سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اُهي ڏينهن اُهي شينهن

 

صفحو :7

 

شڪارپور

شڪارپور!... منهنجي پنهنجيءَ سانڀر اندر اپر سنڌ جي شوقينن جو شڪارگاهه هوندي هئي. سندن تمدن ۽ ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي، ٻين پاسن کان قدري نرالي! وڏي اؤج جا ڏينهن ڏٺائين. سنڌ ورڪي ڀائيبندن جو منجهس وڏو زور هو. سمرقند ۽ بخارا تائين ڌنڌو واپار ڪندا هئا، پر جا به ڪمائي ٿيندن، سا آڻي خرچ شڪارپور اندر ئي ڪندا هئا. وڏيون وڏيون محلاتون ٺهرايائون. شهر کي سينگارڻ ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪيائون. خير جي ڪمن ۾ کُليءَ دل سان خرچ ڪندا رهيا. ڊاڪٽر هالنڊ، مشهور اکين جي معالج، کي سال ۾ هڪ دفعو گهرائي، اکين جي مريضن جو مفت علاج ڪرائيندا هئا، ۽ ان طرح سان لکن ماڻهن جي بينائي بچي ويئي. هڪ ٻي وڏي اسپتال ٺهرايائون. پوين ڏينهن ۾ اپر سنڌ جو تنها ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ ئي کليو. هي سارا ڪم سندن خيرات وسيلي ٿيندا رهيا.

نه وري سندن رهڻي ڪرڻي ئي ڪا معمولي هوندي هئي. اميراڻي ٺٺ سان پيا زندگي گذاريندا. شهر اندر محلات، شهر کان ٿورو ٻاهر باغ، ۽ باغ ۾ بنگلو. شام جو سرود سماع جون محفلون. چونڊ ڳائڻ واريون پيون گهرائبيون، ڪڏهن لاهور مان، ڪڏهن بمبئيءَ مان، ۽ ڪڏهن ڪلڪتي مان. سال ۾ هڪ دفعو گاني جو وڏو مانڊو ٿيندو. هندستان جا مشهور گويا سڏجي ايندا. مقابلا ٿيندا، ۽ وڏا وڏا انعام وراهائبا.

انهن ڏينهن ۾ اڃا موٽرن جو رواج ڪونه پيو هو. سيٺين سواريءَ لاءِ ٻه - گهوڙيون وڪٽوريا گاڏيون رکيون هيون. اهي گاڏيون خواهه گهوڙا ڏسڻ وٽان هئا.

شام جو انهن گاڏين ۾ سوار ٿي، هواخوريءَ تي نڪرندا. لکي در جو ديدار ڪندا، وڃي پنهنجي باغ ۾ پهچندا. ”دارونءَ“ يعني شراب جون ٻاٽليون کلي وينديون. ”چهر بهر“ لاءِ لکي در جي مشهور هندو نانواين وٽان گهرايل پڪل گوشت جا ”ڪنڊا“ ۽ پٽاٽي چاپون موجود هونديون، ٿورو گهڻو ڳائڻ وڄائڻ جو انتظام به. چانڊوڪي رات، موتئي، رابيل ۽ گلاب جي گلن جي خوشبو، طبلي جي خفيف ٿاپ، سارنگيءَ جو سنهو سُر، ڪنهن خوشگلو نازنين جو مٺڙو آواز - غرض ته ساري سِين سندر، بلڪ سرڳ جو نمونو! ڀائيبند پاڻ آرام ڪرسين، کٽن يا پينگهن ۾ ليٽيا پيا هوندا. ڌوتين جي ور مان سونيون گينيون ڇوڙيون پيا طوائفن طرف اڇلائيندا. انهن ڏينهن ۾ نوٽ نڪتا هئا، پر ”ڪاغذي ناڻي“ جو اڃا قدر ڪونه هو. امير چانديءَ جي ٺوڙهي رپئي (ايڊورڊ ستين جو مٿو ٺوڙهو هوندو هو، ۽ جنهن صورت ۾ چانديءَ جي رپئي تي سندس شڪل هوندي هئي، تنهنڪري ماڻهو رپئي کي ٺوڙهو سڏيندا هئا) کي به هيچ سمجهندا هئا، تنهنڪري وقت جو معزز سِڪو هوندو هو سون جون گينيون!

شڪارپور ۾ آهستي آهستي مسلمانن به پنهنجو مقام پيدا ڪرڻ شروع ڪيو هو، پر اڃا تائين ”ڪامورو ڪلاس“ نه هئا. پٺاڻن جي حڪومت واري زماني جا امير انگريزن جي اچڻ کان پوءِ يا ته ٽڙي پکڙي وڃي ٻهراڙين ۾ رهڻ لڳا هئا، يا بنهه ڪمزور حالت ۾ رهجي ويا هئا. هينئر نئين سر، هيٺئين ۽ وچولي درجي جي ماڻهن انگريزي تعليم پرائي سرڪاري نوڪريون هٿ ڪرڻ شروع ڪيون هيون، ۽ اهو پيشو ئي سندن زندگيءَ جي اساس بڻجي چڪو هو.

مون کان اڳ شڪارپور ۾ ٻه ناميارا مسلمان وڪيل ٿي گذريا هئا: ميان محمد حسن ۽ ميان محمد شعبان محمد حسين مرحوم پنهنجي اولاد کي انگريزي تعليم ڏني.

سندس وڏو فرزند، ميان علي بخش، مرحوم رئيس ميان غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي انتقال بعد، 1920ع ڌاري، ڪائونسل آف اسٽيٽ جو ميمبر چونڊيو، ۽ جيستائين آزاد هندستان ۽ پاڪستان قائم ٿيا، سندس ميمبري قائم رهندي آئي. انگريزي معمولي ايندي هيس. ڪنهن به سياسي تحريڪ ۾ حصو نه ورتائين. جيڪي ويهه - پنجويهه ورهيه ڪائونسل آف اسٽيٽ جو ميمبر رهيو، شايد هڪ دفعي به تقرير نه ڪيائين، ۽ نه ڪڏهن ڪو سوال ئي پڇيائين. سندس ووٽ هميشه سرڪار طرف هوندو هو، ۽ پڇاڙيءَ واري زماني ۾ ته خانبهادريءَ جو لقب به مليس. سندس سياسي پاليسي درڪنار، بطور انسان جي ميان علي بخش سٺي سڀاءَ جو صاحب هوندو هو. ڏيندو نه، ته ڏکوئيندو به نه. مرحوم محمد حسين جو ٻيو نمبر فرزند، ۽ ميان علي بخش جو ٻيو نمبر ڀاءُ، خانبهادر نبي بخش، روينيو کاتي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو. هڪ زماني ۾ ڪمشنر سنڌ جو نيٽو اسسٽنٽ ٿي رهيو، ۽ وڏي ڌاڪي سان. ساري سنڌ پيئي سندس اڳيان نوڙندي هئي. انگريزن پاران ٻڌي - ڇوڙي سندس هٿ ۾ هئي. ڪيترن عهدن ماڻڻ کان پوءِ، بهاولپور رياست جو وزيراعظم مقرر ٿيو ۽ اتان پينشن ورتائين. ميان محمد حسين جو ٽيون نمبر فرزند، خانبهادر عبدالقادر، پڻ پنهنجي سرڪاري ملازمت جي ابتدا روينيو کاتي سان ڪئي. بطور مختيارڪار جي مقرر ٿيو، ڪجهه عرصي بعد ڊپٽي ڪليڪٽري مليس، ان کان پوءِ جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿيو. سنڌ جي ڪن ٻين ضلعن ۾ به ڪليڪٽري ڪمايائين. آخر ۾ وڃي جهوناڳڙهه رياست جو وزيراعظم مقرر ٿيو.

ميان محمد شعبان پڻ پنهنجي زماني ۾ وڏو وڪيل ليکيو ويندو هو، پر مون ڪونه ڏٺو. منهنجي واقفيت سندس پوٽي، ميان غلام قادر سان ٿي. اهو نيڪ انسان هينئر به حيات آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ پيو رهي. ڪجهه عرصو گڏيل هندستان جي سينٽرل اسيمبليءَ جو ميمبر به هو. ساريءَ حياتيءَ اندر شايد ڪنهن به بني بشر کي ڪونه ڏکويو هوندائين.

شڪارپوري مسلمانن جو ٻيو برسراقتدار خاندان، شيخن جو هوندو هو، جنهن جو مورث اعليٰ شيخ صادق علي مرحوم، وزير خيرپور، هو. سندس پنهنجا فرزند ۽ سندس خاندان جا ٻيا فرد، انگريزي پڙهي، نوڪرين ۾ گهڙي پيا. ڊپٽي ڪليڪٽري ۽ انڪم ٽيڪس آفيسريءَ کان مٿي ڪونه چڙهيا، پر تعداد جي لحاظ سان ان خاندان جي پکيڙ ڪافي رهي.

منهنجين پنهنجين اکين اڳيان شڪارپور جي شهرت جو ڪارڻ ٽي ماڻهو هئا-

منشي پوڪرداس ۽ سندس سنڌي ڇاپخانو. پوڪرداس پاڻ اڳ مري ڇڪو هو، پر سندس پويان سندس ڪاروبار پوءِ به هلائيندا ٿي رهيا. جيڪڏهن سنڌي زبان اڄ تائين حيات آهي، ته ان جو هڪ سبب پوڪرداس جو ڇاپخانو به آهي. ان ڇاپخاني جي وسيلي اڌ صديءَ تائين سنڌي ڪتاب ڇپبا رهيا. پوڪرداس جي حيثيت سنڌي زبان جي تاريخ ۾ اُهائي آهي، جا اردو زبان جي حالت ۾ لکنؤ واري منشي نولڪشور کي حاصل ٿي. سرڳواسيءَ سوين ڪتاب لکرايا ۽ هزارين جلد ڇاپي پڌرا ڪيا. سندس مقابلي ۾ سکر جي ماستر هريسنگهه به پوءِ ساڳيو ڪاروبار شروع ڪيو، ۽ زبان جي وڏي خدمت ڪئي، پر پوڪرداس جو ڪاروبار وڌيڪ وسيع هو. سنڌي زبان جي ڪا به تاريخ اوستائين مڪمل ٿي ڪانه سگهندي، جيستائين ان ۾ سنڌيءَ جي انهن ٻن محسنن، يعني پوڪرداس ۽ هريسنگهه، جو ذڪر نه هوندو.

ديوان بهادر مرليڌر، شڪارپور جو وڏي ۾ وڏو وڪيل هو. شاهد جي آڏيءَ پڇا لاءِ اٿندو ته مقدمي جون ٿڳڙيون نڪري وينديون. شڪارپور ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ به چونڊيو، انگريز حڪومت ديوان بهادريءَ جو لقب به ڏنس، پر سندس اصلي مقام قاعدي قانون جي دنيا اندر ئي هو. سالن جا سال سندس نالو بطور چوڻيءَ يا مثال جي ڪتب ايندو رهي. چي، ”ائين پيو ڳالهائين، ڄڻ مرليڌر آهين“!

شڪارپور جي شمع اجهامڻ کان اڳ هڪ آخري ڀڙڪو کاڌو، ۽ ان ڀڙڪي جو نالو هو خانبهادر الله بخش سومرو. پر ان مرحوم جو ذڪر ٻيءَ جاءِ تي ايندو، تنهنڪري هت سندس وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ڏيان.

شڪارپور هينئر زبون حالت ۾ آهي. سکر بئراج نڪرڻ بعد سم سيلاب شهر کي گندو ڪري ڇڏيو. 1947ع ۾ قائم ٿيو پاڪستان. سنڌ ورڪي ڀائيبند، ڪاروبار بند ڪري، هڪدم هندستان ڀڄي ويا. سندن محل حوالي ٿيا مسلمان مهاجرن جي. مهاجرن وٽ انهن محلن کي سنڀالڻ ۽ قائم رکڻ جا ذريعا ڪين هئا. نتيجو اهو نڪتو جو جت اڳ ماڙيون هيون، اُت مٽيءَ جا دڙا آهن. جتان اڳ گوهر جان، امير جان ۽ امرناٿ جا آلاپ پيا ايندا هئا، اتان اڄ چٻ جي لات به ڪنن تي ڪانه ٿي پوي.

واپار جي لحاظ سان پڻ ڪن ڏينهن ۾ شڪارپور چوٽ تي هئي. سنڌ ورڪي هندن جي وسيع بيروني واپاري تعلقات جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. پر خود شڪارپور شهر اندر به وڏو ڪاروبار پيو هلندو هو. جا شي ٻئي ڪنهن به شهر مان نه ملندي، سا شڪارپور مان آسانيءَ سان ميسر ٿي سگهندي. مثلاً، هر قسم جي جواهرات، قيمتي دوائون، زريون، ڪيمخاب، ريشمي ڪپڙو، پشمينو، سيمور جون کلون، سون چانديءَ جا زيور، ڪابل ۽ قنڌار جا ميوا، وغيره وغيره.

شڪارپور جو حلوو جنهن کاڌو هوندو، تنهن کي ئي ان جي لذت جو احساس هوندو، باقي عام کي ڪهڙي مام! ڍڪيل بزار جي وچ ۾ هڪ چونڪ هوندو هو، جنهن کي چبوترو سڏيندا هئا، ۽ ات ئي ان تاريخي حلوي جا دڪان هوندا هئا. آيو ويو پيو ڍرندو هو. ساڳيءَ طرح ان شهر جو آچار پڻ مشهور هوندو هو. هر شي مان آچار ٺاهيندا هئا- انبڙين مان، ڦاروَن مان، ليمن مان، ڪلويڙين مان، سيانتي جي ڦرين مان، ڏُؤنرن مان. هر شڪارپوري ميزبان جي دسترخوان تي ٻيون ڪهڙيون به ”ست رڇيون“ هجن، پر ٽي - چار شيون ضرور نظر اينديون: ساڳ ۾ رڌل گوشت، موسم هوندي ته پلو، آچار ۽ حلوو. پويانڙي ٿي ته چانهه نه، پر ٿاڌل، برف ۾ ٺريل - ڀنگ جي لغار هجيس يا نه، تنهن جو مدار مهمان جي پنهنجي ذوق سليم تي. گرميءَ جي موسم ۾ سنڌ واهه جو ڪنارو هوندو. سارو ڏينهن ميلو لڳو پيو هوندو شوقين، واهه ۾ انب اڇلايو، تڙڳي پيا ٻاهر ڪڍندا ۽ چوسيندا. سج لٿي کان پوءِ لکي در آباد ٿيندو. چئني پاسين کاڌي جون هوٽلون، شربت ۽ سوڍا لمليٽ جون سبيلون، بجليءَ جا پکا ۽ بتين جي چانڊاڻ. سواءِ لولن، لنگڙن ۽ ناڪاره انسانن جي، باقي هر چرندڙ پرندڙ ماڻهو شام ويلي لکي در جو ديدار ضرور ڪندو. لکي در جي سير لاءِ ڊريس فارمل (formal) هوندي. ململ يا سنهي وائل، يا الله ڏئي ته بوسڪيءَ جو پيراهن، ڳچيءَ جو ڳلو لازماً کليل، جيئن ڳچي ۽ سينو ظاهر رهي، هيٺتي گوڏ، ڳچيءَ ۾ موتئي جو هار، هڪ هٿ ۾ پکو، ٻئي هٿ ۾ رومال. لڙيءَ رات تائين پيا چونڪ ۾ گهمندا ڦرندا، ٿڪبا ته هوٽل ۾ ويهي شربت جو گلاس پيئندا، سگريٽ ڇڪيندا، ۽ اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪندا-

”ڇڏ يار، ڳالهه ڪهڙي پيو ڪرين؟“

”تون ته ڪو پڪشٽ پيو ڏسجين!“

گهوڙن جي پڻ وڏي مارڪيٽ شڪارپور ۾ ئي هئي. سٺن گهوڙن ڌارڻ جو خاص شوق هوندو هون. سنڌ جي جنهن به ماڻهوءَ کي سٺي گهوڙي خريد ڪرڻ جو ارادو ٿيندو ته شڪارپور جو سفر اختيار ڪندو. ساڳيءَ طرح ٽانگن ٺاهڻ جا ڪارخانا پڻ ڪثرت سان هوندا هئا. ٽانگا هلڪا پر مضبوط ٺاهيندا هئا، ۽ تمام سهڻا ۽ ”جوپوان“!

شڪارپور جو اصلي بنياد لکيءَ جي دائود پوٽن وڌو، ۽ انگريزن جي آمد کان صدي يا ڏيڍ صدي اڳ. دائودپوٽن کي ڪلهوڙن ڀڄائي بهاولپور پهچايو، ۽ ڪلهوڙن جو ڪم وري پٺاڻن پورو ڪيو، ۽ ان طرح سان پويون سارو عرصو شڪارپور پٺاڻن جو مرڪز بڻي رهي. ڪلهوڙن جي جانشين ٽالپر حاڪمن، شڪارپور کي وري هٿ ڪرڻ لاءِ، وقت بوقت ڪوششون ضرور ڪيون ۽ ڪيئي ڀيرا مقابلا ۽ جنگيون به ٿيون، پر پٺاڻن جي پاڙ پٽجي ڪانه سگهي. آخر انگريز آيا، جن پٺاڻن کي خارج ڪري شڪارپور کي ضلعو بڻايو. ان طرح پٺاڻن جي حڪومت ته ختم ٿي ويئي، پر سندن رنگ پوءِ به قائم رهجي ويو، ۽ اڄ تائين موجود نظر ايندو. مرد ڀورا، سهڻا، قداور، ۽ عورتون پنهنجو مثال پاڻ. سنڌ جي ڪنهن به حصي ۾ خوبصورتيءَ جي ايڏي پرسنٽيج (Percentage) نظر ڪانه ايندي، جيتري شڪارپور اندر. شڪارپور جي مفصل تاريخ لکندڙ کي مرزا عطا محمد جو ڇڏيل روزنامچو ضرور نظر مان ڪڍڻو پوندو. ٻيءَ صورت ۾، کيس پتو ئي ڪونه پوندو ته ساريءَ سنڌ اندر  شڪارپور کي انساني حسن جي معاملي ۾ اهو مقام ڇو ۽ ڪهڙيءَ طرح حاصل ٿيو.

خانبهادر الله بخش مرحوم

شڪارپور جو ذڪر ڪندي عرض ڪيو اٿم ته شڪارپور جي شمع اجهامڻ کان اڳ هڪ ڀڙڪو کاڌو هو، ۽ ان ڀڙڪي جو نالو هو الله بخش مرحوم.

مرحوم خانصاحب محمد عمر جو فرزند هو. گهراڻي جو ڌنڌو هو ٺيڪيداري، ۽ بعد ۾ ٺيڪيداريءَ سان گڏ زمينداري به. ان خاندان جي تاريخ مرحوم محمد عمر سان شروع ٿي. جنهن وقت سندس انتقال ٿيو، سندس فرزند مرحوم الله بخش جي عمر پنجويهه ورهيه کن هئي. انگريزي تعليم ڇڏي، ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. ڪاروبار ۾ هينئر پهريون دفعو سياست به شامل ٿي. پهرين لوڪلبورڊ جو ميمبر، پوءِ پريزيڊنٽ چونڊيو. ستت ئي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر منتخب ٿيو. 1937ع ۾ سنڌ جو جدا صوبو قائم ٿيو ته پاڻ به وري نئينءَ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1938ع جي مارچ مهيني ۾، سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت ڪِري، ته الله بخش مرحوم چيف منسٽر بڻيو. منزلگاهه وارن فسادن کان پوءِ، سال کن لاءِ وزارت کان ٻاهر رهيو، پر 1941ع ۾ ٻيهر وزارت عظميٰ مليس. 1939ع کان ٻي عالمگير جنگ شروع ٿي چڪي هئي. 1942ع ۾ ڪانگريس فيصلو ڪيو ته ماڻهو انگريزن وٽان مليل لقب واپس ڪن. مرحوم الله بخش به خانبهادريءَ جي لقب تان استعيفا ڏني. سنڌ جي انگريز گورنر، سر هيوڊو، ان قدم کي حلف وفاداريءَ جي ڀڃڪڙي ٺهرائي، آڪٽوبر 1942ع ۾ کيس وزارت مان ڊسمس ڪيو، ۽ سندس جاءِ تي سر غلام حسين کي (جو خود الله بخش وزارت ۾ هوم منسٽر هو) وزيراعظم مقرر ڪيو. آڪٽوبر 1942ع کان مئي 1943ع تائين، مرحوم سياسي ۽ فلسفيانه ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهيو. اوائل مئي 1943ع ۾، شڪارپور شهر اندر، حرن جي هڪ ٽولي کيس شهيد ڪيو. حرن کي ڏانهنس هيءَ شڪايت هئي ته سندس وزارت جي زماني اندر مارشل لا لڳو هو، جنهن جي دوران ۾ (مارچ 1943ع) حڪومت خود پير صاحب پاڳاري رحمت الله عليہ کي ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيو هو.

هر نئين ملڪ جي زندگيءَ جا پهريان ٻه - چار سال تمام اهم ۽ فيصلي ڪُن ٿين ٿا. انهن ئي ابتدائي ڏينهن اندر سياسي ۽ اخلاقي اصولن ۽ قدرن جو بنياد پوي ٿو، ۽ قومي زندگيءَ واريءَ عمارت جي پيڙهه جا پهريان بار رکيا وڃن ٿا. اهي بار جيڪڏهن صحيح آهن ته ساري عمارت صحيح طريقي سان مٿي کڄندي، پر جيڪڏهن ان موقعي تي ڪا وڏي غلطي سرزد ٿي ويئي ته پهرين ته عمارت ئي ڪانه جڙندي، پر جيڪڏهن جڙي به، ته پائدار ثابت ڪانه ٿيندي.

سنڌ، سال 1937ع ۾، بمبئيءَ کان ڇڄي جدا صوبو بڻي. 1937ع کان 1947ع تائين ان جي نئين قومي زندگيءَ جو بنياد پوندو رهيو، پر غلط اصولن تي، جن سياست جا غلط قدر (Values) وجود ۾ آندا، ۽ آخر خود صوبي کي ئي نهوڙي ڇڏيو.

جدا ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي سياسي زندگيءَ تي سنڌ جا وڏيرا صاحبان ۽ پير صاحبان، پنهنجي دولت، راڄوڻي اثر، ۽ پيريءَ - مريديءَ جي آڌار تي، هڪدم ڇانئجي ويا. نه ڪا مستقل سياسي پارٽي ٺهڻ ڏنائون، نه سياست جو مدار ئي ڪن مفيد اخلاقي اصولن تي رکڻ ڇڏيائون.

جن “اصولن تي جدا سنڌ جو سياسي ڪاروبار هلڻ لڳو، سي، مختصراً، هي هئا:

(1) وزير هر حال ۾ ٿيڻو آهي، ۽ وزير ٿيڻ کان پوءِ هر حال ۾ بطور وزير جي قائم رهڻو آهي، پوءِ ان مقصد جي حصول لاءِ ڪيتريون به پارٽيون ڇو نه بدلائڻيون پون، ۽ پنهنجن واعدن ۽ قولن ۽ اصولن تان ڪيترا ڀيرا به ڇو نه ڦرڻو پوي.

(2) جو عرصو وزير رهجي، محض پاڻ کي متاري ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ مصروف رهبو اچجي.

(3) سنڌ جي عوام جي ڀلائيءَ جو ڪو سوال ئي ڪونه هو، ڇو ته جنهن شي کي سياسي اصطلاح ۾ عوام سڏيو ٿي ويو، تنهن شي جو وجود ئي تسليم ڪونه ٿي ڪيو ويو. سندن خيال مطابق، سنڌ جا ماڻهو ٽن حصن ۾ وراهايل هئا: (الف) پير ۽ وڏيرا، جن جو پيدائشي حق هو وزارت ۽ حڪومت ڪرڻ، (ب) ڪامورا، جن جو ورثو هو مسلماني ٽڪيٽ تي نوڪريون وٺڻ، ۽ نوڪرين وٺڻ کان پوءِ هڪ طرف وڌيڪ ترقيءَ جو سعيو ڪرڻ ۽ ٻئي طرف پنهنجي پيٽ جي چيٺ ڪرڻ، ۽ (ج) ٻهراڙيءَ جا انگ اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا، لکين ڳوٺاڻا، جن لاءِ اها ئي سعادت ڪافي هئي ته سندن سر تي وڏيرن ۽ پيرن جو سايو دائم ۽ قائم رهندو اچي.

(4) سياسي پارٽي هرگز ٺهڻ نه ڏجي، ڇو ته سياسي پارٽي ٺهندي ته ان جو رخ ٿيندو عام ماڻهن ڏانهن، ۽ عام ماڻهن سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ته وڏيرڪي ”هڪ هٽيءَ“ جا وکا پڌرا ٿي پوندا. تنهنڪري اهڙي زهريلي سلي کي مورڳو اسرڻ ئي نه ڏجي.

(5) ان اُصول پٽاندر، ۽ وقتي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ، وقت بوقت، جيڪا طاقت چوٽ چڙهيل ڏسجي، تنهن جي پاٺ پوڄا شروع ڪرڻ ۾ دم جي دير وجهڻ نه گهرجي، پوءِ اها طاقت هندن جي ڪانگريس هجي يا مسلم ليگ، يا ڪنهن خاص شخص جي وقتي مرڪزي حيثيت. مطلب ته هر موقعي جو فائدو وٺجي، ۽ جنهن به چشمي ۾ سياسي پاڻيءَ جو ڪو چڪو نظر اچي ته چهنب تنهن ۾ ئي چڀائجي.

صوبي جي سياست جو اهو ئي پس منظر هو، جنهن جي اڳيان مرحوم الله بخش نئينءَ سنڌ جي پوليٽيڪل ميدان اندر قدم رکيو ۽ ڪاروبار هلايو. هينئر پاڻ مرحوم موجود نه آهي، سندس زندگي ۽ سياست ٻيئي ختم ٿي چڪيون آهن. سندس حياتي هلندي، يقيناً منهنجا ساڻس اختلاف رهيا، پر هينئر هو دنيا جي سمورين آلائشن کان آزاد ٿي آخري آرام ۾ آهي. تنهنڪري هن وقت آءٌ اڳوڻي اختلافي ڪيفيت کان هٽي، آسانيءَ سان سندس سياست جو تجزيو ڪري سگهان ٿو. منهنجي راءِ اها آهي ته ان وقت جي حالتن ۽ رقابتن سارو، پنهنجن سمورن همعصرن اندر مرحوم جو مقام ڪافي مٿانهون هو.

صحيح يا غلط، پر سندس رفاقت هڪ ڀيرو ڪانگريس سان ٿي ويئي هئي. ان رفاقت کي پڇاڙيءَ تائين قائم رکندو آيو. وزارت ويئي، سياست چڪر ۾ پئجي ويئي، پر ڪانگريس سان اها قرابت آخر دم تائين قائم رهندي آئي. ڪانگريس جي اثر هيٺ اچڻ ڪري، سندس نظريو هيءُ ٿيو ته “مذهب جي بنياد تي ملڪي ورهاڱي سبب وڏا ڏڦيڙ پوندا، سياست اندر مذهب جي ڪار فرمائي، مجموعي طور تي، ۽ نتيجي جي اعتبار کان، نيٺ هڪ ڏينهن نقصانڪار ثابت ٿيندي، ۽ ممڪن آهي ته ماڻهن کي ڪنهن منزل تي رسي، خود مذهب کان بيزار ٿيڻو پوي: تنهنڪري سياست جو بنياد مذهب تي نه، پر تنها اقتصاديات تي هجڻ گهرجي.“

سندس خلاف وڏا طوفان کڙا ٿيا، هڪ - ٻه ڀيرو ته پنهنجي حياتيءَ کي به خطري ۾ ڏٺائين، پر هڪ دفعي جي معين ڪيل نظريي تان پڇاڙيءَ تائين نه هٽيو.

سندس وزارت هلندي، منزلگاهه جي تحريڪ شروع ٿي. مسلمانن جي مذهبي جوش جو عالم سندس اکين اڳيان هو. محسوس ٿي ڪيائين ته جيڪڏهن مسلمانن جو اهو مطالبو منظور نه ڪيو ويو ته پنهنجيءَ قوم اندر سندس وقار کي سخت نقصان پهچندو. مون پاڻ هڪ ڀيرو، منهن چڙهي وڃي چيس ته ”جيڪڏهن مسجد واپس نه ڏيندين ته نقصان پرائيندين، جيڪڏهن ٿورو نرم ٿيندين ته صلح صلاحيت جي سبيل پڻ نڪري سگهي ٿي.“ پر جواب ڏنائين: ”جيستائين مون ان فتني کي زور سان ختم نه ڪيو آهي، اوستائين ان موضوع تي مورڳو ڪنهن گفتگو ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهيان!“ انهن ڏينهن ۾ منهنجي به جواني هئي، ۽ جواني به جوش سان ڀريل. آءٌ اٿي کڙو ٿيس. چيومانس:”آءٌ پڻ توسان واعدو ڪريان ٿو ته جيستائين توکي وزيراعظم جي هن بنگلي مان خارج نه ڪرايو اٿم، اوستائين هن بنگلي ۾ وري قدم نه رکندس!“ ۽ ان چئلينج ڏيڻ کان پوءِ، منزلگاهه جي فائدي ۾، ۽ مرحوم جي خلاف، مون به حال سارو ڇيهه ڪري ڇڏيا. فساد ٿيا، مقدما هليا، ۽ خونريزي ڏسي، خود هندن کي کيس ڪجهه عرصي لاءِ وزارت کان ۽ وزيراعظم جي بنگلي مان خارج ڪرڻو پيو، پر مرحوم پاڻ نه ڪڏهن ڪمزوري ڏيکاري ۽ نه ڪا ٻولي ئي ٻي ٻولي. آخر ڏٺو ويو ته ٻول ٻنهي جا پَريا: پنهنجن هٿن سان منزلگاهه مرحوم ڪانه ڏني، وزيراعظم جي بنگلي ۾ ٻيهر منهنجو قدم به اوستائين ڪونه پيو، جيستائين مرحوم جو پنهنجو قدم اتان ٻاهر نڪري نه چڪو هو.

ڪيترين ٻين ڳالهين ۾ به الله بخش، پنهنجن همعصرن ۽ رفيقن کان بلڪل مختلف هو. مثلاً، هن صاحب وزارت جي سطحي اعزازن ۽ نمائشي پهلوئن کي ڪڏهن به استعمال نه ڪيو. نه سندس موٽر تي جهنڊي جهُلي، نه سندس سواريءَ وقت رستا بند ٿيا يا رستن تي باوردي پوليس بيٺي، نه پوليس جو گارڊ آف آنر ورتائين، ۽ نه اڳواٽ حڪم ڪري يا پروگرام ڪڍي استقبال لاءِ مجمعا ئي ڪٺا ڪرايائين. سندس اعزاز ۾ نه ڊنر ٿيندي، نه پارٽي، ۽ نه وري لوڪلبورڊ يا ميونسپل طرفان ڪا ايڊريس ئي پيش ٿيندي، جا چانديءَ جي قلمدان ۾ مڙهجي اچي سندس بنگلي جي سينگار جو سبب بڻجي. پير جو تمام هلڪو - ڪم پيو يا ضرورت پيش آئي ته دوست ڇا، زيردست وٽ به لنگهي ويندو. ڪپڙا تمام سادا پائيندو، پڇاڙيءَ ۾ ته جوڙي پهرڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن معمولي سوٽ، نه ته عام طرح سان سادو سنڌي وڳو. پير ۾ پهرين بخمل جو نرم سليفر، ۽ پڇاڙيءَ واري زماني ۾ پشاوري چپل. خاص موقعو هوندو ته شيرواني به ڍڪيندو. مٿي تي ٽوپي ته ترڪي، نرم، نه گانڌي ٽوپيءَ جي ويجهو، نه جناح ڪئپ جي قريب. موٽر ۾ چڙهندو ته پاڻ ڊرائيور جي ڀر ۾ ويهندو. ۽ پويان اعزازي جاين تي سنگتين کي ويهاريندو. ريل جو سفر ڪندو ته ساٿي هيٺين سيٽن تي سمهندا ۽ پاڻ مٿئين تختي تي پئجي رهندو. ڪم جي پٺيان پوندو ته ڪيترو وقت به، بغير ننڊ يا آرام جي پيو هلندو، پر جي ننڊ جو خيال ڪيائين ته فقط اکين ٻوٽڻ جي دير هوندي، پوءِ ڪرسيءَ تي ويٺل هجي يا ٽانگي تي چڙهيل. پڄي سگهندس ته نيڪي ڪندو، هٿ وٺي نقصان دشمن کي به نه رسائيندو. ڪاوڙ ڪيتري به هجيس، پر تِکو يا اُگرو اکر سندس وات تي هرگز نه ايندو. ڏکويل هوندو، ته به سندس چهرو ان ڪيفيت جي غمازي ڪرڻ کان عاجز پيو نظر ايندو. ٻيا وزير، وقت جو فائدو وٺي، ڀل پيا ڀڀ ڀرين، پر الله بخش لاءِ ”بالائي آمدني“ حرام هوندي. پڇاڙيءَ ۾ انتقال ٿيس ته مقروض حالت ۾، حالانڪ پنهنجي اباڻيءَ جائداد مان آمدني ڪافي هوندي هيس. مهمان نواز هو، ۽ هٿ جو ڇوٽ، جنهن کي ڏنائين، وري نه پچاريائين. خيرات سڄي هٿ سان ٿي، ته کٻي هٿ کي ڪا خبر ڪانه پيئي. پويان ڏينهن قرآن مجيد جو مطالعو ڪندو رهيو، ۽ سوشلزم ۽ اقتصادي مسئلن جو اڀياس.

ابتدائي دؤر ۾، سندس وزارت هٿان ڪيترا چڱا ڪم ٿيا. مثلاً، درٻارين جو پراڻو رواج ختم ڪيو ويو، ڪمشنرن ۽ ڪليڪٽرن جي ڪرسين جا پروانا پورا ٿي ويا. لوڪلبورڊن ۽ ميونسپالٽين مان سرڪاري ٿاڦيل ميمبرن کي نيڪالي ملي، ورنه اڳ انهن ٿاڦيل ميمبرن جي ذريعي ڪامورا شاهي لوڪل باڊيز جي ڪاروبار ۾ گهڻي دست اندازي ڪندي هئي، سياسي قيدي آزاد ڪيا ويا، ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي به اجازت ملي ته جلاوطني ختم ڪري ڀل واپس اچي، ۽ پوءِ ستت ئي هو صاحب مڪي شريف مان روانو ٿي اچي سنڌ ۾ پهتو. اڳ وڏيرن کي اسپيشل ماجسٽريٽيءَ جا پاور ڏنا ويندا هئا، جن جي آڌار تي هو پاڙي پنبي تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو ويٺا هوندا هئا، پر الله بخش مرحوم ان رسم کي به رد ڪري ڇڏيو، توڙي جو ايم. ايل. اي. وڏيرا ڪيتري عرصي تائين ٻاڪاريندا رهيا، نظر بظاهر، توڙي جو اهي چڱا ڪم الله بخش مرحوم هٿان ٿيا، پر اها ڳالهه پڻ وسارڻ مناسب نه ٿيندي ته انهن قدمن کڻڻ لاءِ فضا تيار ڪرڻ ۾ وڏو هٿ جي.ايم. سيد جو هو.

الله بخش مرحوم جون ٻه - ٽي طبعي خصوصيتون پڻ بلڪل نمايان هونديون هيون:

(1) ضروري ڳالهه فقط پاڻ تائين محدود رکندو، پنهنجي اندر جو منجهه ڪنهن کي به نه ڏيندو، ۽ نه وري سندس منهن مان ئي ڪا ڳالهه بکندي.

(2) ڀروسو فقط پاڻ تي ڪندو. سندس خيال هوندو هو ته هر ڪم چڱيءَ طرح سان، محض پاڻ ئي سرانجام ڪري سگهندو، نه ڪو ٻيو. اهو ئي سبب هو جو هر عمل پنهنجي دماغ اندر محفوظ رکندو، نه ڪنهن سان دلي حال اوريندو ۽ نه تقسيم عمل ئي ڪندو. منهنجو خيال آهي ته مرحوم لاءِ اها خصوصيت سخت نقصانڪار ثابت ٿي. ليڊر لاءِ ضروري آهي ته پنهنجو وقت گهڻي ۾ گهڻو سوچڻ ۽ بنيادي اصولي ڳالهين بابت فيصلن ڪرڻ ۾ صرف ڪري، تعميل جو ڪم ٻين تي ڇڏي، ۽ ان مقصد لاءِ پهرين چڱن ماڻهن جي ڳولا ۽ چونڊ ڪري، کين پنهنجي چوگرد رکي. جنهن ليڊر دماغي ۽ جسماني ٻئي ڪم ڪرڻ پنهنجي ذمي ڪيا، سو ڪجهه وقت کان پوءِ دماغي طرح ٿڪجي پوندو، غلطيون ڪندو، ڪنهن به طرف پوري پئجي ڪونه سگهندو، ۽ نيٺ خاص پنهنجين ئي غلطين وگهي منجهي مرندو. الله بخش مرحوم جو اصول ان جي ابتڙ هو، هو هر ذمه واري پنهنجي سر تي رکندو هو.

(3) اميد ۽ ڪاميابيءَ جو آسرو. هر چونڊ ۽ هر مقابلي ۾ اٿندو، ته ان ارادي سان ته ڪاميابي ضرور حاصل ٿيڻي آهي. اندر ۾ ڪيترين به ڪمزورين جو احساس هوندس، پر ساٿين ۽ ورڪرن تي اُهي ڪمزوريون هرگز ظاهر نه ٿيڻ ڏيندو. پاڻ کين وڏا وڏا آسرا ڏيئي، آخري دم تائين مقابلي جي ميدان ۾ مڙيو ئي اڳتي وٺيو پيو هلندو. ان اصول تي ۽ اهڙي يقين ڪامل سان قدم کڻندي، ڪيترا ڀيرا کيس اهڙن معاملن ۾ ڪاميابيون حاصل ٿيون، جي پهرين ناممڪن نظر ٿي آيا. سندس اصول هو ته شڪست پاڻ ڪڏهن به نه ٻولجي، آخر ساعت تائين ڪوشش ڪبي اچجي، امڪان آهي ته پنهنجي استقلال ۽ استقامت ڪري وقت گذرندي، حالتون ڦري پون، ۽ جا شي ڪنهن وقت ناممڪن نظر ايندي هجي، سا ممڪن ٿي پوي.

(4) سياست جي لاهن - چاڙهن سبب دلگير نه ٿيندو. سياست ۾ ڪنهن وقت جاءِ نه رهي يا شڪست آئي، ته هڪدم پنهنجي خانگي ڪاروبار ۾ لڳي ويندو، ۽ عارضي طرح خوش رهندو: نه دماغي توازن وڃائيندو، نه رودن ڪندو، نه بيصبر ۽ بيتاب ٿيندو، نه ڪامياب مخالف جي قدمن تي ڪرندو، نه مايوس ٿي ۽ هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي ذليل ئي ڪندو. وقت جي ڪارفرمائيءَ ۾ وڏو ڀروسو هوندو هوس.

(5) هر مسئلي جي انگن اکرن ۽ بنيادي حقيقتن واري پهلوءَ تي خاص زور ڏيندو، جذباتي لَڙهي ۾ لُڙهندو. سندس تقرير ۾ نه شاعري هوندي، نه ادبي رنگ، نه جذباتي چشڪو - انگ اکر، ٺلهي حقيقت، ۽ ٺيٺ منطق.

شڪل صورت جي معاملي ۾ مرحوم کي ڪا غير معمولي وجاهت حاصل ڪانه هئي. قد منڌرو، جسم هلڪو، رنگ ڪڻڪ ونو، چهرو مستطيل، نڪ ڊگهو، پيشاني ڪشادي، هٿ ۾ گهڻو ڪري پينسل رکندو، ۽ تقرير ڪندي به پينسل کي پيو آڱرين ۾ ڦيرائيندو. البت، اثر جي لحاظ سان سندس چهرو ڏسي، هر ماڻهو کيس بامايي، وزندار ۽ اهم خيالن جو حامل سمجهندو. جو شخص هڪ دفعي سندس ويجهو آيو، سو گهڻو ڪري هميشه لاءِ ساڻس گڏيو هلندو. پاڻ به سنگتين ساٿين کان ڌار رهڻ پسند نه ڪندو. جيڏانهن ويندو، اڪيلو نه ويندو، هڪ - ٻه ساٿي ضرور پاڻ سان گڏ کڻيو وتندو. سندس شخصيت ۾ يقيناً هڪ خاص قسم جي جاذبيت هوندي هئي.

ڪريم بخش ٽانوري

جيڪڏهن ميان ڪريم بخش ٽانوريءَ جي وقتي مدد نه پهچيم ها ته منهنجي اخبار نويسي اُپڙي ئي ڪانه ها، ۽ آءٌ بطور اخبار نويس جي اسٽيج تي اچي ئي ڪونه سگهان ها.

سال 28 - 27 - 1926ع ۾، حنفي ۽ وهابي علمائن ۽ پيرن جي وچ ۾ سخت جهيڙو ڇڙي پيو هو. سڪون جا ڏينهن هئا، حڪومت انگريزن جي سپرد، انتظام سٺو، امن امان، کاڌي پيتي جي ڪا تڪليف ڪانه، ملڪ ۾ هر شي سهانگي ۽ عام، تنهنڪري مذهبي ۽ فرقيوارانه ڇيڙ ڇاڙ لاءِ وقت تمام موزون ٿي پيو. جيڪڏهن ستت ئي هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ فساد شروع ٿي نه پون ها، ته مسلمانن جا اهي باهمي جهيڙا هوند ڪو وڏو خلم مچائين ها.

جن ڏينهن جو آءٌ قصو ڪري رهيو آهيان، انهن ڏينهن ۾ سنڌ جا علما ِّ ۽ مذهبي رهبر ٻن پارٽين ۾ ورهائجي ويل هئا. هڪ پارٽي، يعني غير مقلد پارٽي، جي روح روان ”الوحيد“ اخبار هئي. مولانا دين محمد صاحب ”وفائي“ مرحوم ان جو ايڊيٽر هو. حنفين سان، جن کي جهيڙي جي زبان ۾ ”بدعتي“ سڏيو ٿي ويو، مولانا مرحوم جي بنهه ڪانه ٿي پيئي. سندس مددگار ٻيا به ڪيترا علما ِّ هئا، جيڪي حنفين خلاف چوطرف وعظ ڪندا ٿي وتيا.

”الوحيد“ جي مقابلي ۾، حنفي حضرات ”الحنيف“ نالي هڪ هفتيوار پرچو شڪارپور مان جاري ڪرايو. مرحوم مغفور حضرت پير آقا محمد حسن جان صاحب سرهندي (ٽنڊو سائينداد، ضلعو حيدرآباد) حنفي جماعت جا اڳواڻ هئا. انهن جي سرپرستيءَ هيٺ، ”الحنيف“ جو اجراءُ عمل ۾ آيو، ۽ ان مقصد لاءِ هڪ پريس به قائم ڪئي ويئي. ان پريس جو مئنيجر، ۽ ”الحنيف“ اخبار جو ايڊيٽر، ميان ڪريم بخش ٽانوري بڻيو. پريس لاءِ نوشهري دروازي جي قريب عام رستي تي، هڪ خوبصورت ۽ وسيع عمارت هٿ ڪئي ويئي هئي.

آءٌ، 1926ع ڌاري، ”الراشد“ نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪري چڪو هوس، جنهن جا پهريان پرچا ”سنڌ زميندار“ پريس سکر مان ڇپارايا هوم.

”الراشد“ ۾ وڏيرڪي سياست تي ڪڏهن ڪڏهن تکي نڪتچيني ٿيندي ٿي رهي، جنهنڪري ”سنڌ زميندار“ وارن وڌيڪ پرچن ڇاپڻ کان نابري واري. مون وٽ نه سرمايو هو ۽ نه پريس جو ڪو انتظام.سخت مونجهاري جي حالت ۾، ميان ڪريم بخش وٽ ويس، جنهن نهايت حوصلي سان نه فقط رسالي ڇاپڻ جو بار پاڻ تي کنيو، پر اوڌر ڪرڻ جو پڻ واعدو ڪيائين. ان کان پوءِ ڪيتري عرصي تائين ”الراشد، ”الحنيف“ پريس مان ڇپبو رهيو، ۽ ميان ڪريم بخش ڪڏهن به مون سان حساب ڪونه ڪيو.

ڪريم بخش جي نيڪ نفسي ۽ سير چشمي بيمثال هئي. ان زماني جا پريسن ۽ اخبارن وارا سخت لالچي هوندا هئا. پر ميان ڪريم بخش قلندر مزاج هو. پئسو ملي يا نه، بل جي رقم ادا ٿئي يا مورڳو بل نڪري ئي نه، پر ڪم مڙيو ئي هلندو رهي. رسالي ڇاپڻ سان گڏ مهمان نوازيءَ جا مراسم پڻ ادا ڪندو ٿي رهيو. هڪ ڪمرو خاص منهنجي رهڻ لاءِ رزرو ڪري ڇڏيائين. شام جو ٽانگي ۾ ويهاري، لکي جو سير به ڪرائيندو رهيو.

پاڻ پريس ۾ اچڻ کان اڳ ڪجهه وقت ماستري به ڪري چڪو هو. پر سندس طبيعت تي ماستريءَ ڪو اثر ڪونه ڇڏيو هو. زندگيءَ اندر ڪيترن ماسترن سان منهنجو واسطو پئي پيو آهي. مون هميشه هي ڏٺو آهي ته هڪ دفعي ماستري ڪرڻ بعد ماڻهو سموريءَ انسانذات کي شاگرد، ۽ تنهنڪري عقل ۽ علم ۾ پاڻ کان گهٽ سمجهڻ لڳي ٿو. ساڳئي وقت، طبيعت جي نسخي ۾ ڪجهه آميزش، غرور ۽ دماغي خشڪيءَ جي پڻ ٿيو وڃي. پر ميان ڪريم بخش جي حالت ۾ ماستري ائين گذري ويل هئي، جيئن مرغابيءَ جي پرن تان پاڻي.

”الراشد“ جي بند ٿيڻ کان پوءِ، ميان ڪريم بخش به پريس جو ڪاروبار ڇڏي وڃي پنهنجي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو، ۽ وري اخبار نويسيءَ جو نالو نه ورتائين. خوشقسمتيءَ سان اڃا تائين بقيد حيات آهي. عيد برات ٿئي ته هميشه مبارڪباد جو ڪارڊ موڪليندو رهي ٿو. وضعداري آهي، ۽ نيباهه جو اٿاهه انگ.

--------

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org