سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ترخان نامو

 

صفحو ؛ 4

 

ميرزا محمد باقي ترخان

ميرزا عيسيٰ ترخان (اول) جي وفات کانپوءِ حڪومت جي تخت تي ميرزا محمد باقي ترخان ويٺو. هو جابر حاڪم هو. حڪومت جي شروعات ۾ حڪومت جي اختياري جون واڳون مير قاسم بيگلار ۽ مير جوجڪ وغيره جي سپرد ڪيائين پر جيئن ته حڪومت جي ابتدا هئي ۽ هن جي سياست، قهر ۽ ظلم کي، اڃا ڪنهن نه سڃاتو هو ۽ نه وري هن جي رعب ۽ خوف هنن جي دلين ۾ ڪا جاءِ ڪئي هئي. ٻئي طرف ارغون نهايت بيباڪ هئا بلڪ بي پرواهي ۽ ڏاڍائي پئي ڪيائون. اهڙي حالت ۾ به ميرزا باقي غفلت ۾ پئي وقت گذاريو. ليڪن ارغون زباني نصيحت ۽ دڙڪن سان به پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن کان باز نه پئي آيا. تان جو نوبت ايستائين پهتي جو ميرزا محمدباقي جي شهر واري ڪوٽوال (ايس. پي) کي منع ڪندا رهيا ته هو، ميرزا محمدباقي جي ماڻهن کي محلئه مغلواڙه، محلئه ميرزائي ۽ محلئه اگر ۾ نه اچڻ ڏي. ڇو جو اڌ شهر جو ميرزا بازار ۾ شامل آهي ۽ اتر طرف جو تعلق ميرزا محمدباقي سان آهي ۽ ڏکڻ طرف جي بازار جو اسان سان واسطو آهي. هاڻي ته اشارا يا مخفي طرح به نه، بلڪ صاف صاف ظاهري طور، ميرزا محمدباقي ڏي پيغام موڪليائون ته، جيڪڏهن خزاني ۽ ملڪ مان، اڌو اڌ ڪري، اسان کي ڏيندي ته اسان به تنهنجي حاڪميت قبول ڪنداسين، ورنه جنگ لاءِ تيار ٿي. ميرزا محمد باقي ترخان حيران ٿي فڪر ۾ پئجي ويو ۽ ملڪ جي نظام جي بهتري ان ۾ سمجهيائين ته ڪاوڙ ۾ باهه  جي ڀڙڪي سان مخالفن جي هلاڪت جوبلو ڪجي. هن پهرين پنهنجي مصاحبن ۽ خاصخيلين سان صلاح ڪئي، جهڙوڪ ميان خليل مهردار (1) ۽ خسرو خان وغيره جن سان طئي ٿيو ته، ٻه هزار جنگي جوان جيڪي سنڌي هجن ۽ ڳوٺن مان پڻ ميربحرن کي به آندو وڃي. جن کي پهرين قلعي ۾ پوشيده رهايو وڃي. ٻئي طرف نهايت معذرت ۽ تواضع سان نرم لهجي ۾ ارغونن کي جواب موڪليائين ته، خزانو ۽ ملڪ برابر توهان جو آهي. آءٌ پاڻ توهان جو محتاج آهيان، بلڪ آءٌ پنهنجي جان جي توهان کان امان ٿو گهران ۽ پوءِ سمورو خزانو ۽ ملڪ توهان جي حوالي ڪري سيوستان هليو ويندس پر جيڪڏهن خزاني مان ڪجهه مون کي به ڏيندا ته پوءِ اهو مون تي توهان جو وڏو احسان ٿيندو. ارغون هن تي اعتبار ڪري، ملازمت ۾ حاضر ٿي، خدمت ڪرڻ لڳا. ميرزا محمدباقي وري پيغام موڪليو ته توهان منهنجي لاءِ قدردان، وليِّ نعمت زاده آهيو ۽ آءٌ توهان جو نوڪر ۽ جانثار آهيان. خزانو ۽ ملڪ ڪم نه ايندو. درحقيقت خزانو ۽ ملڪ ڀائر آهن. انشاالله تعاليٰ، توهان جي خدمت لاءِ ٺٽي کان به ڏهونڻون وڌيڪ ملڪ حاصل ڪري سگهندس پر جيئن ته مغل نادار ۽ سڃا آهن. تنهنڪري اڌ خزانو انهن لاءِ موڪليو ته جيئن انهن کي به سڪون ۽ اطمينان ٿئي. ميرزا محمدباقي، خزاني جون ڪنجيون به هنن کي موڪليون ۽ چوائي موڪليائين ته منهنجي ڪهڙي طاقت آهي جو توهان کانسواءِ خزاني کي اک کڻي ڏسان. تنهنڪري ڪنهن به هڪ ڏينهن، ديوان ۾ اچي، پهرين خزاني جي ورهاست ڪريو ۽ پوءِ ملڪ جي به ورهاست ڪريو ۽ پنهنجي ماڻهن کي به حڪم ڏيو ته، سر بمهر صندوقن کي مخمل ۽ اطلس جي غلافن ۾ ويڙهي، ديوان خاني (دربار) ۾ آڻي رکن. جڏهن دربار جو ڏينهن ٿيو، تڏهن زر ۽ جواهر جي لالچ ۾ ۽ قيمتي لباس جي حرص ۾، سمورا ارغون سوار ٿي آيا. جڏهن قلعي جي نزديڪ پهتا تڏهن ميرزا محمدباقي پنهنجي اميرن ۽ خاصخيلين کي حڪم ڏنو ته قلعي جو دروازو بند ڪري ڇڏيو ۽ ميان خليل مهردار کي حڪم ڪيائين ته دَري مان ٻاهر وڃي نهايت اطمينان سان هنن کي سمجهائي چئو ته، ميرزا کي جان جي خوف کان توهان جو تمام گهڻو ڊپ آهي، بلڪ هٿياربند هيڏي فوج ڏسي، هن جو پتو پاڻي ٿي ويندو، سو توهان جو فقط خزاني جي ورهاست سان ڪم آهي. تنهنڪري چند شادي شده ارغون اچي پنهنجو پنهنجو حصو وٺن. ارغونن جي پاڻ ۾ گفت و شنيد ٿي ۽ هرهڪ ٿي چاهيو ته، پهرين مان وڃان. آخر طئي ڪيائون ته سمورا ارغون خزاني جي تقسيم وقت حاضر هجن ته جيئن هڪٻئي ڏي ڪا بدگماني نه ٿئي. ميان خليل چيو ته ڀلا جي هروڀرو فوج سان اچڻ چاهيو ٿا ته ڀلي اچو، پوءِ توهان ڪيترا به هجو، اچي سگهو ٿا. اتي ڪن عقلمند ارغونن ۽ ترخانن چيو ته بغير هٿيارن جي قلعي ۾ وڃڻ مناسب نه آهي. جنهن تي وري ٻين، اُنهن کي تڪبر سان چيو ته ڇا توهان هن سنڌي ٻچي (ميرزا  باقي) کان ڊڄو ٿا؟ اسين هن کي انهي عهدي تان هٽائينداسون. ڇو جو اها ڳالهه مصلحت جي خلاف آهي، ته زر ۽ جواهر جي ورهاست وقت ڀائر، بنا هٿيارن جي هجن؟ بهرنوع ان بعد تقريباً پنج سؤ ارغون، حرص و حوس جي طمع ۾ بنا هٿيارن جي قلعي ۾ گهڙي آيا ۽ ميرزا محمدباقي جي خدمت ۾ اچي، ڪورنش جا آداب ۽ سلام بجا آندائون، هرڪو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو. جڏهن هنن صندوقن کي قلفن سان بند ٿيل ۽ سربمهر ڏٺو تڏهن نهايت بيتاب ٿيا ۽ چيائون ته رپين پئسن جي ڳڻڻ ۾ نهايت دير ٿي ويندي. تنهنڪري قرعئه اندازي ڪريو ته جيئن سڀ ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي نصيب جو ملي. ان بعد ميرزا محمدباقي چيو ته هاڻي سپ به تيار آهي. پهرين هڪ هڪ چمچو سڀڪو نوش فرمائي پوءِ جيڪا ڀائرن جي صلاح ٿيندي تنهن تي عمل ڪبو. بهرحال سوپ ۽ طعام آندا ويا ۽ طعامن ڏي سڀ ڪنهن پنهنجو هٿ وڌايو. پهرين ميرزا محمدباقي کائڻ شروع ڪيو ۽ چند لقما کائي، رومال سان چپن کي اُگهي اُٿيو، جو قئي اچڻ لڳس. سو انهي بهاني سان ميرزا محمدباقي ٻاهر آيو، سنڌي ۽ ميربحر جيڪي سڄي ۽ کٻي پاسي کان تلوارون هٿن ۾ کنيون بيٺا هئا، سو اشاري ملڻ سان، تن يڪدم قتل عام شروع ڪيو. پوءِ ته سوپ ۽ ارغونن جون خون گڏجي نالين مان وهڻ لڳو. هاڻي ته ظاهرظهور عام حڪم، ارغونن جي قتل جو ڪيو ويو  بلڪ ارغونن جي سرن کي قتل ڪرڻ لاءِ پنج سؤ اشرفيون پڻ مقرر ڪيون ويون. اهڙي طرح ڪيترائي ٻيا، غير ارغون اتي هئا، جيڪي مغلن جي صورت ۾ هئا سي پڻ قتل ڪيا ويا. چون ٿا ته اُن ڏينهن هڪ هزار ماڻهو قتل ٿيا ۽ تلوارون کان باقي جيڪي بچيا سي ڀڄي جداجدا ملڪن ۾ وڃي، منتشر ٿيا، جن مان اڪثر بکر هليا ويا، ان کانپوءِ ميرزا محمد باقي نهايت اطمينان سان مسندِ حڪومت تي ويهي فرمانروائي ڪرڻ لڳو، هاڻي کائونس لشڪر ۽ رعيت ڊڄي  مطيع ۽ فرمانبردار ٿيا.

ان وچ ۾ ناهيد بيگم پنهنجي والده ماهه بيگم سان ملاقات لاءِ، هندستان مان آئي. منقول آهي ته ماهه بيگم محمد مقيم جي دختر هئي، جيڪو شاهه بيگ ارغون جو ڀاءُ هو. تنهن کان اڳ حضرت فردوس مڪاني بابر بادشاهه جي لشڪر سان قنڌار ۾ هو ۽ بادشاهه سندس شادي، ميرزا قاسم ڪوڪه جي گهران ڪئي، جنهن مان ناهيد بيگم تولد ٿي. ان کانپوءِ ماهه بيگم ڪابل مان نڪري قنڌار ۾ آئي، جتي ميرزا شاهه حسن ساڻس نڪاح ڪيو. ميرزا شاهه حسن جي وفات کانپوءِ ميرزا جي لاش کي مڪه معظمئه تدفين ڪرڻ لاءِ کڻي وڃي زيارت حرمين شريفين کان پڻ شرفياب ٿي ۽ پوءِ ٺٽي واپس آئي. تڏهن اُن ميرزا عيسيٰ ترخان، مذڪوره ماهه بيگم سان پنهنجو نڪاح ڪيو. ان وقت حضرت جلال الدين اڪبر بادشاهه هندستان کي فتح ڪيو. تڏهن ناهيد بيگم بادشاهه جي اجازت سان پنهنجي ماءُ، حاجياڻي ماهه بيگم سان ملڻ آئي. ليڪن ميرزا محمدباقي جي دل ۾، اهو گمان ٿيو ته هوءَ ضرور ڪا، ڪاروائي ڪرڻ آئي آهي. بهرحال هن حاجياڻي ماهه بيگم ۽ سندس ڌيءَ ناهيد بيگم جي وچ ۾ دشمني وجهي ۽ هن جي مارڻ پويان پيو ايستائين جو رائحه بيگم(1) جيڪا ناهيد بيگم جي ڌيءَ هئي ۽ ڪجهه عرصو اڳ، ميرزا محمد باقي جي نڪاح ۾ پڻ هئي. تنهن به هنن ٻنهي جي يعني ماءُ ۽ ناني جي وچ ۾ نفاق وڌو. المختصر ميرزا محمدباقي جي دل کي ناهيد بيگم جي طرفان تسلي ٿي وئي، تنهنڪري هن جي مارڻ جو خيال ڪڍي ڇڏيائين.

ساڳئي سال سلطان محمود بکري، ارغونن جي ترغيب ۽ ڀڙڪائڻ تي ميرزا محمد باقي ترخان سان جنگ ڪئي. جڏهن هو نصرپور جي ويجهو پهتو ۽ اڃا طرفين جي لشڪر ۾ جنگ نه ٿي هئي، ته ايتري ۾ خبر پهتي ته حضرت بادشاهه، شيخ فريد جي پٽڻ ۾ پهتو آهي ۽ ملتان جي مشائخن جي زيارت جو ارادو اٿس. ليڪن کيس گمان ٿيو، جنهنڪري هن پنهنجون ٻيڙيون ۽ ڪيترو ساز و سامان ساڙي ڇڏيو ۽ خشڪي جي رستي منزل بمنزل ڪوچ ڪندو بکر ۾ واپس آيو. ميرزا شادمان جيڪو پنهنجي وقت جي بهادرن مان هڪ هو ۽ ميرزا محمدباقي جو ناٺي هو ۽ پيءُ جي طرفان سندس نسب جو شجرو، امير ذوالنون ارغون جي ڀاءَ سلطان قلي سان ٿي مليو ۽ 975هه ۾ ميرزا جان بابا جيڪو ميرزا عيسيٰ ترخان جو وليعهد هو، تنهن حڪومت جي دعويٰ ڪئي ۽ هر طرف کان خاصو لشڪر جمع ڪري ٺٽي جي ويجهو پهچي، ميرزا محمدباقي جي ڪئمپ جي سامهون، کاهي، کوٽي مورچا هڻي جنگ شروع ڪئي. جڏهن طرفين ۾ جنگ جي باهه جو ڀڙڪو روشن ٿيو، تڏهن ٻئي لشڪر ميدانِ جنگ ۾ دوبدو ٿيا. اتفاق سان ميرزا جان بابا جي لشڪر کي شڪست آئي ۽ ميرزا جان بابا پاڻ لڪائي شب خون ڪيائين. ميرزا محمد باقي ان وقت، ڳوٺ الهه آباد ۾ مقيم هو. شاهه قاسم بيگلار هڪ وڏي فوج سان جا چونڊ ناليوارن بهادرن تي مشتمل هئي، تن سان ميرزا محمد باقي جي خاص ٻيڙي تي چڙهي هن کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ميرزا محمد باقي به يڪدم سندس ارادو سمجهي ويو ۽ شمع کي وسائي، ان شمعدان جي تري واري رڪيبي شاهه قاسم جي منهن تي اهڙي ته زور سان اُڇلائي هنيائين، جو مرڻ تائين به هن جي منهن تان، اُن زخم جو نشان نه لٿو. رائحه بيگم پهريائين پاڻ خود وچ مان نڪري وئي ۽ پوءِ ٻيڙي جي بالاخاني وارو دروازو اندران زور سان بند ڪري، اندرين پاسي بيهي رهي. ميرزا محمدباقي، جان جي خوف کان پٺتي هٽي، ٻيڙي جي پاڇل کان درياءَ ۾ ٽپو ڏنو ۽ وڃي هڪ ڊونڊي تي چڙهيو جا پٺيان بيٺل هئي. اهڙي ريت درياءَ کان پڻ ٻاهر نڪري آيو. هوڏانهن شاهه قاسم دروازي کي زور سان کولي، رائحه بيگم کي ميرزا محمدباقي سمجهي اُن جي پيٽ ۾ شمشير هنيائين. جيڪا اُن زخم کان ڪري پئي ۽ رات جي اونداهي هئي، جنهنڪري شاهه قاسم سمجهيو ته ميرزا محمد باقي قتل ٿي ويو(1) ۽ جان بابا جي همراهن کي ٻڌايائين ته ميرزا محمد باقي قتل ٿي ويو. پوءِ ته ميرزا محمد باقي جي مارجي وڃڻ جو شور پئجي ويو، جنهن کان ميرزا محمدباقي جي لشڪر ۾ پڻ عظيم تفرقو مچي ويو پر جڏهن ميرزا محمدباقي سلامتي سان درياءَ مان نڪتو تڏهن سندس لشڪر ۾ سندس سلامتي وارو نقارو وڄايو ويو، جنهن کان سڀني کي خبر پئجي وئي ته ميرزا محمد باقي جيئرو آهي. جنهن بعد اهل لشڪر وري پنهنجون تلوارون هٿن ۾ ڪري، ميرزا جان بابا جا ماڻهو ڪثرت سان قتل ڪيا ۽ اوترائي ماڻهو ميرزا محمدباقي جا به قتل ٿيا. ميرزا جان بابا لشڪر مان نڪري سميجن جي لشڪر طرف رخ ڪيائين ۽ هڪ سال اتي گوشئه تنهائي ۾ رهيو.

976هه ۾ ميرزا محمدباقي پنهنجي دختر جو سنڱ، حضرت ظل الٰهي شهنشاهه جي بيگمات جي زُمره ۾ آڻڻ جو انتظام ڪيو، حاجي ماهه بيگم ۽ ناهيد بيگم سان گڏي موڪلي ڏني. پڻ بادشاهي توشه خاني جي لائق هر قسم جا تحفه تحائف تيار ڪري روانا ڪيائين ۽ اها خدمت يادگار مسڪين خان ترخان(1)  جي ذمي ڪيائين. جڏهن هي سمورا ماڻهو لڪي جي نزديڪ پهتا، تڏهن ميرزا جان بابا سان هنن جي ملاقات ٿي. هن يادگار مسڪين ترخان ۽ ٻنهي بيگمن کي پاڻ سان متفق ڪيو ته توهان ڇالاءِ سنڌ مان نڪري ٿا وڃون، ته جيئن ميرزا محمد باقي ملڪ جي حڪومت جو مستقل مالڪ بنجي ويهي؟ سو هينئن ڪيائون، جو سمورا تحفا وغيره کولي، سپاهه ۽ ماڻهن ۾ تقسيم ڪري، ان بعد ميرزا محمد باقي سان لڙائي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. حاجياڻي ماهه بيگم هاٿي تي سوار ٿي لڙائي جو جهنڊو بلند ڪيو، جنگ جي ميدان ۾ مقابلي جون صفون بيهاريائين. جڏهن ٻئي لشڪر هڪٻئي جي ويجهو ٿيا، تڏهن نسيمِ فتح ميرزا محمدباقي جي لشڪر ۾ آئي ۽ ان جي فتح ٿي. حاجياڻي ماهه بيگم جو لشڪر ڀڄي ويو. ميرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين ترخان، پهرين ئي حملي ۾ سمنڊ جي ڪناري ڪڪراله ڏانهن ڀڄي ويا، ناهيد بيگم به ڪن ڳاڻ ڳڻين ماڻهن سان وڃي بکر ۾ گوشه گير ٿي ۽ حاجياڻي ماهه بيگم به قيد ٿي،  ميرزا محمدباقي فتح کانپوءِ دارالسطنت ٺٽي واپس آيو. حاجياڻي ماهه بيگم کي سخت، عتاب ۾ آڻي ۽ پنهنجي ئي حفاظت ۽ نگراني ۾ رکيائينس. تان جو هن جو کاڌو پيتو به بند ڪري ڇڏيائين ۽ آخڪار حاجياڻي ماهه بيگم به، قيدخاني جي ڪوٺي مان نڪري وڃي قبر جي ڪوٺي ۾ آرامي ٿي.

باقي جيڪي ارغون بکر ۾ هئا سي، سلطان محمودبکري جي اجازت سان ناهيد بيگم سان گڏجي وڃي دربار شاهي ۾ پهتا. ميرزا محمد باقي کي گمان ٿيو ته حضرت جلال الدين محمد اڪبر  بادشاهه جو لشڪر مٿس نه حملو ڪري، سو ارغونن تي نوازشون ڪري هنن جي تربيت ڪيائين ۽ جيڪي ارغون ملڪن ۽ شهرن ۾ ٽڙي پکڙجي ويا هئا سي وري سڀ اچي گڏ ٿيا، تن مان هرهڪ لاءِ انتظام ڪري شايانِ شان، اُنهن کي جاگيرن، منصبن ۽ وظيفن سان نوازيائين.

بيگه بيگي آغا بنت ميرزا عيسيٰ ترخان، جيڪا يادگار مسڪين ترخان جي نڪاح ۾ هئي، تنهن  آه و بڪا سان ميرزا محمدباقي تي ملامت ڪرڻ شروع ڪئي. جنهن تي ميرزا باقي، ميرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين خان جن کي پيغام موڪليائين ته اڃا به وقت اٿو، توهان اچو، جيئن ته ميرزا جان بابا جو لشڪر منتشر ٿي ويو هو، انڪري جو هو، جهنگلن ۾ مسافرن وانگر رُلندي، ملول ٿي چڪو هو. هن جو رفيق نالي هڪ غلام به هو، جيڪو ميرزا جان بابا جو محرمِ راز پڻ هو. تنهن هي پيغام خفيه طور، ميان سيد علي شيرازي کي موڪليو، جيڪو پنهنجي وقت جي ”اڪابرِ عظام“ مان هو ۽ ”شيخ الاسلام“ پڻ هو، ته جيڪڏهن ميرزا محمد باقي اسان جي گناهن کي درگذر ڪري ۽ قرآن مجيد تي قسم کڻي ته هو اسان کي ڪنهن به قسم جو ايذاءُ نه رسائيندو ته اسين هن جي ملازمت ۾ اينداسين. سيد علي شيرازي، مختصر احوال، ميرزا محمد باقي سان ڪيو. جنهن تي ميرزا محمد باقي مڪر ۽ فريب جا ڳوڙها اکين ۾ آڻي چيو ته ميرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين ترخان منهنجا ٻه بازو آهن ۽ قرآن مجيد هٿ ۾ جهلي، ڪلام رباني جو قسم کڻي چيائين ته ميرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين ترخان سان ملاقاتي ٿيڻ بعد، هنن کي ڪنهن به قسم جو جاني ۽ مالي نقسان نه رسندو ۽ آءٌ هنن جي رعايت ۽ تربيت ۾ ذرو به ڪسر نه ڇڏيندس. آخر انهي نبيري بعد 979هه جي سيد علي شيرازي وچ ۾ پئي صلح ڪرايو ۽ ميرزا محمدباقي جي چوڻ تي ميرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين ترخان، اعتبار ڪري ميرزا محمدباقي جي ملازمت ۾ آيا، هن ٻئي جڏهن ميرزا باقي جي قابو ۾ آيا تڏهن وجهه وٺي هنن کي درجئه شهادت(1) تي پهچايائين.

جڏهن اهڙا قضيه ۽ واقعا، وقوع پذير ٿيا تڏهن بيگه بيگي آغا، گريه و زاري ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ميرزا محمدباقي تي اهڙي بڇڙي ڪم ڪرڻ سبب، لعنت ملامت ڪيائين، ڪنهن اها خبر ميرزا باقي جي ڪنن تائين پهچائي. جنهن تي هن پنهنجن  چرين دوزخي ڪتن يعني  ٻن مشهور جلادن ”هوتي ۽ نوتي“ کي حڪم ڪيو ته، بيگه بيگي آغا جي گهر رات جو چوري ڪرڻ لاءِ وڃو، پوءِ خود اُن کي ۽ ان جي ٻن صغيرن پٽن کي گهٽو ڏئي، ساهه ڪڍي ماري ڇڏيو.

جيئن ته ميرزا محمد غالب ابن ميرزا محمد صالح ابن ميرزا عيسيٰ ترخان (اول) جڏهن هي ننڍو هو تڏهن هن جي پنهنجي ئي گهر ۾ پرورش ٿيندي هئي ۽ هن جي ڏاڏي ڪڏهن به هن کي پاڻئون پري نه ڪندي هئي. جڏهن ميرزا محمدغالب جوان ٿيو ۽ هن ميرزامحمد باقي جي، خاندان ڪشي ڏٺي، تڏهن پنهنجي جان جي خوف کان پنهنجي سپاهين ۽ غلامن کي تاڪيدي حڪم ڪيو ته، هر رات جو حويلي جي خاص طرح نگراني ڪن ۽ ٻئي پاسي جڏهن به دربار ۾ سلام لاءِ ويندو هو ته فوج سان ويندو هو. ڪن بدبخت ماڻهن ميرزا محمد باقي جي دل ۾ اها ڳالهه ويهاري ته ميرزا محمد غالب بغاوت ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ميرزا باقي هن سان پنهنجي هڪ ڌيءَ به منسوب ڪري ڇڏي هئي. سو مڪر ۽ فريب سان نهايت هن تي مهرباني ۽ شفقت به ڪندو رهندو هو. ميرزا محمد غالب به پاڻ کي محفوظ سمجهي بي خوف ٿي ڪڏهن ڪڏهن ميرزا محمد باقي جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو هو. هڪ ڏينهن ميرزا محمدباقي هن کي سڏايو ۽ نهايت محبت ۽ اخلاص سان ڀاڪر پائي مٿي تي ۽ منهن تي چميون ڏئي، چيائينس  ته تنهنجي جاگير نهايت خراب ۽ تباهه ٿيل آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته اها جاگير تنهنجي سپاهه جي خرچ لاءِ تننجي ماڻهن لاءِ ناڪافي ٿيندي. تنهنڪري جيڪا به ديهه توکي پسند هجي ته اُها آءٌ تنهنجي جاگير لاءِ مقرر ڪريان؟ پوءِ مقدمن وغيره کي حڪم ڪيائين ته ميرزا محمد غالب خاطر، سمورين ديهن جي حقيقتن کان کيس آگاهه ڪيو وڃي. ان کانپوءِ ملا منشي کي اشارو ڪري ميرزا صالح کي چيائين ته آفيس ۾ وڃي ديهن بابت صحيح صورتحال معلوم ڪن. اهڙن فريبن، دلاسن ڏيڻ بعد ميرزا محمد  غالب کي ديوانخاني ۾ اندر وٺي وڃي، پنهنجي ڪتن ”هوتي ۽ نوتي“ نالي جلادن جي حوالي ڪيائين ته هن کي به گهڻو گهٽو ڏئي ساهه ڪڍي، شهادت جو شربت چکايونس. ان کانپوءِ ميرزا باقي هنن کي اهو به حڪم ڏنو ته ميرزا محمدغالب جي گهر جو سمورو مال اسباب ضبط ڪري، سرڪاري خزاني ۾ رکيو وڃي. ميرزا محمد غالب جي ضعيف ڏاڏيءَ کي ۽ هن جي ننڍڙي صغير ڀيڻ کي پڻ قيد ڪيو وڃي ۽ سڀاڻي انهن جون ڳچيون ۽ ڪن زيورن کان خالي ڪري، قلعي واري حويلي ۾، انهن جي سڪونت جو انتظام ڪيو وڃي. ان کانپوءِ هنن لاءِ فقط روزينو بقدرِ ”قوت لايموت“ مقرر ڪيو وڃي.

ان زماني ۾ ميرزا محمدباقي جي حرمن جي معلم، ملا جان محمد شڪايت ڪئي ته منهنجو پاڙيسري ميرزا جوهر بن ميرزا عيسيٰ ترخان (اول) پنهنجي طاقت جي زور تي، هن جي ڪنواري ڇوڪري کي کڻي ويو آهي پر ميرزا جوهر کي ماڻهو رشوت جي لقمي تي قيدخاني مان ڇڏائي، فرار ٿي ويا آهن. جنهن تي ميرزا محمد باقي پنهنجي لشڪر کي متعين ڪيو. تان جو هن کي گرفتار ڪري وٺي آيا ۽ هن جي قتل جو حڪم ٿيو. پوءِ ته پنهنجي ڀائرن ۽ ڀائيٽن مان ڪنهن کي به جيئرو نه ڇڏيائين. ٻيا ته ٺهيو پر ميرزا ناصر ولد ميرزا عيسيٰ جيڪو لولو لنگڙو توتلو ۽ هن جو سارو جسم شل ٿيل هو، تنهن به ميرزا محمد باقي جي ڊپ کان پاڻ کي وڌيڪ گونگو ڪيو هو. اشارن تي ڳالهائيندو هو ۽ هميشه بستري تي پيو هوندو هو. تنهن کي به امتحاناً بار بار، ميرزا باقي اٿاريندو ۽ ويهاريندو هو ۽ پوءِ چوندو هو ته ڀلا ڇڏي ڏيوس ته ائين پيو هجي، پر ميرزا ناصر، باقيءَ جي ڊپ کان پاڻ کي ڄاڻي ٻجهي ٻاراڻي حرڪت ۾ وڌو جنهن کان سندس هلاڪت واقع ٿي.

جناب ميرڪ عبدالرحمان بن شيخ ميرڪ، جيڪو شريفن ۽ اڪابرن ۾ مڃيل شخصيت  هو، ميرزا باقي تنهن تي به شراب پيئڻ جي تهمت لڳائي، پنهنجي فوج کي حڪم ڪيائين ته، عيدگاهه تان واپس ٿيڻ وقت سندس حويلي کان جيڪو رستو نزديڪ هجي، اُتي هن کي شمشير جي ضرب سان شهيد ڪيو وڃي.

ٺٽي جي شاگردن ۽ ملن تي جادوگري جي تهمت هڻي هنن لاءِ ٺٽي مان، شهر بدري جو حڪم ڪيائين. ٺٽي شهر جي ٻاهران خندق کوٽائي ماڻهن کي قيد ڪري، نظربند ڪيائين. هن جي ظلمن کان نوڪر، چاڪر، دوست، احباب، سپاهه ۽ رعايا ۽ ٺٽي جو عوام نهايت تنگ ٿيا، جو نه اُنهن کي ڏينهن جو قرار هو ۽ نه رات جو چين هو.

حياتي جي آخري ڏينهن ۾ مٿس وهم طاري ٿيو ته، جلال الدين اڪبر بادشاهه جو لشڪر مٿس ڪاهي پيو ايندو هوندو ۽ ائين به پيو چوندو هو ته افسوس صد افسوس، جو، مون پنهنجن هٿن ۽ ٻانهن (ڀائرن) کي پاڻ ڪپائي ڇڏيو. ان بعد حڪم ڪيائين ته قلعي ۾ رسد جمع ڪئي وڃي، توبخاني ۽ چنگيز خان جي قانون کي، لشڪر جي تربيت لاءِ پنهنجو رهبر بنايو وڃي. آخرلامر، ميرزا باقي جي تخيل جي قوت، چريائي جي حدن تي پهتي. ڪيتري مدت تائين بي خواب ۽ بي آرام رهيو. گهڙي گهڙي پيو دانهون ۽ رڙيون ڪندو هو ته، هي ميرزا جان بابا آهي، هي ميرزا يادگار مسڪين ترخان آهي، هي ميرزا محمدغالب آهي، هي ميرزا جوهر آهي ۽ ارغون جيڪي هن جي ظلم جو نشانو بنيل هئا ۽ هن هٿان مارجي چڪا هئا، تن کي به نالي به نالي ياد ڪري پيو چوندو هو ته، هو صفون آراسته ڪري مون تي پيا چڙهائي ڪن، جنهنڪري هر هر ڍالون اُنهن جي آڏو ڪري، اُنهن جي سامهون پيو خم ٿيندو هو.

اها حالت ڏسي سندس خدمتگار ۽ امير کيس عرض ڪري چوندا هئا ته، سلطان عالم! توهان اطمينان ڪريو اهي سڀ مري چڪا آهن. انهن مان ڪوبه جيئرو نه آهي. اهي شيطاني وِس واس آهن جن کي دل مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. جنهن تي ميرزا محمدباقي، تمام ڏاڍيان دانهون ڪري پيو چوندو هو ته ڇا توهان انڌا ٿي ويا آهيو؟ ڇا توهان نه ٿا ڏسو؟ ته ميرزا جان بابا قلعي جي دروازي کي ڀڃي گهرن ۾ آيو آهي ۽ مون کي زخمي ڪيو اٿس، جنهن کان پنهنجو پاڻ کي ڍال جي هيٺان پيو لڪايان.

آخر 993هه ۾ تلوار ۽ خنجر سان پاڻ کي زخمي ڪري پنهنجو ساهه قابضِ ارواح جي سپرد ڪيائين. هن جي حڪومت ۽ سلطنت جي مدت سترنهن سال هئي.

ميرزا پائينده بيگ ترخان

ميرزا محمدباقي جي وفات کانپوءِ، دولت ۽ سلطنت جو ڍارو ميرزا محمد پائينده بيگ جي نالي تي پيو پر جيئن ته ميرزا پائينده، مجذوب ۽ دنياؤمافيها کان بيخبر هو. ان ڪري حڪومت هلائڻ جهڙو نه هو.

ميرزا محمد جاني بيگ ترخان

پنهنجي پيءُ  (ميرزا پائينده بيگ) جي جيئري ئي مسندِ سلطنت ۽ حڪومت تي ويٺو. جيئن ته ميرزا جاني بيگ، ميرزا محمدباقي جو پوٽو هو، تنهنڪري سمورن ارغونن ۽ ترخانن يعني حڪومت جي اميرن ۽ مصاحبن، ميرزا جاني بيگ جي فرمانبرداري مڃي. ازانسواءِ هو ڦوهه جواني ۾ ئي اخلاقِ حميده ۽ اوصافِ پسنديده سان سنواريل هو. قبيله پرور ۽ علماء، فقراء جن جو دوست هو. هن جي مجلس علماء  ۽ فقراء کان ڪڏهن به خالي نه رهي. سادات عظام ۽ مشائخ ڪرام جي تعظيم و توقير، نهايت ڪوشش سان ڪندو هو. بهار ۽ نؤروز جي مينهن وانگر زر ۽ جواهر جيڪا سندس وڏن سالن جا سال خزاني ۾ گڏ ڪئي هئي، سا پنهنجي خاندان، سپاهه، اهل الله، عوام ۽ رعايا جي مٿان قربان ڪندو هو. هاڻي خدا جي مخلوق سندس شفقت ۽ مهرباني واري پاڇي ۽ حڪومت ۾نهايت خوشحالي بي فڪري واري زندگي گذارڻ لڳي آهي. ٺٽي جو انتظام نهايت سهڻي نموني بدلايو اٿس. سنڌ جي مملڪت جا ماڻهو، جيڪي ميرزا محمدباقي جي ظلمن کان تنگ ٿي، سک سان نه سمهي سگهيا، سي هن جوان بخت جي امن و امان واري پينگهي ۾، راحت ۽ آرام جي ننڊ سان ستا آهن.

ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) بن جان بابا ترخان، جيڪو ميرزا محمدباقي جي خوف کان سميجن جي لشڪر ۾ وڃي لڪو هو، تنهن کي ميرزا جاني بيگ هزارن حيلن ۽ دلاسن سان نهايت عزت ۽ احترام سان ٺٽي ۾ آندو ۽ پنهنجي پڦي جو هن سان نڪاح وڌائين ۽ هن لاءِ جاگير، منصب جدا مقرر ڪيائين. ميرزا شاهه بابا ابن ميرزا جان بابا ترخان کي به هندستان وڃڻ کان روڪي، هن تي نوازشون ۽ ڪرم نوازيون ڪري هن کي سندس لائق تحفا ڏئي، ٺٽي روانو ڪيائين ۽ حڪم ڪيائين ته سندس ننڍي پڦيءَ سان شاهه بابا جو نڪاح ڪيو وڃي.

جلوس کانپوءِ، ٿوري مدت ۾ ماهه ربيع الاول 994هه جي،
حضرت شهنشاهه اڪبر بادشاهه، صادق محمدخان کي بکر جي حڪومت تي متعين ڪري، پڻ ٺٽي جي فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مذڪوره خان، چند مهينا بکر جي معاملات ۾ مصروف رهيو ۽ ميرزا جاني بيگ ترخان، تحفا تحائف جيڪي بادشاهه جي شايانِ شان هئا، سي پنهنجي معتبر ماڻهن هٿان موڪليا. جناب سيادت مآب، مير جلال الدين بن امير سيد علي شيرازي، جيڪو ان وقت مملڪتِ ٺٽي جو ”شيخ الاسلام“ هو، ظاهر ۽ لڪل ڪمالات ۽ فضائل سان سينگاريل هو، تنهن جي معرفت تبرڪاً دربار شاهي ۾ تحفا موڪليائين. ازانسواءِ ميرزا محمد صالح بن ميرزا عيسيٰ ترخان (اول) جي دختر جيڪا ميرزا جاني جي سڱ ۾ پڦي هئي، جنهن جو به سيد جلال الدين سان نڪاح ڪيائين.

جڏهن صادق محمد خان، ذي الحج 994هه ۾ سيوستان کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن ميرزا جاني ترخان، ان خبر جي ٻڌڻ کانپوءِ پنهنجي فوجي بهادرن جي لشڪر کي هن جي استقبال لاءِ موڪليو. ڳوٺ پاٽ ۾ ٻئي لشڪر دوبدو مليا ۽ سخت جنگ لڳي، طرفين جا ڪيترائي ماڻهو جنگ ۾ مارجي ويا، ميرزا جاني بيگ ترخان جي طرف کان چند مشهور نوجوان جهڙوڪ: سلطان محمود پربندق ۽ مير ڪوچڪ بن سبحان قلي وغيره مقتول ٿيا ۽ رستم بدر دستم قيد ٿيو. محمد صادق خان کي فتح ٿي. سبحان قلي ارغون لشڪر جو سپهه سالار هو ۽ درياءَ جي ڪناري تي هڪ ننڍو قلعو ٺهرايائين ۽ مذڪوره قلعي کي پڻ جنگي هٿيارن سان سينگاريائين. ان قلعي جي هيٺان ڪيتريون ئي ڊونڊيون (ننڍيون ٻيڙيون) بيٺل هيون. سو موقعو ڏسي، سبحان قلي خان ارغون هڪ ڊونڊي ۾ سوار ٿي، ٻيو دفعو جنگ جي ارادي سان نڪتو.نهايت بهادري ۽ جوان مردي سان وڙهيو، ٻنهي طرفن جا ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيا. سبحان قلي ارغون، سپهه سالار کي ٻن ڊوندين سميت، صادق محمدخان جي ماڻهن گرفتار ڪيو، انهيءَ فتح کانپوءِ، صادق محمد خان سيوستان جي قلعي کي گهيرو ڪيو. جڏهن محاصره کي چڱو وقت گذريو، تڏهن قلعي جي ديوار ۾ شگاف ڪري کوٽي، فصيل واري دروازي کي قلعي جي اڳيان بيهاريائون. جنهن بعد قلعي ۾ رهندڙن يڪدم، تڙ تڪڙ ۾ ٻي ديوار ٺاهي ورتي ۽ توبن ۽ بندوقن جي لڙائي اهڙي ته شروع ٿي، جنهنڪري صادق محمد خان جو لشڪر هڪ ڪوهه پٺتي هٽيو. ان وچ ميرزا جاني بيگ ترخان بري ۽ بحري فوج سان سنبري تيار ٿي، سيوستان کان ڇهه ڪوهه پري مهراڻ درياهءَ وٽ اچي منزل انداز ٿيو. صادق محمدخان، ميرزا جاني بيگ سان لڙائي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. ميرزا جاني بيگ ترخان، جڏهن لڪي جبل جي محاذ وٽ پهتو ته ننڍين ٻيڙين (ڊونڊيون) رستي اچي، صادق محمدخان جي لشڪر کي نزديڪ ٿي، اُنهن تي توبن ۽ بندوقن جو وسڪارو ڪيائين. صادق محمدخان جا اڪثر ڪري ماڻهو تلف ٿي ويا. مطلب ته چند ڏينهن هڪٻئي جي مقابل ٿي لڙائي جون تدبيرون سوچيندا رهيا. ليڪن ان وچ ۾ سخت لڙايون به ٿينديون رهيون ۽ هڪٻئي کي مردانگي جا داد به پئي ڏنائون. پر باربار ميرزا جاني بيگ ترخان جي فوج، صادق محمد جي لشڪر تي پئي حملا ڪيا ۽ ڏينهن ڏٺي جو مير ابوالقاسم بيگلار، صادق محمد خان جي لشڪر ۾ وڃي هن جي خاص خيمي جون طنابون وڍي ڇڏيائين. جنهن بعد ميرزا جاني بيگ ترخان کي ڪيتروئي غنيمت جو مال هٿ آيو. ان کانپوءِ وري طرفين ۾ جنگ جي باهه ڀڙڪي. صادق محمدخان نه ٿي چاهيو ته لڪي جبل کان پير ٻاهر ڪڍي، پر ميرزا جاني بيگ جي لشڪر کي زير و زير ڪرڻ جي فڪر ۾ رهيو، ايتري ۾ صادق محمدخان جي به عرضداشت  دربار شاهي ۾ سيوستان جي قلعي جي فصيل ۽ دروازي بابت پهتي. جنهن جو هي مضمون هو ته: ”سيوستان جي قلعي کي مون فتح ڪيو آهي، هاڻي جاني بيگ سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، بادشاهي اقبال سان اڄ يا سڀاڻي، هن کي گرفتار ڪندس يا ماري ختم ڪندس.“

جڏهن حضرت بادشاهه جي خدمت ۾، صادق محمدخان جي اها عرضداشت پهتي، تڏهن سمورن اميرن تسليم بجا آندو ۽ مبارڪباد ڏنائون، جنهن تي حضرت بادشاهه ميرزا جاني بيگ جي ايلچين کان پڇيو ته ڇا، توهان کي به ڪا اهڙي تازي تحرير پهتي آهي؟ تنهن تي مير جلال الدين شيرازي عرض ڪيو ته اڃا تائين اهڙي ڪا تحرير اسان کي نه پهتي آهي. البت ايترو ڄاڻا ٿو ته جيڪي ڪجهه صادق محمدخان لکيو آهي، جيڪڏهن اهو سچ جي قريب آهي ته پوءِ ٻنهي طرفن جا هزارين ماڻهو ضايع ٿيندا.

ٿورن ڏينهن کانپوءِ اها حقيقت الامر معلوم ٿي ته جيڪي ڪجهه صادق محمدخان لکيو آهي سو واقعي جي خلاف آهي، جنهن مان حسب دلخواه ڪوبه مطلب نه ٿو نڪري سگهي. انهي بناتي ميرزا جاني بيگ جي ايلچين کي رخصت ڪيو ويو ۽ ميرزا جاني بيگ ترخان لاءِ، سروپا فاخره ۽ هاٿي لاءِ زنجير پڻ هنن کي عنايت ٿيا. صادق محمدخان لاءِ، فرمان عاليشان صادر ڪيو ويو ته ميرزا جاني بيگ جيڪي تحفا تحائف اخلاص ۽ کليل عجز واري زبان سان موڪليا آهن سي شاهي دربار جي شايانِ شان آهن. هاڻي توکي مناسب آهي ته جنگ تان هٿ کڻ ۽ واپس اچ، جڏهن هي فرمان واجب الاطاعت و الاذعان، صادق محمدخان کي مليو تڏهن هو بکر واپس هليو ويو. ميرزا جاني بيگ ترخان بادشاهي هاٿي ۽ خلعتِ سان نوازيو ويو ۽ سابق دستور مطابق ٺٽي ولايت تي ڪامران ۽ فرمانروا ٿيو.

998هه ۾ حضرت جلال الدين محمداڪبر بادشاهه دارالسطنت لاهور ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيو. مطلبي دشمنن، ميرزا جاني بيگ بابت هي حقيقت عرض مقدس ۾ رسائي ته هو مستقل بادشاهت جو ارادو ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته هو بادشاهي لشڪر کي شڪست خورده بڻائيندو. جنهنڪري ان وقت بادشاهي غيرت ۾ جوش آيو ۽ نواب خان خانان کي هڪ ڪثير فوج سان ٺٽي ولايت جي فتح ڪرڻ لاءِ متعين ڪيو ويو. نواب خان خانان پهرين بکر ۾ اچي، ٺٽي ۾ جنگ جي سامان ۽ جنگ جي ذخيره وغيره کي گڏ ڪرڻ ۾ مشغول رهيو. ازنسواءِ گرم هوائن ۽ درياءَ جي ٻوڏن سبب ڪجهه ڏينهن بکر ۾ قيام ڪيائين. جڏهن هوا  ۾ اعتدال ٿيو، تڏهن ٺٽي ولايت ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيائين.

جڏهن هو سيوستان جي نزديڪ پهتو تڏهن هن پنهنجي اميرن سان مشورو ڪيو ته هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي، پهرين جاني بيگ سان مقابلو ڪريان يا پهرين آءٌ سيوستان جو انتظام ڪريان؟ يا آءٌ سيوستان مان لنگهي وڃان؟ سمورن اميرن متفق ٿي راءِ ڏني ته، سيوستان اسان کي رستي ۾ پئي ٿو ۽ اسان جون ٻيڙيون به اُتي ئي آهن، لشڪر کي به اُتان ئي درياءُ پار ٿيڻو آهي. تنهنڪري مناسب ۽ بهتر آهي ته اسان پهرين سيوستان کي فتح ڪريون ۽ پوءِ اڳتي وڌون. سڀني جو ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ۽ پوءِ هو درياءَ پار ٿيا. ايتري ۾ سيوستان جي قلعي کي گهيرو ڪري ديڳيون پڻ تقسيم ڪيائون. ان وچ ۾ اها به خبر پئي ته ميرزا جاني بيگ ٺٽي مان سٺ هزار فوج سان اچي پيو ۽ ساڻس ڪيتريون ئي ٻيڙيون ۽ ٽيهه سؤ ڊونڊيون آهن جيڪي سموريون جنگي ساز و سامان سان ڀريل آهن. ازانسواءِ فوج ثابت قدم، عالي حوصله، جوان بهادرن تي مشتمل آهي، مطلب ته توبخاني ۽ جنگي اسلحه سان ٺٽي مان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. ان خبر جي ٻڌڻ سان، خان خانان محاصري کي ترڪ ڪري، ميرزا جاني بيگ ڏي رخ ڪيو. هوڏانهن ميرزا جاني بيگ به نصرپور مان ٿيندو، بالائي سنڌ روهڙي ۾، درياءَ جي ڪناري تي هڪ نئون قلعو ٺهرائي مستحڪم ٿي ويٺو. جڏهن خانخانان مذڪوره قلعي جي ڇهن ڪوهن تي پهتو، تڏهن ميرزا جاني بيگ، ترخانن ارغونن ۽ پنهنجي اميرن سان مشورو ڪيو ته بادشاهي لشڪر جي ڪثرت سان فتح ڪرڻ آسان نه آهي. ليڪن هاڻي اها صلاح آهي ته اسين خدا تعاليٰ تي ڀروسو ڪري يڪدم خان خانان جي لشڪر تي هڪ دفعو بري ۽ بحري حملو ڪريون، پوءِ جيڪي خدا کي منظور هوندو سوئي ٿيندو. سڀني جي اها راءِ صواب، ميرزا جاني بيگ کي پسند آئي. درحقيقت اهو مشورو پڻ درست هو. حڪم ٿيو ته سڀاڻي خسرو خان چند اميرن سان ۽ ڊونڊين، ٻيڙين جن تي آزمودگار  جنگي تجربيڪار جوان چڙهي درياءَ جي رستي روانا ٿين ۽ اسين خشڪي جي رستي هلون. پر ٻئي لشڪر درياءَ جو ڪنارو ڏئي گڏ هلن. ٻنهي فوجن ٻنپهرن جي وقت خان خانان جي لشڪر تي حملو ڪيو.

جڏهن صبح ٿيو تڏهن خسرو خان پنهنجي اميرن سان ۽ ڪيترين ٻيڙين ۽ ڊونڊين سان، توبون ۽ بندوقون ساڻ ڪري ۽ جنگي اسلحه سان تيار ٿي روانو ٿيو. ٻئي فوجون درياءَ جي ڪناري تي منزل انداز ٿيون. خسرو خان بحري ڪمان سنڀالي.

ڪن منافق اميرن، مڪر ۽ فريب جي غرض سان ميرزا جاني بيگ ۽ خسرو خان کي اها ڳالهه دل ۾ ويهاري چيو ته، سلطاني جنگين ۾ تڪڙ نه ڪبي آهي. هوڏانهن لشڪر ۽ جنگي صلاحيت اسان کان زياده آهي، پڻ قابليت به ۽ دريائي جنگي سامان جيڪو آهي تنهنجي به اسان کي سموري خبر آهي. تنهنڪري پهرين بحري جنگ هنن سان ڪرڻ گهرجي. ان کانپوءِ خشڪي جي جنگ وڙهڻ گهرجي. اڄ توهان جا امير جيتري صلاحيت سان وڃي رهيا آهن، تن جي مقابلي ۾ ٽيڻي ته ڇا بلڪ چئوڻي صلاحيت به خان خانان ۾ نه آهي ۽ انشاالله تعاليٰ، خسرو خان فتح ڪري واپس ايندو. انهي صلاح تي خشڪي وارو لشڪر موقوف ٿيو ۽ حسب وعده ٻنپهرن جي وقت خسرو خان، خان خانان جي لشڪر جي نزديڪ پهتو، پر خبر رکيائين ته خان خانان اڌ ميل تي درياءَ جي ڪناري تي پنجن ڇهن ايڪڙن ۾ قلعو ٺهرايو آهي. ميرزا محمدمقيم بخشي کي چند اميرن سان اتي مقرر ڪري رکيو اٿس ۽ اهو قلعو ان هنڌ آهي، جتي مقابلي ۾ درياءَ جي پاڻي جون عظيم ڇوليون آهن ۽ اُتان ننڊين ۽ وڏين ٻيڙين جو گذر نهايت مشڪل آهي، جنهنڪري مجبوراً قلعي جي سامهون لنگهڻو پوندو. خسرو خان قلعي جي سامهون ترسيو ۽ ملاحن جي ٻيڙي جي ڊگهي ڪاٺي، جنهن کي تير چون ٿا، تنهن تي چڙهي خان خانان جي خشڪي واري لشڪر کي ڏٺائين. ليڪن خشڪي واري لشڪر جو مٿس ڪو اهڙو خاص اثر نه پيو، ته ائين قلعي مان توب ڇٽي. اهو سڄو ڏينهن ۽ رات خسرو خان انتظار ۾ رهيو. مگر سندن خشڪي وارو لشڪر اڃا تائين نه آيو. جنهن تي خسرو خان به توب جي جنگ شروع ڪئي، جيتوڻيڪ خسرو خان جا ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيا، پر ثابت قدمي رهي، سڄي رات اُتي ئي قيام ڪيائين ۽ اڳتي موڪلڻ واريون جنگي ٻيڙيون ۽ ننڍيون ٻيڙيون درياءَ جي ڪناري تي آڻائي، اُنهن ۾ واريءَ سان ڀريل ٻوريون فوراً رکائي، قلعي جي ويجهو ڪيائين ۽ توب جي منهن تي نگاهه رکي سڄي رات انهن جنگي وڏين ۽ ننڍين ٻيڙين جي حفاظت ڪيائين، مجبوراً جڏهن سندن خشڪي وارو لشڪر مدد لاءِ نه آيو، تڏهن پهرين پهر جي وقت ننڍين ۽ وڏين جنگي ٻيڙين تي نظر ڪندو تير (وڏي ڪاٺي) تان لهي آيو ۽ پوءِ واپس ٿيو. جنهن تي خان خانان جي جنگي ننڍين ٻيڙين هن جو پيڇو ڪيو ۽ هوڏانهن خشڪي وارو لشڪر درياءَ جو ڪنارو ڏئي، خان خانان جي لشڪر تي اوچتو اچي ٽٽو. ليڪن خسرو خان سپهگريءَ جي فن کان بخوبي واقف هو، سو پنهنجي جنگي ننڍي ٻيڙي تي نگاهه رکندو ۽ ٻين ننڍين وڏين جنگي ٻيڙين کي اڳتي ڪيائين، پر ڪن چند ننڍين جنگي ٻيڙين ۾ فرنگي ۽ ڪجهه سپاهي ويٺل هئا، جي خان خانان جي ماڻهن جي هٿ لڳا ۽ پوءِ خسرو خان جي جنگي ٻيڙي، جنهن جو زنجير (ٻلي) ڪناري تي لڳل هو، تنهن کي ميان سائين ڏني چرڪس، شمشير جي ضرب سان اُن لوهي قلاب کي وڍيو پر اتفاق سان خان خانان جي ننڍي ٻيڙي کي باهه لڳي، جنهن کان هن جون ٻيون ٻيڙيون به سڙي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ خسرو خان جي جنگي ننڍين ۽ وڏين ٻيڙين کي نجات ملي.

اُن ڏينهن عظيم فتح، خان خانان جي ٿي ۽ خسرو خان پنهنجا ڪيترائي ماڻهو قتل ڪرائي، وڃي ميرزا جاني بيگ جي لشڪر ۾ پهتو. ٻئي ڏينهن خان خانان ڪوچ ڪري ميرزا جاني بيگ جي قلعي کي ڏٺو، جيئن ته ميرزا جو قلعو مضبوط ٺهيل هو پر هيٺاهين زمين قلعي کان گهڻو پري هئي، جنهنڪري قلعي کي هٿ ڪرڻ نهايت مشڪل هو. بهرحال قلعي کي گهيرو ڪيائين. جڏهن گهيري جي مدت طويل ٿي ۽ هر روز توبن ۽ بندوقن سان طرفين ۾ لڙائي ٿيندي هئي، پوءِ خان خانان ۽ هن جي اميرن ڏٺو ته ڪو کڙتيل نه ٿو نڪري، تڏهن سڀئي پاڻ ۾ ملي، هم صلاح ٿي، ميرزا جي قلعي کي چئني طرفن کان گهيرو ڪري حملو ڪيائون. پر جيئن ته قلعو مضبوط هو، سو قلعي ۾ رهندڙن به کڻي دشمنن تي آتشبازي کي سر ڪيو، جنهن کان خان خانان جي لشڪر جا ڪيترائي ماڻهو سڙي ويا ۽ نيٺ ناڪام ٿي واپس پنهنجي لشڪر ڏي آيا.

انهي کانپوءِ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته في الحال مذڪور قلعي جو وٺڻ مشڪل آهي، هر روز طرفين جا مسلمان به پيا مرن ۽ برسات، ٻوڏن جو به زمانو آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته ڪنهن هڪ هنڌ جو انتخاب ڪريون ته جيئن ٻوڏون وغيره ختم ٿين، انشاءالله تعاليٰ سرءُ جي شروع ۾ وري انهي مهم کي شروع ڪنداسون.

ان وچ ۾ گوريو (مهتو) جيڪو ميرزا جاني بيگ جو مدارالمهام هو، سو نمڪ حرام ٿي، خفيه طور ڪنهن کي خان خانان جي خدمت ۾ موڪليائين، ته جيڪڏهن تون اهو چاهين ٿو ته ميرزا جاني بيگ ۽ هي ملڪ تنهنجي تصرف ۾ اچن ته پوءِ توکي صلاح ٿو ڏيان ته هن قلعي جي وٺڻ کان، جنهن جو وٺڻ نهايت مشڪل آهي، تنهن کي ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي لشڪر کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏ، تنهن کانسواءِ خاطري ڪر ته سنڌ جا سمورا سپاهي هتي موجود آهن. سنڌ ۽ ان جي پرڳڻن ۾ ڪٿي به ڪا فوج موجود نه آهي. فوج فقط هتي آهي. اسان ميرزا جاني بيگ کي ڪنهن به بهاني سان ڪڍنداسون، ڪنهن به حيلي سان هن کي ميدان ۾ پڻ آڻينداسون ۽ انهن سڀني ڳالهين کانپوءِ جڏهن هن کي ميدان ۾ آڻينداسون ته پوءِ هو تنهنجو ڪڏهن به حريف نه ٿي سگهندو. خان خانان ۽ ان جي اميرن کي اها صلاح نهايت پسند آئي.

ان بعد خان خانان اڌ لشڪر ساڻ ڪري ٺٽي ڏي ويو ته اتي تغلق آباد واري قلعي کي فتح ڪري. جنهن ۾ ميرزا جاني بيگ هن جا سڀئي پٽ ۽ اهل و عيال ۽ امراء مطلب ته سمورا مذڪور قلعي ۾ موجود هئا. لشڪر جي ٻئي اڌ مان ڪجهه لشڪر بدين ۽ جوڻ ڏي موڪليائين. شاهه بيگ خان کي پڻ ڪافي فوج سان شاهه ڳڙهه واري قلعي تي متعين ڪيائين. جنهن کي شاهه قاسم بيگلار ٺهرايو هو ۽ ان قلعي جي ويجهو ميرزا جاني بيگ پڻ هو. باقي لشڪر کي بختيار بيگ ۽ ٻين اميرن سان سيوستان کي فتح ڪرڻ لاءِ موڪليائين. جڏهن بختيار بيگ سيوستان ۾ پهتو تڏهن قلعي کي گهيرو ڪري، اُن ۾ رهندڙن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيائين. قلعي ۾ رهندرن ميرزا جاني بيگ کي پيغام موڪليو ته جيڪڏهن توهان هتي اچو ته فبها، ورنه اسين مري وينداسين ۽ قلعو به توهان جي هٿن مان نڪري ويندو. جنهن تي ميرزا جاني بيگ فرمايو ته، مير ابول ۽ سلطان فاضل ارغون ۽ ڪجهه ٻيا امير، ڏهه هزار فوج ساڻ ڪري سيوستان مدد لاءِ وڃن. هيڏانهن گوريو مهتو ۽ ڪن ٻين نمڪ حرام، مڪر فريب سان ميرزا جاني بيگ کي تسلي ڏئي دلجاءِ ڪري چيو ته، تغلق آباد ۾ پنهنجي پٽن طرفان تون اطمينان ڪر. ازانسواءِ ٺٽي شهر کي به اسان ويران ڪري ڇڏيو آهي. پرڳڻن جا ماڻهو هر طرف ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن. باقي قلعي ۾ رهندڙن لاءِ، سو تن وٽ به، ٽن چئن سالن جو کاڌو پيتو ۽ ڪپڙو گندي موجود آهي. ان کانسواءِ توب خانو ۽ مڪمل جنگ جو اسلحه اهو پڻ اُتي موجود آهي ۽ ٻن ٻن ڪوهن جي فاصلي تي، ويجها ۽ پري جا ماڻهو سي به هڪٻئي کان جدا نه ٿا ٿي سگهن. سيوستان جو قلعو هن شهر کان ڏهوڻو آهي، سو جي پنهنجي هٿن مان نڪري ويندو ته گويا هن شهر جو دروازو دشمن لاءِ کلي ويندو. تنهنڪري هن قلعي کي پنهنجن هٿن مان ڪڏهن به ڇڏڻ نه گهرجي. ٻيو ته برسات ۽ ٻوڏن جي موسم ويجهي آهي. هتي برسات جي موسم ۾ رهڻ نهايت مشڪل ٿيندو. هي فوج جيڪا تون موڪلي رهيو آهين سا اجائي آهي، ڇاجي لاءِ ٿو موڪلين. جيئن ته خان خانان جو لشڪر به ڇڙوڇڙ ٿي چڪو آهي. تنهنڪري اسان جو مشورو هي آهي ته، تون خود پنهنجي سر سيوستان ڏي هل ته جيئن سيوستان جي قلعي ۾ سڪونت اختيار ڪريون. تنهن کانسواءِ قلعي جي هيٺان درياءُ پيو وهي، سو به پنهنجي نظر هيٺ هوندو، يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته لڪي جبل تي بهادري سان تنها ٿي ويهون ۽ اُتي قلعو به ٺهرايون ۽ پوءِ
خان خانان جو لشڪر جيڪو هيٺان پوءِ لنگهندو، سو قيد پيو ٿيندو. جنهنڪري وري اُتان نه لنگهندو ۽ نه وري ڪو هندستان مان ان جي مدد لاءِ اتي پهچندو.

اهڙي قسم جون ڳالهيون ٻڌي ميرزا جاني بيگ يڪدم سيوستان ڏي رخ ڪيو. گهڻوئي پنهنجي اميرن سمجهائي روڪيس، جهڙوڪ شاهه قاسم بيگلار ۽ خسرو خان. ليڪن هن ڪنهن جي به نصيحت نه ٻڌي.

جڏهن ميرزا جاني بيگ روهڙي مان نڪتو ته ان وقت شاهه بيگ خان، شاهه ڳڙه کان واپس اچي رهيو هو ۽ روهڙي جي قلعي کي ويران ڪيائين. اها خبر خان خانان ۽ ٻين اميرن کي به لکيائين، جيڪي چوڌاري پرڳڻن ۾ منتشر ٿي ويٺا هئا. ان بعد امير خان خانان ۽ ٻيا امير، ميرزا جاني بيگ سان جنگ لاءِ آماده ٿيا ۽ خان خانان اميرن کي هڪ وڏي لشڪر سان بختيار خان جي مدد لاءِ موڪليو. هوڏانهن جڏهن ميرزا جاني بيگ، سيوستان کي ويهن ڪوهن تي پهتو، تڏهن بختيار خان سيوستان جي قلعي جو محاصرو ترڪ ڪري، ميرزا جاني بيگ سان جنگ ڪرڻ لاءِ متوجه ٿيو ۽ خان خانان جو موڪليل لشڪر سو به لڪي واري جبل جي ويجهو پهتو. ميرزا جاني بيگ سان سٺ هزار سوار هئا، تن مان ڏهن هزار جوانن جو ۽ پڻ ٻين ڪيترن پيادن سپاهين جو انتخاب ڪري سمورا لڪي جبل وٽان،درياءَ جي رستي ننڍين ٻيڙين ۽ توبن سميت تيار ٿي، ڇهن ڪوهن جي ويجهو پهتا. هيڏانهن بختيار خان ۽ ٻين اميرن پنهنجي فوجن جون صفون تيار ڪري، ميرزا جاني بيگ ڏانهن رخ ڪيو. ميرزا جاني بيگ به پنهنجي لشڪر جون صفون تيار ڪيون. انهي وقت ٻئي فوجون هڪٻئي جي مقابل ٿيون. بادشاهي لشڪر جي ثابت قدم نه هئڻ سبب ان ۾ ڀاڄ پئي جنهن تي جاني بيگ جو لشڪر اُن جي پٺيان پيو. بادشاهي اقبال سان، ميرزا جاني بيگ جو هڪ مست هاٿي، ميرزا جاني بيگ جي فيلبان کي ڪيرائي، اُن جي ئي لشڪر ۾ وڃي پيو جنهن کان ميرزا جو لشڪر درهم برهم ٿي ويو. پر ان هوندي به ميرزا جاني بيگ تقريباً ٻن هزار سوارن سان جگن جي ميدان ۾ شجاعت جو داد ڏيندو رهيو ۽ پنهنجي ذاتي جوان مردي سان بهادري جا ڪرتب ڏيکاريائين. ٻئي طرف راجا داروجي، جيڪو پنج هزاري منصب تي هو ۽ پنهنجي وقت جو نهايت بهادر ۽ شجاع هو سو سخت زخمي ٿي پيو. بلڪ هن کي جنگ جي ميدان ۾ ٽي چار ٻيا به ڪاري زخم رسيا. هاڻي بادشاهي لشڪر، فوج در فوج ٿي، ميرزا جاني بيگ تي زبردست گهمسان وارو حملو ڪيو. ليڪن هر دفعي ميرزا جاني بيگ پنهنجي لشڪر ۾ ثابت قدم رهيو. باربار هرهڪ سان جوان مردي سان پئي جنگ ڪيائين. بهر نوع ٽي چار دفعا عظيم جنگ واقع ٿي. باهه واري خونريز، گهمسان جي جنگ ۾ طرفين جا ماڻهو سج لهڻ تائين مشغول رهيا. ٻنهي طرفن جا سپاهي ۽ ڪيترائي نالي وارا امير ۽ منصبدار، بيشمار قتل ٿيا. المختصر اُن ڏينهن اٽڪل اَٺَ هزار ماڻهو جنگ جي ميدان ۾ تلف ٿي ويا. آخر فتح ۽ ڪامراني بادشاهي لشڪر کي ٿي. جنهن بعد ميرزا جاني بيگ پاڻ کي جنگ جي ميدان مان هٽائي درياءَ جي طرف پهچايو. جتان اُنڙپور جي ڳوٺ پهتو. جيڪو جنگ جي ميدان کان ويهن ڪوهن جي مفاصلي تي هو. ميرزا انهي رات يڪدم اُتي قلعو ٺهرائي، مستحڪم ٿي ويٺو. بادشاهي  لشڪر ۽ اميرن به ان قلعي جو اچي محاصرو ڪيو. چند ڏينهن کانپوءِ نواب خان خانان پڻ مورچا ٺاهيا. جنهن بعد هر روز فريقين ۾ باهه جي اُلن ۽ چڻنگين واري جنگ پئي ڀڙڪندي هئي. جنهن ۾ به ڪيترائي طرفين جا ماڻهو مارجي پئي ويا.

آخر الامر، ميرزا جاني بيگ مسلمانن تي رحم کائي صلح جي منزل تي آيو. پنهنجن ايلچين کي خان خانان ڏي موڪليائين ته آءٌ صلح ڪريان ٿو ۽ في الحال ٽيهه ننڍيون ٻيڙيون (ڊونڊيون) ۽ سيوستان جو قلعو توهان جي حوالي پڻ ڪريان ٿو. آءٌ ٺٽي پهچي توهان سان صلح جو معاملو طئي ڪندس. نواب خان خانان پنهنجي اميرن سان مشورو ڪيو.  جنهن تي سمورن اميرن متفق ٿي چيو ته، جڏهن هو سڀني ڳالهين کان تنگ ٿي مشڪل ۾ پيو آهي، تڏهن ٿو صلح ڪري؟ اسان اڄ يا سڀاڻي تائين جنگ کي ختم ڪنداسين، سو اسان کي اهڙي صلح ۾ شڪ آهي ته ميرزا جاني بيگ ٺٽي پهچي، پنهنجي راءِ تان ڦري ويندو. جنهن تي خان خانان چيو ته طرفين جا نيڪ ۽ خيرخواهه ماڻهو ماريا پيا وڃن. تنهنڪري آءٌ هن سان صلح ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ اهڙي قسم جو پيغام بندگانِ حضرت کي پڻ پنج هزاري جي معرفت موڪليون ٿا. ان وچ ۾ ايلچين انجام ۽ اقرار ڪيا ۽ ننڍين ٻيڙين کي آندائون ۽ ڪنهن هڪ ماڻهو کي پڻ سيوستان موڪليائون ته هو قلعو حوالي ڪري ڏي. ان کانپوءِ ميرزا جاني بيگ ٺٽي ويو. خان خانان برسات جي موسم ڳوٺ ”سن“ ۾ گذاري، سياري جي شروع ۾ ميرزا ڏي متوجهه ٿيو.

جڏهن هو هڪ وڏي نهر جي نزديڪ ٺٽي کان ٽيهن ڪوهن جي فاصلي تي پهتو، تڏهن ميرزا جاني بيگ به پنهنجي هڪ وڏي اجتماع سان آيو. خان خانان ۽ ميرزا جاني بيگ هڪ ٻئي سان ملي ملاقات ڪري نهايت خوش خرم ٿيا. ان کانپوءِ ميرزا جاني بيگ هن جي هڪ وڏي دعوت ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن خان خانان به پنهنجن اميرن سان ميرزا جي دعوت تي ويو. سمورا شاهي امير ساڻس گڏ هئا. وري اُن جي ٻئي ڏينهن امير خان خانان به وڏي دعوت ڪئي، ميرزا جاني بيگ به خان خانان وٽ آيو. جنهن ۾ سمورا بادشاهي امير حاضر هئا جن ساڻس ڪچهري ڪئي.

قصو اهو ته امير خان خانان ۽ ميرزا جاني بيگ ۾ گرم ۽ نيڪ صحبتون ٿيون. ٻنهي عهدو پيمان ڪيا ته جيستائين اسين جيئرا آهيون تيسين هڪٻئي جا خيرخواهه ۽ جاني دوست ٿي رهنداسين ۽ ان سان گڏ خان خانان پڻ واعدو ڪيو ته هي ملڪ حضرت بادشاهه جو آهي، جيڪو توکي وري واپس ڪري عنايت فرمائيندو. ان کانپوءِ هو ٺٽي ۽ تغلق آباد جي قلعن کي ڏسڻ لاءِ ويو. وري لاهري بندر تان شڪار ۽ سير ڪرڻ لاءِ تشريف فرما ٿيو. درياءَ جو سير، دل سان ڪري، منهوڙي کي ڏسڻ لاءِ ويو جيڪو کاري پاڻي جي وچ ۾ ويهه ڪوهه، بندر کان پري آهي. هو ٻيڙين ۾ويهي روانا ٿيا. ان دوران نهايت تيز هوائون لڳيون ۽ درياءَ به وڏيون ڇوليون هڻڻ لڳو. جيئن ته خان خانان جي ماڻهن هن کي اڳ پهرين اهڙو منظر نه ڏٺو هو ۽ ٻيڙين نهايت لڏڻ لڳيون. جنهنڪري هنن کي به قئي اچڻ شروع ٿيون. نواب خان خانان کي پڻ انديشو ٿيو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته اهو طريقو اختيار ڪرڻ عقل کان بعيد هو.

اهڙي موقعي تي ڪن ميرزا جاني بيگ کي عرض ڪيو ته هن کان بهتر ٻيو ڪو موقعو اسين حاصل ڪري نه سگهنداسين يعني اسان خان خانان جي ٻيڙي کي غرق ڪريون، ميرزا جاني بيگ بلند آواز سان ”استغفار“ پڙهي چيو ته خدانخواسته ائين نه ٿئي جو آءٌ پنهنجي عهد جي خلاف ورزي ڪريان، منهنجي جان پڻ خان خانان سان آهي. هاڻ منهنجي ٻيڙي هن جي ٻيڙي جي ويجهو ڪريو. جڏهن ميرزا جاني بيگ جي ٻيڙي کي هن جي ويجهو ڪيو ويو تڏهن خان خانان جو وهم شڪ پاڻ زياده پختو ٿيو. آخر جڏهن ٻئي ٻيڙيون اچي گڏيون، تڏهن ميرزا جاني بيگ پنهنجي خدمتگارن سان پنهنجي ٻيڙي مان لهي خان خانان جي ٻيڙي ۾ آيو. اچڻ سان لطيفا، آکاڻيون ۽ مناسب حال تي اشعار ٻڌايائين ۽ ڏاڍي سٺي محفل ٿي. مطلب ته ميرزا عبدالرحيم خان خانان کي اهڙي قسم جا قصا ڪهاڻيون ٻڌائي هن کي پاڻ ڏي محو خيال ڪيو. تان جو درياءَ جي ڇولين لهرن ۽ لوڏن مان پار ٿي، اچي ڪناري تي پهتا. ان ڳوٺ ۾ هڪ ڏينهن ۽ رات قيام ڪيائون. ان وچ ۾ اُتي به محفلون سٺيون ٿيون. ازانسواءِ سمنڊ جي وير جي لهڻ ۽ چڙهڻ ۽ درياءُ جي ڇولين ۽ لهرن جا  پڻ تماشا ڏٺائون. ٻئي ڏينهن ٻيڙين ۾ چڙهي بندر تي پهچي ٺٽي واپس ويا.

ان وچ ۾ شاهي فرمان پهتو ته امير خان خانان ۽ ميرزا جاني بيگ پنهنجي اهل و عيال ۽ خاصخيلين سميت ٺٽي مان نڪري عازمِ بارگاهه ٿين، ۽ ملڪ کي بادشاهي ڪامورن جي حوالي ڪيو وڃي.

ارغونن ۽ ترخانن جي حڪومت جو دؤر بالاستقلال 1000هه ۾ ختم ٿيو. سنڌ ۾ اهو سمورو حڪومت جو دؤر 94 سالن جو هو. جنهن مان 74 سال حڪومت ۾ برقرار رهيا ۽ ويهن سالن تائين ملڪ جي اميرن حڪومت ڪئي. ”البقاءلله الملڪ المجيد و الحميد.“

بهر نوع جڏهن ميرزا جاني بيگ ترخان، بکر ۾ پهتو، تڏهن پنهنجي پٽن ۽ اهل و عيال کي رخصت ڪيائين، ۽ پاڻ خان خانان سان گڏ مقرر تاريخ تي قدم بوسيءَ جي شرف کان مشرف ٿيو ۽ حضرت بادشاهه به ميرزا جاني بيگ جي طرف نهايت عنايت سان توجهه ڪيو. جنهن بعد ڪمال شفقت ۽ عاطفت سان ظهور پذير ٿيو، ۽ کيس پنج هزاري منصب سان سرفراز ڪيائين. سموريون جاگيرون وري ميرزا کي مقرر ڪري ڏنيون ويون. بادشاهه اهو به حڪم ڪيو ته ميرزا جاني بيگ پنهنجن ماڻهن پٽن ۽ اهل و عيال کي ٺٽي وڃڻ لاءِ رخصت ڪري ۽ پوءِ پاڻ خود پنهنجي سر، حضور موفور السرور جي خدمت ۾ مسرور ٿي رهي. ميرزا، شاهي ملازمت ۾ ايتري قدر ته قابلِ اعتماد هو جو، شهزادو خسرو سندس دامادي ۾ ٿيو. جڏهن حضرت بادشاهه دکن جي طرف متوجه ٿي، احمد ننگر ۽ اسير جا قلعا فتح ڪيا، تڏهن ميرزا جاني بيگ، سرسام جي عارضي ۾ مبتلا ٿي، ماهه رجب 1011هه ۾ دائمي جهان ڏي روانو ٿيو(1) . ٺٽي ۾ ميرزا جاني بيگ جي حڪومت جو عرصو مجموعي طرح ارڙهن سالن جو هو. جنهن مان ست سال حڪومت تي برقرار رهيو ۽ باقي يارنهن سال امير جي حيثيت ۾ بسر ڪيائين.


(1) خليل خدمتگار: هي هڪ غير معروف ماڻهو هو پر جيئن ته هن ميرزا باقي کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، تنهنڪري اعليٰ خدمت تي فائز ٿي مهردار ٿيو، هن جي قبر مڪلي تي آهي. (تحفـة الڪرام)

(1) رائحه بيگم جا پهرين ميرزا نجابت خان جي نڪاح ۾ هئي ۽ پوءِ هڪٻئي کان جدا ٿيا هئا، تنهن کي ميرزا باقي پنهنجي نڪاح ۾ آندو ۽ پوءِ سندس وچ ۾ چڱي محبت پيدا ٿي. ان کانپوءِ ميرزا باقي جي دل کي ناهيد بيگم جي طرفان تسلي ٿي. (از تاريخ معصومي)

(1) بيگلارنامه ۾ مٿيون احوال هن ريت تحرير ٿيل آهي:

ميرزا جان بابا- امير شاهه قاسم خان زمان کي چيو ته اسان جي ۽ ميرزا محمدباقي جي وچ ۾ قيامت تائين  به صلح نه ٿيندو، توکي جيڪڏهن منهنجي مرضي رکڻي آهي ته ميرزا باقي جي لشڪر تي وڃي ”شب خون“ ڪر. اهو ڪم ضرور توکي ڪرڻو آهي. آخر ميرزا جان بابا جي زور رکڻ تي خان زمان مذڪوره ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. پر انهيءَ شرط سان ته ميرزا جان بابا به سندس پٺيان مدد لاءِ ايندو. ميرزا جان بابا چيو ته تون جڏهن ميرزا باقي جي رهڻ واري خاص ٻيڙي، جنهن کي ”لاهرو“ سڏين ٿا، تنهن تي جڏهن قبضو ڪندين ۽ قبضي ڪرڻ جي نشاني اسان کي ملندي، تڏهن اسين به اچي توسان همراهه ٿينداسون.

خان زمان پنهنجي عملي مان فقط چاليهه ماڻهو چونڊي پاڻ سان کنيا. جن مان ڪي سندس خاص جهونا همراهه به هئا ۽ ڪي انڙ جوان به هئا. جهڙوڪ: دودو انڙ، غازي انڙ، طالب انڙ وغيره. ميرزا جان بابا پنهنجي بهادري واري خاص پوشاڪ، خان زمان کي ڍڪائي. خان زمان زره پائي، خود مٿي تي رکي، شڪيلو (خنجر) چيلهه سان ٻڌو. جيتوڻيڪ شب خون جي ڪارروائي ۾ تيرڪمان کڻن جو ڪم ضرور نه ٿيندو آهي، پر ڪمان سان دل هوندي هيس ۽ ان کي ڪنهن به حالت ۾ پاڻ کان جدا نه ڪندو هو، تنهنڪري اها به پاڻ سان کنيائين. جمع جي ڏينهن پنهنجن همراهن سميت گهوڙن تي چڙهي، ريل پرڳڻي مان روانو ٿيو. برسات پوڻ ڪري رستي تي گپ چڪ تمام گهڻي هئي، ته به هي پهلوان بي پرواهه ٿي گپ چڪ لتاڙي هليا ويا. آچر جي رات انهيءَ زبردست ۽ مضبوط قلعي کي ويجها ٿيا، جنهن قلعي جي دروازي مان لنگهي انهن کي ميرزا باقي جي رهڻ واري خاص ٻيڙي ”لاهرو“ تائين پهچڻو هو.

خان زمان کي اهوئي فڪر ٿيو، ته آءٌ ميرزا جان بابا سان وعده ڪري آيو آهيان، ته مون کي ڪنهن به لاهرو ٻيڙي تي وڃي قبضو ڪرڻو اهي ۽ حال اهو آهي، جو مذڪور ٻيڙي جي آس پاس ٻيون به هزارين ٻيڙيون بيٺل هونديون، پوءِ انهن جي وچان اها خاص ٻيڙي آءٌ ڪيئن سڃاڻي سگهندس؟ انهيءَ ويچار ۾ هو، ته ايتري ۾ ميرزا باقي جي لشڪر مان هڪڙو ماڻهو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو گهڻي وقت کان خان زمان جو ڄاڻ سڃاڻ وارو هو. تنهن خان زمان کي خاطري ڏني، ته اها خاص ٻيڙي آءٌ توکي ڏيکاريندس. پوءِ خان زمان ۽ ان جي همراهن، گهوڙا کڻي اتي ڇڏيا ۽ ٻه ميل پيرين پنڌ هلي قلعي جي دروازي وٽ پهتا. صبح جو سويل اڃا قلعي جو دروازو کليو ته خان زمان پنهنجي همراهن سميت قلعي ۾ گهڙي ويو ۽ اڳيان پاڻ ۽ پٺيان ٻيا همراه بي ڌڙڪ اندر هليا ويا. خان زمان کي ميرزا باقي وٽ ايندر ويندڙ اميرن جا نالا ياد هئا، تنهنڪري چپي چپي تي چوڪيدارن پڇيو ٿي ته  ڪير اهين؟ ته ڪنهن کي چيائين ٿي، ته گوله ترخان آهيان ۽ نواب صاحب (ميرزا باقي) گهرايو اهي، سو تڪڙو تڪڙو ان وٽ حاضر ٿيڻو اٿم ۽ ڪنهن کي وري چيائين ٿي، ته آتش خان آهيان وغيره. ائين ڪندي وڃي ٻيڙي جي ٿڙ وٽ پهتو ۽ واٽهڙو دوست کان مليل نشانين تي لاهرو ٻيڙي سڃاڻي، ان تي وڃي چڙهي بيٺو.

ٻيڙي جا چوڪيدار ساري رات پهرو ڏيئي ان قت ستا هئا. باقي هڪڙو چوڪيدار ويٺل هو. تنهن اڃا پڇا جو آواز زبان مان ڪڍيوئي  ڪين، ته خان زمان تلوار جي هڪڙي ڌڪ سان سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيس. پوءِ ٻين همراهن کي ستل چوڪيدارن مٿان بيهاري پاڻ چڙهي ويو ٻيڙي تي ۽ ٻيڙي جي چوڌاري جيڪو پردو ڏنل هو، تنهن کي تلوار جي چهنب سان پاسي ڪري اندر گهڙي ويو. ڏٺائين ته ٻن نوڪرياڻين، ميرزا باقي جي غسل لاءِ پئي پاڻي گرم ڪيو. خان زمان جي هٿ ۾ اگهاڙي تلوار ڏسي. نوڪرياڻين خوف وچان تلوار! تلوار! ڪري پڪاريو. ميرزا باقي جيڪو ٻيڙي جي آڳيل واري ڪوٺي ۾ ستل هو. سو اهو آواز ٻڌي اٿيو ۽ در کولي ڏٺائين ته هٿيارن سان ڍڪيل هيبتناڪ مرد تلوار هٿ ۾ کنيو ٻيڙيءَ ۾ بيٺو آهي. پهريائين جنهن ٿالهي ۾ منهن کي ملڻ لاءِ اُٻٽڻ پيو هو، سا خان زمان کي اڇلائي هنيائينس.  پوءِ بدنو، جنهن سان وضو پئي ڪيائين، سو ۽ چلمچي به اڇلائي هنيائين. ايتري ۾ خان زمان ٻيڙي جي آڳيل تي چڙهي ويو ۽ ميزا باقي جي سامهون بيهي چيائينس ته مير هاشم ۽ مير ڪوچڪ ارغون منهنجا عزيز جيڪي تو وٽ قيد ۾ آهن، تن کي آزاد ڪر. تون عالي درجي وارو بادشاهه آهين ۽ آءٌ هڪڙو سپاهي پنهنجن ڀائرن جو بدلو وٺڻ آيو آهيان. پنهنجا پير پختا جهلج، متان دنيا ۾ بدنام ٿين.

ميرزا باقي هڪ ڪوٺيءَ جو در بند ڪري ۽ تلوار جو نيمچو هٿ ۾ کڻي اندر ئي ڦريو. ۽ خان زمان ڪوٺيءَ جي ٻاهران پئي ڦريو. آخر هڪڙي ڪنڊ وٽ لڪي بيٺو. ڇاڪاڻ جو ڏٺائين ته ميرزا باقي ٻه- ٽي دفعا ڪوٺي جي سوراخن مان تلوار لنگهائي، خان زمان کي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. خان زمان به پنهنجي تلوار ڪوٺيءَ جي سوراخ مان لنگهائي ڌڪ هنيو، پر اهو ڌڪ ميرزا باقي کي لڳڻ جي بدران ان جي بيگم کي لڳو، جا اُتي ئي مري وئي ۽ ڪوٺيءَ جو در کلي پيو. جنهن تي ميرزا باقي سياڻپ ڪري ڪوٺيءَ ۾ ٻرندڙ شمع کي يڪدم وسائي ڇڏيو. جنهن ڪري ڪوٺيءَ ۾ اوندهه ٿي وئي. جيتوڻيڪ خان زمان، در کلڻ شرط ڪوٺي ۾ گهڙي ويو، اوندهه هئڻ سبب ان کي ميرزا باقي جي خبر پئجي نه سگهي. ان بعد خان زمان رام ڀٽي کي هڪل ڪري چيو، ته ٽانڊو کڻي ٻيڙي کي باهه ڏي ته سوجهرو ٿئي. رام ڀٽي يڪدم ٻيڙي کي باهه ڏني، جنهن جي سوجهري تي ڏٺائون ته ميرزا باقي جي بيگم قتل ٿي پئي آهي. خان زمان چيو، ته بيگم جو لاشو ڪوٺيءَ مان ڪڍي ٻاهر تختي تي رکو متان سڙي وڃي. بيگم جو لاش ڏسي نوڪرياڻين ماتم ڪيو ۽ خان زمان کي چيائون ته توهان جو وير هو ته ميرزا باقي سان هو، هن ويچاري بيگم توهان جو ڪهڙو گناهه ڪيو، جو هن کي قتل ڪيو اٿو؟ خان زمان چيو، ته اسان ڄاڻي ٻجهي بيگم کي قتل نه ڪيو آهي، پر جيڪڏهن قتل ٿي آهي، ته اها ماهه بيگم جي خون جي عيوض سمجهڻ گهرجي، جيڪا مير سلطان قلي بيگلار جي زال ۽ منهنجي چاچي هئي ۽ تنهنجي پٽ مير محمد علي بيگلار سان گڏ قتل ٿي هئي.

خان زمان پوءِ پنهنجي همراهن کي حڪم ڪيو، ته ٻيڙيءَ جو سامان لٽيو. ميرزا باقي ڪوٺيءَ ۾ اوندهه ٿيڻ سبب ۽ ٻيڙيءَ کي باهه لڳڻ وقت ڪوٺيءَ جي کـُـڏ تان درياءَ ۾ ٽپو ڏنائين ۽ خليل نالي پنهنجي نوڪر جي مدد سان پاڻيءَ ۾ تري هڪڙي ڊونڊيءَ ۾ چڙهي گم ٿي ويو.

خان زمان ڇا ڪيو، جو ٻيڙيءَ ۾ نوڪرياڻين جي راند ڪرائڻ لاءِ جيڪو دهل پيل هو سو پنهنجن ماڻهن هٿان زور سان وڄرائڻ شروع ڪيائين. ارادو هوس ته جان بابا پنهنجي انجام موجب سندس مدد لاءِ ضرور ويجهي ڇڪ ۾ آيل هوندو، سو دهل جو آواز ٻڌي هت اچي نڪرندو. ميرزا جان بابا، انجام موجب قلعي جي ٻاهران اچي پهتو هو ۽ قلعي وارن ماڻهن ساڻس جنگ شروع ڪري ڏني هئي، سو دهل جو آواز ٻڌي سمجهڻ لڳو ته شايد خان زمان گرفتار ٿيو آهي. ميرزا باقي جو لشڪر نغارا وڄائيندو اسان تي ڪاهيندو پيو اچي. تنهنڪري ميرزا جان بابا پٺتي واپس ٿي، اچي ريل پرڳڻي کان نڪتو. ميرزا باقي جيڪو ڊونڊيءَ ۾ چڙهي پئي ويو، سو انهي دهل جي آواز کي ميرزا جان بابا ۽ خان زمان جي فتح جو نقارو سمجهي ڊونڊي کي تکو هلائيندو ڀڄندو ويو.

(1) يادگار مسڪين خان ترخان، هي شاهه بيگ ۽ ميرزا شاهه حسن جي ممتاز اميرن مان هو. جڏهن ميرزا شاهه حسن ملتان فتح ڪيو تڏهن ملتان جي حڪمران سلطان محمود لانگاهه جي پٽ ۽ نياڻي کي يادگار مسڪين خان جي حوالي ڪيو ويو. (تحفـة الڪرام)

(1) ميرزا جان بابا بيگ، ميرزا عيسيٰ ثاني جو والد ۽ ميرزا صالح ثاني جو ڏاڏو، جنهن جي قبر اڄ تائين ڪوهه مڪلي تي موجود آهي ۽ قبر تي ڪتبو پڻ ڪنده ٿيل آهي جنهن ۾ وفات وارو سال ۽ شهادت جي تاريخ پڻ مندرجه آهي، ميرزا باقي هن کي 978هه ۾ قتل ڪرايو. قطعه تاريخ وفات هي آهي:

هاتف از غيب گـــــــفـــت تـــاريخش      ورنه عقل از جنون بصحرا رفت

طرح ميم(40) است يايکي تاريخ      ”جـــان بـــابـــا ز دار دنيا رفت“

                                                                 977=40-1017  هه (؟)

(1)  ميرزا جاني بيگ تاريخ 27 ماهه رجب 1009هه ۾ وفات ڪئي. اهو سن ميرزا جي مقبري جي محراب تي پڻ اڄ تائين اُڪريل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org