ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :36

 

ميان عبدالنبي ڪلهوڙو

1190هه (77ــ1776ع) 1214هه (1799ع)

 

ميان عبدالنبي جي ڪٺور دلي:

ميان عبدالنبي عرف غلام رسول ميان نور محمد جو ننڍو پٽ ۽ ننڍپڻ کان ئي ڪٺور دل انسان هو. جڏهن ڀاءُ غلام نبي جو ڪفن دفن ڪري ويٺو ته سوچڻ لڳو جيڪڏهن قلعي ۾ قيد ميان سرفراز خان سندس پٽ محمد خان، محمود خان ۽ چاچي عطر خان کي قيد مان ڪڍيو ويو ته تخت جا وارث اهي ئي ٿيندا ۽ مان ههڙي عظيم مرتبي کان محروم رهجي ويندس! سو جوڻيجن کي جيڪي انهن جي حفاظت تي رکيل هئا، کي گهرائي چيائين ته مون کي انهن قيدين جو ڏاڍو اُلڪو آهي، هاڻي انهن کي قيد مان ته ڇا زندگيءَ کان ئي آزاد ڪرڻ گهرجي، تاريخ ۾ ٻين بادشاهن به پنهنجي مفاد خاطر ائين ئي ڪيو.

ان کان پوءِ ڪلهوڙا خاندان جي انهن پنجن اهم ماڻهن کي وڏي بي درديءَ سان شهيد ڪيو ويو، جنهن ۾ ميان غلام نبي به هو. ڪنهن سندن شهادت جي تاريخ ”پنج کم از گل باغ عباس“ ڪڍي آهي.

مير بجار جي آرزو:

مير ميان سرفراز کي پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ جو قاتل سمجهندي به حڪمراني جي لائق سمجهندو هو. هو حالتن کي ڏسي سرفراز خان کي ٻيهر تخت تي ويهارڻ جو سوچي رهيوهو ته انهن چئني جي شهادت جي خدا آباد ۾ خبر اچي مليس، هاڻي ميان عبدالنبي کي ڪرسي تي ويهارڻ کانسواءِ ٻيو ڪو دڳ نه هو. سو حيدرآباد مان عبدالنبي ڏي نياپو موڪليائين ته  اچي حڪومت سنڀال. ميان عبدالنبي حيدرآباد مان وڏي شان ۽ مان سان هالا ڪنڊي پهتو. مير بجار به پنهنجي سردارن سان گڏ اتي آيو ۽ مخدوم نوح هالائي جي درگاهه ۾ کيس پڳ ٻڌرائي سنڌ جي حڪومت سندس هٿ ۾ ڏني وئي مير بجار ملڪ جي انتظامن کي سڌارڻ ۽ امن امان بحال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار اد اڪيو.

الله بخش جهنجڻ کي جيل ڀيڙو ڪرڻ:

حالات کان مجبور ٿي ڪري الله بخش به ميان عبدالنبي کي سلام ڪرڻ واسطي درٻار ۾ پهتو ته کيس ڏسي ڪري ميان عبدالنبي جو اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون ۽ چوڻ لڳو. اڙي نمڪ حرام تون ئي آهين، نه جيڪو منهنجي ڀاءُ کي موت جي منهن ۾ ڇڏي هليو وئين، جنهن جو سڄي عمر کاڌئي انهيءَ آقا کي ڇڏي راجا ليکي جو پاسو ورتئي. پوءِ ميان عبدالنبي کيس قيد گهر ۾ واڙڻ جو حڪم ڏنو.

ليکي جي گرفتاري ۽ آزادي:

فتح نامي مطابق انهن ڏينهن ۾ مير بجار جي فوج تاجي ليکي کي ٻارن ٻچن سوڌي گرفتار ڪري درٻار ۾ آندو ته ميان عبدالنبي ڪاوڙ مان انهن سڀني کي مارڻ جو حڪم ڏنو پر مير بجار ميان عبدالنبي کي بخشڻ جي سفارش ڪئي ۽ هو آزاد ڪيا ويا.

عزت يار خان جي باهه ٻارڻ:

مير بجار اڃا سنڌ کي سنوارڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هو ته افغاني درٻار ۾ سنڌ جي بدامني ۽ ڪيترن ورهين کان خراج نه ملڻ جون شڪايتون پيش ٿيڻ لڳيون ۽ انهن شڪايتن کي وڌيڪ هوا وري درٻار ۾ موجود احمد يار خان جي پٽ عزت يار خان ڏني افغانستان جي امير تيمور شاهه عزت يار خان کي گهرائي چيو ته تون گهڻي عرصي کان وٺي سنڌ جي حڪومت جو اميدوار هئين، هاڻي وڃي سنڀال سنڌ جي حڪومت کي. ان کانپوءِ تيمور شاهه کيس هڪ هاٿي ۽ خلعت عطا ڪري بابرين ۽ درانين جا ڏهه هزار سپاهي ۽ هڪ هزار ترڪي سوار ساڻ ڏئي محفوظ خان وڪيل کي مدد لاءِ گڏ موڪليو. هڪ خط ملتان ۽ شڪارپور جي والين ۽ قلات جي حاڪم نصير خان ۽ دائودپوٽن کي عزت يار خان جي مدد ڪرڻ لاءِ موڪليائين. ديرن جي نگران قمرالدين کي به افغان ۽ بلوچن جو لشڪر عزت يار جي مدد واسطي موڪلڻ لاءِ چيائين.

عزت يار خان جو خط:

عزت يار خان وٽ جڏهن ٽيهه هزار سپاهي مڙيا ته مير بجار ڏانهن خط لکيائين ته عبدالنبي سنڌ جي حڪومت تان لاٿو ويو آهي ۽ هاڻي هتان جو ناظم مان آهيان ۽ منهنجي تون اطاعت ڪندين ته توکي مدارالمهام بڻائي سڄو ڪاروبار تنهنجي حوالي ڪندس. مان به ته غير ناهيان ۽ خدا يار خان جو پوٽو آهيان.

مير بجار جو جواب:

مير بجار جواب موڪليو ته توهان جي عزت افزائي جي مهرباني باقي ميان عبدالنبي به ته اوهان جو چاچو آهي ۽ ان سان توهان کي جنگ ڪرڻ سونهي نٿي. منهنجو هو پراڻو ولي نعمت  آهي ۽ ان سان آخري دم تائين وفاداري نڀائڻ ئي منهنجي زندگيءَ جو مقصد آهي.

ان کان پوءِ مير بجار اٺارهن هزار جوانن کي وٺي روهڙي پهتو ۽ اتان ٻيڙين جي پل تي درياءُ ٽپي لکي ۽ شڪارپور جي وچ واري ميدان تي عزت يار خان جي فوج سان اچي ٽڪر کاڌائين. ٻنهي لشڪرن ۾ خونريز جنگ ڇڙي وئي ۽ پهرين ئي ڌڪ ۾ عزت يار خان جا ڪيترائي سپاهي مارجي ويا، جنهن ڪري هو محفوظ خان سان گڏ هٿيار پنهوار ڇڏي وٺي ڀڳو.

شڪارپور جو گهيرو:

ڪجهه افغاني لشڪر ميدان  ڇڏي اچي شڪارپور جي قلعي ۾ پناهه ورتي ۽ وري وڙهڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو، پر مير بجار قلعي جي چوڌاري فوجون بيهاري ڇڏيون ۽ حڪم ڏنائين ته ڪنهن به شهر ۾ داخل ٿي کير جو هڪ ڍڪ به پيتو ته ان جو هٿ وڍيو ويندو. افغاني فوج کي مجبور ٿي ڪري قلعي جو دروازو کولڻو پيو ۽ ٻئي ڏينهن قيدين مان سردارن کي ميان عبدالنبي اڳيان آندو ويو جن کي لباس، گهوڙا ۽ سفر جو خرچ ڏئي روانو ڪيو ويو.

ان جنگ جي تاريخ ”آخرش امان“ ڪڍي وئي.

تيمور شاهه جو حملو:

افغان بادشاهه تيمور شاهه پنهنجي لشڪر جي شڪست جي خبر هار کائي موٽندڙ سپاهين واتان ههڙن مرچ مثالن سان ٻڌي ته سنڌين افغان لشڪر کي تمام گهڻو ذليل ۽ بڇڙو ڪيو، اسان جي شڪست ۽ رسوائي جون خبرون جڏهن ايران ۽ هندستان پهچنديون ته ڪهڙي عزت بچندي، سنڌين کي ان جي سزا نه ڏني وئي ته ٻين حاڪمن جو من به وڌي ويندو، تنهن ڪري بادشاهه کي پاڻ ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي.

تيمور شاهه اهڙيون ڳالهيون ٻڌي سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ انهيءَ مهل وڏو لشڪر تيار ڪري سنڌ ڏانهن نڪتو.

محفوظ خان، مير بجار جي سهڻي سلوڪ ڪري ان جو همدرد ٿي چڪو هو سو ميان عبدالنبي ڏانهن نياپو موڪليائين ته تيمور شاهه سنڌ ڏانهن ٽانڊن وانگر تپيو پيو اچي، ڪيئن به ڪري ٺاهه جي ڪا صورت ڪڍو نه ته وڏي ڏچي ۾ اچي ويندؤ.

مير بجار جي حڪمت عملي:

مير بجار کي معلوم ٿيو ته ٽيهه  هزار بلوچن جو لشڪر ۽ ميان عبدالنبي کي وٺي روهڙي  پهتو ۽ ٻيڙين جي پل ٽپي تيمور شاهه جي خدمت ۾ خط موڪليائين ته توهان کي ڪن دشمنن ڀڙڪايو آهي ۽ اصل حقيقت کان آگاهه نه ڪيو آهي، جيڪڏهن مون کي بارگاهه ۾ حاضر ٿيڻ جو شرف ملي ته سڄي سچائي بيان ڪيان.

تيمور شاهه شڪارپور اوريان اڃا مس پهتو ته مير بجار جو اهو خط مليس ۽  ٻيون حقيقتون به آڏو آيس ته مير بجار اسان جي گذرڻ لاءِ درياءَ تي ٻيڙين جي هڪ پل ٺهرائي آهي. پوءِ ڪاوڙ ختم ٿيس ۽ دل ۾ مير صاحب جي عزت اڃا تڏهن وڌيس، جڏهن مير بجار پاڻ روبرو حاضر ٿي ڪري صفائي پيش ڪئي ۽ اطاعت جو ڪنڌ جهڪايو.

هيڏانهن محفوظ خان به  سيدن کي وٺي اچي قرآن جو واسطو وڌائين، ته خدا جي واسطي هو هتان واپس وڃن.

تيمور شاهه جو واپس وڃڻ:

انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ تيمور شاهه واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ميان عبدالنبي جي نالي سنڌ جي حڪومت ڪيائين. فرير نامي ۾ آهي ته تيمور شاهه سنڌ جي مهم تي ايندڙ خرچو مير بجار ۽ ميان عبدالنبي کان وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو  جنهن کي موٽي وڃڻ جي بدلي انهن آرام سان قبول ڪيو.

فتح نامهء عظيم ۾ ڏنڊ جو ذڪر نٿو ملي صرف ايترو آهي ته تيمور شاهه، مير بجار ۽ عبدالنبي جي اطمينان لاءِ لکيو ته اسان سندن قصور معاف ڪريون ٿا، باقي خراج جلد اماڻين ته جيئن فوج کي پگهارون ڏئي سگهجن ۽ انهيءَ ادائگيءَ تي سندن دشمن شرمسار ٿين.

خلعت ۽ خطاب:

مولانا غلام رسول مهر پنهنجي تاريخ سنڌ ۾ لکي ٿو ته تيمور شاهه ان موقعي تي ميان عبدالنبي کي ”معتمد والدولا شاهنواز خان فيروز جنگ، جو خطاب، سوني جهالر سان هاٿي ۽ عراقي گهوڙا ڏنا. اها تاريخ ”خلعت با امن“ سان نڪري ٿي. 1194هه.

مير بجار جي شهادت:

مير بجار جيئن جيئن ملڪ سنوارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو تيئن تيئن نوان مسئلا اڀرندا رهيا ۽ نيٺ سندس شهادت جو واقعو پيش آيو.

مير بجار جي شهادت واري واقعي ۾ گهڻا اختلاف آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته ان ۾ ميان عبدالنبي جو هٿ هو، ڇو جو هو سندس شهرت ۽ عزت کان سڙندو هو.

ڪي چون ٿا ته عبدالنبي مير بهرام جي ڌيءَ جو رشتو گهريو هو پر مير بجار راضي نه ٿيو جنهن جي ڪري عبدالنبي کيس مارائي ڇڏيو.

اهو به چيو وڃي ٿو ته مير بجار جوڌپور جي راجا بجي سنگهه کان نياڻي جو رشتو گهريو ته عبدالنبي ڪاوڙ ۾ اچي مير بجار جي جان جو دشمن ٿي بيٺو.

ڪن مطابق مير بجار جوڌپور جي سرحد وٽ ملڪ جي ڀلي لاءِ هڪ قلعو اڏايو هو، جنهن کي اتان جي راجا پنهنجي لاءِ خطرو سمجهو ۽ مير صاحب کي سازش سان مارائي ڇڏيائين. جواهر عباسيه ۾ آهي ته ميان عبدالنبي جي ماءُ شيخ محفوظ ۽ سندس پٽ شيخ قمرالدين، منشي مالڪ رام، آڌي ۽ ٻوڌي دربانن سان هم صلاح ٿي مير بجار کي مارڻ جي رٿ رٿي ۽ ان لاءِ جوڌپور جي مهاراجا کان مدد طلب ڪئي وئي. مهاراجا ٻن راٺوڙن کي ناگور ۾ ٽيهن هزارن جي جاگير، سروپاءَ موتين جا هار ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه لالچ ۾ ڏئي مير صاحب کي مارڻ لاءِ موڪليو.

قلات جي والي مير  نصير خان واعدو ڪيو ته بلوچن جيڪڏهن گڙٻڙ ڪئي ته انهن کي سزا ڏني ويندي.

فتح نامي جي صفحي 63 ـــ 64 تي آهي ته راجا جوڌپور انهن راٺوڙن کي پنهنجو وڪيل ڪري مير بجار وٽ موڪليو، جن اتي پهچي ايسر نالي ڇوڪري جي هٿ مير صاحب ڏانهن اطلاع موڪليائون، مير بجار کين اندر گهرايو ته چيائون، توهان لاءِ راجا خط موڪليو آهي، جيڪو هندي ۾ آهي ۽ اسان کي چيو ويو آهي ته اهو اڪيلائپ ۾ ٻڌايون، ڇاڪاڻ ته ميان عبدالنبي اوهان جي خلاف راجا کي خط لکيا آهن.

اهي ٻئي راٺوڙ پاڻ سان گڏ ٻه ٻيا ماڻهو به وٺي آيا هئا. مير صاحب خط ٻڌڻ لاءِ جيئن انهن کي سامهون گهرايو ته ٻنهي چاقو ڪڍي مير بجار جي پيٽ ۾ وهائي ڪڍيو، سخت زخمي هوندي به مير صاحب چئني جو تلوار سان ڪم پورو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ شهادت جو جام پيتو. اهڙيءَ طرح سنڌ  هڪ دلير  وفادار ۽ ارڏي انسان کان محروم ٿي ويئي، ۽ ڪلهوڙن جو انت به اتان شروع ٿيو.

منشي بال چند سندس شهادت جي تاريخ هنن سٽن سان ڪڍي آهي.

1 . بمحفل شهدا جلوه کرد مير بجار. 1193هه.

2. مير شد باجمد هر هند و شهيد ـــ 1193هه

مير عظيم الدين ٺٽوي وري هن مصرعي سان شهادت واري تاريخ ڪڍي آهي.

شهيد ابن شهيد و ولي امير بجار ــــ 1193هه

مير عبدالله:

مير بجار جي شهادت وقت سندس پٽ مير عبدالله اتي موجود نه هو، ڪفن دفن جو سڄو بندوبست مير فتح خان ڪيو ۽ ميت کڻڻ وقت سڄو شهر روڳ ۾ رڙيون ڪري رهيو هو. مير عبدالله پنهنجي پيءُ وانگر نيڪ، بردبار ۽ دلير انسان هو، پهچڻ شرط سڀني بلوچن کي گهرايائين، جن سندس هٿ تي بيعت ڪئي ۽ ميان عبدالنبي کان بدلو وٺڻ لاءِ زور ڀريو پر مير عبدالله چيو اسان کي افواهن تي اهڙو تڪڙو قدم نه کڻڻ گهرجي، ڀلا عبدالنبي جي مير صاحب سان ڪهڙي دشمني هئي ۽ هو منهنجو آقا آهي.

ميان عبدالنبي جو ڀڄڻ:

جيئن ئي مير عبدالله جي اچڻ جي خبر ميان عبدالنبي کي پئي ته ڌن ۽ دولت کڻي جهنجڻ ۽ جتوئين جا ٻه سؤ ماڻهو وٺي راتون رات درياءُ ٽپي قلات فرار ٿي ويو ۽ پنهنجن پٽن محمد عارف، تاج محمد ۽ ڀائٽيي شاهه محمد کي اعتماد  وارن ماڻهن سان گڏ جوڌپور موڪليو.

مير عبدالله جو ميان عبدالنبي ڏانهن ماڻهو موڪلڻ:

مير عبدالله جي نيت صاف هئي ۽ ميان عبدالنبي جي فرار ٿيڻ تي هو ڏاڍو حيران ٿيو انهيءَ مهل پنهنجي ٻن ماڻهن کي  قرآن پاڪ ڏئي ميان عبدالنبي ڏانهن نياپو موڪليائين ته مون کي توهان کان ڪا شڪايت ناهي جن توهان کي اهو مشورو ڏنو آهي، اهي اوهان جا دوست نه پر دشمن آهن، جيڪي توهان کي دربدر ڪرائڻ چاهن ٿا. ان ڪري موٽي اچي پنهنجو ملڪ سنڀاليو، اسان هميشه توهان جا وفادار ۽ جانثار رهنداسين.

ميان عبدالنبي ته اهڙي نياپي کانپوءِ واپس اچڻ لاءِ تيار هو پر سندس خود غرض صلاحڪارن ڀڙڪايو ۽ مير عبدالله جو قاصد مايوس موٽي آيو.

قاصد جي مايوس موٽڻ کان پوءِ مير عبدالله افسوس ڪندي چيو: هي انسان ڪيڏو عجيب آهي جو نه پاڻ حڪومت ڪري سگهيو ۽ نه ئي خاندان جو ڪو لائق فرد حڪومت ڪرڻ لاءِ ڇڏيائين، هاڻي ڪنهن کي ته سندس خاندان مان تخت تي ويهارڻو آهي. ڪنهن چيو ته ان خاندان جو هڪ نيڪ شخص صادق علي خان عباسي فلاڻي جڳهه تي موجود آهي. مير عبدالله انهيءَ مهل کيس گهرائڻ لاءِ ماڻهو موڪليو.

صادق علي خان

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ صادق علي خان درياءَ جي گهٽ وٽ پهتو ته مير عبدالله سندس شاندار استقبال ڪيو.

عبدالمجيد جوکئي پنهنجي تاريخ ۾ لکيو آهي ته هالا ڪنڊي ڀرسان ديري شاهه پور ۾ ڪلهوڙن جي مسند نشيني جي رسم ٿيندي هئي. ٽالپر سڀ اتي پهتا ۽ صادق خان کي پڳ پاراڻ کانپوءِ مير عبدالله سڀئي ملڪي معاملا ان جي حوالي ڪري ڇڏيا.

فتح نامي جي صفحي 69 تي آهي ته بادشاهت جي پڳ پائڻ وقت صادق خان درويشي، فقير ۽ قناعت واري زندگي گذاري رهيو هو، ان ڪري دنيا ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنائين ۽ سڀئي ڪم ڪاريون مير عبدالله هلائيندو رهيو.

مهاراجا جوڌپور ۽ بروهين جو حملو:

خبري آئي ته انهن ئي ڏينهن ۾ جوڌپور جو راجا بجي سنگهه وڏو ڪٽڪ وٺي سنڌ ڏانهن پيو اچي، ٻئي پاسي کان معلوم ٿيو ته ميان عبدالنبي قلات جي والي نصير خان کان لشڪر وٺي ۽ نهمردين کي لالچ سان ساڻ ڪري سنڌ تي ڪاهيندو اڳتي پيو وڌي. انهن ٻنهي خبرن تي مير عبدالله همت نه هاري ۽ پنهنجي مشيرن مير فتح علي، فتح خان، مير سهراب ۽ سلطان جنگ کي گهرائي صلاح ڪئي، جن چيس اسان جي جان توهان تي قربان، صرف اوهان جو حڪم کپي. مير عبدالله چيو ته پهريان ڪافرن سان منهن ڏيون ان لاءِ تياري ڪريو.

جوڌپور وارن سان جهيڙو:

ٽين ڏينهن مير عبدالله،  صادق خان کي وٺي جوڌپور وارن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪتو. هڪ ريگستان ٽپيا ته سامهون وڏي دڙي تي جوڌپوري فوج جا سؤ سردار حاڪم جي پٽ ۽ ڄاٽي جي سرواڻي ۾ بيٺا هئا ۽ هيٺ وڏو لشڪر تيار ويٺو  هو. مير عبدالله پنهنجي فوج کي چئن ٽولن ۾ ورهائي چار ئي پاسا مير فتح علي خان، مير سهراب، مرزا فقير ۽ سندس پٽ باغي فقير ۽ فتح خان کي ورهائي ڏنا ۽ پاڻ صادق خان سان گڏ وچ تي رهيو. سنڌين جي لشڪر ۾ گهڻا نظاماڻي، لغاري ۽ جمالي سپاهي شامل هئا.

سڀ کان پهريان مير فتح علي خان اڳتي وڌي دشمن تي اهڙو حملو ڪيو جو انهن کي سنڀلجڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ۽ پوءِ سڄو سنڌي لشڪر راٺوڙن تي ڪڙڪي پيو ۽ سڄي جوڌپور فوج تنبو، توپون، اٺ، هاٿي ۽ دولت ڇڏي وٺي ڀڳي. هر طرف خوشي ڦهلجي ويئي ۽ فتح جا نعرا لڳڻ لڳا.

بروهين جي ڪاهه:

اڃا اها مصيبت مس ٽري ته غلام علي جو هڪ خط شتر سوار کڻي اچي مير عبدالله وٽ پهتو، جنهن ۾ لکيل هو ته ميان عبدالنبي پنهنجي ناٺي زرق سان گڏ قلات جي فوج، جنهجڻن، کوسن ۽ نهمردين جو لشڪر وڍي لاڙڪاڻو ٽپي آيو آهي. مير عبدالله فوج کي حڪم ڏنو ته سندرا نه ڇوڙين ۽ ان کانپوءِ لشڪر وٺي روانو ٿيو.

پل چالڪ ڀرسان مقابلو:

مير عبدالله ۽ صادق خان چالڪ پل ڀرسان دشمن سامهون ٿيا. ميان عبدالنبي فوج کي ٽن دستن ۾ ورهايو، هڪ جتوئي ۽ کوسن جو خاص دستو، ٻيو قلاتي فوجين جو جنهن جو سردار زرق هو، ٽيون نهمر دين جو هو. مير عبدالله به پنهنجي فوجن کي ٽن ٽولن ۾ ورهائي هڪ  تي مرزا فقير، باغي فقير ۽ صادق علي کي مقرر ڪري ميان عبدالنبي جي جٿي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ چيو. ٻين نظاماڻين واري ٽولي کي فتح خان جي سرداري ۾ ڏئي نهمردين سان مقابلي ڪرڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ بروهين سان سامهون ٿيو، جڏهن ته سهراب خان مير فتح علي کي وچ تي رهڻ لاءِ چيائين.

نيٺ ٻنهي فوجن ۾ موت مار جنگ شروع ٿي ۽ سنڌي سپاهين پنهنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريندي دشمن جي اهم سردارن زرق ۽ محراب کي ماري وڌو ۽ ٻين ڪيترن ئي سردارن کي تلوار جو کاڄ بڻايو. پنهنجي سردارن جو اهڙو حشر ڏسي دشمن جو سڄو لشڪر سامان ڇڏي وٺي ڀڳو.

 مير عبدالله جون ملڪ سنوارڻ جون ڪوششون:

مير عبدالله انهن جنگين کان واندو ٿي ملڪ سنوارڻ ۾ لڳي ويو ۽ ٻه محصول پيشڪش ۽ سرشماري وارا ختم ڪري ڇڏيائين، عوام پنهنجي مٿان اهڙو بار ختم ٿيڻ تي عيد وانگر خوشي ملهائي.

ميان عبدالنبي جون ارڏايون:

ميان عبدالنبي جنگ چالڪ مان ڀڄي قلات پهتو. قلات جي والي همت ڏيارڻ لاءِ حاجي پور جي ڍل سندس حوالي ڪئي ۽ هو پنهنجي ٻارن ٻچن سان وڃي اتي رهيو ۽ پوءِ تيمور شاهه جي درٻار ۾ حاضر ٿي مدد ڪاڻ ليلائڻ لڳو.

ميان عبدالنبي اتان موٽي قلات آيو ته ڪنهن ٻڌايس افغانستان جي هڪ سردار مدد خان شاهي لشڪر سان گڏ محمد بهاول جي ملڪ تي قبضو ڪري ورتو آهي. اها خبر ٻڌي پنهنجي خاص ماڻهن کي سوکڙيون پاکڙيون ڏئي مدد خان وٽ موڪليائين ۽ عرض اماڻيائين ته منهنجي ملڪ تي بلوچن قبضو ڪري مون کي اتان تڙي ڪڍيو آهي. جيڪڏهن حضور طرفان ڪا مدد جي صورت نڪري پوي ته هي بندو هميشه وفادار رهندو. ساڳي طرح شاهي لشڪر ۾ محفوظ خان ڏانهن به مدد لاءِ ماڻهو موڪليائين. ان تي درٻار مان محمد نصير لاءِ حڪم پهتو ته تون بروهين ۽ بلوچن جي لشڪر کي مدد خان جي سرڪردگي ۾ ڏئي عبدالنبي جي واهر لاءِ سنڌ موڪل. لشڪر جڏهن ڪٺو ٿي ويو ته مدد خان ميان عبدالنبي کان فوج جو سفر خرچ ۽ واعدي ڪيل رقم جو اڌ گهريو. ميان عبدالنبي چيو، ميان پاڻ هن وقت مصيبت ۾ آهيان ۽ فوج کي ئي پگهارون هتان هتان ڦرمار ڪري ڏيان پيو، سڄو خزانو قلعي اندر پوريل آهي. مدد خان کي عبدالنبي تي يقين نه آيو، تنهن ڪري سندس خاص ماڻهن تاجي ليکي جي پٽ بلاول، تاجي سامٽيي ۽ ٻڍي دربان کي گهرائي پنهنجي ماڻهن کي حڪم ڏنائين ته هنن کي هٿن پيرن ۾ ڪڙيون ٻڌي ايترو ماريو جو خزاني جي باري ۾ سچ ٻڌائين. حڪم مطابق انهن کي ايترا ڏنڊا هنيا ويا جو گهڻن جا هٿ پير ڀڄي پيا.

مدد خان جي مصيبت سنڌ مٿان:

سنڌ تي مدد خان ڪنهن عذاب وانگر ڪڙڪيو، جتان به گذريو سڀ وستيون واهڻ ويران ڪري ڇڏيائين، ماڻهن کي ماريندو ڳوٺ لٽيندو برباد ڪندو اڳتي وڌيو. عظيم ٺٽوي سندس لشڪرجي ظلمن جي ڪهاڻي هن طرح بيان ڪري ٿو.

يمہ بي حيا و ظلم و جهول

همہ بي کس آزار و بي زور کش

همہ موذي و ناکس و نابکار

همہبي نصيب از صفا و سلوڪ

همہ باضعيفان ستيزان چو برق

رعيت کشد تيغ شان بي دريغ

بغاوت چنان دست گسترده اند

نہ خوف از خدا و نہ شرم رسول،

همہ ناتوان دشمن و مور کش،

همہ نيش زن کزدم و کهنہ مار،

همہ بي سبب کش چو ديوانه خوڪ،

همہ روز ميدان گريز آن چو برق.

گريزند بينند چون روئي تبغ،

کہ تابو ريائي کهن برده اند.

هي اها بلا هئي جنهن کي سنڌ جي هڪ سپوت ميان عبدالنبي موڪليو هو.

مير عبدالله جو جذبو:

جڏهن مير عبدالله کي مدد خان جي انهيءَ ظلم، بربريت ۽ خونريزيءَ جي خبر پئي ته مير فتح، مير علي، فتح  خان ۽ مير سهراب کي گهرائي چيائين ته اسان کي مظلومن جي مدد ۽ واهر ڪرڻ گهرجي، سڀني هڪ آواز ٿي وراڻيو ته بيشڪ، پر فتح خان چيو ته اها شاهي  فوج آهي اسان کي ظل الله جو احترام ڪرڻ گهرجي، مير عبدالله جواب ڏنو توکي خبر هجڻ گهرجي ته  بادشاهه اهو آهي جنهن ۾ خدا جهڙيون صفتون هجن، ماڻهن جي حفاظت ۽ پرورش ڪري ۽ انهن کي آرام پهچائي نه ڪي انهن جو رت وهائي. اسان عوام کان ڍل ۽ عشر وٺون ٿا ان ڪري سندن حفاظت ڪرڻ به اسان جو فرض آهي.

جنگ لاءِ نڪرڻ:

مير عبدالله لشڪر وٺي نڪتو ته صرف مير فتح خان ۽ ڪجهه نظاماڻي سردار ئي گهرن ۾ ويهي رهيا پر پوءِ رستي ۾ اچي پهتا ۽ قرآن پاڪ ۽ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جو واسطو ڏئي چوڻ لڳا ته اسان توهان سان هر حال ۾ گڏ آهيون پر خدا جي واسطي تڪڙ نه ڪريو ۽ هتي ئي رستي ۾ ويهي سندن انتظار ڪريو. جڏهن هت پهچندا ته اسان مٿن حملو ڪري ڏينداسين. مير عبدالله سندن صلاح تي عمل ڪري اتي ئي ويهي لشڪر کي تڪڙو ڪرڻ لڳو. لشڪر جڏهن ڇهن ڪوهن تي پهتو ته مير عبدالله پنهنجي لشڪر کي هوشياري وٺرائي، هوڏانهن مدد خان کي خبر پئي ته مير عبدالله جنگ لاءِ تيار ويٺو آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ مڙڻ وارو ناهي ته پنهنجي سردارن سان صلاح ڪيائين، جن چيس ته اسان کي ٺاهه ڪرڻ گهرجي.

مدد خان جو خط:

مدد خان ساٿين سان صلاح ڪري مير عبدالله ڏانهن خط لکيو ته توهان وڏا بهادر ۽ عقلمند انسان آهيو، توهان کان اسان کي چڱائيءَ جي اميد آهي، ميان عبدالنبي اوهان تي جيڪي ظلم ڪيا آهن، انهن جي اسان کي خبر پئي آهي، هو وڏو مڪار ۽ دل جو ڪارو انسان آهي ۽ سندس مشير ڪوڙا ۽ ٺڳ اٿس، نه انهن ۾ عقل نالي جي ڪا شيءِ آهي ۽ نه ئي مردانگي جو ڪو ڪڻو اٿن، جنهن جي ڪري مان کين زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي،  مان ته ميان عبدالنبي سان خزاني لاءِ آيو آهيان، جيڪو خدا آباد ۾ پوريل آهي، جيڪڏهن اهو مليو ته واهه نه ته سندس ڪوڙ ظاهر ٿي پوندو ۽ سڄي حقيقت بادشاهه کي وڃي بيان ڪندس. خدا ڄاڻي ٿو ته مان توهان سان دوستي جو خواهشمند آهيان.

مير عبدالله مدد خان جو خط آڻيندڙ وڪيلن جي ڏاڍي خدمت چاڪري ڪئي ۽ کين وڃن مهل قيمتي تحفن سان نوازيو.

مير عبدالله جو جواب:

پوءِ مير عبدالله پنهنجي وڪيل الله داد ليکي بن جانثار ۽ انبرت راءِ کي اهو نياپو ڏئي خان ڏانهن موڪليو ته مان ۽ منهنجا ساٿي بادشاهه تان قربان، مان توهان کي پنهنجي چاچي مثل سمجهندو آهيان ۽ توهان جي حڪم تي انهيءَ محل عمل ڪيان ها پر مان قسم کاڌو آهي ته ڪيترو به وڏو لشڪر هوندو مان سندس مقابلو ڪندس، تنهن ڪري مان اهو قسم ڀڃي نٿو سگهان، جيڪڏهن توهان کي خدا آباد وڃڻو آهي ته درياءُ رستي وڃو ۽ مان فوج وٺي عمرڪوٽ هليو ويندس.

مدد خان به ايلچين جي وڏي عزت ۽ خدمت ڪئي ۽ پوءِ بروهين ۽ نهمردين جي لشڪر سان گڏ درياءُ رستي خدا آباد پهتو، خزاني جي باري ۾ ميان عبدالنبي کان پڇيائين؟ ميان عبدالنبي انهيءَ مهل پنهنجا ماڻهو شهر ۾ ڀڄايا جن وڃي هڪ هڪ گهر کي لٽيو ۽ مالدار ماڻهن کي ماري سڄو شهر ڪنگال ڪري ڇڏيو.

مدد خان جا ظلم:

مدد خان جي سپاهين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان  جيڪا جٺ ڪئي اها بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. انهن ڪنهن جي به گهر ۾ ڪو ٽڪو نه ڇڏيو، ماڻهن جي بدن تان ڪپڙا لاٿا، عزت وارن جون پڳون پيرن ۾ لتاڙيون ۽ خون وهايو. عظيم ٺٽوي چوي ٿو ته:

مرا طاقت شرح آن جور نيست،

ز کس جز حق اميد آن غور نيست.

اڳتي لکي ٿو ته عوام سندن ظلمن کان تنگ ٿي ڪري دعائون گهرڻ لڳو ته:

زبيچارگي هر ضعيف و يتيم،

الهي خداوند عالم توئي،

يقدرت پناهه ضعيفان توئي،

ستم پيشہ ملک تاراج کرد،

فروماندگان راز تو داوري،

تو سر پنجہء ظلم را بشکني،

چسان بسپري اي خدائي بزرگ،

بدريا توان غوطہ زد بيدرنگ،

عنان ضعيفان بسرکش مده،

چنان ظلمت ظلم تاريڪ کرد،

تو بردار ايس ازدهام بلا،

بما اين قيامت کم از حشر نيست،

دل عالم ازجفا شد دونيم،

بمہ گفت نالان برب العظيم،

کشاينده بند عالم توئي،

تواناي هر ناتوان توئي،

در اقليم ما ظلم معراد کرد،

توئي داوري ما  بهر داوري،

تو درنده ناخن زبن برکني،

تو اين گلہ گوسفندان بگرگ،

بکشتي ما ناخدا شد نهنگ،

 تو اين مشت خس رابہ آتش مده،

شب مرگ باخلق تزديک کرد،

ز حال اسيران دام بلا،

تزلزل کم از بعث وزنشر نيست،

ترحم کن اي کردگار عظيم.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email:

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org