سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اُهي ڏينهن اُهي شينهن

 

صفحو : 11

 

اُڌل

قادربخش جي پاڙي ۾ گهانگرن جي وانڍ اندر، هڪ ٻيو به اهڙو شخص هو - اُڌل نالي، عيد کان سواءِ، باقي سال جا سمورا ڏينهن گوڏ ۾ گذاريندو. لٺ دائما هٿ ۾، مٿي تي پڳ، جسم تي ڊگهو بافتي جو پيرهن، ڏاڙهي چاپئين، پيرن ۾ سنڌي موچڪي جُتي. پنهنجي وقت جي وڏن پيراڍن مان ليکيو ويندو هو. ڪنهن چوريءَ يا واردات جي سلسلي ۾ هڪ دفعي ڪو پير ڏٺائين ته سالن کان پوءِ به ساڳيو رند سڃاڻي ڪڍندو. پنهنجو گذران چوپايي مال تي هوندو هوس. ان سان گڏ، پوکي راهي به پيو ڪندو هو.

غريبيءَ هوندي به خودداريءَ ۽ عزت نفس جو ڪيئن لحاظ رکجي، سو ڪو کانئس سکي ها. ملڪ تي ڪن وڏيرن جو مارو هوندو هو. ڪنهن جي به جان يا مال، يا ننگ محفوظ ڪونه هو. وڏيرن کي مرغوب خاطر هوندو هو. ڪوڙ، خوشامد - عام چوڻيءَ مطابق، ”راءِ تي رسو ڀڃڻ!“ مثلاً، پيراڍن مان کين اُهو شخص پيارو لڳندو هو، جيڪو وارداتن جي سلسلي ۾ ڪوڙا رند کڻي، ۽ بيگناهن جا پير ڪڍي، کين پوليس جي ٻوهي ۾ ڏئي.

اُڌل مرحوم اهڙو ڪم هرگز نه ڪيو. جا سچي ۽ صحيح حقيقت هوندي، سا ٻڌائي ڇڏيندو، پوءِ وڏيري صاحب يا پوليس کي وڻي يا نه وڻي. تنهنڪري پاڙي جا وڏيرا مٿس ناراض رهندا آيا، هڪ دفعي 110 قلم هيٺ اڙائي ڇڏيائونس. نه داد نه فرياد. بدمعاشيءَ جي مقدمن ۾ ڪوڙو بيان ڏيڻ وڏيرن لاءِ ائين هوندو هو، جيئن ڪنوار لاءِ ونواهه کائڻ. مُرڪي سرڪي، تيل ڦليل ڪري، ريشمي رومال پڳن ۾ ٽنگي، وڃي ڪورٽن اڳيان حاضر ٿيندا، ۽ الله تعاليٰ کي حاضر ناظر ڄاڻي، جو اکر پيا چوندا، سو ڪوڙ هوندو. اُڌل مرحوم تي به اهڙي آپدا اچي ويئي. مون کي خبر پيئي، پاڙي وارن ۽ پوليس جي ڪا به پرواهه نه ڪري، مون وڃي سندس ضامن ڪرايو. مرحوم محمد اسحاق بدرالدين، جو پوءِ ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ٿيو، انهن ڏينهن ۾ شڪارپور جو مختيارڪار هوندو هو. منهنجي خانگي چوڻ ۽ تسلي ڏيڻ تي، اُڌل کان ضمانت وٺي، کيس آزاد ڪري ڇڏيائين. اُن کان پوءِ اُڌل، جو دم جيئرو رهيو، سو مون ساڻ بيٺو رهيو. نه ٻئي ڪنهن وٽ ايندو نه ويندو. مندون موٽنديون رهيون، سالن پٺيان سال گذرندا رهيا، مگر اُڌل جو، جو قدم اُٿيو سو محض منهنجي در ۽ گهر طرف. کيس ڪنهن به ڳالهه يا ڪم چوڻ جو سوال ئي ڪونه هوندو هو. ويٺو اکين جو مطالعو ڪندو، ۽ حال تي سخت مطمئن رهيو. چوندو هو، ”سڄي عمر هڪ سائينءَ جي ڳولا رهي هيم، سائين مليو، ڏوجهرو لٿو، هينئر سائين ڄاڻي ڪم ڄاڻي. باقي اسان کي ڪهڙو فڪر.“

مرحوم ڪچهريءَ ۾، ويهي گفتگو ڪندو ته اهڙي سليقي سان ۽ اهڙن چونڊيل اکرن ۾، جو کيس ٻڌي دل کي خوشي پئي حاصل ٿيندي. پهرين اڳلي جي ڳالهه ٻڌندو، خيال سان، صبر سان، ۽ تحمل سان. ان کان پوءِ کنگهي، گلو صاف ڪندو. گهڙي ساعت توقف ڪندو، پوءِ پنهنجو جواب پيش ڪرڻ شروع ڪندو، ٿورن لفظن ۾. پر جو اکر ڪڍندو، تنهن جو بنياد ذميداريءَ جي احساس تي هوندو. اجائي گفتگو ڪرڻ، يا چغليون هڻڻ، يا ٻين ٻن جي گفتگو هلندي وچ ۾ ٽپي پوڻ سخت معيوب سمجهندو. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪچهري هلندي سڄو ڏينهن گذري ويندو، پر اڌل جي پنهنجيءَ زبان مان هڪ حرف به ڪونه نڪرندو، بُت بڻيو ويٺو ٻڌندو. جيڪڏهن هٿ هلندس ته فقط ناس جي دٻليءَ ڏانهن، جنهن مان چپٽيون ڀري نڪ ۾ وجهندو، ۽ نڪ کي بوڇڻ جي ڪنڊ سان صاف ڪري، وري چپ ڪري ويهي رهندو. مانيءَ يا پاڻيءَ تائين ڪنهن پاڻهرتو آڻي اڳيان رکيس ته کائيندو پيئندو، ورنه سارو ڏينهن اڃيو بکيو ويٺو هوندو، پاڻان لکا پوڻ هرگز ڪونه ڏيندو، سانجهيءَ سومهاڻيءَ موٽي وڃي پنهنجي گهر کائيندو، چلم سان ڏاڍو چاهه هوس، پر نه چلم خاطر ڪچهري ڇڏي ويندو، نه ڪنهن کان گهُري وٺندو. خود محفل اندر چلم رکي رهندي، ته به جيستائين هٿ کان وٺي ڪو نڙ کيس نه ڏيندو، پاڻ طلب نه ڪندو. ٻهراڙيءَ جو ڄَٽُ هو، اڻپڙهيل، پر سندس زبان منجهان ڪنهن شخص نه ڪڏهن ڪا گار ٻڌي، نه پِٽ پاراتو. ڪنهن سان ڪا وک کنيل هونديس ته وري زبان تي نه آڻيندو ۽ نه ان جو عيوض ئي طلب ڪندو. بيماريءَ بي خوشائيءَ جي خبر پونديس ته رڙهي اچي پهچندو. ٻاهران اچبو، ته به خير عافيت پڇڻ لاءِ موجود هوندو. پاڻان ڪم حاج بلڪل نه چوندو. خوف خطري کان لاپرواهه هو. چور چڪار، جن جا پيرا ڪڍي کين ڦاسائڻ جو سبب بڻيو هو، سي سندس رت جا پياسا رهندا آيا، پر اُڌل ڪڏهن به هيٺانهين نه ٻولي. اڪيلي سر، لئي جي لٺ کنيو، پيو جهنگ جهر ۾ هلندو، سويل توڙي اويل چوندو هو ته ”سر هڪ آهي، نه ٻه، مقرر وقت کان اڳ ڪونه ويندو، ان جو مدار آهي مالڪ تي، بندو پاڻ پنهنجي ڪهڙي سنڀال ڪري سگهندو.“

ٻهراڙيءَ ۾ عام رواج هوندو هو ساک کڻڻ جو - يعني ماڻهو قرآن مجيد مٿي تي کڻي ڳالهه ڪندا هئا، بطور شاهد جي، يا پيراڍوءَ جي، يا متهم جي. اُڌل پاڻ قرآن مجيد تي ڪڏهن ساک نه کنئي. سندس اکر ساک برابر سمجهيو ويندو هو. اُڌل ڳالهه ڪئي، معاملو ختم ٿيو. شڪ يا بي ويساهيءَ لاءِ ڪو سبب باقي ڪونه رهندو.

هڪ دفعي ٻروچن جي ڪنهن پاٿاريءَ جا ماڻهو، جيڪي مٿس ناراض هئا، سندس مينهن جو وڳ چوريءَ ڪاهي ويا. اُڌل پير سڃاتا. ڏانهُن ماڻهو موڪليائين، پر چورن مال ورائڻ کان انڪار ڪيو. ڪجهه ڏينهن بعد اُڌل جا ننڍا به، عيوض ۾، ٻروچن جون ست - اٺ مينهون ٽڳائي آيا. ٻروچن جا ڪُنا اونڌا ٿي پيا. قرآن شريف کڻي مينهون ووڙڻ لڳا. اُڌل کي خبر پئي. پنهنجي ڇوڪرن کان پڇيائين، جن ساڻس سڄي سچي ڪئي. پاڻ لنگهي وڃي ٻروچن وٽ پهتو - چي:

”اوهين ڀلو سونهارو موٽائي رکو، اوهان جون مينهون منهنجن ڇوڪرن وٽ آهن، جي اچي ڪاهي وڃو، باقي مون وارو مال موٽائي ڏيو يا نه، سا نيت اوهان جي. مون کي ارمان آهي ته منهنجن ڇوڪرن کان ڇوڪراڻي ٿي ويئي آهي!“

پر ان جي معنيٰ اها نه هئي ته اُڌل پڻ ڊڄڻو هو، هڪ دفعي ضد تي چڙهي بيٺو، ته وري نه لهندو - پوءِ ڀل ته کيس ڪيڏو به نقصان ڇو نه رَسي. جن زميندارن مٿس ڪوڙا بيان ڏيئي کيس 110 جي ڪيس ۾ ڦاسايو هو، انهن جو مرندي گهڙيءَ تائين وري منهن نه ڏٺائين. پاڻ، جڏهن به موقعو ملندو هوس، انهن کي نقصان پهچائي ڇڏيندو هو. انهن زميندارن مان هڪڙي جي اڳڄائي ڇوڪري ڪنهن ٻاهرئين خسيس ماڻهوءَ سان تعلق پيدا ڪري وڌو. اُڌل، ان زميندار کي ذليل ڪرڻ خاطر، سندس ڇوڪريءَ کي، ڪوٽ ڀڃرائي، ڀڄارائي ڇڏيو. ”ننگاوتيءَ“ جو معاملو هو، سِرن تائين وڃڻ جا خوف هئا، مگر اُڌل هڪ لحظي لاءِ به خيال ڪونه ڪيو. چوندو رهيو: ”دشمن جو ته نڪ وڍي ڇڏيو اٿم، هينئر جيڪڏهن منهنجو سر به ويو ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي پئي.“

ٻهراڙيءَ جي ڪوڊ اندر ”انتقام ۽ بدلي“ کي جائز قدم سمجهيو ويندو هو، ڇو ته ٻيءَ صورت ۾ ماڻهوءَ لاءِ ناممڪن هو ته پنهنجن حقن جي حفاظت ڪري سگهي.

مهمانداريءَ ۾ پڻ اُڌل مشهور هو. غريبيءَ هوندي سندس اوطاق پيئي هلندي هئي. هئي ڪکائين، پر کٽولن ۽ کٿين سان سٿيل. آيو ويو پيو آجهاپ ڪندو ۽ جائو جوارو مانيءَ ٽڪر کائيندو. ڪامورو يا ڪو معزز مهمان آيو ته اُن لاءِ ڪڪڙ ڪسجي ويندو، ۽ ڊڳڙين کي مکڻ سان جهِٻي، نين ڇٻين تي رکي، آڻي سندس اڳيان رکندا. ٺِڪر جي دکيءَ ۾ ڏُڌ يا لسي به ايندي، جنهن ۾ تازي مکڻ جو وڏو ٽيرو پڻ پيل هوندو. نيرن جي ويل هوندي ته مکڻ سان گڏ ماکيءَ جو پيالو به گڏيو ايندو، رات جو چانور ۽ ماهيي کير جا دلا، معمولي ماڻهو آيو ته جوئر جي مکيل ماني، لسيءَ جو وٽو، ۽ دال (يا چڻن يا مٽرن جي پليءَ) جو ڳنڌڻ. چلم هر وقت ۽ هر حال ۾ چالو رهندي.

سائينداد

سائينداد جيهو، ڏاڪڙائي جيهن جي وانڍ جو ويٺل، منهنجو هڪ ٻيو غريب يار هو، جو ٻڌان ٿو ته اڃا تائين حيات آهي. پنجويهن ورهين کان منهنجو شيدائي ٿي رهيو. سندس زندگيءَ جا مقصد فقط ٻه هوندا هئا: مون ساڻ ڪچهري ڪرڻ، ۽ منهنجي نالي ٿيل ڪڪڙ، دعوت ڪري، مون کي کارائڻ. بنهه غريب هو. ڪنهن زماني تائين ته ڪيئي ويلا ويهي گذارڻا پوندا هئس، مگر اُن نالي پيل ڪڪڙ کي پاليندو رهيو، ان آسري تي ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن آءٌ سندس گهر ويندس ۽ ان ڪڪڙ مان طعام تيار ڪري مون کي کارائيندو. ورهيه گذري ويا، ڪيئي ڪڪڙ ان وچ ۾ پنهنجي عمر طبعي پوري ڪندا اڳئين جهان ڏانهن هلندا رهيا، پر آءٌ سندس دعوت تي وڃي نه سگهيس. هميشه شڪايتون ڪندو رهيو: چي، “پير، غريب ڏسي، مون وٽ نٿو اچين، منهنجو ڪو خيال ڪونه ٿو پوئي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪڪڙن تي ته ڪو رحم ڪر! حلال شي آهن، مفت ۾ مردار ٿيندا مرندا پيا وڃن. ايڏي خدائي گناهه جو بمبال ڪنهن جي ڳچيءَ تي پيو پوندو هوندو. ڪو شرع شريعت جو ويچار به ته رکُ! ڀل پير هجين، پر الله جي سرڪار ڏاڍي اٿئي. قيامت ڏينهن اهي ڪڪڙ توتي دانهين ٿي بيهندا - توکان وڏو پڇاڻو ٿيندو!“

تقريبا= پندرهن - ويهه ورهيه اهو حال رهيو. سائينداد هر وقت هڪ ڪڪڙ موجود رکندو آيو - ايستائين، جو اُن وانڍ بلڪ ساريءَ پسگردائيءَ اندر ان ڪڪڙ تي ”پيراڻي ڪڪڙ“ جي ال پئجي ويئي. مجال آهي جو ڪو ماڻهو ان ”پيراڻي ڪڪڙ“ جي حق ۾ ڪا گستاخي ڪري. ڪڏهن ڪنهن پاڙي واري جي ڪتي کان ڪڪڙ جي شان ۾ ڪا هيٺ - مٿانهين ٿي ويئي، ته سائينداد لٺ هٿ ۾ کڻي وڃي ڪتي جي مالڪياڻيءَ تائين پهچندو. مخصوص ڳوٺاڻيءَ زبان ۾ خطاب ڪري چوندس:

”...تنهنجو ڪتو پيراڻي ڪڪڙ کي ڊوڙائيندو پيو وتي، ڪا خبر به پوي ٿي يا نه؟ پنهنجا ٻئي جهان پئي ڪارا ڪرائين! ٻچي ٻار جو به ته ڪو ويچار ڪر، نيٺ ته پيراڻي شي آهي.“

مائي ويچاري ڊڄي ويندي:

”ادا ڙي سائينداد، ڪتو جانور آهي، منهنجو ڪهڙو ڏوهه، مان ته پيراڻي ڪڪڙ ڏانهن ڪڏهن آڱر به نه کنئي آهي. سارو ڏينهن اسان جي گهر ۾ پيو چُڳي. اَن ٻُڪي سُڪائي به ساهه نٿا ڪريون، هوڏانهن اَنُ سُڪڻو وڌوسون ۽ هيڏانهن اچي ٿو ڪڪڙ اَن ۾ پوي. دانگيءَ مان اڃا مس ٿا ماني ڪڍون ته پٺيان ڦريو اچيو مانيءَ ۾ چهنبون هڻي. ڪالهه جهڻ جي چاڏيءَ تي چڙهي، مٿانئس وٺيون لاهي هليو ويو. ماريو بي سناختو آهي. ادا سائينداد، تو به ڪهڙو ڪڪڙ پيراڻو ڪيو آهي.“

سائينداد:”وري ساڳي جهڳ؟ پيراڻيءَ شي لاءِ اهڙا شُکن ڪڍڻ پنهنجي پاڙ پٽائڻي آهي. پر توکي ايترو ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته پيراڻي ڪڪڙ سان ڪا هيٺ - مٿانهين ٿي، ته پوءِ توهانجن سِرن ڏانهن خير ڪونه هوندا: اها ڳالهه ٻڌي هجيئي، متان تنهنجا مٽ مائٽ پيا پوءِ ميارون ڏين!“

اها هوندي هئي پوزيشن ڪُڪڙ جي!

ان وچ ۾ سکر براج جا واهه چالو ٿي ويا. سينٽرل رائيس ڪئنال ته بنهه سائينداد واريءَ وانڍ جي ڪناري سان وهي هليو. فصل عام جام ٿيڻ لڳا. سائينداد جي حالت به گهڻو سڌري ويئي. مون کي اچي چيائين:

”پير، هاڻي ته تو واري ڪڪڙ ڪينجهر ڪري ڇڏيا آهن، آءٌ سکيو ستابو ٿي ويو آهيان، گهر ۾ اَن جون ڪيئي گُنديون ڀريون پيئون آهن. چانور کائين، توڙي ڪڻڪ جا اڦراٽا، گيهه مکڻ به جام آهن، چار سئائون مينهون به آهن. هاڻي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن وير اچي پير گهمائي، خلق پيئي ٿي مِهڻا ڏئي!“

ان هوندي به، اتفاق ئي ڪونه ٿي ٿيو جو آءٌ وڃي سائينداد جي دعوت وٺان. هڪ دفعي آءٌ موٽر تي چڙهيو رائيس ڪئنال جو ڪنارو ڏيو ٿي ويس، سائينداد واريءَ وانڍ جي ڀر ۾ موٽر خراب ٿي پيئي. ڏينهن تتل، نه اوهي نه واهي، لاچار سائينداد ڏانهن خبر موڪليم. پوءِ ته مورڳو عيدون ٿي ويس. اها خبر ڪانه رهيس ته منهنجي موٽر خراب ٿي پيل هئي، سمجهايائين اهو ته آءٌ خاص سندس دعوت وٺڻ لاءِ ڪَهي آيو آهيان. کُٿي ڪونه ٿي پُڳو. جيڪڏهن انساني رت حلال هجي ها، ته انهن ڏينهن سائينداد، مکڻ عيوض پنهنجي رت سان طعام تيار ڪرائي ها.

انهن ڏينهن ۾ ڪم حاج پوندو هو ته پاڙي وارن کي وانگار ڪئي ويندي هئي. ڪو بند ٻڌائڻو هوندو، ڪا ڀت کڻائڻي هوندي، ڪو جهنگ ڪڍائڻو پوندو، ته راڄ وارن ڏانهن ڪوٺ ويندي هئي. مزوري ڪونه وٺندا هئا، فقط منجهند ويلي چانور (مُستيءَ پيل) رڌي، کين کارايا ويندا هئا.

منهنجي وانگار جي سڌ سائينداد کي پوندي، ته بنا سڏ جي هليو ايندو. پاڻ اچي ڏک ڏوراپا ڏيندو ته مون ڏانهنس وانگار جي ڪوٺ ڇو ڪانه موڪلي. ڪم ڪهڙو به ڏکيو هوندو، سائينداد چولو لاهي، پٺي اگهاڙي ڪري، هڪدم منجهس جنبي ويندو. آءٌ گهڻو ئي چوانس ته ڪم ڇڏي اچي ويهي مون سان ڳالهيون ڪري، پر ڪونه ٻڌندو. چوندو: ”هيءَ ويل ڪم جي آهي، ڇڏ ته ڪم ڪري ڪجهه دعا کٽي وٺان.“

چورن چڪارن ۽ مخالف مائٽن بنسبت عملدارن ڏانهن شڪايتن ڀريل درخواستن موڪلڻ جو گهڻو شوق هوندو هوس. لکيل پڙهيل ماڻهو هٿ ايندس ته کانئس ڪانه ڪا درخواست لکائي وٺندو. ان مقصد لاءِ خالي اڇا پنا هر وقت گهر ۾ موجود رکندو. درخواست مدئجيءَ مان وڃي ٽپال ۾ وجهندو، ۽ هميشه ٽي آنا ڏيئي رجسٽر ڪرائيندو، رجسٽر جي رسيد پَٽڪي ۾ ٻڌيو پيو گهمائيندو، ۽ عام پڙها ڏيندو وتندو ته

”فلاڻي کي درکاش (درخواست) جي ٺوڪ ڏيئي آيو آهيان، درکاش به رجيٽڻ (رجسٽر) ٿي ويئي آهي، اجهي ٿا گهوڙا گهر تي اچنس.“

سندس اهڙيءَ ”هابيءَ“ ڪري پاڙي جا ماڻهو کانئس گهڻو ڊڄندا هئا - چوندا هئا:”سائينداد کان پاسو ڪجي، وڏو ڦشادي (فسادي) ماڻهو آهي.“

اڇا لَٽا نه پائيندو هو، ڇو ته انهن جي ميري ٿي وڃڻ جو امڪان نظر ايندو هوس. جوڙي يا بافتي مان ٺهيل گوڏ ۽ چولو پائيندو هو، سو به نيروٽيءَ کان رڱائي، گهڻو ڪري موڱي رنگ تي. چوندو هو:”نير ۾ رڱيل ڪپڙا ٿڌا ٿين ٿا.“ بشرط ضرورت شرعي. حجامت سال ۾ هڪ - اڌ دفعو.

سکيو

سُکئي مرحوم ڏانهن مٿي هڪ جاءِ تي اشارو ڪيو اٿم. جوانيءَ ۾ اچي مون ساڻ سنگت رکيائين. صورت ۾ مردانه حسن جو اعليٰ نمونو هو، ۽ همت ۾ پڻ مڙسن جو مڙس. هڪ دفعي مون تي هٿياربند دشمنن حملو ڪيو. اسين جوئر جي پوک ۾ هئاسين. دشمن چئني طرف کان ڪڙو ڪري آيا. سکئي مون کان بندوق وٺي پنهنجي هٿ ۾ ڪئي، ۽ مون کي چيائين ته ”تون پريان گاهه جي دڙي ۾ وڃي لڪ، آءٌ توکان پري وڃي بندوق جو ٺڪاءُ ڪريان ٿو، دشمن سڀ اوڏانهن مارو ڪندا، آءٌ به کين بندوقون هڻندو رهندس، نيٺ مون کي ته ماري وجهندا، پر ان گوڙ ۾ توکي ڪڙي مان نڪري ٻاهر ڀڄي وڃڻ جو وجهه ملي ويندو.“

ٿيو به ائين، فرق صرف هيءُ ٿيو ته سکئي جي حياتي به بچي ويئي. سندس ٺڪاءُ ٻڌي، دشمن جي دل دهلجي ويئي. هٿيار ڦٽا ڪري اچي سکئي وٽ پهتا. سکيو ڳالهين ۾ کين ريجهايو بيٺو رهيو، جيستائين آءٌ ميدان مان نڪري وڃي سلامتيءَ واريءَ جاءِ تي پهتس.

ڪيڏانهن سفر تي وڃڻ جو اتفاق ٿيندو هو ته منهنجن ڪتابن جي ڀري سکئي کي مٿي تي کڻڻي پوندي هئي. ڪتابن کان سواءِ منهنجو ڪيڏانهن وڃڻ ناممڪن هوندو هو. مون لاءِ ڪتابن جو مطالعو کاڌي کان وڌيڪ اهميت رکندو هو. ٻيا ماڻهو سفر تي نڪرندا هئا ته خوراڪ ۽ ڪپڙن جو انتظام ڪري هلندا هئا، آءٌ فقط ڪتاب کڻندو هوس. سفر وڏو هوندو، ته ڪتابن جي ڳوڻ ڀرجي هلندي، جا سکئي مرحوم کي کڻڻي پوندي هئي. اها ڳالهه کيس ڏاڍي ڏکي لڳندي هئي. چوندو هو، ”هيترا ڪتاب پڙهي، خبر نه آهي ته ڪڏهن وڃي غَذا ڪندين، ٻه ڪتاب پڙهي ماڻهو مولوي بڻجي پون ٿا، تون ته پٺارڪون پڙهي به اڃا ڀڙڪو ڪونه پيو کائين.“

اڪيلائي هوندي ته سنهي سر ۾ پيو ڪافيون جهونگاريندو. هڪ ڪافيءَ سان خاص چاهه هوس:

”سسئي بيٺي سڏ ڪري، منهنجي پارت ڪجو ته پنهل کي!“

هڪ دفعي آءٌ آڌيءَ رات ٻاهر اچڻو هوس، پاڻ سيهڙ ماري پچائي رکيائين. آءٌ واپس آيس ته اُهو پڪل سيهڙ (سهو) آڻي منهنجي اڳيان رکيائين. آءٌ سارو سيهڙ کائي ويس، باقي فقط هڏا پليٽ تي پيا رهيا. مون کي اها خبر ئي ڪانه هئي ته ڪو سکيو پاڻ به بکيو ويٺو آهي، ان آسري تي ته آءٌ سيهڙ جو ڪو ذرو بچائيندس جيڪو پاڻ کائيندو. سيهڙ جو منهنجي هٿان مڪمل خاتمو ٿيل ڏسي، هڪ حاضرين سکئي کي چيو:“سکيا فقير، تو ته سيهڙ جي آسري ۾ ماني به ڪانه کاڌي هئي، هينئر ڇا ڪندين؟“

جواب ڏنائينس:

”مون کي ڪٿان هو سيهڙ جو آسرو؟ اڳيان به پيراڻو پيٽ هو، جنهن ۾ سارو زمين زمن سمائجي سگهيو ٿي، سيهڙ جي ڪهڙي مجال هئي. پيرن اڳيان سارو اُٺ پچائي آڻي رکو، ته به ذرو نه ڇڏيندس پوئتي.“

ماڻهو پيرن کي کارائيندا فراخدليءَ سان هئا پر ساڳئي وقت اهو به پيا محسوس ڪندا هئا ته سڳورن جي اشتها ۽ شڪم جي وسعت عام ماڻهن کان گهڻو زياده واقع ٿي آهي.

سکئي مرحوم جي والده پڻ پنهنجي پٽ وانگر جان نثار ڪندڙ عورت هئي. سالن جا سال گهران کائي منهنجي ۽ منهنجن ٻارن جي خدمت ڪندي رهي. الله تعاليٰ ٻنهي جي روح تي رحم فرمائي. اِهي اُهي انسان هئا، جي محبت ۽ وفا جو معاوضو طلب ڪونه ڪندا هئا. سندن محبت محبت خاطر هوندي هئي، نه ڪنهن لوڀ لالچ لاءِ.

ڀوت خروس

هڪ ٻيو ڳوٺاڻو ڪئريڪٽر به نگاهه جو مستحق آهي.

ڀوت خروس جي وانڍ منهنجي ڳوٺ کان ميل - ڏيڍ پنڌ تي هوندي هئي. پنهنجي وانڍ تي سواءِ ذاتڀائي ٻروچن جي ٻئي کي ويهڻ ڪونه ڏيندو هو. هونئن به اهو عام دستور هوندو هو ٻروچن جو. ٻيلن جي اندر يا ٻيلن جي وٽ سان وانڍيون ٺاهيندا. جيڪڏهن هڪ - اڌ ڇپر هوندن ته اُن کي ”ڀاڻ“ سڏيندا. ٻيءَ ذات واري ماڻهوءَ کي پاڻ وٽ يا پنهنجي ويجهو هرگز گهر ٺاهڻ نه ڏيندا. سندن ڌنڌو هوندو هو چوپايي مال، خاص طرح سان مينهن، جي ”ٻڌي ڇوڙي“. ان اصطلاح جي معنيٰ هئي - مال جي چوري، چورايل مال جي پرداخت، ۽ ڀُنگ (يعني رقم) وٺي چورايل مال ڀاڳئي (يعني مالڪ) کي موٽائي ڏيڻ. اصلي چورايل مال عيوض ٻيو مال ڏيندا ته اُن کي ”ويڳو مال“ سڏيو ويندو. سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪنارن سان، ڪشمور کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين ان قسم جون ٻروچن جون دڻيون يا پاٿاريون پکڙيل هونديون هيون. اهي پاٿاريون چوري ٿيل مال جي پاڻ ۾ ڏي - وٺ ڪنديون رهنديون هيون. پنجاهه يا سؤ ميل پري وڃي مال چورائيندا. اُن مال کي رات جو درياهه ۾ وجهي، پاڻ سيڻاهن تي چڙهي، ان کي تاريندا، آڻي پنهنجي پاٿاريءَ يا ڀاڻ وٽان ٻاهر ڪڍندا. ٿڌيءَ ڪوسيءَ جي ڪا پرواهه ڪانه هوندي. سياري جي ڄمندڙ پاري وارين راتين اندر به پيا درياهه ۾ ترندا. جيڪڏهن بنهه ٿڌ محسوس ٿيندين ته ڄانڀي جو تيل جسم تي مکي ڇڏيندا. نه وري مانيءَ جي ئي گهڻي طلب هوندين - وڌ ۾ وڌ، ته به جوئر جي مانيءَ جا ٽُڪر ۽ مُستيءَ جي مُٺ بوڇڻ ۾ ٻڌي، مٿي سان مولهو ڪري، لڙهندا هلندا. جت به بک ورائيندين ته اهي ٽڪر ڇوڙي چٻي ڇڏيندا. رات جيئن اونداهي، تيئن پيو کين مزو ايندو. چانڊوڪين راتين کي پنهنجي ڌنڌي لاءِ سخت مضر سمجهندا. ٻروچن جون ڪيتريون ذاتيون محض ڪم ئي اهو ڪنديون هيون. مثلا= خروس، تڙت، شر، جتوئي، کوسا، چانڊيا، بنگلاڻي ۽ بڙدين جا مختلف پاڙا. ٻروچن جي چوراڪاريءَ جي ڌنڌي اندر اهي ڪامرانيون ڏسي، ڪيترين غير ٻروچ ذاتين به اهو ڪاروبار شروع ڪري ڏنو هو - مثلا= ناريجا، ڪلهوڙا، جوڻيجا، ابڙا، وغيره.

ڀوت خروس، پنهنجي ڪٽنب اندر، ”مهانڊو مڙس“ ليکيو ويندو هو. مون کيس سندس پڇاڙيءَ واري زماني ۾ ڏٺو. اَسي کن ورهين جي ڄمار کي پهچي چڪو هو. سنهو، قداور، ڏاڙهي دُن کان به هيٺ پوندي هيس. اکيون هميشه ڳاڙهيون هونديون هيس. چوندا هئا ته ڀنگ ڪثرت سان پيئندو هو. گهوڙي جي سواري ڪندو هو. ٻروچن جي دستور موجب، ڪپڙا فقط سفيد پهريندو هو، نه رنگين، نه کومان. سندس ضد ۽ سختدليءَ جون ڪهاڻيون ڏاڍيون مشهور هونديون هيون. چوندا هئا ته جنهن جو دشمن ٿيو، ان جو سر وڃائي ڇڏيائين. پنهنجيءَ قوم جي ڪيترين عورتن کي جن تي سياهڪاري جو شبهو هوس، بيهي خون ڪرايائين. ڪنهن زميندار مٿس بدمعاشيءَ جو بيان ڏيئي کيس تڪليف هيٺ آندو، ته ساري ڄمار ان جو سڄڻ نه ٿيندو، بلڪ اوچتو منهن پئجي ويندس ته پنهنجي منهن کي پڳ جي پلاند سان ڍڪي ڇڏيندو ۽ ڏند ڀڪوڙي چوندو رهندو: ”ويري آهي ويري، ڪارو ڪارو، ٻوٽيون کاوانس، رت پيئانس، هڏا چٻيانس.“

ڀوت کي ماڻهو سچو مهانڊو سمجهندا هئا، ڇو ته هو انهن سمورين روايتن کي قائم رکيو آيو، جيڪي مهانڊن ٻروچن سان وابسته هونديون هيون. اهو واقعو آهي ته چورن ۾ به اخلاق Honour ٿئي ٿو، جنهن کي هو ڪنهن به قيمت تي هٿان نٿا ڇڏين. مثلا=، سنڌ جي مهانڊن ڪاٽڪن، يا چورن جا ”رول ريگيوليشن“ ملاحظو فرمايو:

1. چوريءَ جي حالت ۾، ڀاڳيو قرآن شريف کڻي وٽن لنگهي آيو، ته هڪدم چوريءَ جو اقرار ڪري ڏيندا. قرآن شريف ڏسي ڪوڙ نه هڻندا.

2. آيل قرآن شريف تي رنگين ڪپڙي جو پڙ يا غلاف چاڙهي پوءِ واپس ڪندا - گهڻو ڪري مصري، کنڊ، يا پتاشا به ورهائيندا.

3. هلندي جهيڙي اندر ڪنهن شخص آڻي قرآن شريف وچ ۾ جهليو، ته جهيڙو هڪدم ختم ڪيو ويندو، ۽ غير مشروط طرح.

4. ميڙ طور، سيد پير در پيهي آيو، ته ان جي عزت به قرآن شريف جهڙي ئي ڪندا. اُن جو چيو نه موٽائيندا. کيس نذر نياز پڻ ڏيئي روانو ڪندا.

5. ان جُوءِ جي سيد يا فقير جي شي کي هرگز هٿ نه لاهيندا.

6. ڌاريءَ عورت ڏانهن اکيون کڻي نه ڏسندا - ڳالهائڻو پوندن، ته به ”ادي – امان“ ڪري، ۽ وڏيءَ عزت سان.

7. گهڻو ڪري پاڙي مان چوري نه ڪندا - بلڪ پاڙيوارن جي مدد ۽ حفاظت ڪندا رهندا.

8. ڪنهن تي چغلي هڻندا. ڪا گهٽ - وڌ ڳالهه ڏسندا ته سنگتي ساٿيءَ، پاڙي واري يا واقف تان ”پن نه کڻندا“.

9. ڪا عورت بدپيشي ٿي ته اُن کي ”ڪاري“ ڪندا (يعني ”ڪاري“ ڊڪلئر ڪندا)، ۽ اُن کي ۽ اُن جي يار کي خون ڪري ڇڏيندا، ۽ پوءِ اچي پاڻ پوليس کي اطلاع ڏيندا.

10. ڪا ڪاري عورت يا ڪارو مرد ڪنهن ٻئي شخص جي هٿان قتل ٿيو، ته ان جي خلاف چغلي نه هڻندا، نه ان جي ابتڙ شاهدي ئي ڏيندا، پوءِ ڪري مقتوله يا مقتول سان ويجهڙي کان ويجهڙي مائٽي ئي ڇو نه هوندين.

11. ڪو چور سنگتي ڪنهن مقدمي ۾ ڦاسي پين، ته ان جي مدد ڪندا. کيس خرچ لاءِ پئسا ڏيندا، سندس لاءِ وڪيل ڪندا، ڪيس جي شنوائي ٿيندي ته ان تي وڃي موجود ٿيندا، ملزم حوالات ۾ هوندو ته پوليس وارن کي پئسا ڏيئي ساڻس ملاقات ڪندا. گهڻو ڪري ٻيڙيون ۽ ميوو به کيس ڏيندا. مسڪيني حال هوندن، ته به گهران مکڻ ۾ اُڦراٽو پچائي، بوڇڻ ۾ ٻڌي، کڻي ويندا، ۽ ملاقات وقت کسڪائي کيس ڏيئي ڇڏيندا. ڏنڊ پوندس ته چندو ڪري ڏيندس، ڇٽي ايندو، ته ”مبارڪيءَ“ جا رپيا ڏيندس.

12. پنهنجي قومي سردار (جنهن کي ”لٺ سردار“ به چوندا) جا فرمانبردار ٿي رهندا. سندس کٽ تي هٿ رکي، جا ڳالهه ڪندا، سا ڪوڙ کان خالي هوندي. سردار جيڪو فيصلو ڪندو، ان جي تعميل ڪندا. چندو گهرندن، يا ڏنڊ طور چَٽِي رکندن، ته ڀري ڏيندا. سردار سان ڪنهن جو جهيڙو يا مقابلو ٿي پيو، ته سندس ڪوٺ تي سِرُ تريءَ تي کڻي وڃي وٽس موجود ٿيندا.

13. پنهنجي پڳ ۽ ڏاڙهيءَ جي عزت ۽ حفاظت پنهنجي سِر کان وڌيڪ ڪندا. ڏاڙهي ڏيئي واعدو ڪيائون ته ان کي ضرور پاڙيندا. ڪنهن پڳ يا ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وڌن ته ان جو سِر وڍي ڇڏيندا.

14. ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي عورت (جنهن کي ”ننگ“ سڏيندا) آڻي سندن گهر ۾ ڇڏي، ته ان کي ”سام“ سمجهندا ۽ ان جي حفاظت پنهنجيءَ جان سان ڪندا. مري ويندا، پر اها عورت ڪڍي ٻئي کي نه ڏيندا - چوندا، ”سامن تي سِر آهن!“

15. هڪٻئي جي گهر ڏانهن نه تڪيندا. گهوڙي تي چڙهيل هوندا ته گهر کان پري گهوڙي تان لهي پوندا.

16. انتقام ۽ بدلي نه وٺڻ کي سخت نامردي تصور ڪندا، خون جو عوض ضرور خون سان ئي ٿيندو. پيءُ انتقام وٺي نه سگهيو، ته پٽ، پوٽو، بلڪ پوٽي جو پوٽو به انتقام وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ايندو.

17. جنهن سان دشمني ٿيندي، ان جي گهر جي ماني نه کائيندا. ”نمڪ کائي“ وڙهڻ ڪمينن جو ڪم سمجهندا.

18. هر مهيني جي يارهين تاريخ، ميهاڳ مان ايندڙ سارو کير حضرت
غوث الاعظم شيخ عبدالقادر گيلانيءَ جي نيت ورهائي ڇڏيندا.

19. آئي وئي، مسافر مَڙي کي کُليءَ دل سان پيا ماني ٽڪر کارائيندا. پاڻ بک تي به ويهي رهندا، پر مهمان کي بکيو وڃڻ هرگز نه ڏيندا.

20. پنهنجي پاڙي مان هڪ شخص کي پنهنجو ”مهانڊو“ مقرر ڪندا، جنهن جي اڳيان نه ڪوڙ ڳالهائيندا، نه ان جي راءِ کي ئي ريٽيندا.

ڀوت انهن اصولن جي ساري عمر پوئواري ڪئي، جنهنڪري سندس عزت قائم رهي.

ليلومل

عام چوڻي هوندي هئي ته ”واڻيو ڳوٺ جي سونهن آهي“. جنهن ڳوٺ ۾ واڻئي جو هٽ نه هوندو، ان ڳوٺ کي نه مڪمل سمجهيو ويندو، نه ان جي رهاڪن کي سکيو ستابو. ”واڻئي“ جي معنيٰ هوندي هئي ٻهراڙيءَ جو هندو ننڍو دڪاندار.

ڳوٺ جي ”واڻئي“ سان ڏاڍائي ڪرڻ يا ان کي نقصان پهچائڻ يا ان جي مذهبي ضرورتن ۽ روايتن جو لحاظ نه رکڻ، نامردي ۽ خسيسپڻو سمجهيو ويندو هو.

ساڳئي وقت ”واڻيا“ به ڪن خاص حدن اندر پيا رهندا هئا. سندن ڪم ڪم سان، يعني پنهنجي واپار سان هوندو هو، ٻين معاملن ۾ مداخلت ڪانه ڪندا هئا. هميشه هيٺانهين وٺيو پيا هلندا. پاڻ کي ”ڪچيءَ پنڊيءَ“ سان مشابهت ڏيندا. معزز مسلمان کي ڏسندا ته نوڙي سلام ڪندا. گڏهه يا گهوڙي تي چڙهيل هوندا ته هيٺ لهي، رستو ڇڏي بيهي رهندا. قرآن مجيد جي اهڙي ئي عزت ڪندا، جهڙي گيتا جي. قرآن مجيد ڏسي، ڪڏهن ڪوڙ ڪونه ڳالهائيندا. مسجدن ۾ راتين جو ڏيئا ٻاري رکندا. پير سيد کي پيرين پئي گڏبا. مهيني جي يارهين، جنهن تاريخ کي حضرت غوث الاعظم سان نسبت آهي، مسلمانن کان به وڌيڪ ملهائيندا: اولهه ڏانهن نه پيرُ ڊگهو ڪندا ۽ نه ان پاسي کٽ جا پير ئي ڪندا. سوئر جي گوشت کي مسلمانن وانگر حرام سمجهندا.(1) سارو سال مسلمانن کي اوڌر کڻائيندا رهندا، ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن ديرو بٽائي ٿيندو، تڏهن ئي پنهنجي رقم وصول ڪندا. سندن لباس به سندن روش جهڙو ئي سادو هو. مردن کي پير ۾ جوتو يا گهيتلو، هيٺتي ڌوتي، جسم تي لنڊو چولو، چولي اندر جڻئي جو ڌاڳو، مٿي تي معمولي ڀرت سان ڪپڙي جي ننڍي ٽوپي يا مختصر پڳڙي. زالون هيٺتي پڙو، جسم تي ڀريل ڳچيءَ سان چولِي، ۽ مٿي تي اڇو رئو پائينديون. سواءِ پنهنجي اولاد يا پنهنجن ننڍن جي، ٻين سڀني مردن جي اڳيان منهن ڍڪي هلنديون، حتاڪ گهر ۾ پنهنجن مڙسن اڳيان به گهُنڊ ڪڍنديون. جوان زالون گهرن اندر پردي جي حالت ۾ رهنديون، سواءِ ڏِڻ وارَ يا شاديءَ غميءَ جي، ڳوٺ جي وڏيري جي گهر ۾ به نه اينديون. منجهانئن غير شادي شده نڪ ۾ پاسي ڏانهن ننڍي بولي پائينديون. شادي شده سڌو بولو پائينديون، جيڪو مٿئين چپ جي مٿان لڙڪندو رهندو. ڪنن ۾ حيثيت آهر چانديءَ يا سون جا پنڙا.

مسلمان ڳوٺاڻن جي مقابلي ۾، هندن کي پنهنجن گهرن ۽ دڪانن يا هٽن کي صاف رکڻ جو وڌيڪ اونو هوندو هو. هفتي ۾ هڪ - اڌ دفعو ساري فرش تي نئون ليپو پائيندا. ڏياريءَ جو ڏڻ ايندو ته ڀتين کي چوني جو هٿ ڏيندا ۽ انهيءَ تي ڳاڙهي رنگ سان پنهنجن ديوتائن جون مورتون ڪڍندا، وهنجندا هر روز، منجهند کان اڳ، جسم تي صابڻ جي جاءِ تي ميٽ مکيندا. سيارو هوندو ته وهنجڻ کان اڳ بدن تي سرنهن يا ڄانڀي جي تيل جي مالش ڪندا. غسل گهر کان ٻاهر رستي تي ڪندا. پاڻي مٿي تي پرٽائيندا. ”رام رام“ چوندا ۽ هلندا رهندا، جيئن غسل جو پاڻي هڪ جاءِ تي جمع ٿي، گپ نه ڪري وجهي. ڳوٺ جي ڀر ۾ واهه هوندو يا ڪا ڍنڍ يا ڍورو يا کڏ، ته علي الصباح وڃي ان ۾ پوندا. حساب ڪتاب ڪاٺ يا پاٺي جي ڦرهين تي لکندا، ”هندو سنڌي“ اکرن ۾. ”عربي سنڌي“ اکر کين گهڻو ڪري ڪين ايندا هئا، پر منجهانئن جن اسڪولن ۾ پڙهيو هوندو، سي به پنهنجو حساب لازماً ”هندو سنڌي“ رسم الخط ۾ ئي لکندا. چٺي چپاٽي پڻ هڪٻئي ڏانهن ”هندو سنڌي“ ۾ لکندا. اڄ تائين ڪنهن شايد اها تحقيق ڪانه ڪئي ته اها مخصوص ”هندو سنڌي“ ڪڏهن کان شروع ٿي. ڪنهن ڳوٺ اندر هندن جا ٻه - چار گهر هوندا ته اُت مڙهي به ٺاهيندا، جنهن ۾ ديوتائن جون مورتون رکيل هونديون ۽ اُت پاٺ پوڄا لاءِ وقتا= فوقتا= ويندا رهندا. سُکائون ۽ باسون گهڻو ڪري مسلمان درگاهن ۽ پِيرن تي ئي باسيندا. ڪنهن مسلمان پير جي درگاهه يا مزار تي ميلو لڳندو، ته هندو به ان ۾ انتهائي خلوص نيت سان وڃي شريڪ ٿيندا. چوندا هئا: ”الله جي پيارن، چڱن موچارن ۾ سڀني جو حصو ٿئي ٿو. پِير ڪنهن ورهائيا ڪين آهن!“

ان عام تصوير کي سامهون آڻڻ کان پوءِ، ليلي مل جو قصو عرض آهي.

سرڳواسي اسان جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. مون کيس سندس پڇاڙيءَ واري زماني ۾ ڏٺو، جڏهن پوڙهو ٿي چڪو هو. کيس جوان پٽ به هوندا هئا، پر هٽ جو ڪاروبار پڇاڙيءَ تائين پاڻ هلائيندو رهيو. ڪاروبار تمام مختصر هوس، ساري هَٽ اندر شايد ڏهن رپين جي موڙيءَ جو سامان به ڪونه رکي سگهندو هو. هٽ ۾ هوندو ڇا هوس؟ تيل جو سير - اڌ، گاسليٽ جو شيشو، چانورن، ڪڻڪ، جوئر ۽ ٻاجهريءَ جا ٻه - ٻه سير، لوڻ، مرچ، ڌاڻا، گيهه جو سير - سوا، ناس، تماڪ، ماچيس، سُتيون، سٽ جا ڌاڳا، لالٽين ڇاپ سگريٽن جا ٻه - ٽي پاڪيٽ (ان قسم جي سگريٽن جو هڪ پاڪيٽ انهن ڏينهن ۾ هڪ پئسي ۾ ملندو هو)، مٿي يا ڏاڙهيءَ ۾ وجهڻ لاءِ مينديءَ جي پنن جا ٻه - ٽي ٻڪ، ۽ مڪتب جي شاگردن ۽ استادن جي دفتري ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ فلوسي پنن جو هڪ دستو موجود رکندو هو، ۽ هڪ پئسي ۾ هڪ پنو پيو وڪڻندو هو. ان کان سواءِ ٻارن جي واپرائڻ لاءِ ڪجهه ٻيون ”شيون شڪليون“ به موجود رکندو هو: مثلا= مٺائي، ڀڳڙا، جوئر جا ڦُلا وغيره وغيره.

ليلي مل جي هڪ ڪمزوري سندس هَٽ جي سمورن گراهڪن کي معلوم ٿي ويل هئي. هو الله تعاليٰ جي نالي ٻڌڻ سان ڏڪي ويندو هو. گراهڪ کانئس پهرين سودو تورائي پنهنجي هٿ ڪندا، ان کان پوءِ چوندس ”ليلا مل، سودو ته ڏنئه، پر خبر نه آهي ته اگهه ڪهڙو ڏنئه، ۽ تور ڪيئن بيهاريئه، ڌڻيءَ کان ڊڄجانءِ!“ ڌڻيءَ جو نالو ٻڌڻ ۽ ليلي مل جو ڪنبڻ. ڊوڙي وڃي ساڳيءَ شيءِ مان وڌيڪ ٻه ٻُڪ ڀري آڻي گراهڪ جي جهوليءَ ۾ وجهندو! اسان ليلي مل جي هٽ جي پاسي ۾ مڪتب ۾ پڙهندا هئاسون. مڪتب مسجد شريف ۾ هوندو هو. خرچيءَ طور روزانو ٻه پئسا ملندا هئا، اهي کڻي وڃي ليلي مل وٽ رسندا هئاسين. شي وٺڻ کان پوءِ چوندا هئاسونس:”ليلامل، ڪجهه ڌڻيءَ جو به خوف ڪر، ٽڪي ۾ ڇا ڏنو اٿئي؟“ جيتري شي ٽڪي ۾ پهرين ڏني هوندائين، ان کان سوائي هينئر آڻي اسان کي ڏيندو. اسين پنهنجي ڪاميابيءَ تي کلندا، شي کائيندا، موٽي اچي مڪتب ۾ رسنداسين. ان خصوصيت سبب ليلومل نفعو گهٽ ڪمائي سگهيو، ۽ هٽ جي آمدنيءَ مان سندس گهر ٻار جو پلجڻ مشڪل ٿي پيو. پڇاڙيءَ ۾ تيل پيڙهڻ جو گهاڻو به چالو ڪيائين، جنهن مان ڪجهه قدر ڪمي پوري ٿيندي رهيس. گهاڻي جي ڏاند سان گڏ کيس هلندو ڏسي، ماڻهو ٽوڪون ڪندا هئس: ”ليلا مل، هاڻي گهاڻي ۾ پيو ڏاند وانگر وهين؟“

وراڻي ڏيند هو:“ميان، يار پيو ٿو گهاڻي سان گهمائي. جا وڻيس سا واه! اهو به شڪر آهي، جو گهاڻي جي ٻاهران پيو گهمائي، جي خود گهاڻي اندر وجهي پيڙهائي ها ته کيس ڪير چوي ها؟“ ائين چوندو، ڏاند جي پٺيان هلندو رهندو.

ڏياريءَ واري عيد ايندي، ته ليلي مل لاءِ قيامت کڙي ٿي ويندي، شهر جا سمورا ٻار خالي ٺڪر جا ڏِيئا کڻي وڃي سندس هٽ تي جمع ٿيندا: ”ليلا مل ڪڪڙا ڏي، تيل ڏي، ڦٽاڪا ڏي، سوسڙيون ڏي“. “ليلي مل، حتي الوسع اهي وَٿون منجهن ورهائيندو ويندو. جڏهن سامان هٽ مان کُٽي ويندس، تڏهن ڇوڪرا مشعلون ٻاري هلندا، پر هلندي هلندي، سندس احسان جو بدلو هي ڏيندا ويندا، چي:

”عيد مشعالو، ليلي جو منهن ڪارو!“

ليلومل پاڻ کلندو رهندو، چوندو:”ڇوڪراڻي پوتِي، ڌوتِي نه ڌوتِي!“

سندس وڏي پٽ، هڪ ڏينهن، کيڏندي کيڏندي، شهر جي هڪ گابي کي ماري وڌو. وڏو پاپ جهڙو ڪم ٿي پيو! ڇوڪري کي کڻي وڃي ٽڪاڻي ۾ ڇڏي آيو، جتي ساري عمر بطور ساڌوءَ جي گذارڻي پيس، ۽ وڌندي وڌندي وڃي پير ڳوٺ جي مرڪزي ٽڪاڻي جو مکيه ٻائو بڻيو. ليلي مل پاڻ پٽ جي ان پوزيشن مان به ڪڏهن فائدو ڪونه ورتو. چوندو هو، ”ساڌن فقيرن کي ڏبو آهي، کانئن وٺبو نه آهي“.

قرض کڻائيندو هو ته ڪاٺ جي ڦرهين تي حساب لکندو ويندو هو. هڪ دفعي ڪي مقروض چور سندس سموريون ڦرهيون کڻي ويا. پاڙي وارا همدردي ڪرڻ آيس. پاڻ چيائين:”چڱو ٿيو، پنهنجي به جان ڇڏايائون ۽ اسان جي به! کين چنتا هوندي هئي قرض ڏيڻ جي، ۽ اسان کي چنتا رهي ٿي رقم وٺڻ جي: هاڻي حساب جون ڦرهيون ويون ته اهي چنتائون به لهي ويون، ڀل سندن ئي ڀت گهاٽو هجي!“

ليلي مل جي ڌرم پتني، مائي ”موٽوءَ ماءُ“، پڻ پنهنجي مڙس جهڙي ئي نيڪ نفس هوندي هئي. سندس ڪم هوندو هو صبح جو رستن تي ٻهاري ڏيڻ، جيئن ماڻهن کي پيرن ۾ ڪنڊا نه لڳن، ۽ رات جو بلاناغي ڀر واريءَ مسجد شريف ۾ ڏيئو ٻارڻ. ۽ شب معراج ايندي ته سڄيءَ مسجد ۾ ڏيئا ٻاري چراغان ڪندي. قرآن مجيد تي اچي باسون باسيندي، حاجت پوري ٿينديس ته حال سارو ڪپڙن جي پوتي کڻي آڻي قرآن مجيد کي پهرائيندي.

شهر ۾ ڪنهن کي ماتا نڪرندي ته لولِي ڏيڻ لاءِ ”موٽوءَ ماءُ“ اچي موجود ٿيندي. ڌوتل اڇا ڪپڙا پائي ايندي. مريض کي صاف بستري تي سمهاريندي. فرش تي واري وڇارائي، مٿانئس پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪرائيندي. گهر اندر گوشت جو اچڻ ۽ پچڻ بند ڪندي. پکو هٿ ۾ ڪري، پاڻ مريض جي ڀر ۾ ويهي لولِي ڏيڻ شروع ڪندي:

”مائي ڏاڻ ڏيندي، پنهنجو پاڻ ڏيندي...
مائي پنهنجي گُلڙن کي پاڻي پاڻ ڏيندي.“

مٺي سُر سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ اها لولي به هلندي رهندي ۽ پکو به ڦرندو رهندو. ماتا جا داغ سُڪي ويندا ته ليمي يا نم جا پن پاڻيءَ ۾ وجهي، ان پاڻيءَ سان مريض کي غسل ڪرائيندي. ان غسل کي ”مٿي تي پاڻي وجهڻ“ چوندي هئي. غرض ته ساري ڳوٺ جي ماڻهن سان موٽوءَ ماءُ پئي ڀال ڀلائيندي هئي.

عام عقيدي موجب، بهشت برين مخصوص ته آهي مسلمانن لاءِ، پر آءٌ سمجهان ٿو ته ان جي ايڏين وسعتن اندر، ڪنهن ڪنڊ پاسي ڏانهن، جيڪڏهن اهڙي ڪنهن غير مسلم جوڙي لاءِ به ڪا گنجائش نڪري آئي، ته رب العالمين جي شان کان بعيد نه هوندو!

پريو مرهيات

انگريزن آئي، سنڌ مان ٻانهن جو رواج ته ختم ٿي چڪو هو، پر جن شخصن هڪ لڱا ”ٻانهپ جي ٻولي“ ڪري ڇڏي هئي، تن جا پويان به پشت بپشت، ان ٻوليءَ اندر ٻڌا رهيا - تَڙيونِ، تڙ نه مَٽيندا، ڌِڪيونِ، در نه ڇڏيندا: جت جنم ورتائون، اتانهون ئي ”اڻ ڏٺي ڏيهه“ روانا ٿي ويا. نه ڄمندي لولي ٻڌي هئائون، نه کٽ کڄندي ئي پارن جا پرلاءَ نصيب ٿين! پر نمڪ جا ناتا، بدرجه اُلا، نباهيندا ويا.

پريي جو پيءُ ساٿي ڏڦير، اسان جي ڏاڏي مرحوم کي بطور ٻانهي جي ورثي ۾ مليو هو. ساٿي مري ويو، پنهنجو پٽ پريو، ڇڏي ويو هو. پريي جو فرض ٿيو چوڪيداري، ۽ سندس ٺڪاڻو هو، ڪوٽ جي دروازي ٻاهران، ڪکائين جهوپڙي. ان جهوپڙي اندر جِيئو، ان جهوپڙيءَ ۾ ئي مئو - وچ ۾ سٺ سال گذاري ڇڏيائين. ريل ۾ به مشڪل سان ٻه يا ٽي دفعا چڙهيو. اوائلي زماني ۾ ڪنهن هڪ دفعي ڏاڏي مرحوم سان گڏ بمبئي ۽ پوني جو سفر ڪري چڪو هو، ۽ پوءِ ته ساري عمر اتانهون جا قصا پئي بيان ڪيائين. بمبئيءَ کي ”مبئي“ سڏيندو هو، ۽ ”مبئيءَ“ جي ڪسوٽيءَ تي ئي پيو هر واقعي، هر معاملي کي تڪيندو توريندو هو. ”اڄ ته پوني جهڙا ٿڌڪار ٿي ويا آهن“، ”اهڙي ڳالهه ته مبئي ۾ به ڪانه ٻڌيسين“، ”مائي حرمت به ائين پئي ٽِليءَ جو ڄڻ مبئيءَ جي ڪراڦٽ (ڪرافورڊ) مارڪيٽ جو سير پئي ڪري“، ”مائيءَ نازيءَ اڄ اهڙو سينگار ڪيو آهي، جو ڄڻ هاڻي ٿي مبئيءَ رواني ٿئي“، ”رمضان ٻٻر اهڙو ڀڀ وڌو آهي جو ڄڻ مبئيءَ جو ميمڻ پيو لڳي“، وغيره، وغيره.

ساري عمر شادي ڪانه ڪيائين، طبيعت جو تيز هوندو هو، تنهنڪري ذات ضائفان پئي سندس پاڇي کان ٽهندي هئي. البت مزاج ضرور مجاز آگين هوس، جنهن جو اسين ڪافي فائدو وٺندا ٿي رهياسين. پريي جي هٿ ۾ اسان جي قسمت جون واڳون هونديون هيون، اسان جي خرچيءَ جي رقم سندس حوالي هوندي هئي، ۽ اهو سندس اختيار هو ته اسان کي روزانو، ٽڪو يا آنو، خرچي ڏئي يا مورڳو نه ڏئي. سندس ٻيو نمبر پاور اهو هو ته مڪتب جي وقت پوري ٿيڻ بعد اسان کي ڪوٽ اندر موڪلي ڏئي يا ٻاهر گهمڻ ڦرڻ ۽ راند ڪرڻ جي مهلت ڏئي. تنهنڪري، پريي کي راضي رکڻ اسان لاءِ سخت ضروري هو. پر، پريو راضي ڪيئن ٿئي؟

هڪ ڏينهن ڏٺوسين ته مائي ڪؤڙي شيخياڻي دلا ڀرڻ کوهيءَ تي آئي، ۽ پريان پريو، بنڊ تي چڙهيو، ڏانهنس مُنهن ڪريو پيو مڇون مروٽي. ٻه - چار ڏينهن وڌيڪ نظر رکيسين، جنهن بعد يقين ٿي ويو ته جنهن وقت ڪؤڙي کوهيءَ تي اچي ٿي، ان وقت پريو به بلاناغي مڇون مروٽيندي اچي ٿو موقعي واردات تي موجود ٿئي.

پريي جي اها ڪمزوري معلوم ٿي ويئي، ۽ هينئر ان بنياد تي مستقبل جي ساريءَ پاليسيءَ جي پيڙهه رکي ڇڏيسين. مثلا=، ڪوڙيءَ جا ڪوڙا سلام آڻي کيس ڏيڻ، ڪؤڙيءَ کي ڪنهن پاسي ويندو ڏسي، ڊوڙي اچي اها ڳالهه سندس ڪن تي وجهڻ، ”کاڪوءَ کُٿابيءَ“ جي آندل خبر ته جنهن وقت پريو هٽ تي اچي ٿ و، ان وقت ڪؤڙي کيس ڏسڻ لاءِ لڪيو اچيو پنهنجي پُئيءَ ۾ بيهي ٿي، وغيره، وغيره ۽ جڏهن انهن خبرن جي قلعي کلڻ جو خطرو پيدا ٿيو، تڏهن کيس نئين ۽ وڌيڪ زوردار ڊوز ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿي. کيس چيوسين ته ”صالح چاچڙ خبر ٻڌائي آهي ته مَنگين جو مُلان اهڙا تعويذ لکي ٿو جو مطلوب مِهري انڌي اونڌي ٿيو اچيو ڇيڪوءَ اڳيان ڪِري!“ تصديق لاءِ خود صالح پيش ڪيو ويو. صالح تي اهو بار رکيو ويو ته پريي ۽ ڪؤڙيءَ واري معاملي لاءِ ملان کان تعويذ لکائي اچي. ڪجهه ڏينهن بعد صالح اچي قصو ڪيو ته ”ملان چوي ٿو ته تعويذ سان گڏ پليدا يا پليتا به تيار ٿيندا، جن جي سڙڻ شرط مِهريءَ جي پيرن کي اهڙي باهه لڳندي جو جيستائين ڇيڪوءَ سان نه ملندي، اوستائين اها باهه نه اُجهامندس. پر پليدن تيار ڪرڻ لاءِ هنن شين جي ضرورت آهي: وڏي چٻري جا ڪن، سِرڻ جون اکيون، سوندي جي چُهنب، ڪانءَ جي ڄڀ، بگهڙ جي کل، گدڙ جون مڇون، ۽ خود مطلوب مهريءَ جا ٻه - چار وار.“

ان ”تعميري پلان“ جي تڪميل جو فرض مون خاص پنهنجن ڪمزور ڪلهن تي هموار ڪيو. خود پريي کان فقط ايتري مدد گهري ويئي ته:

1. اسان جي روزاني خرچيءَ واريءَ رقم ۾ مناسب اضافو ٿئي، جيئن ان پلان جي ”فنانشل سائيڊ“ کڄي سگهي.

2. ڪوٽ کان ٻاهر رهڻ، ۽ جهنگن جهرن ۾ گهمي ڦري انهن اڻلڀ پکين ۽ جانورن کي هٿ ڪرڻ لاءِ سهوليت فراهم ٿئي.

3. 28 بور واريءَ بندوق جا ڪارتوس ڪافي انداز ۾ ملن، جيئن اهي جانور ماري سگهجن.

پريي سڀ سهولتون ڏيڻ قبول ڪيون: خرچي ٽَڪي مان وڌي ٻه آنا روز ٿي، ٻاهر گهمڻ ڦرڻ تان بندش لهي ويئي، جنهنڪري خوب شئل شڪار جا موقعا ملي ويا، ۽ ساڳيءَ طرح ڪارتوسن جي ڪمي پڻ ڪانه رهي، ڇو ته بنگلي جون ڪنجيون پريي جي حوالي هونديون هيون.

ان مهم هلندي، پريي هڪ ٻي ڊيوٽي پڻ منهنجي سپرد ڪئي: اُها هيءَ هئي ته منجهند ويل جڏهن گهر جا سڀ ڀاتي سمهي پون، تڏهن آءٌ کسڪي ٻاهر نڪري اچان ۽ سندس اڳيان ويهي، ”جانعالم ۽ انجمن آرا“ (1) واري قصي جو هڪ باب کيس پڙهي ٻڌايان. ان قصي سان مرحوم جي ڏاڍي دلچسپي هوندي هئي. ڪتاب (گلخندان) جنهن ۾ اها ڪهاڻي لکيل هئي،  هميشه پنهنجي پيتيءَ ۾ موجود رکندو هو، توڙي جو پاڻ هوندو اڻپڙهيل هو. جنهن وقت آءٌ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندو هوس، ان وقت پاڻ منهنجي پاسي ۾ ”همه تن گوش“ ٿي ويهي رهندو هو، ڪو چست يا دل ڀِڄائيندڙ جملو آيو ته اکين مان پاڻي اچي ويندو هوس - مڇ هر حال ۾ مروٽيندو رهندو هو.

ڪڏهن ڪڏهن ”موڊ“ ۾ هوندو هو ته سنهي آواز سان ”پيرل“ جي ڪافين جا ٿلهه به پيو جهونگاريندو هو: ”خوش ٿو گذارين منهنجا پرين، عاشق تنهنجا آهن عذاب ۾‍.“

دربانيءَ کان سواءِ، بورچيءَ جو ڪم به ڪڏهن ڪڏهن ڪرڻو پوندو هوس، جنهن فن ۾ ته پنهنجو مثال پاڻ ئي هوندو هو. پريي جو رڌل پلاءُ ۽ دم پختو، ۽ تتر جي سيخ مشهور هوندا هئا. ڏاڏي مرحوم جا جيڪي به دوست ايندا هئا، تن کي پريي جي رڌل طعام کائڻ کان سواءِ آرام نه ايندو هو. حقيقت به اها هئي ته جا لذت سندس هٿ جي رڌل شين ۾ هوندي هئي، تنهن جو مثال ڪونه هوندو هو.

پر وري به وڏو مدار ”موڊ“ تي هوندو هوس. مرحوم کي دم جي بيماري هوندي هئي، جنهنڪري طبيعت سخت غضبناڪ ٿي پئي هيس. ديڳڙن رڌيندي ڪا ناگوار ڳالهه ٿي پئي ته ديڳڙا لاهي اڇلائي ڇڏيندو هو. هڪ دفعي ته خود ڪوٽ مٿان اڇلائي ڇڏيائين. هفتي ۾ ٻه - ٽي دفعا پنهنجي رلهي رسيءَ ۾ ٻڌي، ”نوڪري ڇڏي وڃڻ“ لاءِ تيار ٿي ويهندو هو ۽ اعلان پيو ڪندو هو ته:

”پير شاهه (1) ٻاهر نڪري ته اُن کي ٻه اکر چئي، ساريءَ ڀونگيءَ کي باهه ڏيو وڃان ٿو، ۽ وري بهمڻ (2) ڏانهن جيئري به منهن نه ڪندس“. پر ڏاڏو مرحوم ٻاهر ايندو ته ان سان ڪو به اکر ڪڇي ڪونه سگهندو، اُن کي ڏسي خودبخود رلهي ڇوڙي ويهي رهندو.

ساري عمر مرحوم جي اها حالت رهي: غصو ايندس ته روانگيءَ لاءِ رلهي تيار ٿيندي، مانيءَ رڌڻ جو وقت آيو ته رلهي ڇوڙي ويهي ماني رڌيندو، ۽ شام کان اڳ ڪاوڙ ختم.

سڄو گهر سندس نازبرداري ڪندو ٿي رهيو - خانداني ملازم هو، سندس حق اهڙا ئي هئا، جهڙا ڪنهن به ٻئي گهر جي ڀاتيءَ جا.

هڪ موقعي تي اسان ۽ پريي جو پاڻ ۾ تڪرار ٿي پيو. مون سندس هَجو ۾ نظم تيار ڪري، شهر جي ڇوڪرن کي سيکاري ڇڏيو. رديف قافيي جو ڪو سوال ڪونه هو، مقصد مڙيوئي پريي کي چيڙائڻ ۽ تنگ ڪرڻ جو هو. نظم جو مهڙ -

پريا، اي چريا، اي کريا، اي خوار،
خبر رک کنگهندڙ خوار ۽ خراب -

ڇوڪرن ۾ ڏاڍو مقبول ٿي ويو. پريو جيڏانهن نڪري، پويان شهر جا ڇوڪرا وڏي آواز ۾ اهو ”شعر“ پڙهندا وڃن، پاڻ ڪاوڙجي پٺيان لٺ ڦيرائينِ. ته سندس زد کان زوريءَ ڀڄيو وڃن - غريب ڏاڍو تنگ ٿيو‍ هڪ دفعي باقاعدي ”ڪرائسس“ (crisis) اچي ويو. هڪ ڇوڪري (حمزي نالي شيخ) کي پئسو خرچي ڏيئي پئي ٽَنگن کي زور ڏياريائين. کيس اڃا ننڊ ئي ڪانه آئي هئي ته ڇوڪري جي زبان تي بي اختيار نظم اچي ويو، جيڪو هو جهونگارڻ لڳو:

پريا، اي چريا، اي کريا، اي خوار!

بس، پوءِ ته پريو بنهه باهه ٿي ويو. لت هڻي ڇوڪري کي کٽ تان هيٺ ڪيرائي ڦٽو ڪيائين. ڇوڪرو ڦٿڙي اڃا مس اُٿيو ته پاڻ لٺ کڻي اچي پٺيان پيس. ڇوڪرو اڳ ۾، پريو پٺ ۾! هلندي هلندي، ڇوڪري جي ماءُ، مائي الله جياريءَ جي باري ۾ پڻ ڪافي آزاد خياليءَ کان ڪم وٺندو ويو.

ڪجهه عرصي بعد تڪرار جا سبب رفع ٿي ويا، جنهنڪري اسان نظم ”وٿ ڊرا“ ڪري ورتو، ۽ پريي جون حالتون موٽي درست ٿي ويون!

لباس به عجيب غريب پهريندو هو. سياري ‘ساوڻ’ هيٺتي گرم بريچز، ۽ جسم تي ڪوٽ، مٿي تي پشميني بالڪلاوا قسم جي انگريزي ٽوپي، هٿ ۾ لٺ، کيسي ۾ (دم جي علاج طور) ڌاتوري جي پنن مان ٺاهيل ٻيڙيون، ۽ ماچيس. سياري جي موسم ۾ ڏينهن رات باهه جو مچ ٻاريو ويٺو هوندو هو. صبح جو تِڙڪو نڪرندو هو ته گهڙي پهر سج ڏانهن منهن ڪري ويهي لڱ ڪوسا ڪندو هو.


(1)  جنهن ٻڪر يا ليلي کي مسلمان ذبح نه ڪيو هوندو، ان جو گوشت نه کائيندا، پاڻ پنهنجن هٿن سان تڪبير ڪڏهن نه وجهندا.

(1)  ڪتاب جو نالو هو گلخندان، ۽ مصنف هوس آخوند لطف الله.

(1)  منهنجو ڏاڏو مرحوم.

(2)  اسان جي ڳوٺ جو نالو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org