سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي مدنيت

باب؛ --

صفحو ؛ 9

 

زبانون

ماهر لسانيت سنڌي زبان جي قدامت جي مسئلي تي اڃا تائين حل نه ڪري سگهيا آهن، ان ڪري چئي نٿو سگهجي ته سنڌ ۾ سنڌي زبان ڪڏهن کان وٺي رائج هئي. بهر حال، ڪي اهڙا مضبوط قياس ضرور آهن، جن جي بنا تي سنڌي زبان جي قدامت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

هيءَ هڪ مڃيل ڳالهه آهي، ته جڏهن کان وٺي سنڌ مان وهندڙ درياءَ کي ”سنڌو درياءُ“ سڏيو ويو، يا جڏهن کان وٺي هن ملڪ ” سنڌ“ جي نالي سان پڪاريو ويو. تڏهن کان هن ملڪ کي، جي ماڻهن ۽ سندن زبان کي سنڌي سڏيو ويو. ادبي تاريخون انهيءَ مسئلي ۾ به خاموش آهن، ته هن ملڪ کي ڪڏهن کان سنڌ ۽ هن درياءَ کي ڪڏهن کان سنڌو سڏيو ويو.

البت هڪ دليل اسان جي سامهون آهي، جنهن مان اهو اندازو ضرور لڳائي سگهجي ٿو ته هن ملڪ کي قبل مسيح به سنڌ ئي سڏيندا هئا. سنسڪرت ۾ لکيل والميڪ جي ”رامائڻ“ هي هڪ شبد ۾ جيڪو ايوڌيا ڪانڊ ۾ ڏنل آهي، ڄاڻايل آهي ته رام پنهنجي حڪومت جون حدون ڄاڻائيندي چيو:

دراوڙاه سنڌ سو ويراه سو راشٽرد کڻيان پٿا
ونگا ونگ مگڌا متسيا، سمرڌا ڪاشي ڪوسلا.

يعني رام چوي ٿو ته منهنجي حڪومت ۾ سنڌ ملڪ به اچي وڃي ٿو.

انهيءَ مان ظاهر آهي، ته رام جي دورِ حڪومت ۾ به سنڌ ملڪ جو وجود هو. جي ان وقت سنڌ جو ملڪ وجود ۾ هو ته پوءِ لازمي امر آهي ته ان ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ سندن زبان کي به ”سنڌي، جي نالي سان سڏيو ويندو هوندو.

لساني ماهرن جي عام راءِ آهي ته سنڌي زبان سنسڪرت جي هڪ لهجي مان واضح ٿيل آهي ۽ سنسڪرت دارا جي حملي وقت به رائج هئي. دارا جي حملي سان سنسڪرت به ڪمزور پئجي وئي، ۽ اهو وجهه وٺي پالي زبان وجود ۾ آئي. جنهن جو باني گوتم ٻڌ چيو وڃي ٿو.

ادبي تاريخون هن ڳالهه تي متفق آهن ته پاليءَ کانپوءِ سنسڪرت زبان مان ڪيترائي لهجا بنيا. سنڌي زبان به انهن لهجن جي هڪ لهجي مان واضح ٿي آئي. دارا جي حملي کان پوءِ سڪندر ڪاهيو ۽ سڪندر جي ڪاهه کان وٺي اسلام جي اچڻ تائين سنڌي زبان جو ڪو خاص تذڪرو نٿو ملي.

اسلام جي اچڻکان پوءِ سنڌ ۾ عربن جي آمدورفت شروع ٿي، ۽ محمد بن قاسم جي ڪاهه کان پوءِ اٽڪل ٽن صدين تائين عربن جي تسلط ۾ رهي. انهيءَ زماني ۾ سنڌي زبان کي اُسرڻ جو موقعو مليو ۽ عربيءَ جو سهارو وٺي طفل زبان پير پير کڻڻ لڳو. ٽن سون سالن جي عربن جي تسلط ختم ٿيڻ سان سنڌ جو ملڪ خانه جنگين جو ميدان بنجي ويو. عام تاريخون ٻڌائين ٿيون ته اهو سلسلو اٽڪل ساڍيون ڇهه صديون هليو. انهيءَ وچ ۾ سنڌي زبان جي سڌرڻ جي نوبت ئي نه آئي. ادبي تاريخن ۾ انهيءَ دور کانپوءِ جو ذڪر چڱيءَ طرح سان ملي ٿو.

ادبي تاريخن ۾ جڏهن کان سنڌي زبان جو ذڪر نمايان طور تي ملي ٿو، تڏهن کان سنڌي زبان جي ڪُکِ مان نڪتل لهجن جو بيان به ملي ٿو. اهي لهجا آهن لاسي ۽ ڍاٽڪي وغيره.

جتي لسانيت جي ماهرن سنڌي زبان جي ارتقا جو ذڪر ڪيو آهي، اتي آخر ۾ سنڌ جي اطراف ۾ مروج لهجن جو بيان به ڪيو اٿن، پر ان کان پوءِ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪي اهڙا لهجا رهيل نظر اچن ٿا، جن کي پنهنجي ڪابه ڪتابت يا ادبي ذخيرو نه آهي. انڪري اهي لهجا ڏينهون ڏينهن مسخ ٿيندي، سنڌيءَ ۾ مدغم ٿي رهيا آهن. ٿي سگهي ٿو ته نئين صديءَ اچڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجو وجود وڃائي ڇڏين، جيئن شيدڪو لهجو بلڪل معدوم ٿي چڪو آهي. ڪي جهونا ڪجهه وساري چڪا آهن. انهن لهجن مان خاص لهجا آهن: جَتڪو لهجو، اوڏڪو ۽ شيدڪو لهجو.

ٿي سگهي ٿو ته لسانيت جا ماهر انهن لهجن کي سنڌي لهجن ۾ شمار نه ڪن، مگر هن ڳالهه کان هرگز انڪار نٿو ڪري سگهجي، ته اهي لهجا به سنڌ جي سرزمين تي استعمال ڪيا وڃن ٿا، سرائڪي، بلوچي ۽ بروهڪي به لهجا آهن، مگر اهي لهجا ڳالهائڻ وارن جي گهڻائيءَ جي ڪري اڃا تائين محفوظ آهن. هن باب ۾ انهن لهجن جو ذڪر ڪيو ويندو،جيڪي ڪجهه زمانو اڳ مروج هئا، پر هاڻي معدوم ٿيندا ٿا وڃن.

جتڪي لهجو: جَتڪي زبان، سنڌ جي قديم ترين زبان آهي ۽  انهيءَ زبان تي به فارسي زبان جو اثر نظر اچي ٿو، جيئن ته جت اُٺين جي کير کي ڄمائڻ کانپوءِ دوڳ چوندا آهن جيڪو فارسي جي لفظ دوغ مان نڪتل آهي. ائين ڪيترائي اهڙا فارسي نڙاد لفظ ملن ٿا.

جت قوم سنڌ جي ڏاکڻئين حصي ۾گهڻي رهي ٿي. خاص ڪري شاه بندر ۽ ڪيٽيءَ ڏي جت ڪثرت سان رهن ٿا. قديم زماني کان سندن ڪم هوندو هو قافلن کي اُٺ مهيا ڪري ڏيڻ، پوءِ اهي اُٺ ڀاڙي تي هجن يا خريد، ۽ قافلن وارن جو سامان اُٺن تي لڏڻ ۽ لاهڻ، اهي جت قافلن سان گڏ ڏورانهن سفرن تي ويندا هئا، نه صرف سنڌ تائين، بلڪ سنڌ کان ٻاهر به ويندا هئا. ان ڪري سنڌي زبان تي جتڪي زباند جو اثر گهڻو ٿي پيو. شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ به جتڪي زبان جا لفظ ڪثرت سان ڪم آيل آهن. مثلاً: ليڙا، ڏاگها، توڏا، وغيره، تيلانهن، جيلانهن، پانهن، وغيره ان کان سواءِ شاهه لطيف جا ڪيترائي بيت جتڪي زبان ۾ به چيل آهن، جن مان هڪ بيت هي به آهي:

واچان واچان ڪريڻ واچڻ جي وائي،
هوڃڻ جي هل تي مڙهياس ڙي مائي،
ماڪ ڪل نه ٻي ڪائي،ماڻهو هئون هوت هڻي وها.

_لطيف

جيتوڻيڪ اهو بيت اڃا به اڻپورو چيو وڃي ٿو، ته به سڄو جتڪي زبان ۾ آهي. شاهه لطيف سنڌ جي قديم سنڌي ۾ ڪلام چيو آهي ۽ ان وقت جي جتڪي زبان ۾ هاڻوڪي جتڪي زبان ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي. ان مان ثابت آهي ته سنڌ جو هي هڪ اهڙو لهجو آهي، جنهن تي ٻين زبانن ۽ وقت جو اثر تمام گهٽ ٿو ٿئي.

جتڪي زبان ۾ جي ڪنهن کان پجي ته تنهنجو ڳوٺ ڪٿي آهي، ته هيئن پڇبو ته :

تون هون ڳينهن کزي هز.

وري جي پڇجي  ته تنهنجو نالو ڇا آهي ته چئبو:

تون هونان کاڙو هز.

ائين هتي ڪي سوال يا جملا جتڪي زبان جا ڏجن ٿا:

(سنڌي _ جتڪي )

ڳوٺ هلين ٿو؟ اجو واچينس تو ڳينهن تي؟

تنهنجو ڇوڪرو ڪٿي آهي؟تون هون گهيٽ کزي هز؟

هو سوڙ کڻي ويا هو بوف پاڙي وها.

ماني کائيندين؟ اولڻي اولين ٿو؟

تون ڪير آهين؟ اتون ڪاهو هز؟

ٿانوَ کڻي وڃرزاڻ پاڙي وڃ

مون کي پاڻي پيارماڪ پاڻي ڪڙهاءِ، وغيره وغيره

هن لهجي متعلق نقل به ڪندا آهن ته اڪبر بادشاهه چيو بيربل کي ته وڃي سڀ ٻوليون سکي اچ، ڪجهه وقت کان پوءِ بيربل آيو. اڪبر پڇيس ته ٻوليون سکي آئين ته بيربل چيس ته ها. جڏهن اڪبر پڇيس ته ”ڀلا جتڪي ٻولي ته ٻڌاءِ“ بيربل هڪ دٻي ۾ ٺڪريون وجهي اچي کڙڪائڻ لڳو. بادشاهه پڇيس ته هي ڇا ٿو ڪرين؟ جواب ڏنائين ته ”سائين، اها جتڪي ٻولي ٿو ٻڌايان! ڇو جو جتڪي ٻولي آهي، دٻي ۾ ٺڪريون.“

جتڪي زبان اڄڪلهه به عام طرح سان رائج آهي. انهيءَ زبان ڳالهائڻ وارا گهڻو ڪري جت ئي آهن، جيڪي مير جت ۽ بعض حاجاڻان به سڏبا آهن. ڪيٽي شاهه بندر ڏي اڄ به جت اُٺن جا وڳ پهرايو وتن.

هن باب ۾ جتن جي ڪم جي باري ۾ ڪجهه لکڻ بيجا نه ٿيندو. اڳي جڏهن جت گهڻن واپارين جو مال اٺن تي لڏي هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏي ڏيندا هئا، تڏهن هو اٺن ڏاڍو سينگاريندا هئا، اٺن کي ڏاڍا چڙا، ڇيريون ٻڌندا هئا، منهن جي ڳلکوڙ، تن ۾ ڪوڏ، موتي ۽ ٽؤنر هوندا هئا سي وجهندا هئا. اُٺ کي نٿون بهترين نموني جون وجهندا هئا، سواريءَ وارن مهري اٺن تي گاشا وجهي پاکڙا يا ڪجاوا رکندا هئا، لاڏو اٺن تي پلاڻ رکندا هئا، جي ڪنهن اُٺ تي ڪجهه به نه هوندو هو ته گهٽ ۾ گهٽ جت جي ويهڻ لاءِ ٻڙهو ضرور ٻڌل هوندو هو. ڪن اٺن کي ڳچين ۾ ٿائت به ٻڌندا هئا ۽ رڪيبن وٽان ڪاريءَ ڏاس جا ڊگها پٽا تن ۾ ڪارا ٽؤنر هڻي ڇڏيندا هئا. اُٺن جي اڳين گوڏن ۾ ڇيريون ٻڌندا آهن، پوءِ اُٺن کي قطار ۾ ٻڌي ڇڏيندا آهن، چڙا ۽ ڇيريون هن ڪري اُٺن ۾ ٻڌندا آهن ته ڪو چور قطار  مان پويان اٺ نه ڇوڙي وڃي، چڙا وڄندا رهندا ته جت کي پڪ هوندي آهي ته اٺ سڀ هلن پيا، پر جتن جي غفلت جو فائدو وٺي ڪي سدا ملوڪ چور، چڙن کي پٽي، قطار مان ائين اٺ کسڪائي ويندا آهن جو جتن کي پتو به ڪونه پوي ته اٺ الاجي ڪيڏيءَ مهل قطار مان ڇڙي ويو.

جڏهن اٺ ڊگهي قطار ۾ هلندا آهن، تڏهن واهن، پٽن ۽ جبلن ۾ هڪ خاص منظر پيدا ڪندا آهن، ۽ وري سندن ڇيرين جو آواز چڙن جي آواز سان گڏجي هڪ عجيب موسيقي پيدا ڪندو آهي. ساڳئي وقت اٺ پنهنجي هڪ ئي چال هلڻ سان هڪ متوازن تال پيدا ڪندو آهي، جنهن تي جت لوڙائو يا بيت ڏيندا آهن. اهي لوڙائو يا بيت عربيءَ جي حدي خواني جي مثال آهن، ۽ انهن ئي اُٺن جي تال تي سنڌ جي مشهور ساز، نڙ  نڙ جا لهڙا ٺاهيا ويا. ڇو جو ڪنهن ڪچهريءَ ۾ اٺن جا وڳ ۽ قطارون ڪٿان اچن جن جي ڇيرين جي ۽ چڙن جي آواز تي ڪو تال پيدا ٿئي ۽ انهن تي ڪو بيت چوي. ان ڪري جتن ئي پهرين ڪنگور جو  نڙ  ايجاد ڪيو، جنهن کي هو قافلي جي ترسڻ وقت اٺن جي قوت مهيا ڪرڻ کان پوءِ رات جو ڪچهرين ۾ ويهي وڄائيندا هئا ۽ بيت ڏيندا هئا. ان مان سندن هيءَ به مراد هوندي هئي ته چورن ڦورن جي حملن کان کين سجاڳي هجي ۽ چور به هنن کي جاڳيندو ڏسي، ڪنهن وهٽ ڇوڙڻ يا مال کڻڻ جي جرات نه ڪندا هئا.

جي قطار رات جو ڪاهيندا هئا ته به لوڙاؤ يا بيت ڏيندا هئا. جي قطار جو ڪو اُٺ سست رفتار هوندو آهي ته جت انهيءَ کي تڪڙي هلائڻ لاءِ هونگر يا هونگارو ڏيندا آهن. هونگاري سان اُٺ تيز هلندو آهي. ساڳيءَ طرح سان جڏهن قطار ۾ ڪو جت، اٺن جي ڇيرين ۽ چڙن جي آواز تي بيت يا لوڙاؤ ڏيندو آهي ته بيت جي آخري سٽ کان پوءِ اٺن تي ويٺل سڀ جت هونگارو جهلائيندا آهن، يعين ها ڪري انهيءَ جت جي سُر سان سُر ملائيندا آهن. انهيءَ هونگاري جهلائڻ جو هڪ مطلب هي هوندو آهي ته لوڙاؤ ڏيڻ واري کي هونگاري ختم ٿيڻ تائين ساهي ملي ويندي آهي، ته هو وري انهيءَ بيت جي آخري سٽ چوي. ٻيو مقصد هي حل ٿيندو آهي ته جيڪي اُٺ سست رفتار هوندا آهن، انهن جي رفتار ۾ هونگاري سان تيزي اچي ويندي آهي، ٽيون هي ته خبر پئجي ويندي آهي ته اٺن تي ويٺل جت ننڊ ۾ غافل ته نه ٿي ويا آهن. جي ڪو جت ننڊ ۾ به هوندو آهي ته هونگاري مهل سندس اک هونگاري جي آواز تي کلي ويندي آهي. نڙ ۾ به انهيءَ هونگاري کي روا رکيو ويو، جنهن جو ذڪر اڳتي سنڌ جي سازن جي باب ۾ ٿيندو.

سنڌي زبان ۾ ائين اٺن جي باري ۾ڪيترائي لفظ ڪم اچن ٿا، جيڪي اصل ملڪيت جتڪي زبان جا آهن، مگر مستعمل سنڌي زبان ۾ به آهن.

تحقيق مان هي به ثابت ٿي چڪو آهي، ته جت ايران جي بندر عباس واري حصي ۾ به رهن ٿا ۽ قديم ايراني آهن. سندن زبان به فارسي آهي، مگر اها ذات سنڌ ۾ به آهي. ايراني پراڻڻ ترانن ۾ خود جتن جو ذڪر ملي ٿو، مثال ۾ راقم الحروف کي هي هڪ ايراني ملي ترانو هٿ آيو آهي، جيڪوو جتن جي باري ۾ آهي، سو آهي:

جتا جت زاده و جت مهر بونم

فارسي ادبي لغت ۾ لکيل آهي تهجت هڪ قبيلو آهي، جيڪو بندر عباس وٽ رهي ٿو.

شِيدڪي: سنڌ جي شيدين کي به هڪ پنهنجي زبان هوندي هئي. انهيءَ جو ذڪر بيجا نه ٿيندو. شيدڪي قوم اصل آفريڪا جي آهي،مگر سندن سنڌ ۾ اچڻ جي صحيح تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. البت ميرن جي صاحبيءَ کان سندن تذڪره ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. آفريڪا مان اچڻ سان هن قوم به پاڻ سان پنهنجي آبائي زبان آندي،مگر اها زبان هتي رواج ۾ نه اچي سگهي. ان ڪري جن ماڻهن اها ٻولي پاڻ سان آندي هئي، اهي ئي ڳالهائيندا رهيا، انهن جو پونير سنڌي زبان سان واهپو رکيو، ان ڪري اها زبان آهستي آهستي ختم ٿي وئي. ها، ڪن چند شيدين ۾اها زبان البت هلي، راقم الحروف خود هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان ملاقات ڪئي، جنهن کي اها زبان ايندي هئي، مگر جيئن ته ساڻس اها زبان ڳالهائڻ وارو ڪو باقي نه بچيو هو ان ڪري اها زبان بيڪار ٿي معلوم ٿي. سنڌ جي هن قوم جون ٻه مکيه ذاتيون آهن گڊن کان سواءِ هڪڙا مڪوا ۽ ٻيا مڙيمان. انهن ٻنهي ذاتين جي شيدين پاڻ سان گڏ نه صرف زبان آندي، بلڪه ساز- ناچ ۽ راڳ به آندا.

هي قوم شروعات کان ئي خدمتگار ٿي رهي، ان ڪري اميرن جون دلپسند ڳالهيون هن قوم ۾ گهڻو ڪري رهيون، مثلاً: نقل ڪرڻ، ڳالهيون کڻڻ، چرچا مسخريون ڪرڻ،نچڻ ڳائڻ ان کان سواءِ شيدي ٽاپرو به سٺا هوندا آهن. هن زماني ۾ ته ڪي ڪي شيدي نقارن وڄائڻ جا به سدا ملوڪ ٿي گذريا آهن. البته شڪار ۾ سند لطيفا وڌيڪ مشهور آهن.

شيدين پاڻ سان هن ملڪ ۾ ڌمر آندو، جنهن جو سنڌ جي سازن ۾ ذڪر ڪيو ويندو. راڳن ۾ هن قوم جو مشهور راڳ آهي موائي، موايون شيدن کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيو ڪوبه ڪونه چوي، مگر اڄڪلهه هي حال آهي جو هڪ ته موايون ڪن ڪن شيدين کي اچن ۽ ٻيو ته جي شيدي اهي موايون چون ته به کين سمجهه ۾ نه اينديون ته انهن جو مطلب ڇا آهي ۽ مواين جو ذڪر به انشاءَالله سنڌ جي عوامي گيتن جي باب ۾ ڪيو ويندو. باقي رهي زبان ان لاءِ راقم الحروف کي گهڻي ڪوششن کان پوءِ جيڪي ڪجهه هٿ آيو آهي، ان جو ذڪر جدا جدا هنڌن تي ڪيو ويندو. راقم الحروف ڪافي ڪاوش کانپوءِ هڪ اهڙي شيديءَ کي هٿ ڪيو، جنهن کي ڪجهه شيدڪي ٻولي ايندي هئي، انهيءَ شيدڪي زبان ۾ هن بار بار ٻوانا جو اکر استعمال پئي ڪيو، جنهن جي معنيٰ پڇڻ تي معلوم ٿيو ته اهو لفظ سائين يا صاحب جي لاءِ ڪم ايندو آهي. راقم الحروف کي فوراََ ياد آيو ته اهو لفظ آفريڪا ۾ شيدي استعمال ڪندا آهن، مگر اتي ٻوانا جي بدران بئانا چون، جنهن جو مطلب ساڳيو آهي. وري اهو به معلوم ٿيو ته آفريڪا ۾ عربن جي اچڻ جي ڪري شيدڪي زبان ۾ ڪافي تبديلي اچي وئي، جيئن هن شيديءَ ٻڌايو ته شيدڪي زبان ۾ مڇيءَ کي سماڪي چوندا آهن ۽ برابر عربي زبان ۾ مڇي کي سملڪ (سمڪ) چوندا آهن. شيدي پنهنجي زبان ۾ ڀيڻ کي ڊوگوء چون ۽ پاڻيءَ کي مائي. اهو لفط مائي به عربي آهي، جيڪو ماءُ معنيٰ پاڻيءَ مان نڪتل آهي.  جيڪڏهن شيدڪي زبان ۾ چوڻو هوندن ته ڀيڻ مڇي کڻي آ ته چوندا ڊوگو سماڪي اڙيٽي، اڙيٽي معنيٰ کڻي آ. ساڳيءَ طرح حقي يا چلم کي چون اپينگا، شينهن کي چون سيمبا. آفريڪا جا ڏها ، هڪ دوا شينهن کان پاڻ بچائڻ لاءِ ٺاهيندا آهن، جنهن کي سيمبا دوا چوندا آهن. سيمبا اکر شيدڪي زبان جو آهي، ۽ دوا عربي لفظ آهي. انهيءَ مان معلوم ٿو ٿئي ته هن زبان تي به عربي جو اثر تمام گهڻو ٿيو آهي. آفريڪا جا شيدي انهي سيمبا دوا کي گهاٽي جهنگ ۾ جتي اهو خوف هوندو اٿن ته شينهن ماري ويندا، اتي استعمال ڪندا آهن، ڇا ڪندا جو دوا جي پڙي کولي ترِءَ تي رکي، ان مان ڪجهه ناس وانگر نڪ ۾ڏيندا. ڪجهه وات ۾ ڪجهه بدن کي لائيندا ۽ باقي دوا ڦوڪ سان چئن ئي پاسي اڏائي ڇڏيندا. سندن چوڻ آهي ته ائين سيمبا دوا استعمال ڪرڻ کان پوءِ جهنگ ۾ شينهن جي وچ ۾ بي فڪر سمهي ننڊ ڪري سگهن ٿا، ڇا مجال جو ڪو شيهن کين ضرب رسائي. بهرحال  اهي آفريڪا جي شيدين جي مدنيت جون ڳالهيون آهن.

شيدڪي زبان هاڻي ڪالعدم ٿي وئي آهي، هاڻي اهو ممڪن ناهي ته هو اهو لهجو وري اڀري ۽ رائج ٿئي.

سنڌ ۾ مڙيمان شيدين جي اوچي ذات ليکي وڃي، هونءَ به جي ٻه شيدي پاڻ ۾ گڏيا ته هڪٻئي کي اوچي ذات سان سڏيندا. هتي شيدڪي زبان جا چند مڪالما درج ڪجن ٿا، ممڪن آهي ته هن کان پوءِ اهي فقرا به ڪالعدم ٿي وڃن.

فرض ڪريو هڪڙو شيدي ٻئي وٽ اچي ٿو ته اچڻ سان چوندو:

هڪ- سين به سيتيالسلام عليڪم

ٻيو- مالڪ سيتيوعليڪم السلام

هڪ- بانبو بانبوخوش آهين

ٻيو_ سئنا سئناهائو هائو

هڪ-منگ لو لو ٻيو ته خير آهي

ٻيو- مرابا مرابا مرحبا مرحبا

مڙيمان ٽوانڊي تيزاماشيدي ڪيڏي ٿو وڃين

هڪ- هنڊوڪي تيزامانهتي آيو آهيان

ٻيو- مڙيمان مڪاڍي بڪوٽي- شيدي ماني کائيندين

مڪاڊي بانئا- ماني آڻيان

هڪ- سئنا هائو

ٻيو-مڪاڊي بڪوٽي يا ڦونگا  ماني کائبي  يا ڀت

ڀوگ اڪونا گيما-ٻوڙ آهي ڪونه

هڪ- مڙيمان سموڙي بائناشيدي  ڏڌ کڻي اچ

ٻيو- سماڪي بائنامڇي آڻيان

هڪ – سئنا ها

اهو آهي شيدڪي زبان جو نمونو، جيڪا هاڻي رواج ۾ ناهي.

 

اوڏڪي:سنڌ ۾ خانه بدوش قومن جي ٻولين مان اوڏڪي به هڪ ٻولي آهي. اوڏڪي زبان تي ٿري ۽ هندي زبان جو اثر گهڻو آهي. هن زبان جو گرامر، هندي وياڪرڻ سان ڀيٽي سگهجي ٿو. اوڏڪي زبان ۽ هن ئي خطي جي اهڙي ٻي زبان چوهاڻڪي ۾ ٿورو ئي فرق آهي.

اوڏڪي قوم سنڌ جي قديم قوم آهي،جنهن جو هميشه کان مٽيءَ جي جاين ٺاهڻ جو پيشو رهيو آهي. اوڏ ئي اهڙا معمار آهن، جيڪي ٻين کي ته جايون ٺاهيو ڏين، مگر پاڻ پکن ۾ گذران ڪن. اوڏ هڪ موسم هڪ هنڌ گذريندا، اتي جي جاين جي مرمت ڪندا، نيون ڀتيون وجهندا اهو ڪم پورو ٿيو ته وري لڏو پٽي، ٻئي ڳوٺ ۾ ويندا آهن. هي قوم لاڙ پٽ ۾گهڻو رهي ٿي. هن قوم جو هڪ قصو مشهور آهي، جنهن ۾ مشهور لٺڙيو ڌاڙيل لاکو ڦلاڻي، اوڏن جي هڪ پاڙي ريٻاڙي جي ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو هو. انهيءَ قصي جو ذڪر عوامي قصن واري باب ۾ ڪيو ويندو.

اوڏ پنهنجو لڏو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين، گڏهن تي کڻن ۽ جتي وهن اتي ڀتين ٺاهڻ لاءِ مِٽي به گڏهن تي ڊوئين. مرد مٽي گڏين ۽ مئلبون شهليون ڀتيون کڻن ۽ عورتون گڏهن تي مِٽي آڻين. سنڌ جي مشهور گنب جي ڪَچن  قلعن جي بناوت ۾ اوڏ قوم جو گهڻو هٿ رهيو آهي.

شاهه عبداللطيف،لاکي ڦلاڻيءَ جي قصي جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو آهي. ان ۾ اوڏ ذات جي رهڻي ڪهڻي ۽ ڪم ڪار جو گهڻو ذڪر پڻ ڪيو اٿس. نه صرف ايترو، بلڪ سندن زبان ۾ به هڪ جاءِ تي فرمائي ٿو:

ريٻاڙڻ ريجهاءِ، لاکو لولاٽين سين،
سونو مان سنداءِ، مٺ مٽاتي ٺاڪرو.

هن بيت جي پڃاڙيءَ واري سٽ جون پورون اڌ ”مٺ مٽاتي ٺاڪرو“ اوڏڪي زبان۾چيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”مٺ تي ٺاڪر کي مَٽائين،؟

اوڏڪي ذات هندڪي آهي،مگر فرق صرف هيءُ آهي ته هندو مئل ماڻهو کي ساڙين، پر اوڏو پورين. اوڏن جي مردن جو ويس مسلمانڪي ويس جهڙو آهي، مگر زالن جو ويس پڙو،ڪنجري ۽ رئو ٿئي، مردن جانالا ڪٿي ڪٿي هندڪا لڳن، مثلاًََ: ڦوٽو، بصر ۽ لونگ، وغيره. ائين زالنجا نالا مسلمان ڪا به ٿين ته هندڪا به.

اوڏڪي ٻوليءَ جو به اڄ ڏينهن تائين ڪوبه مسستقل گرامر نه آهي ۽ نڪي ڪتابت ۾ آئي آهي. البت قديم زماني کان ڳالهائي وڃي ٿي. اوڏن جو ڪم آهي مٽيءَ ۽ گڏهن سان، هو گڏهه کي سڏين گڏها ۽ ماديءَ کي سڏين گڏ هئي. پر سندس لهجي ۾ هو گڏهه کي گاڙو سڏين. جيڪڏهن چوڻو هوندن ته: گڏهه ته گڏهه، ڪري ڇاٿو، ته چوندا ته ”گاڙو گاڙو ڪر سلا ڪاها، خالي پبلتي مرسلا اي“. وري جي عورتون، چونديون ته: تون گڏهه کي ڪاهي اچ، آءٌ ماني ٽڪر کايو ٿي اچان، ته چونديون ”ادي تون گاڙي نون ليدي آ مين، ٽڪوڀو کاتي آوان“. ٽڪو ڀو يعني ٽڪر  ڀور کايو ٿي اچان.

اوڏڪي قوم به هڪ قديم قوم آهي،جيڪا قديم زماني کان سنڌ ۾ رهندي آچي. هن قوم کي به زبان ۽ ريتون رسمون آهن. هن لهجي تي به ڪنهن زبان جو اثر نه پيو آهي.

مشهور لوڙهياڙ لاکي ڦلاڻيءَ لاءِ چوندا آهن ته هو ڪنهن اوڏڻ سان عشق ڪندو هو،هن اوڏن جي رسم و رواج کي ايترو ته پنهنجو ڪري ڇڏيو، جو سواري به گڏهه تي ڪندو هو. سندس سواريءَ جي گڏهه جو نالو ”لکي“ هو. شاهه لطيف به اهو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو آهي. فرمائي ٿو:

لاکو لکيءُ تي چڙهي، لکي لاکي هيٺ
سونهاريون سرڪيو ڀيري ٻڌي بيٺ،
ڪندو ڏمر ڏيٺ، صبح سان سڀڪيهن.

انهن خاص لهجن کان سواءِ بلوچي، سرائڪي، لاسي ڍاٽي وغيره، لهجا به عام آهن،مگر جيئن ته انهن لهجن جو ذڪر ڪم و پيش ادبي تاريخن ۾ موجود آهي، انڪري انهن عنوانن کي ترڪ ڪجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org