سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ترخان نامو

 

صفحو ؛ 7

 

ميرزا شاهه حسن بيگ ارغون

سنڌ ۾ ارغون خاندان جو ٻيو بادشاهه ميرزا شاهه حسن بيگ ارغون هو. جيڪو 928هه ۾ پنهنجي پيءُ شاهه بيگ جي وفات کان پوءِ نصرپور ۾ تخت حڪومت تي ويٺو. هن چوٽيهه سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. هي بهادري ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو. ننڍپڻ کان وٺي بيماري جي وقت تائين هر ميدانِ ڪارزار ۾ فتحمند رهيو. لڙاين ۾ بهادري وارا ڪرتب ڏيکاريائين.

ننڍي هوندي کان ئي کيس علم حاصل ڪرڻ جو شوق هوندو هو. علم منقول ۾ ڪافي دسترس هوندي هيس. حڪومت جي ڪاروبار سان جيڪو سبق استاد وٽ پڙهندو هو، تنهن کي فارسي ۾ لکي ڇڏيندو هو.

صاحبِ تاريخه معصومي کان منقول آهي ته، ميرزا شاهه حسن جون فارسي ۾ لکيل اهڙيون ڏهه جزون، قاضي ڏتي سيوستان جي ڪتبخاني ۾ ڏٺائين، جڏهن سندس درس جي حلقه ۾ علم حاصل ڪري رهيو هو.

سمورا فيصلا شرع مطابق ڪيائين. سيدن، مشائخن ۽ علمائن جو نهايت ادب ۽ احترام ڪندو هو. سندن وظيفن ۽ پگهارن ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي نه ڪندو هو. بلڪ هرڪنهن سان سندس لياقت موجب رعايت ڪندو هو. ميرزا شاهه حسن اڃا ننڍو هو ته (921هه) ڪنهن ڳالهه تان پنهنجي والد شاهه بيگ کان ڪاوڙجي، بابر بادشاهه ڏي ڪابل هليو ويو. جتي هن جي ملازمن ۾ داخل ٿيو. بابر جهڙو تجربيڪار ۽ عقلمند بادشاهه، شاهه حسن جي هوشياري ۽ عقلمندي کي ڏسي پنهنجي مصاحبن کي اڪثر چوندو هو ته:

”- شاهه حسن اسان وٽ ملازمت لاءِ نه آيو آهي بلڪ هو انهي ڪري آيو آهي ته هو اسان کان حڪومت هلائڻ جا آداب ۽ قوائد سکي.-“

بادشاهي، نظم و نسق کي برقرار رکندي ظالمن جا هٿ مظلومن تي، ظلم ڪرڻ کان بند ڪري ڇڏيائين. ملڪي سياست، مڪمل نموني تي هلائيندو هو.

ميرزا شاهه حسن ٻه شاديون ڪيون. پهرين شادي پنهنجي چاچي ميرزا محمدمقيم(1) جي دختر ماهه بيگم سان ڪيائين، جيڪا سندس سڳي سؤٽ هئي. هن مان هڪ نياڻي چوچڪ بيگم ٿيس جا ميرزا ڪامران سان پرڻايائين. جڏهن ميرزا ڪامران حرمين شريفين ويو تڏهن چوچڪ بيگم به ساڻس گڏ هئي، مڙس جي وفات جي ستن مهينن گذرڻ بعد چوچڪ بيگم به اُتي وفات ڪئي ۽ دفن به اُتي ئي ٿي. شاهه حسن ٻي شادي بابر بادشاهه جي امير، مير خليفي جي دختر ۽ محب علي خان جي همشيره گلبرگ بيگم سان ڪئي. ليڪن زال مڙس جي وچ ۾ اڻبڻت هئڻ سبب ٻن سالن گذرڻ بعد ٻنهي جي وچ ۾ جدائي ٿي. جنهن بعد گلبرگ بيگم همايون بادشاهه سان شادي ڪئي ۽ تادمِ حيات هن سان گڏ هئي. سندس قبر دهلي ۾ آهي. ميرزا شاهه حسن کي، ميرزا ابوالمنصور نالي هڪ فرزند ڄائو جيڪو ٻن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.

ميرزا شاهه حسن 896هه ۾ تولد ٿيو. 66 سال جيئرو رهيو. 34 سال حڪومت ڪري سومر ڏينهن تاريخ 12 ربيع الاول 962هه جي سومهڻي وقت علي پوٽي پتڻ، تعلقه سيوهڻ وٽ ٻيڙي ۾ لاولد ٿي وفات ڪيائين. ميرزا شاهه حسن جو لاش ٺٽي کڻي ويا، جتي دريا جي ڪناري تي مير احمدولي جي حويلي ۾ بطور امانت جي دفنائي، ٽن مهينن گذرڻ بعد مڪلي جي ٽڪري تي هڪ عمارت تعمير ڪرائي وري اتي دفن ڪيائون. ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان ۽ ٻيا سمورا ارغون، خواهه ترخان امير، ماتمي لباس پهري ميرزا جي تابوت پويان دفن گاهه تائين پياده پا گڏجي هليا. ٻن سالن جي گذرڻ بعد وري اُتان، لاش کڻائي مڪه معظمه ۾ سندس والد شاهه بيگ جي ڀرسان اتر طرف دفن ڪيائون ۽ اتي مڪي شريف ۾ سهڻي عمارت تعمير ڪرايائون جا مشهور هئي. (تاريخ معصومي، ص 231)

ان وقت جي ڪيترن شاعرن ميرزا شاهه حسن جي وفات تي قطعات چيا، جن مان چند حسب ذيل پيشِ خدمت آهن:

قطعه تاريخه از ”قاسم کاهي
چون شاهه حسن پادشهه ارغوني
زين بحربر آمد چو دُرِ مکنوني
تاريخه وفاتش ز خرد جستم گفت
دردا که بـــــرون رفـــت
”شـہ ارغوني

1267-305=962

ڪن تاريخ نويسن ميرزا جو نالو، جهڙوڪ فرشته ۽ ماثرِ رحيمي وغيره وارن، ميرزا شاهه حسين ڪري لکيو آهي، جيڪو سراسر غلط آهي. صحيح نالو ميرزا شاهه حسن آهي. ليڪن غلام سرور لاهوري به پنهنجي چيل قطعي ۾ ميرزا شاهه حسين نالو ڪتب آندو آهي:

چون منزل گزين شد بخلد برين
ازين دهر برچيد دامانِ حسين
بصد حسين تاريخهِ وصلش بگو
اميرِ جهان تاج احسانِ حسين

962هه

ترڪي ٻيڙي جو اميرالبحر سيدي علي رئيس، ڏهين صدي هجري جي ٽين چوٿائي جي شروع ۾ سنڌ ۽ هند ۾ پهتو، جنهن بابت هن پنهنجو سفرنامو لکيو آهي. هي سنڌ ۾ ان وقت پهتو، جڏهن شاهه حسن ارغون جي اوج جو ستارو غروب ٿي چڪو هو. ازانسواءِ علي رئيس، حاجي ماهه بيگم تي الزام لکيو آهي ته هن پنهنجي مڙس ميرزا شاهه حسن کي زهر ڏنو هو ۽ عدت گذرڻ بعد جلدئي ميرزا عيسيٰ ترخان سان نڪاح ڪيو. بهرنوع هي ترڪي اميرالبحر تاريخ 20 ربيع الاول کان 15 شعبان 962هه تائين جمله پنج مهينا ۽ پنج ڏينهن سنڌ ۾ رهيو. هن ميرزا شاهه حسن، ميرزا عيسيٰ ترخان، ميرزا سلطان محمود ۽ ٻين سمورن اميرن سان روبرو ملي ڳالهايو ۽ ڏٺو، علي رئيس، ميرزا شاهه حسن جي قطعه تاريخ وفات، ترڪي ٻولي ۾ چئي جا بکر ۾ ميرزا مرحوم جي وزير ملاياري ۽ ميرزا سلطان محمود بکري کي ٻين تحفن سان ڏنائين. هي اميرالبحر هئڻ سان گڏ ترڪي ۽ چغتائي ٻولين جو پڻ شاعر هو ۽ تخلص ”ڪاتبي“ ڪيائين.

علي رئيس، ميرزا شاهه حسن جي وفات سومر ڏينهن تاريخ 9 جمادي الاول 962هه (1- اپريل 1555ع) ٻڌائي ٿو، جا نهايت گهڻي ڀاڱي زياده درست آهي. جيئن ته مير معصوم بکري پنهنجي تصنيف ۾ سومر ڏينهن 12 ربيع الاول 962هه لکي آهي.

رڪي) قطعئه تاريخ وفات ميرزا شاهه حسن بيگ،

شاه حسن سند که شه ايردي ولي
جيکتي اجل جا ميني تاپتي فنا
هاتفِ غيب ايستي تاريختي
”جنت فردوس مکاني اولا

962هه

ميرزا شاهه حسن بيگ ارغون، فارسي ٻولي جو نهايت اعليٰ شاعر هو. هن کي جيڪا شجاعت ۽ بهادري سان مناسبت هئي، انهي بنا تي هن پنهنجو تخلص ”سپاهي رکيو. هن جي عدل انصاف ۽ علم پروري جو اواز ايران، خراسان تائين پهچڻ لڳو، جنهنڪري جداجدا ملڪن جا ڪيترائي وڏا وڏا عالم، فاضل ۽ شاعر سنڌ ۾ پهچي ميرزا مرحوم جي نوازشات مان مالامال ٿيڻ لڳا. هن جي ڪيترائي مداح شاعر هئا، جن مان مشهور درباري شاعر هي آهن، جيڪي سندس دربار جي زينت هئا. جهڙوڪ: آگاهه، انوار، اول، ميرابوالمڪارم، احمدمڪراني، بيرم خان، مجرم، حيدر هروي، سريرام، سيار، صفائي طاهرعلي بيگ جلاير، غلام علي، فخري هروي، فيروزهه، مولانا قاسم کاهي، قطب الدين، مسعود، ميران، ميرڪ، نيازي، هاشمي، ياري ۽ يونس.

ميرزا شاهه حسن هڪ ڪامياب مجاهد ۽ ناليوارو بادشاهه هو. هڪ طرف ميدان جنگ ۾ رڌل هوندو هو ته ٻئي طرف عالمن جي مجلس ۾ به مشغول رهندو هو.

سلطان محمد المتخلص به ”فخري“ بن محمد اميرالهروي، هن جا ممدوحين ايران جا بادشاهه هئا. جهڙوڪ: شاهه اسماعيل صفوي (906-930هه) شاهزادو سام ميرزا (932-975هه) امير درميش خان واليءِ هرات (927-931هه) اعتماد الدوله ميرزا ڪمال الدين شاهه حسين اصفهاني (وزيراعظم شاهه اسماعيل) جنهن جو قتل (929هه) تبريز جي عمارت هشت بهشت ۾ مهتر شاهه قلي جي هٿان ٿيو ۽ خواجه ڪريم الدين حبيب الله ساوجي (متوفي 936هه) هئا.

دراصل حقيقي قدردان ۽ فخري جو اهم ترين محمدوح خواجه
ڪريم الدين حبيب الله هو، جنهن جي نالي- لطائف نامه ۽ تحفة
الحبيب، موشح ڪيائين. فخري، مذڪور پنهنجي ٻنهي ڪتابن ۾ ڪيترائي مدحيه اشعار چيا آهن ۽ خواجه کي هميشه وليءِ نعت چيو آهي.

فخري جي ممدوح خواجه حبيب الله (936هه) ۾ وفات ڪئي ۽ جيئن تيئن 8-10 سال وطن ۾ گذاري، جيئن ٻيا ايراني جيڪي بظاهر حج جي ارادي سان وطن کي خيرباد چئي نڪتا هئا، ليڪن مڪه معظمه پهچڻ کان اڳ سنڌ جي زيارت کان مشرف ٿيا ۽ هتي رهي پنهنجو پاڻ کي آسوده حال ڪيو.

فخري به انهن مان هڪ هو. يقيناً هي 946هه-947هه کان پهرين پنهنجي وطن هرات مان نڪري ڪابل ۽ قنڌار جي سرزمين ۾ امن و امان ۽ سڪون کي محسوس نه ڪندي، سڌو سنڌ ۾ اچي نڪتو. هي اهو زمانو هو، جڏهن ميرزا شاهه حسن ارغون سنڌ ۾ پنهنجي قوت سان هيبت ۽ دهشت جو هڪ عالم پيدا ڪري ۽ پوءِ اطمينانِ خاطر سان فرمانروائي ڪندو رهيو. ازانسواءِ همايون بادشاهه وارا، اڍائي سال گردشِ روزگار به هن پنهنجي اکين سان ڏٺا. شاهه حسن جي جن مجلسن جو ذڪر هن پنهنجي تصنيفات جي ديباچن ۾ ڪيو آهي، سي يقيناً دارالحڪومت جون صحبتون ۽ مرڪز جون درباري مجسلون هيون.

توران ۽ خراسان وارا دوست احباب، لاتعداد اهلِ زبان ۽ اهلِ وطن، هتي پهرين کان ئي موجود هئا. فخري جو دوست ۽ هن جو وليءِ نعمت خواجه حبيب الله ساوجي جو، ٻيو وڏو مداح يعني، حبيب السير جو مؤلف خوند مير، ان زماني ۾ جڏهن فخري اڃا هرات ۾ خواجه حبيب الله جي مداحي ۾ مصروف هو ته سنڌ ۾ پهچي ۽ پوءِ هتان هندستان هليو ويو. ليڪن هن جي خاندان جا ٻيا ڪيترائي فرد ۽ قريبي عزيز خويش هتي ميرزا شاهه حسن وٽ وڏن وڏن منصبن تي فائز هئا. هرات جو پوراني خاندان سو به هتي موجود هو. مشهور شاعر، شاهه حسين تڪدري المتخلص به مجرم“ سو به هتي جي امارت تي مامور هو. مخدوم محمود، سيد مير ڪلان، مولانا مصلح الدين لاري، مولانا يوسف سمرقندي، شيخ الاسلام شاهه قطب الدين خراساني، شيخ الاسلام سيد مير صفائي، شيخ الاسلام قاضي محمد هروي ۽ اهڙي قسم جا ٻيا اڻ ڳڻيا حضرات، جن ۾ ڪيترائي فخري جا دوست ۽ آشنا هوندا، سي سمورا موجود هئا. هرات جو مشهور ڪليجه پـُـز شاعر ”حيدر هروي“ سو به پهرين کان ئي شاهه حسن ارغون جي مداحي ۾ هتي مصروف هو. شاهه جهانگير هاشمي پنهنجي مثنوي، مظهرالاثار- (940هه) شاهه حسن ارغون جي نالي سان معنون ڪري ٺٽي ۾ لکي چڪو هو. جنهن جي ”سبب تاليف مان چند بند حسب ذيل پيش ڪجن ٿا:

اين چمن از گلشنِ جان آمده

تازه بهاري به جهان آمده

باد مبارک به سپهدار عهد

آنکه سبق برد ز اقران بجهد

”شاهه حسن“ خسروِ شيرين سخن

اَنبتـہ اللهُ نباتاً حسن

صبح صفا طلعتِ موزون اوست

سايئه حق ذاتِ همايون است

فطرتِ او مظهرِ احسان و حلم

حضرتِ او مرجعِ اصحاب علم

هرچه باصحابِ خرد مبهم است

راهِ صوابش بهمه ملهم است

بر ظفر در دمِ رهگير اوست

صرصرِ فتح از نفسِ پير اوست

گلشنش از بادِ خزان خم مباد

سايئه او از سرِ ماکم مباد

ديد رخش هاشمي“  و بر شگفت

اين دوسه بيت از سرِ اخلاص گفت

اي ز جمالِ تو جهان غرق نور

چشمِ بد از روئي نکوئي تو دور

هست رخت مهرِ سپهرِ جمال

طبعِ تو در غايتِ حسن و کمال

طبعِ خوش و جوهرِ ادراک تو

دال بود بر گهرِ پاک تو

ناظمِ آبادئي عالم توئي

آنکه مسيحا ست درين دم توئي

بود جهانرا ز فلک صد خطر

چتر تو شد برسرِ دوران سپر

تيغِ تو سر دفترِ لشکر کشان

گرزِ تو، گردن شکنِ سر کشان

اوجِ فلک رو بزمينِ تو باد

روئي زمين زيرِ نگينِ تو باد

اين سخن از نامِ خوشت ارجمند

شعر مرا پايه ز نامت بلند

(ص. 40)

اهڙي سازگار ماحول ۾ فخري جڏهن هتي پهتو تڏهن يقيناً غريب الوطني، جو احساس هن کي نه ٿيو هوندو. پوءِ اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ڪيئن  نه هن جي لاءِ ديارِ فرخندهءِ آثار ٿئي.

تحفة الحبيب ۾ ميرزا شاهه حسن جي مدح ۾ چيل سندس اشعار جيڪي فخري بعد ۾ به شامل نه ڪيا آهن. جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته فخري جي ميرزا شاهه حسن سان واقفيت اُتان سڌي هرات مان ٿي هئي.

فخري جڏهن هتي پهتو ته فضا ۽ ماحول سازگار هو. شاهه حسن جي دربار آراسته هئي. جنهن ۾ هراتي شعرا نغمه سرا هئا. اُتي جي علمي ۽ ادبي محلفن جو، جا ڪالهه جي ڳالهه هئي، تنهن بابت ذڪر اذڪار وقتاً فوقتاً ٿيندو رهندو هو. ڪتاب ۽ شعراء جا دواوين هتان اچڻ وارا، پاڻ سان تحفتاً آڻيندا هئا. جهڙوڪ: روضة السلاطين جي تاليف کان پهرين شاهه حسين بايقرا ميرزا جو ديوان ميرزا شاهه حسن وٽ پهچي چڪو هو ۽ پوءِ اهوئي ديوان، تذڪره روضة السلاطين جي تاليف جو باعث ٿيو.

فخري، ميرزا شاهه حسن سان تقريباً پنڌرنهن سال (947هه-962هه) يا اُن کان به زياده عرصو وابسته رهيو. انهي دؤر جي اندر هن ڇا ڇا ڪيو؟ سو ته منڪشف نه ٿو ٿي سگهي، ليڪن فخري، انهي عرصي ۾ شاهه حسن جي نالي سان معنون ڪيل ٻه ڪتاب روضة السلاطين ۽ صنايع الحسن، تاليف ڪيا جيڪي اڄ تائين اسان کي ان دؤر جي ياد ڏيارين ٿا.

روضة السلاطين

روضة السلاطين (56-958هه). ميرزا شاهه حسن ارغون، مغل بادشاهه هو. جنهنڪري فطرتاً هن جي طبيعت ۾ سختي ۽ تندي هئي. سنڌ تي تسلط ڪرڻ بعد سياست جي بنا تي هن سنڌ ۾ هرهنڌ پنهنجا امير ۽ قبيلن جا ماڻهو مسلط ڪيا ته، جيئن ڏيهي ماڻهو سامهون نه ٿين. ليڪن جيسين تائين شعر و سخن، علم ۽ ادب جي فروغ ۽ اهلِ علم ۽ فن جي پرورش ۽ سرپرستي جو تعلق آهي، سا هن اُهائي روش قائم رکي، جيڪا مرڪزي ايشيا ۾ ٻين مغل حڪمرانن جي رهي هئي، يعني هڪ هٿ تلوار جي هيٺان نڪتل انسان جو خونچڪان سر! ۽ ٻئي هٿ ۾ مثنوي شريف حضرت مولانا روم جا ڇهئي دفتر! هڪ طرف انساني کوپرين جا مينار بنجي رهيا آهن ته ٻئي طرف درباريون آراسته آهن، جتي اهل علم ۽ فن، انبوهه درانبوهه پرورش پائي رهيا آهن.

ميرزا شاهه حسن ارغون انهن سمورين مغليه خصلتن جو پورو پورو مظهر هو. اهڙي ستم پيشه فطرت سان گڏوگڏ هـُـو ادب پرور، علم دوست هو، فن جو قدردان هو ۽ خود به شاعر ۽ شعراءَ نواز هو. سام ميرزا تحفئه سامي ۾ ميرزا شاهه حسن جو نقاش (چترڪار) هجڻ پڻ بيان ڪيو آهي.

”بحدتِ ذهن و دوام عيش مشعول بوده و
گويند: در تصوير گاهي دستي دارد و گاهي
بگفتن نظم
خاطر ميگمارد-

فخري جڏهن ميرزا شاهه حسن جي علم نواز دربار ۾ پهتو تڏهن قصائد سان گڏ، هن ڪتاب به لکي سندس نالي معنون ڪيا. سڀ کان پهريون ڪتاب روضة السلاطين“ آهي. ڪتاب کي پڙهڻ بعد معلوم ٿيندو ته مذڪور ڪتاب جي تاليف 26 ربيع الاول 957هه ۽ 21 ذيقعده 958هه جي وچ ۾ ٿي. ان کانپوءِ ڪتاب ۾ ڪجهه اضافا به ڪيا اٿس.

فخري جو هي تذڪرو نه فقط ان ڪري اهم آهي ته، پنهنجي موضوع جي لحاظ کان اولين تذڪرو آهي، بلڪ مطالب جي لحاظ کان به ان جي اهميت ۽ قدر و قيمت بيش از بيش آهي. روضة السلاطين جي شروعات هن ريت ٿو ڪري:

حمد ۽ نعت کانپوءِ، اما بعد هي حقير فخري ابن محمد اميرالهروي، اعظم و جم جاه سڪندر وقار، ابوالفتح ميرزا شاهه حسن غازي خلدالله ملڪـہ جي مجلس ۾ ويٺو هو.

اَن بحر بيکرانه آن گوهرِ يگانه

آن سرورِ زمانه آن قبلئه قبايل

آن افتخارِ آدم آن نامدارِ عالم

آن شهر يارِ ملهم آن کامگارِ کامل

آن دافعِ مخالف آن نافعِ موافق

آن قاطعِ منافق آن جامعِ فضايل

رشکِ جم و فريدون نقدِ شجاع دوران

چشم و چراغ ارغون شاهِ حسن خصائل

در بزم کامراني سر حلقئه سلاطين

در باب نکته داني سر دفترِ افاضل

ميرزا سلطان حسين بايقرا جي ديوان کي ڏسڻ بعد، ميرزا شاهه حسن ارغون جي ارشاد تي، سمرقند، خراسان جي چغتائي، اوزبڪ، امير تيمور جي ابن ڏاڏن بادشاهن، ازانسواءِ هندستان، عراق ۽ روم جي سلاطين جي ڪلام جي انتخاب ۽ احوال سميت ستن بابن ۾ تذڪري جي صورت ۾ لکي مٿس روضة السلاطين نالو رکيم. هن ۾ بادشاهن ۽ انهن جي وزيرن، اميرن جو ذڪر ڪيل آهي. تذڪري جي آخر ۾ فخري پنهنجي ڪرم گستر ميرزا شاهه حسن ارغون جي مدح ۾ قصيده چئي لکيو، جيڪو حسب ذيل آهي:

قصيده

در مدح ميرزا شاهه حسن بيگ از سلطان محمد

”فخري“ بن محمد امير هروي

ساقيا! خيز، که آمد شهِ انجم به حمل

باده در ده، که به عشرت به ازين نيست عمل

قد بر افراز پئي عشرت و بردار قدح

رخ بر افروز روان، از مي و بگذار قبل

بتئه پيرهن از خانه، سوئي سبزه خرام

کز شقايق شده پر دامن صحرا و جبل

بجمالِ تو، که نبود چو تو، در حسن کسي

اي تو! درحسن و جمال، از همه خوبان اجمل

سرِ تسخير خيال تو، غزاتم خوانيست

شب که، برکرد خود از هاله نه مايد منزل

گر تو باز آئي و پيرانه سرم پرسي حال

ماضئي عمر گرانمايه شود مستقبل

عوضِ جان عزيزي، و ترا نيست عوض

بدل عمر شريفي، و ترا نيست بدل

عکس ابروي تو، در جام گرافتد چو هلال

چه شود گر شود آئينه جانرا صيقل

رند را درد سري، گذ بود از رنج خمار

گر بمالد سر از لاي تـہ خم صندل

دست کوتاه نسازد ز مي بيغش صاف

هيچگه غم نخود از روش چرخ دغل

خاصه وقتي که چمن را ز بهار ست خريد

در شگوفه همه بستند درختان ململ

گرچه، يکچند شد از باد درختان سرسبز

عور بي برگ و نوا همي فقيران قبل

از زمستان سخن سرد صبا بس که رساند

شد گره در دل باغ و چمن آويزه خلل

هرچه مي بود نهان، در چمن از بهمن و دي

باز از بازئي دؤرِ حمل آمد به عمل

باز در صحن سرا پرده گلزار شدند

نو عروسان رياحين بحلي و بحلل

از چمن باردگر چهچئه بلبل برخاست

هر طرف قهقهئه کبک بر آمد ز قلل

باز قمري ز سرِ سرو بر آورد آواز

تا مسجع کند آغاز همه صوت و عمل

بس که شد چون پرطاؤس ز گل روئي زمين

پر زنان حمد خدا عزوجل گويد جل

سبزه نوخيز و چمن خرم و گل ريز نسيم

عندليبان، بسر شاخ سراينده غزل

غنچه بنمود صراحيءِ زمرد در باغ

جام زر کرد برون نرگس رعنا ز بغل

بس که آمد رشحاتِ کرم از ابر بهار

گشت از کثرتِ نم پوششِ خارا ز عمل

چار لوحي شده گويا چمن از نقش و نگار

هر طرف آب روان راست چو سيمين جدول

ورق مصحف حسنست گلستان و برو

هر گلي آيتي از خامئه قدرت منزل

برسر باغ سفيدار ازان ميلرزد

که بسد ديده ز چشمِ بد ايام خلل

باغ زينسان که بنو خلعت نو روزي ساخت

اطلسِ چرخ نپوشد که بود مستعمل

درچنين فصل که بستان، ز لطافت بنظر

همچو گلزار خليل آمده خالي ز خلل

داد فرمان دهِ گل يار و بر آمد بر تخت

بر درِ بارگهش لاله فروزان مشعل

در بساطِ چمن افکنده صبا بهر نثار

هرچه از سرخ و سفيدش بکف آمد دستل

نسترن برسرِ گل خرکه کافور زدي

راست چون بزمگهِ پادشهِ ملک و ململ

اخترِ اوج جلال و گهر بحر کمال

شهِ جمشيد مثال و مهِ خورشيد مثل

غيرتِ جملئه سلطان زمان شاه حسن

محض لطف و کرم حضرتِ حق عزوجل

اي! در انديشهءِ بزمت همه ارباب کمال

وي! کمر بستئه عزمت، همه اصحاب دول

حارسِ ملک ترا، هست قضا حکم پذير

فارسِ عزم ترا، ابلقِ ايامِ کسل

ابر را صرصر تقدير بر آورده نگون

يا کتل برده جنيبت کشِ عزمت بکتل

اخترِ دولت و اقبال ترا خاصيت است

که برد نحسيت از فطرت مريخ و زحل

اي! تو اسکندر و دارا فرو خورشيد ضمير

هست آئينهءِ تو، چرخ و مهِ نو صيقل

ضبط ملک تو چنانست که درکل امور

غير تقدير محالست کسي را مدخل

جهته سوختن خصم همانا که يکيست

لمعئه تيغ تو و شعلهءِ شمشير اجل

عقل اول که، بردنام شهان بر منبر

اول آنست که القاب تو خواند اول

از سپاه تو، قضا و قدر آيد بجدال

با تو در رزم، کرا زهرهءِ يارائي جدل

وصف شمشير تو، در گردن مريخ فتاد

تا بود راست چو در گردنِ طفلان هيکل

دست و تيغ تو کند روي زمين را گلگون

ميل رمسح تو، شود چشم فلک را مکحل

کرد ميدان قتال تو، گر اکسير نبود

ورقِ چهرهءِ دشمن، ز چه روشد زر حل

گر نهيب تو زند بانک بدوران ز عتاب

همچو طفلان چه عجب حادثهءِ گردد احول

کوه اگر وقت خطابِ تو نيابد بجواب

صرصرِ قهر تو اش، زود کند مستاصل

قاف قدر تو، چنانست برفعت که ازو

ماند صد پايه تماشا که کيوان اسفل

سرکشان جمله به پيکار تو گردن به نهند

ساربانانِ تو، دربار چو آرند جمل

گر نه تدبير تو، در حفظ ممالک باشد

کار عالم، شود از فتنهءِ سراسر مختل

هر کرا شحنهءِ عدلِ تو گريبان گيرد

از نهيب تو، زند دست بدامان اجل

خرم و تازه چمن در قدمت باغ مراد

پر برد باز ز دستِ کرمت شاخِ امل

پيش احسان تو دست کرم حاتم چيست

قلم زنبق پر غنچهءِ سر پنجهءِ شل

قطرهءِ گر فتد از شبنم لطفِ تو بخاک

چه عجب گر بچکد آب حيات از حنظل

هاديءِ لطف تو از هرکه عنان بر تابد

ماند از کعبهءِ مقصود بچندين مرحل

تو بنزديک همه اهل سعادات اسعد

تو بنزدِ همه اصحاب فضايل افضل

مشکلي را که خرد پيش تو خواهد، گويد

حال ناگفته، شود از نظرِ لطف تو حل

يک حديثِ تو، شود عالم جانرا فياض

يک نگاهِ تو، دهدکار جهانرا فيصل

خواستم، پيش تو از بخت خمي، گويم باز

خردم گفت: که باز اي ازين رائي گسل

هست بر آئينهءِ راي منيرش، روشن

تا ابد هرچه مصور شده از روز ازل

همچو ”فخري“ بدعائي تو سخن ختم کنم

صورت حال نگويم که دعا راست محل

بحق و حرمتِ آياتِ مبينِ و ناطق

بحقِ جمله رسولان امينِ مرسل

دارم اميدکه، تا هست جهان عمر تو باد

بمرادِ تو، بود بخت بوجه اکمل

هرکه، فرمانِ خداوندئي تو نپذيرد
اجلش باد، بفرمانِ خداوند اجل

تذڪره روضة السلاطين ۾ ڪن سلاطين ۽ امراء جا اهڙا حالات ڏنا اٿس جي ڪنهن ٻئي تذڪري يا ڪتاب ۾ نه ٿا ملن. ازانسواءِ تاريخي لحاظ کان خاص اهميت رکي ٿو. ڪي ته اهڙا به بادشاهه ۽ امراء آهن، جن متعلق پهريون دفعو مذڪور ڪتاب مان معلوم ٿيندو ته هنن به شعر چيو هو. فيروزشاهه بحيثيت شاعر، ابوالحسن لانگاه، ملڪ شمس الدين پوز خان، ملڪ فخرالدين ۽ ملڪ حسام الدين وغيره پهريون دفعو سامهون آيا آهن.

ڪتاب لکڻ وقت فخري جي سامهون، تذڪره دولت شاهه سلسلة الذهب جامي، ظفرنامئه يزدي، تاريخ حبيب السير ۽ مجالس النفائس ماخذ جي طور تي هئا، فخري، لطائف نامه“ ۾ پنهنجي طرفان اضافو ڪيل مجلس نهم جي قسم هشتم ۽ نهم کان ڪافي مدد ورتي آهي. بلڪه ڪن هنڌن تي ساڳيائي حالات ۽ اشعار نقل ڪيا اٿس جيڪي لطائف نامه، ۾ لکي چڪو هو. ڪتاب جي زبان سادي ۽ سليس آهي.

سنڌ جي سلسلي ۾ روضة السلاطين“ جي ذريعي بلڪل نوان انڪشاف ٿين ٿا، مثلاً:

(الف) شاهه حسن ارغون جي علمي مجلسن طرف اشارا.

(ب)    خراسان مان ڪتابن جا تحفا آڻڻ.

(ج)    شاهه حسين بايقرا ميرزا جو ديوان جڏهن دربار ۾ آندو ويو تڏهن شاهه حسن جو ادب ۽ احترام سان اٿي بيهڻ.

(د)     پهريون دفعو معلوم ٿيو اهي ته شاهه حسن ارغون جو والد ميرزا شاهه بيگ ارغون به شاعر هو ۽ نفسي تخلص ڪيائين. نموني طور شعر به ڏنل آهي.

(هه)    ميرزا شاهه بيگ نحو تي هڪ ڪتاب، موسوم به متخذالعجاله لکيو.

(و)     ميرزا شاهه حسن جا ڪي حالات ۽ ان جا اشعار ڏنل آهن، جيڪي پهريون دفعو اسان جي سامهون آيا آهن.

صنايع الحسن

فخري ٻيو ڪتاب، صنايع الحسن (بعد از 958هه) سنڌ ۾ لکي
ميرزا شاهه حسن ارغون جي نالي سان معنون ڪري، انهي مناسبت سان ڪتاب جو نالو
”صنايع الحسن رکيو، مذڪور ڪتاب جي شروعات به هن ريت ٿو ڪري.

حمد ۽ نعد کانپوءِ امابعد، هي قليل البضاعة فخري، ابن محمد اميري الهروي، هڪ ڏينهن، سپهرِ مهر عظمت و جلال ميرزا شاهه حسن ارغون جي مجلس ۾ حاضر هو.

رشکِ جم و فريدون نقد شجاع و ذوالنون

چشم و چراغ ارغون شاهه حسن خصايل

در بزم کامراني، سر حلقه سلاطين

در باب نکته داني، سر دفترِ افاضل

او بحر بيکرانه، او گوهر يگانه

او سرورِ زمانه، او قبلئه قبايل

او افتخارِ اعلم، او نامدار عالم

او شهريارِ ملهم، او کامگارِ کامل

او واقع مخالف، او نافع موافق

او قاطعِ منافق، او جامع فضايل

دائمي علم و ادب جي مجلس ۾، مبارڪ ۽ نيڪ ساعت ۾، علم بيان ۽ علم صنايع و بدايع تي گفتگو ٿي، جنهن بعد علي الخصوص، نوجوان شاعر جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ هي ڪتاب لکيو ويو آهي.

هن ڪتاب ۾ علم بيان جون خوبيون ۽ صنايع و بدايع جون صنعتون مختلف اشعار جي مثالن سان بيان ڪيل آهن. مذڪور ڪتاب جي لکڻ وقت فخري پنهنجي وقت جي استادن، خواجه نصير طوسي، رشيد و طواط، وحيد تبريزي، شرف بن محمدالرامي، مولانا قطب الدين، علامه شمس قيس، صاحبِ مفتاح، اخفش نحوي، خصوصاً امير عطاء الله مشهدي، مولانا حسين واعظ، امير سيد حسين اردشير جي ڪتابن جهڙوڪ: بدايع الصنايع، بدايع الافڪار ۽ صنايع الاشعار وغيره جيڪي ماخذ جي طور تي هئا، تن تان مدد ورتي وئي آهي.

فخري، مذڪور ڪتاب ۾ صنايع شعري کي بيان ڪندي سند ۽ مثال جي طور تي، جتي ٻين اساتذه جا اشعار آندا آهن، اُتي هن پنهنجا اشعار به مثال طور آندا آهن، جي گهڻو ڪري اُنهن قصيدن مان ڏنل آهن، جيڪي هن ميرزا شاهه حسن ارغون جي مدح ۾ چيا آهن ۽ هتي اسان هن جا اهڙا اشعار ڏئي رهيا آهيون. جهڙوڪ هي شاهه حسن جي مدح ۾ آهن:

شجاع دولت دين، کافتاب همت او

برون ز چرخ برين، ميکند هميشه مدار

مدار مرکزِ ملکست و از محيط کفش

نرفت ز ورق انديشهءِ دلي يکبار

هي ذوالقافيتين ۽ ردالعجز علي الصدر جي صنعت ۾ چيو اٿس.

تا گذر کرد بر آن سلسلهءِ مشکين، باد

گفت، برنافهءِ آهوئي خطا نفرين باد

ياد جاويد خر اميد نت، اي آب حيات

کاتش جان من سوخته را، تسکين داد

داد از روز جدائي شب تنهائي را

که نداد است کسي جور و ستم چندين ياد

ياد کن از دل غمگين من، اي جان عزيز

که بود نيز، بيادِ تو دلِ غمگين شاد

شاد مانم بدعائي تو و گويم، که مدام

يارب! اين شاهه حسن خلق فلک تمکين باد

هي به شاهه حسن جي مدح ۾ چيل قصيدي جا بند آهن:

ز هي رخ تو، گل تازه، ز گلشن جان

قد تو، سرو رواني، ز بوستانِ روان

بخواب غمزه آن چشم مست، شيخ و مريد

اسير حلقهءِ آن زلف است، پير و جوان

منم، فتاده بکنج غم تو، زار و نزار

سر شکم از مزه، هر گوشهءِ دري تو روان

ز جان، بمحبت عشق تو، رفته صبر  و قرار

بتن، ز رنج فراقت، نمانده تاب و توان

به بين! که بادل صد پاره، هر شبي تا روز

ز ديدهءِ، پي روي توام، ستاره فشان

چنين که بي تو مراشد بباد خرمن عمر

سترد که، آتشِ آهم رسد بکاهکشان

رقيب چند کشد ساغر وصال ترا

چه شد، مراهم ازين باده، جرعهءِ بچشان

تو کامياب شهي، بر سرير کشور حسن

تو آفتاب منيري، ميانِ ماه و شان

بر آستان تو، شاهان دور، خاک نشين

براي، خاک نشين در تو، شاهه نشان

برون خرام، سهي سرو من! شگفته چوگل

گذر بجانب بتان و کاسهءِ بستان

بنوش، جام ميءِ لاله گون، و از رخسار

چو لاله، آتش ديگر فروز، در بستان

چرا ز دست نهدکس قدم، که مرغ چمن

حديث رافت شه، ميکند بصد دستان

جهان پناه و عدالت شعار، شاهه حسن

که اوست خسرو دارومدار امن و امان

هي به شاهه حسن جي مدح ۾ چيل بيت آهن:

ايا سپهر جلالت امير شاهه حسن

که حسن راي تو در سلطنت بود دستور

توئي! که صفحئه تيغت، بخط آيهءِ فتح

بود ميانهءِ شاهان، صحيفهءِ منشور

فگنده مار بصحرا، ز بيم قهر تو، زهر

بچشم مار، در آيد بدور عدل تو، مور

شاهه حسن جي تعريف ۾:

اي غم! بدار دست زمن، ورنه داد من

نصرت قرين تهمتن صاحب قرآن دهد

گردون جناب شاهه حسن، آنکه راي او

نور و ضيا، بمهر و مه آسمان دهد

شاها! ظهير اگرچه به ممدوح خويش گفت

اين بيت را، که ياد  باهلِ زمان دهد

نه کرسئي فلک نهد انديشه زير پاي

تا بوسه بررکاب سمندب بجان دهد

يارب بحق روح رسولي، که از درش

کردي فروغ ناصيئه سرکشان دهد

بادت جهان بکام، که در پاس مملکت

عدلت شبان بگرگ طريق شبانه دهد

شاهه حسن جي لاءِ دعائيه لکي ٿو:

شه يکتاي، روشن اي، ملک آراي، دين پرور

حسن نام و حسن خلق و فلک قدر و ملک منظر

محمد خوي، يوسف روي، يحييٰ قدر و صالح وش

سکندر جاه، و خضر الهام و موسيٰ دست و عيسيٰ دم

ذوالبحرين جي صنعت کي بيان ڪندي، مندرجه ذيل اشعار بطور مثال جي ڏئي ٿو:

حامي دين، والي کشور کشاي

گرهرِ او، مظهر، لطفِ خداي

مملکت آراي، چو نوشيروان

کشور او، مسکن امن  و امان

شيوهءِ او، خدمتِ آلِ رسول

ديدنِ او، شادي جان ملول

پنجئه او، است چو شاخِ ثمر

ريخته در دامن سايل گـُـهرَ

ديده جان نوروز، از روي او

سايهء دل بهره بر، از کوي او

هي به شاهه حسن جي مدح ۾ چيل قصيدي جا چند بند آهن:

گويا که رسم خسروِ صاحب قرآن گرفت

زانرو که قافت هر همه بحر و بر آفتاب

گردون جناب شاهه حسن آنکه در شرف

از آستان اوست يکي چاکر آفتاب

شاها! سرِ سپاه همه خسروان، توئي

زان سانکه، بر سپاه کواکب، سر آفتاب(1)

بقول پير حسام الدين راشدي، فخري جو ڪتاب صنايع الحسن نهايت ئي نادر الوجود آهي. اڃا تائين ته فقط ان جي ٽن قلمي نسخن جي خبر پئي آهي.

(1-2) برلن جي ڪتبخاني ۾ ”صنايع الحسن“ جا ٻه خطي نسخا موجود آهن.

پهريون نسخو (3171) نمبر تي آهي، جنهن جي ڪتابت سال (981هه) ۾ ٿي.

(ورق 9 کان 60 ب تائين) اهو نسخو ايلٽ (Elliot) جي ذخيري ۾ هو.

ٻيو نسخو شماره (1372) تي آهي. جنهن جي ڪتابت دهلي ۾ سال (1169هه) ۾ ٿي.

(ورق 182 کان 245 تائين) هي نسخو اوسلي (Ouseley) جي ملڪيت ۾ رهيو آهي.

(3) ڪتبخانئه باڪيپور پٽنه: شماره (848) تي موجود آهي. ڪتاب تي نواب سيد ولايت علي خان ۽ نواب خورشيد (1282هه) نواب پٽنه جون مهرون اول ۽ آخر ۾ ثبت آهن.

قصيده

در مدح ميرزا شاهه حسن بيگ ارغون

از حيدر کلوچ هروي

پرده ز رخ بر گرفت، لعبت سيمين بدن

چهره ز ساغر نمود يوسفِ گل پيرهن

ديدهءِ گردون بريخت اشک شفق گونه ساخت

دامنِ افلاک را، پر ز عقيقِ يمن

خسروِ خاور رسيد، صبحدم از گرد راه

بر ز بر کوه زد، خيمهءِ زرين رسن

صبح چو مشاطگان طرهءِ مه تاب داد

مه، ز پسِ سر فگند، گيسوي عنبر شکن

نسترن از برگ ساخت، چتر زمرد سفيد

باد سحرگه بريخت،برگ گل از نسترن

شد ز تب و تاب مهر، رويءِ فلک خونفشان

بود اگر شبنمي، ريخت ز برگِ سمن

آتشِ موسيٰ نمود، صبحدم از کوه طور

مايهءِ دل بيستون سوخته بر کوه کن

آئينهءِ مهر را، بهر عروسِ جهان

صيقليءِ صبح ساخت، پاک بوجه حسن

بسته فلک بر ميان، قرص زر جعفري

يا پئي تيرِ شهاب، ساخته از زر مجن

گر نفروزد چراغ، مشعله دار فلک

از پئي بزم تو چيست، اين همه شمع و لگن

من که سراسر سخن، در صفت خور نهم

کي بود اين گفتگو، درخور احوال من

از همه کاري که کرد، دل بجهان اختيار

درهمه چيزي که هست، داخلِ سر و علن

به که برد بر زبان، نام سپهر آستان

شاهِ حسن در جهان، شهره بخلقِ حسن

شمع منور ضمير، غيرتِ مهرِ منير

اخترِ گردون سرير ماه سپهر انجمن

باعثِ امن و امان، صاحب دؤرِ زمان

داد ده جم نشان، رستمِ لشکر شکن

هم بشجاعت علم، هم بسخا و کرم

صاحبِ سيف و قلم، حامئي دار و رسن

برسرِ کوئي مصاف، آمده بي کذب و لاف

تيغ تو خارا شگاف، تير تو مرد شکن

بختيءِ گردون کشد، بهرکمين خادمت

روز و شب از مهر و ماه، بارکش و بلعزن

فطرتِ احباب تست، لايقِ جاه و جلال

طينتِ اعدائي تست، در خورِ دارِ محن

از پسِ حشمت خدا، داده سليمانيت

از پئي فقر و فنا حال اويس قرن

اي حبش و زنگبار، هندويءِ هندويءِ تو

هم ز کمر بستگان، ترک و خطا و ختن

با تو ز احوال خود، يک دو سخن ميکنم
يک نفس، از لطف کن، گوش بر احوال من

عشق و ملامت مرا، راه غريبي نمود

کس چو منِ ناتوان، دور مباد از وطن

ز آتش هجران مرا، بود بدل داغها

باز ز سرِ تازه شد، اين همه داغِ کهن

باغمِ هجران يار، عمر چسان بگذرد

خسته دلي را که ماند، جانِ جدا از بدن

مطلع

آهِ جهان سوز عشق سوخت سراپائي من

وز دل و جان شعله زد، آتش آن سيمتن

شوقِ وصالم ربود، اين غزلم رو نمود

شب چو ز هجران فزود، درد منِ ممتحن

مطلع

اي خجل از عارضت، برگ گل و نسترن

وي ز خطت منفعل، نافهءِ مشکِ ختن

پيش خطت چون کسي، دم زند از مشکناب

با رخت از آفتاب، کيست که گويد سخن

بخت بلند اخترت، پايه بگردون رساند

تافت بر اهل جهان، همچو سهيل از يمن

خوش دمِ صبحي بود، کز سرِ مهر افگند

سايه بر اطراف باغ، سرو گل و نارون

تازه رهِ دلبري، سروِ خرامانِ تو

گشته بجلوه گري، مايلِ طرفِ چمن

غنچه و سوسن ترا، ديده و بکشوده اند

اين بثنايت زبان، و آن بدعايت دهن

هست چو حيدر مرا، ذوق دعا گوئيت

شايد اگر بر دعا، ختم نمايم سخن

تا دهد از روي مهر مشعلِ مه روشني

تا بمه و مشتري، ماه شود مقترن

کوکبِ بختِ ترا، هيچ زوالي مباد

شمع مرادِ تو باد، دؤر ز باد محن

هاڻي اسان ميرزا شاهه حسن بيگ، تخلص ”سپاهي“ جي ڪلام مان چند غزليات ۽ ڪجهه رباعيون پيش ڪريون ٿا ته جيئن قارئين، ميرزا مرحوم موصوف جي شاعري ۾ تغزل جو انداز ۽ رنگ ڏسي پنهنجي راءِ قائم ڪري سگهن. حسب ذيل ڪلام ڪتاب روضة السلاطين، تحفة الحبيب ۽ خلاصة الاشعار وغيره تان نقل ڪيل آهن.

غزل

مقيم ميکده بودن مرا بموي شرابست

درين مقام نباشد مقيم حال خرابست

گذشت روز بيا ساقيا که ماه نو آمد

بگير باده که ميخانه را مفتح البابست

ز آب روي خودم دست و سينه در رهِ عشق

وفا و مهر تصور ز تو مثال سرابست

کجائي اي زمي افروخته جمال تو گل گل

بيا که مرغ دل من بر آتش تو کبابست

ز دوزخ و ز عذابش که گفت واعظ نادان

فراق تو سقر و ديدن رقيب عذابست

برخ نقاب گرفتي چو جام باده کشيدي

بيا و پرده برافگن ز چهرن اين چه حجابست

0ازان بکار جهان دل نه بسته است ”سپاهي“

که ديده است يقين سربسر جهان خرابست

ايضاً

هر که در سلسلئه دست تمنا زده است

دلِ ما دست دران زلف سمن سا زده است

بي گلِ روئي تو امسال رياحين چمن

ز آه سردم همئه پز مرده و سرما زده است

نه گل ست آنکه شگفت ست درين باغ بهار

شعلئه روئي تو آتش به چمنها زده است

لاله با داغ دل و خونِ جگر فصلِ بهار

چون ”سپاهي“ علمِ خويش بصحرا زده است

ايضاً

ز آتشين رخِ او خط عنبرين برخاست

بجان زد آتش و دودِ دلِ حزين برخاست

فشاند زلف معنبر بروئي چون مصحف

شعار کفر ازان روز اهل دين برخاست

بناز و عشوه نشستن ميان مه رويان

هزار فتنه و اشوب از کمين برخاست

اگرچه سرو سهي خاست در چمن بسيار

ولي يکي نـُـه چو قد تو نازنين برخاست

هر آن خدنگ که بر دل زدي ”سپاهي“ را

نشست تير و ز شصت تو آفرين برخاست

ايضاً

چه تير بود که آن چشم نيم خواب انداخت

که مرغ جان و دلم را در اضطراب انداخت

از ان سبب شده عالم بچشم من تاريک

که يار بر رخِ خورشيد خود نقاب انداخت

چو وصف آن درِ دندان شنيد روزِ ازل

گـُـهرَ ز شرم روان خويش را در آب انداخت

ز آفتاب تفِ من مگر حجاب نمود

و گرنه پرده جرا پيش آفتاب انداخت

بلطف خواند سگِ خويشتن ”سپاهي“ را

ز لطف خويش چو در گردنش طناب انداخت

ايضاً

دلِ ديوانه چنان در خمِ زلفِ تو نشست

که بزنجير بجائي دگرش نتوان بست

خلق گويند درين شهر مسلماني نيست

روي چون قبله نما تاهمه گويند که هست

گفتئه بي رخِ ما حال تو چون است؟ مپرس

آنچه شبها گذرد در دلِ خورشيد پرست

سر بپايت نهم از زلف بدستم نرسد

هر کجا بر نتوان جست فروبايد جست

گرچه صد چاک شد از هجر رخت دامنِ گل

دامنِ وصل تو نگذاشت ”حسن شاهه“ ز دست

ايضاً

عشقت که بود مايئه اسباب سلامت

مارا نبود حاصل ازو غير ملامت

آن کس که شود کشته بشمشير جفايت

نبود هوسِ زندگيش تا به قيامت

عمريست که اي سرو خرامنده گذشتي

غايت نشد از ديدهءِ من آن قد و قامت

اي شاه تو در بارگهِ ناز مقيمي

مارا بسرِ کوئي نياز است اقامت

بکشا گرهءِ از طره هندوئي خود اي مه

تا خسروِ خاور شود از مهر غلامن

پابوسِ سگت گر به ”سپاهي“ ندهد دست
تا زنده بود ميگزد انگشت ندامت

ايضاً

اگرچه بود دلم از هوائي غم رنجور

ولي پيام تو اش کرد عاقبت مسرور

کسي که مئي ز سفالِ سگِ تو نوش کند

نه ياد جام جمِ آرد نه ساغرِ فغفور

بباغ دهر گهي گل گهي خزان باشد

که نيست کارِ جهان هيچگه بيک دستور

چو روز و شب بيخيالِ تو بوده ام نزديک

اگر تو نيز کني ياد من نباشد دور

”سپاهي“ است هوا هائي گرم سرد اکنون
چه جائي بادهءِ انگور و جامهائي سمور
ايضاً

تيغ تو تيز و سنانت تيز و مزگان تو تيز

بهر خونِ بيدلان گويا تو داري اين ستيز

باد گويا دوش همدم بود با آن زلف و خال

زانکه آمد صبحدم عنبر فشان و مشک و بيز

سير در گلزارِ حسنت پـُـر حذر اي سر و ناز

جلوه کن در عالم و هر جانب افگن رستخيز

ساکنانِ نـُـه فلک بودند در هنگام صبح

هم دُر افشان شد بثابت هم براهت اشک ريز

اي ”سپاهي“ گر بدست افتند صراهي و مئي
بابتي در پاي گل بنشين و مئي در جام ريز

رباعيات

خورشيد محمدي که خود نور خداست

هر نور که هست پيش اين نور فناست

گر سايه نداشت نور پاکش چه عجب

بي سايئه نور به عالم پيداشت

پيغمبر ما که حق سايئه اوست

معراج نشان کمترين پايئه اوست

گر سايئه نداشت نور پاکش امروز

فردا که هست، هر که در سايهءِ اوست

چشمم همه روز با خيال تو نم است

گر باز آئي غايت لطف و کرم است

عينک بنهيم که چار گردد چشمم

زانرو که دو ديده بر جمال تو کم است

گر ديدهءِ من منور ز ابروئي تو نيست

ور شامه ام معطر از بوئي تو نيست

هر چند رهم بکعبئه کوئي تو نيست

هرگز کشش دلم بجز سوئي تو نيست

اي آنکه ترا خبر ز راهم نبود

پرواي جفائي عمر گاهم نبود

گر نيکم اگر بد بتو دارم اميد

حقاکه بجز درت پناهم نبود

ابيات

دامن به ميان برزده جانانه ام امروز

من بندهءِ آ نظور يتيمانه ام امروز

به مسجدي که روم در فراق دلبرِ خويش

بهانه سجده کنم بر زمين نهم سرِ خويش

***

**

*


(1) ميرزا محمد مقيم، وفات 914هه (1507ع).

(1) از مير علي رضا ”آگاه“

خلقِ حسن از نقشِ جبينت روشن
زيبد بولائي عليت نــــــــام حسن

                                                              مقالات. ص. 15.

درڪتيبئه جامع فرخ تته:

بدور شاه عادل آن حسن خلق و حسين آئين
که آمد خنگ گردون باوجودِ سرکشي رامش

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org