سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙ جا ماڳ مڪان

باب؛ 3

صفحو ؛ 5

 

باب ٽيون

ماڻڪاڻي ميرن سان لاڳاپيل برادريون

ماڻڪاڻي ميرن سان لاڳاپيل جيڪي برادريون هيون، انهن سڀني جو تذڪرو ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. البت جو ڪجهه مواد مليو آهي، اُهو ٻن حصن ۾ پيش ڪجي ٿو:

(الف) پهرئين حـصي ۾ انهن برادرين جو ذڪر آهي، جيڪي برادريون ميرن سان گڏ اچي ڪيٽين ۾ رهيون ۽ اڄ ڏينهن تائين اُتي رهيون پيون آهن. انهن برادرين مان: جوڻيجا، کوسا، لنڊ ۽ ملاح مکيه برادريون آهن.

(ب) ٻئي حـصي ۾ انهن برادرين جو بيان ڏنو ويو آهي، جن سان ماڻڪاڻي ميرن جا تمام گهاٽا لاڳاپا هئا. انهن مان: جيلاني پير، ٽالپر، فاروقي ۽ لغاري اهم برادريون آهن.

(الف) ڪيٽين ۾ رهندڙ برادريون:

هن وقت ڪيٽين جي ڪوٽ واري  جڳهه تي هڪ به گهر آباد نه آهي. چٻون ۽ چيها پيا گهارين، البت ڪيٽين جي ڪوٽ جي ڀرپاسي، کوسا، لـُـنڊ ۽ جوڻيجا رهن ٿا. جوڻيجا ڪيٽين جي ڏکڻ مان، کوسا ۽ لـُـنڊ ڪيٽين جي ڪوٽ جي اولهه ۽ ڏکڻ کان رهن ٿا. جوڻيجن کان اُڀرندي ڪجهه گهر ملاحن جا پڻ آباد آهن. ڪيٽين جو جهنگ مذڪوره برادرين جي دم سان آباد آهي. انهيءَ جا گهاٽا وڻ جوڻيجن، کوسن، لنڊن ۽ ملاحن کي پنهنجن عزيزن وانگر سڃاڻن ٿا، ۽ اهي برادريون پڻ اُتي جي وڻن ٻوٽن کي عزيزن وانگر سڃاڻن، پالين ۽ نپائين ٿيون. سڄي جڳ ڪيٽين کي ڇڏي ڏنو، پر مذڪوره ذاتين ڪيٽين سان پوري وفاداري ڪئي آهي. اهي برادريون آهن، جي ميرن جي وقت کان وٺي اڄ تائين ڪيٽين کي آباد رکيو اچن.

1. جوڻيجا:

ڪيٽين جي ڪوٽ جي ڏکڻ کان سڏ پنڌ تي ڪيٽين وارا جوڻيجا رهن ٿا. جوڻيجا ميرن جا خدمتگذار هئا. ٻڍو جوڻيجو ميرن جو بهادر ۽ سوڀارو سپاهي هو. مٺي جوڻيجي کي اهڙي بهادر پيءُ لاءِ فخر هو. مٺي کي حسين ۽ ملهار نالي ٻه پٽ هئا. حسين کي ٻڍو نالي فرزند هو. ٻڍي جا حسين ۽ محمد رحيم نالي ٻچڙا اڄ به ڪيٽين ۾ گهارين پيا ۽ وڏن کي ساريو، انهن جا ڳـُـڻ پيا ڳائين. ملهار کي مـِـٺو ۽ صاحبڏنو نالي فرزند هو. مٺوءَ کي صاحبڏنو فرزند ٿيو، جو موجودهه ڪيٽين کي سينگاريو ويٺو آهي. اِها ٻڍي جو نسل آهي، جنهن ڪيٽين کي واسيو ۽ سينگاريو آهي.

اُنهن جوڻيجن مان خانو فقير وڏو درويش ٿي گذريو آهي. مذڪوره فقير عبدالله جوڻيجي جو ٻچڙو هو. خانوءَ کي عبدالله ۽ عبدالله کي خانو ۽ صديق نالي فرزند ٿيا. کيس غلام حيدر نالي فرزند آهي. صديق نانگو (لاولد) وفات ڪري ويو. خانو فقير ولد عبدالله جوڻيجو ميرن جي ڏينهن ۾ مشهور الله لوڪ هو. الله جو نالو وٺڻ سندس دلي مشغلو هو. انهيءَ زماني ۾ کڏي وارن سيدن هن کي هڪ گهوڙو ڏنو، ته ڪاٺئي وارن کوسن فقيرن کي اِهو گهوڙو ڏيئي اچ. پر پاڻ ڪيٽين جي ڀرسان اچي مراقبو ڪڍي ويهي رهيو. ٽي ڏينهن گذري ويس، گهوڙو ٻين ماڻهن وڃي کوسن کي پهچايو. پاڻ اُتي ئي مسجد ٺاهي رهي پيو. مدفن به اُتي ئي آهي. انهيءَ فقير جو هميشـه جو ماڳ ديهه ڪٽاڊ هو، تپو هڱورجاڻي تعلقو ٽنڊو باگو ۾ واقع آهي. مٿس جوڻيجا سال بسال ميلو لڳائيندا آهن.

يار محمد جوڻيجو ميرن جو عام مختيارڪار هو ۽  حد درجي جو ايماندار هو. ٻيا، ميرن مان پنهنجا گهر ٺاهي ويا، پر هيءُ بزرگ اهڙو جو اهڙو رهيو. پنهنجي ايمانداريءَ جا افسانا ڇڏي ويو. يار محمد کي ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو.

ميرن جي ڏينهن ۾ موسو جوڻيجو پنهنجي راڄ جو پـَـٽيل هو. موسي کي ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو. البت آبس ۽ اوڀايو ڀائٽيا هئس. انهن کي به ڪو پـُـٽيتو اولاد ڪونه ٿيو. اوڀائي کي هڪ ڌيءَ هئي، جا دائم سان پرڻي هئي، جنهن مان يوسف ڄائو. يوسف کي اوڀايو نالي فرزند آهي.

ميرن جو ڪجاوا لڏيندڙ ۽ انهن جي مٿان نظرداري رکندڙ لالو جوڻيجو هو. لالوءَ جو شجرو هن ريت آهي:

جوڻيجا، جيئن ته ميرن جا اوٺار هئا، تنهن ڪري هو ميرن کي ويجهڙائيءَ ۾ رهندا هئا. ميرن جي وقت ۾ اُٺن جي سنڀال سندن حوالي هئي. مير ويا ته انهن جا اُٺ جوڻيجن وٽ رهيا ۽ جوڻيجن جي ملڪيت ٿي رهيا. پوءِ هوريان هوريان اٺ آهستي آهستي مري کپي ويا. البت اُٺن ۽ اوٺارن سان جيڪي ڳالهيون وابسته هيون، سي پراڻي فساني وانگر آهستي آهستي ختم ٿي رهيون آهن.

2. کوسا:

جيئن ته ٽالپر بلوچ هئا ۽ کوسا به بلوچ هئا. کوسا حيدرآباد وارن ميرن سان گهڻا ڪونه ٺهندا هئا. انهن ٿر ۽ ڪڇ کي چورين سان تپائي ڇڏيو. انهن کوسن مان شادي کوسو، ڌاڙيلن جو اڳواڻ هو. شادي کوسو 700 ڌاڙيلن سان گڏ ڌاڙا هڻندو هو. هن کي ڪوبه سامهون ڪونه ٿيندو هو. ڳالهه ٿا ڪن، ته روپاهه ماڙيءَ جي ڀرسان ٻندڙي جت جون ڏاچيون هن ڌاڙيل اچي هنيون هيون. ٻندڙو جت ولاسي ۾ ويٺل بخشي ديري وارن ميرن وٽ ويو، پر انهن کيس ڪابه مدد ڪونه ڏني. البت شيخاڻي گهاڙي واري لـُـنڊ فقيرن مان نظر علي، ساڻس واهرو ٿيو هو ۽ ڌاڙيلن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو هو. مذڪوره لنڊ فقير ڍوري پراڻ تي شهيد ٿيو هو. شيخاڻي گهاڙيءَ وارا لنڊ اُن جي ياد ۾ محرم ڪندا آهن. کوسا انگريزن جي وقت تائين حيدرآباد وارن ميرن سان توَ ڏبا (کونس ڪندا) ايندا هئا، البت ماڻڪاڻي ميرن سان هنن جو پورو ساٿ هوندو هو. ماڻڪاڻي ميرن تان هو ساهه صدقو ڪندا هئا. ڪيٽين ۾ جڏهن ماڻڪاڻي مير رهيا پيا هئا، اُن وقت دريا خان کوسو ماڻڪاڻي ميرن جي طرفان نائب سپهه سالار هو. سيد احمد شاهه جي زير نگرانيءَ فوج تي نظر رکندو هو ۽ فوجي تنظيم ڪندو هو. درياءَ خان کوسي جا ٻه ڀائر پڻ ساڻس گڏ ماڻڪاڻي ميرن وٽ فوجي خدمتون بجا آڻيندا هئا. انهن جا اسم شريف جادو ۽ سرطان (سلطان) هئا. دريا خان جو شجرو نسب،(1) هن ريت آهن:

 

 دريا خان کوسي جي اولاد مان امين کوسو پڻ آهي.(1)

دريا خاناڻي کوسا ميرن جي وقت کان ڪيٽين ۾ رهندا اچن ٿا. سندن ڳوٺ ڪيٽين جي اُلهندي کان لڳو لڳ واقع آهي. مذڪوره کوسا پنهنجي اباڻي ڌنڌي کان سواءِ ٻني ٻارو پڻ ڪندا پيا اچن. مير هليا ويا، ٻيون برادريون لڏي ويون، پر مذڪوره کوسا، جوڻيجا ۽ لـُـنڊ ڪيٽين کي آباد رکيو اچن. پنهنجي اباڻين رسمن کي وسائڻ مڙسن جو ڪم آهي، اِهو مڙساڻو ڪم، مذڪوره برادريون ڇڏي نٿيون سگهن.

3. لـُـنڊ:

ڪيٽين جو ڪوٽ اسان جي تاريخ جو هڪ وسريل ورق آهي. سنڌ جا محقق پنهنجن بزرگن جي ڪارنامن کي ميڙڻ لاءِ ڳوٺن ڳوٺن، ڳلين ڳلين ۾ پيا چڪر لڳائين، ته جيئن ڪٿان نه ڪٿان ڪجهه نه ڪجهه تاريخي ڳالهيون ملي سگهن. اهڙن بزرگن جو سرواڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ آهي. موصوف سنڌ جي هرهڪ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتو آهي. هر هنڌ سنڌ جي تاريخ، تمدن ۽ تهذيب لاءِ ڄاڻ پئي حاصل ڪئي اٿس. انهي ڳولا ڦولا ۾ ڪيٽيون به سندن مبارڪ قدمن سان سرفراز ٿيون آهن. ”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ“ کي ڪيٽين جي ڪوٽ جي بلڪل ڀرسان، ڪيٽين جي ٻيلي ۾ هڪ بهترين موسيقار مليو. اُهو موسيقار مير محمد لـُـنڊ هو. مير محمد لنڊ جا گهر ڪيٽين جي بنهه ڀرسان آهن. مير محمد کي اِها ڪل ڪانه هئي، ته کيس سنڌ ۾ مشهور ڪرائيندڙ هستي ڪيٽين جا ماڳ ۽ مڪان ڏسي رهي آهي. هو پنهنجيءَ ڌُن ۾ هڪ ڪنڊيءَ هيٺان ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ اڳوڻي (هميشه) وانگر پنهنجي دل وندرائي رهيو هو ۽ نڙ پئي وڄايائين، ته انهيءَ جي سريلي آواز ڊاڪٽر کي هن فنڪار ڏانهن ڇڪيو. ٻنهي جو مکا ميلو ٿيو ۽ اِهو ڪيٽين جو لڪل فنڪار، جنهن جي نڙن کي رڳو ڪيٽين جا ماڻهو ۽ ڪيٽين جا وڻ ٻڌي رهيا هئا.(2) انهيءَ فنڪار کي ڊاڪٽر صاحب ريڊيو تي پيش ڪيو ۽ هـُـن کي سڄيءَ سنڌ ٻڌو ۽ هن سڄيءَ سنڌ کي جهومائي ڇڏيو. مير محمد لـُـنڊ اصل کان ڪيٽين ۾ رهندو پيو اچي. هن بزرگ جا وڏا ميرن جي وقت ۾ فوجي زندگي گهاريندا هئا. جڏهن ميرن جي حڪومت ڇيهه ڪيو، ته انهن لنڊ ٻروچن به فوجي زندگيءَ کان ڪنارهه ڪشي ڪئي. ”ڀلي بک ڀرم جي، شال مَ وڃي شان.“ چئي، پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ حياتي گهاري. لـُـنڊن جون وفاداريون سڌيون ماڻڪاڻي ميرن سان هيون ۽ اُهي وفاداريون آخر تائين اُنهن سان رهيون. انهن لنڊ فقيرن جي اولاد مان نڙن جو وڄائيندڙ مير محمد لنڊ پڻ هڪ آهي، جو اڄ به ڪيٽين جي ڪوٽ جي ڀرسان رهندڙ آهي ۽ پنهنجن لنڊن ڀائرن سان ڪيٽين جي ڀرسان اباڻي اجهي ۾ حياتي گهاري رهيو آهي. هن خاندان جو اڄڪلهه چڱو مڙس غلام محمد لـُـنڊ آهي. جيڪو آئي وئي جو آڌرڀاءُ ڪندو آهي.

4. ملاح:

ڪيٽين جي وڪڙ ۾ سڀ کان وڏي رهندڙ برادري جوڻيجا آهي. اُن کان پوءِ کوسن ۽ لنڊن جو نمبر آهي. پراڻ جي اولهه کان هالن جا پڻ گهر آهن. هتي جا ملاح جي سـُـرهي مهاڻيءَ جي اولاد مان آهن ۽ جوڻيجن کان اڀرندي اڌ ميل تي ويٺا آهن.

هڪ روايت موجب ”سـُـرهي مهاڻي ميرن جي دائي هــئي. ميرن جي گهرن ۾ ماءُ جي نالي سان سڏبي هئي. انهيءَ ڪري ڪيٽين ۾ سـُـرهيءَ کي ٻه ٽي نمبر بطور انعام مليل هئا. عثمان ملاح هينئر انهن نمبرن جي مالڪي رکي ٿو، ڇو ته اُهو سـُـرهيءَ مهاڻيءَ جي اولاد مان آهي.” هڪ روايت موجب “اِها ٻني مير ٺاري خان ســُـرهيءَ کي ڏني هئي. سرهيءَ وارا ملاح مذڪوره ٻنيءَ واري جاءِ تي ويٺل هئا. اُن جا عزيز قريب اُن ٻنيءَ تي اڄ تائين پنهنجو حق جتائيندا اچن ٿا ۽ مالڪي ڪريو ويٺا آهن.“(1)

بهرحال ڳالهه ڪيئن به آهي، سـُـرهيءَ مهاڻيءَ جو اولاد ڪيٽين جي ڪوٽ جي ڏکڻ - اوڀر کان ميل پنڌ تي اڄ به ويٺو آهي. غريباڻا جهوپڙا اڏيو، پنهنجي اباڻي ورثي کي سنڀاليو، ڪيٽين جي ڪوٽ جي ڀرسان جوڻيجن، لنڊن ۽ کوسن سان گڏ، تاريخي يادگيريءَ لاءِ مذڪوره ملاح پڻ ويٺا آهن.

(ب) ماڻڪاڻي ميرن سان لاڳاپيل برادريون:

زمانو گذرڻ سبب هن وقت اِهو ٻڌائڻ تمام ڏکيو آهي، ته ماڻڪاڻي ميرن سان ڪهڙيون ڪهڙيون برادريون لاڳاپيل ۽ وفادار رهيون. مگر ايترو چئبو، ته جيڪي به برادريون سندن حڪومت جي حلقي ۾ اچي ٿي ويون، سي ماڻڪاڻي ميرن سان لاڳاپيل هيون، پر انهن برادرين مان ڪي خاص برادريون هنن کي ٻين برادرين کان بلڪل ويجهو هيون، انهن مان بدين جا جيلاني پير، ٽالپر، فاروقي ۽ لغاري مکيه برادريون هيون. بهرحال اڻ پوريءَ معلومات هوندي به ڪن برادرين جو ذڪر هت ڏجي ٿو.

1. جيلاني پير:

لاڙ ۾ بادشاهه پير دستگير جي اولاد مان شاهه قادري عليه الرحمـة يارهينءَ وارو پير سڏجي ٿو. لاڙ ۾ پاڻ روحاني راڄ جا پيشوا ۽ سردار آهن. سندن اولاد کي پڻ ساڳيو شرف حاصل آهي. ميرن جي وقت ۾ پير عالي شاهه اول ۽ سندس فرزند پير ڀاون علي شاهه بحري جو هسوار يارهين واري پير جي گاديءَ جا سينگاريندڙ هئا. جيئن ته ماڻڪاڻي مير شهداداڻي ميرن جي ڀيٽ ۾ پڪا سـُـني هئا، انهيءَ ڪري هن درگاهه سان سندن وابستگي قدرتي امر هو. انهيءَ ڪري ماڻڪاڻي مير هن درگاهه جا سلامي ۽ نيازمند هئا.

جڏهن سنڌين جو ستارو ٽٽو، تڏهن سنڌ جا والي انگريز ٿيا. يارهين واري پير جناب ڀاون علي شاهه بحري جي هسوار جو انگريزن (نصارن) سان دلي وير هو. اُن کان سواءِ انگريزن کان جيلاني پيرن سان ميرن جو وڌيڪ عقيدت جو ناتو هو، اِهوئي سبب هو، جو انگريزن جي کٽڻ مهل پير ڀاون علي شاهه اِهو محسوس ڪيو ته، ڄڻ هن هارايو آهي. هن مرشد هاديءَ پنهنجيءَ پر ۾ ميرن سان پوري وفاداري ڏيکاري. مير شير محمد خان کي پنهنجي مرشد جي مريدن جون پوريون همدرديون حاصل هيون. پير صاحب جي چوڻ تي جيلانيءَ جي مريدن انگريزن کي ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ پرڏيهي واپار کان به دُوري ڏيکاري. ڀوپت راءِ جي ڄار ۾ ڦاسي، سر چارلس نيپيئر موصوف کي حيدرآباد گهرايو، مگر ڀوپت دل ٽٽڻ ڪري مري ويو ۽ سائين جن باسلامت واپس ٿيا. اِهو ڪيس پڻ ميرن سان وفاداريءَ جي ڪري پير صاحب تي ٿيو. آخر مـُـلڪ ميرن کان ويو. شير- سنڌ به گـَـجڻ ڇڏيو، نتيجي طور سائين ڀاون علي شاهه پڻ مريدن کي انگريزن سان وفادار ٿي رهڻ جو چيو. اهڙيءَ طرح سان انگريزن جا لاڙ ۾ پير پـُـختا ٿيا.

ميرپورخاص وارن ميرن جا جيلاني پيرن سان نيازمنديءَ جا ناتا هلندا آيا. بدين جي جيلاني درگاهه جي ڏهين سجادهه نشين پير ڀاون علي شاهه ”ساقيءَ“ وفات ڪئي ته، هـُـن جو معصوم فرزند پير عالي شاهه جيلاني، جيڪو هن درگاهه جو يارهون سجادهه نشين آهي، سو ابهم ٻار هو، مريدن انهيءَ پير جي درگاهه جو انتظام هلائڻ لاءِ ٽرسٽ ٺاهيو. اُنهيءَ ٽرسٽ جو سرواڻ، مير يار محمد خان ٽالپر هو. موصوف پير صاحب جي جوانيءَ تائين درگاهه جو انتظام ٽرسٽ وسيلي هلائيندو رهيو.

ميرپورخاص جا ماڻڪاڻي مير اڄ به هن درگاهه جا سلامي آهن ۽ اڳي به سلامي هئا. ماڻڪاڻي ميرن سان پير صاحب جيلانيءَ وارن جا قديمي ۽ اَڻٽـُـٽ ناتا آهن، جي عقيدي ۽ نيازمنديءَ جي ڌاڳي ۾ ٻڌل آهن. جيلاني پير ۽ ماڻڪاڻي ميرن جو اِهو ناتو مير ٺاري خان کان وٺي شروع ٿيو هو ۽ اِهو اڃا تائين ساڳيو ناتو ٻنهين ڌرين جو اولاد نڀائيندو اچي ٿو ۽ ٻئي ڌريون هڪٻئي لاءِ پنهنجون وفاداريون قائم رکيو اچن.

2. ٽالپر:

هيءُ خاندان هڪ وسيع ترين خاندان آهي، جنهن ۾ ڪافي ذاتيون لڪيون پيون آهن. انهن ذاتين مان ٽالپرن کي سنڌ ۾ وڏي اهميت حاصل پئي رهي آهي. ماڻڪاڻي ۽ شهداداڻي مير پڻ انهيءَ ذات سان منسلڪ آهن. ٽالپرن مان ماڻڪاڻي ۽ شهداداڻي مير ته مـُـلڪ جا مالڪ ۽ حاڪم هئا، پر ٻيا به ڪيترا خاندان هئا، جيڪي پڻ ٽالپرن جي ذات ۾ اچي ٿي ويا، انهن مان ڪن سان شهداداڻين جو رشتو هو، ته ڪن سان ماڻڪاڻين جي مائٽي هـُـئي.

ماڻڪاڻي ميرن جو سڌوسنئون واسطو راڄي خاناڻي ۽ ٽنڊي باگي وارن ميرن سان هو، جيڪي انهن جي رت ڀـَـتَ ۾  هڪجهڙائي جا حامل هئا. باقي ٻيا مير پڻ، جيڪي ماڻڪاڻين جي ڏيهه ۾ رهيا ٿي، اُنهن جون وفاداريون ۽ همدرديون به ماڻڪاڻي ميرن سان هيون، جيڪي شهداداڻي ميرن جي وسنئون ۾ رهيا ٿي، انهن جون وفاداريون به انهن سان وابستا هيون.

راڄي خاناڻيءَ وارا ٽالپر، ماڻڪاڻي ميرن جا ويجها عزيز هئا. جنگ جي وقت مير شير محمد خان پنهنجي ماماڻڪي ميرن سان وڏي آس لڳايو ويٺو هو، پر سندس مامي ساڻس ساٿ نه ڏنو. ڀوپت راءِ جي سازش ڪم ڪري ويئي. اهو نائون مل جو ڇاڙتو ڪامياب ويو، جو ويجها مائٽ ۽ عزيز به ڦـِـري ويا.

ٽنڊي باگي وارن ميرن سان به ماڻڪاڻي ميرن جو رت جو ناتو هو. ٽنڊي باگي وارا مير پڻ ماڻڪاڻي ميرن جي شجري سان وابستا آهن. مير باگو ته مير ٺاري خان سان ڳچ عرصو گڏ ڪيٽين جي ڪوٽ ۾ پڻ رهيو هو. جنگ جي وقت ۾ مير شير محمد خان کي، مير باگي جي اولاد ڪا خاص مدد ڪونه ڪئي ۽ هـُـو دل شڪستو ٿي ڪيٽين ۾ پهتو  هو.

ولاسي ۾ پڻ ٽالپر خاندان جا گهر رهندا هئا، پر اُهي شهداداڻين سان وابستا هئا. انڊهلي وارن ٽالپرن توڙي بدين ۾ ٻين رهندڙ ٽالپرن جون وفاداريون ماڻڪاڻي ميرن سان لاڳاپيل نه هيون.

ان کان سواءِ ٻيون بلوچ ذاتيون جهڙوڪ: لنڊ فقير، کوسا وغيره پڻ ٻن حصن ۾ ورهايل هئا. ڪن جون وفاداريون ماڻڪاڻي ميرن سان، ته ڪن جون وفاداريون حيدرآباد وارن ٽالپرن سان شامل هيون. جنگ ۽ جهڳڙي وقت هر ڪا ڌُر پنهنجي پنهنجي بزرگ جو پاسو وٺندي هئي. جيئن ول واريءَ جنگ ۾ ڪن جمالين ماڻڪاڻي ميرن جو طرف ورتو هو، ته ڪن وري شهداداڻين سان ڀال ڀلايا هئا. ڀرڳڙين جو به گهڻو تڻو اهڙو ئي حال هو. مطلب ته، ٻن ٽالپر خاندانن جي حڪومت هـُـئي. مـُـلڪ ۾ ٻروچ ڀريا پيا هئا، پوءِ جنهن جي به روح، جنهن پاسي ڇڪي ٿي ڏني، انهيءَ برادريءَ يا پاڙي، انهيءَ سان وفاداريون وابستا ٿي ڪيون. ڪنهن به خاندان ڪڏهن به ائين ڪونه چيو، ته هيءَ حد منهنجي آهي، هيءَ برادري مون سان لاڳاپيل آهي. آزادي هئي، جنهن کي جتي مفاد ٿي نظر آيو، اُن برادريءَ، اُن خاندان سان ناتو ٿي ڳنڍيو. جيڪڏهن ميرن جي وقت ۾ ڪي برادريون غير جانبدار ٿي رهيون، ته انهن کي اِهو حق پڻ آسانيءَ سان ڏنو ٿي ويو. قرهيي پوٽا شيخ ماڻڪاڻي ميرن خواهه شهداداڻي ميرن کي هڪجهڙي عزت ڏيندا هئا، ٻنهي خاندانن سان تعلق رکندا هئا. انهن جي وڏن کي ٻنهن لاءِ هڪجهڙي عزت هـُـئي ۽ اهي ٻئي خاندان انهن جي غير جانبداريءَ سبب انهن کان بلڪل مطمئن رهندا پئي آيا. ٻئي خاندان درگاهه شيخ پير قرهيئي ڀانڊاريءَ کي وڏي عقيدت سان ڏسندا هئا ۽ جڏهن شڪار لاءِ ديهه پٽيجي ۽ ريڻ تي ايندا هئا، تڏهن درگاهه شيخ پير قرهئي ڀانڊاريءَ تي نذر ۽ نياز اچيو رکندا هئا ۽ درگاهه سان وابستا خادمن جون دعائون وٺڻ کي سعادت سمجهندا هئا.

3. فاروقي:

ماڻڪاڻي ميرن جي خاص ماڻهن مان فاروقي پڻ مکيه آهن. بدين جي فاروقين مان فاروق آباد وارا ميرن جا خاص ماڻهو هـُـئا.

فاروقين جو وڏو بزرگ رحيمڏنو فاروقي ماڻڪاڻي ميرن سان تعلق رکندو هو. مير شير محمد خان پنهنجن وڏڙن کان رحيمڏني فاروقيءَ جو نالو ٻڌو هو. انهيءَ نالي پٺيان هو بدين پهتو ۽ فاروق آباد رسيو. عبدالڪريم فاروقيءَ سان روح رهاڻ ڪيائين. عبدالڪريم کيس ٻڌايو، ته ”اسان جو وڏو بزرگ رحيمڏنو يتيميءَ جي حالت ۾ ميرن جي خدمت ۾ پهتو هو. کيس پهرين ”فراش“ جي انتظام تي رکيو ويو. ميرپورخاص وارا مير ڪيڏانهن به ويندا هئا، ته رحميڏنو اُن منزل تي اڳواٽ وڃي، انهن جي لاءِ شاهاڻي نموني جو انتظام رکائيندو هو. اهڙي انتظام رکڻ واري جو، ميرن جي راڄ ۾ عهدو ”فراش“ هو. رحيمڏنو انهيءَ عهدي تي ڪافي عرصو رهيو. پوءِ ميرن کيس ترقي ڏيئي، خزانچي بنايو.
مير شير محمد خان جي ڏينهن ۾ پاڻ اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ بڻجي ويو هو. ميرن جو سڄو خزانو سندس زيرنظر رهڻ لڳو.

اوچتو زماني جو ڦيرو آيو. سنڌ جا والي انگريز ٿيا. مـُـلڪ ۾ ڀاڄ پيئي. مير شير محمد خان، رحيمڏني کي خزاني جا خچر ڀري ڏنا ۽ ڪيٽين جي ڪوٽ جي ڀرسان رهڻ لاءِ حڪم ڪيو. ڪيٽين جي ڪوٽ ۾ حملي جو خطرو هو ۽ ملڪيت وڃڻ جو وڏو ڀؤ هو. آخر رحميڏنو سڄو خزانو کڻي نندي شهر جي ڀرسان مرکان جي ڳوٺ جي ويجهو، حيات ماڇيءَ جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. خزانو ڀر پاسي ۾ لڪائي ڇڏيائين. مير شير محمد خان به هـِـتان هـُـتان ٿي اچي ڪيٽين ۾ پهتو. رحميڏنو به وڃي وٽن پهتو. مير صاحب حالتن کان سخت بدظن هو، انهيءَ ڪري خزاني کي رحميڏني وٽ رهڻ ڏنو. شيرِ - سنڌ، ڪيٽين کان ٿي، بدين ۾ پهتو. سائين ڀاون علي شاهه بحري جي هسوار جن جي خدمت ۾ ٻين سان گڏ رحيمڏنو به اچي شامل ٿيو. صلاح مصلحت بيٺي، ته ڍل نه ڏجي ۽ انگريزي شيون نه وٺجن. انهن ڳالهين تي ڳنڍ ٻڌي، ٻين سان گڏ رحيمڏنو به وڃي فاروق آباد ۾ آرامي ٿيو. ڪنهن کي به اِهو شڪ ڪونه پيو، ته ميرپورخاص وارن ميرن جو خزانو حيات ماڇيءَ جي ڳوٺ ۾ پوريو پيو آهي. رحيمڏني ۾ شيرِ سنڌ جو پورو ڀروسو هو. آخر شيرِ سنڌ جڏهن موٽي آيو، تڏهن ماٺ ميٺ ۾ رحيمڏني کان هيءُ خزانو ڌڻين وٽ پهچي ويو ۽ ميرن پنهنجي هن خزاني مان رحيمڏني کي به گهڻو ڪجهه ڏنو.

هينئر فاروقين جا بدين ۾ ٽي ڳوٺ آهن، جن مان فاروق آباد ئي پراڻو ۽ قديم ڳوٺ فاروقين جو مرڪز آهي.(1)

4. لغاري:

گولاڙچيءَ کان 5-6 ميل اولهه طرف لغاري بلوچ رهن ٿا. انهن بلوچن جو ماڻڪاڻي ميرن سان گهڻو ناتو ۽ تعلق هو.

ميرپورخاص ۾ ميرن وٽ خان محمد لغاري وڏي فوجي عهدي تي فائز هو. ڪن ڳالهين جي ڪري ميرن سان لغارين جي ناسازي ٿي پيئي ۽ هو لڏي روانا ٿيا. مير شير محمد خان اِهو برو سـَـنوڻ سمجهيو. بدين ۾ لغاري پهتا، ته مير شير محمد خان به اچي بدين پهتو. پير ڀاون علي شاهه بحري جو هسوار، جو ٻنهي ڌرين جو مرشد هو، تنهن ويهاري ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌيون. جيئن ته مير صاحب ۽ لغاري پاڻ ۾ نه ٺهي رهيا هئا. خان محمد لغاريءَ جو بدين کان سڌو ڪڇ وڃڻ جو خيال هو، ڇوته خان محمد لغاريءَ جو ڪڇ جي راجا سان وڏو گهرو تعلق هو. انهيءَ ڪري اُهو پنهنجي اٽالي سوڌو اوڏانهن وڃي رهيو هو، پر  مير صاحب جي پهچڻ جي ڪري، پير صاحب وچ ۾ پيو. آخر فيصلو هن ريت ٿيو ته، خان محمد ڪڇ نه وڃي، پر گونيءَ ۾ پنهنجي پسند واريءَ جاءِ تي رهي ۽ پنهنجون وفاداريون ماڻڪاڻي ميرن سان قائم رکي. لغاريءَ اِها ڳالهه منظور ڪئي. هـُـو گاجيا واهه جي پوڇڙيءَ ۾ وڃي رهيو. اِهو پاٽو پڻ ماڻڪاڻي ميرن جي توصلي ۾ هو. گاجيا واهه مان مير شير محمد خان، لغارين کي شير واهه ڪڍرائي ڏنو. لغاري اُتي ئي رهي پيا. خان محمد جا ٻه جري جوان پٽ هئا. صوبدار خان ۽ قربان علي خان، سندن اسم هئا. صوبدار خان کي وري اُميد علي نالي هڪ پٽ هو. صوبدار توڙي قربان علي خان دٻي واريءَ جنگ ۾ شهيد ٿي ويا. البت اُميد علي زندهه رهيو ۽ مير شير محمد خان سان آخري وقت تائين وفادار رهيو. مذڪوره لغارين جو شجرو نسب هن ريت آهي:


(1)  بروايت امين محمد پٽ نبي بخش کوسو رهندڙ لڳ ڪيٽيون، عمر 75 ورهيه.

(1)  هن بزرگ پوري روايت نه ٻڌائي. جنهن ڪري دريا خان جي پوئين جو شجرو نسب پوريءَ طرح پيش ڪري نه سگهيو آهيان.

(2)  هن لُنڊ ٻروچن ۾ اڃا تائين نڙ ۽ ٻيا ساز وڄائڻ جو فن وڏن توڙي ننڍن ۾ اڄ به موجود آهي. هن خاندان انهيءَ فن جي مڃتا ۾ صدارتي ايوارڊ پڻ ماڻيو آهي. ٻه سال اڳ سن 2004ع بهار جي مند ۾ لنڊن جي ڳوٺ تان  ڀيرو ٿيو هو. دوست ابراهيم جمالي، حيدرآباد شهر جا دوست وحيد وارا گڏ هئا. تمام سهڻي رهاڻ هئي جا سڄي رات هلي. (نظر ثاني ڪندڙ)

(1)  روايت عثمان جوڻيجو ۽ مٺو جوڻيجو.

(1) مٿئين روايت عبدالڪريم، غلام محمد ۽ خير محمد فاروقي گڏجي ڪئي. فاروقي خاندان بدين ۾ تمام وڏو خاندان ليکجي ٿو. ٻهراڙيءَ وارن مان هنن جو مانَ ۽ مرتبو مٿانهون آهي. هن خاندان جي وڏن مان خير محمد ۽ پير بخش فاروقي ”دلريش“ وڏا شاعر ٿي گزريا آهن. (ليکڪ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org