سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

ڀاڱو؛ ٻيو

صفحو : 11

باب يارهون                                       اصطلاح ۽ پهاڪا

 

188- سنڌيءَ ٻوليءَ جو ڳچ جيترو خزانو سندس اصطلاحن ۽ پهاڪن ۾ سمايل آهي. اڪثر انهن ۾ نج سنڌي ڪم آيل آهي. هن وقت تائين فقط ڏيڍ هزار کن پهاڪا ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. مصنف هيستائين ايترا ٻيا به ڪٺا ڪيا آهن، پر پهاڪا اڃا گهڻا آهن ۽ منجهن وڏي فيلسوفي سمايل آهي. پهاڪن ڪم آڻڻ ڪري مضمون سلوڻو ۽ سوادي ٿئي ٿو، ۽ ساڳئي وقت انهن مان سڌ پوي ٿي ته جنهن ملڪ ۾ اهي چوڻ ۾ اچن ٿا، تنهن جي ماڻهن جا مذهبي يا ڌرمي خيال، پنگتي رسمون ۽ ٻيا دستور ڪهڙا آهن- جهڙوڪ:

(1) ”لکيو منجهه للاٽ قلم ڪياڙيءَ ۾ نه وهي“-  هي پهاڪو ڄاڻائي ٿو ته اسين سنڌي ماڻهو تقدير يا قسمت کي مڃون ٿا، ۽ ائين ڄاڻون ٿا ته ڌڻيءَ جي پاران جيڪو ٿيڻو هوندو، سو اوس ٿيندو.

(2) ”پرائي امانت ڌرتي به نه ڊوهي“- هيءُ پهاڪو ڏيکاري ٿو ته اڳي جڏهن بئنڪون ڪين هيون، تڏهن اسان جا ماڻهو ڌرتيءَ ۾ ڌن پوريندا هئا، ۽ ڌرتي سندين رقم کائي ڪانه ويندي هئي. هيءُ پهاڪو سيکاري ٿو ته ”امانت ۾ خيانت نه ڪجي“- اهڙيءَ طرح پهاڪن ۾ وڏي فيلسوفي سمايل آهي؛ ۽ ساڳئي وقت اهي اسان جي تهذيب يا سڀيتا جو آئينو؛ يا اڃا به هيئن پئجي ته ”ٻوليءَ ۾ اسان جي جيوت جي آتم ڪهاڻي (Autobiography) سمايل آهي!“

اصطلاحن جو بنياد

189- ڪي اصطلاح، ڪن ڳالهين (تاريخي وغيره) تي ٻڌل آهن- جهڙوڪ:

(1) ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙو واڻيو، واهه اڪرندي گهوڙي سوڌو پاڻيءَ ۾ ڪري پيو. پئسن جي هڙ توبري ۾ پيل هيس، سا پاڻيءَ ۾ لڙهي ويس: تنهنڪري، ”رقم ئي توبري ۾“، ”هڙئي هلاک“، ”پئسا ئي پاڻيءَ ۾“- اهي اصطلاح عام ٿيا.

(2) ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي وقت ۾ مدد خان نالي هڪ پٺاڻ وڏي لشڪر سان سنڌ ۾ اچي ڦُرلُٽ ڪئي، ۽ ڪيترن شهرن کي جلائي پورو ڪيائين. انهيءَ سبب هن وقت ”مدد لفظ عام طرح ”آفت يا مصيبت“ جي معنيٰ سان ڪم اچي ٿو- جهڙوڪ چون ته ”توتي ڪهڙو مدد پيو؟ يعني توتي ڪهڙي مصيبت پيئي؟ (ڏسو ”اُزبڪ“.

(3) اڳي ڌاڙيل اڪثر ڀلن گهوڙن تي چڙهي ايندا هئا- جيئن هاڻ به ڪن ٿا- ته ڦرلٽ جي مال ڍوئڻ ۽ جلد ڀڄي وڃڻ ۾ سولائي ٿئي. ڌاڙيلن، ماڻهن کي اهڙو ڏڪائي ڇڏيو هو، جو اڃا رڳو سندن گهوڙا پريان ايندا ڏسندا هئا، ته ”گهوڙا گهوڙا“ ڪندا هئا: ائين واڪا ڪري ٻين کي سُڌَ ڏيندا هئا ته ”ڌاڙيلا اچن پيا“ انهيءَ ڪري ”گهوڙا گهوڙا ڪرڻ“ اصطلاح ٿيو، ۽ معنيٰ ٿيس ”زور سان دانهون ڪرڻ“ (ڦريل ماڻهوءَ وانگر)- ڪي چون ته اهو اصطلاح به مدد خان پٺاڻ جي ڦرلٽ ڪرڻ سبب ٺهيو؛ پر ائين نه آهي. مدد خان پٺاڻ ۽ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي وقت کان گهڻو اڳي شاهه عبداللطيف ڀٽائي (جنم: 1689ع) ٿي گذريو آهي، تنهن به اهو ”گهوڙا“ لفظ اصطلاحي معنيٰ سان هن ريت ڪم آندو آهي:

”ڪ تو ڪنين نه سئا، جي گهٽ اندر گهوڙا“.(شاهه)

هتي به ”گهوڙا“ معنيٰ هڪلون، دانهون يا زور ڀريا آواز (ضمير يا وويڪ جا). ڌاڙيلا ماڻهن جو اگر تگر چٽ ڪري ويندا هئا، ته اها ماڻهن لاءِ هڪ وڏي آپدا يا مصيبت چئبي؛ تنهنڪري ”گهوڙو“ لفظ جي ٻي اصطلاحي معنيٰ ”آفت يا مصيبت“ به آهي. پِٽ پاراتي ڏيندي به هاڻ چون:”شل گهوڙا پونس“!.

”گــهـوڙن هــئــيــن ســڀــڪــا، اُٺـــن هــنــئــيــــن آنءُ،

جانينهن ڳنهندي نانءُ، سا مون جئن پوندي مامري“

(شاهه)

هتي سسئي چوي ٿي ته ’گهوڙن جون هنيل يا مصيبت جون ماريل گهڻيئي آهن، پر مون تي اُٺ (گهوڙن کان به وڏا جانور) اچي پيا، جي منهنجو پنهون کڻي ويا!

جيمس صاحب واري بلوچي ٻوليءَ جي لغت ۾ ”گهوڙو“ لفظ جي معنيٰ ’سوارن جي ٽولي‘. هن مان ظاهر آهي ته بلوچستان ۾ به ڌاڙيلا، گهوڙن تي چڙهي، ڦرلٽ ڪرڻ ويندا هئا، جنهنڪري ”گهوڙو“ لفظ جي معنيٰ ٿي. سنسڪرت لفظ ’گهوٽڪ‘ اصل دراوڙي لفظ جو اچار سنڌيءَ ۾ ڦري ”گهوڙو“ ٿيو آهي.

اصطلاحن جو بنياد

190- ڪي پهاڪا ڪن ڳالهين (تاريخي وغيره) تي ٻڌل آهن، جهڙوڪ:

(1) ”ڪنن جي ڳالهين ميربجر کي مارايو“- ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي وقت ۾ جوڌپور جي راجا به راجپوت پنهنجا ايلچي ڪري موڪليا جن مير بجر سان ڪَن سَن ۾ ڳالهين ڪندي، کيس قتل ڪيو.

(2) ” آيا مير، ڀڳا پير“- فئلن صاحب جي هندي پهاڪن جي ڪتاب موجب، ’آئي مير، ڀڳي پير‘ جو بنياد هن ريت آهي

”امروهه جي شهر ۾ ميرانجي نالي هڪ شخص هڪ جادوءَ جو ڏيو لڌو، جنهن جي وسيلي هن ڪيترا ڪرامت جهڙا ڪم ڪيا، جنهنڪري هڪ وڏو پير ڪري پوڄيندا هئس. هاڻ هو اُتي جي ڪن ماڻهن ۾ اچي واسو ڪندو آهي. امروهه ۾ ٻيا به ڪي پير- جهڙوڪ زين خان ۽ ننهي ميان ماڻهن ۾ واسو ڪندا آهن، پر چون ته جڏهن مير (ميرانجي) اچي. تڏهن ٻيا پير ڀڄي وڃن، جو هو کانئن وڌيڪ ڪلا وارو هو- هاڻ پهاڪي جي معنيٰ ته ’جڏهن ڏاڍا مڙس اچن، تڏهن هيڻا سندن اڳيان بيهي ڪين سگهن،‘.

هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته هيءُ پهاڪو سنڌ جي ميرن ۽ پيرن (ڪلهوڙن) بابت نه آهي. جيئن ڪي غلط طرح سمجهندا آهن، هيءُ پهاڪو هندستانيءَ مان ورتل آهي. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترا اڌارا ورتل پهاڪا سنڌيءَ ۾ آهن.

اُڌارا ورتل پهاڪا

191- هندي يا هندستاني- (1) آپ گهاتي مهاپاپي،    (2) ايڪ پنٿ دو ڪاج، (3) بڙا ڪهاوڻ بڙا دک پاوڻ، ڇوٽي ڪا دک دور(4) تم ڀي راني، مين ڀي راني، ڪؤن ڀري گا پاني.

ڪي پهاڪا هنديءَ مان ترجمو ٿيل آهن:

”نادان بات ڪري، دانا قياس ڪري.“ (هندي)

”اياڻو چوي، سياڻو ويچاري.“ (سنڌي)

سنسڪرت-ڪي پهاڪاسنسڪرت مان ترجمو ٿيل آهن:

(1) يٿا راجا تٿا پرجا  = جهڙو راجا تهڙي پرجا (رعيت):

(2)يٿا ديوا نٿا ڀڪتا = جهڙو گرو تهڙا چيلا.

(3) يٿا لاڀ سنتشٽ  =جُڙي کي جَس (جيڪي ملي تنهن تي راضي)

سرائڪي- (1) آپ نه پالي، پالي ڏوُن،(2) کيتي سرسيتي، (3) اپني گهوٽ ته نشا ٿيويئي. (4) لڳي هوويئي تو ڪَل پويئي نه ته پڇ لڳيان واليان نون، (5) تون آکيسين، مين نه مڃيسان، مئن بازي کٽي، (6) شينهن ته ڏيکيا، ڏيک ٻلاڙا، چور نه ڏيکيا، ڏيک سونارا يعني جيڪڏهن شينهن نه ڏٺو ته ٻِلو ڏس ۽ جي چور نه ڏٺو هجيئي، ته سونارو ڏس.

پارسي- (1) آهه غريبان قهر خدائي، (2) يڪ تندرستي هزار نعمت، (3) مفت را چہ بايد گفت.

ڪي پهاڪا پارسيءَ مان ترجمو ٿيل آهن:

(1) دو بردار سويم حساب = ٻه ڀائر ٽيون ليکو.

(2)خود ڪرده را علاجي نيست = پنهنجي ڪيئي جو نڪو ويڄ نڪو طبيب.

(3)پسر بيوه را چون شود بخت يار، دهد داغ روغن به غله جوار = رن پٽ جو وري ڀاڳ، ته ڏيئي جوار ڀَت کي داڳ (داغ).

(4) آمد براءِ آخگر چون مطيخہ نشست = آئي ٽانڊي کي، بورچاڻي ٿي ويٺي.

عربي- ڪي عربي پهاڪا پارسيءَ جي معرفت آيا آهن، ۽ ڪن جو سڌو عربيءَ مان ترجمو ٿيل آهي- جهڙوڪ:

(1) عربي- التعجيل فعل الشيطان.

پارسي- ڪہ تعجيل ڪار شياطين برد.

سنڌي تڪڙ ڪم شيطان جو.

(2) عربي سنون الڪلابا لحم الحمارا.

سنڌي ڪُتي جا ڏند، گڏهه جو ماس.

انگريزي ڪي پهاڪا انگريزيءَ مان ترجمو ٿيل آهن:

(1) گدڙ ڊاک نه پُڄي آکي ٿو کٽا.

Grapes are Sour.

 (2) ٽَڪريءَ کي ٿيا سوُر، ڄائو ڪُئو.

Mountain in labour.

 (3) ڇَڙهيءَ (لَڪڻ) جو صرفو ڪيو، ته ٻار کريو.

Spare the rod and spoil the child.

(4) پائيءَ تي پڪائي، نوٽس تي ناداني.

Penny wise, pound foolish.

(5) جت روشني ۽ هوا، تت ڪانهي تانگهه طبيب جي.

Where light and air enter, the doctor doesn’t.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org