سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 16

عطيه جوڻيجو:

عطيه جوڻيجو 10 اپريل 1953ع تي پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو عصمت الله جوڻيجو آهي. جيڪو پاٽ جي برک زميندارن ۾ شامل ٿئي ٿو. عطيه جوڻيجو پڙهيل ڳڙهيل ۽ تعليم يافته آهي. پاڻ ايم. اي ۽ ايم. ايڊ جون ڊگريون حاصل ڪيون اٿس. کيس کي استادي پيشي سان لڳاءُ هو. ان ڪري درس ۽ تدريس جي پيشي سان وابسته ٿي وئي. پاڻ گرلس هاءِ اسڪول ميهڙ جي هيڊ مسٽريس به رهي آهي. ان عرصي دوران شعر و شاعري به ڪرڻ لڳي. سندس پهريون شعر جيجل، مارئي رسالي ۾ شايع ٿيو. ان کان پوءِ سندس شعر ماهوار اديون نئين زندگي، روزانه عبرت ۽ سنڌ اخبار ۾ ڇپجندا رهيا. عطيه جوڻيجو گهڻو ڪري حب الوطني ۽ اسلامي جذبي تحت لکيو آهي. سندس آتم ڪهاڻي ترتيب ڏنل آهي. جيڪا اشاعت جي اوسيڙي ۾ آهي.

پروفيسر اعجاز قريشي:

اعجاز احمد قريشي دادو جي نامياري قانون دان علي احمد قريشي جي گهر 1 جنوري 1948ع ۾ ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ ۾ جنم ورتو. سندس والد جڳت آباد دادو ۾ رهائش پذير آهي. اعجاز قريشي پرائمري ۽ ميٽرڪ دادو مان پڙهي، وڌيڪ تعليم يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. ايم. اي اڪانامڪس لنڊن يونيورسٽي مان پڙهي واپس آيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر رهيو. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. جن ۾ تاريخ سنڌ، ارغون ۽ ترخان دور، هو جي واڪا واءُ ۾ ۽ اچو ته نئين سنڌ تعمير ڪريون شامل آهن. اعجاز قريشي بهترين مقرر آهي. ڪيترن ئي سيمينارن ۽ ورڪشاپن ۾ حصو وٺندو اچي ٿو. پروفيسر اعجاز قريشي ؟؟؟ حيدرآباد ۾ ڊائريڪٽر طور به ڪم ڪري چڪو آهي. هن وقت شهيد بينظير ڀٽو چيئر جو ڊائريڪٽر آهي. پروفيسر اعجاز قريشي سنڌ دوست اديب آهي. علمي، ادبي ۽ سماجي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ قريشي صاحب جي سڃاڻپ آهي. هن حال سارو سنڌي ٻولي جي وڌا ۽ ڦهلاءَ لاءِ به پڻ ڪوششون ورتيون آهن. سنڌي ٻوليءَ تي ڪجهه ننڍڙا ڪتاب به ڇپايا اٿس. سندس مستقل رهائش قاسم آباد حيدرآباد ۾ اٿس.

اعظم ڇڻڪو:

محمد اعظم ولد غوث خان ترين پٺاڻ 14 فيبروري 1961ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. تعليم صرف پرائمري تائين اٿس. ادب ۾ ابتدا 1998ع کان ڪيائين. مزاحيه شاعري ڪندو آهي. هڪ ڪتاب جيترو مواد وٽس موجود آهي. سنڌي ادبي سنگت جو فعال ميمبر آهي ۽ هر محفل مشاعره ۾ حصو وٺندو رهي ٿو.

اڪبر شاهه:

سيد علي اڪبر شاهه ولد سيد لعل محمد شاهه تخلص اڪبر شاهه 2 آگسٽ 1964ع تي ڳوٺ کيڙو تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. تعليم بي. ايس. سي تائين حاصل ڪري چڪو آهي. ادبي دنيا ۾ سال 1987ع کان آيو آهي. هن ڪجهه ڪهاڻيون، تاثر ۽ ڪيترائي مضمون لکيا آهن. شاگردي جي زماني ۾ سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتائين. هن وقت ايجوڪيشن ورڪس ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي.

الطاف ملڪاڻي:

علي گوهر ملڪاڻي ولد غلام هادي ملڪاڻي تاريخ 19 اپريل 1967ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. سندس تخلص الطاف ملڪاڻي آهي ۽ الطاف ملڪاڻي جي نالي سان مضمون مقالا، ڪهاڻيون ۽ شعر لکندو رهي ٿو. هن جا ڪيترائي ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. نهج البلاغه (ترجمو) عشق ڇا آهي، تصوف عشق ۽ سائين جي ايم سيد، ساڀيائن کان رٺل سپنا، درناياب، داستان حلاج، فلسفو ڇا آهي، شانتي، حضرت علي جا قول، شيخ سعدي جا قول، عورت جنس ۽ مذهب ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.

الهه ڏنو مهيسر:

الهه ڏنو مهيسر ولد دوست محمد مهيسر 1981ع ۾ ڳوٺ شيخ دڙو تعلقي دادو ۾ ڄائو. تعليم انٽر تائين اٿس. شعر و شاعري ڪندو آهي. سندس ڪلام ڪيترن فنڪارن ڳايو آهي.

امر سنڌي:

غلام عباس عرف بخشل ولد غلام حسين لغاري تخلص امر سنڌي 8 مارچ 1978ع تي مزدورآباد محلي دادو شهر ۾ ڄائو. تعليم ايم. اي اٿس، ادب ۾ ابتدا 1990ع کان ڪيائين. شعر و شاعري کان علاوه ڪهاڻيون به لکيون اٿس. ڪافي مواد لکيو اٿس، جيڪو اڻ ڇپيل آهي.

امير النساء مگسي:

امير النساء مگسي ڌي ڌني بخش مگسي 21 جنوري 1961ع ۾ ڳوٺ گل محمد مگسي تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. تعليم ايم. اي تائين ڪري چڪي آهي. هن ادب ۾ ابتدا 1990ع کان ڪئي آهي. هن ڪيترائي مقالا، مضمون ۽ مقالا لکيا آهن. جن مان ڪجھه اخبارن ۾ به ڇپيا آهن.

امينه ناز:

امينه ناز ڀٽي ڌي حاجي نبي بخش ڀٽي 5 آڪٽوبر 1978ع ۾ دادوءَ ۾ جنم ورتو. تعليم ايم. اي تائين ڪئي اٿس. تعليم دوران ملازمت اختيار ڪئي اٿس. ادبي دنيا ۾ سال 1998ع ۾ آئي آهي. شعر و شاعري کان علاوه ڪهاڻيون به لکيون اٿس.

آسي الطاف حسين پلهه:

آسي الطاف حسين ولد عبدالرسول پلهه 2 اپريل 1973ع ۾ ڳوٺ ڀائي خان پلهه تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. بي. اي اليڪٽرانڪ ۾ پاس ڪيائين. هن و قت واپڊا دادو ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي. 1994ع کان شعر و شاعري سان گڏ ڪهاڻيون به لکندو پيو اچي. سندس ڪهاڻين جو مجموعو اداس شامون لکيل آهي. سندس مستقل رهائش دادو ۾ آهي.

احسن ابڙو:

محمد هارون ابڙو ولد حافظ دين محمد ابڙو 28 آڪٽوبر 1972ع تي ڳوٺ عبدالرحيم ابڙو تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. تعليم ميٽرڪ تائين اٿس. سال 2001ع کان شعر و شاعري ڪري رهيو آهي. هڪ ڪتاب جيترو مواد وٽس موجود آهي. جيڪو قلمي صورت ۾ آهي. پاڻ احسن ابڙو جي نالي سان لکندو آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ پيارو ڳوٺ جو ڪائونسلر به آهي.

اخلاق چارڻ:

اخلاق احمد ولد حاجي نصرالله چارڻ 1 مارچ 1976ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. تعليم انٽر تائين حاصل ڪئي اٿس. 1996ع کان ادب ۾ پير پاتو اٿس. شاعري ڪري ٿو.

اداس پريمي:

خالد حسين ولد حاجي ارباب قمبراڻي تخلص اداس پريمي 12 آگسٽ 1974ع تي ڳوٺ شهيد مخدوم بلاول تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. ادب ۾ ابتدا 1987ع کان ئي ڪئي اٿس. هن شعر ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن. وٽس هڪ عدد ڪتاب جيترو مواد موجود آهي.

اداس پرديسي ڀٽو:

محمد امين ولد سومر خان ڀتو 1 اپريل 1986ع ۾ بڊاڻي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. سندس تخلص پرديسي اداس ڀٽو آهي. هن وقت دادو شهر ۾ مستقل طور تي رهي ٿو. ڪهاڻيون لکندو رهي ٿو. ان کان علاوه شعر و شاعري به ڪري ٿو. ڪجھ ڪالم به لکيا اٿس.

محمد اسلم پاٽائي:

محمد اسلم ولد محمد اسماعيل پاٽائي تخلص اسلم پاٽائي 23 مارچ 1986ع ۾ پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. هن ادب ۾ ابتدا 1999ع کان ڪئي آهي. هڪ ڪتاب جيترو مواد شاعري بابت وٽس موجود آهي. شاعري ۾ سندس استاد پيرل پرديسي آهي.

اصغر جمالي:

اصغر جمالي ولد غلام نبي جمالي ڳوٺ شاهه محمد جمالي تعلقي دادو 1 مارچ 1986ع تي جنم ورتو. هن ادب ۾ شروعات 2001ع کان ڪئي آهي. هن شعر و شاعري کان علاوه ڪالم به لکيا آهن.

اعجاز سيف:

اعجاز ولد سيف الدين پنهور 25 اپريل 1996ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. تعليم بي. اي، ايل. ايل. بي اٿس. نثرنگار آهي. هن انگريزي ۾ به لکيو آهي. ان کان علاوه سوشل اسٽڊيز جا ڪتاب به ترتيب ڏنا آهن. موجوده وقت سندس نگراني ۾ پروگريسو انگلش فائونڊيشن جي نالي سان خانگي تعليمي ادارو هلي رهيو آهي. پوليٽيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ پڻ استاد آهي.

بينظير ملڪاڻي:

بينظير ڌي روشن علي ملڪاڻي تاريخ 26 اپريل 1981ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم دادو مان حاصل ڪئي اٿس. تعليم بي. اي تائين اٿس. 1990ع کان ادبي دنيا سان لاڳاپيل آهي. هن ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن. مقالن تي مشتمل هڪ ڪتاب مڪمل ٿي چڪو اٿس. جيڪو اشاعت جي اوسيئڙي ۾ آهي.

برج لعل بيوس:

برج لعل پٽ سيٺ تارا چند لهاڻي جي گهر ۾ 27 مارچ 1955ع تي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ ثانوي تعليم دادو مان حاصل ڪئي اٿس. تعليم بي. ايس. سي تائين اٿس. ادب سان چاهه رکي ٿو. ادبي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو رهي ٿو. 2000ع کان شعر و شاعري ڪندو رهي ٿو. سندس تخلص برج لعل بيوس آهي.

پروانو فيروز ميمڻ:

فيروز احمد ميمڻ ولد عبدالحميد ميمڻ تخلص پروانو 5 آڪٽوبر 1978ع تي ڳوٺ دوآٻو تعلقي دادو ۾ جنم ورتو ۽ پرائمري سيڪنڊري تعليم دوآبي مان حاصل ڪري ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. اتان بي.اي، اڪنامڪس جي ڊگري حاصل ڪري چڪو آهي. شاعري ڪندو آهي. شاعري 1996ع کان شروع ڪئي اٿس، شعري مجموعه نيڻ نه ننڊون ڪن شايع ٿي چڪو اٿس.

ايم بچل ڪلهوڙو:

محمد بچل ڪلهوڙو ولد پير بخش ڪلهوڙو 17- جنوري 1984ع تي پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. ادبي نالو ايم بچل ڪلوهوڙو اٿس. 1998ع کان ادبي دنيا ۾ آيو آهي، سندس ادبي سڃاڻپ ليکڪ. ڪالم نويس، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي. هڪ عدد ڪتاب جيترو مواد وٽس محفوظ آهي.

بخت رضا:

بخت علي ولد محبت علي گوپانگ تخلص بخت رضا 1- جنوري 1982ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. شاعري 1998ع کان شروع ڪئي اٿس. سندس اڻڇپيل ڪتاب يادن جا پل (شاعري) وٽس موجود آهي.

بدر جاگيراڻي:

بدرالدين جاگيراڻي ولد غلام حيدر جاگيراڻي 12- جون 1981ع تي ضلع لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن وقت مستقل رهائش دادو شهر ۾ اٿس ادب ۾ ابتدا 2000ع کان ڪئي اٿس. ادب ۾ استاد بشير سيتائي اٿس. شاعري ڪري ٿو. سندس اڻڇپيل ڪتاب مقدس محبت جو رشتو پرين موجود آهي. جيڪو شاعري تي مبني آهي. غزل ۾ خاص مهارت رکي ٿو.

بلقيس نازگُل:

بلقيس گُل ڌي گل حسن مگسي 15- ڊسمبر 1978ع ۾ ڳوٺ گل محمد مگسي تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. تعليم ايم.اي ائين اٿس. هن ادب جي ابتدا 1998ع کان ڪئي. شعر و شاعري کان علاوه ڪهاڻيون به لکندي رهي ٿي. هڪ عدد ڪتاب جيترو مواد وٽس موجود آهي.

مسڪين پاٽائي:

شبير احمد ولد الهداد چانڊيو ادبي نالو مسڪين پاٽائي ڳوٺ بهرام خان چانڊيو تعلقي دادو ۾ 19- مئي 1962ع تي جنم ورتو. ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي اٿس. ادبي دنيا ۾ 1984ع کان آيو آهي. ادب ۾ سندس استاد شمس الدين شمسي آهي. شاعري کان علاوه ڪهاڻيون ۽ ڪالم به لکيا اٿس. هن ٻه ڪتاب آسون اڌوريون (غزل) منهنجي سوچ منهنجا جذبا (ڪهاڻي) لکيا آهن. جيڪي قلمي صورت ۾ موجود اٿس.

مقبول انجم ميمڻ:

مقبول احمد ميمڻ ولد محمد بخش ميمڻ 1- جون 1958ع تي ڳوٺ پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ جنم ورتو.  ادبي دنيا سان واسطو اٿس. سندس ادبي تخلص مقبول انجم ميمڻ آهي. 1973ع کان لکندو اچي ٿو. سندس ڪهاڻيون ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.

ڪهاڻين جو هڪ مجموعه لڙڪ ۽ سڏڪا شايع ٿي چڪو آهي. هڪ ڪتاب جيترو مواد جيڪو ناول جي صورت ۾ موجود اٿس. جيڪو ڇپائي جي اوسيئڙي ۾ آهي. مقبول انجم ميمڻ ورڪس ۽ سروس ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ انجنيئر جي حيثيت سان پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

منظور برهماڻي:

منظور علي برهماڻي ولد حسين بخش برهماڻي 15-  اپريل 1967ع تي شاهه آباد ڇاڻو دادو ۾ اک کولي. تعليم بي.اي، ايل.ايل.بي تائين حاصل ڪري چڪو آهي. پوليس کاتي ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي. 1992ع کان لکندو رهي ٿو. ڪهاڻيون، مضمون ۽ ڪالم لکيا اٿس. شاعري به ڪري ٿو. غزل، گيت، نظم ۽ چؤسٽن تي طبع آزمائي ڪري چڪو آهي. هن ڪهاڻين ۽ شاعري تي ٽي ڪتاب لکيا آهن. جيڪي اڻ ڇپيل آهن.

مارو جمالي:

ماروجمالي جو اصل نالو سڪندر علي جمالي آهي. جيڪو مارو جمالي جي نالي سان شعر و شاعري ڪري ٿو. سندس پيءُ جو نالو فيروز خان جمالي آهي. مارو جمالي 1- مارچ 1970ع تي ڳوٺ فقير محمد جمالي تعلقي جوهي ۾ ڄائو، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ تائين هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو. هن وقت ايم.اي ڪري چڪو آهي، استاد جهڙي پيشي سان منسلڪ آهي. 1989ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. غزل، گيت، چؤسٽا ۽ نظم لکيا اٿس ۽ انهن تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندس هڪ ڪتاب شاعري جو پرين جون اکيون، شايع ٿي چڪو آهي. ڪجهه مجموعا ڇپائي جا انتظار ۾ آهن. ان کان علاوه هڪ مخزن (اڏام) جو چيف ايڊيٽر ۽ اُڏام پبليڪيشن جو چيئرمن آهي. 20 سالن کان دادوءَ ۾ رهائش پذير آهي.

محمد عثمان ٽڳو:

محمد عثمان ولد امير بخش ٽڳو 23- جون 1940ع تي ڳوٺ ٽڳا تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. تعليم ايم.اي ۽ بي.ايڊ اٿس. تعليم کاتي ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ٿو. 1961ع کان ادبي دنيا ۾ آيو آهي. مضمون مقالا ۽ ڪالم لکيا اٿس. وٽس هڪ عدد ڪتاب جيترو مواد موجود آهي.

محمد نواز ناز:

محمد نواز ولد حاجي نور محمد چانڊيو 16- نومبر 1968ع تي ڳوٺ پير ترهو تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پرائمري استاد آهي. هن  وقت بي ڪام ۽بي ايڊ تائين تعليم حاصل ڪري چڪو آهي. شاعري 1990ع کان باقاعده شروع ڪئي اٿس. شاعري کان علاوه ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکندو رهي ٿو، وٽس هڪ ڪتاب جيتگرو مواد موجود آهي.

فدا ڪلرائي:

فدا حسين چانڊيو ولد احمد خان چانڊيو 2- مئي 1961ع تي ڳوٺ ڪلري تعلقي دادو ۾ اک کولي، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ هاءِ اسڪول ڦُلجي اسٽيشن مان ۽ ايم.اي (سنڌي) ايم.اي (انگلش) ايم.ايڊ جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. تعليم دوران استادي پيشي سان منسلڪ ٿيو. هن وقت سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي) گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول ٿاڻي بولا خان ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آهي. ادبي دنيا ۾ 1980ع کان آيو. هن شاعري کان علاوه مضمون، مقالا ۽ ڪالم ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن. جيڪي قلمي صورت ۾ وٽس موجود آهن.

فرحانه قريشي:

فرحانه قريشي ڌي عبدالله قريشي 1- مارچ 1981ع تي دادو شهر ۾ ڄائي. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم دادو مان حاصل ڪئي اٿس. هن وقت ايم.اي تائين تعليم پرائي چڪي آهي. ادبي دنيا ۾ 1994ع کان آئي. هن مضمون، ڪهاڻيون ۽ ڪالم وغيره لکيا آهن، پاڻ ٽيچر آهي.

فقير غلام مصطفيٰ آرائين:

فقير غلام مصطفيٰ ولد علي محمد آرائين 1- اپريل 1963ع تي ڳوٺ رسول پور تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. هن وقت تائين تعليم جاري رکندو پيو اچي. واپڊا ۾ جونيئر سول انجنيئر آهي. تعليم سان گڏ علم ادب سان دلچسپي رکندو پيو اچي. 1995ع کان شعر و شاعري ڪندو پيو اچي، وٽس هڪ ڪتاب جيترو مواد موجود آهي.

فيض پنهور:

فيض محمد ولد محمد اسماعيل پنهور 1- جنوري 1917ع تي ڳوٺ ملڪاڻي شريف تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، فائينل 1931ع ۾ پاس ڪري استاد مقرر ٿيو. 1941ع کان شاعري ڪرڻ لڳو. سندس شاعري ۾ استاد حافظ محمد احسن چنا ۽ علي حيدر حيدري ملڪاڻي هئا. شاعري ۾ هڪ ڪتاب ڪلام فيض 1985ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيائين. فيض پنهور 6- فيبروري 2001ع تي هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ويو. پاڻ پخته ڪلام شاعر ۽ مشاعرن جي جان هيو.

فيض لغاري:

فيض محمد لغاري ولد غلام اصغر لغاري 24- مارچ 1984ع تي ڳوٺ لالهر تعلقي جوهيءَ ۾ ڄائو. تعليم ميٽرڪ تائين ڪري چڪو آهي. 1999ع کان بشير سيتائي جي رهنمائي سان ادب ۾ حصو وٺي رهيو آهي. فيض لغاري شاعري کان علاوه ڪهاڻيڪار به آهي. سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون. فيض لغاري ڪيترن ئي اديبن شاعرن ۽ فنڪارن جا انٽرويو به ڪري چڪو آهي ۽ اهي رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هن وقت دادو شهر ۾ رهي ٿو. فيض لغاري ڊرامه به لکيا آهن، جيڪي ڪي.ٽي.اين تي هليا آهن ۽ هلي رهيا آهن. گزريل 20 سالن کان دادو ۾ رهي ٿو.

قمرالنساءِ ڀٽي:

قمرالنساءِ معروف شاعر بشير سيتائي جي نياڻي آهي. 1- مئي 1988ع تي ڇاڻو شاهه آباد ۾ جنم ورتائين. آرمي پبلڪ اسڪول دادو مان تعليم حاصل ڪري رهي آهي. 2000ع کان ادبي دنيا ۾ قدم رکيائين. شاعري به ڪندي آهي. ان کان علاوه مضمون به لکيا اٿس. ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون انگريزي ادب مان سنڌي ۾ ترجما پڻ ڪيا اٿائين. سندس ادبي رهبري سندس والد ڪري رهيو آهي.

گلزار ڪلهوڙو پاٽائي:

غلام حيدر ولد پير بخش ڪلهوڙو تخلص گلزار ڪلهوڙو 24- آڪٽوبر 1971ع تي ڳوٺ پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پرائمري ۾ سيڪنڊري تعليم پاٽ مان حاصل ڪيائين. گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي اٿس. هن کي تعليم سان چاهه هو. انڪري استادي پيشي کي ترجيح ڏنائين. 1989ع ۽انور شاد اٿس. هن شاعري کان علاوه ڊرامه به لکيا آهن ٻه عدد ڪتاب ترتيب ڏنا اٿس.

لعل لڪياري:

علي اڪبر شاهه ولد غلام حيدر شاهه لعل لڪياري 16- مارچ 1958ع تي دادو ۾ جنم ورتائين. 1972ع کان ادبي دنيا ۾ آيو آهي. هڪ ڪتاب جيترو مواد وٽس موجود آهي. جيڪو قلمي صورت ۾ آهي.

سنڌو ميراڻي:

محمد صالح ميراڻي ولد محمد حسين ميراڻي 15- فيبروري 1948ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. سندس ادبي نالو سنڌو ميراڻي آهي. پرائمري ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم دادو مان حاصل ڪئي اٿس. هن وقت ايم.اي انگريزي تائين تعليم حاصل ڪري چڪو آهي.

ڪاليج ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا اٿس. 1962ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. هن ڪهاڻيون ۽ ڪيترائي مضمون لکيا اٿس. شاعري به ڪندو آهي. هن جو هڪ ساڪيلو اسٽائيل ڪارٽون جو ڪتاب شايع ٿيل آهي. ٽن ڪتابن جيترو مواد جن ۾ ڪهاڻيون، شاعري ۽ طب شامل آهن ۽ اشاعت جي اوسيئڙي ۾ آهن.

سيد پرنم ڪاظمي:

سيد ڇُٽل شاهه ولد سيد حسين شاهه جيڪو سيد پرنم ڪاظمي جي نالي سان ادبي دنيا ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سيد پرنم ڪاظمي 23- سيپٽمبر 1963ع تي ڳوٺ پيراڻي ديري تعلقي دادو ۾ اک کولي. تعليم بي.اي، بي.ايڊ اٿس. جونيئر ڪلارڪ جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سال 1982ع کان شعر و شاعري ڪري رهيو آهي. شاعري ۾ گيت، غزل، چؤسٽا آزاد نظم تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو. وٽس هڪ عدد ڪتاب جيترو مواد موجود آهي.

سرتاج لڪياري:

سيد حسين شاهه ولد سيد ڇُٽل شاهه 2- جون 1940ع تي ڳوٺ دين محمد شاهاڻي تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. سرتاج لڪياري جي نالي سان ادبي دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو ويو. تعليم مڪمل ڪري استادي جهڙي معزز پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر جي حيثيت سان به خدمتون سرانجام ڏنائين 1960ع کان شاعري ڪرڻ لڳو. شاعري کان علاوه ڊرامه به لکيائين.

نثر جو هڪ ڪتاب ترتيب ڏنل اٿس. جيڪو قلمي صورت ۾ موجود آهي. سرتاج لڪياري 4- آگسٽ 1992ع تي وفات ڪري ويو. سندس ياد ۾ هر سال چوٿين آگسٽ تي ورسي ملهائي ويندي آهي.

شاهد کوسو:

شاهد حسين کوسو ولد محمد کوسو ڳوٺ گهرام خان گوپانگ دادو شهر ۾ 1980ع ۾ جنم ورتو. شاهد کوسي جي نالي سان شاعري ڪندو آهي. شاعري ۾ سندس استاد عبدالستار کوسو هيو، 2000ع کان شاعري ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ چؤسٽا، گيت ۽ غزل به لکندو رهي ٿو.

شجاع محمد سانوڻاڻي (محمد سجان):

محمد سجان ولد ڌڻي بخش سانوڻاڻي 1- جون 1922ع تي ڳوٺ غلام چانڊيه تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پرائمري کان ستين درجي تائين ڳوٺ غلام چانڊيه ۾ پڙهيو ۽ فائينل جو امتحان ڏئي پرائمري استاد مقرر ٿيو. هيڊماستر به رهيو. سال 1965ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. هن ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيا. ان کان علاوه تاريخ ڪلهوڙا ۽ سما، دادو جي تاريخ ۽ سنڌ جون ذاتيون قلمي صورت ۾ موجود اٿس. پر وقت جي ستم ظريفي ۽ غريب سبب شايع نه ڪرائي سگهيو. محمد سجان سانوڻاڻي 6- جون 1999ع تي وفات ڪري ويو.

شمس سومرو:

شمس الدين سومرو ولد غلام حيدر سومرو 1- جون 1954ع تي دادو شهر ۾ اک کولي. پرائمري تعليم سان گڏ ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پڻ دادو مان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. جتان ڊاڪٽري جي سَنَدَ وٺي آيو. شاعري کان علاوه مضمون ۽ مقالا لکيائين. ڊاڪٽر شمس سومرو ڪيترن ئي ادبي تنظيمن سان وابسته رهيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جو سيڪريٽري به رهيو. ان کان علاوه ٻين مختلف تنظيمن سان به سندس تعلق رهيو. ڊاڪٽر شمس سومرو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل به رهيو. پاڻ 13- ڊسمبر 2003ع تي وفات ڪري ويو.

عبدالله شاهه آزاد:

عبدالله شاهه ولد حاجي امام علي شاهه 8- ڊسمبر 1954ع تي سيتا وليج تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم سيتا وليج مان حاصل ڪيائين. تعليم بي.اي تائين ڪري چڪو آهي. ان عرصي دوران استادي جهڙي معزز پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. ادب ۾ سندس تخلص عبدالله شاهه آزاد آهي. سندس استاد بشير سيتائي جي صحبت ۾ ادب ۾ پير پاتائين.

سنڌي ادبي ثقافتي سنگت سيتا وليج جي مالياتي سيڪريٽري به رهيو آهي. ان کان علاوه آل سنڌ پرائمري ٽِچرس ايسوسئيشن دادو جو نائب صدر به رهي چڪو آهي.

علي حيدر حيدري:

علي حيدر خان ملڪاڻي ولد احمد خان ملڪاڻي سال 1918ع ڌاري ڳوٺ ملڪاڻي شريف تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. سندس تخلص علي حيدر حيدري هو. پرائمري تعليم ملڪاڻي شريف مان پاس ڪيائين. پرائمري چوٿون درجو پاس ڪري، فائينل جي تياري ڪيائين. فائينل پاس ڪري، پرائمري استاد مقرر ٿيو. 1930ع کان ادبي سفر شروع ڪيائين. علم عروض جو ماهر هو. غزل، گيت، وايون، حمد ۽ نعت تي طبع آزمائي ڪيائين. ڪيترن ئي مشاعرن ۾ شرڪت ڪيائين. مشاعرن ۾ شعر پڙهي داد حاصل ڪندو هو، شعر کان علاوه نثر نويسي ۾ ڪافي مواد لکيو اٿس. سندس شاعري جو مجموعه زيب محفل ڇپيل آهي. شاعري تي ٻيو ڪتاب ديوانِ حيدري اڻڇپيل قلمي صورت ۾ موجود اٿس. علي حيدر حيدري 1950ع ۾ وفات ڪري ويو.

عمران سومرو:

عمران ولد علي حسن سومرو تخلص عمران سومرو 1- اپريل 1970ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. پنجون ڪلاس پرائمري اسڪول غريب آباد مان پاس ڪري، انگريزي ۾ داخلا ورتائين، جتان ميٽرڪ پاس ڪري انٽر پرائيويٽ پاس ڪيائين، استاد جهڙي معزز پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. سروس دوران بي.اي، بي.ايڊ جا به امتحان پاس ڪري چڪو آهي. 1996ع کان شاعري ڪري ٿو. شاعري کان علاوه نثرنويسي ۾ پاڻ ملهايو اٿس. سندس ڪجهه ڪالم ۽ مضمون قلمي صورت ۾ لکيل آهن. جيڪي اشاعت جي اوسيئڙي ۾ آهن.

عمران سومرو مشهور سگهڙ جلال کٽي جي اولاد مان آهي.

ڪئپٽن غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي:

غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي ولد رئيس ٻڍو خان سچاروي 10- مئي 1937ع تي ڳوٺ سچارو شهداد خان برهماڻي تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان، ۽ ميٽرڪ دادو مان حاصل ڪيائين. اهڙي طرح تعليم جو سلسلو جاري رکيائين. هن ايم.اي عربي ۾ نمايان پوزيشن ۾ پاس ڪيائين، جنهن لاءِ کيس گولڊ ميڊل ڏنو ويو. ان کان علاوه ايم.اي (اردو) ايل.ايل.بي منشي، فاضل فارسي، فاضل عربي ۽ دستار فضيلت، دستار نظامي جي سَنَدَون به حاصل ڪري چڪو آهي. يارهن سال ڪاليج ۾ پروفيسر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. 1968ع ۾ پاڪستان آرمي ۾ ڪئپٽن جي حيثيت ۾ رٽائرڊ ڪيائين. پاڻ ڏهه سال ميرپورخاص ۾ اعزازي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جي حيثيت سان فرائض سرانجام ڏنائين. ان کان سواءِ ڏهه سال روزانه ”سرواڻ“ حيدرآباد جو چيف ايڊيٽر به رهيو آهي.

ڪئپٽن غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي 1962ع کان ادبي دنيا ۾ آيو، نثر کان علاوه شعر و شاعري به ڪندو آيو آهي. هن سنڌي کان علاوه فارسي ۽ اردو ۾ به شاعري ڪئي آهي. مولوي نبي بخش نحيف، پير علي محمد اظهر ريلائي ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي سندس استاد رهيا آهن. هي ڪافي ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ جامِ ڪوثر، شرح قصيده برده، عقيدت جا گل، حضرت علي عليھ السلام جو نظام حڪومت شامل آهن. جيڪي منظرِعام تي اچي چڪا آهن. سندس اڻڇپيل ڪتاب سنڌي، اردو ۽ فارسي ۾ لکيل آهن جيڪي اڃان تائين ڇپجي نه سگهيا آهن(1).

سچاروي صاحب جي موجوده رهائش جي.او.آر ڪالوني حيدرآباد ۾ آهي.

غلام مصطفيٰ شاهين:

غلام مصطفيٰ ولد نورمحمد عرف نورل ڪنڀر ڳوٺ محب علي چانڊيه تعلقي دادو ۾ سال 1937ع ۾ جنم ورتو. سنڌي فائينل ڳوٺ مان پاس ڪري استادي پيشو اختيار ڪيائين. سال 1955ع کان شعر و شاعري ڪندو رهيو، ٽن ڪتابن جيترو مواد موجد اٿس. جيڪي شايع نه ٿي سگهيا آهن. غلام مصطفيٰ شاهين 1992ع تي وفات ڪري ويو.

سقراط سيتائي:

شبير احمد ولد محمد حسن سومرو 15- ڊسمبر 1963ع تي ڳوٺ مرکپور تعلقي دادو ۾ جنم ورتو.  ۽ بعد ۾ سندس خاندان سيتا ۾مستقل ۾ رهائش اختيار ڪئي. سندس ادبي سقراط سيتائي آهي. 1979ع کان ادبي دنيا ۾ آيو.

ادب ۾ سندس استاد پيرل پرديسي سيتائي آهي. شاعري کان علاوه نثر ۾ به لکي ٿو. صحافت سان به وابسته آهي. سقراط سيتائي سنڌي ادبي سنگت دادو شاخ جو سيڪريٽري به رهيو آهي. ۽ هن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪافي ادبي پروگرام ڪرايا. جيڪي يادگار سمجهيا وڃن ٿا. هن وقت سندس رهائش ڪراچي ۾ آهي. جتي پريس فوٽو گرافر جي حيثيت سان فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي.


(1) غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي جا 5 ڪتاب: آدابِ رسول، معراج النبي ، آبِ ڪوثر، موتي مڻيادار، ۽ اکر اکر عشق تازو ڇپجي پڌرا ٿيا آهن، جن جي مهورتي تقريب 6- آڪٽوبر 2012ع تي انڊس هوٽل ۾ ٿي، جنهن تي هدايت مظهرالحق صديقي ڪئي، مهمان خاص ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org