سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :48

 

سنڌ تي 1857ع واري تحريڪ جا اثرات

سنڌ تي 1857ع واري جنگ آزاديءَ جو پوندڙ اثرن بابت ڳالهائڻ کان اڳ ضروري آهي ته ان تحريڪ جي پيدا ٿيڻ جا ڪارڻ بيان ڪجن.

سڀ کان پهريون سبب هي هو ته ايسٽ انڊيا جي حڪومت کي هتان جي عوام شروع ۾ ته پنهنجي ديسي حڪومت جو دوست ۽ ڪارندو سمجهيو پر جڏهن انگريزن سڄي ملڪ تي قبضو ڄمائڻ شروع ڪيو ته هندستاني ماڻهن جون اکيون کليون ۽ انهن کي آزاديءَ جو  اولڪو ٿيڻ لڳو. ٻيو وڏو سبب انگريزن جو ڌوڪي ۽ دولابي سان ملڪ تي قبضو ڪرڻ هو، جنهن کي عوام ڏاڍو ننديو ۽ سڀ ماڻهو بنا مٿ ڀيد جي انگريزن خلاف هڪ ٿي ويا.

جنگ آزاديءَ کان چوڏهن سال اڳ انگريز سنڌ تي پوري طرح پير کوڙي چڪا هئا ۽ مير حڪومت کان الڳ ٿي چُڪا هئا، پر انهيءَ تحريڪ جي اٿندي ئي سنڌ ۾ به آزادي جا رکوالا جاڳي پيا ۽ غلامي جي ڳٽ کي ٽوڙي ڦٽي ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ لڳي ويا.

انگريزن جي جهولي ۾  پلجندڙ خان بهادر خداداد خان پنهنجي ڪتاب ”لب تاريخ سنڌ“ ۾ انگريزن سان خوب وفاداري نڀائي آهي. انهيءَ ڪتاب جي صفحي 167 تي هو لکي ٿو.

”1274هه (1857ع) تي هندستان جي اڪثر حصن ۾ غدارن فساد ڦهلائي ڇڏيو، جنهن جي ڪري سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي ڪن  عملدارن ۽ سپاهين به انهن فسادين جو ساٿ ڏنو ۽ نافرمان ٿي ويا، پر اعليٰ آفيسرن جي فهم ۽ فراست سان (جن ۾ جوڊيشل اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ صاحب بهادر گبس جن به شامل آهن) اها مصيبت ٽري وئي ۽ فسادي گرفتار ٿي پنهنجي انجام تائين پهتا. انهن مان ڪن کي توپن سان اڏايو ويو ته ڪن کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو. انهيءَ موقعي تي جن انگريزن جي مدد ڪئي تن کي انعام سان نوازيو ويو. مؤلف کي ياد اچي ٿو ته ان وقت سنڌ جي جتن جي سردار امام بخش خان ۽ خان بهادر الف خان ترين افغان تي انگريزن سان بي وفائي ڪرڻ جو الزام لڳائي امام بخش جي سڄي ملڪيت کيسي وئي ۽ الف خان جو سالانو وظيفو بند ڪيو ويو.

ان مان لڳي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن ان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽  آزاديءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي، سنڌ کي ته انگريزن جا ڏنل زخم به اڃا تازا هئا، پوءِ ڪيئن نه سنڌين جي اندر ۾ باهه ڀڙڪي هوندي! پر تاريخ انهيءَ باري ۾ چپ آهي، جنهن جي ڪري اسان وڌيڪ بيان ڪرڻ کان قاصر آهيون.

1857ع جي جنگ آزاديءَ ۾ انگريزن جي ظلم ۽ جبر خلاف هندستان جو هر ماڻهو اٿي کڙو ٿيو، اها هڪ عوامي تحريڪ هئي ۽ عوام آزادي لاءِ پنهنجي جان ۽ مال جي قرباني ڏني. آزادي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ آهي عظيم انسان اسان جي تاريخ جو سرمايو آهن، جن تي اسان کي فخر آهي، انهيءَ راهه ۾ هار ۽ جيت جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، پر پوءِ به پڙهندڙن جي ذهن ۾ ايڏي وڏي تحريڪ جي ناڪامي جي باري ۾ سوال ضرور اٿندا هوندا. انهيءَ ناڪاميءَ جا ڪارڻ اسان جي خيال ۾ هيٺيان هئا.

سڀ کان وڏو ڪارڻ هي هو ته اها تحريڪ بنا تياري ۽ تنظيم جي شروع ڪئي وئي.

ان تحريڪ ۾ حصو وٺندڙن ۾ جنگي ڏانءُ ۽ مهارت نه هئي.

ان تحريڪ جي ناڪاميءَ جو سبب اندروني خلفشار به هو، جنهن ۾ سک رياستن، دولت آصفيه ۽ ڪن ٻين جو ڪردار انگريزن جي حق ۾ هو.

ماڻهن جي ذاتي جهڳڙن ۽ دشمنين به ان تحريڪ کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو.

سنڌ ۾ انگريز راڄ

فيبروري 1843ع (1259هه) کان 14 آگسٽ 1947ع (1367هه)

سنڌ جو پهريون گورنر:

سر چارلس جيمز نيپئر (Sir, Charles James Napier)

”لب تاريخ سنڌ“ ۾ آهي ته انگريزن مياڻي ۽ دٻي واري جنگ کان پوءِ صرف مير علي مراد ٽالپور جي حڪومت کانسواءِ جيڪا ان جي وفاداري ۽ ڪنهن مصلحت آڌار قائم رکي هئائون، باقي پوري سنڌ ۾ ميرن جي صاحبي کي ختم ڪري ڇڏيائون. چارلس نيپئر جو مياڻيءَ ۾ ميرن کي مات ڏيڻ سان هندستان جي گورنر جنرل لارڊ ايلن برو وٽ مان وڌي ويو هو، تنهن ڪري کيس سنڌ جو پهريون گورنر ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ روينيو بڻايو ويو ۽ فوجي اختيارات به ڏنا ويا.

نيپئر  چارج وٺڻ بعد مير علي مراد جي والد مير سهراب جي سنڌ ۾ جاگير کي ان جي وارثن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ اها هڪ رياست طور انگريزن جي ڇانوَ ۾ پلجندي رهي.

1845ع ۾ نيپئر جي سفارش تي مير علي مراد، انگريزن  وچ ۾ حدبنديءَ جو هڪ ٺاهه ٿيو، جنهن تحت مير علي مراد کي خيرپور جو رئيس مڃيو ويو ۽ مياڻي ۽ دٻي واري جنگ کان اڳ خيرپور ۾ شامل ضلعا ٻيهر کيس ڏنا ويا، جنهن ۾ مير رستم جي ملڪيت به شامل هئي.

اهو انعام هو مير علي مراد لاءِ سندس انگريزن سان وفادارين تي، منشي عطا محمد شڪارپوري تاريخ تازه نواءِ معارڪ ۾ لکي ٿو ته:

”مير علي مراد جا انگريزن سان وفاداري ۽ خير خواهيءَ جا ايترا واقعا آهن جن کي ڪٺو ڪيو وڃي ته هڪ ڪتاب ڇپجي سگهجي ٿو.“

پر انهن سڀني شين جي باوجود به انگريزن مٿس نونهار ماهدي ۾ ڦير ڦار ڪرڻ جو الزام هنيو ۽ ڪميشن فيصلو ڏنو ته کانئس مير سهراب وارن ورثي ۾ مليل علائقن کانسواءِ باقي سڀ واپس ورتا وڃن، مير علي مراد انهيءَ فيصلي خلاف لنڊن وڃي اپيل ڪئي پر اها منظور نه ٿي.

سنڌ جي حدن جو اشتهار:

حيدرآباد جي ميرن کي قيد ڪرڻ کان پوءِ نيپئر جي حڪم تي انگريز فوج قلعي ۾ داخل ٿي ۽ برجن تي برطانيا جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو.

چارليس نيپئر جڏهن سنڌ جو گورنر ٿي آيو ته ميرن کان هٿ ڪيل انهن علائقن جي حفاظت سخت ڪري ڇڏيائين ۽ پوءِ پڙو گهمرايائين ته هاڻي اهي علائقا انگريز حڪومت جي قبضي ۾ آهن ۽ آئنده زمينن جي ڍل انهن وٽ جمع ڪرائي ويندي، جيڪڏهن ڪنهن ان حڪم کي پٺي ڏني ته سخت سزا جو حقدار بڻبو. زميندار حاضر ٿي ڪري فرمانبرداريءَ جو قسم کڻي پنهنجي زمينن تي قابض ٿيڻ جو حڪم نامو حاصل ڪن. 17 فيبروري 1843ع انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ جي تاريخ آهي ۽ سلامتي جا پروانا راڻي وڪٽوريا جي ڄمڻ واري ڏينهن ڏنا ويا. مير شير محمد جي گرفتاريءَ لاءِ به ڪن احڪامن جي منظوري ڏني وئي.

انتظامن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ ميجر جفري پريڊي کي ڪليڪٽر ۽ ميجسٽريٽ ڪري پورا پورا اختيارات ڏنا ويا، جڏهن ته حيدرآباد ۾ ڪپتان راٿ بورن ۽ شڪارپور ۾ ڪپتان گولڊني کي رکيو ويو.

سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪري سڀ ڪم ڪار انهن جي حوالي ڪيا ويا. پوليس ملازمن ۽ چورن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪپتان مارسٽن کي ڪمانڊر پوليس جي زمينواري ڏني وئي.

روينيو لاءِ انگريزن کي سول ماڻهن جي ضرورت هئي. 1847ع (1263هه) ۾ چارلس نيپئر پنهنجي زمينوارين کان آجو ٿي ولايت هليو ويو.

پهريون ڪمشنر

مسٽر پرنگل (Mr, Pringle)

1847ع ـــــــــــ 1850ع)

چارلس نيپئر کانپوءِ سنڌ مان گورنري جو عهدو ختم ڪيو ويو ۽ 1847ع ۾ مسٽر پرنگل سنڌ جو پهريون ڪمشنر ٿي ڪراچي پهتو. هو بمبئي ۾ چيف سيڪريٽري هو.

ان جي ڏينهن ۾ ئي سنڌ جو ڪمشنر گورنر بمبئي جي ماتحت اچي ويو. بمبئي جو گورنر ان وقت سر جارج ڪلارڪ هو.

نونهار معاهدي ۾ ردوبدل جو معاملو  به انهن ئي ڏينهن ۾ اٿيو ۽ ڪميشن مير علي مراد کي ڏوهي قرار ڏيندي سندس مير سهراب وارن علائقن کانسواءِ باقي سڀ انگريزن جي قبضي ۾ ڏئي ڇڏيا. اهو واقعو تفصيل سان گذريل ورقن ۾ اچي چڪو آهي، تنهن ڪري هتي بيان ڪرڻ جي ضرورت ناهي.

تاريخ خيرپور جو مؤلف نسيم امروهوي انهن سڀني مؤرخن کي نٿو مڃي ۽ انهيءَ الزام کي به فرضي قصو قرار ڏئي ٿو. هو ان معاهدي واري قرآن پاڪ کي ثبوت طور پيش ڪري ٿو، جيڪو مير حاجي غلام حسين (ڪوٽ ڏيجي) جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. ان قرآن پاڪ جي ٻارهين ۽ تيرهين ورق جي لکائي ۽ مس ۾ ڪو فرق ناهي، پرڳڻو ميرپور ۽ ماٿيلو بلڪل صاف لفظن ۾ لکيل آهن. چيو ويو ته اهي ٻئي علائقا مير نصير جي ملڪيت هئا ۽ مير علي مراد ديهه کي پرڳڻو لفظ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. نسيم امروهوي لکي ٿو ته ”ان عهد نامي کي ڏسي پوري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اهي ٻئي علائقا مير رستم جي ملڪيت هئا نه ڪي مير نصير جي“. هو اڳتي لکي ٿو ته ”انگريزن اها سازش ان ڪري ڪئي جو وڏي رياست سان مير علي مراد جي طاقت نه وڌي وڃي.“ نسيم امروهوي مرزا قليچ بيگ تي  به تاريخ خيرپور ۾ جذبات نگاريءَ جو الزام هڻندي چوي ٿو.

”ان جي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ لڳي ٿو ته هو حيدرآباد جي ميرن کان گهڻو متاثر آهي، انهن جي مقابلي ۾ خيرپوري ميرن کي هر هنڌ گهٽ ڪرڻ  جي ڪوشش ڪئي اٿئين، جيڪا ڪنهن مؤرخ جي ديانتداريءَ ۾ شڪ وجهي ٿي.“

اها نسيم امروهوي جي مرزا قليچ بابت ذاتي راءِ آهي، پر حقيقت ۾ پهريون اهو ثابت ڪرڻ گهرجي ته ڇا حاجي غلام حسين وارو قرآن پاڪ جو نسخو اهو ساڳيو ئي آهي، جيڪو ڪميشن آڏو پيش ڪيو ويو هو؟ جيڪڏهن ٻيو نسخو آهي ته پوءِ مٿئين دعويٰ ڪرڻ ئي درست ناهي.

اهڙي طرح ذڪر ڪيل ٻنهي علائقن کي مير نصير بدران مير رستم جي ملڪيت چوڻ لاءِ به انهيءَ اصلي نسخي جو هٿ اچڻ يا ثابت ڪرڻ ضروري آهي. تنهن ڪري نسيم امروهوي صاحب جا دليل اڌورا چئي سگهجن ٿا، جن تي وڌيڪ بحث ڪرڻ اجايو آهي.

هندستان جي گورنر جنرل لارڊ ڊلهوزي 1849ع تي مسٽر پرنگل جي ڏينهن ۾ ئي سنڌ جي دوري تي آيو.

سنڌي ۽ بلوچ پلٽنون به انهيءَ ڪمشنر جي دؤر ۾ قائم ٿيون.

1849ع ۾ پنجاب ۽ ملتان انگريز حڪومت جي قبضي ۾ آيو.

مسٽر پرنگل انگريز حڪومت لاءِ اهم خدمتون انجام ڏئي 1850ع ۾ پنهنجي وطن هليو ويو.

 

ڪمشنر ٻيون

سر بارٽل فريئر (Sir Bartle Frere)

(1851غ ــــــــــــ 1856ع)

”لائف آف سر بارٽل“ جي پهرين جلد ۾ آهي ته چارلس نيپئر 1847ع ۾ انگلينڊ هليو ويو. انگريزن کي سنڌ ۾ روينيو جي لاءِ سول ماڻهن جي ضرورت هئي. سنڌ جو پهريون ڪمشنر مسٽر پرنگل کي ڪيو ويو، جيڪو بمبئي ۾ چيف سيڪريٽري هو. لارڊ آڪلينڊ عارضي طور تي سيڪريٽري ڪرنل ميونل کي سنڌ جو ڪمشنر ڪري رکيو.

پوءِ انهيءَ خدمت لاءِ پنجٽيهن سالن جي مسٽر فريئر کي چونڊيو ويو، جنهن جي گهٽ  عمر ۽ جونيارٽي تي اعتراض به اٿاريا ويا، ڇاڪاڻ جو هڪ ته هن کان پهريان سٺ سينئر آفيسر موجود هئا ۽ ٻيو سنڌ جي ڪمشنري ان وقت ڪا معمولي ڳالهه نه هئي.

جنوري 1851ع تي فريئر ڪراچي پهتو. ڪراچي انهن ڏينهن ۾ ننڍڙو شهر هو، نه روڊ رستا هئا، نه ڪوئي ٽپال گهر ۽ نه ئي ڪا بندرگاهه، جهاز ٺهڻ لاءِ به بمبئي ويندا هئا. انڊيا حڪومت جو سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ هو.

فريئر جي اچڻ کانپوءِ سنڌ ۾ سڪون ڇانئيل هو. مير جلا وطن ٿي چُڪا هئا ۽ فريئر بنا ڪنهن پريشانيءَ جي ڪم ڪارين ۾ جنبجي ويو. سڀ کان پهريان بندرگاهه ٺهرائڻ ۾ لڳي ويو. گورنمينٽ کان پندرهن سؤ ماهوار مدد لاءِ گهريائين، پر ان جي منظوري نه ملي سگهيس. 1857ع ۾ جنگ آزادي شروع ٿي ته اهو ڪم رولڙي ۾ پئجي ويو. 1859ع ۾ وري حڪومت کي لکيائين ته ”ڪراچي بندرگاهه کي صرف فنڊن جي ڪري پوئتي نٿو رکي سگهجي. ڇاڪاڻ ته اهو تجارتي ۽ دفاعي لحاظ کان سنڌ ۽ پنجاب لاءِ تمام اهم آهي ۽ ڏٺو وڃي ته ڪلڪتي کان به هن بندرگاهه جي اهميت وڌيڪ آهي، جيڪڏهن رستن ۽ بندرگاهن جو ڪم پورو ٿي وڃي  ها ته گورنمينٽ کي 1857ع ۾ ايترو نقصان نه ٿئي ها.

نونهار عهد نامي جي ڪميشن واري فيصلي تحت علائقن جو خيرپور رياست کان الڳ ٿيڻ جو عمل  به فريئر جي ڏينهن ۾ شروع ٿيو.

انگريز فريئر جي جنهن ڪارنامي کي سڀ کان وڌيڪ رنگ ڏئي پيش ڪندا آهن، اهو سندس تعليمي نظام آهي، جنهن کي هن سنڌ ۾ لاڳو ڪيو. چيو وڃي ٿو ته هن سنڌ ۾ تعليم کي عام ڪيو ۽ هر هنڌ مدرسا ۽ اسڪول کوليا.

سنڌ وارن تي سندس اهو عظيم احسان ليکيو وڃي ٿو ته هن سنڌي الفابيٽ لاءِ عربي حرفن کي استعمال ڪيو.

چيووڃي ٿو ته فريئر کي اها صلاح سر رچرڊ برٽن ڏني هئي، پر سنڌي ۽ سنسڪرت جي ڄاڻو ڊپٽي ڪليڪٽر جارج بينٽڪ ان تي اعتراض اٿاريندي چيو ته هندي سنڌي لفظ پراڻي وقت کان رائج آهن، تنهن ڪري ان لاءِ ديوناگري حرف استعمال ڪرڻ گهرجن. ٻنهي وچ ۾ اختلافن ڪري معاملو وڃي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن وٽ پيش ٿيو. آخر 1853ع ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽرز سنڌي لاءِ عربي حرفن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ ان ڪم لاءِ ڏهه هزار رپيا رکيا ويا.

سنڌ جي هڪ محقق پروفيسر لطف الله بدوي سر بارٽل فريئر جي سنڌي ٻوليءَ بابت ڪيل ڪوششن جي باري ۾ لکي ٿو:

هندن جي پنهنجي الفابيٽ هئي، جيڪا ديوناگري جي نامڪمل ۽ الجهيل ڪاپي هئي، ڪنهن وقت ان کي سمجهڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. مسلمان جيئن ته عربي سنڌي رسم الخط ۾ لکندا هئا ان ڪري فريئر جي خواهش هئي ته ملڪ ۾ سنڌي کي هٿي ڏجي پر ان جي الفابيٽ نه هجڻ ڪري اهو ڪم مشڪل هو، عدالتن ۾ مقرر انگريز عملدارن کي ترجمان جو سهارو وٺڻو پوندو هو، جنهن ۾ کين ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي هئي.

فريئر جو خيال هو ته سول ۽ فوجداري معاملن جي سلسلي ۾ سنڌي زبان جي سخت ضرورت آهي. منظوري ملڻ کان پوءِ فريئر اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس جي صلاح تي سنڌ جي عالمن  جي گڏجاڻي  رکي ۽ ان جو چيئرمين پاڻ ٿيو.

سنڌيءَ جا ٻاونجاهه اکر:

گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عربي الفابيٽ جي 29 حرفن کي پراڪرت سان ملائي ڪري 52 اکر ڪيا وڃن.

فريئر جي تجويز:

عربي رسم الخط کان پوءِ فريئر وري اها تجويز رکي ته سرڪاري نوڪرين ۾ سنڌي پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي لازمي قرار ڏنو وڃي ۽ جيڪي آفيسر سنڌي زبان جي امتحان ۾ ڪامياب ٿين، انهن کي انعام ۾ هڪ سؤ روپيا روڪ ڏنا وڃن. ان سان گڏ فريئر فارسي، اردو، مرهٽي، گجراتي ۽ انگريزي ڪتابن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جي صلاح ڏني.

ڊسمبر 1852ع ۾ ايلس، ڪمشنر کي رپورٽ ڏني ته سنڌي زبان ۾ حساب، جاگرافي ۽ تاريخ جا ڏهه ڪتاب تيار ٿي چُڪا آهن.

سنڌي زبان جو اسڪول:

سيٺ ناؤ مل پنهنجي ياداشت ۾ لکي ٿو ته 1853ع تي ڪراچي ۾ هڪ اسڪول کوليو ويو، مون کي درخواست ڪئي وئي ته پنهنجي خاندان جي ٻارن کي ان اسڪول ۾  پڙهائڻ لاءِ موڪليان، مان پنهنجي پوٽي عالم چند کي خاندان جي ڏهن ٻارهن ٻارن سان گڏ موڪليو. فريئر سنڌي تعليم جو سڄو سرشتو هڪ لائق آفيسر گولڊ اسمٿ جي حوالي ڪيو هو.

فريئر سنڌي ٻوليءَ کي دفترن ۾ رائج ڪيو:

ڪلهوڙن ۽  ٽالپرن جي ڏينهن ۾ دفتري ٻولي فارسي هئي، فريئر فارسي کي ختم ڪري دفترن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو.

”لب تاريخ سنڌ“ ۾ سنڌ جي آخري دؤر جو تاريخدان خداداد خان لکي ٿو ته:

انهن سالن ۾ (فريئر) سنڌين جي سهوليت لاءِ سنڌي رسم الخط لاءِ عربي اکرن جي چونڊ ڪئي ۽ هجي ۾ به تبديليون آنديون. هن سنڌ جي شهرن ۾ اسڪول ۽ مدرسا کوليا، جتي مختلف علمن کي سنڌيءَ ۾ رواج ڏنائين. دفتري ٻولي به فارسيءَ جي جاءِ تي سنڌي کي رکيائين، جنهن جي  ڪري سنڌين کي لکڻ پڙهڻ ۾ سهوليت ٿي پئي ۽ هو ڏاڍا خوش ٿيا. انهيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ مسٽر ايلس جو به وڏو هٿ هو.

اسسٽنٽ ڪمشنر جي رپورٽ:

اهي خانگي مڪتب ۽ مدرسا جيڪي شاگردن ۾ اسلامي روح بيدار ڪندا هئا سي ختم ٿي ويا.

اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي 1852ع واري رپورٽ ۾ لکيو ته هاڻوڪا عربي ۽ فارسي وارا مدرسا نالي ماتر آهن، جن ۾ ڪنهن وقت عربي ۽ فارسي علم ادب جو چرچو زورن تي هو.

خيرپور جي ڪن شهرن کي برطانوي علائقي ۾ شامل ڪرڻ:

1852ع ۾ لارڊ مارڪوئيس آف ڊلهوزي جي حڪم تي فريئر انهن شهرن جي واپسي لاءِ جن جي نونهار معاهدي ۾ تبديلي ثابت ٿي چُڪي هئي، روهڙيءَ ڀرسان اچي ترسيو ۽ ڏهرڪي، مصرڪي، ماٿيلي، ساهستي، لنڊ گاگن ۽ چڪ هزارچو کي شڪارپور ۽ حيدرآباد ضلعي ۾ شامل ڪري واپس ويو.

ڪن عهدن جو قيام:

سر بارٽل فريئر انتظامن جي سڌاري لاءِ پٽيدارن، ڪاردارن، مختيارڪارن ۽ ان کان مٿي آفيسرن کي سنڌ جي هر ضلعي ۾ رکيو ۽ سرڪاري ڍل اوڳاڙڻ ۾ هارين ۽ زميندارن سان نرمي جا قائدا ڪڍيا.

انهن ئي ڏينهن ۾ بهاولپور جو نواب  لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سندس ولي عهد جي وڏي ٿيڻ تائين انگريزن رياست کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو.

فريئر فوجداري فيصلن لاءِ حيدرآباد ۽  شڪارپور ۾ جج رکيا ۽ انهن جي مٿان مجسٽريٽن کي مقرر ڪيو، تنهن وقت ۾ انهن ججن کي سپرنٽنڊنٽ جج چيو ويندو هو.

ميونسپالٽيءَ جو بنياد:

سر بارٽل فريئر جي وقت ۾ قاعدو نمبر 26، 1852ع ۾ جاري ٿيو، جنهن جو مقصد شهرن جي صفائي ۽ سٿرائي رکڻ هو. ان اداري جو نالو ميونسپالٽي رکيوويو ۽ ان جا مختلف قاعدا قانون جوڙيا ويا.

انهن ئي ڏينهن ۾ هارين ۽ زميندارن جي ڀلائي لاءِ اڀرندي ناري جي کوٽائي ڪري ان کي وڏو ڪيو ويو.

ٽالپورن جو وطن ورڻ:

1853ع تي حيدرآباد ۽ ميرپور جا ڪلڪتي، هزاري باغ، پونا ۽ لاهور ۾ نظربند ڪيل ٽالپور حڪمران وطن وريا ۽ حڪومت سندن معمولي وظيفو مقرر ڪيو.

سر بارٽل فريئر جو وطن وڃڻ:

سر بارٽل 1856ع ۾ 18 مهينن جي موڪل وٺي پنهنجي وطن انگلينڊ گهمڻ ويو.

چارلس نيپئر جي باري ۾ فريئر چوي ٿو:

نيپئر متعلق ليمبرڪ فريئر جو بيان ڏيندي لکي ٿو ته هو وڏو سياستدان ۽ انتظامي معاملن جو ماهر هو.  جيڪڏهن رات جو ننڊ مان جاڳايو وڃيس تڏهن به هو انتظاميه جي باري ۾ تفصيلي نوٽ لکڻ جي اهليت رکندو هو.

ليمبرڪ جي فريئر جي باري ۾ راءِ:

فريئر جي ساراهه ڪندي ليمبرڪ لکي ٿو ته هو هڪ قابل قسم جو ماڻهو هو جنهن کي بمبئي حڪومت ۽ لارڊ ڊلهوزي جي مدد حاصل هئي. هن سنڌ جي آمدني وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي.

 

ڪمشنر ٽيون

جنرل جيڪب (Jaccob)

جنرل جيڪب گهڻي وقت کان وٺي پوليٽيڪل عهدي تي مقرر هو. انهيءَ وقت ۾ هن مياڻيءَ جي جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ مير شير محمد کي شڪست ڏيڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. جنرل جيڪب نيپئر جي اڳئين فوجي جٿي جو ڪمانڊر هو ۽ بگٽين جي باري ۾ به کيس اهم معلومات پهچائي هئائين، مري قبيلي سان به جنرل جيڪب ئي ڳالهيون ڪيون هيون.

جيڪب، بارٽل فريئر جي جاءِ تي 1856ع ۾ جيڪب آباد کان سنڌ جو قائم مقام ڪمشنر ٿي آيو. گبس ۽ اسٽورٽ سندس نائب هئا.

جيڪب سنڌين جون دليون کٽڻ لاءِ جنسن جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪرڻ سان گڏ مزدورن جي مزدوري به وڌائي. هو آزاديءَ جي نعمت کسجڻ جي بدلي ۾ سنڌين کي پيٽ جي آسودگي ڏئي خوش ڪرڻ چاهي پيو.

1856ع ۾ مير علي مراد والي خيرپور لندن وڃي پريوي ڪائونسل ۾ ڪميسن جي فيصلي خلاف اپيل ڪئي پر ڪائونسل ڪميشن جي فيصلي کي برقرار رکيو.

1856ع ۾ ڪپتان ميڪڊالن (Macdallen) پنجاب کان پنهنجي عملي سان گڏ سنڌ پهتو ۽ سنڌ جي گهرن، ڳوٺن ۽ شهرن جو سروي ڪيو ۽ برجن ۽ مينارن جون حدون مقرر ڪيون، جنهن جا نشان اڄ تائين قائم آهن.

جيڪب 1857ع ۾ فسادن جي ڪري بوشهر (ايران) ويو ۽ سندس جاءِ تي دڪن جي ڪمشنر مسٽر ايلس (Mr. Ellis) اچي زمينواريون سنڀاليون. ان وچ ۾ بارٽل فريئر به موڪل کان موٽي آيو ۽ ڪمشنر جي عهدي جي چارج ورتائين.

 

تحريڪ آزادي 1857ع جو سنڌ تي اثر

سر بارٽل فريئر جي ڏينهن ۾ 1857ع واري جنگ آزادي هندستان جي هر ننڍي وڏي شهر تائين ڦهلجي وئي، ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ جيڪب آباد جا ڪي عملدار ۽ سرڪاري سپاهي به ان ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا. فريئر ۽ سنڌ جي جوڊيشنل اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر گبس آزاديءَ جي جدوجهد ۾ حصو وٺندڙن کي ڪچليو، توپن تي رکي اڏايو ويو ۽ سولي تي چاڙهيو ويو. انگريزن سان وفاداري نڀائيندڙن کي وري انعام سان نوازيو ويو.

لب تاريخ سنڌ جي صفحي 168 ۾ خداداد خان لکي ٿو ته شڪارپور جي زميندارن مان فتح خان جتوئي ۽ پير بخش ترين پٽ خان بهادر الف خان انگريزن جو ساٿ ڏيڻ تي فريئر جي نظر ۾ انعام ۽ ”سر“ جي لقب جا حقدار ثابت ٿيا.

1857ع ۾ انگريزن سر فريڊرڪ گولڊ زمائنڊ (Sir Frederic Gold sumind) کي عمرڪوٽ رستي جيسلمير جي راجا رنجيت سنگهه ۽ پوڪران جي ٺاڪر ڀوت سنگهه سان ڪنهن مصلحت تحت ملڻ لاءِ موڪليو، ۽ گڏ ڪپتان ڊڪنسن (Dickenson) کي به سندس هارس سان روانو ڪيو ويو. لب تاريخ سنڌ  جومؤلف خداداد خان به انهن سان ساڻ هو، انگريزن خداداد خان کي سندس وفادارين تي هڪ تلوار، بنارسي شال، پڳ ۽ زري سان ٻه ٿان ڏنا هئا، پاڻ به انهن جي ڪرم نوازين جو اعتراف ڪندي لکي ٿو ته منهنجي خدمت کي وساريو نه ويو ڇو ته اهو طريقو مهربان سردارن جو ناهي.

1859ع ۾ فريئر جڏهن ڪلڪتي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو ته وڃڻ وقت الوداعي پرٽيءَ ۾ تقرير ڪندي چيائين ته مان نوَ سال سنڌ ۾ رهيس ۽ هميشه عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيس ۽ آئنده به جتي رهيس هن جي چڱي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهندس. اڄ مان هتان وڃان ٿو آخر ۾ ماڻهن سان ملي ڪري ساڻن وفاداريءَ جو اظهار ڪرڻ چاهيان ٿو:

هي عنوان جنرل جيڪب جي باري ۾ هو پر ٿورو وقت رهڻ ڪري اسان سندس باري ۾ وڌيڪ بيان ڪرڻ ضروري نه سمجهيوسين. بهرحال جيڪب 1859ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

 

ڪمشنر چوٿون

مسٽر انواريٽي (Mr. J. D Inverarity)

بارٽل فريئر کان پوءِ انواريٽي 1859ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر ٿي ڪراچي آيو. سندس نائب مسٽر شا اسٽورٽ ۽ گبس ئي هئا. هن جي ڏينهن ۾ ڪراچي کان ڌاٻيجي ريل جو افتتاح گورنر جارج ڪلارڪ 1861ع ۾ اچي ڪيو.

ننگر پارڪر ۾ شورش:

1862ع ۾ ننگرپارڪرجا راڻا سڏرائيندڙ زميندار انگريز حڪومت خلاف اٿي بيٺا ۽ شهر کي باهه ڏئي خزانو لٽي وڃي ڀرسان واري جبل ”ڪوه کارا“ ۾ وڃي لڪي ويٺا. انواريٽي بلوچ ريجمنٽ، ٻيا عملدار، علائقي جا زميندار ۽ ٺاڪر وٺي وڃي مٿن حملو ڪيو ۽ کين گرفتار ڪري ورتو. انواريٽي انهيءَ معاملي ۾ مدد ڪرڻ وارن ماڻهن کي انعامن سان نوازي ڪراچي موٽي آيو.

انهيءَ سال هن بيگاري نالي، اڀرندي ناري ۽ شور وٽ بند ٻڌڻ جو حڪم ڏنو، جيئن جهاز آساني سان اچي وڃي سگهن.

ساڳي سال يورپ کان ڪي مصور سنڌ آيا تن هتان جي ڪن معزز عورتن ۽ مردن جون تصويرون ٺاهيون، جن کي لنڊن جي هڪ نمائش ۾ رکڻو هو. انگريزن جي گهڻي گهري خداداد خان کي انهن تصويرن جي پبلسٽي لاءِ لنڊن موڪليو ويو.

1862ع ۾ انگريزن جي وفادار خداداد خان ”مڪران نامه“ جي نالي سان هڪ ٻيو ڪتاب به انگريزن جي قصيده گوئي ۾ پورو ڪيو.

ساڳي سال انواريٽي کي بمبئي گورمينٽ جي ڪائونسل ۾ ترقي ڏئي ڪري ميمبر مقرر ڪيو ويو، انواريٽي جو نائب ميجر جنرل سرفريڊرڪ گولڊ سمنڊ به انهيءَ سال لنڊن هليو ويو.

ڪمشنر پنجون

مسٽر ايس مينسفيلڊ (Mr. S. Mansfild)

1862ع ۾ بمبئي کان مسٽر ايس مينسفيلڊ سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو ۽ پنهنجو نائب ميڪسملر (Maxmuller) ۽ مسٽر آرسڪين (Erskine) بعد ۾ وري مسٽر جان مور (John moor) کي رکيائين.

وامن گردي:

راؤ بهادر وامن راؤ برهمڻ حيدرآباد جي ڪليڪٽر جو سپرنٽينڊنٽ هو ۽ سنڌ جي گهڻن تعلقن جي سرڪاري دفترن جو انتظام هن جي حوالي هيو، جنهن جي ڪري عوام کي گهڻي وقت کان آزاريندو رهيو ۽ ماڻهو سندس دؤر کي ”وامن گردي“ جي نالي سان سڏيندا رهيا. مسٽر مينسفيلڊ جڏهن دفترن جي چڪاس ڪئي ته وامن جي ڪرپشن جا ثبوت مليا پر سزا ملڻ کان اڳ ۾ ئي هو ڀڄي ويو، جنهن جي ڪري هيٺين کي ڀوڳڻو پيو.

1863ع ۾ مينسفيلڊ هو خليج فارس لاءِ نڪتو. سياري جي موسم ۾ مسٽر مينسفيلڊ سبزل ڪوٽ  واري ماڇڪي ٻيلي ۾ شڪار ڪرڻ ويو ۽ نصير آباد رستي لاڙڪاڻي وٽان پنهنجي نائبن سان گڏ موٽيو.

فوجداري ۽ ديواني معاملن جو  جدا ٿيڻ:

1865ع ۾ مينسفيلڊ فوجداري ۽ ديواني معاملن کي الڳ ڪري جوڊيشنل ڪمشنر سنڌ جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ صدر سنڌ ڪورٽ قائم ڪيو. پهريون اهي معاملا ڪمشنر سنڌ جا نائب اڪلائيندا هئا.

بارٽل فريئر جو سنڌ ۾ اچڻ:

انهن ئي ڏينهن ۾ بمبئي جي گورنر جي حيثيت ۾ سر بارٽل فريئر سنڌ جي دؤري تي آيو ۽ عمر واهه، ٿرواهه، مٿر واهه ۽ ٻيا پاڻيءَ جا وهڪرا ڏسي حيران رهجي ويو ته پاڻيءَ لاءِ ترسندڙ ماڻهو ڪيئن پيا موج ماڻن.

لوڪل فنڊ:

1865ع ۾ مينسفيلڊ لوڪل فنڊ جي نالي سان هارين ۽ زميندارن تي ٽيڪس لاڳو ڪيائين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڇهن مهينن جي موڪل تي وطن هليو ويو.

 

ڪمشنر ڇهون

ايڊي رابرٽس (Eddy Roberts)

مينسفيلڊ جي موڪل تي وڃڻ بعد سنڌ جو ڇهن مهينن لاءِ قائم مقام ڪمشنر مسٽر ايڊي رابرٽس ٿي آيو، سندس نائب جان مور هو.

سيٺ ناؤمل کي اعزازي ٻلو عطا ٿيڻ:

ايڊي رابرٽس سيٺ ناؤمل جي اعزاز ۾ 1866ع تي فريئر هال ۾ هڪ شاندار پروگرام رٿيو، جنهن ۾ انگريزن سان سندس وفادارين تي خراج تحسين پيش ڪندي چيائين ته:

تون برطانيه سلطنت جي لاءِ اهم خدمتون انجام ڏنيون آهن، جنهن جي اعتراف ۾ راڻي تو کي ”ڪمپينن آف دي موسٽ ايگزالٽيڊ آرڊر آف دي اسٽاف آف انڊيا“ جي خطاب ۽ ٻلي سان نوازي ٿي. برطانيا سرڪار پهريان به تو کي پنهنجن خدمتن جي بدلي اعزاز سان نوازيندي رهي آهي، جيئن 1852ع کان وڍي سڀ رپيا وظيفو (پينشن) جاري آهي ۽ ٻن پيڙهين تائين جاري رهندو يا اها جاگير جنهن جي آمدني هڪ هزار ٻه سؤ رپيا آهي، جيڪا ڪيتري وقت کان وٺي تو کي مليل آهي.

سيٺ ناؤمل جي وفاداريءَ جو حوالو:

ايڊي، ناؤمل جي انگريزن سان وفادارين ۽ ملڪ سان ڪيل مهربانين کي ڳڻائيندي چيو ته:

تون انگريز حڪومت لاءِ اهڙا ڪارناما ڪيا آهن جن کان اڄ جا ماڻهو اڻ واقف آهن. مان انهن ڪارنامن کي هن موقعي تي ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو.

تون انگريزن جي دوست شجاع الملڪ جي مدد لاءِ بمبئي ۽ بنگال کان افغانستان ويندڙ لشڪر کي سامان پهچائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي.

جڏهن ڪابل ۾ رت جي راند کانپوءِ اسان جا فوجي قيد ٿيا ۽ انهن کي ڇڏائڻ لاءِ اسان جو لشڪر سنڌ مان گذريو ته تون هر قسم جي سهوليت پهچائي.

1843ع ۾ انگريزن ۽ ميرن وچ ۾ هلندڙ ويڙهه ۾ تون ٽالپورن جي ارادن ۽ اسڪيمن جي ڄاڻ پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي به سرڪار کي پهچائي، جنهن سان انهن کي ڪچلڻ ۾ آساني ٿي.

استوبڪ، پائنجر، آؤٽرام ۽ غدر (جنگ آزادي) جي ڏينهن ۾ ٻن اڍائي سالن تائين تون پنهنجي وفاداري کي ثابت ڪندو رهئين ۽ حڪومت جي مهرباني جو حقدار بڻئين.

انهن سڀني خدمتن ۽ ڪارنامن جي بدلي حڪومت تو کي پينشن، جاگير ۽ خطاب عطا ڪيو آهي.

مينسفيلڊ ڇهن مهينن جي موڪل کان پوءِ واپس اچي پنهنجي چارج سنڀالي.

مير شير محمد کي اعزاز عطا ٿيڻ:

مير شير محمد جي مردانگي ۽ دليري کي انگريزن به مڃيو ۽ مينسفيلڊ عمرڪوٽ ۾ درٻار گهرائي مير صاحب کي ٻلو ۽ “Star of India” جي خطاب سان نوازيو.

مسٽر مينسفيلڊ 1867ع ۾ ترقي ڪري بمبئي ڪائونسل جو ميمبر ٿي هليو ويو.

ڪمشنر ستون

مسٽر هيولاڪ (W. H Havelock) قائم مقام ڪمشنر

هيولاڪ 1867ع ۾ عارضي طور  تي سنڌ جو ڪمشنر ٿي ڪراچي آيو ۽ پنهنجون زمينواريون نڀائڻ لڳو.

پوليس وارن جا انگريزي نالا:

هيولاڪ پوليس وارن جا نالا ڦيرائي انگريزي ۾ رکيا. جيئن ضلعي جي وليس نگران کي ڪپتان  مان ڊسٽرڪٽ سپرنٽينڊنٽ پوليس ۽ ملڪي عهديدارن مان رسالدار، صوبيدار، حوالدار، نائڪ، سپاهي سوار جو نالو بدلائي انسپيڪٽر، چيف ڪانسٽيبل ۽ هيڊ ڪانسٽيبل رکيو. جڏهن ته شهري پوليس جي عهديدار فوجدار کي ٽائون انسپيڪٽر سڏيو ويو.

مسٽر هيولاڪ  ان طرح فارسي جو اثر ختم ڪري انگريزي جو رواج وجهڻ چاهيو، هڪ سال کان ڪجهه وڌيڪ عرصو هتي گذاري هو بمبئي هليو ويو ۽ وڃڻ وقت ”لب تاريخ سنڌ“ جي ليکڪ منشي خداداد خان کي پوليس ۾ ٽنبي ويو.

 

ڪمشنر اٺون

سر وليم ميري ويدر (Sir William Mere Wether)

ليمبرڪ لکي ٿو ته ميري ويدر پهريون جيڪب جو اسسٽنٽ هو ۽ بگٽين کي هيسائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين.

سنڌ جي ڪمشنري:

وليم آفريڪا جي فتح کان پوءِ 1868ع تي سنڌ ۾ آيو ۽ سندس نائب جان مور هو. وليم مياڻي ۽ دٻي وارين جنگين ۾ حصو وٺڻ سان گڏ پنجاب بلوچستان ۽ آفريڪا ۾ انگريز حڪومت لاءِ اهم خدمتون انجام ڏئي چڪو هو.

ان جي زماني ۾ سنڌ آفيشل گزيٽ جاري ٿي، جنهن ۾ سرڪاري خبرون ڇپنديون هيون.

انهن ئي ڏينهن ۾ ٻيڙين جي جاءِ تي روهڙيءَ کان سکر تائين اسٽِمر هلڻ لڳا.

1869ع تي فريئر هال ۾ ڪارخانيدارن جي وڏي نمائش لڳي ۽ عوام کي آگاهه ڪرڻ لاءِ هفتو کن اها نمائش هلندي رهي.

پراڻن ماڳن جي تاريخ:

وليم ميري ويدر حڪم ڏنو ته سنڌ جي تاريخي ماڳن تي خداداد خان هڪ ڪتاب لکي جنهن ۾ منگهو پير، لاهوت لامڪان، رني ڪوٽ، ٽنڊو فضل ٽالپور، مخدوم نوح هالائي، رهڙڪي بازار، اڏيرو لعل، خواجا خضر، مير معصوم شاهه جو منارو، شاهه خير الدين قاسم خاني، بکر جو قلعو ۽ ٻيا اهم  تاريخي ماڳ مڪان شامل هجن. اها تاريخ سنڌي ۾ هجي ۽ حڪومت ان کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائي سنڌ جي  سرڪاري ملازمن ۽ لنڊن سر بارٽل فريئر کي موڪليندي.

خداداد خان اها تاريخ ترتيب ڏني ۽ سندس چوڻ آهي ته انهيءَ جا سنڌي ۽ انگريزيءَ وارا نسخا هن وٽ موجود آهن.

قلات جي والي خلاف بغاوت:

1870ع ۾ بلوچستان ۽ ميٿري جي وچ وارا سردار قلات جي والي خلاف بغاوت ڪري افغانستان ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ قافلن کي ڦرڻ لڳا. انهن جي ڪيسن کي اڪلائڻ لاءِ بمبئي گورنمينٽ جي حڪومت تحت وليم ميري ويدر وڌيڪ چئن مهينن تائين جييڪب آباد ۾ تنبو هڻي ويٺو رهيو.

جرڳائي قائدن جو بنياد:

انهن ئي ڏينهن ۾ گورنمينٽ سرحدي بلوچن لاءِ ”جرڳائي قاعدن“ جي منظوري ڏني جنهن سان انهن ۾ سرهائي آئي. ساڳي سال سکر نالي عرف ”شهداد واهه“ کي ويڪرو ۽ وڏي ڪرڻ جو ڪم به پورو ٿيو.

انهيءَ سال وليم مٺڻ ڪوٽ اچي سنڌ ۽ پنجاب جي حدن جو فيصلو ڪيو.

1872ع ۾ گورنر جنرل هندستان لارڊ ميو جي خون جي خبر سنڌ ۾ مشهور ٿي.

بلوچستان جو سنڌ کان الڳ ٿيڻ:

بلوچستتان جيڪو 1843ع کان وٺي سنڌ ۾ شامل هو ۽ سنڌ جي ڪمشنر جي حڪم هيٺ هو. ان کي سنڌ کان الڳ ڪري گورنر جنرل هندستان جي ايجنٽ جي ماتحت ڪيو ويو.

وليم ميري جي ترقي:

1877ع ۾ ميري ويدر لنڊن پارليامينٽ جو ميمبر ٿي هتان هليو ويو.

ميري ويدر ٽاور ۽ ميرويدر گارڊن:

اهي ٻئي يادگارون انهيءَ انگريز جي نالي تي آهن، جنهن اسان کي غلام بڻايو.

ڪراچيءَ ۾ ميري ويدر ٽاور برج آهي، جيڪو ڪراچي واسين جي چندي سان ٺهيو ۽ ڪراچي ۾ ئي اهو باغ جتي مير اچي رهندا هئا، تنهن کي ميري ويدر گارڊن جو نالو ڏنو ويو.

اڄ ايترا سال گذرڻ  جي باوجود به ڪراچيءَ جي ميري ويدر ٽاور ڏانهن ويندڙ بسن تي اهو نالو پڙهي افسوس ٿئي ٿو ته اسان غلام بڻائيندڙ انگريزن کي ته ياد رکيو آهي پر آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندڙ پنهنجن عظيم رهنمائن کي وساري ڇڏيو آهي، نه ته ميري ويدر ۽ جيڪب جي نالي کي بدلائي پاڪستان اڏيندڙن جا نالا رکون ها!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org