سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي مدنيت

باب؛ --

صفحو ؛ 5

 

رسمون

سنڌ جون رسمون به ڏاڍيون وڻندڙ ۽ عجيب ٿينديون آهن. ڀل هاڻوڪي زماني جا ماڻهو انهن کي دقيانوسي رواج چون يا خرچائو؛ پر حقيقت هي آهي ته زالن جي ڳالهه وانگر ته”سوڻن جو کٽيو سڀ ڪنهن کاڌو آهي.“ اها شادي ئي ڪهڙي جنهن ۾ پٽ لاڏين ڪوڏين نه پر ڻجي! زالن جي لاءِ اها ڪابه خوشي، خوشي نه آهي، جنهن ۾ ڪونه ڪو سوڻ نه هجي. زالون هر سوڻ کي چاهه ۽ پاٻوهه سان ڪنديون آهن، پرايو هجي يا پنهنجو. انهن سوڻن ۾ کين ڏاڍو مزو ايندو آهي.

سماٽن ۽ ٻروچن سڀني ۾ سوڻ ٿيندا آهن، پر رڳي ٿوريءَ ڦير گهير سان. اڌ ڳڀي، کهنبا، ويم، سکائون، شاديون مطلب ته جيڏي نظر ڪبي، تيڏي سوڻ ئي سوڻ نظر ايندا. اڄڪلهه جون شهري زالون ته بس  بلي ٿي پيون آهن! جتيءَ  ۾  پير نه پيو ماپين، سي البت  پراڻن سوڻ کان ٽاهه کائينديون آهن، پر ٻهرڙاين ۾ پراڻي تهذيب جي دن ۾ ته سوڻ ئي جيڪو  سو آهي! اها ڪا اُڌڙ يل زال هوندي، جنهن جي شاديءِ تي سوڻ نه ٿيا هجن. پٽن مائن لاءِ ٻي نظر سان ڏسبو ته ويل آهي. صفر پوئين اربع تي بسريون ، ٿڌڙيءَ تي ٿڌو  ڪن، ماتا نڪري  ٿه چلا ڪن، ڇنڊا ڏين.

سنڌ ۾ هندن سان گهڻو وقت رهڻ جي ڪري مسلمانن ۾ به گهڻيون هندڪيون ريتون اچي  ويون آهن، ايتر يقدر جو ماتا جون لوليون به مسلمان زالون، هندن وانگر ڏينديون آهن. ۽ سيتلا جو اهڙو ئي ادب ڪنديون آهن، جهڙو هندو ڪندا آهن. ان کان سواءِ شل نه ڪا ڳالهه ٿوڙي ڦريل ٿئي، يڪدم سوڻ  شروع ٿي ويندا. جي ڪنهن ٻار کي پهرين  مٿيان ڏند آيا تڏهن به مصيبت! جي چنڊ يا سج جهيلو تڏهن به مصيبت! جي بخار ۾ ٻار جون اکيون ڦريون، تڏهن به مصيبت!   سوڻ  ته  هر ڳالهه لاءِ تيار هوندو آهي. لک کڻي پڙهيل ڳڙهل  مائٽ ڊاڪٽر  گهرائين، پر زالون ڦيڻا، ڇنڊا، سوڻ ساٺ  ضرور ڪنديون. سچ ڪري پڇو ته ٻار جي پيٽ ۾ سرجڻ ،سان سوڻ شروع ٿين،  سي و ڃيو قبر ۾ ڪلي هڻڻ  تائين  ختم ٿين. يعني ڄائو ناهي،  تنهن کان به اڳ سوڻ ۽ مري وڃي تنهن کان پوءِ به سوڻ، ته حياتيءَ ۾ الاجي ڇا ڇا ڪنديون هونديون!

دنيا جي مذهبن ۽ رسمن جي فلسفي تي غور ڪري ڏسبو ته سوڻ ضرور ڪونه ڪو پس منظر رکن ٿا.نه ته به ايترو ضرور آهي ته سنڌ  جي مسلمان زالن جي دل کي سوڻ ڪرڻ کان پوءِ  ڪجهه  هلڪائي اچيو وڃي.

شادي: سنڌ جي رسمن رواجن  ۾  وڌ ۾ وڌ سوڻ شادي ۾ ٿيندا آهن، ۽ گهڻو ڪري جتي ڪٿي  سماٽڪي پر ڪندا آهن. اهي ريتون ۽ رسمون ڏاڍيون  سهائيندڙ ٿينديون آهن. گهڻن سڳڻن ۾ هڪ ته گهوٽيتا  ۽ ڪنو اريتا ڏينهن رات رڌل رهندا آهن، ٻيو ته  کين شاديءَ  جي خو شيءَ  مان پورو  پورو مزو به ملندو آهي. اڄوڪي شهري شادين ۾ ته ڪجهه ڪين رهيو آهي، رڳو ٽڪو  ڏنو ٻرو ڇِنو، ڪيو ڇڏين، پر ٻهراڙيءَ جي مٿا_ ميڙ به هڪ ڏينهن هڪ رات کايو وڃي. شهري شاديءَ ڀل کڻي ڪهڙي به ڌام   ڌوم سان ٿئي، ته به  وڌ ۾ وڌ ٽي يا چار ڪلاڪ هلندي. انهيءَ کان ته گڏُي گڏُيءَ جي شاديءَ   به  ڪجهه وقت وٺندي آهي! آءٌ انهيءَ ٻهراڙيءَ جي شاديءَ جو ذڪر سوڻن سهرن سان ڪريان ٿو، جو دلچسپي کان هرگز خالي نه آهي.

اڃا گهر ۾ پٽ ٻار  ريهه مس ڦٽُي ، ڪڙيءَ چڙهيو ته بس ماءُ کي ته آتر ويلا لڳي ايندي ته  ڪيئن نه  ڪيئن، ڪٿان نه ڪٿان پٽ پرڻايان. اها مٺي مراد جيئري ڏسان. بس پوءِ نه ڪا ٿوري واهه ٿئي، ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويندي. سڀ کان پهرين جي ڪو سڱ ڏاڏي –پوٽيءَ جو مليو  ته کير ۾ کنڊ، ڏکيءَ  سکيءَ ۾ جهڙي ڏاڏي – پوٽي  ڪم ايندي اهڙي ڌارين نه. سچ چوندا آهن ته رت دانگيءَ تي  به وريو پوي. بس جي  ڪنهن سڱ جي خبر پئي ته گهوٽ جي  مائٽاڻين جا ايرا -  ڀيرا. تيسين نه رهنديون  جيسين وڃي آمنا نه وَررائن. سڱ جي هاڪار ٿي ته پوءِ خوشي  خوشيءَ ۾ سڌيون گهر  اينديون. مبارڪون مبارڪون ٿي وينديون. ڳاڙهي رڱ جا گهڙن تي گهڙا نائجڻ شروع ٿي ويندا. گهوٽ ماءُ ته ڄڻ ڪپڙن ۾ئي نه پئي  ماپندي. آخر ڪنوارتين جي صلاح سان  پڌريءَ جو ڏينهن ٻڌبو.

پڌري: هوڏي پڌريءَ جو ڏينهن ٻڌو، هيڏي سهرن جو ته ڄڻ ليڙوئي  لهي پيو- ”جيڪا اڏامي لٽ سان ڪاڻيءَ جي اک ۾“. سڀ ڪسرون دهل مان نڪرڻ شروع ٿي وينديون. روز رات جو سهرن جو سڏ، روز رات جوآڌيءَ آڌيءَ تائين  ڳائن وڄائڻ، تان جو پڌري اچي ويجهي پوندي. پڌري تي زالون ڇا ڪنديون، جو هڪ پارو گهرائي ان کي چٽينديون. ان ۾ پنج پاءَ مصريءَ جا يا جيڪو جيتري پڄي سگهي، اوتري وجهي، ننڍڙي کهنبڙي سان منهن ڍڪي رکنديون. هڪ کهنبو ۽ هڪ جورو ڪنوار جي لاءِ تيار ڪري رکنديون. کهنبي جي پلاند ۾ ايڪيهه روپيا يا جيڪو جيترو سري سگهي ٻڌبا آهن. پوءِ اهو سامان کڻي ڳائينديون وڄائينديون  ڪنوار يتي گهر وينديون آهن. گهڻو  ڪري ان مهل هيءُ راڳ ڳائينديون آهن :

آڻيندو مومل ماڻيندو.... الا کهنبي جو ري سان .....
چڳي  دهري   جوڙائي  لاڏل  آڻيندو ..... اهو آڻيندو .
ٻانهينءَ ٻيڙيءَ سان..... ..... ..... .....
هيڏي مومل آڻيندو .....الا، کهنبي جوري سان .....

 

هيڏي زالون، هوڏي گهوٽ ڪپڙا پائي، عزيزن قريبن، سنگت ساٿ سان ڪنوار يتن  جي اوطاق ۾ ايندو. ڏاڍا دهل ڌمر وڄندا، پوءِڪنواريتا کير آڻيندا، ان ۾ گهوٽيتا کنڊ وجهنڊا، ان مان هڪ گلاس ڀري ڏاڍي شان سان ڍڪي ٺاهي، زالون ڳائينديون  وڄائينديون کڻي اينديون  گهوٽ لاڏي وٽ. گهوٽ ان کير مان  اڌ پيئندو ۽ اڌ ورائي زالون ڪنوار ڏي کڻي وينديون ۽ وڃي کيس  پيارينديون آهن. گهوٽ کير جي گلاس ۾ ڏهه رپيا يا پڄت سارو وجهندو آهي. جيڏيءَ مهل گهوٽ کير پيئندو آهي، زالون گهڻو ڪري هي لاڏو چونديون آهن:

کير لاڏل  تنهنجي وات ……………...
سيج وڇايان پر ڀات ………………..
الله لائيا  ڀاڳ …..... ڀنيءَ  رات ...............

 

گهوٽ جي  کير پيئڻ کان پوءِ، شريڪ ۽ دعوتي گهور ڏيندا آهن. اها کير جي گهور به ڪنواريتن ڏي ويندي آهي. گهوٽ جي کير پيئڻ کان پوءِ، شريڪن ۽ دعوتين کي به ڪير  پياريندا آهن.کير  پيئڻ کان پوءِ سڀني ۾ مصري يا پتا شا، يا لڏون يا ٽڪيون ورهائيندا آهن. ائين زالون ڳائينديون وڄائينديون واپس گهر اينديون آهن ۽ پڌريءَ جي رسم پوري ٿيندي آهي.

مڱڻو: بس هتان پڌري ٿي، هتان مڱڻي جا سانباها شروع ٿيا. ان وچ ۾ جي ڪا عيد برات آئي ته ان تي ڪنوار لاٰءِ ڪپڙا، خرچي، عيد جو سامان وغيره موڪلينديون آهن. ان کان پوءِ مڱڻي جا ڏينهن ٻڌبا آهن. مڱڻي جي ڏينهن ٻڌڻ سان ڪي ماڻهو مـڱڻي تائين دهل بيهاريندا آهن مڱڻهار روز صبح شام دس وڄائيندا ۽ کين روز گهور ملندي آهي. انهيءَ وچ ۾ ڳائڻ، روز رات جو ضرور ٿيندو آهي. طرح طرح جا راڳ مطلب ته کل خوشيءَ ۾ مڱڻو به اچي ويجهو پوندو آهي.

مڱڻي جي لاءِ ڪنوار لاءِ هڪ کهنبو، هڪ کهنبو، چولو، سائي سٿڻ، پڙو، گج تيار ڪرائيندا آهن، ويڙهه، کير منڊي، هار، سڳيون، اڳٺ، جُتي به آڻيندا آهن. ان سان گڏ موڙ به هوندو آهي، جنهن ۾ پتاشا، مصري، کارڪون، ناريل، باداميون وغيره هونديون آهن. ان کان سواءِ مڱڻي جي دعوتين ۾ورهائڻ لاءِ مٺائي به ٺهرائيندا آهن. ڪي لڏون ٺهرائين ته ڪي ٽڪِون پوءِ اهو ڪنوار کي ڏيڻ وارو سڀ سامان ٺاهي جوڙي ڇڪور ۾ وجهي، ان جو منهن حلواڻ جي ڪپڙي ۽ ڳاڙي سٽ سان ٻڌي، ڪا سهاڳڻ کڻي هلندي آهي ۽ زالون ڳائينديون وڄائينديون، دهلن ڌمامن سان وينديون آهن ڪنواريتي گهر. مڱڻي تي زالون ڪنوار کي وڳو پارائي، مٿي تي کهنبو ڏينديون آهن. ان مهل ٻروچ قوم ۾ گهڻو ڪري هي ڳيچ ڳائينديون آهن:

تيڏي کهنبي دا زيب.... ڀراوَ جيونئي، جيوئي لال ونا.......
وني دا کٽيا کاوين....... ٿيو ئي سهاڳ گهڻا...........

 

جڏهن گهوٽ ايندو اُهي، تڏهن سماٽن ۾ هي ڳيچ ڳائينديون آهن:

ٻڌ کهنبڙي ڀاڳ...... ڪر ولائتي وڳو
ابا توکي سارڙي سنڌ انعام.........
لاڏا تنهنجو ڀائر ڪن سلام.........
 لاڏل مرڪي منهه آيو.........
سائو رومال هٿ ۾ کلندڙو گهوٽ اچي
بيهندو ڀائرن اڳ ۾ کهنبڙو ويس ڪري
هلندم ساهراڻي سيج تي وَرَ ڏيو ٿو ويس ڪري.

 

پوءِ گهوٽ کي ساهراڻي طرف کان لونگي ملندي آهي. ان سان گڏ موڙو به هوندو آهي.

لونگي جهلڻ مهل سماٽن ۾ هن لاڏي ڳائڻ جو رواج آهي:

لوڏي لونگيءَ پاند بنو آيو.......
آيو ڙي آيو الهه ملايو. .........
سروي بي جي سونهن سهرا وي.....
موتين جوڙ بنايو........ لوڏي لونگيءَ پاند.
 

ان کان پوءِ مڱڻي جي گهور ٿيندي آهي ۽ دعوتين ۾ مٺائي ورهائيندا آهن. گهوٽ جي ساهراڻي گهر اچڻ کان وٺي مڱڻي ٿي وڃڻ تائين ناچ، ڳائڻ وڄائڻ، دهل شرنايون مطلب ته گوڙ لڳو پيو هوندو آهي. ائين مڱڻي جي رسم ڳائيندي وڄائيندي پوري ٿي ويندي آهي. پوءِ صبح جو ڪنوار جو نڪ سونيءَ سئيءَ سان ٽوپيندا آهن ۽ گهوٽ ڳائڻ-وڄائڻ سان ساهري گهر اچي موڙو وٺندو آهي.

مڱڻي کان پوءِ سگهوئي شاديءَ جا ڏينهن ٻڌبا آهن، تيستائين ماڻهو دهل بيهاريندا آهن. روز رات جو ڳائڻ ٿيندو آهي. شاديءَ جو ڏينهن ٻڌو ته زالن لاءِ ڪابه ويل واندي نه هوندي آهي. نوان نوان ڪپڙا وٺڻ-ڳهه ڳٺا ٺهرائڻ- ڏيج جو سامان سڙو وٺڻ، جورا ٺاهڻ، ٽاڪڻ- مطلب ته کين سبڻ، ٽوپڻ ٽانڪڻ، کان مٿي کنهڻ جي به وار کائي ڪانه هوندي آهي. پري پري جي عزيزن کي دعوتون دڙيون موڪلڻ- مطلب ته روز روز نيون نيون ڳالهيون پيدا ٿينديون آهن. انهيءَ خساري هوندي به اهو ضرور ياد رکڻو پوندو اٿن ته ڪو دعوت کان رهجي نه وڃي. جيڪو ڀاءُ رٺل هوندو آهي، يا ڪنهن جو پاءُ پاڻيءَ جو هوندو آهي ته ان جي پرچائڻ لاءِ وڏا وس ڪندا آهن، پوتيون، پلاند، منٿون، ميڙيون ڪري به ضرور رٺل پرچائيندا.

وري مهمانن جي رهائڻ جو بندوبست ڪرڻ، چانور، گيهه، پهرو، ديڳين گهرائڻ جو کٽراڳ ڇنان ٺاهڻ- گهڻو ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي. تان جوشاديءَ ۾ وڃي باقي ڏينهن رهندا آهن. انهيءَ وچ ۾ پري جا ڪي ڄاڃي اچي به ويندا آهن. پوءِ ٿيندو ونهه جو سعيو، ونهه کي ڪا ماڻهو ونواهه به چوندا آهن.

ونهه: ونهه جي لاءِ زالون وري سامان تيار ڪنديون آهن، جنهن کي پِڙو چوندا آهن پِڙي ۾ پنج سير ڪڻڪ جو اٽو پنج پاءَ گيهه، پنج پاءَ مٺو تيل، پنج پاءَ ميندي، پنج پاءَ کارڪون، پنج پاءَ ڏونگهيون، پنج پاءَ مصري، پنج پاءَ حلوو، پنج پاءَ جوَن جو اٽو، ڪيسو ڦل، اٻٽڻ جي لاءِ، وري ڪپڙن ۾، اکيو، کهنبو، ٻانڌڻون ۽ جُتي ڏبي آهي. پِڙو سهاڳيڻيون دهلن ڌمرن، ڳائڻ وڄائڻ سان کڻي ڪنوارتين وٽ وينديون آهن. ان مهل هي ڳيچ ڳائينديون آهن:

دهلن سان پِڙو ..... تولئه ماءُ سنڀاهيڙو.......
گهوري وڃان سرهو ساٿ........
سيد جو، سرهي واٽ مٿان لاڏل پير ورائيو........

 

پوءِ وڃي ڪنوار کي اکيو ٻڌينديون آهن، ان مهل گهڻو ڪري هي ڳيچ ڳائينديون آهن:

”ناري ناري ننگر ڙي وڃان.....
ابل جي لاڏيءَ کي اکيڙو ٻڌي شال ڏسان........

 

پوءِ ڪنوار جا مينڍا جيڪي اڳيئي سندس ماءُ ويڙهي ڇڏيا هوندا، سي گهوٽيتيون کولينديون آهن. ان مهل هي ڳيچ چونديون آهن:

 

پيءَ ماءُ جي دادلي تون ڇوڙ ٻه مينڍي ڦل... .......
ڇوڙ ٻه مينڍي ڦل.....................
تنهنجي جيجل ويڙهيا هيج مان.............
تون ڇوڙ ٻه مينڍهي ڦل..... ......

هوڏي وري گهوٽ دهلن ڌمرن سان ڪنواريتي اوطاق ۾ ويندو آهي. جتي ساهراڻي گهران زالون مکڻ ماکي ڍڪي، ٺاهي، ڳائي-وڄائي کڻي اينديون آهن. ان مان اڌ گهوٽ کي چَٽائينديون آهن، ۽ اڌ وري ڳائينديون ڪنوار ڏي کڻي وينديون آهن، ۽ کيس وڃي چٽائينديون آهن، گهوٽ هڪ ڏندڻ، سوئي ڪري سو به ماکي مکڻ سان گڏ ڪنوار ڏي موڪليندو آهي. جيسين شاديءَ جا سڀ ساٺ سوڻ پورا نه ٿين، تيسين اهو ڏندڻ ڪنوار جي هٿ ۾ رهندو آهي. ونهه ۾ ويٺل ڪنوار، گهر کان پير ٻاهر نه ڪڍندي آهي. ونهه ۾ کيس زالون اٻٽن هڻنديون آهن ته رنگ کُليس.

شادي: هوڏي گهوٽيتن ڏي نظر ڪبي ته بس ڄڻ هڻ هڻان جي منهن ۾ هوندا خوشيءَ کان ڪپڙڻ ۾ نه پيا ماپيندا. زالن جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي ڪجي! ڄانڃين مانڃين جي ٽهل ٽڪور جدا، ڏاج پوت جدا ...... پر ته به پير زمين تي نه پيو لڳندن. تان جو شاديءَ ۾ اچي هڪ ڏينهن رهندو. شاديءَ کان هڪ رات اڳ ڪنواريتن ۾ ڪنوار کي ڳجهڙي ميندي لائينديون آهن، ۽ گهوٽيتا گهوٽ کي. ان مهل زالون گهڻو ڪري هي لاڏو چونديون آهن:

اهو ميندڙي هي رنگ لايا....... تينون هووي مبارڪ.......
تيڏا لايا ٿيم سجايا....... ابا تيڏي دشمن ڳيم اجايا..........
تينون هووي مبارڪ.......... اهو ميندڙي هي.................

پوءِ ورندي ڏينهن شام جو وري ٻڪي ٿيندي آهي. ٻڪيءَ لاءِ زالون جنڊ، اکري مهري، تڏو ۽ ڇڄ ڳاڙهن رنگن سان چٽينديون آهن. ڳاڙها چٽ درن ۽ گندين تي به ڪڍنديون آهن. گهوٽ جا مائٽ، ڀائر ڀيڻون، ماءُ پيءُ ڳاڙها ڳانا ٻڌندا آهن ۽ ڪنوار ۽ گهوٽ لاءِ اهڙا ڳانا ٺاهي رکنديون آهن پوءِ زالون اهو چٽيل تڏو اڱڻ ۾ وڇائينديون آهن،ان جي وچ ۾ جنڊ رکي جنڊ جي هٿئي ۾ ڳاڙهي سٽ سان يارهن جوڙا کارڪن جا ٻڌنديون آهن،. پوءِ ست سهاڳڻيون اَن کڻي ان چٽيل اکري مهريءَ ۾ ڇڙهينديون. اَن ڇڙهي ڇنڊي ستئي سهاڳڻيون اهو اَن جنڊ ۾ ڏرينديون. جنڊ کي تڪڙن تڪڙن گهمرن ڏيڻ سان اهي ٻڌل کارڪون ڪرنديون، سي کڻي ڪنوارن کي کارائينديون آهن، ته سندن ڦل اٻهرا ٿين. بس ٻڪي پوري ٿي ته مبارڪون مباڪون ٿي وينديون. پوءِ زالون گڏ ويهنديون ۽ گهوٽيتون ڏاج ڳڻائينديون. تيسين اچي نما شام ۽ اچي گهوٽ کي سهرن ٻڌڻ جو وقت ٿيندو. گهر ۾ گهوٽ جي موڙن لاءِ اڳ ۾ ئي کنهبو ٻانڌڻون، ڳانو، لونگي ۽ موڙ تيار ٿيا پيا هوندا آهن. پوءِ گهوٽ دهلن ڌمالن سان عزيزن ۽ قريبن سان ايندو گهر. کٽ هنڌ اڳ ۾ ئي وڇايل هوندا، ان تي گهوٽ کي ويهاريندا آهن، پوءِ گهوٽ جو پيءُ يا مرشد يا ڪو وڏو هوندو آهي ته اهو گهوٽ کي دستار ٻڌائيندو آهي. ان جي مٿان ٻٽ (کهنبو ٻانڌڻون) ڍڪائي مٿان موڙ ٻڌندا اٿس. پوءِ ڳانو ٻانهن ۾ ٻڌنديون اٿس. پوءِ عزيز اقارب گهور ڏيندا آهن. اها موڙن جي گهور حجامڻ کڻندي آهي. موڙن ٻڌڻ مهل گهڻو ڪري زالون هي لاڏو ڳائينديون آهن.

سهجؤن ٻڌئي ...... لاڏئون ٻڌئي ابا مرشد ٻڌئي موڙ .........
 لاڏل توکي سهجؤن ٻڌان موڙ..... سروي بني جي
سونا سهرا الا........ موتي جوڙ بنايا،..........
لاڏل توکي سهجون ٻڌا موڙ.،............

موڙن ٻڌڻ مهل گهوٽ کي هڪ مڙهيل ڳوٿري، جنهن ۾ مصري، سوپاريون، ڦوٽا ۽ لونگ پيل هوندا آهن، سا به ڏيندا آهن ۽ انهي وقت ڪو گهوٽ جي ساهرن مان گهوٽ جو اهنر ڪندا آهن. شادي پوري ٿيڻ تائين گهوٽ جي جان جي حفاظت جي جوابداري اهنر تي هوندي آهي اهنر هر وقت هر سوڻ تي گهوٽ سان گڏ هوندو آهي، گهوٽ کي موڙ ٻڌڻ کان پوءِ اهنر کي هڪ اجرڪ يا لونگي، ان سان گڏ سوپاريون ۽ ڦوٽن واري ڳوٿري ۽ رومال به ڏيندا آهن، جو رومال ۽ ڳوٿري ذري گهٽ گهوٽ جي رومال ۽ ڳوٿري  جهڙو ئي شاندار ٿيندو آهي. اهنر کي گهوٽ جي حفاظت لاءِ ترار يا خنجر هٿ ۾ هميشه رهندو آهي. پوءِ گهوٽ جون مائيٽياڻيون به گهورون گهورينديون آهن. ۽ گهوٽ سرگس لاءِ ويندو آهي. ٻاهر اڳ ۾ ئي گهوڙو سازيل تيار بيٺو هوندو آهي. ڳائڻان، ناچو، دهل شرنايون سڀ تيار هوندا آهن. گهوٽ جو ڀاءُ يا چاچو يا ڪو ٻيو ويجهو عزيز، سونا يا روپا ڦل، پئسا، آنا جيڪي پڄي سگهن سي گهوٽ جي مٿان اڇليندو هلندو آهي. ائين گهوٽ اچي سرگس واري گهوڙي تي چڙهيندو ان مهل گهڻو ڪري زالون هي ڳيچ ڳائينديون آهن.

چڙ هه خان خوشيءَ مان.... جيئين لاڏا پير رڪيب ۾ پاءِ.....
ارڏڙي ٻانهن وراءِ .... جيئين لاڏا لونگڙيءَ پاند رلاءِ ...
منهنجا البيلا ماڻي آءُ مومل .............

پوءِ سر گشت اڳتي هلندو جي ڪنوار گهر جي گهر ۾ هوندي ته گهوٽ کي مسيت جو يا ڪنهن ڀر واري وليءَ جي روضي جو ديدار ڪرائي واپس آڻيندا، جي ڪنوار ڪجهه پري هوندي ته اوڏانهن ويندا. رستي ۾ سڄي واٽ ڳائڻ وڄائڻ هل هو چر يا پئسا اکا اُڇلائڻ جي ڌم لڳي پئي هوندي اهي تان جو گهوٽ اچي ڪنواريتن ۾ لهندو. ڄڃ کي ماني مڙي کارائي پوءِ سوَڻ شروع ڪندا آهن، جي ويندي صبح تائين هلندا آهن.

ساهري گهر اچڻ سان پهرين پهرين گهوٽ کي مينديءِ جو سوَڻ ڪندا آهن، سو هيئن جو ڪنواريتي گهران زالون ڀڳل ميندي ڍَڪي ٺاهي ڳائينديون وڄائينديون کڻي اينديون گهوٽ وٽ. ان مينديءَ مان گهوٽ جا عزيز گهوٽ کي ٿوري ٿوري ميندي واري سان لائيندا. پوءِ وري باقي ميندي زالون ڳائينديون کڻي وينديون وڃي ڪنوار کي لائينديون. ان مينديءَ جي سوَڻ تي زالون گهڻو ڪري هيءُ لاڏو ڳائينديون آهي.

گهوٽ سان گڏ ڪنوار کي هلي لال ميندي لائيو..........
اَ سونارا سون وارا سون جي دهري جڙي...............
سا ته پائينديس لال ڪنوار کي هلي لال ميندي لائيو...........

ائين ميندي جو سوَڻ پورو ٿيندو. وري ڪجهه دير سهي ساهراڻي گهران ڪُٽي ٺهي ايندي. اها ڪٽي به انهيءَ شان مانَ سان ايندي، جيئن ميندي آئي هئي. ان ڪٽيءَ جي سوَڻ مهل زالون گهڻو ڪري هي لاڏو چونديون آهن.

عطر ۾ موهيو.... چندن ۾ موهيو.... عطر ۾ موهيو ....
ساهري گهر آيو لاڏلا بني کي عطر ۾ موهيو،..........

ان کان پوءِ، جهلي ايندي گهوٽ تي. ڪجهه وقت ته ترسي. گهوٽ دُهلن سان ايندو ساهري گهر ۾ کاري جي سوَڻ تي. گهوٽ سان اهنر به گڏ  هوندو هي. کاري جو سوَڻ زالون هيئن ڪنديون آهن جو اڱڻ ۾ هڪ کارو اونڌو ڪري رکنديون آهن. ان کاري جي هيٺيان ٺڪر جو ڏيئو ٻاري ڇڏينديون. آهن. پوءِ ان کاري تي گهوٽ کي ويهارينديون آهن. پوءِ مهريءَ جو مٿو ملائي اُن کير ۽ تيل مان ٻوڙي گهوٽ جي مٿي، ڪلهن ، هٿن ۽ گوڏن تي واري واري سان لائينديون به وينديون آهن ۽ هيئن به ڳائينديون وينديون آهن:

منڌيءَ ولوڙو................. ساڄن مليئڙو..... جيئين لاڏا...........
مٿي تي ڇو مان ڇومان.... ڪلهن تي ڇومان ڇو مان.............
هٿن تي ڇومان  ڇومان......گوڏن تي ڇومان ڇومان...............

انهيءَ کاري جي سوَڻ کان پوءِ گهوٽ ۽ اهنر ٻئي دهلن سان وري ايندا ٻاهر ساهراڻي اوطاق تي. ائين کاري جو سوڻ پورو ٿيندو. وري ڪجهه وقت ترسي گهوٽ ۽ اهنر دهلن سان ايندا ڍڪڻ جي سوَن تي. زالون ڇا ڪنديون آهن جو ٻه ڏيئا اڱڻ ۾ جدا جدا ٻاري انهن جي چوڌاري ننڍڙا ڪَچا ڪَچا ڀتر رکي، انهن جي مٿان ڪورا ڍڪڻ ڏئي ڇڏينديون آهن . گهوٽ ۽ اهنر ايندو ته پهرين گهوٽ کي چونديون ته تون هڪ ئي لت سان ڍڪڻ ڀڃ. گهوٽ کي اهو ڍڪڻ هڪ ئي لت سان ڀڃڻو آهي. جڏهن گهوٽ ڍڪڻ ڀڃيندو، تڏهن وري ڪنوار جي طرفان ٻيو ڍڪڻ اهنر ڀڃيندو. ائين اهو ڍڪڻ وارو سوَڻ پورو ٿيندو ۽ وري گهوٽ ۽ اهنر دهلن شرناين سان ٻاهر ايندا آهن.

ڪجهه وقت رکي وري زالون گهڙولڙي ڀرڻ وينديون آهن. سو هيئن جو ڪنوار جي ڀيڻ ۽ گهوٽ جي ڀيڻ دَهلن ڌمرن سان ٻه گهڙولڙيون کڻي اهنر ساڻ ڪري وينديون تڙ تي، زالون ڳائينديون هلنديون. پوءِ ٻئي گهڙولڙيون ڀري اينديون، انهن جي  مٿان اهنر ترار يا خنجر ساڻ ٻه ڪَنڊيءَ جون سايون ٽاريون وڍي رکندو آهي. ان گهوڙولڙي ڀرڻ مهل گهڻو ڪري زالون راڳ چونديون آهن:

واه واه گهڙولڙي ڀرنديئان..........................
مئين تان ڀرندي آن، مئين تان ڀرندي آن........
مئين ڏيک ابل ڪون ٺرندي آن....................
واه واه  گهڙولوڙي ڀرندي آن. ...............

آسر جو جڏهن زالون اها گهڙولڙي ڳائينديون آهن، تڏهن هڪ ته اسر جو وقت ٻيو وائي، ٽيون سر مٺو، بس ٻڌڻ وارن جا سريڙ کڙا ٿيو وڃن. ڪي زالون وري گهڙولڙي هئين به چونديون آهن:

گهڙ گهڙولي سايان دي جهولي....
وڄندي واڄيان دي نال........
سايي سويي دي نال ......
 ڀلا تيڏي ڀيڻ ڀري گهڙولڙي الا.........

پوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار ان مان وضو ڪندا آهن، ٻهراڙين ۾ ته انهن گهڙين سان گهوٽ وهجندا به آهن، پوءِ ساهراڻان ڪپڙا، مليل ڪپڙا منڊيءَ سوڌا پائيندا آهن، پوءِ نڪاح پڙهبو آهي جنهن ۾ڪنوار جي رضامندي لاءِ ٻه شاهد موڪليندا آهن، جي وڃي پڇي ايندا آهن ته فلاڻون پٽ فلاڻي جو توکي هيتري ڪي  هيتري حق مهر تي قبول آهي. ائين ٽي دفعا پڇي جڏهن ڪنوار هاڪار ڪندي آهي، تڏهن ايندا ٻاهر. پوءِ مُلو مقرر ڪيل مهر تي نڪاح پڙهندو. نڪاح پڙهجڻ کان پوءِ مبارڪون مبارڪون ٿي وينديون، پوءِ نڪاح جون کارڪون ورهائيندا، پوءِ گهوٽ عزيزن سان دهلن شرناين سان ايندو ڪنواريتي گهر سيج تي لائن لاءِ گهر جي دروازي وٽ گهوٽ جي ڀيڻ بيٺي هوندي اها گهوٽ جي پير جي چيچ ۾ ۽ هٿ اڀو ڪرائي ان تي چيچ ۾ ست تندون ڪچي سٽ جون ڏائيندي. پوءِ گهوٽ کي چوندي ته اڃا هٿ اڀو ڪري، ڇن ۽ گهوٽ ائين ڪري اهي تندون ٽوڙيندو. پوءِ جيئن گهوٽ جاءِ ۾“ اندر ايندو، تيئن سندس ڀيڻ کيس مٿي تي پلوُ ڏيندي ۽ وٺي اچي سيج تي ويهارينديس ، جتي ڪنوار اڳ ۾ ئي گونگهٽ ڪڍيو ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺي هوندي آهي. جيڏي مهل گهوٽ لائن لاءِ سيج تي ايندو آهي، تيڏي مهل گهڻو ڪري هي راڳ چوندون آهن:

لاوان دي ويلي لاڏل آيا.....
سا ٺري لاڏل تيڏي ماءُ.............
لاوان دي ويلي بنا آيا...................... 

ڪنوار کي وري سندس ڀيڻ پلوُ ڏيو ويٺي هوندي آهي. پوءِ گهوٽ ڪنوار جي ٻُٽ جي پلو تي ٻه رڪعتون نماز  شڪرانه پڙهندو آهي، پوءِ ڪنوار جي سامهون ٿي ويهندو لائن لاءِ. پوءِ گهوٽ جي ڀيڻ ڇا ڪندي، جو ڪنوار جي ٻُٽ ۽ گهوٽ جي لونگيءَ جا پلوَ ٻڌي ڇڏيندي آهي جا پوءِ لاڳ ملڻ تي ڇوڙيندي آهي. لاڳ ۾ ڪو- ڪي ڳهه باسين ڪي مينهن يا ڍڳي يا جيڪو سري سگهي. نماز پڙهڻ مهل زالون گهڻو ڪري هي راڳ چونديون آهن:

ابا توسان هامي حضرت پير...........
لاڏا توسا ساڻي شاهنشاه..............
اباتون نينهن نماز سان لاءِ .............
لاڏا تون منهن مصاف (مصحف) ۾ پاءِ.....

پوءِ گهوٽ جو مرشد يا پيءُ يا ڪو وڏو پهرين لاؤن  ڏيندو، يعني ڪنوار ۽ گهوٽ جا مٿا ٻه دفعا پاڻ ۾ ملائيندو، ان کان پوءِ ٻيا عزيز به واري واري سان ائين لاؤن ڏيندا ويندا. ان مهل  زالون هي راڳ چونديون آهن.

پهرڙي لانو .... چنڊ ٻاولي .... ٻاٻل ڌيءَ ڪنوار....
چمڪندي نوري .... چٽڙي چوڙي .... ٻاٻل ڌيءَ ڪنوار....
اسان هاڻ ڏٺو .... ساجن سيج چڙهيو ....

ائين لائن پوري ٿيڻ کان پوءِ باقي زالون سوڻ ڪنديون  آهن. مرد ٻاهر ويندا آهن. لائن کان پوءِ پهرين گل چونڊائيندا آهن. سي هيئن جو ڪپهه جي پوڻي کڻي، ان جا ذرا ذرا ڪندا  ڪنوار جي مٿي تي ڇڏيندا ويندا، ۽ گهوٽ کي چوندا  ته جلد چونڊ. ائين اها ڪپهه گهوٽ چونڊيندو ويندو. وري ساڳيءَ طرح سان ڪنوار کان به  ائين گل چونڊائينديون آهن. اُن مهل گهڻو ڪري هي راڳ چونديون آهن:

ڦل به چڻندو ........ لاوان به لهندو ........
ڏاڏي پوٽي دي نال.... ميڏا اصل دخالي لاڏلا ....

انهيءَ سوڻ کان پوءِ تر مئائيندا آهن، سي هيئن جو ڪنهن ٿالهه ۾ کنڊ، چانور، ۽ کارڪون ملائي آڻي  گهوٽ ۽  ڪنوار جي وچ ۾ رکندا، پوءِ چوندا ته گهوٽ ٻڪ ڀري ڪنوار جي ٻڪ ۾ڏئي ۽  ڪنوار  ٻڪ ڀري گهوٽ جي ٻڪ ۾ڏئي. پوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار  ائين ڪندا آهن. ان مهل  گهڻو ڪري زالون بنان  سر جي هيئن چونديون آهن:

جيترا تر مئيندو. اوترا پٽ ڄڻيندو.

ائين هر هر پيون چونديون. پوءِ وري کارڪ ڇڏرائينديون. سو هيئن جو ڪنوار کي مٺ ۾ کارڪ ڏيئي چونديون زُور سان جهل‘ ۽ گهوٽ کي چونديون ته ’هاڻ ڇڏاءِ.‘ ان مهل  ڪنوار ڊپ مان کارڪ کي زور سان جهليندي آهي، ۽ گهوٽ جو ڦڪائيءَ کان زور ڪونه لڳندو آهي، پر آخر  ڇڪتاڻ ۾  ڪنوار ويچاري کڻي هٿ ڍرو ڪندي آهي، ۽گهوٽ کارڪ ڇڏائي ويندو آهي. پوءِ قرآن ۾ منهن ڏيکاريندا آهن. سو  هيئن؛ جو ڪنوار جي گوڏن تي کليل قرآن شر يف  رکندا آهن. ڪنوار کي به چوندا آهن ته ’ قرآن ۾ ڏس ‘؛ ۽ گهوٽ کي به. پوءِ وري آرسيءَ ۾ منهن ڏيکاريندا آهن. اهو به ساڳيو انهيءَ نموني ۾. قرآن جي  بدران ڪنوار جي گوڏن تي آرسي رکندا آهن. ڪنوار آرسيءَ ۾ ڏسندي آهي ۽ گهوٽ به ائين ايترين  تڪليفن  کان پوءِ، گهوٽ مس مس ڪنوار جو منهن ڏسندو آهي،  سوبه آرسيءَ ۾. پر جي اتفاق سان گهوٽ مٿي ڏٺو ته ٺڪا ٿي وينديس ساليءَ جي چماٽ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org