سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: روح رهاڻ

باب: --

صفحو :11

 

سورٺ ۽ راءِ ڏاج

جيئن تھ ھن قصي جا واقعا ڪاٺياواڙ ۾ ٿي گذريا آھن، جتي اڄ ڏينھن سوڌو چارڻ انھن کي چنگن تي ڳائيندا وتن، تنھن ڪري مناسب ڄاتو ويو تھ ڪاٺياواڙ جي تايخن ۽ ڪھاڻين جي تپاس ڪري، حقيقتون حاصل ڪجن. اھڙ: کوجنا ڪندي، معلوم ٿيو تھ راءِ ڏياچ جي ڳالھھ جھڙيءَ ريت ڪاٺياواڙ ۾ ڪئي وڃي ٿي، تنھن کان سنڌ ۾ گھڻو ٻيءَ طرح مروج آھي. سنڌ واري قصي جو منڍ ڪاٺياواڙي قصي جي منڍ کان اصل اور نموني جو آھي، مگر ٻنھي جون پڇاڙيون، سواءِ ڪن جزوي اختلافن جي، ھڪ ٻئي سان ٺھڪي ٿيون اچن. انھيءَ تفاوت جو سبب ڳوليندي، ڪاٺياواڙ جي ڪھاڻين مان ڪل پيئي تھ سنڌي قصي جو منڍ خود ھڪ اور آکاڻي آھي، جنھن کي راڻڪ ديويءَ جي آکاڻي ڪري سڏين ٿا. سنڌي قصي ۾ راءِ ڏياچ جي اصلوڪي ڪاٺياواڙي آکاڻي ۽ راڻڪ ديويءَ جي آکاڻي، ٻئي گڏجي مسجي ھڪ ٿي ويون آھن. انھيءَ ملاوت جو سبب ڳولي لھڻ کان اڳ ڪاٺياواڙي قصا سنڌي قصي سميت بيان ڪيا وڃن.

 

راءِ ڏياچ جو ڪاٺيواڙي قصو

875ع ڌاري راءِ چوڙا، سنڌي سمي راجپوت، ڪاٺياواڙ ۾ پنھنجي حڪومت برپا ڪئي ۽ ونٿلي پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ ٺھرايائين. سندس پويان پاڻ کي چوڙا سما ڪري سڏائڻ لڳا. ھن گھراڻي جو سڀني کان ھاڪارو حاڪم گرھرپو ٿي گذريو آھي. جھونا ڳڙھھ جو مشھور قلعو، جنھن کي ھاڻ آپرڪوٽ ڪري سڏين ٿا، سو سندس ٺھرايل آھي.(1) راءِ گرھرپوءِ 982ع ۾ وفات ڪئي، ۽ کانئس پوءِ پٽس راءِ ڪوات گادي نشين ٿيو، جيڪو 1003ع ۾ گذر ڪري ويو. ان بعد سندس پٽ راءِ دياس تخت تي ويٺو، جنھن کي مھي پال ڪري بھ سڏيندا ھئا.

ساڳئي وقت گجرات جو حاڪم سولنڪي ڪل جو راجا درلڀ سين ھو، جنھن جي گاديءَ جو ھنڌ انھاواڙ پاٽڻ ھو. انھيءَ ڪري کيس انھلراءِ بھ ڪوٺيندا ھئا.(2) راءِ گرھرپوءِ جي زماني کان ئي وٺي گجرات ۽ ڪاٺياواڙ جي حاڪمن جي پاڻ ۾ ناسازي ۽ نفاق ھو. جڏھن جڏھن گجرات جا راجڪمار ۽ راجڪماريون گرنار جي تيرٿ تي وينديون ھيون، تڏھن ڪاٺياواڙ جي حاڪمن جي سورش تي ساڻن عقوبتون ڪيون وينديون ھيون. راءِ دياس جي ڏينھن ۾، راجا درلڀ سين جي راڻي درلڀ سين ۽ سندس ڌيءُ چندرودنا وڏي اٽالي سميت، ھندستان جا مشھور تيرٿ ۽ تڪيا ڀيٽيندي، اچي گرنار نڪتيون. جيئن پالڪين ۾ چڙھي، مندرن جي درسن ڪرڻ لاءِ مٿي جبل تي پئي ويون، تيئن گھوڙي سوار اچي سندن رستو روڪي بيٺو، ۽ ھڪل ڪري چيائين تھ خبردار! جي ھڪ قدم بھ اڳتي وڌيا آھيو. قافلي سان جو ڪارباري ھو، سو وڌي وٽس آيو، ۽ ھٿ جوڙي، عرض ڪيائين تھ سائين! اسان اوھان جو ڪھڙو گناھھ ڪيو آھي؟ گھوڙي سوار جواب ڏنو تھ سئوراشٽر جو سرتاج، راءِ دياس، آءٌ آھيان ۽ گرنار منھنجي حد ۾ آھي. پھرين ڏن ڏيو، پوءِ اڳتي وڌو. ڪاروباريءَ چيو تھ اسين ڏن ڏيڻ لاءِ تيار آھيون، مگر فرمايو تھ ڪيترو؟ دياس وراڻي ڏني تھ ھت ناڻي جي ڳالھھ نھ آھي، اھا راجڪماري جا اوھان ساڻ آھي، سا مون کي ھڪدم پرڻائي ڏيو، نھ تھ ھتان وک بھ وڌڻ نھ ڏيندو سانو. ڪارباريءَ ڏٺو تھ دياس کان جند ڇڏائڻ مشڪل آھي، ھاڻ ڪا حرفت ھلائجي. سو راڻيءَ سان صلاح مصلحت ڪري، دياس کي چيائين تھ اسان جا وڏا ڀاڳ چئبا جو اوھان جھڙو ھاڪارو حاڪم اسان جي راجڪماريءَ تي ھرکيو آھي. پر ويچار ڪري ڏسو تھ سولنڪي ڪل جي نياڻي لڪ ڇپ ۾ ڪيئن پرڻائي ڏيون. ائين ڪرڻ سان نھ فقط اسان جو منھن ھيٺ ٿيندو، پر اوھان جو پڻ. ھينئر اسان کي رخصت ڏيو تھ تيرٿ ڪري موٽي ملڪ وڃون. آءٌ اوھان کي راڻيءَ پاران انجام ٿو ڏيان تھ ورندي ميھني جي اڄوڪي ڏينھن، اسين ڌام ڌوم سان ڄڃ وٺي اينداسون. گھڻيءَ ڌانڌل بعد دياس مڙيو ۽ سندس ٺھراءُ قبول ڪيائين. پوءِ تھ تڙ تڪڙ ۾ گرنار جو تيرٿ ڀيٽي، سارو ساٿ اچي ماڳ پھتو. پھچڻ شرط، راجا درلڀ سين کي ساري حقيقت سڻايائون. راجا پنھنجي ڪٽنب جي بي عزتيءَ جي خبر ٻڌي، باھھ ٿي ويو، ۽ بدلي وٺڻ جون سٽون سٽڻ لڳو. آخر ڪارباريءَ سان پھي، ھڪ ڪارگر رٿ رٿيائين، جنھن جو منجھھ في الحال ڪنھن کي بھ نھ ڏنائين.

واعدي جو ڏينھن اچي ٿيو آھي. اڄ ونٿليءَ ۾ گھر گھر شادمانا لڳا پيا آھن. ھٽ بازاريون سينگارجي ويون آھن. جتان ڪٿان سازن سرودن جا آواز پيا اچن. دياس گد گد ٿي ڪپڙن ۾ نھ پيو ماپي. خزاني جا دروازا کولي، سوالين کي دل گھريا دان پيو ڏئي. نما شام جو قاصدن اچي اطلاع ڪيو آھي تھ ڄڃ پيئي اچي. امير امراءَ استقبال لاءِ اچي ڪوٽ جي در وٽ بيٺا آھن، ۽ ڄاڃين جي آجيان ڪري کين اندر اماڻيندا پيا وڃن. پر پالڪين جون بھيرون بس ئي نھ ڪن. ڄاڃين جو ايڏو وڏو تعداد ڏسي، اميرن کي شڪ پيو، ۽ پاڻ ۾ سس پس ڪرڻ لڳا تھ ڪو ڊوھھ ٿيل ٿو ڏسجي. ڪارباري جو سندن ڀر ۾ بيٺو ھو، تنھن سمجھيو تھ اجھو ٿو ڦاٽ ڦاٽي، سو ھڪل ڪري چيائين تھ، اي پھلوانو! پالڪين مان نڪري نروار ٿيو، ۽ ھنن مورکن کي ڏيکاريو تھ اوھين ڪي زالون نھ آھيو، پر جنگي جوان آھيو. پوءِ تھ پالڪيءَ پالڪيءَ مان چار چار جنگ جوان ھٿيارن سان نڪرندا، صفون ٻڌندا ويا. ڪارباريءَ اڳڀرو وڌي، ھڪ سينگاريل پالڪيءَ جو پردو مٿي کڻي، منجھس ويٺل جڙتو ڪنوار ٻاھر ڪڍي، ان جو گھونگھٽ کولي، واڪو ڪري چيو تھ ڪٿي آھي راءِ دياس تھ کيس سندس لائق ٻانھن پرڻائي ڏيون؟ پوءِ تھ رنگ ۾ ڀنگ پئجي وئي. دياس جو لشڪر جو شاديءَ جي سانباھي ۾ رڌل ھو، سو دشمنن کي منھن ڏيئي نھ سگھيو. انھيءَ ڪري ونٿلي آسانيءَ سان دشمنن پنھنجي قبضي ۾ آندي. راءِ دياس کي اھڙو انڌير نھ ھو خواب ۾ نھ خيال ۾. ھاڻ پنھنجي بگڙيل بخت کي سنوارڻ جو ڪوبھ چارو نھ ڏسي، ڪٽنب سميت، محلات جي ھيٺان جا سرنگھھ ھئي، تنھن مان لنگھي اچي اپرڪوٽ ۾ اجھو ورتائين.

دياس کي قيد ڪري، درلڀ سين وٽ وٺي وڃڻ جي خيال سان، ڪارباري شاھي محلات ڏي ڌوڪيندو ويو، اتي اچي پھتو تھ ڏسي تھ سارو محلات اجڙ ٿيو پيو آھي. پوءِ تھ لشڪر سميت ونٿليءَ ۾ ديرو دمائي ويھي رھيو، ۽ درلب سين کي سوڀ جي خوشخبري ڏياري مڪائين. درلڀ سين ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. ڀانيائين تھ ھاڻ ڪاٺياواڙ تي پنھنجي حڪومت قائم ڪرڻ جو چڱو موقعو ھٿ آيو، سو وڏي فوج سنبراھي، جھونا ڳڙھھ تي اچي ڪڙڪيو. اميدون تھ وڏيون ئي ھيس، پر ٿوري ئي عرصي ۾ پتو پيس تھ اپرڪوٽ کي ھٿ آڻڻ ڪا سٿري ڳالھھ نھ آھي. وڏا وس ڪيائين، پر وريو ئي ڪين. آخر قلعي جي چوڌاري گھيرو ڪري کپ کوڙي ويھي رھيو. اھا اميد ھيس تھ ٿوري گھڻي ڏينھن دياس جو ان پاڻي کٽي ويندو، ۽ پوءِ ھو پاڻيھي اچي پيش پوندو. پر اھو ان جو اجايو خيال ھو. قلعي ۾ ان جا انبار لڳا پيا ھئا ۽ پاڻي بھ مئو ھو. ڀل تھ ورھين جا ورھيھ گذري وڃن، ان پاڻي کٽڻ جو نھ ھو. ھڪ ڏينھن درلڀ ديوي جا پڻ راجا سان گڏجي آئي ھئي، تنھن لشڪر کي نراس ڏسي، پنھنجي ور کي چيو تھ اڃا تھ ڪو بلو ڀيڻي ڪونھ ٿو ڏسجي. ڇو نھ ٿا ڪو ڇند ڦند ڪري، ڪوٽ کي قبضي ۾ آڻيو؟ ھن اڃا اھي لفظ ڪڇيائي ڪين تھ پريان آواز ٿيو تھ سولنڪي ڪل جي ڏيئي جي جيءِ! ھيءَ صدا ٻڌي، درلڀ سين دربانن کي حڪم ڪيو تھ ڏسو تھ ڪير آھي. آڻي ھت حاضر ڪريوس. پوءِ تھ صدا ھڻندڙ کي اندر وٺي آيا، جنھن جھار(3) ڪري چيو تھ آءٌ ذات جو چارڻ آھيان، نالو ٻيجل اٿم. ڪو چڱو چوکو انعام ڏيوم، تھ دياس جو سر آڻي، اوھان جي قدمن ۾ رکان. درلڀ سين وراڻي ڏني تھ قبول! نھ رڳو مال متاع ملندءِ، پر درٻار ۾ پڻ وڏو درجو پائيندين. ڀلا ٻڌاءِ تھ دياس جو مٿو ڪھڙيءَ ريت وڍي ايندين؟ چارڻ مشڪي، جواب ڏنو تھ راجا! جو مقصد ھيڏو سارو لشڪر ھٿ ڪري نٿو سگھي، سو ڏسو تھ آءٌ يڪي سر ڪيئن نھ ٿو حاصل ڪريان. دياس جو سر اوھان مون کان لھڻو. ائين چئي، اٿي ھليو.

اپرڪوٽ ۾ ڀڄي وڃڻ بعد، دياس جي زال، سورٺ ھڪ نھايت خوفناڪ خواب لڌو ھو. جنھن ۾ ڏٺو ھئائين تھ ھڪ چارڻ اچي دياس جي سر جي سئن ھنئي آھي. ان ڏينھن کان وٺي مڙس جي ڏاڍي سنڀال ڪندي رھندي ھئي. ڪوٽ تي اھڙي تھ چوڪسي رکائي ھئائين، جو ڪٽنب جي ڀاتين کان سواءِ دياس جي ڪمري ۾ ڪوبھ گھڙي نھ سگھندو ھو. ڪوٽ جي دروازي وٽ پڻ اھڙو سخت پھرو رکيل ھو، جو ڪنھن کي بھ اندر اچڻ جي مجال نھ ھئي.

ٻيجل درلڀ سين کان موڪلائي، اپرڪوٽ ڏي رخ رکيو. جڏھن چنگ ڪلھي ڪري، در وٽ اچي پھتو، تڏھن اندر اچڻ کان ڪابھ روڪ ڪانھ ٿيس، ڇو تھ چارڻن ۽ ڀٽن جو انھيءَ زماني ۾ مان ھوندو ھو، ۽ جتي وڻندو ھون اتي بي ڌڙڪ لنگھي ويندا ھئا.(4) ٻيجل ڪوٽ جي حاطي اندر تھ آسانيءَ سان اچي سھڙيو، پر دياس کي ملڻ البت مشڪل ھو، سو اول تھ دربان مان پتو ڪڍيائين تھ دياس ڪوٽ جي ڪھڙيءَ ڪنڊ ۾ رھيو پيو آھي. پوءِ سجھھ لھي، اوڏانھن رڙھي، چنگ چوري، ويٺو دياس جي واکاڻ ڪرڻ. پنھنجي ساراھھ ٻڌي، دياس دريءَ کان منھن ٻاھر ڪڍي، چارڻ کي چيو تھ، گھر جيڪي گھرڻو ھجيئي. ٻيجل وراڻي ڏني تھ، مون کي فقط اوھان جي ديدار جي درڪار آھي. مھرباني ڪري، پاڻ وٽ مٿي سڏايوم جو اوھان سان ھڪ ڳجھي ڳالھھ ڪرڻي اٿم. سنئين سڌي رستي ٻيجل کي مٿي سڏائڻ محال ھو، سو دياس دريءَ مان ھڪ رسي لٽڪائي، جنھن جي وسيلي چارڻ چڙھي وڃي ڪمري ۾ پھتو. اندر گھڙڻ شرط وٺي پڪاريائين تھ چوڙا سمن جي سردار، راءِ دياس جي جيءِ! انھيءَ تي دياس چيو تھ چارڻ! گھر جيڪي گھرڻو ھجيئي. ٻيجل ھٿ جوڙي، عرض ڪيو تھ آءٌ گھران تھ گھڻو ئي ، پر جي تون اھو ڏيڻ کان ناڪار ڪري وجھين، تھ مفت تنھنجي گلا ٿيندي. مون کي فقط انھيءَ ڳالھھ جو الڪو آھي. دياس چيو تھ تون ڪوبھ فڪر نھ ڪر. آءٌ توکي وچن ٿو ڏيان تھ جيڪي بھ مڱندين، سو گھڙيءَ ۾ ملندءِ. چارڻ ڏٺو تھ ھاڻ تھ پنج ئي گيھھ ۾ آھن، سو ھٿ جوڙي چيائين تھ، دياس! مون کي تنھنجو مٿو دان ۾ گھرجي. دياس مشڪي چيو تھ بس! گھري گھري بھ مٿو گھريءِ. اي مڱتا! انھيءَ سکڻي ھڏ مان توکي ڇا ھڙ حاصل ٿيندو؟ ٻيجل وراڻي ڏني تھ انھيءَ سان تنھنجو ڪھڙو واسطو؟ رواجي چارڻن وانگر آءٌ ڪو مال متاءَ جو بکيو نھ آھيان. آرزو اٿم تھ اھڙو ڪو نئون دان مڱان، جو ملڪان ملڪ مشھور ٿي وڃان. تنھنجي مٿي کانسواءِ مونکي ٻيو مور نھ گھرجي. دياس چيو تھ تنھنجي ھروڀرو اھا مرضي آھي، تھ آءٌ توکي پنھنجو مٿو وڏيءَ خوشيءَ سان وڍي ڏيندس.

اوڦٽو ماڻھوءَ جو آواز سڻي، سورٺ جو ساھھ سڪي ويو، سو ڌوڪيندي اندر گھڙي آئي. چارڻ کي ڏسندي ئي، سپنو دل تي تري آيس، ۽ ھڪدم ھينئون ھارجي ويس. ٻيجل کي گھڻي ئي وينتيون ورلاپ ڪيائين، گھڻي ئي انعام اڪرام آڇيائين، پر ھو باز نھ آيو. ايتري ۾ دياس جي ڀيڻ بھ لنگھي آئي. ساري حقيقت مان واقف ٿي، ويچار ڪيائين تھ جي منھنجو ڀاءُ وچن کان ٿو ڦري تھ اسان جي ڪل تي ھميشه لاءِ ڪارنھن جو ٽڪو لڳي ويندو، سو ھمٿائي چيائينس تھ:

وڍي ڏي تون، وير! مٿو مڱڻھار کي.

ھيءَ ڌانڌل ٻڌي، دياس جي ماءُ بھ ڊوڙندي آئي. سارو حال سڻي، پٽ جي پٺي ٺپري، آسيس ڪري چيائينس تھ شاباس! متان پنھنجي ٻول کان ڦريو آھين. سر ڏي تھ سرھو ٿئين. سس ۽ نيڻان جي اھڙي ستيا ڏسي، سورٺ جي پتيءَ کي نمسڪار ڪري چيو تھ پراڻ ناٿ! اوھين بيشڪ پنھنجي انجام کي پاڻي ڏيو. ھيءَ اوھان جي داسي بھ اوھان سان گڏ سرڳ ۾ ھلي، اوھان جي شيوا ڪندي. دياس جو من ھاڻ خوشيءَ ۾ نھ پيو ماپي. ھٿ جوڙي، سڀني کان موڪلائي، چارڻ کي ھڪل ڪري چيائين تھ:

وڍ سر ٿيءُ سرھو، م ڪين آءُ م ڳاءُ

جاجڪ! تو مٿاءُ، ملڪ مڙيوئي گھوريان.

پوءِ تھ ڪٽارو ڪڍي، کڻي پھنجي ڪنڌ تي ھنيائين، ۽ مٿو ڌڙ کان ڌار ڪري، ھٿ ۾ کڻي ٻيجل کي آڇيائين. پر چارڻ کي ھاڻ پنھنجي دل پاڻ کائڻ آئي. ھاءِ! ھاءِ! ڪري پڪارڻ لڳو تھ اي ڀڳوان! مون ھيءُ ڪھڙو انڌير ڪيو! اھڙي بري مت مون کي ڪٿان آئي؟ لک مئا تھ گھوريا، پر لکن جي پاليندڙ جو شال وار بھ ونگو نھ ٿئي! ھا! افسوس! مون لکن جي پالڻھار کي ناس ڪري، ساري ديس کي رلائي وڌو. ھاڻ ھن اگر پاپ مان ڪيئن ڇٽندس! جيئن پيو ٻيجل ٻاڪاري، تيئن پيو دياس جو منھن وھسي، ڄڻ تھ ٻيجل کي پيو چوي تھ سر وٺي، سوگھو ڪر. چارڻ سراپجي سائو ٿي ويو. ھٿ چيو ئي نھ پيا ڪنس جو کڻي دياس جو مٿو وٺي. آخر راجا جي ماءُ منٿ ڪري چيس تھ ٻيجل! جيستائين تون ھيءُ سر ھٿ ۾ نھ وٺندين، تيستائين دياس جي آتما کي سانت نھ ايندي. ڀلائي ڪري، مٿو قبول ڪر. ٻيو ڪو چارو نھ ڏسي ٻيجل مٿو وٺي ھٿ ۾ ڪيو. ھن جو ائين ڪرڻ ۽ ڌڙ جو ڌرتيءَ تي ڪرڻ.

اپرڪوٽ ۾ اڄ چندن جي چکيا تيار ٿي ويئي آھي. انيڪ آدمي ستيءَ جي درسن لاءِ اچي ڳاھٽ ٿيا آھن. سورٺ ھار سينگار ڪري، ڳھھ ڳٺا پھري، چکيا تي چڙھڻ لاءِ ھڪي بيٺي آھي. اوچتو ھڪ مستانو ھٿ ۾ ھڪ مشڪندڙ منھن وارو مٿو کڻي ڌوڪيندو پيو اچي ۽ ٻاڪاري پيو چوي تھ بچايوم! ڙي، بچايوم! اڙي ڪو آھي جو اچي اندر جي آگ اجھائيم؟ اي ستي! ھيءُ سڳورو سر مون پاپيءَ جي ھٿ ۾ نھ ٿو سونھي. سورٺ سر وٺي ٻيجل کي آسيس ڪئي، ۽ ڌڻيءَ کي ٻاڏائي چيائين تھ اي پرڀو! ھن ڀٽڪيل آتما کي سانت ۽ سک بخش. ائين چئي، پتيءَ جو لاش گود ۾ رکي، وڃي ڏاگھھ چڙھي.(5)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com