سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 6

پير الاهي بخش روڊ:

هيءُ روڊ نئين چونڪ کان شروع ٿئي ٿو ۽ ڪاليج جي ڀرسان شاخ وٽ ختم ٿئي ٿو. هن روڊ تي تاج محل سئنيما، گرلس هاءِ اسڪول، ايگريڪلچر آفيس، پرمانند هرداس مل هاءِ اسڪول، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيس، ايجوڪيشن ورڪس آفيس ۽ ڊگري ڪاليج اچي وڃن ٿا. هيءَ روڊ، سنڌ ۾ جديد تعليم جي باني ۽ اڳوڻي وڏي وزير پير الاهي بخش قريشي جي نالي تي قائم آهي.

 

دادو شهر جا اوتارا ۽ خانقاهون

 

جيئندل شاهه جو اوتارو(1):

مڪان يا اوتارا دادو شهر ۾ عام جام هوندا هئا. راءِ بازار جي اولهه ۾ گهاڙي واهه مان نڪرندڙ نياڻ جي اتر ۾ جيئندل شاهه جو وڏو مڪان هوندو هو، جنهن ۾ وقت به وقت راڳ جون محفلون ٿينديون هيون پري پري کان ڳائڻا ۽ راڳي اچي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. هن مڪان ۾ گهاٽا وڻ هوندا هئا ۽ ماڻهو آسائش ڪندا هئا.

مصري شاهه جو اوتارو(2):

مصري شاهه جو مڪان، گهاڙي واهه جي ڪپ تي مرداڻي تڙ جي سامهون اولهه طرف کان هوندو هو. مصري شاهه جئندل شاهه جو ڀاءُ هو. هن مڪان ۾ پڻ وڻڪار هوندي هئي، جنهن ڪري سڄو ڏينهن ٿڌي ڇانوَ لڳي پيئي هوندي هئي. اوڀر ۾ هيٺيان گهاڙي واهه وهندو هو. ڏاڍي فرحت هوندي هئي. هن مڪان ۾ راڳ روپ جي محفل ٿيندي هئي. مڪان جي اولهه ۾ هڪ ننڍڙي مسجد شريف هوندي هئي، جيڪا اڃان تائين موجوده آهي. مصري شاهه جي مڪان وٽ هڪ عاليشان مسجد تعمير ڪئي وئي آهي، جيڪا نوراني مسجد جي نالي سان مشهور آهي.

جهنگل شاهه جو اوتارو:

فنا شاهه جي کڏ جي سامهون گهٽي ۾ جهنگل شاهه جو مڪان هوندو هو. جنهن ۾ پڻ راڳ رنگ جي محفل ٿيندي هئي. جئندو ٻالو چڱو ڳائيندو هو. ان کان علاوه پري پري کان ڳائنا هن مڪان ۾ راڳ ڳائيندا هئا. ان جڳهه تي حافظ قادياني جڳهه ٺهرائي هئي.

جانو شاهه جو اوتارو:

مڇي مارڪيٽ ڀرسان سلطان شاهه جي مزار سان لڳ جانو شاهه جو مڪان هوندو هو. هن مڪان ۾ هر جمع تي راڳ جي محفل ٿيندي هئي. جنهن ۾ ڳائڻا اچي حاضري ڀريندا هئا ۽ فن جو مظاهرو ڪندا هئا. ان کان علاوه بٺ محلي ۾ سيدن جو مڪان هوندو هو، جنهن ۾ پڻ راڳ جي محفل ٿيندي هئي.

خانقاهون

ميان نعمت الله قريشي جي خانقاهه:

ميان نعمت الله قريشي، دادو شهر جو رهواسي معلم ۽ مدرس هو. سندس مريدن ۽ معتقدين جو وسيع حلقو هو. سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان کان علاوه سڄي دنيا ۾ سندس مريد ۽ معتقد رهن ٿا. ان ڪري سندس مريد هن خانقاه تي اچي حاضري ڀريندا آهن. هر سال هن درگاهه تي وڏو اسلامي جلسو ٿيندو آهي، جنهن ۾ علماءِ ڪرام واعظ ۽ تقريرون ڪندا آهن. مولودائي نعتون پڙهندا آهن. ميان نعمت الله قريشي ڪجھ سال اڳ انتقال ڪري ويو. هن وقت سندس صاحبزادو ميان عبدالرحمان قريشي گادي نشين آهي.

مخدوم ملڪاڻي جي خانقاهه:

حضرت مخدوم غلام محمد ملڪاڻي وڏو بزرگ، درويش، معلم، مدرس ۽ فقيهه ٿي گذريو آهي. سندس نالي پٺيان مخدوم ملڪاڻي جي  خانقاهه مڇي مارڪيٽ لڳ ميمڻ محلي ۾ واقع آهي. هن خانقاهه تي علمي، ادبي، ۽ ديني محفلون ٿينديون آهن. هينئر هن خانقاهه جو مهتمم مشهور سنڌي ۽ فارسي زبان جو شاعر غالب ملڪاڻي آهي. جيڪو مخدوم ملڪاڻي جو فرزند آهي.

 

دادو شهر جون کڏون

اوڏن واري کڏ:

هيءَ کڏ شاهي رستي جي اولهه ۾ واقع هئي. شهر جي جاين ٺاهڻ لاءِ اوڏ هتان مٽي ڪڍندا هئا، جنهنڪري هن تي اوڏن واري کڏ نالو پئجي ويو. هن کڏ جي اولهه کان گهاڙي واهه وهندو هو، جنهن مان هن کڏ کي پاڻي ملندو هو، ڪافي وڏي ۽ اونهي کڏ هئي. اونهاري ۾ گهاڙي واهه جو نئون پاڻي پوند هئس. پاڻي سان ڀرجي تار ٿي ويندي هئي. پاڻي اچڻ ڪري هن کڏ ۾ مڇي به جام ٿيندي هئي، کڏ ۾ ماڻهو وهجندا ۽ ڪپڙا ڌوئيندا هئا. دادو ڪئنال نڪرڻ ڪري هيءُ کڏ سُڪي وئي. هن وقت کڏ واريءَ ايراضيءَ تي ماڻهن جايون ٺهرائي ڇڏيون آهن.

فنا شاهه جي کڏ:

هيءَ کڏ، مارڪيٽ روڊ جي ڏکڻ ۾ جهنگل شاهه جي مڪان جي سامهون هوندي هئي، شهر جو پاڻي ۽ مينهن جوپاڻي پڻ منجهس نيڪال ٿيندو هو. جنهن مان پاڻي وڌڻ ڪري اڳتي لعل هندي مقام جي ڀرسان کڏ هوندي هئي. ان ۾ پاڻي ويندوهو، انهن کڏن مان اوڏ مٽي کڻندا هئا ۽ انهن ڍورن ۾ جڏهن پاڻي ڀرجي ويندو هو ته ماڻهو وهجندا ۽ ڪپڙا ڌوئيندا هئا. هن وقت هيءَ کڏ، گندي پاڻي سان ڀريل آهي. سڄي شهر جو گندو پاڻي هن کڏ ۾ جمع ٿيندو آهي ۽ اتان مشينن ۽ پمپن ذريعي پوکن کي ڏنو ويندو آهي، هن پاڻيءَ تي ڪڻڪ، گاهه ۽ ڀاڄيون پيدا ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي صحت لاءِ هاڃيڪار آهن.

دادو شهر جا کوهه:

دادو شهر ۾ ڪيترائي کوهه هوندا هئا. جن تان ماڻهو پاڻي ڀريندا هئا، تڙ ڪندا ۽ ڪپڙا ڌوئيندا هئا، ان کان علاوه هُران ذريعي آبادي ڪندا هئا. دادو شهر ۾ جڳهه جڳهه تي کوهه هوندا هئا، سلطان شاهه جي مزار سامهون اردو مين اسڪول جي اوڀر ۾ وڏو کوهه هوندو هو، جو زمينون آباد ڪندو هو. ان جي اوڀر ۾ لڇيرام جو کوهه هوندو هو، جنهن تي پڻ سٺي آبادي ٿيندي هئي، چيٽ ۽ ڪَتي جي چڱي آبادي ٿيندي هئي. شهر جا ماڻهو هن کوهه تان پاڻي ڀريندا هئا. کوهه تي نار چڙهيل هوندو هو سندس ڀرسان مردانو تڙ هوندو هو، وري ان جي ڀرسان ڏکڻ طرف کان چوديواري ڏنل هوندي هئي، جنهن ۾ زنانو تڙ هوندو هو، جتي عورتون اچي وهجنديون به هيون ته ڪپڙا به ڌوئينديون هيون. شاهاڻي پاڙي جي اوڀر ۾ پٽ پيل هوندو هو، اهو پٽ هرداس مل ڊپٽي ڪليڪٽر خريد ڪيو، جيڪو فنا شاهه جي کڏ تائين هو، سندس پٽ پرمانند هڪ کوهه تعمير ڪرايو، جيڪو مساڻ روڊ جي اُتر ۾ هوندو هو. کوهه جي ڀرسان مٿي ٽانڪي رکايائين جنهن ۾ مشينن ذريعي پاڻي ڀريو ويندو هو ۽ نلڪين ذريعي پاڻي هيٺ آندو ويندو هو. تاج محل سينيما جي ڀرسان به هڪ کوهه هوندو هو، ٻيو کوهه وري ان جي ڏکڻ طرف ڇيڙي وٽ هوندو هو، جتان مشينن رستي گرلس هاءِ اسڪول کي پاڻي ڏنو ويندو هو. اهي کوهه هن وقت لَٽجي ويا آهن. هڪ کوهه سٽِ ٿاڻي جي پٺيان هوندو هو، اتان به ماڻهو پاڻي ڀريندا هئا. ٿاڻي جي حد ۾ جيڪي ٻوٽا هوندا هئا، انهن کي انهيءَ کوهه مان پاڻي ڏنو ويندو هو. هن وقت اهو کوهه به لَٽجي ويو آهي. هڪ کوهه مولوي عزيزالله ٻٻر گهٽيءَ ۾ هوندو هو، جنهن تان پاڻي ڀريو ويندو هو، هيءُ کوهه اڃان تائين موجود آهي. موچين واري مسجد جي پُٺ ۾ به هڪ کوهه هوندو هو، جيڪو به لَٽجي ويو آهي. سينيما جي سامهون سيد صابن شاهه جي گهر ڀرسان ڪُنڊ تي به هڪ کوهه هوندو هو، اُتي هن وقت شاپنگ سينٽر تعمير ٿي ويو آهي. هڪ کوهه مزدور آباد پرائمري اسڪول جي پراڻي جڳهه جي اُتر ۾ پڻ هوندو هو، جيڪو پڻ بند ڪيو ويو آهي، هاڻي ان هنڌ تي هن وقت جڳهه تعمير ڪئي وئي آهي. هوٽل ڪيفي ڊي قاسم جتي ٽانگن جو اسٽاپ هوندو هو، اتي هڪ کوهه هوندو هو، جتان ماڻهو پاڻي ڀريندا هئا ۽ گهوڙن لاءِ کوهه مان پاڻي ڀري حوض ۾ وجهندا هئا. ڪيفي ڊي قاسم جي جڳهه تي هن وقت يونائيٽيڊ بئنڪ، ممتاز هوٽل ۽ ٻيا دوڪان آهن. ناليور شاعر حافظ احسن چنا جي جڳهه سامهون کوهه هوندو هو، جتان محلي وارا پاڻي ڀريندا هئا. گرلس ڪاليج جي ڪنڊ وٽ مٺو لاشاريءَ جو کوهه هوندو هو، جتان باغ کي پاڻي ڏنو ويندو هو. ان باغ جو مالهي فتح محمد سولنگي هو. ان کوهه تان غريب آباد جا ماڻهو پاڻي ڀريندا هئا. ميونسپل پارڪ (شاهه لطيف پارڪ) جي اولهه ڪنڊ وٽ هڪ کوهه هو ۽ ٻيو پارڪ جي ڏکڻ طرف هو، جتان پارڪ جي وڻن ۽ ڇٻر کي پاڻي ڏنو ويندو هو ۽ ريلوي اسپتال لاءِ به پاڻي حاصل ڪيو ويندو هو. ان کوهه مان ڊي.سي آفيس ۽ بنگلي لاءِ پاڻي پهچايو ويندو هو. ان کوهه تي نار به چڙهيل هوندو هو، جتان پاڻي حاصل ڪري ڀاڄيون پوکيون وينديون هيون. هن نار تي ڀاڄيون ٿينديون هيون ۽ دادو جيل جا قيدي باغ ۽ ڀاڄين جي سارسنڀال ڪندا هئا ۽ پوکي به ڪندا هئا. پوليس هيڊڪوارٽر ۾ وڏي بڙ وٽ کوهه هوندو هو، ان مان سپاهي پاڻي حاصل ڪندا هئا ۽ تڙ به ڪندا هئا ۽ پريڊ واري ميدان کي رنگروٽ سپاهي ڇڻڪار ڏيندا هئا. مسڻ وٽ به هڪ کوهه هوندو هو. غريب آباد جي مسجد جي پٺ ۾ کوهه هو. ميونسپل ڪاميٽي آفيس وٽ به هڪ کوهه تعمير ڪرايل هو، ان کوهه مان ماڻهو پاڻي ڀريندا هئا تڙ به ڪندا ۽ ڪپڙا ڌوئيندا هئا. نمازي وضو ڪندا هئا ۽ وهنجڻ لاءِ پاڻي ڪتب آڻيندا هئا. جيوڻ شاهه مسجد وٽ به کوهه هوندو هو. حاجي بهرام جي مسجد وٽ به هڪ وڏي کوهي هوندي هئي. دادو ريلوي اسٽيشن جي اوڀر ۾ ٽي کوهه هئا، هنن کوهن مان لوڪوشيڊ کي پاڻي پهچايو ويندو هو، انجڻين کي به پاڻي انهن کوهن مان ڏنو ويندو هو، پائلٽ هاءِ اسڪول دادو جي پهرين دروازي وٽ کوهه هو، ان کوهه مان هاءِ اسڪول لاءِ پاڻي حاصل ڪندا هئا. سيالن واري مسجد جي اُتر ۾ هڪ کوهه هو، ان کوهه مان به پاڙي جا ماڻهو پاڻي ڀري گهرن ۾ استعمال ڪندا هئا. ميونسپل ڪاميٽي جي پٺيان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي اسٽاف ڪوارٽرن وٽ هڪ کوهه هو، کوهه تي گرڻي لڳل هئي ۽ گرڻي ذريعي پاڻي ڪڍيو ويندو هو. اڳ واٽر سپلاءِ يا سيويريج سسٽم نه هو ۽ نه وري نلڪا هئا، ماڻهو پيئڻ وارو صاف پاڻي کوهن ذريعي حاصل ڪندا هئا، گهرن ۾ وري کوهيون هونديون هيون، اڳ ڍنڍن ۽ کڏن يا وهندڙ شاخن مان پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ معيوب سمجهيو ويندو هو، نلڪن يا نلن جي اچڻ کان پوءِ کوهن جو رواج ختم ٿي ويو.

 

محلا، پاڙا، ڪالونيون ۽ ڳوٺ

 

دادو ميونسپل ڪاميٽي سال 1886ع ۾ ٺهي. ميونسپل آفيس جي موجوده عمارت جو سنگ بنياد، سيد مدد علي شاهه ڪليڪٽر دادو 23 مئي 1951ع تي رکيو. ان وقت پير محمد پيرزادو ميونسپل دادو جو ائڊمنسٽريٽر هو. هيءَ عمارت، 1952ع دوران مڪمل ٿي، جنهن جو افتتاح سيد مدد علي شاهه ڪليڪٽر دادو10 نومبر 1952ع تي ڪيو.

ورهاڱي کان پوءِ پهريون ميونسپل بورڊ 20 ڪائونسلرن تي مشتمل هو، سيد جڙيل شاهه جي اڳوڻيءَ ۾ هيءَ بورڊ چونڊيو ويو. 1952ع کان 1957ع تائين ميونسپل ڪاميٽي ۽ وري 21 ڊسمبر 1957ع کان 13 مارچ 1960ع تائين ائڊمنسٽريٽر آرڊيننس 1960ع تحت 5- يونين ڪاميٽين 18 يونٽن ۾ ورهايو ويو. هر يونين ڪاميتي جي اڳوڻي هڪ چونڊيل چيئرمين ڪندو هو.

پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس تحت 1972ع کان 1978ع تائين سنڌ ۾ ميونسپل ڪاميٽين جو نالو پيپلز ميونسپل ڪاميٽي رکيو ويو. پوءِ وري ان جو نالو ميونسپل ڪاميٽي رکيو ويو ۽ سنڌ لوڪل گورنمينٽ، آرڊيننس 1979ع تحت وجود ۾ آئي، جيڪا 19 چونڊيل ميمبرن تي مشتمل هئي. جنهن ۾ ٽي ٿاڦيل ميمبر، مزدور، هاري ۽ اقليت وارا شامل هئا. سال 2000ع ۾ هڪ آرڊيننس تحت ميونسپل کي ٽوڙي دادو شهر 4 يونين ڪائونسلن ۾ ورهايو ويو آهي، جن تي چونڊون ٿيون، هر يونين ڪائونسل تي 21 ميمبر کنيا ويا. جنهن ۾ ناطم، نائب ناظم، اٺ جنرل يونين ڪائونسلر، هاري، مزدور، عورتن ۽ اقليت جي هڪ سيٽ رکي وئي.

ميونسپل ڪاميٽي دادو ۾ ڪيتريون ئي ڪالونيون محلا ۽ پاڙا وجود ۾ اچي چڪا آهن. جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

 

(1) جڳت آباد محلو

(2) شاهاڻي محلو

(3) غريب آباد محلو

(4) سورج آباد محلو

(5) مزدور آباد محلو

(6) شمس آباد محلو

(7) قلندر آباد محلو

(8) بدر آباد محلو

(9) عزيز آباد ڪالوني

(10) سونارو پاڙو

(11) بٺ پاڙو

(12) نيو چونڪ

(13) قاضي محلو

(14) پراڻو چونڪ

(15) ميمڻ محلو

(16) نجم ڪالوني

(17) مهراڻ ڪالوني

(18) پير بخش ڪالوني

(19) مرکپور محلو

(20) ڇاڻو شاهه آباد

(21) مجيد ڪالوني

(22) ڳوٺ گهرام گوپانگ

(23) چارڻ محلو

(24) وحدت ڪالوني

(25) غلام محمد جمالي ڪالوني

(26) الشهباز ڪالوني

(27) ڳوٺ حيات خان سولنگي

(28) ڳوٺ بلاول خان زئونر

(29) ريلوي ڪالوني

(30) توفيق ڪالوني

(31) سڪندر آباد ڪالوني

(32) ڪريم آباد ڪالوني

(33) ڳوٺ مولوي جمالدين سولنگي

(34) ڳوٺ پير بخش سولنگي

(35) الشفيع ڪالوني

(36) ڳوٺ صوف لنڊ

(37) ڳوٺ مکڻ پنهور

(38)ڳوٺ بچل سولنگي

(39) گلشن منير ڪالوني

(40) جي ايم ڪالوني

(41) وحدت ڪالوني

(42) ڳوٺ خدا بخش گوپانگ

(43) ڳوٺ مريد خان گوپانگ

(44) تاج ڪالوني

(45) باگڙي ڪالوني

(46) بخاري ڪالوني

(47) محمد شاهه پاڙو

(48) سومرا ڪالوني

(49) ڳوٺ محمد پريل زنئور

(50) جمالي ڪالوني

(51) وزير آباد ڪالوني

(52) ٻٽي ڪالوني

(53) ڳوٺ خدا بخش گوپانگ

(54) اسٽاپ ڪالوني

(55) بي اينڊ آر ڪالوني

(56) سرهيه محلو

(57) عبدالله لاشاري ڳوٺ

(58) ڀرڳڙي ڪالوني

 

دادو شهر جون پراڻيون عمارتون

 

ايريگيشن ريسٽ هائوس دادو:

اريگيشن ريسٽ هائوس جو هتان جي تمام قديم ۽ پراڻين عمارتن ۾ شمار ٿئي ٿو. هيءَ عمارت 1914ع ۾ جڙي راس ٿي. ٻاهران وڏا آفيسر ۽ عملدار جڏهن دادو ۾ منزل انداز ٿيندا هئا ته هن ريسٽ هائوس ۾ قيام ڪندا هئا. دادو ريسٽ هائوس ۾ پنج ڪمرا آهن، وچ ۾ وڏو هال اٿس. جتي آفيسر ويهي ڪچهري ڪندا هئا. مختلف وفدن سان ملي مسئلا معلوم ڪندا هئا ۽ حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ان کان علاوه چار ٻيا ڪمرا اٿس. ان ۾ ڪلارڪن لاءِ آفيسون آهن، سرڪل ڊرافٽس مين جي آفيس به هن ريسٽ هائوس ۾ آهي. هن ئي ريسٽ هائوس ۾ اسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر پاٽ سب ڊويزن جي آفيس قائم ڪئي وئي آهي. هن آفيس جي ڪمرن جي جوڙجڪ تمام عجيب قسم جي آهي. هن آفيس جي عمارت ڇهن ڪنڊن تي ٻڌل آهي. چار دروازا ۽ هڪ دري اٿس. باقي عمارت ۾ ٻٽا دروازا لڳل آهن ۽ اندران دروازا ڪاٺ جا ٺهيل آهن، جيڪي اندران کلندا آهن ۽ اندران ئي بند ڪيا ويندا آهن. ٻاهريان دروازا سنهي ڄاري سان ٺهيل آهن ۽ ٻاهر کلندا آهن ۽ ٻاهران ئي بند ڪيا ويندا آهن. ڄاري وارا دروازا ڪمرن کي هوادار رکندا آهن. ڇاڪاڻ ته ڄاري مان هوا جو گذر آساني سان ٿئي ٿو. هيءَ عمارت وڏين ۽ ٿلهين سرن سان ٺهيل آهي. سرن جي ڊيگهه هڪ فوٽ، ويڪر ڇهه انچ ۽ ٿولهه چار انچ آهي. هن عمارت ۾ ڪيترائي سربراهه ۽ ناميارا سياستدان قيام ڪري چڪا آهن. جن ۾ وزيراعظم جي حيثيت سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي، اڳوڻو سابق وزيراعليٰ سنڌ ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ شامل آهن.

ريسٽ هائوس جي اڳيان ڪونڊيون رکيل آهن. جن ۾ مختلف ٻوٽا رکيا ويا آهن، ڪونڊيون سليقي سان رکيون ويون آهن، ڪونڊين جي ٻاهران چٽسالي ٿيل آهي. عمارت جي اڳيان پارڪ آهي، جنهن ۾ ڇٻر پوکيل آهي. ڇٻر عمارت جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

ڊاڪ بنگلو:

ڊاڪ بنگلو لوڪل بورڊ طرفان ٺهرايو ويو آهي، جيڪو دادو جي قديم عمارتن ۾ شمار ٿئي ٿو. بنگلي ۾ چار ڪمرا آهن ۽ وچ ۾ هڪ وڏو هال آهي. هن بلڊنگ ۾ سرون هڪ فوٽ ڊيگهه جون استعمال ٿيل آهن. سرن جي ٿولهه چار انچ ۽ ويڪر ڇهه انچ آهي. انگريز، هن بلڊنگ کي ٽپال لاءِ استعمال ڪندا هئا. ٻاهران جيڪا ٽپال ايندي هئي، ته هتان مختلف کاتن ڏانهن رواني ڪئي ويندي هئي. هن بلڊنگ جي اڳيان ٿلهو ٺهيل آهي ۽ ان ٿلهي تي آفيسر ويهي ڪچهريون ڪندا هئا. بلڊنگ جي بلڪل اڳيان هڪ خوبصورت پارڪ ٺهيل آهي، جنهن ۾ ڇٻر به لڳل آهي. پارڪ جي ڪنارن سان انبن جا وڻ به هوندا هئا، جيڪي هن وقت سڙي ختم ٿي چڪا آهن.

ڊاڪ بنگلي جي مکيه دروازي وٽ وڏا بڙ جا وڻ هوندا هئا ۽ ڇانوَ ڪيو بيٺا هوندا هئا. ڇانوَ ۾ شهر جا ماڻهو اچي آسائش ڪندا هئا. هن وقت بڙ جا وڻ وڍائي تباهه ڪيا ويا آهن. ڊاڪ بنگلو هن وقت قانون نافذ ڪرڻ واري هڪ اداري جي قبضي ۾ آهي.


(1)  جيئندل شاهه جي اصل رهائش، سيوهڻ تعلقي جي ڳوٺ آراضيءَ ۾ هئي. پر هو دادو شهر ۾ ئي رهندو هو ۽ لڪياري ساداتن مان هو. وڏيءَ دل ۽ جگر وارو ماڻهو هو. سائين جي. ايم سيد سان گهاٽا واسطا هئس. 1946ع جي چونڊ ۾ سائين جي. ايم سيد جو صلي رهيو، چونڊ دوران غ:ام حسين هدايت الله مرحوم جي حڪم تي هن کي بي گناهه کڻي جيل ۾ بند ڪيائون، پر فيصلي ۾ ڪا تبديلي ڪانه آندائين (ايڊيٽر).

(2)  مصري شاهه، دادوءَ جو مهندار هو. دادو وڃبو ته مصري شاهه جو ديدار ضرور ڪبو هو. شاهه صاحب اوطاق ۾ تڏا وڇايون، کٽ رکيون، چلم ٽيڪيون، وينو آئي وئي سان ڪچهري ڪندو هو. سيارو هوندو ته وچ ڪچهريءَ باهه جو مچ متل هوندو هو (پير علي محمد راشدي- ”اهي ڏينهن، اهي شينهن (جلد- 2) ص 2، 1993ع سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org