڙيون پئي اُڇليون. اندر سهي ڪيائون ته اها طاقت دودي جي آهي، تڏهن در کوليائون. دودو، ڀونگر راؤ سان مليو، پوءِ اچي گجرن سان جنگ جوٽيائين. گهڻن کي ماريائين ۽ گهڻا ڀڳا. هاٿيءَ کي ڌڪ هنيائين ته تلوار منجهانئس مـَـٽي وئي، پر مئل هاٿي جو مڙهه اتي ئي بيٺو رهيو. دودو جنگ ڪري موٽيو ته اچي انهي مئل هاٿيءَ جي ڇانو ۾ بيٺو ته مئل هاٿي اچي مٿانئس ڪريو. زور ڏيئي ڇڪي ٻاهر ٻاهر نڪتو ته ڇـِـنُ پئجي ويس. پوءِ انهيءَ بيماري ۾ ڪن ڏينهن بعد مري ويو. سومرن، گـُـجرن جي ڊپ کان دودي کي مصالحو ڏيئي سنئون ڪري وهاري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ ته متان گجرن کي خبر پوي ته دودو مري ويو آهي، ۽ ڪاهي اچن. سالن کان پوءِ گجرن جاسوس موڪليو، جنهن مکو يا ڪانء مٿس ويٺل ڏسي وڃي ٻڌايو ته دودو مري ويو آهي. ڀونگر ان کان اڳ مري چڪو هو. دودي، ٻاگهيءَ کي ٻڌايو هو ته سندس ديرو پوئتي آهي ۽ پيٽ ۾ ٻار اٿس.

 

گجرن، دودي جي مرڻ جو ٻڌي وري ميڙ ڪيو. ان وقت کـِـنيـَـرو نالي چاڪي سومرو اڀرو آڏو ڪري وهاريائون. دودي جا پٽ چنيسر ۽ دودو وڏا ٿي چڪا هئا ۽ شينهن کي جهلي پئي ڦيرايائون. کـِـنيـَـرو پوءِ شينهن مان واڳون ٿي پيو ۽ چوي ته گادي منهنجي آهي:

ڪاغذڪاري اکرين ٿي ٻاگهي لکائي
پاڳ اوهان جي پيء جي کينرو ٿو کائي.

 

ٻاگهي، دودي ۽ چنيسر کي خط لکيو ته: اوهين هت اچو. دودو ۽ چنيسر اچي پهتا. گجرن سان جنگ جوٽيائون ۽ انهن کي گهاڻي ۾ وجهي پيڙڻ لڳا:

ننڍي گهاڻو گهمائيو، وڏو ڀاڪر ڀريو ڏي
ننڍو وڏو گجرو پيڙيو تيل ڪري.

 

اهڙيءَ طرح گجرن کي ماري مات ڪري ڀڄائي ڇڏيائون.

کٽي ڇـُـٽي خير سان آيا دوداڻين
وري وڳهه ڪوٽ ۾ اچي رتيون رهاڻـِـين.
(1)
                                          ---

 

 

 

ڇڏ کـِـنيـَـرا پاڳڙي، آيا پاڳـَـلَ پـِـياڻـِـي (2)
پاڳ جني جي پيء جي، سي آيا دوداڻي.

 

 

دودي ۽ چنيسر شاديون ڪيون. ٻارن وارا ٿيا. هاڻي راڄ وارن چيو ته: ٻيلي ٻه ڀائر، ٻيا سندن صاحبزادا! سڀني کي سلام ڪري پوري ڪين پونداسين. هڪڙي کي پڳ ٻڌايون ۽ هڪڙي کي سلام ڪريون.

چونڊي آيا سومرا پاڳن جو پنجاهه
ڪنهن سـِـر ڏيون پاڳڙي، ڪهڙو پيڙهي راء!

 

فيصلو ڪيائون ته چنيسر پڳ ٻڌي. چنيسر چيو ته: ترسو ته ماءُ کان پڇي اچان:

ڀرم رکيجو ڀائرو، ٿي اچان گهراء
وڏي جا ورهين جي سا پڇي اچان ماء
منهنجو موٽڻ نه ٿئي ته دودي پاڳ ڏجاء.

 

هي ويو ماءُ کان پڇڻ، پويان راڄ وارن پڳ دودي کي ٻڌائي. ٻانهي لکمڻ کي اڳ ۾ سومرين موڪليو ته:

ونء لکمڻ لاڏلي، وڃي گهورون گهوري آ ء
ته ڪنهن سـِـر ڏنائون پاڳڙي، ڪهڙو پيڙهي راء!

 

ٻانهي کي چنيسر واٽ تي گڏيو. ٻانهي جي پڇڻ تي چنيسر ٻڌايو ته:

 

اڳهن آڇيائون آپ کي، ڦرين پوءِ پرَياڻُ (3)
مـِـڙِي ڀائرن مڃيو ته آهي دودو پيڙهي راء.

 

 

چنيسر چيو ته: پاڳ دودي جي واڳ منهنجي. ماڻس چيو ته: ٻاهر نڪري ڏس ته توکي گاهي ٿا چون.

ٻاهر نڪري گام کان تون وانڪا پروڙج وائي
ننڍي وڏي سومري، آهي وات اها وائي
ته  ’دودو ديمين جو ڌڻي، جنهن جو چنيسر گاهي.‘
                                          ---

گهوڙي گهر جي وڪڻي تون ڌڻ رڍن جو ڌار
ڪـُـتو ڪـَـتـَـرِ هٿ ڪري تون وڏي واڙ واجهاءِ (1)
ماڻـِـهن ڪندي ماهـِـيو تون گهـِـڏڪيو گهيٽا چار
چلي چاڪر نه بيهين وڃي دودل جي دربار.

 

چنيسرجواب ڏنو ته:

ماء! ڏي نه ميهڻا، چور نه مون چري
متان وڃان دانهين در دهليءَ جي، آڻيان علادين گوري (2)
ننڍي وڏي سومري متان ڪريان نه ڇوري.

 

اتي چنيسر جي زال، مڙس کي مهڻو ڏيندي، پنهنجي سس کي چيو ته:

چاچي منهنجي ڪانڌ کي چڱو تو نه چيو
اڳي هيون سون ٻه ڄڻيون هاڻي ٽلي ٿيون سون ٽي
ڇؤٻـُـڪيي جوان کي تون خاصي کـَـنج چاڙهاء
اڳي ڏيندي هئينءَ پاءُ هاڻي سير سوارو ڏي
انهيءَ کـَـٽئي مؤن کايو مـَـر ٿو چئنچل چاڳ ڪري.

 

 

 

 

چنيسر، زال کي چيو ته:

 

مـُـنڌ! ڏي نه مهڻا، چري چور مَ مون
گهڻين ٿورين ڏينهڙين، متان نيڻ ٽمائين تون.

 

چنيسر، دودي وٽ آيو ۽ کيس چوي ٿو ته:

پاڳ منهنجي پيء جي واري ڏي دودا
مهڻن ڏَڌو آهيان، مون کي ڏنا آهن ماٽيجي ماء.

 

دودي جواب ڏنو ته:

ٻـَـڌم جا ٻن ڪـُـلهن ۾، سا ڪيئن ڏيانءِ پاڳ
واڳ چنيسر! هٿ ۾، ويٺو حڪم هلاء.

 

چنيسر چيس ته: دودا، راڄ ڀاڳ ڪي ائين ملندا آهن ڇا؟ مقابلو ڪريون، پوءِ جنهن جو ڀاڳ ڀڙائي سو پڳ ٻڌي:

مـَـلـِـهي ٿي ميدان ۾ دودا آءُ اڳي
پاڳ جنهين جي حق، کٽي سو کائي.

 

جنگ جوٽيائون جنهن ۾ چنيسر جي ماڻهن شڪست کاڌي.

سـُـرندا ۽ سـُـرندريون ٻنهيءَ پاس پـُـرن
رُڪ به راسيـُـون کوڙيون قلعي ڪونئر ڍَرن
ڌريا آهن ڌوڙ ۾ مـَـٿا ملوڪن.

 

چنيسر هارائي، ڪاوڙجي گهوڙي تي چڙهي دليءَ ڏي روانو ٿيو. دودي، ننگر کي موڪليو ته ميڙ ڪري موٽائينس. ننگر ويو ته چنيسر چيس:

 

مَ رو ننگر ماٺ ڪر، ڇڏ گهوڙي جي واڳ
آڻيان عالادين کي، توکي چئنچل ڪرايان چاڳ.

 

 

ننگر واڳ نه ڇڏي، تڏهن وري چنيسر چيس ته:

مَ رو ماٺ ڪر، ڇڏ گهوڙي جي واڳ
آڻيان عالادين کي، دودي ڏياريان داڳ.

 

اتي ننگر ڪاوڙجي پيو ۽ پيءُ کي چيائين ته:

دودو پاڻ داڳـِـيڻو، دودي داڳي ڪير
اڏامي عرشن تي، پٽ نه ڏئي پير.

 

ائين چئي چنيسر جي گهوڙي جي واڳ ڇڏيائين. چنيسر هلڻ لڳو ته ننگر چيس:

هڪڙو ٽارو آ توکي، ٻيو جو تنهنجي ماء
ٽيون ٽارو آ اُنهي کي جيڪي آڻيندين اُتاء
چوٿون ٽارو ڇـَـپ ۾، جي وريو آهين وچاء.

 

ننگر اچي ڳالهه ٻڌائي. دودي چيو ته: ابا! اڳيئي ڪاوڙيو ٿي ويو، تو ويتر ڪاوڙايس.

چنيسر پيو دهلي ڏي ويلا ڪندو وڃي
هڪڙو ويلو وچ ۾، ٻيو پار سـُـپار
ڦـُـلَ ڪـِـيائون پاٿاريون، پانَ چٻيائون وات
الله چنيسر ٻيليين، سک نه وهامي رات.

 

وڃي دهلي پهتو ته دربان ڪوٽ ۾ اندر نه ڇڏيس. چيائين ته: راڪاس اچڻو آهي، در ڪونه کلندو. چنيسر راڪاس جي خبر پڇي. رات جو راڪاس آيو، تنهن کي حرفت ۽ همت سان ماريائين.

اڇا لاهيو ڪپڙا مٿي بند ڌري
بڻڇيءَ سان ٻيڻوُ ڪيو ٿو وڏو دودو سنڀاري
ڪـَـن پڇَ تنهن جا وڍيو ٿو پاهـُـوري پائي
اهادانهن دهليءَ لاهي، وڃي سک سـُـتو هو سومرو.

 

 

 

صبح جو چنيسر دهليءَ جي دروازي مان اندر داخل ٿيو. حسڻ گاهي صبوح ساڻ ٿو گاهه لاءِ چڙهي ته ٻاهران راڪاس ماريل ڏٺائين. پر ڀانيائين ته ڇـَـهل هڻي پيو آهي، سو ٿو ساٿين کي سجاڳ ڪري ته:

 

ڀير لڳي ڀؤ ٿيو، حسڻ راءِ چڙهيو
حسڻ گاهيـَـن کي چئي: اڳي مَ وڃجو
پيو آهي پڙ  ۾ ڪوڙو ڪوڙ ڪيو.

 

صبح جو ڪانگ اچي راڪاس تي ويٺو، تڏهن حسڻ کي همت ٿي ۽ راڪاس کي ڏانٽو اچي هنيائين.

رات وهامي ڏينهن ٿيو، ڪانگلڙو آيو مٿاء
حسڻ گاهين ۾ سـَـتـِـيو، جنهن ڪيس لـِـسي سان گهاء
(1)

 

مشهور ٿيو ته حسڻ راڪاس ماريو آهي. وٺي وڃي عالادين جي آڏو پيش ڪيائون ۽ انعام اڪرام وٺي ڏنائونس. چنيسر کي به شهر ۾ اچڻ جي موڪل ملي. دربار ڏي ٿي ويو ته آڏو عالادين جو صوبو سالار گڏيس. چنيسر چيو:

آءٌ عرضي آيو آهيان تو وٽ صوبا سالار
آهيان ڪٽڪ جو ڪوڏيو، مونکي گهوڙا ڏيج هزار.

 

سالار چيو ته: ايڏو لشڪر ته مون وٽ ڪونهي. آڏو طنبو وڏي صوبي  ’مانڌن مير‘  جو آهي، ان کي ڏس. چنيسر ان وٽ ويو ۽ چيائين:

آءٌ عرضي آئيو، مانڌن مير وزير!
ڇـَـهه ڇـَـليـُـون، ڏهه لکيون، گهوڙا ڏئينم وزير.

 

 

مانڌي مير چيو ته: ايتري فوج مون وٽ به ڪانهي. چنيسر چيو: تڏهن مونکي بادشاهه سان ملاقي ڪر. مانڌن مير چيس ته:

 

گهوڙو ٻڌي ٺاڻ ڪر وڃي ڪر اوتارو
ٿيندو ڏينهن جمعي جو، ايندو فريادين وارو.

 

چنيسر ويهي رهيو. مانڌن مير هن کي دلاسا ڏيندو آيو، تان جو ڪي ڏينهن لنگهي ويا. چنيسر چيس ته: راڪاس مون ماريو ته به مون کي تو وهاري ڇڏيو. ڪن پڇ نشانيون ڪڍي ڏنائين. مانڌن مير چيو ته: هاڻي آءٌ ٿو توکي ملايان. مانڌن مير درٻار ۾ ويو پر حسڻ جو سلام نه ڪيائين ۽ بادشاهه کي ٻڌايائين ته: حسڻ راڪاس نه ماريو آهي، نه ته ڪن پڇ ڏيکاري. حسڻ چيو:

گهمندي دليءَ جي شهر ۾ تنهن کي جهجها جڳ ٿيا
کـَـنـَـهندي کيرينُ سان هن جا گسي ڪن پڇ ويا.

 

علادين چيو ته: سچو آهين. مانڌن مير چيو ته: حسڻ کي مڪني هاٿي سان ويڙهاءِ، ماريائين ته پوءِ سچو آهي. حسڻ چيو ته: ماريندس. هاٿي ڇوڙيائون. مانڌن مير، چنيسر کي چيو ته: حسڻ کان ڪونه مرندو، تون ماريندين؟ چنيسر چيو ته: آءٌ ماريندس. هاٿي ڇـُـٽو ته گاهـِـير وڃي لڪا.

هاٿي ڇٽو راوَ جو، ڪڪو قهر منجهاء
گاهيا لـِـڪا وڃي گاهه ۾، جن جو سوڙهو ٿيو ساهه.
(1)

 

چنيسر همت ڪري سنڀريو، اتي هڪ مائي چيس:

سونا دُر ڪنن ۾، محمد ٻيليئڙن
ڌاتـَـئـِـي ٿڃ ٿڻن جي، پنهنجـِـي ڏيٺي تن ڏينهن
هاٿي ڇٽو آ راوَ جو، اوڏو وڃ مَ اِن.(1)

 

 

 

 

چنيسر هاٿي جي واٽ جهليو بيٺو هو، تڏهن پيلبان چيس ته:

 

گهوڙي تنهنجي گهنگهرا، ڀالي جهـُـوڙ لـُـڏن
هاٿي ڇٽو آ راوَ جو، مَ وڃ ماريندوءِ.

 

چنيسر چيو ته:

پير ڏيان پوئتي، ٿئي صـُـور ڌَڪاء
جان ماريان، جان مارجان، هاٿيء جي هٿاء.

 

چنيسر ان مهل تلاء تان ونهتو ٿي آيو، تاسري هٿ ۾ هئس جا هاٿي کي هنيائين ۽ پار لنگهي ويس. هاٿي مئو ته پيلبان وڃي عالادين کي ٻڌايو ته سنڌي پهلوان جيڪو آيو آهي، تنهن تنهنجو مڪنو هاٿي ماري وڌو آهي. تنهن تي عالادين سڏايس. چنيسر آيو ته عالادين چيس:

ڪير آهين، ڪيڏهن وڃين، ڪير آهين پهلوان؟
هاٿي مارين راوَ جو، توکي گوريء ناه گمان.

 

چنيسر جواب ڏنو ته:

سما، سوڍا، سومرا، جن جا ڏکڻ راڄ رهن
تني منجهان هيڪڙو، آهيان دانهين تو دَرِن.

 

عالادين چيو ته: هڪ ذات جيڪا هجئي سا ٻڌاءِ! تنهن تي چنيسر چيو ته:

پٽ دودي راوَ جو، منهنجو چنيسر نام
سنڌي آهيان سومرو، وڳهه جو وريام.

 

 

عالادين چيو ته: دودو چنيسر مونکي ڏن نٿا ڏين، تون چڱو جو آئين، هاڻي قيد آهين، پاڻهي ڏن ڀري توکي ڇڏائي ويندا.

 

تنگ نه آندئي توبرو، آندئي ڪونه سلام
نيئي چنيسر راوَ کي ديرن منجهه دَڙيوس.

 

چنيسر ٿو هاڻي ڳالهه ٺاهي ٻڌائي:

ميڙيو سيڙيو ڪکڙا، ٻـَـڌي ٿو مـُـوڙي
چنيسر ڀائرن تي ڪري ٿوڪـُـوڙي.
                                          ---

سؤ ڪنواريون سومريون هيون ٻاگهي سان ٻايـُـون
مون آنديون ٿي تو مڻين، سي دودي دٻايون.

 

تڏهن عالادين حڪم ڪيو ته:

چاڙهي تـِـمـِـر راوَ کي سوا لک ڏيو
دودو ماري سيگهه مؤن مونکي سگهي خبر ڏيو!

 

چنيسر چيو ته: انهن کي ته ڏڦير ئي وچ ۾ ماري ڇڏيندا.

آهن دودي راوَ جا سوا لک ڏڦير
تن کي ماريندا وچ ۾، هو پوءِ نه ڏيندا پير.

 

چنيسر چيو ته: آءٌ هڪڙو سـُـومرو به توکان تخت وٺي سگهان ٿو. تنهنجي لشڪر ۾ همت ڪانهي. اتي عالادين، مانڌن مير کي چيو ته: ٽار هن کي مون وٽان! چنيسر وري وڃي ويٺو. ٿوري گهڻي ڏينهن بادشاهي باغ ۾ شينهن اچي پيا، تن ڍڳا ماري چٽ ڪري ڇڏيا. باغائي دانهن کڻي آيو. عالادين جي ڀائٽي سلطان چيو ته: آءٌ ٿو ماريان شينهن کي. اهو ويو، پر شينهن جي گاج ٻڌي ڀڄي آيو. اتي عالادين مانڌن مير کي چيو ته: سنڌي سومري پهلوان کي آڻ. جي شينهن ماريائين ته آءٌ سندس مدد ۾ چڙهندس. چنيسر باغ ۾ آيو ۽ نر شينهن ماري، ماديءَ جي مـُـنڊي مروڙي پٽي آڻي عالادين جي آڏو رکيائين. اتي عالادين لشڪر گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چنيسر جڏهن عالادين جي لشڪر جو انت ڏٺو، تڏهن پڇتايائين ۽ چيائين ته: مونکي نانگ کائي جو اهو لشڪر ٿو دودي تي چاڙهيان! چيائين:

 

 

 

ڀـِـتِ ڀـَـر مان نڪري، سپ چنيسر کاءِ
ڏاٺ چـَـسـَـڪو ٿو اچي ٿورو اسان لاءِ
راڄ نه رُلن راڻيون، مري نه دودل ڀاء
نه ته مون جئري ئي نه لهي سؤنچو سنڌ مٿاء.

 

 

عالادين شهر کان ٻاهر نڪري طنبو هنيا. ٽاپرو تن وچ ۾ وري رنڊڪ وڌي ۽ چيائون ته: بادشاهه پاڻ نه چڙهي ها، صوبو موڪلي ها. بادشاهه اهو ٻڌي طنبو پٽائي وري دهلي ڏانهن مـُـنهن ڪيو. چنيسر ڏٺو ته بادشاهه، ٽاپرن جي چوڻ ۾ آهي، تڏهن انهن کي راضي ڪرڻ لاءِ پنهنجو لوهيڙي جو لڪڻ وڃي ڳهي ۾ رکيائين:

لڪڻ لوهيڙي وڻ جو، وڍيائين لال وڻاه
نيئي رکيائين هٿ تي، کنيائين ٽـَـڪن لک سوا.

 

اهي پئسا آڻي ٽاپرن کي ڏنائين. انهن وري اها ڳالهه هـُـلائي: ته بادشاهه بي عقل آهي، چڙهڻو نه هوس، پر جي چڙهيو هو ته وري نه ها. ماڻهو چوندا ته دودي کان دهلجي موٽيو آهي ۽ اهو ٻڌي عالادين وري چڙهيو:

دودي ماڻهو موڪليو ته وڃي ڏسو ته چنيسر جيئرو آهي يا نه؟ هجي ته ثمر ڏيئي اچوس. قاصد ڇهه مهينا پنڌ ڪري دليءَ ۾ آيو:

ڇهه مهينا پنڌ ڪري هليو ڇـُـلي ڇڳيرو
اڳيان عالادين جو دؤنڪي ٿو ديرو.

 

 

قاصد وڃي چنيسر کي مليو، سو وٺي ويس عالادين وٽ. عالادين قاصد کي چيو ته:

 

منهنجا دودل راوَ کي ساري ڏج سلام
اچئي ٿو مغل مٿاسـِـرو سومرا سلطان!
                                          ---

دودي دوداڻيءَ کي منهنجا ساري ڏيج سلام(1)
پوک پوکين راوَ رِي جنهن جا کڻين کيٽ انعام
ڇڏ راڻيون روپاهه ۾، توکي گوريءَ ناه گمان.

 

اهو ٻڌي قاصد چيو ته:

دودي دوداڻيءَ کي تنهنجا پهتا سڀ سلام
پوک نه پوکن راوَ رِي، آهي کنو کيٽ سندون
جڏهن مصري منهن ڪڍيو، تڏهن فصل پوڄ پڪونِ.

 

قاصد جو اهو جواب ٻڌي، عالادين ڪاوڙجي چيو ته: قاصد مارڻ واجب ناهي، هاڻي دودي کي چئجان ته مڙس ٿي منهن ڏئي. قاصد موٽي آيو ته دودي خبرون پڇيون. قاصد ٻڌايس ته:

دودا! ديميون آئيون ڏسڻ تنهنجو ڏيهه
دليءَ کان جا دءوم َ ڇڙهي، تن ڇـَـلين ڪونهي ڇيهه
سومرا ساڻيهه، ملهائج مـُـومـَـڻـِـيـُـو چئي.
                                          ---

دودا ديميون آئيون، ڍريون مٿي ڍٽ
هڪڙا پاڻي پخالن ۾ ٻيا هاٿين مٿي هـَـٽ
سنڌ به ڏينديون سـَـٽ، روڪينديون تڙ روپاهه جا.

 

 

 

 

دودي چيو ته:

 

قاصد دودي راوَ جا، اهڙا ڏي نه پار
متان ٻڌي لک لشڪر جا، پئي ٻاڪارن ٻار
چئو ته آهين عالادين سان ڪي گهوڙن ٻه ٽي هزار.

 

علادين جو لشڪر  ’هاڪڙي‘  ڍوري تي آيو،  ’مارُو مـُـهاڻي‘  کي چيائون ته: اسان کي پار اُڪار. چيائين ته: ٻيڙيون مرمت ٿو ڪريان، جـُـڙن ته اُڪاريان. اهڙي ڪـَـلَ ٺاهيائين جو وچ درياء ۾ ٻيڙي کي اونڌو ڪري ڇڏي. ائين ڇهه ڇليون ماريائين.

اُڀو آراڙا ڪري مارُو مٿي مـَـڏَ
ڇهه ڇليون ماريو ڳاهه ڪريو، ستينء ڪري سڏ.

 

اتي ماروء کي ماري پنهنجا ماڻهو بيهاري، عالادين فوج اُڪاري.

آڏو ويـِـرَم پاهوڙيو، دودي جو ماڻهو گڏين (1) ، تنهن چيو ته آءٌ به جنگ ڏيندس. لشڪر کي آڏو اَڙ ٿيو. لشڪر روڪجي پيو ته عالادين پڇيو:

آڏي آئي ڍينگري، ڪـِـه ڪو شينهن وڙهيو؟

تڏهن سالار ٻڌايس ته:

نڪا آئي ڍينگري، نڪو شينهن وڙهيو
وڙهيو  ’ويرم پائـُـليو‘  جنهن ماريو لک سوا.

 

عالادين جو لشڪر ويرم کي ماري اڳتي هليو ته دودن جا مهاڻا گڏيـُـن. اتي ’سيڙهي‘  مـُـهاڻي مائي، تنهن دودي ڏي ماڻهو موڪليو. (2)

 

سيڙهي سنجهي ڪڍيو ماڻهو دودي ڏي
صلح ڪندين سلطان سان ڪِ وڙهونِ پير ڀري.

 

 

دودي پائڪ (قاصد) اُماڻيو ته مڙس ٿي وڙهو:

دودي پائڪ ڪڍيو سنجهي سيڙهيءَ ڏي
صلح ٿيندو ڪونڪو، وڙهو پير ڀري.

 

سيڙهي سڀني مهاڻن کي ماڻهو موڪلي سندن ڳوٺن مان سڏايو:

سـِـينهائو ۽ ڦـَـرَهو، دَڙيلو، ڊينگاڻ
ميئن ميڙو منڊِيو، جن ٿيو مـَـڙهيري مقام (1)

 

نيٺ جنگ مـَـڙهيري وٽ لڳي. ڍڪڻ ۽ نيڻ ٻئي ڀائر وڙهيا:

نيڻ ڍڪڻ ٻاٽـِـڙي ٿي ڀائـُـن ڀـَـڙڪاري.
                                          ---

ڍڪڻ چئي نيڻ کي هڻ اَدن جا شير
وهانء ويندو واپري پوءِ ڳڻبا پير.
                                          ---

کيڙا ڪيائون کارِيـُـون، ڀالا ڪيائون ونجهه
عالادين جي ڪٽڪ ۾ پئي ڪـِـنجهو ڪنجهه.
                                          ---

نؤ سؤ نيڻ به ماريا، ڍڪڻ ٿو ڊوڙي
ڇليون عالادين جون مهندان ٿو موڙي.

 

مهاڻا مري وئا، تڏهن سيڙهـِـي وري ماڻهو موڪليو:

 

 

 

سيڙهي سنجهي ئي ڪڍيو ماڙهو دودي ڏي
ميهه مڙيئي ماريا، هاڻي اچي ٿو تو ڏي.

 

 

دودي جي طرفان ڊکڻ ۽ ڪنڀار وڙهيا، باقي حجامن همت ڪانه ڪئي:

ڊوڙي ڊکڻ آئيا، ڪيو ڪڙڪو ڪنڀارن
هنگي حجامن، ڪاڄ پنهنجو ڪنو ڪيو.

 

هوڏانهن عالادين جو لشڪر به اچي بڪار جي ٻاهران لٿو. اتي دودي پنهنجو سفير مـَـمـَـنگ سومرو چئن گهوڙين جي تحفي سان بادشاهه ڏي موڪليو ۽ چوائي موڪليائين ته: بنا سبب سنڌ تي بادشاهه چڙهائي نه ڪري ۽ تحفا قبول ڪري واپس وري وڃي. اهي تحفا ڏسي بادشاهه خوش ٿيو ۽ موٽڻ وارو ٿيو ته چنيسر چيو ته:

سـَـخي آهي سومرو ٿو ڏاج نياڻين ڏي
جا پر نياڻيين مڱڻين سا پـَـر ٿو ڪري.

 

يعني ته دودو توسان اها ريت ٿو ڪري جا هو مڱڻهارن ۽ نياڻين سان ڪندو آهي. اهو ٻڌي علادين ڪاوڙجي حڪم ڪيو ته گهوڙن جا ڪن پڇ وڍي واپس ڪريو. اتي مـَـمنگ چيو ته: مون سان اول نبري پوءِ گهوڙين جا ڪن پڇ وڍيو. ائين چئي ٽپ ڏيئي اٿيو ته:

مـَـوجـَـن جي مهميز سان ڌرتي ڪيو ڌَڪاءُ
گهوڙيون دودي راوَ جون تن جا ڪن وڍيندين ڪياءُ؟

 

ممنگ وڙهيو ۽ عالادين جو گهڻو لشڪر ماري پوءِ مئو.

 

اتي عالادين چيو ته لشڪر کٽندو وڃي. سو نجومين کان پڇو ته آخر سوڀ ڪنهن جي آهي. نجومين چيو ته: سوڀ دودي جي آهي، جو هـُـن پاسي چار ڇٽيهه لکڻا آهن: دودو، ٻاگهي، دودي جو کنو ۽ دودي جو مڪنو هاٿي، ۽ هن پاسي اوهان ٻه ڇٽيهه لکڻا آهيو: تون ۽ چنيسر. اتي چنيسر چيو ته: دودو نڪي ٻاگهي ڏيندو نڪي سندس هٿ جو کنو ڏيندو. باقي هاٿي مڪنو گهروس، جي ڏنائين ته پوءِ جهڙا ڇٽيهه لکڻا ٽي ٽول اسان وٽ تهڙا هن وٽ. تڏهن قاصد ڪري موڪليائون ته جي تحفو ڏيڻو هوءِ ته مڪنو هاٿي بادشاهه ڏي موڪل. دودي ويچار ڪيو ته گهوڙين جا ڪن پڇ ڪپي خواري ڪيائون. هاڻي هاٿي موڪليان ته ان سان گڏ ڪو همت ڀريو سپه سالار ۽ فوج به موڪليان، جا هاٿي جي حفاظت ڪري. سو چنيسر جي پٽ محمد ڏي ماڻهو مـُـڪائين:

 

خوني خط خلل جو در وڳهه آيو
مڙي سومرن پاڻ ۾ محمد ڪوٺايو
محمد ويو شڪار تي سو اڃان نه آيو.

 

اتي دودي پنهنجي وزير دوسو کي چيو ته: تون وڃ! دوسو چيو ته: چنيسر مون سان اڳيئي ڪاوڙيل آهي، سو تحفو قبول ڪونه پوندو، مرڳو مونکي مارائيندو. هاڻي جهڙو محمد تهڙو سندس ننڍو ڀاءُ ننگر، ان کي کڻي موڪليو، پر اڳ سندس ماءُ مريم کان موڪل وٺو، جو ننگر چوڏهن سالن جو ننڍڙو آهي.

دودي پائـِـڪُ موڪليو ماڻهو مريم ڏي
ننگر ڏيهـُـون ننڍڙو، وڃي ميڙ به مغل ڏي.

 

مريم چيو ته:

ننگر به منهنجو ننڍڙو ٿو وٽيءَ کير پئي
محمد وئو شڪار تي، ڀل جان محمد اچي
راضي کڻي راء ٿئي ته چڙهي دودو پاڻ وڃي.

 

دوسو چيو ته: ننگر ڪو ننڍو ڪونهي، کانئس ڪري پڇو. چيائون ته: ننگر پنجاهه يارن سان تڙ ڪرڻ ويو آهي. مڱڻهار کي موڪليائون:

 

 

 

ماري آيو منگتو، بيٺو ڪـَـپر ڪـُـوڪاري
ننگر ساڻ پنجاهه جي ٿو ڏائي راند رمي
آءٌ تون ننگر ننڍڙا، توکي ٿو ڪاڪو ڪوٺائي.

 

 

اتي ننگر پڇيو ته:

مون کي ڪاڪي ڪوٺيو ڪهڙي ڳالهه ڪري؟
چئي: توکي دودي ڪوٺيو اها مصلحت لائي من
چوري چنيسر چاڙهيون ٿيون ديميون دهڪا ڪن
تون وڃ ميڙ مغل ڏي فوجون مانَ ڦـِـرن.

 

اتي يار ٿا پڇنس:

جيڪي يار ننگر جا ٿا ننگر کي به چون
توکي دودي ڪوٺيو ڪهڙي مصلحت ڪري من
چئي: مونکي ڪاڪي ڪوٺيو اها مصلحت ڪري من
چاڙهي چنيسر آئيو ٿيون ديميون دهڪا ڪن
وڃان ميڙ مغل ڏي، فوجون مانَ ڦـِـرن.

 

يارن اتي چيو:

جيڪي يار ننگر جا ٿا ننگر کي چون
متان ٿئين ماندو لرزج ڪيـِـم بـِـڱن
هي عالادين هڪڙو سر توڙي لک چڙهن
تو تئون سر ڪنداسون صدقو، جئن ٿيون گهورون گهوٽ پون.

 

منگتي تڪڙ ڪئي، تڏهن ننگر چيو:

 

تهتان تڪڙ مَ ڪر، مون کي وار سڪاوڻ ڏي
وار سڪائيندي آئيو ڪيائين دودي جو سلام
اٿي دودي دانـَـهه ورتو ننگر جو سلام
پڙهه پروانا پيءَ جا، هي لکيا چنيسر ڄام.
                                      ---

 

پڙهيو پروانا پيءَ جا ننگر ڦاڙيو خط ڇڏي
ويندس ڪاڪا! ڪينڪي، مَ ڪين چئو مونکي
ڪو سونهون موڪل سلطان ڏي جو ابل سڃاڻي.

 

تڏهين دودي چيس ته:

ڪارو طنبو پڻهين جو، ڪارو چنيسر ويس
سائو نيزو هٿ ۾ نيرو گهوڙو هيٺ
وَرُ سڃاڻِج پڳ جو اٿس ميناڪاري پيچ.

 

ننگر ٿو چوي:

ميناڪاري مولهيا، ٿا لکين لک ٻڌن
تيرهن ورهيه ٿيا هڪڙا چوڏهون ٿيو هاڻي
ڪو سونهون موڪل سلطان ڏي، جو وڃي ابل سڃاڻي.

 

ننگر ماٺ ڪري ويهي رهيو. اتي دوسو، دودي کي چيو ته: پڻس اڳ رسي ويو آهي. تون پڳ باسينس ته من وڃي. تڏهن دودي چيس ته:

وَڏِي جا وڏن جي، ننگر! آئي تو مٿي
چئي: ڀاءُ کي ڏنئي ڪينڪي، سا ڪيئن ڏيندين مونکي
ڀاء ٿي ويئي ڀر مان ورتئي نه پرچائي
هاڻي هڻين ٿو هٿڙا عالادين آئي.

 

ننگر ماٺ ڪري ويٺو، پر ڳالهه ڳڻي چيائين:

 

 

 

ڪيهر ڪر مٿي کڻي ننگر ڳالهائيو
متان دودا ماندو ٿئين، لرزج ڪيم لکن
اهو عالادين هڪڙو توڙي لک چڙهن
سر ڪنداسون صدقو جئن گهورون گهوٽ پون.

 

 

 

اتي دوسو، دودي کي صلاح ڏني ته: ننگر کي پنهنجي ڌيء جو سڱ ڏي! دودي سڱ ڏنو ۽ خوشيون ٿيون:

 

ويٺو راء رهاڻ ۾، دودو گهوڙيون گهرائي
کٽون سيج بندن سان تن تي عطر اوتائي
مانَ ماڻي اچي سومرو، اچي پنهنجا مـَـنهـَـن مـَـرڪائي.

 

چڙهڻ وقت دودي، ننگر کي صلاح ڏني ته:

ننگر! نوابن وچ ۾ هيڻي نه ٻوليج
هو جي ٻولڻ ٻولين ئي هڪڙو، تن کي واري چار چئيج.

 

ننگر جواب ڏنو ته:

چاچي جي چڱون ڪرين، ته موڪل نه مون
جيڪي صلح ڪندوسئين سومرا سو به سڻندين تون.

 

ڀونگر، دودي جو پٽ انهيءَ ميڙ جي ڳالهه ٻڌي دودي وٽ آيو ۽ موڪل گهريائين:

ابل نام الله جي مونکي کلي موڪل ڏي
آءٌ به ويندس سؤٽ سان، منهنجو سؤٽ تان نه مري
هڏ ڏو کي آهـِـس ڪونڪو متان لڳيء ويل لـُـڙهي
مرون ٻئي جنگاهه ۾ سؤٽ به سؤٽن تي.

 

دودي موڪل ڏني ته: ابا! ڀل سؤٽ ۽ تون گڏجي وڃو.

 

ڀـُـورو هاٿي ڀونگر جو ٿو دودو سنباهي
سونَ ڪڙولا سنگهرون تنهن کي ٿو لعلون لوڏائي
ماڻهو جوڙايو سونَ جو تنهن جون ٻانهون ٻـَـدائي
(1)
سـَـڌر پـَـسيو سومرو ٿو ننگرُ هـَـلائي
ڏسي مانَ خوش ٿئي، مانَ فوجون ڦيرائي.
                                          ---

 

ننگر ڀونگر چڙهيا درس مٿي ديوال(2)
ٻاگهيء ڏنس ميهڻو، دودا! ٻـَـر تـُـنهنجي حال
ڇوهه ڪيو اٿئي ڇوڪر تي، توکان ڪانئر ٻرندي ڪانه.

 

دودي جواب ئي ڪونه ڏنو ته اڳ ۾ ننگر ورندي ڏنيس:

ڄمندي رات نه مري وَئيـِـنءَ، رن راڄ رُلايا تو
وڃان ٿو ميڙ ابل ڏي، مر ابل پرچي اچي
مڙس ڏيندوسانءِ سومرو جو تو ماري مڃائي
نه ته ڪـُـٽي ڪـِـرماڻين سان ڍونڍ به لايان ڍير.

 

ٻاگهيءَ جواب ڏنو:

مونکي ڏنئي ورندي، توکي ڪاري کاڌو ڪيئن
وڃين ٿو ميڙ مغل ڏي جيئرو ايندين ڪين
توکي جيئرو ڏسنديس ڪينڪي، ايندين کنهبن منجهه کڄي.

 

مريم ننگر ماءُ جي اتي ڊوڙي دودي وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي:

مريم ماءُ ننگر جي ٿي ريهـُـون ڪري راڻي
ادا دودا سومرا! مون سان هيڏي ڪر نه هاڻي
ناٺي مارائين ٿو پانهنجو، ڪرين ٿو وِلهي نياڻي.

 

 

 

 

تڏهن ننگر آيو ماءُ کي دلاسو ڏيڻ:

 

ڳچيءَ پايو ڪپڙا ٿو پيرين ماءُ پوي
امڙ نام الله جي مونکي کلي موڪل ڏي
لاه ننگر تان آسرو، جيئرو اچان جي.
                                      ---

ڳچيءَ پايو ڪپڙو ٿو پيرين ماءُ پوي
امڙ نام الله جي مونکي ٻٽيهه ٿڃون بخشيج
مائن ٿڃون معاف ڪيون پنهنجن پٽن کي
جوئـِـن حق بخشيا پنهنجن ورن کي
متان جيجان جوڳياڻي ٿئين، ٿو دليان دلاسو ڏي.

 

ننگر موڪلائي چڙهيو ته:

ريهه پئي منجهه راڻيين، جڏ چڙهيو ننگر راء
جن جا وارث مرندا هـَـئي تنين حالاء
ماء: ڌاتئي ٿڃ ٿڻن جي سا مون مَ لڄائج ماء
هڻج تراريون تڪڙيون وڃي عالادين کي اڳيانء.
وڍي واڳ طنبوء جي ڪجئين وِير وَڌاء.
(1)

 

ننگر ٿو چوي ته:

 

ننگر يارن کي چئي اُڀو آءٌ چڙهان
ڍال تراريون زرهون، ساري سڀ کڻان
ماريان  ’ماڌن مير‘  کي  ’نظر بيگ‘  هڻان
سسـِـي عالادين جي سا چنبن منجهه چـُـڻان.

 

 

مڱيندي ٿي ننگر کي چوي ته:

ڳوري ڳاٽ ورائيو، بـَـنڀـِـي ڀـِـت مٿاء
سؤٽ وڃين ٿو جنگ تي، تو سيج نه چکيو ساء
جڏهن ٿيندو ڏينهن قيام جو، پنهنجو نبي پڙهندو نڪاح

 

ننگر روانو ٿيو:

پهرين منزل نڪري گونگي ٿر لٿو
ٻي منزل نڪري وڃي راڻو روپاهه لٿو
ٽي منزل نڪري اچي موراڻي لٿو. (1)
                                      ---

مڙس مهراڻي وچ ۾ طنبو هڻائي
ننگر يارن کي چيو ته قاصد ڀڳو وڃي
ويا يار ننگر جا آيا قاصد کي پڪڙي.
                                      ---

قاصد ڪڍ خطڙا، ايڏاهن جي آنداءِ
چئي: خط کوليندس ڪـِـينڪي منهنجو اَجـُـورو ڀڄي
اُت ڪڍي ڪاتي سون جي خاطيء ڏنائين
خاطي گهڻو خوش ٿيو سو بڊوکا اکولي
چٺيون چـَـماٽيون چم جون ڪڍيو ننگر کي ڏي
ننگر پڙهيو پروانا پيء جا ٿو ڦاڙيو خط ڇڏي
 ’وڃ خاطي اٿئي ڏينهڙا، نه ته داڳيان دليء کي.‘
                                             ---

 

 

 

ننگر نائـِـي ڪوٺيو، پاڪي پـَـڇاڙي آءُ
پاڪي پڇاڙيندي آئيو، ڏس پاڪيءَ جا پورهيا
وڍيائين ويريء جا، نيائين نڪ چپ ٻئي ڀيرا.
                                      ---

 

پوءِ چوٿين منزل نڪري بانڪو بـَـڪار لٿو
ننگر چڙهيو آهين ننڍڙو دَم دَزَ مٿي پوندياءِ
آءٌ داڳيان ديمين کي مون کي ديميون ڪيئن داڳن
سمهيون هڻان سلطان کي ،مر ڳالهيون دودي سان ڪن.
                                             ---

ماڻهو شهر بڪار جا ٿا ننگر کي چون
جمعي جمعي جي ڏينهن تي ٿا مغل ڦريو بڪار وڃن.

 

ننگر اتي ٻه ٽي جمعا رهي پيو ته ڀل مغل اچن، پر مغل ڪين آيا. اتي چيائين ته: هو ڪين آيا ته هلو ته هلي ڏسونِ.

سومر جي ڏينهن سومرو اُڙدن ۾ آيو
اُرهاٽي تـِـمر راء جو ننگر ڪيو سلام
طاقت ٿيس ڪانڪا وٺي ننگر جو نه سلام
چئي: ماٺ ڪريو ته مڙي وڃي آيو دودو ديمين ساڻ.
                                             ---

اُرهاٽي  ’عظيم‘  کي ننگر ڪيو سلام
فـَـلڪ آندائين ڪانڪا وٺي ننگر جو سلام
تو جيڏا ڇوڪرا مون آهن ڪـُـٺا ڪونڌر جوان.

 

 

تڏهن ننگر چيس ته:

 

باور ڪرين ٿو بڇڙا، تو تان لهي واء ويندا
وڃان ميڙ اَبل ڏي منهنجو ابل پرچي اچي
نه ته ائين ڪڍندوسانءِ اڙدن مان جيئن ڪرڙي ڪنگ ڪڍي.
                                                   ---

اُرهاٽي شنگؤر کي ننگر ڏنو سلام
طاقت ٿيس ڪانڪا وٺي ننگر جو نه سلام
ماٺ ڪريو ته مـُـڙي وڃي آيو دودو ديمين ۾.
                                      ---

اُرهاٽي مانڌن مير کي ننگر ڪيو سلام
اٿي دانهه ورتو ننگر جو به سلام
چئي الله ڀلائي ڪينڪي آهين پٽ چنيسر ڄام.

 

تڏهن ننگر چيس ته:

اڪابر امير تون، تو پڻ سڃاتو
چئي الله ڀلائيم ڪينڪي آهين پرڻيل ڪي ڪنوارو.

 

مانڌن ڀليڪار ڪئي ۽ چيائين ته: چنيسر چوڏهن سال مون سان گڏ گذاريو آهي، پرچندو ڪين باقي وڃي جنگ جي تياري ڪري ويهي رهو. تون خوش ٿي پرڻجي وڃي ويهي رهه. اتي ننگر چيو ته: آيو آهيان سو ڏسيو ته وڃانس. اتي مانڌن چيو ته:

ڪارو طنبو پڻهين جو، ڪارو چنيسر ويس
سائو ڀالو هٿ ۾، نيلو گهوڙو هيٺ
ور سڃاڻج پڳ جو اٿئي مينا ڪاِي پيچ.

 

 

 

انهيءَ وچ ۾ جنهن قاصد جا ننگر ڪن چپ وڍيا هئا، سو چنيسر وٽ آيو، تنهن کان چنيسر ٿو پڇي ته:

 

آءُ ابل جا اوٺيا، اچي ڀڙ مون ڀاڪر پاءِ
ننگر ڇڏيو هوم ننڍڙو سو مري ڪين جئي
چئي: ننگر ڇڏيو هوءِ ننڍڙو سو گهوٽ چڙهي گهوڙي
سندي در دودي جي ڪري تيئن ٿئي.

 

قاصد پوءِ چيو ته: ننگر تو ڏي ميڙ ٿيو ٿو اچي. مون سان هيءَ حالت به ننگر ڪئي آهي. اتي چنيسر قاصد کي مولهيو ويڙهي وٺي آڻي عالادين جي طنبو ٻاهران وهاريو. پاڻ ويو اندر ۽ چيائين ته: دودي توڏي سڱ موڪليو آهي، سو هلي ٻاهر ڏس. عالادين ٻاهر آيو. مولهيو کوليائين ته قاصد جا ڪن چپ وڍيل ڏٺائين. تڏهن چنيسر ٿو عالادين کي سمجهائي ته آهي ساڳي ٻاگهي، پر:

نڪو وڃايس نزلي، جهالر ڇنس ڪن
کاڌائين شگرون پٽ جون وئڙس وار کسي.

 

پوءِ ٻڌايائينس ته هي ساڳيو پنهنجو قاصد آهي پر دودي اها جٺ ڪري موڪلي آهي. پاڻ ڪونه آيو باقي دايا ميڙ ڪري موڪليا اٿس. چئي:

نڪو گڏيس سومرو نڪو مڙس گڏيوس
اسان تو پرچاء تي اچن دايا ميڙ کنيو.

 

تڏهين عالادين چيو ته:

چاڙهي تـِـمر راوَ کي سوا لک ڏيو
جهيڙي کي جهانجهرا سي هاٿي هلايو
دايا ماري سيگهه مان مونکي سگهي خبر ڏيو.

 

 

چنيسر ڏٺو ته سوا لک ته ننگر ئي ماري ڇڏيندو، سو بيت واريائين ته:

 

اسين دايا سي چئون جي گڏ ٿڃون ڌائن
تنهنجو تـِـمر ماريندنِ ڪينڪي فرزند سومرن.

 

هاڻي ننگر چنيسر وٽ آيو ۽ چوي ٿو ته:

ابل نام الله جي منهنجي ميڙ نه موٽائج
منهنجا وڳهه ڪوٽ ۾ دهل نه جهلائيج
پنهنجا پاڻ هٿن سان هلي مـَـنـهـَـن مرڪائيج
چئي: توکي دودي موڪليو ڪهڙي مصلحت من ڪري
چئي: مونکي ڪاڪي موڪليو ڳوري ميڙ ڪري
پيءِ پرچائي پنهنجو آءُ وڳهه ۾ واري
پاڳ ڏيندوسانس ڪينڪي پر واڳ چنيسر کي.

 

چنيسر چيو ته:

پاڳ منهنجي پيءُ جي مون کي آڻي هـِـت ٻـَـڌاءِ
ٻاگهي عالادين کي آڻي هت پـَـرڻاءِ
دودو ڪاڪو تنهنجو، منهنجو آڻي هيٺ لنگهاءِ.

 

اتي ننگر چيو ته:

تون جي چئين سومريون سي اڃان نه ڄايون
ويٺيون آهن واٽ تي لڌي جون ڄايون
(1)
ماميون ماسيون تنهنجون آهن ساماڻيون سيئي
سينگاري سلطان کي آڻي سؤ لهارين ڏي.
                                      ---

 

 

اوڇا اوڇيءَ ذات جا تو اوڇو ڪيو ڳالهاءِ
سڌر گهڻو هئين سومرو توکي لوهر لڄايو ماء
پـُـري ڪندوسانءِ پڌري عالادين اڳيانءِ
نه ته سٽي سونهريءَ مان توکي رڪ چکايان ساءِ.

 

 

ننگر جا يار هـُـل ٻڌي، تراريون ڪڍي اچي چنيسر کي سامهان ٿيا.

تڏهن ننگر يارن کي چوي، ابل کي نه چئو
آءٌ ابل جي هٿان مران، ابل نه مرندو
نه ته ڪارو ٿيان ڏينهن قيام جي، هن پٽ ٿي پيءُ ماريو.
                                                ---

دُنگ ڀري دارونء جا آندا ڪلاڙن
جيڪي يار ننگر جا ٿا ورڇيو وٽيون پين
نر نشي نادان ڪيا، بيٺا علي علي ڪن
وڙهين ته ويل اها اٿئي، ٻيا ههڙا نه وجهه ملن.

 

ننگر چيو ته:

چوري بادشاهن سان چوريءَ چور وڙهن
هڻون سـَـمهيون سلطان کي مـَـر ڳالهيون دودي سان ڪن.

 

اتي ننگر چيو ته: هلو ته هلي عالادين کي ڏسون عالادين جو ڀائٽيو سلطان هنباري ۾ ويٺو هو، انهنِ کيس ڏسي چيو ته:

مغلن سندي مارڪي ڪـُـڏائين ڪيڪان
چئي: گهوٽ ڪڏائن گهوڙيون، آءٌ اُڏايان ڪانَ
هنباري چڙهيو پيو هـُـل ڪرين جي هيٺ لهين سلطان
ته مکڻ ڏياءِ مصرين سان ٻيا سنڌ سندا پڪوان.

 

 

اتي سلطان هنباريءَ تان لهي ڀڳو ۽ وڃي عالادين کي چيائين ته: دودو اچي پهتو آهي ۽ تو وٽ اچي ٿو.

 

اُرهاٽي عالادين کي اچي ننگر ڏنو سلام
چئي: پٽ به آهين ڪنهن جو، ذات به آهين ڪير
چئي: پٽ چنيسر راوَ جو ننگر منهنجو نام
سنڌي آهيان سومرو، وڳه جو وريام.

 

عالادين چيو ته:

جهڙو سـُـئين ٿي سومرو، تهڙو ٿئين سلطان
اسين دليء کي موٽيا، وڳه تو انعام.

 

اتي چنيسر اچي ڀر ورتي. ڏٺائين ته ننگر کي کڻي کٽ تي وهاريو اٿس. آءٌ چوڏهن سال آڏو هيٺ ويٺو آهيان. عالادين چيو ته: پٽ ننگر! تو آئي آءٌ سڀ کيس ڏيو موٽيو ٿو وڃان. چنيسر ڏٺو ته جي عالادين اتان موٽي ٿو وڃي ته پوءِ جيڪو قول ڪري آيو آهيان، سو ڪيئن پورو ٿيندو! تڏهن عالادين کي چيائين ته:

آءٌ اڳ نه پرڻيو هي مون پٽ ڪـِـياءُ
آهي دودي راوَ جو ننگر ننڍو ڀاءُ
ڏسي فوجون عالادين جون آهي ڇوڪر سڪو ساهه.

 

اتي چنيسر، بادشاهه کي چيس ته: ڀلا، ٻاگهيءَ جو سڱ گهرينس. توکي ڏيندو ۽ دودو به هن جي ڳالهه کي رکندو. تڏهن عالادين ننگر کي چيو ته:

چئي ٻاگهي مون سڱيڻي، ٻاگهي ڏيو مون
سڀئي پهرايان سومرا، ٻي جهجهي ڏيان ڀون.

 

تڏهن ننگر جواب ڪيو ته:

مکڻ سونهي منگهه ۾، ڌؤنرو سونهي لاٽَ
تون تـُـرڪ، اسين سومرا، پنهنجي ويهان ڪانهي واٽ.

 

 

 

 

اتي چينسر، بادشاهه کي چيو ته: ٻيو ڀيرو گهرينس. تڏهن عالادين وري به ننگر کي چيو ته:

 

ٻاگهي مون سڱيڻي، ٻاگهي منهنجو مـَـٽ
تن کي وٺي ويندس پاڻ سان ڏيئي گلابي پٽ.

 

ننگر ڏٺو ته بادشاهه ٿوري مان ڪين سمجهيو، سو ڪاوڙ مان چيائينس ته:

مکڻ سونهي منگهه ۾، ڌونرو سونهي لاٽ
تون ترڪ، اسين سومرا، پنهنجي ويهان ڪانهي واٽ
نه ته تراريون ترڪن کي مٿي وڄايون وات.

 

چنيسر ڏٺو ته اتي به عالادين کي ڪاوڙ ڪانه لڳي، سو اٽڪل ڪري عالادين کي صلاح ڏنائين ته: ٽيون ڀيرو به گهرينس پر دڙڪو ڏئي، ڊڄي سڱ باسيندو. تڏهن عالادين ٽيون ڀيرو به ننگر کي چيو ته:

ٻاگهي مون سڱيڻي، ٻاگهي صحيح نيندوس
ويهي وڳهه ڪوٽ ۾ لائون آءٌ لهندوس
وٺي ويندس پاڻ سان، سا نکيڙي نيندوس.

 

اتي ننگر ڪاوڙ مان چيس ته:

 

اوڇا اوڇيءَ ذات جا، اوڇو ڪيئـُـي ڳالهاء
تون سهرو آءٌ ناٺي، پنهنجو سڱ به ايئن جڳاء
دليؤن آڻي دادلي محمد موڙ ٻڌاءِ
ننڍي وڏي هجئي نينگري منهنجي يارن کي پرڻاءِ
وڏي اٿئي ماء ورهين جي سا دودي کي پرڻاءِ
سا سـُـهندي سومرين ۾ ڪينڪي، پئي ڪندي گهوڙين جو گاه.
                                   ---

 

تڏهن چڙي چنيسر اٿيو، تپي ڪري تاء
ڇوڪر بادشاهن سان اڍنگين نه ڳالهاء.

 

تڏهن ننگر، پيءُ کي جواب ڪيو ته:

ڇوڪرَ آندءِ پاڻ سان، هتي ننگر آهي نر
انهيءَ ننگر نر جا ڳوڌا وهندا ڳاهه.
                                      ---

عالادين اٿاريا ڄام پنهنجا ڄٽ
کـِـيا هئا خمار مان خان پنهنجي کٽ.
                                      ---

اتي ننگر ۽  ’ڪاهيـُـون ڄام‘  سندس يار ۽ ٻيا به لڙائي لاءِ چڙهيا:

ڪاهيون ڄام ڪـُـميت تي ننگر چڙهيو ٿي بور
ڇهه ڇليون ماري ڳاهه ڪيو ڏيو وڃن ٿا گهور.
                                      ---

ڏيئي راتاهو رات جو وڃي بانڪو بڪار لٿو
مغلن لائـِـي پاڻ ۾ جن کي اُڀري سج ويو
ماڻهو عالادين کي اُڀري سنئون آيو
چئي: مغل رهيوئي ڪونڪو، تنهنجو سڃو ڪوٽ ٿيو
اڳيان عالادين جي بيٺا راڻا رت روئن
شينهن وڙهيا هئا پاڻ ۾، تو بيٺي ڏٺا ساڻ اکين
هي به فرزند آهن تن جا، تنهنجو پلئه اڙيو سان تن
اسين ورون ٿا پوئتي تنهنجا ڏکيا ڏينهن کٽن.

 

عالادين، چنيسر کي چڙي چيو ته:

آء چنيسر لعنتي، مون سان جيڏي ڪـِـياءِ
اَئـِـين ڀائر وڙهي مرو پاڻ ۾ منهنجي يا الله توهار
                                          ---

تڏ چڙي چنيسر اُٿيو تپي ڪري تاء
اُتي دودي راوَ جا پار به ٿي سـُـواءِ
تون جي ورين پوئتي ته منهنجا ٻيڻا ڪاڄ سـَـرياء
توکي ماريون وچ تي، تنهنجا دليءَ ٻانهيون ٻار
نه ته هل سڌو ٿي اڳتي پنهنجي دلي نه داڳاء.

 

عالادين کي چنيسر چيو ته: ڇوڪر آهي جو پيو رئو ڪري. صوبو چاڙهينس ته وڃي ماري اچيس.

پهريون  ’تمر‘  چڙهيو، جنهن سان سوا لک چون
اچي لٿا رڻ ڪنڌيين بيٺا  ’ننگر ننگر‘  ڪن
ننگر سنڀاري حضرت شاه کي، پهرينء چوٽ چڙهيو
اچي پيو اُڙدن ۾ جيئن واء ڪري وايو
پنج مارائي آيو پانهنجا، هوڏانهن آيو اُجهائي اُڙدن.

 

عالادين کي چنيسر چيو ته: تمر مارجي ويو هاڻي ٻيو ڪو صوبو موڪل.

ٻيو  ’سالار‘  چڙهيو جنهن سان سوا لک چون
اچي لٿا رڻ ڪنڌيين بيٺا  ’ننگر ننگر‘  ڪن
ننگر سنڀاري حضرت شاهه کي ٻيجهيء چوٽ چڙهيو
اچي پيو اڙدن ۾ جيئن واءُ ڪري وايو
پنج مارائي آيو پانهنجا، هوڏانهن آيو اجهائي اڙدن.

 

 

 

 

 

چنيسر چيو ته ٻيو ڪو چاڙهيو:

 

ٽيون  ’عظيم‘  چڙهيو، جنهن سان سوا لک چون
اچي لٿا رڻ ڪنڌيين بيٺا  ’ننگر ننگر‘  ڪن
ننگر سنڀاري حضرت شاهه کي، ٽيجهيء چوٽ چڙهيو
اچي پيو اُڙدن ۾ جيئن واءُ ڪري وايو
پنج مارائي آيو پانهنجا، هوڏانهن آيو اجهائي اُڙدن.

 

چنيسر چيو ته ٻيو ڪو چاڙهه!

چوٿون  ’مانڌن مير‘  چڙهيو جنهن سان پنج لک چون
اچي لٿا رڻ ڪنڌيين بيٺا  ’ننگر ننگر‘  ڪن
ننگر سنڀاري حضرت شاهه کي چوٿينءَ چوٽ چڙهيو
اچي پيو اُڙدن ۾ جيئن واءُ ڪري وايو
پنج مارائي آيو پانهنجا، هوڏانهن آيو اجهائي اُڙدن.

 

اتي چنيسر چيو ته هاڻي نظر بيگ کي چاڙهيو. نظر بيگ کي پنهنجي بادشاهي هئي ۽ ٻارهن لکن جو صوبو هو.

پنجون  ’نظر بيگ‘  چڙهيو جنهن سان ٻارهن لک چون
اچي لٿا رڻ ڪنڌيين بيٺا  ’ننگر ننگر‘  ڪن
ننگر سنڀاري حضرت شاه کي پنجينء چوٽ چرهيو
اچي پيو اڙدن ۾ جيئن واءُ ڪري وايو
ڏهه مارائي آيو پانهنجا، هوڏانهن آيو اجهائي اُڙدن.

 

اتي چنيسر چيس ته: هاڻي تون پاڻ چڙهه!

اتي عالادين چڙهيو، جنهن سان آلا ڪاٺ ٻرن
پکي اُڏاميو فوج ۾ مـُـوڙها مرون مرن
اڳيان پين پاڻي پويان گپ چٽن
اڳيان کائن گاهه پويان لـِـڏ کائن
اتي ننگر ڀونگر پاڻ ۾ ٿا ٻئي سؤٽ ٽلن
چنبا چنبن ۾ ڏيو ٿا ٻئي سؤٽ گهمن
عالادين جي فوج ۾ هئي ارڙهن ڏينهن اونداه
نه ڪنهن سج چنڊ ٿي ڏٺو نه ڪنهن ٻاري باهه
ڀونگر ننگر کي چوي ته ڪهري ڪان لڳوم
موڪلائي ننگر کئون ڀونگر دم ڏنوم
نغارو ننگر راوَ جو تکو تواري
راڱـَـڻ ساريو راند جا ٿو سانبيئڙا ساري
ننگر ويرين ويڙهيو هيڪلڙو آهي.
                                      ---

اُتر کؤن ٿي اُڀري جيئن سا کنوڻ ٻڪرار
ٿي وڙڪي ويرين وچ ۾ ننگر جي ترار.
                                      ---

ننگر نياپو موڪليو نيئي دودي ڏيج
سامـُـون سمن کي ڏيئي پوءِ ڪـَـرَهِ کي ڪاهيج.
(1)
ننگر نياپو موڪليو نيئي  ’بيگم‘  ڏيج
پٿراڻي پرين جي ڄيري ۾ ساڙيج.

 

اتي ڏٺائين ته چنيسر پخال. کنيو پيو مغلن کي پاڻي پياري، تڏهن ننگر دانهن ڪري چيس ته:

 

 

 

 

اَبل نام الله جي مونکي پاڻي ڍڪ پيار
چئي: پاڻي پياريندس ڪينڪي منهنجا ڪـَـچا قول ٿين
ٻاگهي عالادين کي مر جان سهجؤن سڱ ڏين.

 

 

تڏهن ننگر جواب ڪيس ته:

گدڙ بـڇ مَ شينهن کي، ابا ڪر انصاف
آءُ ته پلٿي کيڏون پاڻ ۾، ڏسي عالادين انصاف.

 

اتي ننگر کي به ڪانُ لڳو ۽ وڃي ڪريو.

ننگر نيزو کوڙيو واري وڳهه جهل
جڏهن ڪؤنر ڪنڌ ورائيو تڏهن ڇـُـٽي سڀ خلق.

 

يعني ته ننگر مـُـئو تڏهن سڀ جنگ کان آجا ٿيا.

ننگر جي نيشان ۾ نوَ ويهون نـَـوَ ڌڪ
ننگر ائين ماريا، جيئن مسيتن ۾ ڪک.
لـِـکڻ وارن لکيو ڇهه ڇليون ڏهه لک.

 

ايترا ماڻهو اڪيلي ننگر ماريا ۽ ننگر شهيد ٿيو ته چنيسر سندس لاش کڻائي وڳهه ڪوٽ آيو. تڏهن زال (ننگر جي ماءُ) چيس ته:

آءُ چينسر لعنتي، ڪارو منهن سندوءِ
پٽ مارايئي پانهنجو، توکي ڪهڙو ڪاڄ سريوءِ
سـُـک وهاڻي ٿي راتڙي، جڏ دليء وانهيرو هوءِ.

 

تڏهن ٻاگهي به اٿي آئي. دودو ستو پيو هو، تنهن کي اچي جاڳايائين ته:

پٿراڻيء پير ڊگها ڪري، سـُـتين ڪهڙي سار
ننگر ڀونگر ماريا، آئي تنهنجي وار.
                                      ---

شينهن سـُـتي ڪر موڙيا، ڇـِـني ڇپر کٽ
دودي دوداڻي جي ڪير جهليندو سٽ.

 

دودي، ٻاگهي کي دلاسو ڏنو ته:

ٻاگهي! ٿيء مَ ڪانهلي، رات وهامڻ ڏي
اسان ۽ عالادين جون ڳالهيون ڪندا ڪي.

 

ننگر ڀونگر کي وڃي دفن ڪيائون:

وِهانء وِهائو آئيا، وَر ونيء ڏيئي
ڏيج ڏنائون ڪيترو تنهن جي خبر نه پيئي.

 

اتي محمد جي زال ساران اچي ڀيڻ  ’بيگم‘  (ننگر جي مڱ) وٽ ويٺي. تڏهن ٻاگهي چيس ته: جڏهن تنهنجو مڙس به ننگر جيترا انصاف ڪري، تڏهن اچي  ’بيگم‘  سان ثاني ٿيءُ. اتي ٽپ ڏيئي اُٿي ۽ اچي مڙس کي چيائين:

ساران پنهنجي ڪانڌ کي چئنچل اُڀي چوءِ
جان مارين، جان مارجين، ڀڄي اچج مَ پوءِ
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا چيٺيندي سونهان
اوترا هوندءِ جي پـُـٺ ۾ ته ڪهڙيءَ لـڄ چيٺيان.
                                      ---

محمد ماراڪن ۾ نريون ڪڇي ٿو نر
سانـَـهن سـِـڱ سنوان ڪري، ونـِـگن لاهي ور
مـِـڙي ڏسو ماڻهئا، آهي سڌر ساران ور.

 

 

 

 

 

هاسو سوڍو محمد جو يار هو، تنهن چيو ته تون منهنجي شادي تي نه ايندين ته آءٌ لائون نه لهندس. هن وقت ان جي شاديءَ جو سڏ به اچي پهتس. تڏهن محمد چيو ته هاسي جي اميد پوري ڪري پوءِ جنگ تي چڙهندس. تڏهن محمد هاسي وٽ آيو ۽ اچي سڏ ڪيائين. هاسو ننڊ ۾ هو، تڏهن سندس مڱيندي چيس ته:

 

ساريون راتيون سمهين، هاسا سوڍا ڏيڻَ
تو ڳل ڏيان نه ٻانهڙي، تون ڀاءُ آءٌ ڀيڻ.

 

تڏهن هاسو به محمد سان گڏجي جنگ تي چڙهيو. جڏهن اهي جنگ تي روانا ٿي ويا، ته پويان شجري جو ڪنهن وڏي کان پڇيائون ته جي سومرن ڪنهن ٻئي کي سڱ ڏنو هجي ته اسين به ڏيون. پر ٻڌايائون ته:

ٻارهن دودا خفيف ڀڙ، ٽي طائي، ٽي ڀـِـينءَ
اڳين آڳ لنگهائي ڀلي ڀونگر سيئن
ٻين مڙني نه ڏنيون، سو دودو ڏيندو ڪيئن!

 

اتي دودي مڱڻهار موڪليو ابڙي سمي ڏانهن ته سامون جهلي. مڱڻهار آيو ته پڇيائونس: تون ابڙو سڃاڻين؟ ڪچهري لڳي پئي هئي، ابڙو به ويٺو هو. مڱڻهار چيو ته:

مون سڃاتو ابڙو، پاڳ ڏٺو اٿم ڀير
جهڙي ٻڌي ٿو ابڙو تهڙي ٻڌي ٻيو ڪير.

 

مڱڻهار چيو ته: ابڙو اهو آهي جنهن کي دودي جي ڀير جهڙي پڳ ٻڌل آهي. سواءِ ابڙي جي ٻئي کي اهڙي پڳ ٻڌڻ ڪانه ايندي. اتي ابڙي چيس ته:

ڀلي آئين منگتا، ڀلي آئين ڀان
راڻيون ڌؤنريرن ۾، ڪنڌيء ٽلن سلطان

 

مڱڻهار چيو ته: ٻه ڇوڪرا مئا آهن، باقي سڀ چڱا ڀلا آهن. دودي مونکي موڪليو آهي ته جي تون سامون جهلين ته ڀلو، نه ته ٻيو ڪو بلو ڪريان.

چئي: ڀلي آئين منگتا، دودي سندا ڀان
اسان مٿي تي مڃيا دودي جا سلام
سامون سلطانن جون آهن مون سـِـر ساڻ.

 

مڱڻهار اچي خبر ٻڌائي، تڏهن دودي سامون ابڙي ڏانهن اُماڻيون:

وڳهه وڏيريون هليون، لڏيا اڍائي لک
ڪن کي ٻار ٻکن ۾، ڏکن وڃايل ڏک.
                                      ---

ڀڳيون ڀـَـهءِ سلطان جي، ڦوڙايون وڃن
وڳهه ويچارين، ڇـَـنو نائي ڇڏيو.
                                      ---

وڳهه وڏيريون هليون، ٻانهنِ لائي ٻار
اُس نه سٺي ٿي اُن جي ٻانهيء سندي ٻار
ڪـَـرُ رکيائون ڪڇ تي، هليون ڏونه هالار
وسن ٿيون وڏڦڙي جان، ڪريو ميگهه ملار
اول اچنئي ٿيون ابڙا، تن جي سما لهج سنڀار.
                                      ---

ٻيون مڙيئي هليون، ٿي ٻاگهي نهاري
صحيح وسندو مينهڙو جو آگهميو آهي.
                                      ---

وڏيري وڳهه ڪوٽ ۾، مانگـِـيڻـِـي هـُـياس (1)
ننگر مـَـري سومري سانگياڻي ڪياس.

 

 

 

 

 

جڏهن سامون روانيون ٿيون ته ڪو ٻارڻ هو، جو ٻن مڙسن جو پگهار کڻندو هو ۽ چوندو هو ته: آءٌ ٻن مڙسن جو مٽ آهيان، پر انهيءَ ڏينهن سامن کي ڏسي به پاسو ڪري پئي ويو. تڏهن مڱڻهار چيس ته:

 

ڌمامين جئن دڙڪندي دودي ڪندي سڏ
وڃين مٿو ڍڪيو ٻارڻ ٻاين گڏ.

 

تڏهن چيائين ته: منگتا ستِ وارِ، آءٌ وڙهندس. مڱڻهار چيو ته:

دَمامين جئن دڙڪندي دودو ڪندي سڏ
ڪوٽن ڀڃين ٿو ڪنگرا، ٻارڻ ٻانهن اڇل.

 

پوءِ ٻارڻ به وڙهيو ۽ جنگ ۾ ماريو.

اتي منزلون ڪندا  ’ابڙو‘  پڇائيندا آيا. ابڙو جوڻيجو ڪو هو، ان جي نالي تي ڀـُـلجي آيا. تڏهن ابڙو هليو ماءُ کان پڇڻ ته ڇا ڪريون، چئي:

مَ وجهه مورَ هـَـري، ڌڻي سلطانن سان وير
تيائين ڌرج نه پير، جيائين ٿـِـڙين ابڙا.

 

تڏهن ابڙي اچي چيو ته:

اُو ڏونگر ئي ڏيهه ٻيو، جت اَبڙو آهه اڀڳ
هي جوڻيجاڻو جڳ، سامـُـن سونٺا نه کڻي.

 

اتان اڳتي روانا ٿيا ۽ اوڍر اڍيجي وٽ آيا. هڪ سؤ رپيا زال جي ٻانهينءَ لاءِ رکيا هئائين، سي زال کي چيائين ته ڏي ته سومرين جي ماني ڪريان. باقي پويان عالادين ٿو اچي، تنهن جي هاٿيءَ جو ڏند وڍي توکي ٻانهين ٺهرائي ڏيندس. ماڻس چيس ته: پاڻ ۾ ايڏي طاقت ناهي، تون ڳالهه تان لهي وڃ! تڏهن ماءُ کي چيائين:

اوڍر اوڍي سڀڪا، پر اوڍر اوڍ نه ڪا
نالا ٻيا کٽاء، جو اوڍر رکيئي مون مٿي
ضامن ناهيان جنگ جو ڏهن ڏينهن کؤن پوءِ.

 

سامون روانيون ٿيون ۽ آخر ابڙي وٽ پهتيون.

هوڏانهن محمد ۽ هاسو ماريا. پوءِ دودو جنگ تي چڙهيو(1) . چنيسر، عالادين کي چيو ته: هاٿي اسان جو، جنهن تي تنهنجي هنباري آهي، تنهن هنباريءَ ۾ زهريلا ڀالا هڻاءِ، پوءِ آءٌ ٿو دودي کي آڻيان. پوءِ چنيسر، دودي کي چيو ته: عالادين هنباريءَ ۾ ويٺل آهي، انهيءَ کي مار ته آءٌ وڃي دهليءَ ۾ بادشاهي ڪريان ۽ تون ويٺو هت بادشاهي ڪر. دودي هاٿيءَ تي جلهه ڪئي، ٽپ ڏنائين ته هاٿي ويهي رهيو ۽ دودو وڃي ٻئي پاسي بيٺو. ٻيو ٽپ ڏنائين ته به هاٿي ويهي رهيو. تڏهن دودي ويڻ ڏنس ته: اسان جي ڪـُـڙم جو آهين، پر اڄ عالادين جي طرف ٿي پيو آهين. پوءِ دودي ٽپ ڏنو ته وڃي زهريلي ڀالي ۾ لڳو. پوءِ سسي ڪپيائون، جنهن کي مغل ٿڏو هنيو، جنهن تي چنيسر چڙيو، ۽ عالادين کي ڇڏي گهر آيو ته پهر ئي ڪانه هئي:

وري وڳهه ۾ آئيو ڀري چنيسر پير
نڪي راڻيون ڌؤنريرن ۾ نڪي ڇـَـنن منهه ڇڳير
سومريون سوير، آڳههِ وييون ابڙي.

 

پوءِ چنيسر اچي عالادين جي فوج ۾ پيو. ڪونڌ ٿيو ۽ وٺي وڙهيو. تڏهن عالادين کي چيائون ته: ڪنواريون نينگريون آڻيو جي اچي پلئه هڻن ته ڪـِـري. ڪنهن به نينگريون نه ڏنيون، نيٺ ويچارن جون ڪنواريون نينگريون جهلي آيا، جن پلئه هنيو ته ڪونڌ ڌڙ ٿي وڃي ڊٺو.

 

 

 

 

عالادين پڇا ڪئي ته چيائون ته ٻاگهي ۽ ٻيون سومريون ابڙي ڏي سام ٿي ويون آهن. پوءِ عالادين چڙهيو. جڏهن اوڍر جي قلعي وٽ آيو ته اوڍر پنهنجو قول پاريو ڏهه ڏينهن جنگ ڏنائين، ۽ هاٿي جو ڏند وڍي زال کي ٻانهينءَ لاءِ ڏنائين. اوڍر به مئو، پوءِ ابڙي تي ڪڇ ۾ چڙهي ڪيائون.

 

عالادين اچي پهتو ته ابڙي جو ڀائٽيو سٻڙ نالي هو، جو سڱ تان ڪاوڙجي ويو هو، تنهن ڏانهن ابڙي قاصد موڪليو ته:

ابڙي ماڻهو موڪليو سٻڙ وهلو آءُ
وهان ٿيو وڏاندرو اڄ وَ ٽ پنهنجي کاء.

 

تڏهن سٻڙ سنڀريو ته ماڻهن چيس ته: ابڙي توکي سڱ نه ڏنو، هاڻي ڇو ٿو وڃين؟

اڪنڊ ناهي ابڙي ته نينهن اسان ئي نانه
جنهن ڪوٺائـُـو آئيو، وڃبو تنهن وهانء.

 

آخر عالادين جي ابڙي سان جنگ متي:

اچي بيٺي ابڙي چؤڏس چؤتالا
سمون سنڀالان، سڏ ڪيو سامن جون لهي.

 

جنگ ۾ وڙهندي وري وري پئي ابڙي سامن کي دلداري ڏني.

دودي کير جو وٽو ٻاگهيءَ کي ڏنو هو ۽ چيائين ته جڏهن رت ٿي پئي ته ڄاڻجؤ ته ابڙو مارجي ويو. پوءِ جڏهن ابڙو ماريو تڏهن کير مٽجي رت ٿي ويو. ابڙو مارجي ويو ۽ عالادين به باقي ستن سوارن سان وڃي بچيو. پڇيائين ته: اڃا ڪو جيئرو آهي؟ تڏهن چيائونس ته: ڏونگر راء آهي، جو سامن سان گڏيو وڃي. ڏونگر راء ابڙي جو پٽ هو جو پينگهڙي ۾ هو. ان جو ماڻهن عالادين کي ڄڻ دڙڪو ڏنو، جنهن جو اهڃاڻ رسالي جو بيت ته:

ٻين سڀني ڏنيون، ڏئي نه ڏونگر راء
اڻ ڏٺين آڏو ڦري، ڏٺيون ڏئي ڪـِـياء
لوڙيون لڪ مٿاء، مٿيري موٽائيون.
(1)

 

-----*----


 

(1) مندو = مينهن جو نالو

(1) نيش = ساهـُـو درياء يا سمنڊ، نيس = مـِـينهن.

(1) رهاڻين = رهاڻيون.

(2) پاڳل پياڻي = پيءُ جي پڳ وارا.

(3) آپ کي = مون کي.

(1) ڪـَـتر = ڪئنچي.

(2) گوري = غوري.

(1) لسي = ڏانٽو.

(1) اصل: جن کي ساڙو ٿيو ساهه

(1) اصل: هاٿي ڇٽو آ راوَ جو مَ وڃ ماريندوءِ

(1) دودو پٽ نهري دودي جو هو، تنهنڪري دوداڻي چيائينس.

(1) راوي چيو ته ويرم ذات جو پائـُـليو چور هو.

(2) ’سيڙهي‘  جي نالي سان پتڻ، هاڪڙي ڍوري تي  ’نئين ڪوٽ‘  کان ڪاڇيل اڃا تائين موجود آهي.

(1) سينهائو ۽ ڦـَـرهو (سانگي ڦرهو سڏجي) جهڏي کان ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ تي (پراڻ کان اولهه تي)، دڙيلو چانڊين واري ڍوري کان الهندي، ڊينگاڻ (ڀرڳڙين واري).  ”مـَـڙهيري“  مقام، جهلوريءَ کان اُتر اوڀر ٻه ميل.

(1) ڄڻ قصور جي معافي جو تحفو.

(2) ديوال = هاٿي جي پالڪي تي.

(1) وَڌاء = وک وڌائج.

(1) موراڻي = مـُـهراڻي

(1) لڌو لوهار چنيسر جو نانو هو، انهيءَ جو اهڃاڻ ٿو ڏئيس.

(1) ڪـَـره = جنگ.

(1) مانگيڻي = گهڻي گـُـهر واري، سڀڪنهن کيس پئي چاهيو، يعني سندس سڱ پئي گهريائون.

(1) صابر ۽ شادمان چيو ته محمد دودي جي جنگ جا بيت هن اسان واري ڳالهه ۾ اصل ئي ڪين هئا.

(1) راوين اهو بيت ڏنو پر خاطري نه ڏنائون ته ڪو اهو بيت ابڙي جي پٽ جي نالي آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org