سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ماڻهو

باب؛ --

صفحو ؛ 19

روهڙيءَ واريون ٽڪريون

سنڌ ۾ پٿري دؤر جي صنعتن جي سڀ کان وڏي علائقي يعني روهڙي ڪوٽڏجي وارين ٽڪرين کي ٽڪرين بدران چن پٿر جا پوٺا چئجي ته بهتر! اتر سنڌ جي خشڪ علائقي ۾ اهي پوٺا اتر کان ڏکڻ طرف اٽڪل 40 ڪلوميٽر ۽ اولهه کان اوڀر ۾ 16 ڪلوميٽرن جي پکيڙ ۾ ٽڙپکڙ آهن، هيءَ ڪا هڪ يڪي قطار نه آهي پر اهي ننڍيون ننڍيون ويجهيون ور وڪڙ ۽ هڪٻئي سان ڪٿي ڪٿي ڳنڍيل يا جدا جدا ٽڪريون آهن. انهن جي وچ وچ ۾ خشڪ واديون آهن جن مان ننڍا ننڍا ڍورا پاڻي کڻي اولهه يا اوڀر طرف وڃن ٿا. انهن پوٺن جي اتر واري ڀاڱي وٽ روهڙي ۽ سکر آهن، جن جي وچ مان سنڌو درياهه اوڀر کان اولهه رخ ۾ لنگهي ٿو. انهن ٻن شهرن جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ تي تاريخي قلعو بکر آهي. بکر واري لنگهه کان اڳتي وڌي درياهه وري ڏکڻ طرف رخ رکي ڏکڻ سنڌ جي ميدانن مان لنگهي ٿو. اهو وهڪرو اوڀر ۾ اروڙ جي الهندي ڪنڌيءَ کان وٺي اولهه ۾ کير ٿر جي ڪور جي وچ ۾ ليٽ پيٽ ڪندو رهيو آهي.

اروڙ کان اوڀر ۾ هاڻوڪو نارا ڪئنال جيڪو ڪنهن وقت ۾ سنڌوءَ جو هڪ ڦاٽ رهيو آهي، ڪنهن وقت ۾ غالباً ستلج جو پاڻي کڻي ڪوري کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. اهڙي راءِ Oldham 1893ع ۾ ڏني هئي. ناري جو وهڪرو پڻ اتر جي هڪ حصي جي پوٺي مان واٽ ٺاهي ٽڪرين جي اوڀر واري ڪور وٺي ڏکڻ طرف وهي ٿو. هنن پوٺن جو مجموعي نظارو ايڪڙ ٻيڪڙ ٻوڙن ۽ ڪٿي ڪٿي ڪنهن وڻ کانسواءِ ٻيو سڄو خشڪ آهي.

هنن ٽڪرين جو مٿاڇرو سڌو ۽ لاهيون ذري گهٽ اڀيون آهن. اوچائيءَ جي لحاظ کان سڀ گهڻو ڪري هڪ جيتريون آهن، ڪا ٽڪري زمين جي سطح کان 40 ته ڪا 50 ميٽر مٿي آهي. سمنڊ جي سطح کان انهن جي مجموعي اوچائي وڌ ۾ وڌ 250-300 فوٽ آهي. اڪثر ٽڪرين کي سنهيون ڳچيون هڪٻئي سان ڳنڍين ٿيون. ٽڪرين جو لاهيون وائڙن پٿرن سان ڀريل آهن جنهن ڪري مٿي چڙهڻ ڏکيو آهي. چوٽيءَ وٽ ٽڪريون 15-20 فٽ ته ماڳهي اڀڪپريون آهن پر چن پٿر جي پڪن ۽ سُڪ ٿيل بلاڪن سبب ڪٿان ڪٿان مٿي چڙهي سگهجي ٿو. انهن ٽڪرين جي اڪثر مٿاڇرن تي چقمقي پٿرن جا قدرتي طور وڏا ذخيرا آهن ته ڪي انهن کان بنهه وانجهيل به آهن.

اڄڪلهه چن پٿر جو قدر آهي جو اهو روڊن جي اڏاوت ۾ ڪم اچي ٿو ۽ مزدور سڄو ڏينهن چن پٿر ٽوڙيندا ۽ ٽرڪن ۾ ڍوئيندا نظر اچن ٿا. ماضيءَ ۾ چن پٿر جو نه، چقمقي پٿر جو وڏو قدر هو ۽ اهو ئي پٿري اوزارن جي صنعت جو وڏي ۾ وڏو ۽ بنيادي ذريعو هو. چقمقي پٿرن جو قدر تڏهن گهٽيو جڏهن لوهه دريافت ٿيو، روهڙي واري چقمقي پٿر جو رنگ ڀورو يا سرمائي آهي. جنهن تي ڦڪي لهر يا ڪارو ۽ ڪسيل چٽو ٿئي ٿو.

پروفيسر آلچن ڊسمبر 1975ع ۾ گهڻو تڻو ٽڪرين جو اتر وارو حصو ڏٺو، جتي هن کي سنڌو تهذيب سان لاڳاپيل پٿري صنعت نظر آئي، ان جو ذڪر هن بار بار ڪيو آهي. چالڪوليٿڪ دؤر جي پٿري اوزارن جي ورڇ ۽ ماپ هن ڪجهه تفصيل سان ڏني آهي، پر بنيادي طور تي انهن کي ڇرين جا بڻ، ڇرين جا اڍنگا چٿڙ، ڊگهين ڇرين جا بُڻ، سنهڙا ڇليل چٿڙ ڇريون، ڇرين جا ٽڪرا ۽ چٿڙن وغيره ۾ ورهايو آهي. انهن جي گهڻائيءَ جو اندازو ان مان هڻي سگهجي ٿو ته 1x2 ميٽرن جي ٽڪري مان Core 13، 20 اڍنگيون ڇليل ڇريون، 14 ڇريون، 26 ڇرين جا ٽڪرا ۽ 18 چٿڙ لڌا.

هي نفاست سان گهڙيل ڇريون ۽ Cores آهن، اهي اوزار نوان هئا ۽ غالباً استعمال نه ٿيا هئا. ڇرين جي ڌار تکي هئي ۽ انهن تي موسمن جو اثر گهٽ هو، سواءِ ان جي ته ڪن اهڙن چٿڙن تي هلڪي پئٽينا (مٿاڇري تي زنگيل نشان) موجود هئي جيڪي موسم جي سڌي زد ۾ هئا.

مادام آلچن جي تجزئي موجب چالڪوليٿڪ دؤر ۾ استعمال ٿيل چقمقي پٿر ۽ مڊل پيليوليٿڪ دؤر ۾ استعمال ٿيل چقمقي پٿر ۽ مڊل پيليوليٿڪ دؤر ۾ استعمال ٿيل چقمقي پٿر ۾ ڪجهه فرق آهي. چالڪوليٿڪ اوزارن ۽ پٿري بڻن جو رنگ گهڻو ڪري ڀورو ۽ سرمائي آهي. پر، مڊل پيليوليٿڪ اوزارن (جيڪي جيتوڻيڪ ڪن هنڌن تي چالڪوليٿڪ دؤر سان گڏ مليا آهن يا ساڳين ٽڪرين جي لاهين تان مليا آهن. محسوس ٿئي ٿو ته انهن کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪري پاسيرو ڦٽو ڪيو ويو آهي.) جو رنگ گهري ناسي چٽ وارو آهي ۽ انهن چٿڙن جون تکيون ڌارون مڏيون ٿي چڪيون آهن. وچين پيليوليٿڪ دؤر جا Cores ۽ چٿڙ جن جا ڪيئي مختلف قسم آهن. ٻئي دؤر جي ڍيرن سان سٿيا پيا هئا يا انهن کي ٽڪرين جي پاسي تي ڇڏيو ويو هو جتي هڙپه دؤر جو ڪم ٿيو هو. جڏهن وچين دؤر ۾ گهڙيل پٿري اوزار (چقمقي پٿر) ٽوڙيا ويا، تڏهن پٿر جي اصل جسم جو رنگ مختلف نظر آيو. مڊل پيليوليٿڪ هنرمند جيڪو چقمقي پٿر استعمال ڪيو سو گهرو سرمائي هو، جنهن تي ڪارو چٽ هو ۽ زنگيل رنگ جي لهر هئي. جڏهن ته سنڌو تهذيب واري دؤر ۾ استعمال ٿيل چقمقي پٿر جو رنگ هلڪو ڀُورو آهي جنهن تي هلڪي ميٿوڙي رنگ واري لهر آهي.

روهڙي- ڪوٽڏجي ٽڪرين ۾ اوائلي پيليوليٿڪ ماڳن ۽ انهن جي ماحولياتي حالتن تي بحث ڪندي اٽليءَ جي ٻن ماهرن پاولو بياجي ۽ ايم ڪريماشي (جيو آرڪيالاجسٽ) تمام بنيادي معلومات سهيڙي آهي. هنن هن علائقي ۾ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي آرڪيالاجي شعبي جي تعاون سان سروي جو ڪم ڪيو ۽ ڪي بنيادي نتيجا اخذ ڪيا. روهڙيءَ وارين ٽڪرين جو جنم وچين ايوسين (Middle Eocene) يا اوائلي اوليگوسين (Oligocene) دؤر جو چيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ پيليوليٿڪ دؤر بابت کوجنا جو ڪم ڪو گهڻو پراڻو ڪونه آهي. غالباً 1939ع کان اهو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو. سنڌ ۾ انساني ۽ جاگرافيائي اٿل پٿل سبب قديم آثارن کي ڪافي ڇيهو رسيو آهي. اهڙا ماڳ تمام گهٽ ملن ٿا جيڪي صحيح سلامت ۽ ”جيئن جو تيئن“ باقي بچيا هجن. ان ڪري ماهرن وٽ ان کانسواءِ ڪا ٻي واٽ نه آهي ته هو مليل اهڃاڻن مان وڌ ۾ وڌ نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن.

روهڙيءَ ۾ اوائيل پيليوليٿڪ جي کوج جو تاج پروفيسر آلچن جي سر تي آهي جنهن 76-1975ع ڌاري اهو ڪم شروع ڪيو. روهڙيءَ واريون ٽڪريون چن پٿر جون آهن. جن کي هوائن ۽ پاڻيءَ زبردست نموني ڇلي بي ترتيب ڦاڪون ڦاڪون ڪري ڇڏيو آهي. ٽڪرين ۾ هنڌ هنڌ چقمقي پٿر ٽڙيل پکڙيل آهن، جيڪي قديم انسان کي اوزار ٺاهڻ ۽ باهه ٻارڻ جي ڪم آيا. اولهه پاسي ڀر مان ئي سنڌو ندي وهندي رهي هئي. ٽڪرين جي اوڀر ۾ نارا ڪئنال يا سنڌوءَ وارو پراڻو وهڪرو آهي.

گرمي ۽ پاڻي جي حوالي سان روهڙي ٽڪرين جو اوڀر وارو پاسو تمام سخت آهي. هتي اونهاري ۾ گرميءَ جو وڌ ۾ وڌ درجو 46 ڊگريون سينٽي گريد ۽ سياري ۾ 7 ڊگريون سينٽري گريد نوٽ ڪيو ويو آهي. بارش 90 کان 125 ملي ميٽر في سال رڪارڊ ڪئي آهي.

روهڙي واريون ٽڪريون گهڻو تڻو چُن پٿر جون آهن ۽ انهن جو رخ به سنڌ جي سمورن جبلن ۽ ٽڪرن وانگر اتر کان ڏکڻ طرف آهي. جيالاجيءَ ۾ ان قسم جي ٽاڪرو/ جابلو سلسلي کي ”براهوي فارميشن“ چون ٿا جيڪي وچين ايوسين يا اوائلي اوليگوسين دؤر ۾ وجود ۾ آيون.

روهڙي ٽڪري چقمقي پٿرن جي لحاظ کان مالا مال آهن. اهي چقمقي پٿر ٽڪرين جي مٿاڇري تي به هنڌ هنڌ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. ٽڪرين جي تفصيلي جيالاجيڪل پڙتال مان پتو پوي ٿو ته انهن ۾ جپسم، چُن، پنڊ پاهڻ ۽ واريءَ جون ذريون آهن.

روهڙيءَ جي ٽڪرين ۾ انساني سرگرمي جيئن ته مختلف جاگرافيائي زمانن ۽ مندن ۾ برقرار رهي آهي، ان ڪري ضروري ته هڪ نظر ثقافتي زمانن ۽ جاگرافيائي صورتحال تي به وجهجي.

دؤر

موسمي حالتون

ثقافتي صورتحال

1- اوائلي/ وچون پلائيسٽوسين

2- مٿيون پلائيسٽوسين

3- هولوسين

گهميل ۽ گرم

 

خشڪ (ڀٽن جي حرڪت)

وڌيڪ گهميل ۽ پوءِ خشڪ

اڪيولين اوزار

 

اڪيولين (؟)

سنڌو تهذيب

اروڙ وٽ ننڍڙين چُن پٿري غارن کي ڏسي ڌرتي وديا جا ماهر انهن کي برساتي ۽ گهميل دؤر جون نشانيون سمجهن ٿا. ٽڪرين جي مٿاڇري تي پکڙيل هيڪاندن چقمقي پٿرن قديم زمانن جي لوڪن جو ڌيان ڇڪايو ۽ پوءِ هنن ان ذخيري کي وڏي پئماني تي خام مال طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. اڄڪلهه لڀجندڙ اوزار مختلف دؤرن جي صنعتن جي نشاندهي ڪن ٿا. ماهرن انهن پٿرن جي چڪاس لئباريٽرين ۾ ڪرائي ته انهن جي گهڙاوت، استعمال ۽ علائقي ۾ ماحولياتي تبديلين جا باريڪ نقطا سامهون آيا، جن جي بنياد تي انهن اوزارن کي مختلف خانن ۾ ورڇيو ويو. انهن ئي اوزارن جي بنياد تي باهمي لڳ لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو.

اوائلي پيليوليٿڪ اوزار، جيڪي فقط ٽڪرين جي ڇت تي پکڙيل آهن. انهن تي ٿلهو ڳاڙهو زنگيل قدرتي چٽ (Patina) آهي. انهن پٿرن جو مٿاڇرو ارضياتي ڦيرپار جي گرمائش ۽ واريءَ جي حرڪت سبب بالڪل بدلجي ويو آهي ۽ اهو اڻ گهڙيل چقمقي پٿرن جهڙو آهي. اوائلي/ وچين ۽ مٿئين پيليوليٿڪ دؤرن جا اوزار هڪٻئي جي ابتڙ صاف پالش ٿيل مٿاڇرو رکن ٿا. اهي اوزار ٽڪرين جي ڇتين توڻي لاهين تي موجود آهن. اهي انهن هيٺاهين ڇتين تي به آهن، جيڪي ٽڪرين جي کاڌ سبب پيدا ٿيون. نيٺ، اڄ کان لڳ ڀڳ پنج هزار سال اڳ وارو زمانو اچي ٿو جنهن جا اوزار اسان کي نه رڳو ٽڪرين جي ڇتين تي ملن ٿا پر هيٺ وادين ۾ ۽ اوڀر طرف ريگستان جي ڪنڌين تان به ملن ٿا.

هتي اهو حوالو ڏيڻ مناسب ٿيندو ته اڇڙي ٿر جي ڪن اهڙن ويرن ۾ جتي جتي ڪي ٽاڪرو پَٽَ واريءَ هيٺ لٽجڻ کان اڃا بچيل آهن، ننڍڙا ننڍڙا پٿري اوزار (Microliths) ملن ٿا. مون 1992ع ڌاري هڪ اهڙو ويرو ڏٺو جيڪو پڊعيدن واري پاسي کان ڀٽن ۾ هو. ان کي ”ڪنڊي واري“ يا ”پٿرن وارو ويرو“ ٿي چيائون. اوڏانهن راڄپرن جي ڳوٺ علي آباد کان وڃڻ بهتر ٿيندو.

اهي ويرا سچ پچ ته گهڻي تحقيق گهرن ٿا. جيالاجيءَ جي لحاظ کان هن پاسي جي بيهڪ ايئن به عجيب آهي جو هڪ ئي هنڌ بيٺي مختلف رنگن ۽ وزنن جي وارين (Sands) جو مشاهدو ڪري سگهجي ٿو. هڪ اها واري (Sand) آهي جيڪا ويرن کي اڳ وڪوڙيل هئي. ٻي اها واري (Sand) آهي جيڪا دڙن جي صورت ۾ نئين سر ورندي پئي وڃي. هڪ واري (Sand) ڀوري آهي ۽ بي ميٽوڙي ڦڪي، ويرن ۽ ريتلي پٿرن جا گول ٽڪرا به موجود آهن. ”پٿرن واري ويري“ جي خاص ڳالهه اها سامونڊي گجي آهي جيڪا هاڻي خشڪ پٿر بڻجي وئي آهي.

پٿري ثقافت جي تازن دؤرن جي اوزارن ۽ اوائلي پيليوليٿڪ دؤر جي پٿري اوزارن جي ڀيٽ ڪرڻ سان انهن جي سطح تي موجود رنگ ۾ آيل فطري تبديليءَ (Patina) کي چڱي طرح ۽ سولائي سان ڏسي سگهجي ٿو.

Patina جي اصليت ۽ ماحولياتي خصوصيت سمجهڻ لاءِ ڪجهه نمونن جو ڇيد (Scanning) ڪيو ويو. اهڙن نمونن لاءِ مختلف دؤر جي اوزارن ۽ اڻڇهيل چقمقي پٿرن جي چونڊ ڪئي وئي. اهڙي طرح هر قسم جي چقمقي پٿر، مائيڪرو لٿس، هڙپه دؤر، پيليوليٿڪ ۽ اوائلي پيليوليٿڪ اوزارن ۾ استعمال ٿيل چقمقي پٿرن جي ساخت، رنگن ۽ لينگهن جو اڀياس ڪيو ويو.

ليبارٽري ٽيست وٺڻ سان ظاهر ٿيو ته روهڙيءَ جي ٽڪرين ۾ گهٽ ۾ گهٽ وچين پيليوليٿڪ دؤر جي شروعات کان وٺي هڪ خشڪ موسم قائم ٿي چڪي هئي.

 

سنڌ ۾ پرڀاتي اوزار Eoliths

پير سُرهيو: سنڌ ۾ هيل تائين دريافت ٿيل پٿري دورن جي سڀني ماڳن مان پراڻي ۾ پراڻو ”پير سُرهيو“ ماڳ آهي. هي ڪوٽڏيجي وارين ٽڪرين جو ڄڻڪ ڪاڇو آهي. هي زمينون اڄڪلهه پوکيءَ هيٺ آهن. پير سرهيي جي درگاهه وٽ ايڪڙ کن جي ايراضيءَ ۾ سنڌ جا سڀ کان قديم اوزار، جن کي ابتدائي يا پرڀاتي اوزار (Eoliths) چئي سگهجي ٿو. ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. پهرين نظر ۾ اهي عام رواجي ۽ ٽٽل گول پٿر (Pebbles) لڳن ٿا پر انهن تي ٿورو ڌيان ڏيڻ سان قديم انسان جي اها ڪوشش نظر ايندي جنهن سان هنن انهن پٿرن کي ڌڪ هڻي شعوري طرح اوزار ٺاهڻ جي رٿ رٿي هئي. اهي جيڪڏهن ٻه چار پٿر هجن ها ته سمجهيو وڃي ها ته اهي اوزار محض اتفاق سان گهڙيل آهن پر اهي ڪافي تعداد ۾ آهن. هڪ ڪچي اندازي موجب اهي ڏهه لک سالن تائين وڃي سگهن ٿا ۽ سوان پوٺوار جي پرڀاتي اوزارن (Eoliths) جا همعصر به ٿي سگهن ٿا. پير سرهيو ماڳ وٽان سنڌو تهذيب جا اوزار خاص ڪري پٿري بليڊ به ملن ٿا.

 

پيليوليٿڪ ماڳ

خيرپور يونيورسٽي جي آرڪيالاجي واري شعبي جي رڪارڊ ۾ هن مهل تائين هتي لڌل هڪ ڊزن کن مکيه ماڳن مان ست ماڳ اوائلي پٿر جي دؤر جا آهن ۽ ستن ماڳن تان اوائلي/ مڊل پيليوليٿڪ اوزار مليا آهن. انهن ماڳن جي تفصيلي کوج کان پوءِ انهن جي ڀرپاسن مان ننڍا ننڍا بيشمار ماڳ به مليا آهن.

 

پير سُرهيو ماڳ تان لڌل پرڀاتي اوزار

 

 

 

ڪجهه مکيه ماڳ هن ريت آهن.

1- انڙ 2- انڙ ٽڪري. هي ٻئي ماڳ ڪوٽڏجيءَ جي ڏکڻ ۾ انتهائي اولهه واري ٽاڪرو حصي ۾ ننڍڙين بٺين تي آهن. ٽڪرين جي چؤطرف واري پکڙيل آهن. البت اولهه پاسي سنڌوءَ جا ميدان آهن. 3- برج سائيٽ 4- ٽانڪي راحب شير. ان جي ڀرسان 5- راحب شارق ۽ موٽڻ جو ڳوٺ. 6- شيراز ٽڪري. 7- ڳاڙهي ٽڪري. 8- بنگلو ڪوٽ. 6-7 ۽ 8
ماڳ ڪوٽڏجيءَ کان اوڀر اتر ۾ ٿورڙي پنڌ تي آهن. البت راحب شير وارا ماڳ ڪوٽڏجي کان اوڀر ڏکڻ ۾ ٽاڪرو سلسلي جي وچ ۾ آهن) 9- شادي شهيد. 10- شادي شهيد کان ڏکڻ طرف سڏ پنڌ تي هڪ ٽاڪرو ماڳ 11- اروڙ غار (جنهن کي ٻڌڪي غار به چيو وڃي ٿو.) انڙ ٽڪري: انڙ ٽڪريءَ جا ٻه حصا آهن. جيڪي واريءَ سان گهيريل آهن. ٽڪري جي ٻنهي ڇتين ۽ لاهين تان پٿري دؤر جا اوزار لڌا ويا آهن. هڪ ڇت تان اوائلي پيليوليٿڪ اوزار ملن ٿا. ٻي ڇت تان وچين پيليوليٿڪ، آخري پيليوليٿڪ دؤر جا اوزار ۽ سنڌو تهذيب واري زماني جون فيڪٽريون مليون آهن. ٻنهي ٽڪرين جي لاهين تان به سنڌو تهذيب جا پٿري وازار ملن ٿا. اوائلي پيليوليٿڪ اوزارن ۾ هٿ ڪهاڙيءَ جو هڪ ٽڪرو آهي، جنهن جو مٿاڇرو لسو ۽ لهردار آهي. هڪ ڌار ڀڳل اٿس. اوائلي/ وچين پيليوليٿڪ اوزارن ۾ ٻه عدد لهردار ۽ تکيون هٿ ڪهاڙيون به آهن. ٻين اوزارن ۾ هڪ پاسيون کرچڻيون آهن. هڪ کرچڻو ٻه ڌارو ۽ ٻه مُنهون آهي. هڪ وڏو کرچڻو ڏندن وارو آهي.

انڙ ماڳ کان 300 ميٽر اوڀر ۾ انڙ ٽڪري به ساڳي نوعيت جي آهي. جنهن جي ڇت اوائلي پيليوليٿڪ اوزارن سان ڀريل آهي. هتان به هڪ ڀڳل پر تکي هٿ ڪهاڙي ملي آهي.

شيراز ۽ ڳاڙهو ٽڪر: اهي ٻئي آمهون سامهون آهن. شراز قد ۾ بهتر آهي البت ڳاڙهو ٽڪر ان جي اڌ جيترو به نه آهي. انهن ٽڪرين کي ننڍيون واديون هڪٻئي کان جدا ڪن ٿيون. ڳاڙهي ٽڪريءَ جي جهولي نما ڇت تي اوائلي پيليوليٿڪ سائٽ آهي. ڳارهو ٽڪر شيرازجي اتر اوڀر ۾ آهي.

بنگلو ڪوٽ ماڳ: سوراهه روڊ تي ڪوٽڏجيءَ کان سر اوڀر ۾ پهرين ٽڪريءَ جي ڇت تي اوائلي پليوليٿڪ ۽ وچين پيليوليٿڪ دؤر جا اوزار پکڙيل آهن. جڏهن ته ٽڪريءَ جي لاهيءَ تي مليل اوزار تان وچين پيليوليٿڪ هجڻ جو گمان آهي.

ٽانڪي ماڳ: سوراهه ويندڙ رستي تي اوائلي پيليوليٿڪ ماڳ آهي جنهن جي ڇت تي پکڙيل اوزارن کي نئين زماني اڃا تائين نقصان نه پهچايو آهي.

راحب شارق- موٽڻ جو ڳوٺ: سوراهه روڊ تي ڪي ٽڙيل پکڙيل ٿورا اوزار لڌا ويا، اهي اوائلي پيليوليٿڪ دؤر جا آهن.

برج سائيٽ: سوراهه روڊ تي پوٺي جي الهندي پاسي اوائلي ۽ وچين پيليوليٿڪ زمانن جون شاهديون آهن. هيءَ 300 ميٽر موڪري ماٿري آهي. هتان هڪ پاسا کرچڻا، بليڊ وغيره ملن ٿا ۽ ڏندن واريون کرچڻيون به مليون آهن. گول کرچڻا ۽ Cores به گهڻا آهن.

 

نئين تحقيق

جرنل آف آرڪيالاجي (شعبو خيرپور يونيورسٽي) ڪوٽڏجي- روهڙي ٽڪرين جي حوالي سان هڪ سٺو تحقيقي دستاويز آهي، جنهن ۾ علائقي جي جيالاجي ۽ پٿري دؤر تي تمام بنيادي رپورٽون شامل آهن، جيڪي ڏاڍي مهارت ۽ محنت سان تيار ڪيون ويون آهن.

ڪوٽڏجي ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين جو سائنسي بنيادن تي پهريون اڀياس غالباً 1880ع ۾ بلانفورڊ (Blanford) ڪيو، جنهن ۾ ٽڪرين جي بيهڪ سيانٽي (Flint)، چن پٿر ۽ جاگرافيائي ڪٽائن سان گڏوگڏ انهن گهڙيل پٿرن جو ذڪر به ڪيو ويو، جيڪو ٽڪرين جي ڇتين تي ٽڙيل پکڙيل آهن. هن کان اٽڪل 50 سال پوءِ ڪزنس (Cousens) 1929ع ۾ ۽ ترت ئي پوءِ دي تيرا (De Terra) ۽ پيٽرسن 1939ع کوجنائون ڪيون. هنن اتان لڀجندڙ اوزارن جي ڀيٽ سنڌو تهذيب جي اوزارن سان ڪئي. ان ريت هو پهريان محقق هئا، جن ٻڌايو ته هنن ٽڪرين ۾ سنڌو تهذيب واري دؤر ۾ ڪنهن خاص قسم جي سرگرمي رهي آهي.

هنن کان پوءِ 76-1975ع ۾ جرمنيءَ مان پروفيسر آلچن ۽ مادام برجيت آلچن آيا، جن ٽڪرين جي اتر ۽ ڏکڻ وارن ڪنڌين طرف ڌيان ڏنو. هنن سکر ۽ روهڙي وٽ اهڙن اوائلي ڪارخانن جي نشاندهي ڪئي، جتي سنڌو تهذيب واري دؤر ۾ اوزار ٺهيا. هنن ساڳي ابتدائي سروي ۾ ئي پٿر جي وچين ۽ پوئين دؤر جي نشاندهي به ڪئي ۽ اهڙا اوزار هٿ ڪيا. مادام آلچن 1979ع ڌاري پهريون ڀيرو تصويرن سميت هڪ رپورٽ ظاهر ڪئي ته موهن جي دڙي ۽ روهڙيءَ جي ٽڪرين مان ملندڙ اوزارن ۾ زبردست هڪجهڙائي آهي. هن پنهنجي مضمون ۾ سکر ويجهو پٿري دور جي لڌل ورڪشاپ کي گهڻي اهميت ڏني. سندس خيال آهي ته اهي اوزار اتي ٺاهي پوءِ ٻيڙين جي ذريعي لهواري پاسي واقع موهن جي دڙي پهچايا ٿي ويا. ان جو امڪان ان ڪري به وڌيڪ هو جو موهن جي دڙي ويجهو گهربل اوزارن لاءِ ملندڙ خام مال ۽ سرگرميءَ جو ٻيو ڪوبه ثبوت ڪونهي. مادام آلچن روهڙيءَ جي چؤطرف اهڙن ڍيرن جو به مشاهدو ڪيو جتي ان دؤر جا ماڻهو پٿرن مان اوزار گهڙڻ لاءِ جاءِ صاف ڪري ويهندا هئا.

فيبروري 1986ع ۾ مسٽر پي بياجي (P. Biagi) ۽ ايم ڪريماشي (M. Cremachi) کوجنا جو ڪم اڳتي وڌايو ۽ 1986ع کان پوءِ 1991ع تائين کوجنائون ڪيون، جنهن دوران سنڌو تهذيب ۽ اوائلي پٿري دؤر جا ڪافي ماڳ هٿ آيا. اهڙي طرح شادي شهيد جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ ٻه عدد، ڪوٽڏجيءَ کان اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر طرف 6 عدد ۽ ڪوٽڏجيءَ کان اولهه ۾ ٻه عدد اوائلي پٿري دؤر (Palaeolithic) ماڳ رڪارڊ تي چڙهيا. پر مان ذاتي مشاهدن جي آڌار تي چئي سگهان ٿو ته سکر کان سوراهه ۽ ڪوٽڏجيءَ جي ڊيگهه ويڪر ۾ اهڙا ڳاڻاٽي کان ٻاهر ماڳ آهن، جن تي پٿر جي اوائلي دؤر کان وٺي سنڌو تهذيب جي عرصي تائين اوزار گهڙبا رهيا آهن. جڏهن ته اها ڳالهه خود قديم آثارن جا واسطيدار ماهر به قبول ڪن ٿا ته تازو ڪي قديم ماڳ هنن ٽڪرين مان پٿر ميڙڻ واري عمل توڻي زرعي ۽ صنعتي سرگرمين دوران نابود ٿي ويا آهن. (انهن ئي نابود ٿيل ماڳن مان ٻڌ دؤر جي هڪ غار بابت به حوالو ڏنو پيو وڃي، جيڪا 1990ع ۾ تباهه ٿي وئي.)

ڪريماشي ۽ بياجي جي رپورٽ (1988ع) موجب اُنڙ ماڳ جي ٻنهي ٽڪرين تان، جيڪي هڪٻئي کان فقط 300 ميٽر پري آهن، اوائلي پٿري دؤر جا ٻه منهان اوزار مليا آهن. انهيءَ صنعت کي قديم آثارن جي ٻولي ۾ اوائلي پٿري ايڪوليئن صنعت (Early Palaeolithic Acheulian Industry) چيو وڃي ٿو جن ۾ هٿ ڪهاڙيون، هڪ پاسا کرچڻا، “Clactonian” (ڪليڪٽونين اصطلاح اصل ۾ انگلينڊ ۾ پٿري تمدن جي ٻئي دؤرن جي خاصيت متعلق آهي، جنهن ۾ پٿر جي ٽڪرن مان اوزار ٺاهيا ويندا هئا.) ۽ Proto Levallos Flakes خصوصيتون آهن (ليوالوئس هڪ واضح ثقافتي روايت آهي جنهن جو تعلق اوائلي پٿري دؤر سان آهي ۽ اهو اصطلاح ان خاص ٽيڪنڪ لاءِ آهي جيڪا چقمقي پٿر مان اوزار ٺاهڻ ۾ استعمال ٿي هئي.) بياجي ۽ سندس ٽيم هن مرحلي ۾ شادي شهيد وٽ ڪجهه اهم ماڳ به ڳولي لڌا جن مان هڪ ڊزن کن سنڌو تهذيب جي اوزارن سان صنعتي بنيادن تي لاڳاپيل هئا.

شاهه لطيف خيرپور يونيورسٽي، خيرپور ڪئمپس جي تعاون سان پاڪستان ۽ اٽليءَ جي گڏيل ٽيم جنوري 1993ع ۾ جيڪو گڏيل سروي جو ڪم ڪيو آهي ۽ جيڪو غالباً اڳتي به جاري رهندو جانفشانيءَ تي ٻڌل هو. هنن ڪجهه ماڳ ۽ علائقا چونڊي تمام باريڪيءَ سان نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهن جي گڏ ڪيل باريڪ معلومات اڳتي کوجنا ڪندڙن لاءِ ڏاڍي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

ڪوٽڏجيءَ کان روهڙي تائين ٽڪرين ۾ هنڌ هنڌ پٿري اوزارن جي هيڏي پئماني تي صنعت ڏسي ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته سڄي سنڌو ماٿري، سنڌوءَ جي ڪن ڏن ڀرون ندين ۽ الهندي جبل ۾ واقع تاريخ کان اڳ وارين ثقافتن ۽ تهذيبن ۾ استعمال ٿيل اوزار اصل ۾ ڪوٽڏجي ۽ روهڙيءَ واري ٽڪر جي اوائلي هنرمند تيار ڪيا هئا.

روهڙي ٽڪرين ۾ 1993ع واري جرنل ۾ ڇپي آهي، ان موجب شادي شهيد ويجهو 2.5 چورس ڪلوميٽرن ۾ بي شمار ننڍيون وڏيون اڏاوتون، کڏون ۽ ورڪشاپ موجود هئا جن جو تعلق سنڌو تهذيب سان هو. انهن کوٽاين ۽ ڳولائن مان ثابت اهو ٿيو ته شادي شهيد جي ڀرپاسي ۾ ٽڪرين تي موجود سيانٽو اوزار ٺاهڻ جي مقصد سان وڏي پئماني تي استعمال ٿيو. انهن مان ٻن ماڳن جي کوٽائي ڪئي وئي ۽ تمام باريڪ بينيءَ سان انهن جي دستاويز بندي ڪئي وئي. انهن ماڳن تي پوءِ وارن دؤرن ۾ ڪا انساني ڇيڙ ڇاڙ نه هئڻ ڪري اتي پکڙيل ماڳن مان بهتر نتيجا حاصل ٿي سگهيا. مثال طور اهو ثابت ٿيو ته ماڳ نمبر 58 جتي پٿري اوزارن جا بُڻ (Croes) وڏي تعداد ۾ موجود آهن اتي سنهڙا بليڊ، عام ماپ جا اوزار ۽ تمام وڏي سائيز جا بليڊ ٺاهيا ٿي ويا. اتي تفصيلي کوجنا مان اندازو ٿيو ته اصل ۾ ڪن مختلف قسمن جا Cores موجود آهن جن جي معنيٰ آهي ته اتي ڀر ۾ ئي ٻي ورڪشاپ به هئي. البت ماڳ نمبر 59 تي عام ماپ جا پٿري اوزار تيار ڪيا ٿي ويا. ان مان ظاهر آهي ته علائقي ۾ پٿري اوزار گهڙڻ جا مختلف سلسلا جاري رهيا آهن.


روهڙي- ڪوٽڏجي ٽڪرين ۾ رهائشي غارون

گهاڙ واري سڄي علائقي ۾ اوائلي انساني سرگرميءَ جو ثبوت ته ڪاٿي کان ٻاهر آهي پر انهن انسانن جي رهڻ وارن ماڳن جا نشان تمام ٿورا مليا آهن، خاص ڪري سنڌو آمري تهذيب کان اڳ واري زماني جا. سنڌو تهذيب سان لاڳاپيل ٺڪرين جو اهڙن ماڳن وٽان ملڻ جتي سنڌو تهذيب وارا پٿري چاقو مليا، سنڌو تهذيب جي رهواسين جي رهائشگاهن جي نشاندهي ڪن ٿا. ان دؤر ۾ ۽ ان کان اڳ به قديم سنڌي لوڪ گهاڙ ۾ غالباً ائين ئي رهندا هوندا جيئن اڄڪلهه مختصر جهوپڙيون ۽ جڳهيون جوڙي ويٺا آهن. ڇاڪاڻ ته سروٽن وارين اڏاوتن جا نشان ته بنهه ڪونه آهن. البت پير سرهئي واري اڏاوت سميت ڪن هنڌن تي پٿر جا بلاڪ اڏاوت ۾ استعمال ڪيا ويا.

محمد حنيف لغاري روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ قديم آثارن جي حوالي سان ڪجهه غارن جو مختصر تعارف ڪرائي ٿو، جن جو اڀياس خيرپور يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي شعبي 1992ع ۾ ڪيو هو. سندس مضمون ۾ سکر ضلعي اندر چئن غارن جو ذرڪ آهي.

جابلو ندين جي پيٽ ۾ لڙهي گول ٿيل پٿرن مان هن قسم جا اوزار اڪثر ڪري شروعاتي ۽ وچين پيليوليٿڪ دورن ۾ ٺاهيا. انهن پٿرن تان لاٿل چٿڙ پڻ اوزارن طور ڪم آندا ويا.
 

ٻڌڪي غار:

هيءَ غار ٻڌڪي دؤر جي آهي، ان غار جو ذڪر مسٽر بياجي ۽ ڪريماشي به (1990ع) ۾ ڪيو آهي. اها غار روهڙي کان ست ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ ۽ اروڙ وارن کنڊرن جي اولهه واري لاهيءَ تي آهي. ان غار واري ٽڪريءَ تي مٿي اتر پاسي هڪ اسٽوپا بنهه تباهه ٿيل حالت ۾ آهي. ان اسٽوپا جي ويجهو کان ڪجهه سجاوٽي سرون مليون آهن، جيڪي پڪ سان اسٽوبا ۾ استعمال ٿيون هونديون. ان قسم جي سجاوٽي سرن جو استعمال سنڌ جي اسٽوپائن ۾ عام ملي ٿي.

غار جو منهن اوڀر طرف آهي جيڪو 6 فوٽ ڊگهو ۽ 4 فوٽ اوچو آهي. غار اندر اولهه اوڀر رخ ۾ 12 فوٽ آهي جڏهن ته چئمبر جي اوچائي 7 فوٽ آهي. ان جي ڇت سڌي آهي، جنهن ۾ ٻه عدد ننڍڙا ڏيئا رکڻ جون جايون آهن. هڪ اولهه طرف ۽ ٻيو ڏکڻ طرف. ان غار جو فرش استعمال ٿيل شين سان ڀريل هو. 1990ع ۾ انهن ڊپازٽس جي ٻه فوٽ هيٺ تائين چڪاس ڪئي وئي پر ان کوٽائيءَ مان ڪنهن به قسم جي انساني سرگرميءَ جو ثبوت نه مليو آهي. البت غار جي منهن وٽان ٺڪرائٽو مليو. اها غار 1991ع ۾ پٿر کڻندڙ ٺيڪيدارن جي هٿان تباهه ٿي وئي.

 

ڪالڪان غار:

چچ نامي ۽ اروڙ جي ٻهراڙيءَ ۾ هڪ مندر جو ذڪر آهي. اهو مندر يقينن هاڻوڪي ڪالڪان مندر آهي، جيڪو هڪ غار ۾ قائم آهي. هيءَ ڪا قدرتي غار نه آهي، پر مڪمل طرح انساني هٿن جي محنت جو شاندار نموني آهي. قديم آثارن جا ماهر هن غار کي پٿري دؤر سان ملائين ٿا. جيئن ته هن غار واري ٽڪر جي ڇت تي نيوليٿڪ دؤر جا پٿري اوزار آهن ان ڪري، هن غار کي به نيوليٿڪ زماني جو يادگار سمجهيو وڃي ٿو. جيڪڏهن هن گڦا جي ڪنهن ٻي غار سان ڀيٽ ڪجي ته بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي سگهبو ته اها RRI واري ماڳ جهڙي آهي، جيڪا شادي شهيد کان ڏکڻ طرف پڳ واري ٽڪر ويجهو واقع آهي. ڪالڪان معنيٰ ڪالي ديوي، جيڪا اپکنڊ ۾ پوڄجندر سڀ کان پراڻي ديوي آهي. اڃا به ائين چئجي ته ديوين ۽ ديوتائن جي ميڙ ۾، جنهن تصور کي سڀ کان پهرين پوڄيو ويو. سو اهو ئي ”ديوي ماتا“ وارو آهي، جنهن جي هڪ اوائلي شڪل ڪالي يا ڪالڪان آهي.

ڪالڪان واري غار (تصويرون ڪتاب جي آخري صفحن تي) ۾ ٽي وڏا چئمبر ۽ ٻه ٽي ننڍڙيون/ پاسيرون چُرون آهن. ٽنهي چئمبرن کي مرڪزي هال واري حيثيت حاصل آهي. جڏهن ته پاسريون چُرون هاڻي چله ڪشي ۽ اڪانت ۽ تپسيا لاءِ ڪم اچن ٿيون. غار جي ڇت جي اوچائي ڪٿي انساني قد کان ٿوري مٿي آهي، ته ڪٿي گهٽ جنهن ڪري ڪُٻو ٿي هلڻو پوي ٿو. ان گول جهڙي هن غار جا ٻه دروازا آهن. غار جي وچين چئمبر ۾ اڄڪلهه ڪاليءَ جي مورتي رکيل آهي. اڄڪلهه غار ۾ بجليءَ جو انتظام آهي ۽ ان ۾ ڪاٺ جا دروازا وڌا ويا آهن پر جڏهن هتي پٿر جي دؤر جو ماڻهو رهندو هو، تڏهن دروازن مان روشني ڇڻي ايندي هوندي ۽ هوا هلڪن جهوٽن سان لنگهي ويندي هوندي.

ننڍي ڇت واري هن غار جي ڇت ۾ ڪٿي ڪٿي اهڙي طرح گول کوٽائي ڪئي وئي آهي جو ماڻهو ان ۾ سڌو ٿي بيهي سگهي ٿو. اهي کوٽايون يقينن پوءِ وارن وقتن ۾ يوگ ۽ تپسيا لاءِ ٺاهيون ويون آهن. ڪالڪان غار جي مجموعي ڊيگهه 67 فوٽ آهي، جڏهن ته ڇت جي اوچائي مختلف هنڌن تي پنجن کان اٺن فوٽن تائين آهي. هڪ دروازي جي ويڪر 5.6 فوٽ ۽ ٻئي جي ويڪر 5 فوٽ آهي.ا ندريون چُرون 11.5 فوٽ ڊگهيون آهن. هڪ چُر جي ڇت 4 فوٽ اوچي آهي. ان چُر ۾ ته بس ماڻهو فقط بانبڙا پائي گهڙي سگهي ٿو ۽ ليٽي ننڊ ڪري سگهي ٿو!

 

ڪالڪان واري غار

 

 


 

چچ جي غار:

هن غار کي ٻڌڪي دؤر سان لاڳاپيل ۽ چچ جي غار سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو اروڙ جو راجا هو. ان غار جو منهن ڏکڻ ۾ آهي. اها غار اروڙ کان ڏکڻ ۾ ڪانڌڙا ڏانهن ويندر پڪي روڊ جي ويجهو اوڀر پاسي ۾ ۽ روهڙيءَ جي ڏکڻ اوڀر ۾ 8 ڪلوميٽر پري آهي. ان غار جي ڀر ۾ پٿر جون وڏيون ڇپون آهن جن ذري گهٽ غار جو منهن بند ڪري ڇڏيو آهي. (تصويرون ڪتاب جي آخري صفحن تي) اها 35 فوٽ ڊگهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 12 فوٽ ويڪري آهي. اوچائي 8 فوٽ اٿس. ان جي ڇت چڱي محفوظ حالت ۾ ۽ سڌي آهي ۽ ان ۾ ڏيئا رکڻ جون جايون آهن. ان جو مٿاڇرو چُن پٿر جي ڍير سان سٿيل آهن. جڏهن ته پٿر جي بلاڪن سان ۽ مٽي سان اوساري ڪيل هڪ ديوار غار جي منهن جي ڀرسان لاهيءَ تان ڏسي سگهجي ٿي. ان هنڌان وچولي ماپ جو ٺڪراٽو مليو آهي.

اها غار ڀاڳئي ٽڪر ۾ آهي. ڪالڪان واري غار کان پهچڻ لاءِ ويجهو رستو اهو آهي ته ڪالڪان وٽان ٽڪر چڙهي ٻئي پاسي لهجي، اهو پنڌ هڪ ڪلوميٽر ٿيندو. ان پنڌ دوران ٽڪر تي هنڌ هنڌ بليڊ ملندا. غار جي آڏو هڪ وڏي ڇپ ڪجهه ان ريت اڀي بيٺي آهي جو مقامي هندو لوڪن جي اها ڏن ڪٿا ڄڻ حقيقت ٿي لڳي ته ”ان غار ۾ هڪ راڪاس رهندو هو، جڏهن هو غار ۾ سمهندو هو يا ٻاهر نڪري ويندو هو تڏهن غار جي آڏو رکيل وڏي ڇپ سان در بند ڪري ويندو هو ته جيئن کائڻ لاءِ ڦاسايل ماڻهو ڀڄي نه وڃن... پوءِ هن ظلم کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڪالڪان ديوي هتي آئي. اهڙيءَ طرح هنن ٽڪرين تي ڪالڪان ماتا ۽ راڪاس جي وچ ۾ جنگ لڳي ۽ راڪاس مارجي ويو.

چچ واري غار - اروڙ


 

راڪاس جو روڻو (RRI) 1:

هيءَ سنڌ ۾ پٿري دؤر جي سڀني کان وڏي ۾ وڏي غار آهي، جنهن ۾ ننڍا وڏا پنج چئمبر آهن ۽ هڪ ٽڪر ۾ آرپار کوٽي ٺاهي وئي آهي، جنهن ڪري ٻه دروازا ٺهي پيا اٿس. هيءَ غار شادي شهيد کان ڏکڻ طرف پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ”پڳ واري ٽڪر“ وٽ آهي. ”پڳ وارو ٽڪر“ اصل ۾ هڪ اهڙو ٽڪر آهي جنهن جو مٿيون حصو هوائن جي کاڌ سبب پٽڪي يا پڳ جهڙو ٿي پيو آهي. پڳ واري ٽڪر جي ڀر ۾، اصل ۾ ٻه غارون آهن. هتي اسان ان ٻي غار کي RRIB جو نالو ڏيون ٿا، جنهن جا تفصيل الڳ ڏبا. RRI کان ڏکڻ طرف سلطان ابراهيم اڌم جي درگاهه آهي جتي ٽاڪرو اجها آهن. اهڙا ئي اجها شادي شهيد کان ٽي ڪلوميٽر اوڀر طرف درگاهه ڇتن شاهه وٽ ۽ نينهن ٽڪر اروڙ وٽ آهن. RRI ماڳ جي مجموعي ڊيگهه 211 فوٽ آهي. غار جو اتر اوڀر وارو منهن 8 فوٽ ويڪرو آهي جڏهن ته ڏکڻ اولهه وارو منهن 15 فوٽ ويڪرو آهي.

تفصيلي ماپ: اتر اوڀر واري منهن جي ويڪر 8 فوٽ، اوچائي 5 فوٽ ۽ منهن کان پهرين چئمبر تائين ڪل ڊيگهه 42 فوٽ اٿس، جڏهن ته چئمبر-1 جي ڇت 9 فوٽ اوچي اهي. چئمبر-1 جي ويڪر 13 فوٽ آهي. چمبر نمبر-2 جي ڊيگهه 27 فوٽ، ويڪر 20 فوٽ ۽ اوچائي 10 فوٽ آهن. چئمبر نمبر-3 جي ڊيگهه 35 فوٽ، ويڪر 20 فوٽ ۽ اوچائي 15 فوٽ آهي. چئمبر-4 جي ڊيگهه 47 فوٽ، ويڪر 20 فوٽ ۽ اوچائي 10 فوٽ آهي. چئمبر-5 جي ڊيگهه (اولهه ڏکڻ دروازي واري لنگهه سميت) 60 فوٽ، ويڪر 22 فوٽ ۽ اوچائي مختلف يعني ڪٿي 7 فوٽ ته ڪٿي 15 فوٽ آهي. هي دروازو 15 فوٽ ويڪرو آهي.

 

راڪاس جو روڻو نمبر 1 (شادي شهيد)


 

 

 

 

 

راڪاس جو روڻو نمبر I-B

 


 

 

شادي شهيد کان ڏکڻ طرف راڪاس جي روڻي I جي ڇت تان لڌل Cores  ۽ بليڊ.

هن غار ۾ پوئين دروازي وٽ ديوار ۾ هوا ۽ روشنيءَ جي بهتر انتظام لاءِ هڪ دريءَ جو وجود به آهي. اتر اوڀر پاسي واري منهن تي تاريخ کان آڳاٽي دؤر جو ٺڪراٽو پيل آهي. غار جي اندر وارن چئمبرن خاص ڪري ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين چئمبر جي ڇت گنبنذ نما گولائيءَ ۾ آهي، جيڪا هيٺ زمين تائين قائم رهي ٿي. فرش سڌو نه آهي، شايد مقامي ماڻهن خزاني جي تلاش ۾ فرش اکيڙي ڇڏيو آهي. ٽڪريءَ جي اولهه وارا ميدان ۽ ڏکڻ ۾ سلطان ابراهيم ادهم واري ٽڪريءَ جي هيٺ سڌا باراني پٽ آهن. غار واري ٽڪر جي ڇت تي اڪثر اوزار ۽ Cores نيوليٿڪ صنعت جي نشاندهي ڪن ٿا.

 

R R I B:

شادي شهيد وٽان ڏکڻ طرف 5 ڪلوميٽر پري ٽڪر ۾ اوچائي تي جيڪو ”ڪوئي وارو ٻر“ ڏسڻ ۾ ٿو اچي، اهوئي ماڳ RRIB آهي. پر اهو ڪوئي جي ٻر وانگر نه آهي. ويجهو وڃبو ته اها هڪ تمام کلئي منهن واري غار آهي، جنهن تائين پهچڻ ڪجهه ٿڪائيندڙ عمل آهي. غار پوريءَ طرح گهڙيل آهي ۽ ان مان هيٺ ڍوري ۾ پري تائين نظر وجهي سگهجي ٿي. غار جو منهن 20 فوٽ، اونهائي 42 فوٽ ۽ وڌ ۾ وڌ ويڪر 27 فوٽ اٿس. غار جي وات وٽ ڇت جي اوچائي 16 وٽ آهي پر جيئن ته اندريون فرش ٿلهن وانگر جيئن پوءِ تيئن مٿي آهي تنهن ڪري اندر ان جي اوچائي گهٽ آهي. ٻئي نمبر ٿلهي تان ڇت جي اوچائي 7.6 فوٽ آهي. هن غار ۽ RRI جي ڇت ساڳي آهي.

 

راڪاس جو روڻو II:

راڪاس جو روڻو II جي واٽ ڪوٽڏجي ۽ خيرپور جي وچ مان قومي شاهراهه تان اولهه پاسي سوراهه ويندڙ رستي مان ڦٽي ٿي. اها واٽ اڀن شاهه ۽ سراج ٽڪر جي وچ مان ٿيندي اڳتي وڃي ٿي. ان ئي روڊ تي ڳوٺ اول خان ميربحر جي ڳوٺ کان اتر طرف ٽڪرن جو ورن وڪڙن وارو رستو راڪاس روڻي II، راڪاس روڻي IIB ۽ ڪجهه ٻين ماڳن ڏانهن وٺي وڃي ٿو. درگاهه اڀن شاهه ڳوٺ اول خان ميربحر کان 8 ڪلوميٽر پري سوراهه روڊ تي آهي. راڪاس روڻو II اول خان ديري کان 12 ڪلوميٽر پري آهي. مختصر طور ائين چئبو ته راڪس روڻو نمبر-II ڪوٽڏجيءَ کان اتر اوڀر ۾ اٽڪل 30 ڪلوميٽر پري هڪ ٽاڪرو ڍوري جي مهڙ ۾ آهي. ان ڍوري مان برساتي پاڻي اوڀر طرف وهي هڪ ٻئي وڏي ڍوري ۾ پوي ٿو.

راڪاس جي روڻيII- تائين پهچڻ لاءِ فور ويل گاڏي گهرجي. اهو هڪ قديم غار ڏانهن ڏکيو پنڌ آهي. هي غار ڪجهه سال اڳ بچل شاهه بخاريءَ ڪنهن ٻڪرار جي ڏس پتي تي ڳولي هئي ۽ خيرپور يونيورسٽي تائين ان جو اطلاع پهچايو هو. اهو روڻو جبل جي هڪ اهڙي ور ۾ آهي جو ڪنهن سونهين کان سواءِ اوستائين پهچڻ مشڪل آهي. ڪن اخباري رپورٽن ۾ هن ٽڪر کي ڪوهه ندا به لکيو ويو آهي. ڏکڻ رخ واري هن غار جو منهن به پري کان ڪوئي جي ٻر وانگر ٿو نظر اچي پر ان جو منهن شڪل صورت ۾ اڌ گول جهڙو ۽ خلاصو آهي. (تصويرون ڪتاب جي آخري صفحن تي) غار جي منهن جي ويڪر 12.5 فوٽ ۽ اوچائي 7.5 فوٽ آهي. غار جو اهو خلاصو حصو 9 فوٽ اونهو اهي. ان کان پوءِ غار ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿي. هڪ حصو اتر اوڀر ڏانهن 10 فوٽ اندر هليو وڃي ٿو ۽ ٻيو حصو سڌو اتر ڏانهن. ٻنهي حصن جي وچ ۾ هڪ عدد بي ڍنگو ۽ بي ترتيب حصو آهي جنهن کي ٿنڀو چئي سگهجي ٿو، جيڪو غالباً ان خوف کان ڇڏيو ويو آهي ته متان غار جهري نه پوي. ٺُل جي پوئين ڀر کان هڪ لنگهه انهن ٻنهي حصن کي پاڻ ۾ ٻيهر ملائي ٿو.

 

 

 

راڪاس جو روڻو II

 


 

 ان ريت ٺُل سميت غار جي ڪل بي ترتيب اونهائي 16.3 فوٽ آهن. وچين ٺل يا ٿنڀي جو ڏاکڻو حصو پاڙ ۾ سنهو پر مٿي موڪرو آهي. ٺل جي ڏکڻ واري حصي جي مجموعي ويڪر 4.7 فوٽ ۽ ڊيگهه 6.7 فوٽ آهي.

انهن سڀني تفصيلن کان وڌيڪ اهم ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته غار جي اتر اولهه واري ڪنڊ مان هڪ سوڙهي چُر جنهن جي اوچائي توڙي ويڪر  2.2 فوٽ آهي، ور وڪڙ کائي اڃا به اڳتي وڃي ٿي. ان ۾ اندر گهڙڻ في الحال ناممڪن آهي. ٽارچ جي روشني جي آڌار تي گهٽ ۾ گهٽ 10 فوٽ اندر تيئن ور وڪڙ ڏسي پيا سگهجن. اسان ڏٺو ته اها سوڙهي چُر هن وقت چٻرن ۽ سهڙن جو لنگهه هئي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سڄي غار توڙي اهو سوڙهو لنگهه انساني هٿن جو ڪمال آهي ۽ اهي قدرتي نه آهن.

هي 2 فوٽ سوڙهو لنگهه يقينن ڪنهن ٻئي چئمبر ڏانهن وٺي ويندڙ محسوس ٿئي ٿو، جنهن جي ڊيگهه، ويڪر ۽ شڪل صورت بابت ڪجهه به نٿو چئي سگهجي ۽ پڪ سان اهو لنگهه زماني جي ڏاڍاين ۽ پٿر ڪِرڻ سان لٽجي ويو آهي ۽ اچڻ وڃڻ جو رستو ننڍو ٿيڻ ڪري هاڻي ان ۾ چٻرن ۽ سهڙن واسو ڪري ورتو آهي. امڪان آهي ته اهو سوڙهو لنگهه شروع ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3-4 فوٽ اوچو هوندو. جڏهن ته مکيه غار جي اصل سطح به گهٽ ۾ گهٽ 2 يا 3 فوٽ هيٺ آهي. چٽيءَ طرح ڏسجي پيو ته غار جو اتر اولهه وارو پاسو ۽ خاص ڪري اتر اوڀر وارو حصو وڏا پٿر ڊهڻ سبب ڏاڍو متاثر ٿيو آهي.

غار جي وات وٽ ۽ هيٺ ڍوري ۾ گهڙيل پٿرن، لٿل چٿڙن ۽ اوزارن جو خاصو مقدار ٽڙيو پکڙيو پيو آهي البت ان غار واري ٽڪر جي ڇت تي اوزار ٺاهڻ جو ڪارخانو ان ڪري موجود نه آهي جو اتي چقمقي پٿرن جو قدرتي ذخيرو نه آهي. اها ڇت چقمقي پٿرن جي سطح کان 50-60 فوٽ مٿي آهي. چقمقي پٿر ٽڪر جي وچن تهن ۾ چن پٿرن ۾ ڦاٿل آهن جيڪي چن جي ڳرڻ يا هوائن سبب ڇلجڻ واري عمل (Wind erosion) سبب ٽڪر جي ديوار مان ڇڏائجي لاهين تي ڪري پون ٿا. اهو ئي سبب آهي جو راڪاس جي روڻي II وٽ اوزارن جي گهڙائيءَ جو ڪم ٽڪر جي لاهين تي ٿيندو رهيو.

هن ماڳ بنيادي طرح پيليوليٿڪ دؤر جي پڇاڙيءَ سان تعلق رکي ٿو ۽ هتان ان کان اڳ يا پوءِ جي صنعت نٿي ملي. جڏهن ته پوءِ واري زماني ۾ هتي ٻڌن جو به اثر رهيو آهي. جنهن جي ثابتي ٻڌڪي دؤر جي ٺڪراٽي مان ملي ٿي. گهڻو ممڪن آهي ته راڪاس جي روڻي کي ٻڌڪي دؤر ۾ عبادت گهر طور استعمال ڪيو ويو هجي.

 

راڪاس جو روڻو IIB:

راڪاس جي روڻي II واري واٽ تي ئي، پر ان کان اڳ هڪ ڏيڍ ڪلوميٽر اورتي هڪ ٽڪريءَ جي نراڙ تي دروازي جهڙو سوراخ پري کان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انساني هٿن سان گهڙيل هن غار جو ذڪر في الحال ڪنهن به ماهر نه ڪيو آهي. هن غار جو منهن مستطيل آهي، (تصوير ڪتاب جي آخري صفحن تي) جنهن کي ڏسي منهنجي ذهن تي بڊي جبل ۾ واقع ڪائيءَ واريون ست گهريون تري آيون. ان غار ۾ پنج ڇهه ماڻهو رهي سگهن ٿا. ٽڪريءَ جي لاهين تي چقمقي پٿر جا اهڙا ئي اوزار پکڙيل آهن جهڙا راڪاس روڻي II واري ٽاڪرو ڍوري ۽ لاهين تي موجود آهن، جيڪي پوئين پيليوليٿڪ دؤر جا آهن.

مون محسوس ڪيو ته ان ئي علائقي ۾ انساني هٿن سان گهڙيل ننڍن ننڍن روڻن (Caves) جو ڪافي تعداد آهي. راڪاس جي روڻي II جي ڀرپاسي وارين ٽڪرين ۾ اهڙيون ٻيون به ننڍڙيون غارون موجود آهن جيڪي پري کان ڪوئن جي ٻرن وانگر نظر اچن ٿيون. ائين ٿو لڳي ته پٿري دؤر ۾ جڏهن ٽڪر جون موسمي حالتون ۽ شڪار بهتر هو تڏهن لوڪن هر ان جاءِ تي غارون ٺاهيون جتي هنن کي موقعو مليو. انهن لوڪن کي موسمي ڦير گهيرن ۽ دشمن تي چڱي نظر رکڻ لاءِ غار واري زندگي وڌيڪ محفوظ لڳي هوندي ۽ تڏهوڪي قديم گڏيل ڪٽنب ننڍن ننڍن ٽولن ۾ پنهنجي لاءِ الڳ غارون کوٽي مستقل گهر جوڙيا هوندا ۽ اهي لاڏائو لوڪ نه هوندا. هونئن به جڏهن اوزارن جي صنعت لاءِ وڏي مقدار ۾ خام مال ۽ شڪار موجود هجي ته پوءِ لاڏائو رهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟

راڪاس روڻي IIB کان به ڪجهه اورتي هڪ هنڌ جڏهن اسان رستو وڃائي ويٺا هئاسون. تڏهن اسان هڪ ننڍڙي ٽڪريءَ تي چڙهي پري تائين نظر ڊوڙائڻ جو خيال ڪيو. اها ٽڪري پڻ پٿر جي اوائلي دؤر جو ماڳ ثابت ٿي. هتي بي شمار (Cores) ۽ چٿڙ پکڙيل هئا. هڪ بي ڊولي هٿ ڪهاڙي به ملي.

 

ايراني پير/ نوندو ماڳ:

هيءُ ماڳ هڪ 300 فٽ اوچي ٽڪر جي ڇت آهي، جنهن تي پٿر جي اوائلي دؤر کان وٺي پڇاڙڪي دؤر تائين جا انسان اوزار گهڙيندا رهيا آهن. ماڳ تي في الحال ڪو به نالو نه رکيو ويو آهي. پر ان کي ايراني پير ۽ پير نوندو (Pir Nondo) ماڳ چوڻ ان ڪري مناسب ٿيندو جو هن ماڳ کان لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلوميٽر اتر ۾ پير نوندو درگاهه آهي ۽ هڪ ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ ايراني پير آهي.

 

شادي شهيد کان اتر اوڀر طرف پير نوندو ماڳ وٽان مليل هٿ ڪهاڙي ۽ بليٽ ڪورز

 

هن ماڳن تائين پهچڻ لاءِ خيرپور کان لونگ فقير ۽ شادي شهيد واري واٽ وٺڻي پوندي. لونگ فقير خيرپور کان 13 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي، جتان شادي شهيد هڪ ميل، درگاهه ڇتن شاهه ان کان به اڳتي هڪ ميل ۽ ذڪر هيٺ ماڳ ان کان به ٻه ميل اوڀر ۾ آهي. يعني اهو ماڳ خيرپور کان مجموعي طور تي 17 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي. ان قديم ماڳ جي ڇت تي بيهي ڏکڻ طرف نظر وجهبي ته چئن پنجن ڪلوميٽر جي پنڌ تي ڏسجندڙ ٽڪر، اهو ئي آهي جنهن ۾ ”راڪاس جو روڻو 1“ ۽ ”روڻو IB“ ماڳ واقع آهن.

ايراني پير يا پير نوندو ماڳ مون کي عبدالجبار دايي (جولاءِ 1995ع) ۾ ڏيکاريو جيڪو علائقي ۾ اطالوي آرڪيالاجسٽن سان گڏ هڪ ماڳ کان ٻئي ماڳ تائين ڦرندو رهيو آهي. هن ٽاڪرو ڇت جي هڪ حصي تان پٿرن جا اهي بُڻ (Cores) ملن ٿا جن تان ڏاڍي نفاست ۽ مهارت سان ننڍيون وڏيون ڇريون (Blades) ڇِلي لاٿيون ويون هيون. ڇريون ڇلجڻ کان پوءِ انهن بُڻن جي صورت بندوق جي گولين جهڙي ٿي پوي ٿي، ان ڪري آرڪيالاجيءَ جي ٻوليءَ ۾ انهن کي Bullet Cores به چئجي ٿو.

ساڳي ٽڪريءَ جي ڏاکڻي موڪري ڇت تي پٿر جي اوائلي دؤر جي اڻ ڇهيل سائٽ موجود آهي. جتان ڪجهه هٿ ڪهاڙيون ۽ بي شمار چٿڻا، کرچڻا، اَڇر، ڇٿڙ ۽ بڻ (Cores) مليا آهن. اهو پيليوليٿڪ دؤر آهي. اهي اوزار بهرحال نفيس نه آهن.

 

وچين پيليوليٿڪ دؤر جا اوزار

برجيت آلچن چوي ٿي ته اسان کي وچين پيليوليٿڪ دؤر ۽ اوائلي دؤر جا اوزار ۽ فيڪٽريءَ جي ڍير جو رد ڪيل مٽيريل مليو. انهن اوزارن جون ڌارون مڏيون ٿي ويون هيون ۽ پئٽينا جو رنگ گهرو ناسي هو، پر ايڏو ناسي به ڪو نه هو جيڏو پٿرن جو اصل مٿاڇرو هو.

آلچن مشاهدي جي آڌار تي چوي ٿي ته وچين پيليوليٿڪ دؤر جا Cores ۽ مختلف قسم جا چٿڙ هڙپائي دؤر جي ڍيرين سان گڏ يا ته وري انهن جي ڀرسان ٽڪرين جي پيرن ۾ ڍير لڳا پيا هئا. جڏهن وچئين پيليوليٿڪ دؤر جي اوزارن کي ڀڳو ويو ته انهن جي اندرئين حصي جو رنگ انهن پٿرن کان مختلف هو جيڪي هڙپن لوڪن ڪيا هئا.

وچين پيليوليٿڪ دؤر جا اوزار سنڌو تهذيب جي اوزارن کان مختلف آهن. اُهي مجموعي طور تي ٿلها آهن، سندن شڪل بي ڊولي آهي ۽ ضرب جا بلب (پٿر تي هڪ مخصوص اڀار جيڪو پٿر ڇلڻ مهل اَڇر (چٿڙ) ۽ ڇري يا بليڊ تي ٺهي ٿو) تمام وڏا آهن، جنهن مان ظاهر آهي ته ٻنهي دؤرن ۾ اوزار گهڙڻ جو طريقو مختلف هو، شايد هو (پيليوليٿڪ ماڻهو) بُڻ (Core) تي پٿر جي هٿوڙي سان سڌو ڌڪ هڻندا هئا. سنڌو تهذيب جا اوزار وڌيڪ ڍنگائتا ۽ ڊگهائيءَ ۾ پور وڇوٽ آهن، جڏهن ته مٿئين پيليوليٿڪ ماڳ جا اوزار چنچه بلوچ (Chancha Baloch) ماڳ وٽان جمع ٿيل اوزارن کي ويجها آهن، جنهن جو ذڪر هن بعد ۾ ڪيو آهي.

آلچن جي خيال ۾ سنڌو دؤر ۾ بڻ (Core) تي اڻسڌو ڌڪ هڻي بليڊ لاٿو ويندو هو، شايد هڪ ضرب ۽ سڱ يا هڏيءَ جي هٿوڙي سان، جنهن لاءِ پٿر کي ليٽيل سنداڻ جي ٽيڪ سان ٿڙڻ کان محفوظ رکيو ويندو هو ۽ ان ريت هو پٿر کي ضرب هڻي گهٽ کان گهٽ بلب وارا بليڊ Core جي مڪمل ڇلجي وڃڻ تائين لاهي سگهندا هئا.

آلچن لکي ٿي ته، ”اسان اهڙو ڪوبه ماڳ نه ڏٺو جنهن کي اسان صرف اوائلي پيليوليٿڪ فيڪٽري سائٽ طور الڳ ڪري سگهون، جيتوڻيڪ اهو ممڪن آهي ته اوائلي پيليوليٿڪ مٽيريل سنڌو تهذيب وارن هٿان پاسيري ڪيل ڍير ۾ شامل ڪيو ويو هجي.“

ٽڪرين ۾ پٿري اوزارن جو اڀياس ڪندي پروفيسر آلچن ان دک جي دانهن به ڪئي ته ان علائقي مان ترقياتي ڪمن لاءِ کڄندڙ پٿر، پرانا ثبوت ختم ڪري رهيو آهي. اروڙ لڳ انهن ننڍڙن ”ٽاڪرو اجهن“ (Rock Shelters) ۾ وچين ۽ مٿئين پيليوليٿڪ دؤر جا اوزار ۽ رهائش به ثابت هئي پر اهي تمام ننڍا هئا ۽ امڪان هو ته اهي جلد ئي ڊهي پوندا ۽ آرڪيالاجيڪل اهميت وارا ڊپازٽس رڪارڊ تي آڻڻ ڏکيو ٿي پوندو.

بهرحال، سڀ کان نمايان طور مختلف پيليوليٿڪ ماڳ جيڪو پروفيسر آلچن جي خيال ۾ ٿي سگهي ٿو. سو روهڙي جي ٽڪرين جي ڏاکڻي ڇيڙي وٽ چنچه بلوچ ڳوٺ وٽ (ڪوٽڏجيءَ وارن آثارن کان چار ڪلوميٽر پرتي) آهي. اها چن پٿر جي هڪ ننڍڙي ٽڪري/ پوٺو آهي جنهن تي چقمقي پٿرن جو تهه موجود آهي. اها ٽڪري ڳوٺ جي اولهه - اتر ۾ آهي ۽ جديد آبپاشيءَ نظام هيٺ آباد ٿيندڙ زمين سان لڳ آهي. ڏکڻ اوڀر ۾ ٿوري مٿاهين سطح تي واريءَ جو ڪجهه ڀٽون آهن. هن ماڳ تي وچين ۽ مٿئين پيليوليٿڪ دؤر جا اوزار ۽ فيڪٽريءَ جا ڍير آهن.

هن ماڳ تي وچين پيليوليٿڪ دؤر جا اوزار، مختلف قسم جا چٿڙي Cores، نوڪدار چٿڙ، هٿ ڪهاڙيون ۽ گهڙيل Cores وڌيڪ آهن جن جو تعداد مجموعي چونڊ جو 65 سيڪڙو هو، جڏهن ته مٿئين پيليوليٿڪ اوزارن، بليڊ Cores ۽ بليڊن جو تعداد 22 سيڪڙو هو. ٻين اوزارن ۾ کرچڻيون، کوٽڻيون، تيشا ۽ وڍڻ جا اوزار وغيره آهن جيڪي پڻ وچين پيليوليٿڪ دؤر جا ٿي سگهن ٿا.

هوءَ چوي ٿي ته اهو ماڳ وچون مٿيون ۽ پيليوليٿڪ فيڪٽري ماڳ آهي ۽ ان ۾ شڪ جي ڪابه ڳالهه نه آهي. ماڳ تي وچون پيليوليٿڪ دؤر حاوي آهي. هوءَ چوي ٿي ته اهي ٻئي عنصر هندستاني صحرا جي اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر وارن ماڳن سان مٿئين ۽ وچئين پيليوليٿڪ ربط سان ظاهر ظهور ويجهڙائپ رکن ٿا. هوءَ چوي ٿي ته اهو کليل سوال آهي ته اهي ٻئي ٽيڪنڪون هڪ ئي وقت گڏوگڏ ڪيستائين هليون ۽ انهن ڪيستائين چنچه بلوچ ۽ سڄي صحرائي علائقي ۾ تسلسل قائم ڪيو. ٻئي عنصر صحرا جي ڪنڌين تي خشڪ علائقي ۾ گهميل دؤر سان لاڳاپيل آهن.

ساڳئي علائقي ۾ ”نواب پنجابي“ نالي هڪ ٽڪريءَ تائين مقامي ماڻهن ڊاڪٽر آلچن جي رهنمائي ڪئي، جتي هن ڏٺو ته آڳاٽن لوڪن اتي ويهي چڱو خاصو ڪم ڪيو هو. سڀ چقمقي پٿر گهري رنگ جا هئا ۽ اهي اهڙا ئي هئا جهڙا روهڙي وارين ٽڪرين جي اترئين پاسي ۾ وچين ۽ آخري پيليوليٿڪ هنرمندن گهڙيا هئا. ڊاڪٽر صاحبه موجب هتي وچئين پيليوليٿڪ مٽيريل جو ڪجهه ڀاڱو ضرور آهي پر اتي هڪ بليڊ انڊسٽري ۽ ان جون باءِ پراڊڪٽس وڌيڪ آهن ۽ ايئن ٿو لڳي ته هتي بليڊ گهڙيندڙ پاڻ کان اڳوڻن لوڪن جو استعمال ڪيل پٿر هٽائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، پر هنن ان جو مٿان ڪم ڪيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته اڳوڻن Cores کي ٻيهر استعمال ڪيو اٿائون.

ورڪنگ فلورز جي بليڊن ۽ بليڊ Cores ۾ فرق آهي، جيڪي پٽ تي ڇڏيا ويا ۽ جيڪي عام طور چونڊيا ويا. عام چونڊيل اوزار ماپ ۾ توڻي صفتن ۾ تقريبن هڪجيترا ۽ انهن جهڙا آهن، جيڪي ويجهڙ ۾ وچين ۽ مٿئين پيليوليٿڪ ماڳ چنچه بلوچ جا آهن. پر، انفرادي ورڪنگ فلورز وارا اوزار ماپ، صفتن ۽ لاڙن جي لحاظ کان مٿئين پيليوليٿڪ ۽ سنڌو تهذيب جي اوزارن جي وچ ۾ اچن ٿا. اهي فرق جن ۾ مٽيريل جي چونڊ ۽ ماڳ جي ٽريٽمينٽ شامل آهي، مان لڳي ٿو ته اهي ماڳ لازمي طرح اهڙن ماڻهن جي گروهن سان تعلق رکن ٿا جيڪي مخصوص سنڌو تهذيبن کان مختلف هئا. اهي پٿر جي ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان انهن جي برابر نه هئا ۽ وڏي حد تائين سڌريل ۽ اوڏا سٺا نه هئا. اهي يا ته ميسوليٿڪ، نيوليٿڪ يا وري شروعاتي چالڪوليٿڪ برادريءَ سان تعلق رکندڙ هوندا. ممڪن آهي ته اهي سنڌو تهذيب کان اڳ جا هجن پر اهي هولوسين دؤر جي شروعات کان پوءِ هئا.

اوائلي سنڌو ۽ سڌريل هڙپائي ماڳ ڪوٽڏجي جي ويجهڙائپ تجويز ڪري ٿي ته نواب پنجابي ماڳ تي بليڊ گهڙيندڙ ئي اصل ۾ ان ماڳ جا اوائلي رهواسي هئا. ان ڏس ۾ ڪوٽڏجيءَ جي بليڊن جي ڳوڙهي اڀياس سان ان خيال جي تصديق يا ترديد ٿي سگهي ٿي. پر، ان ڪم ۾ ان ڪري تڪليف ٿي سگهي ٿي جو ڪوٽڏجيءَ جو کوٽيل ماڳ وقت سان ڊهي ويو آهي ۽ مختلف تهن کي گهڻو نقصان ٿيو آهي. ڊاڪٽر آلچن لفظ ”سنڌو تهذيب“ جي جاءِ تي ”هڙپن دؤر“ ۽ انهن کان آڳاٽن ماڳن لاءِ ”پِري هڙپن“ جا لفظ استعمال ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي. اهو بهرحال، ڪو آرڪيالاجيڪل فرق نه آهي ۽ ٻنهي اصطلاحن جي معنيٰ ساڳي آهي.

ڊاڪٽر آلچن موجب پِري هڙپن تهذيبن ۽ هڙپه دؤر جي ماڳن ۾ جيڪا صفت فرق ڪري ٿي اها پِري هڙپن بليڊ انڊسٽري ۾ عام طور ڪجهه ننڍي ماپ ۽ گهٽ هڪجهڙائيءَ واري صفت آهي. ان جي ابتڙ هڙپن دؤر ۾ گهڻن شهري ماڳن جو مٽيريل هڪ ئي ذريعي وٽان آيل ٿو ڏسجي. هوءَ واضح طور تي چوي ٿي ته اتر سنڌ جي ”هڙپائي“ ماڳن جي ڏس ۾ روهڙيءَ وارين ٽڪرين جي اترين ڀاڱي مان اهي اوزار ويندا هئا.

ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي مقالي ۾ اشارو ته برابر ڏيئي وئي آهي پر اها حقيقت آهي ته سنڌو تهذيب وارن انهن اڪثر ماڳن جيڪي سنڌ، اوڀر بلوچستان ۽ خود هڙپه وارا آهن، مان مليل اوزار ڪوٽجي روهڙي وارين ٽڪرين جا آهن. البت رحمان ٺيڙهي کي اوزارن جي سپلاءِ ٻين علائقن کان به ٿيندي هئي. خود مُهن جي دڙي مان مليل ڪن اوزارن جو پٿر ۽ رنگ اهڙو آهي جيڪي ڪوٽڏجي- اروڙ ٽڪرين ۾ موجود ئي ڪو نه آهن. ان ڪري ايئن ئي سمجهڻ گهرجي ته اهي واپاري سرگرمين دوران ڪن ڏورانهين ماڳن کان آيل آهن، جن مان هن جي دڙي وارن لوڪن جي واپاري رشتن جو پتو پوندو.

ڊاڪٽر آلچن پنهنجن مشاهدن جي آڌار تي چوي ٿي ته هڙپائي دؤر وارن لوڪن روهڙي وارين ٽڪرين کي فيڪٽري ايريا ۽ خام مال جي ذريعي طور استعمال ڪري اصل ۾ اها پراڻي روايت برقرار رکي جيڪا وچين پيليوليٿڪ يا شايد ان کان به اڳي کان هلندڙ هئي. وچين پيليوليٿڪ ۽ هڙپن دؤر جي فيڪٽرين جي سائيز تجويز ڪري ٿي ته اهي اوزار يا ڪجهه ڪم ڪيل چقمقي Cores ٽڪرين جي حدن کان ٻاهر به فراهم ڪيا ويندا هئا. اها ڳالهه هڙپائي دؤر لاءِ شايد حيران ڪندڙ نه هجي، ڇاڪاڻ ته ان تهذيب جي مختلف ماڳن ۾ جيڪي سڄي پاڪستان ۽ اتر اولهه هندستان جي ڳچ حصي ۾ آهن. گهڻن پهلوئن کان هڪجهڙائي آهي.

ان سلسلي ۾ هوءَ سنڌو ندي ۽ نارا جي اڳوڻي وهڪري جو حوالي ڏئي ٿي، جيڪو روهڙي وارين ٽڪرين جي اتر مان هو. هوءَ چوي ٿي ته وڏو امڪان آهي ته هن ٽڪريءَ تي تيار ڪيل بليڊ ۽ بليڊ Cores پاڻيءَ جي رستي شهري ماڳن ڏانهن نيا ويندا هئا ۽ خاص ڪري هيٺ، موهن جي دڙي ڏانهن.

حيرت جي ڳالهه وچين پيليوليٿڪ فيڪٽرين جي گهڻائي آهي. جن جو اڳواٽ ذڪر ڪيو ويو ۽ جيڪي اڄڪلهه ٿر جي سڄي انتهائي خشڪ علائقن ۾ آهن ۽ جن جو تعلق وچين پيليوليٿڪ گهميل دؤر سان آهي، جڏهن صحرا ۾ اڄ جي ڀيٽ ۾ بهتر پاڻي هو ۽ جڏهن صحرا جي اوڀر واري پاسي ۾ دٻيل زمينون گهڻيون شاهوڪار هيون ۽ اڄ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڻڪار هئي. مادام آلچن وچين پيليوليٿڪ دؤر جا فيڪٽري ماڳ ڏٺا، اهي روهڙيءَ جي ٽڪرين ۾ ٻنهي وهڪرن (اڄوڪي سنڌو ۽ پراڻي ناري) جي وچ ۾ 10 کان 15 ميلن اندر آهن. اهي ماڳ پڻ اهو ئي تجويز ڪن ٿا ته ان دؤر ۾ هتي اڄ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پاڻي هو جيڪو هنرمند استعمال ڪندا هئا. اهو ڪڏهن ڪڏهن سالن ۾ ٿيندو هوندو ته هتي پاڻي ڪجهه وقت لاءِ نه هجي!

صحرائي مند ۾ بهتري جي نتيجي ۾ سنڌو ماٿريءَ جي چؤڦير وڏو شڪار ۽ مڊل پيليوليٿڪ وقتن ۾ شڪاري ماڻهن لاءِ تمام سٺو ماحول هوندو. جيتوڻيڪ ان وقت، وقت جي مکيه جي ندي مختلف سببن ڪري ڪجهه مختلف هوندي پر اها هماليه ئي ڪنهن نه ڪنهن علائقي مان جاري ٿيندي هوندي. ٿر جي ڊرينيج وارو اڳوڻو نظام ۽ سنڌو ماٿريءَ جي بيهڪ عام طور، اشارو ڏئي ٿي ته مکيه ندي يا نديون لازمي طور تي هيٺ سمنڊ ڏانهن سنڌ ۽ ان جي مختلف متبادل وهڪرن کان وهنديون هونديون.

وچين پيليوليٿڪ دؤر جو وڏو مقدار شاهدي ڏئي ٿو ته روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ چڱي خاصي آبادي ڊگهي عرصي تائين اوزار ٺاهڻ ۾ مصروف هئي. وچئين پيليوليٿڪ دؤر جا سڀ کان وڏا ٿري يا ڏکڻ بلوچستان وارا ماڳ جيڪي سنڌو ماٿريءَ جي ٻنهي پاسن ۾ آهن، روهڙيءَ وارين ٽڪرين جي مقابلي ۾ محض عارضي ٺڪاڻا لڳن ٿا.

اهو پڻ ظاهر آهي ته هيڏي وڏي صنعتي پکيڙ مان ماٿري، اوڙي پاڙي توڻي ٻاهر تائين شڪاري گروهن کي مڊل پيليوليٿڪ دؤر ۾ اوزار مهيا ڪيا ويندا هئا. ان سان ايئن لڳي ٿو ته ان وقت سماجي ۽ معاشي تنظيم جو اعليٰ درجو هو ۽ هن ڏورانهين دؤر ۾ شڪارين جا پاڻ ۾ باهمي رابطا موجود هئا. هندستان ۾ مڊل پيليوليٿڪ دؤر جي قوت جو پورو تعين اڃا تائين نه ٿي سگهيو آهي پر دکن ۽ وچ هندستان ۾ ٿيل ڪاربان ڊيٽنگ تجويز ڪري ٿي ته اهو زمانو اگروال موجب اڄ کان 30000 سال کان اڳ هو ۽ اهو مدو هزارن بلڪه لکن سالن ۾ پکڙيل هو.

 

ميل پٿر 101

ڊاڪٽر برجيٽ آلچن ماڳ ”ميل پٿر 101“ تي 75-1976ع ڌاري پهتي، پر اهو ماڳ 1965ع ڌاري پاڪستان جي ڊپارٽمينٽ آف آرڪيالاجيءَ جي هڪ آفيسر دريافت ڪيو هو. جيئن ته هن ماڳ جي ڀر ۾ ڪا آبادي ڪونه هئي ان ڪري ان ماڳ جو نالو ”ميل پٿر 101“ رکيو ويو ڇاڪاڻ ته ان هنڌ تي (قومي شاهراهه حيدرآباد، ٺٽو، ڪراچي) ڪنهن وقت ۾ ”ڪراچي 101 ميل جو پٿر لڳل هو. هاڻي ملڪ ۾ ڪلوميٽر رائج آهن، ان ڪري ان هنڌ تي هاڻي ”ڪراچي 163 ڪلوميٽر“ جو پٿر لڳل آهي.

ڏکڻ سنڌ ۾ انساني سرگرميءَ جي حوالي سان هن مهل تائين دريافت ٿيل هي قديم ترين ماڳ آهي، جيڪو سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٺٽي ضلعي ۾ جهرڪن ويجهو اونگر پوليس اسٽيشن کي ويجهو آهي.

ڊاڪٽر آلچن ان ماڳ کي ڳار (چقمقي پٿرن) جو وڏو ذخيرو قرار ڏنو. (حقيقت اها آهي ته هي ذخيرو ان کان گهڻو وڌيڪ ۽ پري تائين پکڙيل آهي. جيڪو ڊاڪٽر صاحبه مڪمل نه ڏنو آهي.)

چُن پٿر جي هي ٽڪري گهوڙي جي نعل وانگر اڌ گول آهي. جنهن جي ڇت پڻ اروڙ جي ٽڪرين وانگر تراکڙي يا سڌي آهي. هن مخصوص ٽڪريءَ جي پکيڙ هڪ کان ٻه چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ان تي ڳار يا چقمقي پٿر پکڙيل آهن. ان بنياد تي ڊاڪٽر صاحبه هن ٽڪريءَ کي ڀرپاسي جي ٻين ٽڪرين کان ”نرالي“ قرار ڏئي ٿي، جيڪو درست نه آهي ڇاڪاڻ ته چقمقي پٿرن جو اهو سلسلو پري تائين ٻين ٽڪرين تي به موجود آهي.

هتي ملندڙ چقمقي پٿر جو رنگ گهرو ناسي آهي ۽ زنگيل Patina به اٿس. بالڪل ايئن جيئن روهڙي وارين ٽڪرين ۾ استعمال ٿيل اوزارن ۾ ڏٺو ويو. هوءَ اوزارن جي عمر ڪٿيندي چوي ٿي ته، ”هتي موجود آوزار ۽ فئڪٽري جا ڍير هيٺين، وچين ۽ پيليوليٿڪ دؤر جا آهن شايد ان جو تعلق ميسوليٿڪ ۽ پِري هڙپن دؤر سان به آهي ۽ اهي تمام وڏي تعداد ۾ آهن. اتي ڪجهه دورن جا امتياز جوڳا ورڪنگ ايرياز آهن پر انهن تي ٻين به ڪم ڪيو. انهن جو تفصيلي اڀياس ابتدائي معائني ۾ ڏکيو آهي. ماپيل ورڪنگ فلورز مان اوزار کنيا ويا ۽ انهن کي جدا جدا رڪارڊ ڪيو ويو ۽ انهن اوزارن بابت هڪ لسٽ ترتيب ڏني وئي. جهن سان روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۽ هن ماڳ جي وچ ۾ فرق نڪري آيو.

انهن 336 چونڊ اوزارن ۽ گهڙيل پٿرن لاءِ ڊاڪٽر صاحبه جيڪي لفظ استعمال ڪيا، اهي ۽ انهن جو تعداد پڻ نوٽ ڪرڻ جهڙو آهي.

Polyhedral cores 1.47%, Lavallois cores 2.38%, Discoidal cores 2.08%, Longitudinal blade core trimming flakes 3.57%, Blade core fragments 0.89%, Unidirectional cores 0.30%, Flakes from prepared and previously struck cores 40.18%, Blade 56.85%, Blades cores 5.56% tablates 1.49%, Burins 0.3%, Carinated scrapers 0.6%, Concavo-convex scrapers 12.20%, Other flakes (?), Points 0.6%, Hand axes 10.12%, Chopping tools 3.87%, Side choppers 1.20%, Adzes (?), Cleavers 2.38%, Ovates0.6%, End scrapers 0.6%, Beaked double convave scrapers 0.6%, Carinates 2.08%.

هوءَ ٻڌائي ٿي ته ”ميل پٿر 101“ وٽان ملندڙ اوزارن ۾ گهڻائي انهن جي آهي جيڪي هيٺئين پيليوليٿڪ دؤر سان تعلق رکن ٿا جن ۾ خاص ڪري وڍڻ جا اوزار، ڪات، هٿ ڪهاڙيون ۽ Cores شامل جيڪي ڪُل چونڊي جو 19 سيڪڙو آهن. Blade Cores، بليڊ ۽ بليڊن جون باءِ پروڊڪٽس به 19 سيڪڙو آهن. انهن ۾ اهڙا اوزار به آهن. جن مان لڳي ٿو ته اهي هيٺين، مٿئين ۽ وچين دؤر ۾ ٻيهر گهڙيا ويا هئا. مجموعي چونڊ مان 40 سيڪڙو کان پوءِ، باقي 20 سيڪڙو وچين پيليوليٿڪ زماني جا آهن جن ۾ چٿڙي Cores ۽ نوڪون شامل آهن. ڪي اوزار جهڙوڪ مختلف قسمن جون کرچڻيون وچين يامٿين صفت جون ٿي سگهن ٿيون. اڪثر اوزار موسمي حالتن ۽ جيالاجيڪل شدتن سبب متاثر ٿيل آهن. ميل پٿر 101 تان مليل ڪجهه بليڊ Cores جي ننڍي سائيز تازي ڏِک سبب چئي سگهجي ٿو ته اهي ميسوليٿڪ يا وري هڙپن دؤر جا آهن ۽ انهن جو تعلق مٿئين پيليوليٿڪ دؤر سان ناهي. پر، هن ماڳ تي هڙپن دؤر جو ڪو به ثبوت ڪونهي جيئن اسان روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ ڏسون ٿا. نه ئي وري هتي نواب پنجابي ٽڪري جهڙي وڏي پئماني تي ڪا بليڊن جي فيڪٽري ڏني وئي. صرف ايترو چئي سگهجي ٿو ته ڏکڻ سنڌ ۾ جيئن مثال طور چانهوءَ جو دڙو، نهوٽو ۽ الهڏنو آهن، وٽ چقمقي پٿر جو ڪو ٻيو ذريعو هو يا وري اهي اُتر کان آندا ٿي ويا. ساڳي ڳالهه پِري هڙپن ماڳ ٿرڙو ٽڪريءَ لاءِ چئي سگهجي ٿي جيڪا ٺٽي کان 10 ڪلوميٽر اولهه ۾ گجي لڳ آهي.

هن پٿري صنعت ۾ اهي سڀ نمونا آهن جيڪي هڙپائي صنعت ۾ نٿا ملن، جنهن ڪري ان کي خاص طور ميسوليٿڪ صفت حاصل ٿئي ٿي. بليڊن ۽ بليڊ Cores جي ماپ ۽ خاصيتون ڪافي حد تائين نواب پنجابي سان ميل کائن ٿيون. ڊاڪٽر صاحبه ميل پٿر 101 ۽ ٿرڙو ٽڪر ماڳ جي ذڪر سان گڏ چوي ٿي ته انهن ۾ ناسي رنگ جي تمام سٺي ڪوالٽي وارو چقمقي پٿر استعمال ٿيو آهي ۽ ان سان گڏ پِري هڙپن ٺڪراٽو صنعت ۽ مڇيءَ جون بي شمار پاڇيون موجود آهن. هوءَ مسٽر فيئر سروس سان متفق آهي ته هي ماڳ سنڌو تهذيب کان آڳاٽو آهي. شايد ان ثقافت جا پويان هڙپائي زماني سان گڏ هلندا رهيا هجن ۽ هتي شايد اهي ماڻهو رهندا هئا جيڪي پنهنجي خوراڪ مڇيءَ جي شڪار سان حاصل ڪندا هئا.


 

 

”ميل پٿر 101 ماڳ“ تان لڌل هٿ ڪهاڙي ۽ گول پٿري اوزار


 

 

”ميل پٿر 101 ماڳ“ تان لڌل نوڪون، ڇيڻيون ۽ چِٿڻ جا وازار

 


 

اڄڪلهه سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو ٺٽي جي اوڀر کان لنگهي ٿو پر ڊيلٽا هئڻ ڪري سنڌوءَ جي وهڪرن ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي ۽ سامونڊي ڪنڌي ويجهي ماضي ۾ به تبديل ٿيندي رهي آهي. هن موقعي تي هوءَ لئمبرڪ جي دليل کي اهميت ڏئي ٿي جنهن موجب هڙپن دؤر کان سنڌ جي ڏکڻ ۾ عام استحڪام عام طور بهتر ٿيو آهي.

ميل پٿر 101 وٽ پيليوليٿڪ فيڪٽري جي بظاهر مستقل استعمال ۽ ان جي درست حالت هڪ ٻيو دليل آهي ته هي علائقو پلائيسٽوسين زماني تائين عام استحڪام ۾ رهيو. اهو ذري گهٽ ناممڪن آهي ته هن قسم جو فئڪٽري ماڳ مکيه زمين کان ڌار ۽ ٻيٽ جي صورت ۾ هجي ۽ استعمال به ٿئي. ان جي وڏي سائيز ٻڌائي ٿي ته اها فيڪٽري وڏي خطي لاءِ ڪم ڪندي هئي. هتي مڊل پيليوليٿڪ مٽيريل گهٽ آهي ۽ هيٺيون پيليوليٿڪ زمانو اتر وارين ٽڪرين جي ڀيٽ ۾ ميل پٿر 101 وٽ وڌيڪ نمايان آهي جيڪو بلوچستان ۽ هندستان ۾ موجود سلسلي سان هڪجهڙائي رکي ٿو. اڄوڪن سخت خشڪ علائقن جهڙوڪ ٿر ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ هيٺئين پيليوليٿڪ دؤر جو ٿورو ثبوت ملي ٿو. پر اتي مڊل پيليوليٿڪ مٽيريل گهٽ آهي ۽ هيٺيون پيليوليٿڪ زمانو اتر وارين ٽڪرين جي ڀيٽ ۾ ميل پٿر 101 وٽ وڌيڪ نمايان آهي جيڪو بلوچستان ۽ هندستان ۾ موجود سلسلي سان هڪجهڙائي رکي ٿو. اڄوڪن سخت خشڪ علائقن جهڙوڪ ٿر ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ هيٺئين پيليوليٿڪ دؤر جو ٿورو ثبوت ملي ٿو، پر اتي مڊل پيليوليٿڪ حصو هيڪاندو آهي. ان بحث جي بنياد تي مادام آلچن نتيجو ڪڍي ٿي ته هيٺين سنڌو آهي. ان بحث جي بنياد تي مادام آلچن نتيجو ڪڍي ٿي ته هيٺين سنڌو ماٿريءَ ۾ پٿر جي سڀني مرحلن جي فيڪٽرين جي دريافت سنڌ جي تاريخ کان آڳاٽي دؤر جي باب ۾ هڪ ٻيو اضافو آهي. سنڌو ماٿري اپکنڊ کي اولهه ايشيا کان جدا ڪري بيهاري ٿي. تنهن ڪري اهي ماڳ انهن علائقن وچ ۾ تعلق قائم ڪن ٿا جتي پٿر جي زماني جو تسلسل ۽ اڳوڻي موسم نسبتن بهتر طور ڄاتي وڃي ٿي. هڪ خشڪ علائقي مان مکيه نديءَ جي وهڪري سبب ڏاکڻي سنڌوءَ ۾ قديم ثقافتون خاص دلچسپيءَ جون حامل آهن. انهن ثقافتن کي خاص طور تي سنڌو تهذيب جي پيشه رو طور ڏسي سگهجي ٿو. هنن ماڳجن جو شايد سڀ کان دلچسپ پهلو سماجي ۽ معاشي آهي جنهن سان واپار، تبادلي، سماجي تنظيمن ۽ پيليوليٿڪ ماڻهوءَ جي ڪميونيڪيشن جي صلاحيت جي حوالي سان مختلف سوال اٿن ٿا. انهن مان ڪوبه سوال ان مهل تائين حل نٿو ڪري سگهجي جيستائين ماڳ 101 سميت روهڙيءَ جي ٽڪرين مان روڊ ٺاهڻ لاءِ کڄندڙ مٽيريل کي بچائي هڪدم محفوظ نٿو ڪيو وڃي.

 

ڪارونجهر ۾ امڪان

سوال آهي ته آرڪيالاجي کاتي يا ڪنهن به ماهر ڪارونجهر ۾ پٿر جي دؤر جي ڪا نشاندهي ڪئي آهي؟ گهٽ ۾ گهٽ مون کي اهڙو ڪوبه مواد هٿ نه آيو آهي. البت ڪارونجهر جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ محل وقوع ڪجهه اهڙو آهي جو ڪارونجهر کي پٿر جي ڪنهن به زماني ۾ انساني سرگرميءَ جي دائري کان ٻاهر ڪڍي ئي ٿو سگهجي. جيتوڻيڪ منهنجي سامهون هتي پٿري دؤر واري ڪنهن سرگرميءَ جو واضح ثبوت موجود ڪو نه آهي. ان هوندي به ”واقعاتي شاهدي“ ڏيئي سگهجي ٿي.

سڀ کان پهرين ڳالهه ته خود ڪارونجهر جي پنهنجي عمر 2.5 ارب سال آهي ۽ اهو اوڙي پاڙي ۾ کير ٿر کان ابو پهاڙ تائين يا کنڀات کان، ڪڇ گجرات، راجستان تائين سڀني جي مرڪز ۾ آهي ۽ لوڻي نديءَ جي ڇوڙ سبب ڪارونجهر مٺي پاڻيءَ جو علائقو هو. اڄ به توڻي جو موسمي حالتون گهٽ برستان واريون ۽ خشڪ آهن، ڪارونجهر ۾ پاڻي جا مستقل چشما زندگيءَ کي ٽيڪ ڏيو بيٺا آهن. ٻي ڳالهه اها آهي ته گجرات، ڪڇ، راجستان ۽ سنڌ، جتي هر پٿري دؤر جي سرگرمي موجود آهي، ڪارونجهر انهن سڀني جي عين وچ تي آهي. اهو ممڪن ئي نٿو لڳي ته شڪار ۽ زندگيءَ جي باقي لوازمات سان مالا مال ڪارونجهر جون محفوظ ماٿريون ۽ ڪنڌيون قديم انسان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي يا پناهه ڏيئي نه سگهيون هجن. ڪارونجهر ۾ ڪجهه دلچسپ غارون قديم انسان جون پناهه گاهون ٿي سگهن ٿيون، جن جو تعارف پيش ڪجي ٿو.

انڌارو اجواڙو: ڪارونجهر جي سڀ کان مکيه برساتي ندي گوڙ ڌري واري واٽ ۾ موجود ڀيم سر ڍوري جي ڏکڻ اوڀر ۾ جبل جي ٻئي پاسي هڪ غار 100 فوٽ کن ڊگهي آهي. ان غار کي ”انڌارو اجواڙو“ چون ٿا، ڇاڪاڻ ته ان ۾ اونداهه ۽ اجالو آهي. غار ۾ پاڻيءَ جو چشمو آهي. جنهن جي ڊيگهه 5 يا 6 فٽ ۽ ويڪر 3 فٽ آهي. غار جو منهن ننڍو آهي. غار ۾ 20-25 ماڻهو ويهي سگهن ٿا، سمهي گهٽ سگهندا. غار جا ٻه منهن آهن، هڪ اولهه طرف ۽ ٻيو اوڀر طرف، اوڀر وارو رستو سولو ۽ اولهه وارو ڏکيو آهي. چشمو غار ۾ اندر لڪل آهي.

پيپريو: هڪ غار جو نالو پيپريو (Peeprio) آهي جنهن ۾ چڙهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اها 400-500 فٽ ڊگهي غار آهي. ان غار ۾ سنهڙي ڌار جيترو پاڻي نمي ٿو.

گوڙ ڌري جون غارون: گوڙ ڌري جي هڪ ڏن ڀرو برساتي نالي ڀيم سر نديءَ (ڍوري) تي ٺهيل قديم بند آڏو هڪ دلچسپ غار 17 فٽ اونهي ۽ 40 فٽ ويڪري آهي. دروازي وارو لنگهه 20 فٽ اٿس ۽ اوچائي گهٽ ۾ گهٽ 2 فٽ ۽ وڌ ۾ 5 فٽ اٿس. هي غار انساني هٿن جي محنت سان ويڪري ٿيل آهي. (تصوير ڪتاب جي آخري صفحن تي).

ڀيم سر کان اڳتي گئو مک ڏانهن ويندي ساڄي پاسي هڪ ڍوري ۾ 25-30 فٽن جي اوچائي تي هڪ غار گهڙيل آهي. جنهن ۾ ٻه چار ماڻهو سولائيءَ سان رهي سگهن ٿا. ٿورو پرتي گئو مک وارو پاڻي وهي ٿو.

هتي ئي ست لڪي تلاءُ وٽ ڀيم سر، ساڪڙيو ۽ گئو مکي ڍورن جي سنگم لڳ هڪ قديم بند جا نشان آهن جيڪو گئو مک ڍوري جو پاڻي جهليندو هو. هي بند 100 فٽ ڊگهو 8 فٽ ويڪرو ۽ 15 فوٽ اوچو هو، بند ۾ ڪارونجهر جي گرينائٽ جا ئي ٻه اڍائي فوٽن جا بلاڪ استعمال ٿيل آهن. ضروري ناهي ته اسان هن بند کي تاريخ کان اڳ وارن حوالن سان ڏسون. اهو تاريخي دؤر جو ئي هوندو.

انچليا سر: ڪارونجهر ۾ ئي هڪ غار انچليا سر چشمي جي پٺيان آهي، جنهن ۾ گهڙڻ جا ٻه رستا آهن، هڪ واٽ چشمي جي پرئين ڀر پاڻيءَ کان فوٽ ڏيڍ مٿي لڪل آهي. ٻي واٽ سنهڙي ۽ اڀي آهي، جنهن مان هيٺ لهجي ٿو. انچليا سر ننگرپارڪر کان اتر اولهه ۾ اٽڪل ٽي چار ڪلوميٽر پري زمين کان 500 فٽ کن مٿي هڪ تيرٿ آسٿان آهي جتي هاڻي پٿرن جا ڏاڪا ٺاهيا ويا آهن. هن غار ۾ 8-10 ماڻهو آرام سان ويهي سگهن ٿا. (تصوير ڪتاب جي آخري صفحن تي).

گنگا ٻاڻ/ ارجن ٻاڻ: انچليا سر جي اتر ۾ جبل جي ٻئي پاسي انچليا سر کان ٻه سؤ کن فٽ مٿي هڪ غار پٿر جي ڇپ سان ڍڪيل آهي. هن غار ۾ به ٻارهن مهينا پاڻي رهي ٿو. غار اونداهي آهي. غار ”مهاڀارت“ جي هيرو ارجن سان منسوب آهي.

ڀَنگ: هيءَ غار ڀٽياڻي نديءَ جي ڀر ۾ اتر طرف آهي. هيءَ اونداهي ۽ ور وڪڙ غار 50 فٽ کن ڊگهي ۽ 4 کان 10 فوٽ ويڪري آهي.

چندن گڊ واري غار: گئومک کان فقط هڪ فرلانگ کن پهرين کاٻي پاسي هڪ غار آهي. پٿرن جي هيٺان هڪ ڏکيو منهن اٿس. جتي غار جو ڇيڙو اچي ٿو، اتان هڪ ٻي غار مٿي نظر اچي ٿي. مٿين غار ۾ صفا اونداهي آهي. پهرين غار ۾ جهڪي يا ڪُٻو ٿي اندر داخل ٿبو، ان مان ڪٿان ڪٿان کليل آسمان ڏسجي ٿو ۽ اها چاليهارو فوٽ گهري آهي.

ڏک ڀڃڻ غار: ويلڙيو چشمي واري هيءَ غار گهرٽياري نديءَ جي اولهه ۾ آهي. هي تمام خطرناڪ غار آهي. موت کي دعوت ڏيڻ برابر! ان ۾ اندر هيل تائين ڪوبه نه لٿو آهي.

يقينن هڪ ڪارونجهر جي سڀني غارن جو احوال ڪونه آهي پر هتي ان غار جو ذڪر رهجي ويو آهي. جيڪا ننگرپارڪر ويجهو ڪارونجهر جي الهندي ڪنڌيءَ تي آهي. مقامي ماڻهو ان کي ”روپلي ڪولهي جو ڀونئرو“ چوندا آهن، جيڪو آخري ڀيرو انگريزن خلاف مزاحمت مهل استعمال ڪيو ويو ۽ روپلو ڪولهي اتان بارود چورائيندي گرفتار ٿيو ۽ پوءِ کيس ڦاسي ڏني وئي.

(ڪارونجهر جي هنن غارن بابت ابتدائي معلومات علي نواز کوسي ۽ الله کوسي 1993ع ۾ ڏني. الله رکيو يونين ڪائونسل ۾ ڪلارڪ آهي ۽ ننگرپارڪر ۾ رهي ٿو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org