سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: دلارام

باب: 4

صفحو : 6

باب چوٿون

 هاڻي، وزير جي پٽ جهان بيگ جو احوال ڏجي. جڏهن هن کي ٻڌڻ ۾ آيو ته دلارام تصويرون گهرايون آهن، تڏهن سڀ کان تڪڙو ٿي، پنهنجي تصوير ڪڍائي، ماءُ کي ڏنائين. پر، ڪوجهي منهن سان هيترن حسن وارن شهزادن جي ڀر ۾ وڃڻ کان شرم لڳس. اڃا ڪا اٽڪل يا ٺڳيءَ جي گهرج هجي ها، ته به هيءُ وڃي ڪهي هڻڻ جهڙو ٿئي ها. هتي ته سونهن ۽ سچائيءَ جي راند هئي.

تنهنڪري، هن پنهنجيءَ ماءُ کي سمجهايو ته شاهزاديءَ جي اڳيان وڃي ’بهادريءَ‘ جي تعريف ڪر، ۽ ’سونهن‘ جي شڪايت ڪر: چؤ ته ”ڇا لڳي مڙس ماڻهو، ڇا لڳي سونهن_ سونهن ٺهي زالن سان، مردن جو مها مرڪ آهي سورهيائي!“

جهان بيگ جي ماءُ صلاح وٺي، شاهزاديءَ وٽ وڃي اهو گفتگو هلايو؛ پر هن کي پسند نه آيو، تنهن ڪري وزير جي زال کي چيائين: ”اها ٿيڻي ناهي ڇا، ته ساڳئي ماڻهوءَ ۾ سونهن به هجي ۽ سورهيائي به هجي؟“

جهان بيگ جي ماءُ چيس ته ”جي زال کان مڙس جو ڪم ٿيندو، ته سونهن سان به سورهيائي گڏبي، نه ته نه.“ ائين، ڪڏهن ڪڏهن هڪٻئي کي رد قد پيون ڏينديون هيون.

هڪڙي ڏينهن دلارام ڏاڍي غم ۾ ويٺي هئي، ۽ ماڙيءَ واريءَ ملاقات جي ڳالهه دل ۾ ڪنڊو هنيو بيٺي هيس، ته جهان بيگ جي ماءُ، جنهن جو نالو جان بيگم هو، وٽس آئي ۽ اچي پنهنجي پٽ جي بهادريءَ جي واکاڻ ڪرڻ لڳي. دلارام جا اڳي ئي ملول ويٺي هئي، تنهن کي ڏاڍي بڇان لڳي، ۽ جان بيگم کي چيائين ته ”ڀلائي ڪري وري منهنجي اڳيان پنهنجي پٽ کي نه ساراهيندي وڃ!“ هي ٻڌي، جان بيگم کي پنهنجي پٽ جي طرفان باهه وٺي ويئي. منهن بڇڙو ڪري، چوڻ لڳي ته ”شاهزادي دلارام! جنهن ماڻهوءَ پڻهين جو منهن مٿي ڪيو آهي، ۽ کيس هيتري مدد ڏني آهي، تنهن جي نالي توکي ائين چوڻ مناسب نه آهي؛ هن جو ته توکي ٿورو مڃڻ گهرجي.“ شاهزاديءَ شوخيءَ سان پڇيو، ”سو ڪيئن؟“

هن چيو: ”بغداد جي بادشاهه شاهه عادل کي هن تنهنجي پيءُ جو زيردست ڪري ڏنو آهي.“

شاهزاديءَ چيو ته ”مون ته اهڙي ڳالهه ڪانه ٻڌي. منهنجو پيءُ بادشاهه ته مون کان ڪابه ڳالهه ڳجهي نه رکندو آهي. پر، پٽهِن ڪيئن اهڙي همت ڏيکاري؟“

”شاهه عادل جي پٽ شاهزادي بهرام کي قيد ڪري، آڻي بادشاهه کي ڏنو اٿس.“ ”ڪڏهن؟“ دلارام پڇيو.

”اٺ يا نو ورهيه ٿيندا.“ دلارام وري پڇيو: ”جڏهن اهو شاهزادو قيد ٿيو، تڏهن ڪيڏو هو؟“

”چئين پنجين ورهين جو ٻار هو.“ جان بيگم چيو.

”پوءِ اُنهيءَ ٻار کي ڪيڏي ڪيائون؟“

”اُهو اڃا تائين بادشاهه وٽ، هن قلعي جي ديوار جي اندر، نظربند آهي.“

هن گفتگو مان دلارام جي دل کي ڏاڍو آرام آيو، جو سمجهه ۾ آيس ته اهو شهزادو اُهو ساڳيو جوان هوندو ته عجب ناهي، جنهن کي بادشاهه جي نئينءَ ماڙيءَ ۾ ڏٺو هئائين. سندس دل کي گهڻي تقويت آئي، ۽ وزير جي زال کان وڌيڪ سوال ڪرڻ لڳي:

”اهو شاهزادو ههڙيءَ ننڍيءَ ڄمار ۾ ڪيئن قيد ٿيو؟“

”اڃا پنجين ورهين جو مس هو، ته پڻس جي محلات مان چورائي کڻي آيس.“ جان بيگم چيو.

دلارام چيو: ”ڪنهن اهڙو ڪم ڪيو؟“

جان بيگم مرڪي چيو؛ ”منهنجي سورهيه پٽ!“

هي ٻڌي، شاهزاديءَ کي اهڙو ڏک ٿيو جو اکين مان ڳوڙها نڪري آيس. وزير جي زال کي طعنو هڻي چيائين: ”بيگم، تون انهن پارن سان پنهنجي پٽ کي ٿي سارهاين_ سورهيائيءَ جا ڪم به اهي آهن؟ جي تنهنجي ڳالهه سچي آهي، ته تنهنجو پٽ ڏاڍو بي رحم ۽ سنگدل چور چئبو. اهڙي لغور کي حيف هجي، جو اهڙي معصوم کي مائٽن جي جهوليءَ مان پٽي ڌار ڪيو اٿس! چڱو ٿيو،... آءٌ وڃي پنهنجي پيءُ بادشاهه کي ٿي چوان ته انهيءَ ويچاري بيگناهه شاهزادي کي بند مان آزاد ڪري، سندس پيءُ ڏي ڏياري موڪلي، ۽ تنهنجي پٽ جهان بيگ کي شهر نيڪالي ڏيئي ڇڏي، يا ته ٻَڌي بغاد جي بادشاهه ساهه عادل ڏي روانو ڪري!“

ائين چئي، ڇوهه مان شهزادي اُٿي کڙي ٿي، ۽ پنهنجيءَ ماءُ جي جاءِ ڏي هلي.

دلارام جو دڙڪو، ٻڌي، جان بيگم جو ساهه ئي سڪي ويو. ڀانيائين ته جي بهرام شاهزادو پنهنجن مائٽن وٽ ويو، ته پٽس سان خير ڪونه ٿيندو؛ تنهن ڪري ويرم ئي ڪانه ڪيائين، ۽ وڃي سارو حال پنهنجي مڙس وزير سان ڪيائين، ۽ جهان بيگ کي به ڪن کڻايائين.

جڏهن عظيم خان وزير هيءَ ڳالهه ٻڌي، تڏهن يقين ڄاتائين ته جيسين بادشاهه، بهرام شاهزادي جي فائدي ۾ هوندو، تيسين پٽس جي سر جو آسرو ڪونهي. ويهي ڳڻتي ڪرڻ لڳو ته ڪهڙيءَ ريت بادشاهه کي بهرام جي برخلاف ڪريان. پڪ هيس ته شاهزادي دلارام توڻي راڻي زرين بيگم شهزادي جي سفارش ڪنديون، تنهن ڪري بادشاهه کي ڦيرائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو. بهتر صلاح اها نظر آيس ته پٽس شهر مان نڪري وڃي، متان سندس هوندي بادشاهه جي ڪن تي اها ڳالهه پوي. انهيءَ لاءِ هن پٽ سان ويهي مصلحت ڪئي، جنهن پيءُ جي صلاح ته نه ورتي، پر پاڻ هيءَ رٿ ڏسيائينس ته ”بادشاهه کي خلاصو ڏسي وڃي چؤ ته ’سائين، شاهزادي بهرام ۽ دلارام شاهزاديءَ جي وچ ۾ محبت جو رستو ٿيو آهي، انهيءَ سبب ڪري، جيڪو وڏو وڏو شاهزادو سندس سڱ وٺڻ لاءِ اچي ٿو، تنهن کي هوءَ قبول نٿي ڪري‘، ته بادشاهه جي غير حاضريءَ ۾ هنن ٻنهي اهو منصوبو ڪيو اهي ته بادشاهه کي زهر ڏيئي، ماري حڪومت پنهنجي هٿ ڪن! شاهزادي جيڪر ظاهر ظهور بادشاهه کي چيو ته مون کي اهو شاهزادو قبول آهي؛ پر ڄاڻي ٿي ته بادشاهه ڏاڍو داناءُ آهي، سو پنهنجي دشمنن کي اهڙو ويجهو اچڻ نه ڏيندو، ۽ نه اهڙو نانگ پنهنجي آستين جي اندر پاليندو. تنهن ڪري، اها صلاح ڪئي اٿن ته شاهزادي بادشاهه کي سندس پارت ڪري ته انهيءَ کي قيد مان ڪڍي پيءُ ڏي موڪلي، ۽ سندس دشمن جهان بيگ کي مارائي؛ ۽ پوءِ جڏهن بهرام بغداد ۾ وڃي پهچي، تڏهن لشڪر گڏ ڪري اوچتو اچي بادشاهه تي ڪاهي پوي، جنهن ڪري نه ڪٽڪ سنڀرائڻ ۽ نه قلعن جي حفاظت ڪرڻ جو وجهه ملي، ۽ بادشاهه جي سڄي حڪومت هن ڇوڪر جي پيءُ کي مفت ئي مفت هٿ اچي وڃي!“ جهان بيگ پيءُ کي چيو ته ”بادشاهه کي خاطري ڪرائج ته جڏهن پاڻ بادشاهه شڪار تي ويندوآهي، تڏهن اندرئين باغيچي ۾ ٻئي ڄڻا گڏبا آهن، ۽ اُتي اُهو پهه پچائي ريو اٿن.“ عظيم خان وزير کي هيءَ صلاح، پٽ جي گلا ٽارڻ لاءِ، چڱي لڳي.

جهان بيگ جو پيءُ کي اِها صلاح ڏني، تنهن لاءِ ٻه سبب هئس: هڪڙو اهو، ته جيڪڏهن شاهزادو صحيح سلامت ڳوٺ موٽندو، ته سندس پيءُ شاهه عادل جو اشرافت ۽ رحمدليءَ ۽ نيڪ نيتيءَ ڪري مشهور هو، سو جهاندار شاهه جو گهڻو شڪرگذار ٿيندو، ۽ هميشه لاءِ هن سان صلح ۽ دوستيءَ ۾ رهندو؛ ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا ڀائر ٿي گذاريندا، ڇو جو خبر هيس ته نسل به هڪڙي مان آهن. جي ائين ٿيو، ته پوءِ يقين آهي ته هن جي پٽ ۽ هن جي ڌيءُ جي وچ ۾ شاديءَ ٿيڻ منجهه دير ڪانه ٿيندي، ۽ مون کي به ٻَڌائي شاهه عادل جي حوالي ڪندا، جنهن جو پٽ چورايو اٿم. يا، جي کڻي ڀڄي وڃان، ۽ هو کڻي اهو اشتهار ڪن ته جيڪو فلاڻي کي ماري سندس سري کڻي ايندو، انهيءَ کي هيترو ڪ هيترو انعام ملندو، ته به مون کي لڪڻ لاءِ جاءِ ڪانه لڀندي. ٻيو سبب اهو، ته جي انهيءَ ڪوڙيءَ چغليءَ ڪري بادشاهه کڻي پنهنجي ڌيءَ تي ڪاوڙجي، ته به پاڻ ٽانڪڍي ڇڏيندس، پوءِ مون کي پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ جو چڱو وجهه ملندو.

پٽ جي صلاح تي ڪمر ٻڌي، وزير اُنهيءَ مهل بادشاهه وٽ آيو. پهريائين خوشامد جون ڳالهين ڪري ۽ ڪُرنشون بجا آڻي، عرض ڪرڻ لڳو، ”قبال، جي اجازت ملي، ته ٻانهو هڪڙو حال سائينءَ کي ڏي، جو اگرچ سردارن جي شڪايت ۾ آهي، مگر نمڪ حلاليءَ ۽ ايمانداريءَ ڪري ٻانهي تي فرض آهي بادشاهه جي خدمت ۾ عرض گذارڻ“.

بادشاهه کي هي لفظ ٻڌي البت بيقراري ٿي، ۽ تڪڙو ٿي چوڻ لڳو ته ”ڇو، وزير، ڪنهن منهنجي سر لاءِ منصوبو ڪيو آهي ڇا؟“

عظيم خان چيو ته ”قبلا، منصوبي کان به بڇڙي ڳالهه آهي! جي ان جو لڪ ڇپ ۾ ۽ وٺ_ پڄ ۾ علاج نه ڪبو، ته منجهانئس گهڻي خرابي پهچي ويندي.“

هي ٻڌي، ڪاوڙ کان بادشاهه جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو، ۽ هڪل ڪري چيائين ته ”چؤ وزير، ڇا ٿو چوين، دير نه ڪر.“

عظيم خان تڏهن پنهنجي پٽ جي رٿيل ڳالهه، ذري پرزي، جهاندار شاهه کي ڪري ٻڌائي.

بادشاهه کي باهه وٺي ويئي. عظم خان کان پڇيائين ته ”توکي انهيءَ جي ڪيئن خبر پيئي؟“

هن چيو ته ”جنهن وير شاهزاديءَ دلارام پنهنجي عاشق سان ويٺي ڳالهايو، تنهن وير منهنجيءَ زال لڪي اهو گفتو ٻڌو.“

بادشاهه خاطري ڪرڻ لاءِ وري پڇيو، ”وزير، تڏهن اها ڳالهه سچي آهي.“

وزير چيو ته ”قبلا، تنهنجي سر کان مٿي ٻيو ڪير آهي. مون کي تنهنجو قسم آهي ته اها ڳالهه سچي آهي!“ بادشاهه نڪي ڪڇيو نڪي پڇيو_ ٽپ ڏيئي اُٿي کڙو ٿي، ۽ پنهنجي محلات ڏي هليو ويو. اگرچ ڪاوڙ ڏاڍي هيس، تڏهن به پهريندي کڻي صبر ڪيائين، جيسين ڀانيائين، ته پنهنجيءَ ڌيءُ جو آزودو وٺان. هو پنهنجي زنانخاني ۾ گهڙي ويو، ۽ دلارام ڏي ماڻهو ٿي موڪليائين، ته هوءَ پاڻيهي اچي نڪتي. اها خبر نه هيس ته بادشاهه ڪو زرهه چڙهيو ويٺو آهي؛ تنهن ڪري منهن گهنجهائي، گهڻي ناز ۽ محبت سان چوڻ لڳي ته ”بابا سائين، اوهين چوندا آهيو ته آءٌ پنهنجي پياريءَ ڌيءَ کان ڪابه ڳالهه ڪانه لڪائيندو آهيان، پر هاڻ اوهان مون کان هڪڙي وڏي ڳالهه لڪائي آهي؛ جنهن جي مون کي خبر به ڪانه ڏني اٿوَ!“

بادشاهه ڪاوڙ ماري، مٿيئن دل سان چيو ته ”ابا، ڀلا اها ڪهڙي ڳالهه آهي، جا مون توکان لڪائي آهي؟“

شاهزاديءَ چيو ته ”ڇو، سائين، شاهه عادل جي پٽ بهرام شهزادي جي چوريءَ کڄڻ ۽ قلعي ۾ نظربند رهڻ جي خبر ڪڏهن ڪا اوهان مون سان ڪئي؟“

دلارام جي ايتري چوڻ تي، بادشاهه جي اندر ۾ جا باهه ٻوساٽي پيئي هئي، سا ڀڙڪڻ لڳي. اها ڳالهه، بهرام جي جهلجڻ ۽ قيد رهڻ جي، بادشاهه ڄاڻي ٻجهي ڇپارائي هئي_ جيئن مٿي ڏيکاريو ويو آهي_ ۽ پڪ هيس ته مون کي، وزير کي ۽ وزير جي پٽ جهان بيگ کي انهيءَ جي خبر آهي، ٻئي ڪنهن کي خبر ئي ڪانهي_ ۽ انهن کي به پاڻ جهلي ڇڏيو هئائين ته ٻئي ڪنهن سان نه ڪجو، جي ڪندؤ ته نقصان پهچندوَ. (انهيءَ هوندي به اسان کي مٿيئن احوال مان معلوم ٿيو آهي ته وزير جي زال کي خبر هئي، جو پٽس جهان بيگ ٻڌايو هوس.) هاڻي جو بادشاهه اهڙي ڳجهي ڳالهه پنهنجي ڌيءُ جي واتان ٻڌي، سو پڪ ٿيس ته هن جي بهرام سان برابر ملاقات ٿي آهي، جيئن وزير ٿي چيو. جي دير ڪري ها، ۽ پنهنجيءَ پر ۾ جاچ لهي ها، ته سچ_ ڪوڙ جي خبر پئجي وڃيس ها. ائين نه ڄاتائين ته شهزادو ڪيڏڙيءَ ڄمار جو آيو هو، ۽ کيس خود انهيءَ قصي جي ڪهڙي خبر هوندي. اڳ ڏيئي، هن پنهنجي ڌيءَ کان شاهزادي جي بابت وڌيڪ ڳالهيون پڇيون، ۽ چيائينس ته ”اها ڳالهه برابر ناهي، ڪنهن توکي ٺڳيو آهي“. پر دلارام ذري پرزي ڳالهه ڪري ٻڌايس، ۽ صاف چيائينس ته ”جيڪي مون ٻڌو آهي سو سچ آهي، ۽ انهيءَ تي مون کي ڪو ڀروسو آهي.“

جيئن ٿي بادشاهه ڌيءُ جي واتان شاهزادي جون وڌيڪ ڳالهيون ٻڌيون، تيئن ٿي پڪ ٿيس ته وزير جي ڳالهه سچي آهي. بادشاهه پڇيس ته ”تو ڪنهن کان ٻڌو آهي؟“ شاهزاديءَ نالو نه ڏسيس، نٽائي ڇڏيائين. اڻ بادشاهه کي منٿ ڪرڻ لڳي ته ”هن ويچاري بيگناهه بهرام کي قيد ان ڪڍي ڇڏيو، ۽ جهان بيگ سان ڪا جوڳي جٺ ڪريو، جو بادشاهه جي ماڻهن مان ڪو دغاباز ۽ چور ٿو ڏسجي، ۽ هڪڙي نه ٻئي ڏينهن بادشاهه جو نالو بد ڪندو.“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org