سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تحقيق جو فن

باب: --

صفحو : 12

ڪنهن قلمي نسخي کي ايڊٽ ڪرڻ لاءِ ڪهڙي جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي ۽ مواد ڪيئن گڏ ڪيو وڃي ٿو. تنهن لاءِ هيٺ مثال ڏجن ٿا:

(1) شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه ”ڪلام گرهوڙي“ مرتب ڪرڻ لاءِ مواد ڪيئن گڏ ڪيو تنهن بابت لکن ٿا ته:

”سن 1934ع ۾..... هڪ ڀيري پير جهنڊي جي ڳوٺ وڃڻ ٿيو، جتي مرحوم مغفور پير ميان احسان الله صاحب العلم الخامس پنهنجي بي بها ڪتب خاني جي معائني جو موقعو بخشيو. ڪتاب جي ڦوليندي حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان (رحه) جي سنڌي ابيات جا ٻه نسخا جناب حضرت قدوة المجتهدين و زبدةالشهداء الصالحين شيخ عبدالرحيم (رحه) جي شرح سان هٿ لڳا ۽ انهن سان گڏ پڻ سندس سنڌيءَ جو هڪ سڌاريل ۽ صحيح نقل پلءِ پيو، ازانسواءِ بزرگن مولوي غلام محمد خانزئي مرحوم جو رسالو پڻ مطالعي ۽ اشاعت لاءِ مرحمت فرمايو ته اهي ناياب ۽ نادر تحفا ساڻ ڪري بمبئي پهتس، جتي بزرگ گرهوڙيءَ جي سنڌي ڪلام جي مزيد نسخن ڪٺي ڪرڻ جو شوق مافوق پيدا ٿيو. استاد محترم ڊاڪٽر گربخشاڻي لنواريءَ جو هڪ نسخو، جو منهنجي سعادتمند تلميذ رشيد پير سعيد حسن (اطال الله عمره) کيس ڏنو هو، سو مون کي ڏياري موڪليو ۽ منهنجي اڳوڻي عزيز شاگرد دين محمد سومري وري عبدالحي نقرچ جو اتاريل نسخو ٽيهن روپين جي هديہ تي مهيا ڪيو، ۽ ازانسواءِ نهايت تڪليف وٺي سن 1937ع جي اواخر ڌاري گرهوڙي شريف جي پير سال بزرگ فقير سنگهار واتان ٻڌل گرهوڙي جي حياتي جو احوال قلمبند ڪري پهچائي ڏنو، جو اڪثر مستند ۽ ڪتابي سوانح جي مطابق آهي ۽ پڻ پنهنجي سابق پر هاڻ منهن موڙيل دوست سيد عطا حسين شاهه موسوي جي طرفان چند سنڌي ڪلام جا نسخا عطا ٿيا. خاص جناب پير صاحب خواجہ ميان گل حسن لنواريءَ واري جو منت پذير آهيان، جن پاڻ وٽ رکيل نسخي جو ماستر شير محمد صاحب هٿان نقل ڪرائي ڀيٽ لاءِ عطا ڪيو؟ ۽ پڻ قاضي محمد اشرف صاحب ٽنڊي جان محمد واري جو، جنهن مرحوم مير خان محمد خان ٽالپر جو هٿ اکر لکيل نسخو موجود ڪري ڏنو. پڻ عزيزم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ميان محمد حسين ماڻڪاڻي جو نهايت احسان مند آهيان، جن مختلف نمونن ۾ بنده سان ڀلائيجا پير ڀريا آهن.“ (1)

اهڙي طرح ڪل 14 نسخا هٿ ڪيائون ۽ انهن چوڏهن نسخن کي ڀيٽي ڊاڪٽر صاحب جن گرهوڙي جو ڪلام مرتب ڪيو.

1-  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن خليفي صاحب جي رسالي کي ايڊٽ ڪرڻ وقت، مواد ڪيئن گڏ ڪيو تنهن بابت لکن ٿا ته: 1944ع ۾ جڏهن سنڌ جي تاريخ جي مواد جي تلاش ۾ خليفي صاحب جي ڳوٺ (تعلقو ٽنڊو باگو) وڃڻ ٿيو، جتي خليفي حاجي شير محمد صاحب سان ملاقات ٿي، ۽ هن صاحب مهرباني ڪري خليفي صاحب جو رسالو ڏيکاريو ۽ ٻه ڏينهن ساڻس گڏ ويهي رسالي جو مطالعو ڪيو ويو. بنده جي بي انتها شوق کان متاثر ٿي خليفي حاجي شير محمد قلمي رسالو پڻ منهنجي حوالي ڪيو، پر جيئن ته هيءُ رسالو اصل نسخي جو نقل هو ۽ منجهس ڪيتريون ئي پڙهڻيون صاف نه هيون، انهيءَ ڪري وڌيڪ تحقيق کي ايستائين ملتوي ڪيو ويو جيستائين ٻيا نسخا هٿ اچن.

مئي، سنه 1949ع ۾ آمريڪا کان واپس ورڻ بعد ٻين نسخن جي ڳولا شروع ڪئي وئي ۽ اتفاق سان چئن مهينن بعد ٽنڊي قيصر ۾ حاجي شير محمد خان نظاماڻي کان رسالي جو هڪ جهونو قلمي نسخو مليو جنهن جي مدد سان هن قيمتي ڪلام جي اشاعت لاءِ قدري آساني ٿي. سنه 1950ع ۾ خليفي حاجي شير محمد صاحب ۽ حاجي شير محمد خان نظاماڻي کان مليل قلمي نسخن کي ڀيٽي، سر ڪلياڻ، سر سارنگ ۽ سر ڪيڏارو مرتب ڪيا ويا جي قسطن ۾ ماهيانه مخزن ”عامه راءِ“ (ماهه اپريل، جون، جولاءِ ۽ نومبر 1950ع) ۾ شايع ٿيا- ان بعد رسالي جا چار ٻيا قلمي نسخا دستياب ٿيا: هڪ ڏيپلي مان فقير پير بخش ڪلر مرحوم جي گهران، هڪ ٽنڊي باگي تعلقي جي احمداڻي لغارين مان ۽ ٻه خليفي نبي بخش صاحب جي اولاد مان خليفي احمد صاحب لغاري وٽان. پويان ٻئي نسخا رسالي جا اصلي خانداني نسخا هئا. انهن ڇهن قلمي نسخن ملڻ بعد، قدري اطمينان ٿيو ته خليفي صاحب جي رسالي کي صحيح نموني ۾ مرتب ڪري سگهجي ٿو. (2)

تحقيق ۾ اصل ڪتاب جي وڌيڪ اهميت تڏهن هوندي آهي جڏهن اهو يا ته مصنف جي هٿ اکرن ۾ لکيل هوندو آهي يا مصنف انهيءَ تي درستي ڪئي هجي يا سندس نظر مان نڪتل هجي. انهيءَ کان سواءِ اصل ڪتاب جون ٻيون به صورتون ٿي سگهن ٿيون. جيئن ڪنهن شخص انهيءَ کي نقل ڪيو هجي. جيڪو مصنف جي نظر مان نڪتل هجي. اهڙي طرح جنهن ڪتاب کي مصنف پاڻ لکيو هوندو يا سندس نظر مان نڪتل هوندو ۽ سندس درستيون ٿيل هونديون ته اهڙي لکيت سان مصنف هم خيال هوندو. ۽ ٻئي ڪري مصنف هم خيال نه هوندو ته لکيت ۾ غلطين ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي ۽ انهيءَ لکيت لاءِ تحقيق ڪندڙ کي به يقيني دعويٰ ڪرڻ مشڪل هوندي آهي.

لکيت جي مصنف جي زندگي بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مصنف جي دور جي ادبي ۽ علمي حالتن جو جائزو، هن جا لاڙا، هن جا خيال ۽ نظريا ۽ انهيءَ دور جي حالتن سان انهن جي برابري پيش ڪرڻ کان پوءِ ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهبو. انهيءَ کان سواءِ اهو به ظاهر ڪرڻ ضروري هوندو آهي ته هن جي ابتدائي دور جا خيال ۽ آخرين دور جا خيال پاڻ ۾ ڪيتري برابري رکن ٿا يا سندس لکيتن، خيالن ۽ عقيدن ۾ ڪهڙو فرق آهي. انهيءَ لاءِ تحقيق ڪندڙ جيڪو مواد مصنف جي معومات حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري سمجهندو آهي، انهيءَ کي گڏ ڪندو آهي. صحيح مواد گڏ ڪرڻ لاءِ هو پوري گڏ ڪيل مواد کي اصل لکيتن سان ڀيٽي پوءِ ثابت ڪندو آهي. يعني اصل لکيتن سان جيڪو مواد ٺهڪي ايندو آهي، انهيءَ کي پنهنجي لاءِ مددگار سمجهندو آهي. اهڙي طرح (Best Text) چونڊيل مواد اهو هوندو آهي جيڪو صحيح مواد هوندو آهي. اهڙو مواد جيڪو ڪنهن ٻئي جو صحيح ٿيل يا سندس ڪنهن استاد جو صحيح ٿيل آهي ته اهو به اصل ڪتاب يا صحيح مواد نه ليکيو ويندو. انهيءَ ڪري مصنف جي خود جي درستي ئي قبول ڪئي ويندي آهي. انهيءَ لاءِ ايڊيٽنگ ۾ هر تحقيق ڪندڙ پهريائين چونڊيل صحيح مواد (Best Text) لاءِ سبب ٻڌائيندو آهي ته هن ڪهڙن سبب ڪري اهو مواد صحيح سمجهيو ۽ چونڊيو آهي.

صحيح مواد چونڊڻ لاءِ مثال:

شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي کي جڏهن ڪلام گرهوڙي جو اصل هٿ لکيو نسخو نه ملي سگهيو تڏهن هن ٻين نسخن تي ڪلام مرتب ڪيو تنهن بابت لکن ٿا:

”افسوس آهي ته بزرگ گرهوڙي جي سنڌي ڪلام جو سندن هٿ اکر لکيل يا لڳ ڀڳ سندن وقت جو نقل ٿيل قلمي نسخو باوجود تلاش جي دستياب نه ٿي سگهيو اهي قلمي يا سنگي نسخا جن تي هن مرتب ٿيل ڪلام جي متن جو بنياد  آهي، تن جو مختصر بيان هيئن آهي.......“ (3)

ايڊيٽنگ لاءِ اهم ڳالهيون:

ايڊيٽنگ ۾ تحقيق ڪندڙ کي مصنف جي لکيت ۾ ڪم آيل صورتخطي ۽ اچارن کي محفوظ رکڻ گهرجي ڇو ته انهن سان گڏ انهيءَ لکيت جي تاريخي اهميت ۽ مصنف جي علميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اهو مصنف جي علميت ۽ تاريخي اهميت جو ثبوت هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن به مصنف جي لکيت ۾ جيڪڏهن ڪٿي به تبديلي آندي ويئي ته انهيءَ تبديلي کي قلمي دنيا ۾ ڪا اهميت نه ملندي آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪنهن به اصل لکيت ۾ ڪٿي ڪا درستي ضروري به هجي ته اها حاشيه ۾ ظاهر ڪرڻ گهرجي ته جيئن اصل لکيت جي اهميت قائم رهي سگهي ۽ درستي به ظاهر نظر اچي ۽ اهوئي صحيح طريقو اصل لکيت ۾ غلطين کي درست ڪرڻ جو آهي.

ٻيو هوندو آهي لکيتن ۾ زمان ۽ مڪان جو فرق. هي فرق انهيءَ ڪري پوندو آهي جو جڏهن ڪو مصنف گذريل دور جو هجي ۽ سندس لکيت کي نقل ڪندڙ موجوده دور جو هجي ته اهڙي طرح ڪاتب ۽ اصل مصنف جي وچ ۾ فرق هوندو  آهي ۽ هو جڏهن گذريل لکيل تصنيف جو نقل ڪندو آهي تڏهن پنهنجي لهجي ۾ لکي ويندو آهي. جنهن ڪري لکيت جي اصل لهجي ۽ اچارن ۾ فرق اچي ويندو آهي. اهڙين درستين کي ڪاتب هاشيه ۾ لکي جيئن اصل مصنف ۽ ڪاتب جي اصليت ظاهر ٿئي.

تحقيق ڪندڙ جيڪڏهن اصل لکيت ۾ ڪٿي تبديلي ڪرڻ يا اچارن کي جديد لهجي ۾ لکڻ چاهي ته اها درستي به هن کي حاشيه ۾ ڪرڻ گهرجي. انهيءَ لاءِ ته جيئن زبان ۽ ترتيب جي اصليت قائم رهي ۽ تحقيق ڪندڙ جي اهليت به نظر اچي سگهي. اصل لکيت مان اهڙا لفظ نه ڪڍڻ گهرجن جيڪي متروڪ ٿي ويا هجن، جن جي ڪري اصل لکيت جي قدامت ۽ ادبي اهميت ختم ٿئي. اهڙي درستي حاشيه ۾ انهيءَ لاءِ ڏيڻ گهرجي ته جيئن لکيت جي اصليت به قائم رهي ۽ موجوده دور جي ضرورتن کي به پورو ڪري سگهجي. زبان ۽ لهجي جي درستي لاءِ تحقيق ڪندڙ کي اصل لکيت جي زبان کان پوري طرح واقف هئڻ گهرجي ته جيئن هو لفظن جي اچارن ۽ لهجي جي تبديلي، جيڪا جديد دور ۾ نمايان نظر اچي ٿي، تنهن کي آساني سان سمجهائي سگهي ۽ پڙهندڙن جي معلومات ۾ واڌارو آڻي سگهي.

مثال:

ڊاڪٽر دائود پوٽي ڪلام گرهوڙي ۾ مٿي ٻڌايل تبديليون هن طرح ڪيون آهن:-

”هي نسخو سڀئي نسخا ڀيٽي تيار ڪيو ويو آهي. جيڪا پڙهڻي زياده موزون نظر ۾ آئي آهي، سائي متن ۾ اختيار ڪئي ويئي آهي ۽ باقي قراعتون حاشيه ۾ ڏنيون ويون آهن. باوجود تدفين ۽ تحقيق جي ڪي پڙهڻيون اڃا به مشتبهه آهن، جن تي مناسب جاين تي بحث ڪيو ويندو. پراڻي صورت خطي ڪي قدر مٽائي وئي آهي. مثلاً جہ جي بدران ”جنہ“ ڪہ جي بدران ”ڪنہ“ مٿا جي بدران ”مٿان“ وغيره وغيره. جن جن ڪلامن ۾ الف اشباعيءَ جي پٺيان قلمي نسلن ۾ زائد همزو هو سو ڪيرايو ويو آهي سواءِ ڪن جاين جي جتي ضروري آهي.“ (4)

ڪنهن ڪتاب جي اعليٰ ايڊيٽنگ جو قدر هرڪو پڙهندڙ نه ڪندو آهي پر اهو قدر ڄاڻو ئي ڪري سگهي ٿو جيڪو انهيءَ معلومات کان واقف هوندو آهي ۽ اهڙا ڄاڻو ئي ايڊيٽنگ جي اعليٰ هجڻ جو داد ڏيندا آهن.

ڪنهن به ڪتاب جي ايڊيٽنگ ڪرڻ وقت تحقيق ڪندڙ لاءِ ضروري هوندو آهي ته جيڪو به مواد جتان به ملي اتان پهريائين حاصل ڪيو وڃي. جڏهن سڀ مواد گڏ ڪري وٺي ته پوءِ انهيءَ مان اهو صحيح مواد چونڊي، جنهن کي هو پنهنجي تحقيقي تجزئي لاءِ صحيح سمجهي ٿو. اهو انهيءَ لاءِ ڪيو وڃي ٿو ته پهريائين ته مڪمل مواد گڏ ٿي وڃي، ٻيو ته ڪو به مواد رهجي نه وڃي جيڪو تجزئي لاءِ ضروري هجي.

چونڊيل مواد جي ترتيب:

جيئن اڳي ٻڌايو ويو آهي ته ايڊيٽنگ ۾ وڏي اهميت ترتيب کي هوندي آهي تنهن ڪري مواد گڏ ڪرڻ کان پوءِ مواد جي ترتيب جو مسئلو پئدا ٿيندو آهي ته ترتيب ڪهڙي نموني سان ڪئي وڃي. جيئن ڪتاب جي اصليت به قائم رهي ۽ اهميت ۾ به واڌار ٿئي. ايڊيٽنگ ۾ ترتيب چاهي لغت جي هجي؛ ديوان جي هجي يا ڪنهن اديب جي جدا جدا لکيتن کي گڏ ڪري ڏيڻي هجي اديب انهيءَ لاءِ اهڙي ترتيب سوچيندو آهي جيڪا انهيءَ ڪتاب جي اهميت ۾ اڳي کان وڌيڪ واڌارو آڻي ۽ پڙهندڙن لاءِ وڌيڪ آساني ۽ سهولت پئدا ڪري. ايڊيٽنگ دوران ڪنهن به ڪتاب جي اصل  ترتيب ۾ تحقيق ڪندڙ تبديلي ضرور ڪري پر انهيءَ جي اصليت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي ڇو ته ڪنهن به ڪتاب جي اصليت کي ئي ايڊيٽنگ ۾ وڌيڪ اهميت ڏياري وڃي ٿي، نه ڪي جديديت کي. پر جيڪڏهن ڪا ردوبدل ڪري به ٿو ته انهيءَ جا سبب ڄاڻائي ته جيئن پڙهندڙ کي انهيءَ ردوبدل جي اهميت جي خبر پئجي سگهي. ڪنهن ايڊٽ ٿيل ڪتاب ۾ تبديلي جا ٽي سبب ٿي سگهن ٿا:-

1.      ڪنهن ڪتاب جي افاديت کي وڌائڻ.

2.     ڪنهن ڪتاب جي اهميت کي وڌائڻ.

3.     ڪنهن ڪتاب جي لڪل رازن کي ظاهر ڪرڻ جيڪي انهيءَ کان اڳي ڪتاب ۾ لڪل هئا.

پر جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب جي اڳي ڪا به ترتيب مقرر نه آهي ۽ مواد ٽڙيل پکڙيل آهي ته پهريائين مواد گڏ ڪري پوءِ انهيءَ جي ڪا جديد ترتيب مقرر ڪئي وڃي ۽ انهي نئين ترتيب ۽ مواد جي حاصل ڪرڻ واري جدوجهد کي مقدمي ۾ بيان ڪيو وڃي ته جيئن تحقيق ڪندڙ جي ڪوشش، اهليت ۽  لياقت جي خبر پئجي سگھي.

ڪنهن ڪتاب جي ترتيب جا عام طريقا هيٺيان آهن:

1.            حروف تهجي مطابق

2.           موضوع جي اعتبار کان

3.           وقت جي لحاظ کان

4.           مڪان جي لحاظ کان

اهو تحقيق ڪندڙ جي اهليت، علميت ۽ عمل تي ڇڏيل آهي ته هو ڪهڙو نموني تي ڪنهن ڪتاب جي ترتيب مقرر ڪري ٿو. حرف تهجي مطابق ترتيب رکڻ سان ڪتاب ۾ ايندڙ موضوع بلڪل بي ترتيب ٿي ويندا آهن ۽ ڪوبه مواد موضوع جي مدد سان ڳولي نه سگهبو آهي. موضوع جي لحاظ کان ترتيب عام ايڊٽ ٿيل ڪتابن ۾ هوندي آهي. هن ۾ ڪتابن جي موضوعن جي ترتيب اهڙي مقرر ڪئي ويندي آهي جيڪا پڙهندڙن ۽ ترتيب ڏيندڙ جي لاءِ سهوليت واري هوندي آهي. مثال: ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب ڪلام گرهوڙي ۾ موضوع جي اعتبار کان جيڪا ڪلام جي ترتيب مقرر ڪئي آهي تنهن بابت لکي ٿو:

”بابن جي ترتيب مضمونن جي تسلسل آهر رکي وئي آهي. پهريائين الله تعاليٰ جي تعريف، پوءِ رسول الله جي نعت ۽ حقيقت محمدي، پوءِ تفسير ڪن سورتن جو، پوءِ فقهي مسئلا، ۽ پوءِ سنڌي بيت ۽ نثر جا ٽڪرا. بيت اصل ۾ سواءِ ڪنهن ربط جي گڏيل سڏيل هئا. انهن کي سرن وار ۽ مضمونن موافق ترتيب ڏنو ويو آهي.(5)

وڌيڪ ڏسو ”شاهه لطف الله قادري جو ڪلام“ ڊاڪٽر نبي بخش  خان بلوچ.

ٽئين ترتيب ۾ حاصل مواد کي دورن جي لحاظ کان ڪتاب ۾ ترتيب ڏنو ويندو آهي. جيئن حياتي جي پهرئين دور ۾ مصنف ڪهڙيون صنفون يا ڪهڙو ڪلام وغيره لکيو ۽ حياتي جي ٻئي دور ۾ ڪهڙيون صنفون يا ڪلام لکيو. دور سياسي لحاظ کان يا همعصرن جي لحاظ  کان به ورهائي سگهجن ٿا. ترتيب جو هڪ طريقو مڪان جو آهي. هن طريقي ۾ ايڊٽ ڪندڙ اهو ڏسندو آهي ته ڪهڙا مضمون يا ڪهڙو ڪلام ڪهڙيءَ مقرر جاءِ تي لکيو يا چيو اٿس. هن ترتيب ۾ به موضوع وار مواد جي ترتيب ڏني وڃي ٿي. بهرحال اها  ڳالهه اپڊٽ ڪرڻ واري تي مدار رکندي آهي ته هن کي مواد جي ترتيب لاءِ ڪهڙو طريقو آسان ۽ اهميت وارو نظر اچي ٿو يا ڪهڙي ترتيب جو طريقو هن کي پسند آهي جنهن کي هو ڪنهن ڪتاب ۾ ڏيڻ چاهي ٿو

مواد جي اصلاح ڪرڻ     Correction of Matter

 عام طور انهيءَ کي متن جي تصحيح چيو وڃي ٿو - مواد جي اصلاح هيٺين حالتن ۾ ڪئي وڃي ٿي.

1.  مصنف جي مختلف ڇاپن کي گڏ ڪري انهن مان ڪنهن هڪ کي بنياد تصور ڪيو وڃي ۽ ٻين کي انهن سان ڀيٽيو وڃي.

2.     سڀني ڇاپن کي گڏ ڪري انهن کي ڀيٽي مواد درست ڪيو وڃي.

3.     خود مصنف جو لکيل ڇاپو هٿ ڪيو وڃي ۽ انهيءَ کي ٻين ڇاپن سان ڀيٽيو وڃي.

4.  جڏهن فقط هڪ ڇاپو مصنف جي اڳيان هجي ۽ هي پنهنجي علمي لياقت جي مدد سان انهيءَ جو مواد صحيح ڪري.

مواد جي اصلاح جي پهرئين طريقي ۾ تحقيق ڪندڙ جيڪي به ڇاپا پنهنجي تحقيق لاءِ صحيح سمجھندو آهي، اهي چونڊيندو آهي. ۽ انهن مان ڪنهن هڪ کي جنهن کي وڌيڪ صحيح سمجھندو آهي، انهيءَ کي بنياد بنائي پوءِ ٻين ڇاپن سان انهيءَ جو مواد ڀيٽي ٻين ڇاپن ۾ جيڪو اختلاف هوندو آهي تنهن کي ظاهر ڪندو آهي. ۽ پنهنجي راءِ کي يا ثابتين کي حاشيه ۾ لکندو آهي. اهڙي راءِ يا ثابتين کي ڪنهن ڇاپي ۾ درست نه ڪيو وڃي، جيئن مرحوم غلام محمد شاهواڻي شاهه جو رسالو مرتب ڪندي لکي ٿو: ”شاهه جي رسالي جا چار ڇاپا  نڪتل هئا جن کي، ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي شھ ڏيئي ڇڏيو- (يعني هن مان بنيادي ڇاپي کي قبول ڪرڻ لاءِ راءِ ظاهر ٿئي ٿي).

....... بندهه ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي جون پڙهڻيون عموماً قائم رکي باقي حصي کي پڻ حتي المقدور لاڙي تلفظ ۾ پيش ڪيو آهي. چند عمدا، بيت، جيڪي ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي ۾ نه آهن  ۽ تفحص بعد شاھ جا معلوم ٿيا آهن سي هن نسخي ۾ اضافو ڪيا ويا آهن، جيڪي باقي حصي ۾، تحقيقات بعد معلوم ٿيا آهن. سي رد ڪيا ويا آهن، پڙهندڙن جي سهوليت لاءِ، هر هڪ لفظ تي اعرابيون ڏنيون ويون آهن.“ (6)

شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ڪلام گرهوڙي مرتب ڪندي صحيح نسخي بابت لکي ٿو ته :

” هي نسخو حامد لله از قوم لنجو، ساڪن پارڪر، ريگستان (ٿر) جو لکيل آهي. ڪتاب جي تاريخ 2 جمادي الاول 1328 ھ آهي اگرچ اکر ڏنگا ڦڏا اٿس، پر نسخي صحيح لکڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي اٿس. ڪيتريون ئي ٻين نسخن جون چڪون هن نسخي جي قراعتن  جي آڌار تي درست ڪيو ويون آهي.“ (7)

ٻيو مواد جي اصلاح جو طريقو:

هن طريقي ۾ سڀني ڇاپن کي گڏ ڪيو ويندو آهي ۽ انهن سڀني ۾ جيڪو اختلاف هوندو آهي تنهن کي مرتب ڪندڙ اصليت ۽ علميت جي مدد سان درست ڪندو آهي ۽ ڪتاب جي حاشيه ۾ انهيءَ صحيح صورت کي قبول ڪرڻ جا سبب ڏيندو آهي. شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو پنهنجي مرتب ڪيل گرهوڙي جي ڪلام بابت مواد جي اصلاح بابت لکي ٿو ته:

” هي نسخو سڀيئي نسخا ڀيٽي تيار ڪيو ويو آهي. جيڪا پڙهڻي زياده موزون نظر ۾ آئي آهي سا ئي متن ۾ اختيار ڪئي ويئي آهي ۽ باقي قراعتون حاشيه ۾ ڏنيون ويون آهن. باوجود تدقيق ۽ تحقيق جي ڪي پڙهڻيون اڃا به مشبتہ آهن جن تي مناسب جاين تي بحث ڪيو ويندو.“(8)

علامه امداد علي امام علي قاضي جي مرتب ڪيل شاھ  جي رسالي جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جن رسالي جو مواد جي تصحيح بابت لکن ٿا ته :

” هي متن رسالي جي مختلف ڇاپن توڙي قلمي نسخن جي پڙهين تي غور بعد قائم ڪيو ويو.“(9)

ٽيون مواد جي اصلاح جو طريقو

جيڪڏهن ڪو ڇاپو خود مصنف جو لکيل آهي يا مصنف جو صحيح ٿيل ڇاپو آهي تڏهن به انهيءَ کي بنيادي ڇاپو ڪري ورتو نه وڃي: ڇاڪاڻ ته غلطيون مصنف کان به ٿي سگھن ٿيون تنهن ڪري اهڙي هٿ لکيل يا ڇپيل نسخي کي ٻين جي لکيل نسخن سان ڀيٽي ۽ صحيح مواد کي ظاهر ڪيو وڃي. انهيءَ طريقي سان مصنف جون غلطيون درست ٿي سگهن ٿيون ۽ مصنف جي پيش ڪيل مواد جي تحقيق ٿي ويندي.

چوٿون مواد جي اصلاح جو طريقو

جيڪڏهن مرتب ڪندڙ کي رڳو مواد جي اصلاح لاءِ هڪ نسخو هجي ته انهيءَ وقت مرتب لاءِ وڏو مشڪل مرحلو هوندو آهي ۽ اهڙي حالت ۾ مرتب کي هر فيصلو پنهنجي علمي لياقت ۽ معلومات جي مدد سان سرانجام ڏيڻو پوندو آهي. جيئن مرحوم غلام محمد شهواڻي شاهه جي رسالي جي 18 سرن ۾ ته گربخشاڻي واريون پڙهڻيون رکيون ۽ باقي پڙهڻيون هن ڪيئن مقرر ڪيو تنهن بابت لکي ٿو ته:

”شاهه جي رسالي جا، ٻه چار مختلف ڇاپا نڪتل هئا جن کي، ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي شھ ڏيئي ڇڏي، پر افسوس جو ان جا فقط ٽي جلد نڪتا، جن ۾ شاھ جي مستند 30 سرن مان فقط 18 سر اچي سگھيا.

ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي جون پڙهڻيون عموماً قائم رکي باقي حصي کي پڻ حتي المقدور لاڙي تلفظ ۾ پيش ڪيو آهي. چند عمدا، بيت، جيڪي ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي ۾ نه آهن  ۽ تفحص بعد شاھ جا معلوم ٿيا آهن. سي هن نسخي ۾ اضافو ڪيا  ويا  آهن، سر ۽ بيت، جيڪي باقي حصي ۾، تحقيقات بعد معلوم ٿيا آهن ته شاهه جو ڪلام نه آهن، سي رد ڪيا ويا آهن پڙهندڙن جي سهوليت لاءِ، هر هڪ لفظ تي اعرابون ڏنيون ويون آهن.

ڪنهن صحيح مواد کي چونڊڻ لاءِ تنقيدي شعور هئڻ گهرجي

 جدا جدا نسخن ۽ مواد کي ڀيٽي صحيح مواد حاصل ڪرڻ لاءِ مرتب ۾ تنقيدي شعور هئڻ ضروري آهي ته جيئن هو مواد حاصل ڪرڻ گڏ ڪيل جدا جدا مصنف جي نسخن ۾ ڏنل مواد جو گهرائي سان مطالو ڪري  مواد جون خاميون  خوبيون ڪڍي سگھي ۽ صحيح مواد لاءِ ڪو فيصلو ڪري سگھي.. هر ڪنهن مرتب ۾ تنقيدي شعور جي فهم لاءِ گهرو علمي مطالعو ۽ وسيع معلومات ضروري آهي ته جيئن هي ڪٿي مواد جو تجربو ڪندي منجھي نه پوي ۽ ڪٿي غلط فيصلو نه ڪري ويهي ۽ حقيقت کي ڳولڻ ۽ درست فيصلي جي بجاءِ ڪا غلط راءِ قائم ڪري ويهي.

مرتب کي ڪنهن نسخي جي مواد جي تحقيق وقت لکيت ۾ هيٺيون خاميون نظر اچي سگهن ٿيون.

(الف) 1- لکيت ۾ عبارت جو حذف

 (ب) 2- اکرن جو مٽجي وڃڻ يا ورقن جو ڪنڊن کان ڦاٽي پوڻ ۽ لفظن جو نڪري وڃڻ

(ت) 3- لفظن  جو غلط محسوس ٿيڻ ۽ سمجھڻ يا هجڻ

(الف) لکيت ۾ عبارت جو حذف ٿيڻ ٽن قسمن جو هوندو آهي.

1-     لفظ يا اکر رهجي ويل هجي.

2-    لفظ يا فقري جو استعمال غلط ٿيل هجي

3-    لفظ يا فقري کي نه پڙهي سگهجي.

لکيت ۾ لفظ يا فقري جو رهجي وڃڻ

ڪڏهن ڪنهن لکيت ۾ ڪاتب يا لکندڙ لکڻ وقت ڪو لفظ، اکر يا فقرو راهي ويندو آهي. جيڪڏهن تحقيق ڪندڙ کي انهيءَ حذف ٿيل لفظ، اکر يا فقري جي حذف ٿيڻ جي خبر پئجي وڃي ته انهيءَ جاءِ تي انهن لفظن يا فقري جي کوٽ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڏنگيون ڏئي ڇڏي پر جيڪڏهن انهن ڇڏيل لفظن يا فقري کي نه سمجھي سگھي يا نه محسوس ڪري سگھي يا ذهن ۾ انهيءَ اکر کي صحيح محسوس ڪيو آهي ته پوءِ انهيءَ اکر کي ڏنگين ۾ ڏيڻ گهرجي، اهڙي طرح ڏنگين ۾ ڪنهن اکر يا فقري کي لکڻ جو مقصد هوندو آهي ته تحقيق ڪندڙ کي انهيءَ جاءِ تي ڪو لفظ يا فقرو حذف ٿيل معلوم ٿيو آهي انهي لاءِ تحقيق ڪندڙ جي سمجھ ۾ صحيح اکر اهو آهي ۽ جيڪڏهن ڏنگين ۾ ليڪ ڏنل آهي (ــــــــــــــــــ) ته پڙهندڙ کي خبر پوندي ته انهيءَ جاءِ تي ڪو لفظ، اکر يا فقرو تحقيق ڪندڙ حذف ٿيل محسوس ڪيو آهي پر انهيءَ لاءِ ڪو صحيح لفظ محسوس ڪري نه سگھيو آهي. اها معلومات حاشيه ۾ به ڏئي سگهجي ٿي ته ڏنگين واري جاءِ تي ڪو لفظ يا اکر يا فقرو حذف ٿيل آهي جڪو هي ٿي سگهي ٿو يا اهو منهنجي سمجھ ۾ نه آيو آهي.

لفظ يا فقري جو استعمال غلط هجڻ

جيڪڏهن تحقيق ڪندڙ ڪنهن لکيت ۾ ڪو لفظ فقرو اهڙو محسوس ڪري جيڪو معنيٰ جي لحاظ کان غلط هجي يا انهيءَ جو غلط استعمال ٿيل هجي جيڪو تحقيق ڪندڙ جي سمجھ ۾ نه اچي ته انهيءَ جاءِ تي ڏنگين ۾ سوال جي نشاني ڏني وڃي(؟) ته جيئن پڙهندڙ کي اهو معلوم ٿئي ته انهيءَ اکر يا لفظ جومفهوم غلط آهي يا انهي جو استعمال غلط آهي جيڪو ائين نه هئڻ گهرجي يا انهيءَ فقري جو اتي هئڻ ضروري نه آهي،

لفظ يا فقري کي نه پرهي سگھڻ

تحقيق ڪندڙ کي ڪنهن نسخي کي پڙهڻ وقت وڏي مشڪلات هي هوندي آهي ته ڪاتب مصنف جي لکڻي کان واقف نه هوندو آهي جنهن ڪري هي ڪٿي ڪنهن ڳالهه کي يا فقري يا لفظ کي خراب اکرن جي ڪري پڙهي يا سمجھي نه سگھندو آهي يا هن کي سمجھ ۾ نه ايندو آهي جنهن ڪري هي مصنف جو صحيح مقصد سمجهي نه سگهندو آهي. اهڙن اکرن لفظن يا فقرن لاءِ تحقيق ڪندڙ کي ڏنگيون استعمال ڪرڻ گهرجن ته جيئن آئينده تحقيق ڪندڙ يا پڙهندڙ انهيءَ جي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري. ٻي ڪري ٿي سگهي ٿو ته پڙهندڙ يا ٻيو تحقيق ڪندڙ انهن لفظن اکرن يا فقرن کي پڙهي صحيح مطلب نه ڪڍي سگھي. اهرن اکرن، لفظن ۽ فقرن لاءِ حاشيه ۾ به لکي سگھجي ٿو.

(ب) اکرن جو مٽجي وڃڻ يا ورقن جو ڪنڊن کان ڦاٽي پوڻ ۽ لفظن جو نڪري وڃڻ

ڪن نسخن يا لکيتن جي قديم هئڻ ڪري انهن جا ڪي لفظ يا اکر يا فقرا مٽجي ويندا آهن يا ورقن جون ڪنڊون ڪمزور هئڻ ڪري ڦاٽي پونديون آهن جنهن ڪري ڪي اکر، لفظ يا فقرا نڪري ويندا آهن ۽ تحقيق ڪندڙ اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن محسوس ڪري ته انهيءَ جاءِ تان جيڪي لفظ نڪتا آهن اهي ڪهڙا آهن يا انهيءَ جاءِ تي محسوس ڪري سگھي ته اندازن هيترا لفظ نڪتل آهن، پر لفظ ڪهڙا آهن ۽ اهي محسوس نه ڪري سگھي ته اهڙي حالت ۾ اهڙي ڪا نشاني اتي ڏئي ڇڏجي جو پڙهندڙ کي انهن لفظن جو انداز معلوم ٿي سگهي. گهڻو ڪري جيترا لفظ کٽل هوندا آهن اوترا ٽٻڪا انهيءَ هنڌ ڏيئي ڇڏيندا آهن جيئن جيڪڏهن چار لفظ کٽل آهن ته هن طرح چار ٽٻڪا ڏنا ويندا .... ۽ جي اهي لفظ هن جي ذهن ۾ آهن ته انهن لفظن کي حاشيه ۾ لکيو وڃي ته جيئن آئينده جي تحقيق ڪندڙن جي رهنمائي ٿي سگھي.

(ت) لفظن جو غلط محسوس ٿيڻ ۽ سمجھڻ يا هجڻ

ڪڏهن ڪن لکيتن ۾ ڪي لفظ ۽ فقرا تحقيق ڪندڙ کي غلط محسوس ٿيندا آهن يا غلط سمجھ ۾ ايندا يا انهن جو واقع غلط استعمال ٿيل هوندو آهي، تنهن ڪري اهڙي حالت ۾ تحقيق ڪندڙ کي انهيءَ جاءِ تي ڪا نشاني ڏيئي ۽ انهيءَ غلطي جي نشاندهي حاشيه ۾ ڪري ڇڏڻ گھرجي ته آئينده رهنمائي ٿي سگھي (وڌيڪ ڏسو شاهه لطف الله قادري جو ڪلام. ڊاڪٽر بلوچ - 998)

مواد جي تحقيق

ڪنهن تحقيق ۾ مواد جي تجزئي لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضروري هونديون آهن:

1-     مواد جو گڏ ڪرڻ

2-    مواد جو داخلي ۽ خارجي جائزو

3-    مواد جي لاءِ ڪا راءِ قائم ڪرڻ

1-     مواد جو گڏ ڪرڻ

ايڊيٽنگ ۾ تحقيق ڪندڙ جو اولين فرض يا بنيادي ڪم مواد گڏ ڪرڻ هوندو آهي. جنهن به لکيت تي هي تحقيق ڪري انهيءَ بابت مڪمل مواد هٿ ڪري يعني وڌ ۾ وڌ شهادتون هٿ ڪري پنهنجي تحقيق کي مڪمل بنائي. ڇو ته جيڪڏهن تحقيق دوران ڪوبه مواد رهجي ويو ۽ ضروري هوندو، جنهن جي خبر تحقيق ڪندڙ کي نه پئي ته اهڙي حالت ۾ تحقيق ۾ گھٽتائي رهجي ويندي. تنهن ڪري پهرئين مواد کي مڪمل طور گڏ ڪيو وڃي ته جيئن تحقيق جو ڪو پهلو رهجي نه وڃي، باقي ڪهڙو مواد غلط آهي يا ڪهڙو صحيح اهو پوءِ ثابت ڪيو ويندو.

مواد جو داخلي ۽ خارجي جائزو

ڪنهن به لکيت لاءِ جڏهن تحقي ڪندڙ مواد گڏ ڪري وٺندو آهي تڏهن هن جو ٻيو مرحلو هوندو آهي مواد جو جائزو وٺڻ جنهن ۾ اهو ڏٺو ويندو آهي ته ڪهڙو مواد خود مصنف جو لکيل آهي جيڪو وڌيڪ اهميت جي لائق آهي ۽ ڪهرو مصنف جو نه لکيل آهي جنهن کي ثانوي (Secondary) اهميت ڏني وڃي. انهيءَ کان پوءِ اهو ڏٺو ويندو آهي ته ڪهرو مواد مصنف بابت لکيو ويو آهي، انهيءَ ۾ ڪهڙو مصنف جي خيالن ۽ ذهني تخليق بابت لکيو ويو آهي ۽ ڪهڙو نقاد جي يا جائزو وٺندڙ جي ذهني صلاحيتن سان واسطو رکي ٿو، مواد جهي انهيءَ ورهاڱي کان پوءِ  انهيءَ گڏ ڪيل مواد جي صحيح هجڻ يا صحيح نه هجڻ جي باري ۾ سوچيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪي به روايتون يا شهادتون هٿ ڪيون وينديون آهن تن ۾ ڪي شهادتون ۽ روايتون پختيون هونديون آهن ۽ ڪي ضعيف هونديون آهن. ضعيف شهادتن ۽ روايتن کي ڪڏهن غلط نه سمجھيو وڃي ڇو ته انهن ۾ ڪجھ نه ڪجھ حقيقت سمايل ضرور هوندي آهي ۽ جيستائين انهيءَ شهادت بابت ڪو پختو ثبوت نه ملي تيستائين انهيءَ کي رد نه ڪيو وڃي. پر تحقيق ۾ انهيءَ شهادت کي اولين حيثيت نه ڏني وڃي ۽ انهيءَ کي ضميمه طور استمال ڪيو وڃي ۽ انهيءَ شادت جي ڪمزور هجڻ جا سبب ٻڌايا وڃن ته جيئن پڙهندڙ جي رهنمائي ٿي سگھي. (وڌيڪ ڏسو خارجي ۽ داخلي شهادتن جو تجزيو)

2- مواد جي لاءِ ڪا راءِ قائم ڪرڻ

مواد جي جائزي کان اڳي ڪڏهن به ڪا راءِ قائم ڪرڻ نه گهرجي ڇو ته ڪجھ شهادتون ۽ روايتون اهڙيون هونديون آهن جيڪي حالتن جي ڪري ظاهري طور پختيون لڳنديون آهن، پر جڏهن انهن جو خارجي ۽ داخلي جائزو ورتو ويندو آهي ته اهي ڪمزور يا ضعيف ثابت ٿينديون آهن جنهن ڪري اهڙين شهادتن ۽ روايتن تي جيڪڏهن اڳئي ڪا راءِ قائم ڪئي ويئي ته اها تحقيق لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي ۽ تحقيق جو نتيجو غلط ثابت ٿيندو.

مواد تي تنقيد

مواد جي داخلي ۽ خارجي جائزي کان پوءِ صحيح يا غلط يعني پختي يا ڪمزور (ضعيف شهادتن جو تنقيدي جائزو ورتو ويندو آهي. جنهن لاءِ هيٺيون ڳالهيون ايڊيٽر کي ذهن ۾ رکڻيون آهن.

1-     گڏ ڪيل مواد ڪيتري قدر غلط يا صحيح راءِ قائم ڪري ٿو.

2-    گڏ ڪيل مواد ۾ ڪو اختلاف ته نه آهي.

3-    تاريخي معلومات گڏ ڪرڻ

4- لفظن ۽ اُچارن جو مروج هئڻ

مواد جي پختي ۽ ڪمزور ثابت ٿيڻ کان پوءِ انهن جو مڪمل تنقيدي جائزو ورتو ويندو آهي ۽ اهو  ثابت ڪيو ويندو آهي ته ڪهڙو مواد  ڪيتري قدر حقيقت سان واسطو رکي ٿو. انهيءَ لاءِ شهادتون ورتيون وينديون ته  جيئن شهادت جو حقيقت سان وڌ ۾ وڌ واسطو ڏيکاريو وڃي ۽ شهادتن جي مدد سان جيڪا راءِ تحقيق ڪندڙ قائم ڪري اها صحيح ۽ حقيقت تي مبني ثابت ٿئي.

ٻيو اهو ڏٺو ويندو آهي ته جيڪو مواد گڏ ڪيو ويو آهي يا جيڪي شهادتون ۽ روايتون گڏ ڪيون ويون آهن انهن جو پاڻ ۾ اختلاف ته نه آهي. جيڪڏهن ائين هوندو آهي ته ڪا به صحيح راءِ قائم ڪري نه سگهبي ۽ مسئلي جي حل ۾ اختلاف هئڻ ڪري مسئلو حل ڪري نه سگھبو. انهيءَ لاءِ اهو ڏٺو ويندو آهي ته جيڪڏهن شهادتن ۾ اختلاف آهي ته انهيءَ جو سبب ڪهڙو آهي ۽ انهيءَ سبب جو بنياد ڪهڙو آهي ۽ اهو صحيح آهي يا غلط. اهڙي طرح اهڙي اختلاف صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ يا انهيءَ  اختلاف کي واضع ڪرڻ لاءِ انهيءَ جا سبب ظاهر ڪري پڙهندڙن جي اڳيان آندا ويندا آهن.

 ٽيون اهو ڏٺو ويندو آهي ته ڪا اهڙي تاريخي يا معلوماتي حقيقت تحقيق دوران ثابت ڪئي وڃي جنهن جي تحقيق ۾ وڌيڪ اهميت هجي، يعني جيڪڏهن مواد ۾ ڪن اهڙن شهرن ڳوٺن، جاين يا ٻين شين جا نالا اچن ٿا، جيڪي پنهنجي دور يا وقت جي ڪري وڏي اهميت رکندا هئا ته اهڙن نالن جي پوري معلومات حاصل ڪئي وڃي ۽ انهيءَ کي مڪمل طور پيش ڪيو وڃي. پر جيڪڏهن موجوده دور ۾ انهيءَ جو وجود نظر نٿو اچي ته پوءِ اهڙي معلومات پاڻ وڌيڪ اهميت واري ثابت ٿيندي ۽ اهڙي طرح حقيقي ۽ تاريخي شهادتن کي ڏيڻ سان تحقيق جي اهميت وڌي ويندي آهي . پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙي معلومات سڌي طرح تحقيق سان واسطو نه رکندي آهي جنهن ڪري انهيءَ کي مواد ۾ ڏيڻ ضروري نه سمجھيو ويندو آهي ۽ اهڙي معلومات کي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ يا تحقيق جي اهميت کي وڌائڻ لاءِ حاشيه ۾ ڏنو وڃي ٿو.

چوٿون مواد جي تنقيد جو مرحلو هوندو آهي جنهن ۾ اهڙا لفظ ڪڍڻا هوندا آهن جيڪي انهيءَ لکيت وقت به مروج هئا ۽ انهيءَ کان اڳي به مروج هئا. پر موجوده دور ۾ متروڪ آهن. اهڙن لفظن جو مڪمل جائزو ورتو وڃي ڇو ته اهڙن لفظن جي جائزي پيش ڪرڻ سان ٻولي جي ماهيت، اهميت ۽ قدامت ثابت ٿئي ٿي ۽ لکيت جي اهميت تمام گهڻي وڌي وڃي ٿي.

انهن چئن ڳالهين جي تنقيدي جائزي کان سواءِ تحقيق ڪندڙ جي اڳيان تحقيق دوران ڪي اهڙيون ڳالهيون به اچي وينديون آهن جن کي وري تنقيدي نظر سان ڏسڻ ضروري ٿي پوندو آهي ۽ حقيقتن جي مدنظر انهن کي ترتيب هيٺ آندو ويندو آهي. اهڙين ڳالهين تي گڏ ڪيل مڪمل تحقيقي مواد تحقيق جي ترتيب ۾ قابل اعتماد ٿي سگھي ٿو، ڇو ته انهن ڳالهين جو سڌي طرح مسئلي جي حل سان واسطو هوندو آهي يا نڪري ايندو آهي. تحقيق دوران ڪيتريون اهڙيون ٻيون ڳالهيون به تحقيق ڪندڙ اڳيان نڪري اينديون آهن جيڪي تمام گهڻي اهميت جي لائق هونديون آهن جن جي ڪري تحقيق جي اهميت وڌي ويندي آهي. اهڙي طرح ڪيترو نئون مواد تحقيق ۾ شامل ٿيو وڃي.

وڌيڪ مواد جي پڌرائي

ايڊيٽر کي هن مرحلي تي تمام خبرداري، چالاڪي ۽ هنرمندي سان مواد کي شامل ڪرڻو آهي. هن مرحلي ۾ تحقيق ڪندڙ جي اعليٰ صلاحيتن، وسيع مطالعي ۽ علمي ۽ ادبي ڄاڻ جي خبر پوندي آهي. هتي تحقيق ڪندڙ کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو آهي ته ڪهڙين ڳالهين کي نظر انداز ڪري ڇڏي، ڪهڙين ڳالهين کي مختصر ڪري پيش ڪري ۽ ڪهڙين ڳالهين کي تفصيل سان پيش ڪري. انهيءَ کان سواءِ هن کي انهن ڳالهين لاءِ فيصلو ڪرڻو پوندو آهي ته ڪهڙيون سندس دور جون ڳالهيون وڌيڪ  اهميت واريون آهن جيڪي تحقيق سان واسطو رکن ٿيون. جن کي تفصيل سان پيش ڪرڻ ڪري تحقيق جي اهميت وڌي ويندي ۽ وقت جي تقاضائن ۽ ضرورتن کي تفصيل سان پيش ڪرڻ ڪري پڙهندڙن کي وڌيڪ وسيع معلومات حاصل ٿيندو- اهڙي معلومات جيڪا موجوده دور جي لاءِ ضروري آهي پر سڌي طرح تحقيق سان واسطو نٿي رکي تنهن کي وري حاشيه ۾ ڏئي ڇڏجي- اهڙي طرح تحقيق ڪندڙ پنهنجي تحقيقي مواد کي وڌ ۾ وڌ مفيد بنائي سگھندو. ۽ عنوان کان وڌيڪ پڙهندڙن کي معلومات ڏئي تحقيق جي مواد کي مفيد بنائي سگهندو. اهو مواد انهيءَ ڪري به ڏيڻ ضروري هوندو آهي، جو انهيءَ مواد تي تحقيق ڪندڙ جي گهري نظر هوندي آهي ۽ انهيءَ بابت وسيع معلومات رکندو آهي. جنهن ڪري انهيءَ مواد کي تمام تفصيل سان پيش ڪندو آهي. انهيءَ کان سواءِ جيئن ته اهو مواد تمام گهڻي جدوجهد، جاکوڙ ۽ محنت سان حاصل ڪيو ويندو آهي تنهنڪري تحقيق ڪندڙ کي انهيءَ مواد جي بيڪار هجڻ جو احساس نه رهندو آهي ۽ پنهنجي هر ڪنهن محنت کي سجايو سمجھندو آهي. انهي لاءِ ضروري آهي ته حاشيه لکڻ لاءِ تمام عميق نظر ۽ وسيع مطالعو هئڻ گهرجي.

واسطو رکندڙ مواد کان سواءِ ٻيو اهڙو مواد جنهن کي تحقيق ڪندڙ پڌرو ڪرڻ چاهيندو آهي يا تحقيق ڪندڙ کي پڌرو ڪرڻ گهرجي

1-     مختلف تاريخي معلومات جيڪا ڪن نالن بابت تفصيلي جائزي سان ڏني وڃي.

2-    مختلف اکرن، لفظن، اصطلاحن ۽ فقرن جي تفصيلي معلومات.

3-    مواد کان وڌيڪ اهو مواد جيڪو تحقيق ڪندڙ ڏيڻ چاهي يا ڏيڻ ضروري سمجھي.

ايڊيٽنگ وقت چند عام مسئلا:

تاريخي تحقيق ۽ تحقيق ڪندڙ جو ڏنل مواد سندس ذاتي خيالن يا سندس شخصي زندگي مان ورتل مواد ڪونه هوندو آهي، پر گڏ ڪيل روايتن، گذريل وقت جي حالتن جي مطالعي مان ڪڍيل نتيجن تي ٻڌل هوندو آهي تنهن ڪري پوري اهميت متن کي هوندي آهي. تاريخي تحقيق ۾ جڏهن تحقيق ڪندڙ کي اهو يقين ٿيو وڃي ته جيڪو مواد مون لکيل صورت ۾ يا روايتي انداز ۾ ورتو آهي اهو انهيءَ ڪردار جي خيال جي باري ۾ يا سندس شخصيت جي باري ۾ صحيح آهي، ته پوءِ هو ڪنهن وڌيڪ تهقيق کان سواءِ انهي کي قبول ڪري ٿو.

پر علم ادب ۾ تحقيق انهيءَ کان تمام وڌيڪ تجزيو گهري ٿي. وڌيڪ تحقيق طلبي ٿي. علم ادب ۾ ڪنهن موضوع تي تحقيق ڪندڙ کي نه رڳو مواد يعني مصنف تي يا مصنف جي لکيتن تي تحقيق ڪرڻي پوي ٿي؛ پر هن کي مصنف جي عملي زندگي، حالتن، خيالن ۽ سندس زبان بابت به تحقيق ڪرڻي هوندي آهي. علم ادب جي تحقيق ۾ رڳو مصنف جي خيالن تي مدار نه ڪرڻو پوندو آهي پر انهيءَ سان گڏ تحقيق ڪندڙ کي مصنف جي زندگي جي حالتن ۽ زبان جو جائزو به وٺڻو پوندو آهي جنهن لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضروري هونديون آهن:-

1-     جنهن زبان ۾ تحقيق هيٺ ڪتاب لکيو ويو آهي انهيءَ زبان ۾ سندس ٻيون لکيتون آهن.

2-  جنهن صورتخطي ۾ تحقيق هيٺ ڪتاب لکيو ويو آهي سندس ٻيون لکيتون به انهيءَ صورتخطي ۾ لکيل آهن.

اهي ٻه ڳالهيون ڪنهن مصنف جي لکيت جي تحقيق ڪرڻ وقت اهميت وڌائين ٿيون ۽ تحقيق ڪندڙ جي معلومات ۽ علميت جي ساک ڀرين ٿيون. اهو ئي علم ادب جي تحقيق جو راز آهي. علم ادب ۾ جنهن مصنف تي تحقيق ڪئي وڃي ٿي، انهيءَ جي خيالن ۽ ڪردار مان نه رڳو فائدو حاصل ڪرڻو آهي پر انهي جي خيالن ۽ ڪردار جي مطالعي مان انهي جو جائزو پيش ڪرڻو آهي، جيڪو علم ادب جي تحقيق ۾ وڌيڪ اهميت رکندو آهي. اهڙي طرح علم ادب جي تحقيق ۾ مصنف جي زبان، لکڻي خيال، ڪردار ۽ علمي زندگي جو جائزو وٺي ڪنهن لکيت تي راءِ قائم ڪئي وڃي ٿي.

تحقيق ۾ خيال ۽ انداز بيان علم ادب جو لازمي جز هوندا آهن:

علم ادب جي تحقيق ۾ مصنف جي ڪردار کان سواءِ هن جي خيالن ۽ زبان جو جائزو ورتو ويندو آهي ته جيئن اهو معلوم ڪري سگھجي ته هن جي لفظن جي غلط اچارن ڪري هن جي خيالن جو غلط مطلب ته نٿو نڪري اچي. تنهنڪري مصنف جي زبان کان تحقيق ڪندڙ چڱي طرح واقف هجي ته جيئن مصنف جي زبان صحيح ۽ اچار ۽ اکر پڙهي ۽ سمجهي سگهي ته جيئن  مصنف جي خيالن کي صحيح نموني ۾ جائزي هيٺ آڻي سگھجي. انهيءَ لاءِ علم ادب جي تحقيق ۾ مواد مصنف جي زندگي سان گڏ مصنف جي خيالن ۽ زبان جي به تحقيق لازمي هوندي آهي ته جيئن مواد کي صحيح صورت ۾ پيش ڪري سگھجي.

مٿي ٻڌايل تحقيق انهيءَ ڪري به ڪئي ويندي آهي ته جيئن مصنف جي خيالن ۽ تحرير ۾ ڪنهن قسم جي ردوبدل نه ڪئي وڃي، نڪي هن جي لکيتن ۾ ڪنهن قسم جي زبان ۽ بيان ۾ اصلاح ڪئي وڃي، انهي ۾ نه رڳو لکيت جي اصليت قائم رهي ٿي پر مصنف جي دور جي صورتخطي کي به تحقيق ۾ وڏي اهميت ملندي آهي ۽ اهڙي طرح مصنف جو سندس لکيتن مان مقصد صاف ظاهر نظر ايندو.

قلمي لکيتن ۾ تحقيق طلب ڳالهيون:

جڏهن به ڪو قلمي نسخو ڪنهن تحقيق ڪندڙ کي هٿ اچي ته هن کي پهريائين هيٺيون ڳالهيون تحقيق ڪرڻ گهرجن.

1-     نسخو مصنف جي هٿ اکرن ۾ لکيل آهي.

2-    نسخو مصنف جي اوائلي زندگي جو آهي يا آخرين زندگي جو.

جيڪڏهن هٿ آيل نسخو مصنف جي اوائلي زندگي جي تصنيف آهي ته پوءِ انهيءَ لاءِ ڪهڙو ثبوت آهي ته مصنف پنهنجي آخرين زندگي جي خيالن ۾ ڪا ترميم نه ڪئي هجي. جيڪڏهن تصنيف آخري زندگي جي آهي ته انهيءَ لاءِ ثابتيون ڪهڙيون آهن، جن مان ثابت ٿئي سندس اوائلي زندگي جا به ساڳيا خيال هئا يا انهن ۾ تبديلي هئي.

قلمي نسخي کي سمجھائڻ ۾ رڪاوٽ

ڪنهن قلمي نسخي کي سمجھائڻ لاءِ وڏي رڪاوٽ مصنف جي اکرن کي سڃاڻڻ هوندو آهي. جيڪڏهن تحقيق ڪندڙ مصنف جي لکڻي کان واقف آهي ته پوءِ هي انهيءَ کي آساني سان پڙهي سمجھي سگھندو آهي. پر جي تحقيق ڪندڙ مصنف جي هٿ اکرن کان واقف نه آهي ته پوءِ اهڙيون لکيتون جيڪي مصنف کان ڪيتريون صديون پوءِ ڪيترن ئي ڪاتبين جي هٿن مان نڪتل هونديون آهن انهن لکيتن جي اصليت کي صحيح سمجھڻ مشڪل ٿيندو آهي، ڇو ته اهڙيون لکيتون جيڪي ڪاتبين جي هٿن مان نڪتل هونديون آهن انهن ۾ شڪ هوندو آهي، پر جي قلمي نسخو ترجمو آهي ته پوءِ انهيءَ ۾ وڌيڪ شڪ هوندو آهي. انهيءَ لاءِ تحقيق ڪندڙ لاءِ پهرئين رڪاوٽ مصنف جي لکڻي يعني هٿ اکر هوند آهن انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته تحقيق ڪندڙ ۽ مصنف جي وچ ۾ جيڪي رڪاوٽون آهن انهن کي پهريائين ختم ڪيو وڃي. مصنف جي حقيقتن تائين پهچڻ لاءِ نه رڳو وقت جي ضرورت هوندي آهي پر محنت جي به ضروري هوندي آهي جيڪا تحقيق کي صحيح مقصد تائين پهچائي ٿي. مصنف جي مقصد کي تحقيق ڪندڙ تڏهن حاصل ڪري سگھندو جڏهن مصنف جي خيالن کي هو چڱي طرح سمجھندو ۽ جيستائين مصنف جي خيالن کي تحقيق ڪندڙ نه سمجھندو ايستائين ڪابه صحيح راءِ قائم ڪري نه سگھندو.

 قديم قلمي نسخن جي تحقيق تي جيترو وڌيڪ وقت لڳائبو ۽ وڌيڪ محنت ڪبي، اوتريون نيون نيون حقيقتون اڳيان اينديون، نيون نيون شهادتون ملنديون، جن جي مدد سان قديم ڪردارن ۽ خيالن تي نوان نوان نتيجا ڪڍي سگھبا، اهڙي طرح تحقيق جو دائرو وقت جي رفتار سان وڌيڪ وسيع ٿيندو ويندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org