سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :2

 

اهي ڏينهن، اهي شينهن

(جلد ٻيو)

 

 


 

دادو جادو

 

اوائلي زماني ۾ دادو سچ ته جادو هو. وڏڙي ڳوٺ مثل هو. لاڙڪاڻي ضلعي مان ڪٽجي پنهنجي مٿي ضلعو بڻيو هو. لاڙڪاڻي جي مقابلي ۾ ڪجهه نه هو. اڃا سکر براج ڪا نه کلي هئي. زمينون گهڻي ڀر غير آباد هونديون هيون ۽ ماڻهو مال وندا پر ڏتڙيل. جڏهن ڏتڙيل چوان ٿو ته منهنجي مراد مالي ۽ خوشحاليءَ جي لحاظ سان ڏتڙيل آهي. ماڻهپي ۽ انساني وٿن ۾ ٻين علاقن جي ماڻهن جي مقابلي ۾ ڏاڍا آسوده حال هوا. غربت ۾ اهو فائدو آهي ته انسان جي انسانيت پنهنجي اصلي ۽ حقيقي رنگ ڍنگ ۾ رهي ٿي ۽ دولت جي ڪـَـٽُ مٿس ڪا نه ٿي چڙهي. جيئن عام ڪـَـٽُ لوهه تي چڙهي اندران ٻاهران ڳاري ڇڏيس ٿي، تيئن دولت جو زنگ به انسان جي انگ کي کائي خراب ڪري ڇڏي ٿو. دادوءَ  وارن وٽ لاڙڪاڻاين جيتري دولت يا اهو سومان ۽ اُڀمان ڪو نه هوا، پر ماڻهپي جي دولت سان مالا مال هوندا هوا. نه ڪوڙ بدوڙ، نه دغا دولاب، نه چالاڪي نه چابڪ دستي. دوست ته وفادار، دشمن ته اشراف. لائيندا ته توڙ نباهيندا، ٻولي ڪندا ته ٻي نه ٻوليندا. سخن ڪندا ته پاڙيندا:-

”ڪهي سا رهي، ٻولي ٻاروچن جي.“

مارئيءَ جي مذڪور ۾ مارُن جي خوبين جا ذڪر ٻڌندا هواسين. اهڙين خوبين جا ماڻهو مون کي سنڌ جي فقط ٻن علائقن ۾ نظر آيا: دادوءَ ۽ ٿر ۾. سادا ۽ سڌا سنوان، ميرڙا پر مٺڙا. شڪر هو جو شهر جي هوا اڃان ڪا نه لڳي هون. پنهنجي اصلي حالت ۾ هوندا هوا. لـَـسيءَ  جو وٽو چاڙهيو، لٺ ڪلهي تي کنيون، بالم بڻيا وتندا هوا. چاههِ جي چوس ڪا نه پئي هون. شهري زندگيءَ جي ضرورتن ماڻهپي جي مرتبي وڪڻڻ تي مجبور ڪو نه ڪيو هن.

گهاڙ واهه شهر جي هڪ حصي مان گذرندو هو. واهه جي ڪناري سان ئي مصري شاهه مرحوم جي اوطاق هوندي هئي. شاهه صاحب تڏا وڇايون، کٽ رکيون، چلم ٽيڪيون، ويٺو آئي وئي سان ڪچهري ڪندو هو. سيارو هوندو ته وچ ڪچهريءَ باهه جو مچ متل هوندو هو. دادوءَ  جو مهندار هو. دادو اچبو ته مصري  شاهه جو ديدار ضرور ڪبو. نه لهڻون نه ليکو، نه ڪم نه ڪار، پر چڱن سان ٻه گهڙيون صحبت ڪرڻ واري سنڌي رسم نه ڇڏبي. سائين جيوڻ شاهه سندس ويجهو عزيز هو. خلافتي خيالن جو هو. انگريزن سان ڪا نه پوندي هيس. دادو ضلعي ۾ آزاديءَ جو پهريون امام هو. نه گهڻو پڙهيل هو نه سياسي طرح ڪڙهيل. پر ٻڌو هوائين ته ڌاريءَ  حڪومت کان آزادي چڱي شئي ٿيندي آهي ۽ ترڪ سلطان خليفة المسلمين کي انگريز ڊاهي رهيا آهن، تنهن تي اٿي کڙو ٿيو هو. اڄ جيئرو هجي ها ته خبر نه آهي ته ڪهڙا خيال ۽ حال هجنس ها. جناب جي. ايم. سيد به انهن ڏينهن سياسي ميدان ۾”پير- پير“ ٿي کنيا، پر اڃا مچي مڙس ڪو نه ٿيو هو، تنهن ڪري ”حر حـُـريت“ جي پڳ سائين جيوڻ شاهه جي سر ٿي  سونهين.

سائين مصري شاهه مرحوم خواهه سائين جيوڻ شاهه مرحوم جو تعلق لڪياري سيدن جي خاندان سان هو. سيوهڻ وارو سارو علائقو لڪيارين جو ڳڙهه هوندو هو. سيوهڻ جي چوڌاري پکڙيا پيا هئا. لڪي، آمري، سيوهڻ، جهانگارا، باجارا، واهڙ، ڀان، آراضي پيرن هيٺان هوندا هون. اسان کان ٿورو اڳ سردار حبيب الله شاهه لڪياري وڏي شان ۽ مان جو صاحب ٿي گذريو هو. سڀني لڪياري ساداتن جو سردار ليکبو هو. اميراڻي ٺاٺ سان حياتي بسر ڪيائين. ڳوٺ آراضي هوس، جنهن ۾ کانئس پوءِ سائين جيئندل شاهه ويهي مچٽ مچايو. جيئندل شاهه جوان سال هجي ها، ۽ جوانن جي ملڪ جو رهاڪو ته هوند ڪنهن تاريخي فوج جو جرنيل هجي ها. ايڏي دل، ايتري بهادري، ايڏي سچائي، ايتري غيرت، ورلي ڪنهن ۾ ڏسڻ ۾ آئي. ڪنهن ڳالهه تي اٿي بيٺو ته لڪيءَ وارو جبل ڀل پنهنجيءَ جاءِ تان هٽي وڃي پر جيئندل شاهه سائين پير پوئتي نه ڪندو. سائين جي. ايم. سيد جو اليڪشن ۾ پاسو ورتائين. 1946ع ۾ چونڊون ٿيون. موڊي انگريز سنڌ جو گورنر هو ۽  سر غلام حسين سندس وزيراعليٰ. موڊي ڀورو ڪاٽڪو هو. جي. ايم. سيد جي مخالفت ۾ اليڪشن جي دوران اهڙا ڪڌا ڪم ٿيا جو انهن ڪڌائين سبب اليڪشن ٽربيونل اها چونڊ ئي رد ڪري ڇڏي ۽ ”ڪامياب“ اميدوار قاضي محمد اڪبر صاحب ۽ سندس حامي پير الاهي بخش مرحوم (جو ان وچ ۾ پاڪستان جڙڻ کان سال بعد خود وزيراعليٰ جي ڪرسيءَ جي زينت بڻجي چڪو هو) کي ڇهن سالن لاءِ ڪنهن به اليڪشن ۾ مورڳو اميدوار بيهڻ کان ئي بند ڪري ڇڏيو. اسيمبليءَ جي مليل ميمبري ختم، وزارت چٽ، مقدمي جو خرچ مٿن. في الحقيقت                                                                    ٽربيونل
 

 

 

 

سائين جيئندل شاهه


 

ته مٿن فوجداري مقدمي هلائڻ جي به منظوري ڏني هئي، پر جي. ايم. سيد جي کين معافي ڏيڻ ڪري باقي جزا سزا کان بچي ويا. ان چونڊ هلندي موڊي ۽ غلام حسين مرحوم جي حڪومت جي جـُـلهه  جي. ايم. سيد جي مکيه حامي سائين جيئندل شاهه تي ٿي، جنهن کي بيگناهه کڻي جيل ۾ بند ڪيائون.(پوءِ جي اليڪشني منهن ڪاراين جي ابتدا ان اليڪشن کان ٿي)، پر جيئندل شاهه جي فيصلي ۾ ڪو ڦيرو ڪو نه آيو. مون انهن ڏينهن ۾ ان موضوع تي پنهنجي مضمون جي ابتدا هن بيت سان ڪئي:

پتنگن پهه ڪيا، مڙيا مٿي مچ،
پسي لهس نه لـُـڏيا، سڙيا مٿي سچ،
سندا ڳچيءَ ڳچ، ويچارن وڃائيا!

 

هيءُ قصو ته وچ ۾ اچي ويو. اصل عرض هيءُ ڪرڻو هوم ته سيوهڻ جي پسگردائي لڪياري ساداتن سان ڀرپور هوندي هئي. سائين ولي محمد شاهه مرحوم، قلندر لال شهباز رحمة الله عليـہ جو سجاده نشين به هو ۽ سردار حبيب الله شاهه مرحوم جي وفات بعد، لڪيارين جو پڳدار به ليکيو ويندو هو. ڏاڍو اثر ۽ ڌاڪو هوس. سيوهڻ جي وچ شهر ۾ هڪ ڪکائينءَ اوطاق اندر ڪچهري ڪندو هو. قالين تي طول وهاڻن سان پٺي ٽيڪي ويهندو هو. مهمانداري ۽ مهمان نوازيءَ ۾ سنڌ جي اعليٰ روايتن جو رکپال هو، پر خيال، سنڌي چوڻيءَ وانگر ”بادشاهي“ هوس. هڪ لڱا سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ لاءِ بطور اميدوار اٿي کڙو ٿيو. سامهون جي. ايم. سيد هوس. سندس ڪاميابيءَ جي اميد بنهه ڪا نه هئي. پاڻ نه ووٽن لاءِ ڪنهن ڏانهن وڃڻ جي قابل هو، نه آئيني يا هنگامي سياست جي پرجهه پروڙ هئس. سيوهڻ کان ٻاهر نڪري ئي ڪو نه ٿي سگهيو، ڇو ته انهن ڏينهن جي رواج مطابق کيس هر صبح چئين بجي وڃي قلندر سائينءَ جي مقبري جو قلف کولڻو ۽ شام جو بند ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ ئي سبب ڪري انگريز سرڪار به کيس عدالتن يا آفيسن ۾ حاضر ٿيڻ جي پابنديءَ کان قانوني طرح آجو ڪري ڇڏيو هو. اهڙين حالتن ۾ سائينءَ  جو اليڪشن لڙڻ ۽ چونڊجڻ کان پوءِ ڪراچيءَ وڃي رهڻ(سنڌ اڃان هاڻ بمبئي صوبي کان جدا ٿي هئي) قياس کان ٻاهر هو، پر سندس ڪن خليفن کي اليڪشن جي بهاني شايد”شيري ميري“  ڪرڻ جو ارادو هو، تنهن ڪري خواه مخواهه  چاڙهه ڏئي کڻي سائينءَ کي بطور اميدوار بيهاريائون. جي. ايم. سيد نه ٿي گهريو ته اهڙو بزرگ اليڪشن جي پيڙا ۾ اچي يا سندس مقابلي ۾ هارائي پنهنجي سجاده جي گهٽتائي ڪرائي ويهي، تنهن ڪري هڪ وفد وٺي کيس هٿ کڻائڻ لاءِ التجا ڪرڻ واسطي هليو. آءٌ به ان وفد ۾ شامل هوس. خوش خيرعافيت بعد سائين ولي محمد شاهه مرحوم احوال پڇيا. ملڪ سردار خان مرحوم، جو نومڙين جو سردار ۽ ڪوهستان جي علائقي جو مکيه ماڻهو هو ۽ اسان سان وفد ۾ شامل هو، اسان جي پاران احوال ڏنا. احوالن ڏيندي ملڪ صاحب عرض ڪيس ته جي. ايم. سيد انگريزي ڄاڻي ٿو ۽ ڪونسل جي ڪاروائي به انگريزيءَ ۾ هلي ٿي، تنهن ڪري کيس چونڊي موڪلڻ ئي بهتر ٿيندو. سائين ڪاوڙجي پيو. فرمايائين:”اوهين چئو ٿا ته جي. ايم.سيد


 

 

 

 

 

 

 

سردار حبيب الله شاهه لڪياري


 

انگريزي ڄاڻي ٿو. ڀلا هينئر ٻڌائي ته انگريزيءَ ۾ ’ڦوسيءَ کي ڇا چئبو آهي؟“

جي. ايم. سيد کي بدبخت’ڦوسيءَ جي انگريزي ڪا نه آئي ۽ سائين ولي محمد شاهه وفد جي التجا کي رد ڪري، پر سڀني کي ماني کارائي، موٽائي ڇڏيو. نتيجو اليڪشن جو اهو ئي نڪتو، جيڪو نڪرڻو هو. جي. ايم. سيد کٽيو ۽ سائين ولي محمد شاهه مرحوم کي سيوهڻ جا به پورا ووٽ ڪو نه مليا. مطلب ته سنڌ جدا ٿيڻ کان پوءِ، اسان جي بدقسمتيءَ سان اليڪشنن جا فيصلاڦوسيءَجي ليول تي ٿيڻ لڳا.

باجارن جو سائين حاجي اسدالله شاهه انهن لڪياري ساداتن ۾ مڙس مينڌرو هو. همدرد،ننگ پال، ساداتن تي ڇپر، وڏيءَ رهائيءَ  رسائيءَ وارو، سڀ سان نيڪيءَ  جا ٻه پير کڻندو، بڇڙائي دشمن سان به ڪانه ڪندو، ڪاوڙ ڪا نه ايندس، ناگوار گفتگو کي به هڪ مرڪ سان ختم ڪري ڇڏيندو، زبان جو سچو، وقت کي سڃاڻندو ۽ ڦڏي ڦاڙيءَ کان ڀڳل هوندو.خيرپور جو وزير(شيخ محمد قادر مرحوم) خواهه لاڙڪاڻي جا وڏا ماڻهو ساڻس رستي رکڻ ۽ سندس عزت ڪرڻ ۾ پنهنجي آبرو سمجهندا. سائين ولي محمد شاهه توڙي پسگردائيءَ جا ٻيا سادات ۽ چڱا ماڻهو سندس صلاح کان ٻاهر ڪو نه ويندا. ديريني طبعيت ڪري، هر قدم سوچي سمجهي کڻندو. قداور، بت جو ڀريل، ڏاڙهي خسخس، قدري شهپر، سنڌي نيڪ مردن وارو سفيد لباس پهريندو، وڏي پڳ، ڪلهي تي هميشـہ  اڇي چادر، هٿ ۾ لڪڻ. سچ ته هي آهي ته سندس
هن جهان ڇڏڻ کان پوءِ لڪياري سادات يتيم ٿي پيا
،
کين نيڪ و بد سمجهائڻ وارو ڪير ڪو نه رهيو.

سائين جي. ايم. سيد جو ذڪر ته ڪراچيءَ جي بيان ۾ ايندو، پر سندس ٻه پاڙيسري - هڪ مسلمان، ٻيو هندو -  وساريا نه ٿا وسرن:

رئيس فقير بخش خان ڪاڇي پراڻيءَ سنڌي ”مڙس ماڻهائپ“ جو نمايان نمونو هو، جو هنن اکين ڏٺو. دولت ڏسڻ جهڙي ڪا نه هئس، پر ٺٺ ٺانگر ۽ هلت چلت اميراڻي، سنڌي چوڻيءَ موجب مڙسن جو مڙس سمجهيو ويندو هو. ڏاڍو خوددار، دل جو پهلوان، يارن جو يار، ڪامورن جي ڪاڻ نه ڪڍڻ وارو، ڏکي سکي پنهنجي مٿي گذاري ڇڏيندو. محتاجي نه ڏيکاريندو. ڪنهن جي طرفان اٿي بيٺو ته ڄڻ ٺـُـل اڀو ٿيو. ڪيڏو به زوربار پوندس، برداشت ڪري ويندو، نه ڪنجهندو، نه ڪـُـڻڪندو. ساري عمر مقابلن ۾ گذاري ڇڏيائين. هيڻي ڪا نه ٻوليائين. موت جي بستري تي حضرت عزرائيل جي آمد جي ڪا کڻڪ پئجي وڃيس ها، ته هوند لٺ هڻي ڪڍيس ها، سستو ساهه ڪو نه ڏئي ها، پر باري تعاليٰ جي فيصلي اڳيان بندو بيوس ٿيو پوي.

پريان مانجهوءَ ۾ سيٺ وشنداس جا وٿاڻ هوندا هئا. سنڌ جي نامياري سياستدان سيٺ هرچند راءِ جو پـِـتا هو. ڪوٽڙي تعلقي لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽي يا ضلعي لوڪل بورڊ ميمبري کان وڌيڪ سياست ۾ حصو ڪو نه ورتائين. ساري عمر راڳ- رنگ ۾ گذاريائين. وقت جا وڏا وڏا گـَـويا ۽ طوائفون سندس محفلن ۾ هر وقت موجود. گهڻو ڪري ڪچي جي ڀر ۾ رهندو هو. نه شهرن جي گندگي، نه شهري زندگيءَ جي کـِـٽ ڦـِـٽ . رهڻي ڪهڻي مسلمانن وانگر. مهمان نوازي حد. هر وقت ديڳ دميل رهندي. آيو ويو پيو کائيندو ۽ اوڳرايون ڏيندو. اهي زمانا به ٻيا هئا. انسان پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ اطمينان جا ڪي گوشا ڳولهي لهي سگهندو هو. کائي پي ساءُ ڪندو هو. کارائي پياري فرحت محسوس ڪندو هو. نه انساني روح انتظارن جي پيڙا ۾ هو، نه ماڻهن جون دليون  مايوسيءَ ۾ مبتلا. هر طرف گلن ۾ رنگ ۽ بلبلن جي آواز ۾ ميٺاج هو- پوءِ ڇو نه وشنداس پنهنجي طرز جي زندگي گذاري ها؟

سندس وڏي خوبي هيءَ هئي ته هو پنهنجي هٿن سان ڪمايل دولت گهڻي پر نام مولا صرف ڪندو رهندو هو. ماڻهو ته ڇڏيو پر جانورن تي به نظر رهيس- مثلاً، سرڪارمان ٻيلا ٺيڪي تي کڻي ۽ پيسا پاڻ ڏئي،مفت مالدارن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، جيئن سندس گگدام چري ڦري مزا ڪن. ڏڪار پوندا ته ماڻهن کي اناج ڏيندو ۽ ڳوٺن ۾ ديڳيون چاڙهائي غريبن کي کارائي پيارئي موت جي منهن مان ڪڍندو. سندس سخا سنڌ تائين محدود ڪا نه رهي. سنڌ کان ٻاهر به ڪٿي قحط پوندو ته سندس ساڳا لنگر پيا هلندا. غريبن جو مفت علاج، ۽ بيروزگارن کي روزگار سان لڳائڻ سندس محبوب مشغلا هئا.

غرض اهڙا داني پرش به سنڌ ڏٺا. مون پنهنجي اکين سان سندس ديدار ڪو نه ڪيو، پر سندس هاڪ هر طرف ٻڌم، هر طرح جي ۽ هر قسم جي. مولوي صاحب جي فتوا موجب ته وشنداس هندو هو، تنهن ڪري انهن چڱاين هوندي به سندس جاءِ جهنم ۾ هوندي ۽ مولوي صاحب جن جو پنهنجو مورچو حورن جي هنجن ۾!

دادو ضلعو هڪ ئي وقت ٽن ڪلچرن جو مجموعو نظر ايندو هو. هڪ ڪوهستاني يعني باراني علائقي جو ڪلچر، جو جوهيءَ کان ڪرچات ۽ ٿاڻي بولا خان تائين پکڙيل هو. ٺيٺ ٻروچڪي  ۽ ٺيٺ  سنڌي ڪلچرن جي هڪ جاءِ تي ملڻ ڪري وجود ۾ آيو هو ۽ پهاڙي ۽ صحرائي ضرورتن جي مطابق هو. ماڻهو قداور، محنتي، سخت جان، لباس موڪرو، وار وڏا،چولو ڊگهو، پير ۾ گهيتلو، مٿي تي متارو پٽڪو، شڪليون مرداڻيون. مال وندا، پوک خواهه مال جي چاري لاءِ مينهن تي مدار، ورلي ڪنهن هڪ جاءِ تي پڪا گهر ٺاهي رهي سگهندا. جيڏانهن گاهه تيڏانهن راهه، مينهن نه اُٺو ته ٽپڙ کڻي مال ڪاهي هيٺ لهي اچي درياهه ڪناري ڪچي پڪي ڀيڙا ٿيندا. پنهنجي ساري ”دنيا“ ڍڳن، گڏهن ۽ اُٺن تي لڏيون ايندا. لاڏڻ ۾ سواري لاءِ ته گڏهه يا اُٺ هوندا، پر گڏهن يا اٺن جي پٺيءَ تي زالون، ٻار، جنڊ، ٿوٻيون، ديڳڙيون، دلا، ٿڏا، ڏنڊا، ڪونڊا، رلهيون، گـُـنديون سڀ هڪ ٻئي مٿان سٿيل هوندا. سامان مٿان ٻانگو ڪڪڙ ويٺل هوندو، جيڪو وقت سـِـر پيو ٻانگون ڏيندو نه ته اٺ پٺيءَ چڙهيو آرام سان لڏندو، لمندو، پيو هلندو. لاڏڻ جي اڳ ۾ يا پٺ ۾ ڪتو به ضرور هوندو. ڪمزور ، بکيل، اڌ مئل، پر ساٿ نه ڇڏيندو. شهرن مان لنگهندو، شهري ڇوڪرا ٽـُـڪر يا هڏو ڏيکاريندس پر اک کڻي نه نهاريندن. ويجها پوندس ته ڀونڪي، بڇڙا ڏند ڏيکاري، ڀڄائي ڇڏيندن، يعني لولي جي لالـچ تي ڪـُـتي جي ذات نه لڄائيندو. البته ”اشرف المخلوقات“ مان هجي ها ته ٻي ڳالهه هئي!

ان گڏيل پهاڙي، صحرائي ڪلچر ۾ زالون به مردن وانگر محنتي هونديون. بي پرده، پر دل جي پردي تان ڏيک ويک وارا هزار پرده قربان. سندن دل پردي پٺيان رهندي.

”ور سي وطن ڄائيون، صحرا ستر جن.“

ڏسڻ ۾ ميريون، لٽا ليڙون، اڪثر پيرين اگهاڙيون پر شهري زالن وانگر پنهنجن مڙسن لاءِ مٿي جو سور نه هونديون.

دادو جو ٻيو ڪلچر منڇر جي ميربحرن وارو آهي. منهنجو خيال آهي ته سنڌ جي پراڻي ۾ پراڻي قوم اهي ميربحر ٿي سگهن ٿا، يعني موئن جي دڙي واري قوم جي بچيل نشاني. آرين اچي شهرن تي قبضو ڪيو هوندو، ٻيڙين ۾ رهندڙ مسڪينن سان ڇو وڙهيا هوندا؟ انهن وٽ هئو ڇا جو وٽان ڇڏائين ها؟ مٽيءَ جو ڪنو، ڪاٺيءَ جي ڏوئي، پيس جو تڏو، ڪـُـڙهي ۽ ونجهه. ڪـُـرڙي  جهلبي ته کائبي، سا به جيڪڏهن ٺيڪيدار يا سرڪاري ڪامورن جي جهڙپ کان بچي وئي، ورنه لوڙهن، بيهن، پٻڻ يا ناپي جي ڀـَـتَ تي گذارو.  اڪثر پيٽ بکيو، انگ اگهاڙو. ڪهڙي وٿ هئي وٽن، جنهن جي خاطر آريا ڦرلٽ ڪري مفت پنهنجو منهن ڪارو ڪن ها؟ ڏاڍي جو موچڙو مالدارن تي وسندو آهي. گهوڙا ۽ گهليون شهرن تي چڙهنديون آهن. غريب جو بچاءُ سندس غربت هوندي آهي. تنهن ڪري آءٌ ان راءِ جو رهيو آهيان ته سنڌ جي اصلوڪين قومن مان جيڪڏهن ڪا قوم آرين جي مارا ماريءَ کان بچي سگهي هوندي ته اها ميربحرن جي قوم هوندي، پر تنهن هوندي به تحقيق جي ضرورت آهي.

بهرحال، انهن منڇر جي ميربحرن جو ڪلچر بلڪل نيارو آهي. گهڻو ڪري پٺيءَ اگهاڙا، هيٺ تي گوڏ، سڄو ڏينهن وهنوار پاڻيءَ سان. زالون بتيلن تي ويٺيون ڪم ڪاج ڪنديون.رنگا رنگ لٽا پهريون، چانديءَ يا سون جي زيورن جا ڇلهڙ نڪ ۽ ڪنن مان لڙڪايون، ٻارن جا ڌڻ حيرت آهي ته ننڍڙين ٻيڙين تي سارو وقت رهندي به اهي ٻار پاڻيءَ ۾ ڇو نه ٿا ڪري ٻـُـڏن. مرد سڄو ڏينهن پيا مڇي ماريندا. رات جو ٻيڙيون ڪاهي سـُـڪ ڀر وڃي بيهندا. ڪنهن سهولت واريءَ جاءِ تي گهر جوڙيندا ته ان کي مياڻي ڪوٺيندا.  مياڻيءَ اندر  گفتگو  جو انداز ٻڌي ٻاهريون ماڻهو ائين سمجهندو ته هاڻ ٿا ونجهه هڻي هڪ ٻئي جا مٿا ڦاڙي ڇڏين. پر ان حد تائين ڪو نه ويندا. زباني جمع خرچ ڪري ٿڪبا ته کير کنڊ ٿي ويندا. ڪنهن زماني ۾ آبي پکين جي سفيد پرن جي يورپ ۾ ڏاڍي کپت ٿي هئي. اتاهون جون عورتون ٽوپين ۽ ڪپڙن ۾ اهي پر ٽنبينديون هيون. فيشن جو معاملو هو. جيستائين فيشن هليو، منڇر جي ميربحرن جا ڪـُـنان به سونا ٿيندا رهيا. ڏاڍا پيسا ڪمايائون. سندن عورتن سيرن مـُـهين سون پاتو، فيشن ختم ٿيو ته آمدني به ختم ٿي وئي. پوئين زماني ۾ اچي حج تي ڀيڙو رکيائون. جنهن وٽ پيسا ٿيندا سو حج پڙهڻ ويندو. هڪ ڀيرو نه پر ڪيئي ڀيرا. حجن جي تعداد تي منجهن چٽا ڀيٽي لڳي پئي هوندي. سکيري ميربحر ست حج ڪيا ته سندس پاڙيسري عارب ضرور اٺ حج ڪري ايندو. پر حاجي ٿيڻ کان پوءِ به سندن روايتي گفتگار جي شوخيءَ ۾ ڪا ڪمي ڪا نه ايندي. جيڪڏهن زباني لڙمانڌاڻ سان ملڪ فتح ٿي سگهن ها ته هوند ڪڏهن جو منڇر ۽ سنڌو درياهه جا ميربحر گڏجي ڪيئي ملڪ فتح ڪري وٺن ها. اسيمبلين جا ميمبر هجن ها ته اتاهون جي بحث- مباحثي  جي پاڪيزگي هوند هينئر کان به وڌيڪ هجي ها.

منڇر سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ميراث آهي، پر هيلتائين ”نڌڻڪا گهوڙا ۽ غيباڻا هسوار“ وارو قصو پي رهيو آهي. ڪنهن به سائينءَ جي سنوارئي کي منڇر کي وڌائي، سڌاري، سنواري، ان مان فائدي وٺڻ جو خيال ڪو نه آيو آهي.ڌڻڪو  هجي ها ته اهڙو ٺهي ها جو سڄي دنيا پئي اُتس ڍري ها. چين جي هينگ چاؤ ۽ سوئٽزرلينڊ جي ڍنڍن ۽ اسان جي منڇر ۾ ڪهڙو فرق هو؟ سواءِ هنن جي ته هو ڌڻڪا هئا ۽ هيءُ نڌڻڪو!  بمبئي نيچرل هسٽري سوسائٽيءَ جي رسالي ۾ مون پڙهيو ته انگريزن جي زماني ۾ منڇر جي مڇين جي قسمن جي کوجنا ڪرائي وئي هئي. معلوم ٿين ته منڇر ۾ چئن سون قسمن جون مڇيون هيون. اها ڳالهه اڄ کان پنجاهه سال اڳ جي هئي. هاڻي تائين سنڌ جا ناخلف سڀ کائي کپائي ويا آهن. اڄ ڪالهه منڇر ۾ ڪڏهن بنهه سوڪ ته ڪڏهن ٻوڙان ٻوڙ . ڍنڍ کي سڪائڻ يا ڀرائڻ جو مدار ڀرجي اثر وارن زميندارن جي مرضيءَ تي.

منڇر سان منهنجي پنهنجي گهڻي پريت پئي رهي آهي. منڇر جون چانڊوڪيون راتيون، منڇر جي ڪناري پرڀات جو ڦٽڻ، ساري رات ڪونجڻ جو ڪرڪڻ، منگهن ۽ هنجن جون هوڪارون، مٿان لنگهيندڙ بدڪن جي اڏامڻ جي سرسر، وڏين مڇين جا اُڌما، مڇي ڦاسائڻ لاءِ ڀن وجهڻ مهل ميربحرن جا ٿالهه وڄائڻ ۽ منڇر جي بيهن، لوڙهن ۽ پٻڻ جا مزا وساري نه ٿا وسرن! پر جن دوستن جي سنگت ۾ زمين جي ان جنت جا مزا ماڻبا هئا سي هينئر سڀ اصلي جنت ڏانهن سڌارجي  چڪا آهن. وٿاڻ ويران ۽ مڙهين ۾ ماٺ ۽ مونجهه آهي.

”کڏون ٿيون خالي، هنجهه نه رهيو هيڪڙو!“

ٽيون ڪلچر دادو جو سيوهاڻي ڪلچر هو. عام چوڻي هئي ته: ”سيوهاڻي چريو ته به پٿر اڇلائي پاڻ ڏانهن.“ سيوهڻ پراڻو شهر آهي. شهباز قلندر ان جو غير فاني بادشاهه رهيو آهي. ڪنهن زماني ۾ وڏا وڏا ماڻهو ات پيدا ٿيندا رهيا. هڪ دنيا پئي اُت ڍرندي هئي. ڪيترن ئي ڪلچرن جو سنگم هوندو هو. ان سنگم مان سيوهاڻي ڪلچر اڀريو. عرف عام ۾ موالين جو ڪلچر، بي فڪرن جو ڪلچر، سو هن طرح ته هنڌ هنڌ  ”ڪافيون“ يعني اوتارا. ڀنگ، چرس، آفيم، مٿئين درجي جا ماڻهو ته شراب ۽ ميلي جي موقعي تي ڏيهي پرڏيهي ڪنڃرين جا گانا، عجيب ريتون رسمون، ڌمالون، نغارا، قلندر سائين رحمة الله عليه جا ڪيئي ”سجاده نشين“ لڪياري، کاٻڙوٺي، پٺاڻ ۽ ڪي هندو گهراڻا(مثلاً: قانون گويا.) ميلي جي موقعي تي قلندر سائينءَ  جي شاديءَ جي رسم پوري ڪئي ويندي هئي. ان گهٽتائي پوري ڪرڻ جي جوابداري هندن پاڻ تي کنئي هئي. مينديءَ  جا ٿالهه ڀري جلوس ڪري نڪرندا هئا، خيالي طرح گهوٽ (قلندر سائين)  کي ميندي لائڻ لاءِ. ڪا ڪنوار به هوندي هئي يا ٺلهي رسم هئي تنهن جي خبر ڪا نه اٿم ڇو ته مون پاڻ ڪڏهن ميلو ڪو نه ڏٺو.  ٻڌم هيءُ ته ڪجهه عرصي اڳ تائين سنڌ جا ڪي نوابي نموني زميندار، ميلي جي موقعي تي ملهه وٺي وڏي شان مان سان اچي پرگهٽ ٿيندا هئا ۽ پنهنجي دولت جي نمائش هن ريت ڪندا هئا ته روپين جون جهوليون ڀري، اٺن تي چڙهي، بزار مان لنگهيندا هئا ۽ مٺيون ڀري روپيا ماڻهن ۾ اڇلائيندا ويندا هئا، جيئن نالو نڪري. احسان قلندر سائينءَ تي، نمائش پنهنجي. ڪن کي ماڻهن جو شڪ هو ته ڪنڃرين جي لونجهه به لڳل هوندي هئي، ڇو ته جهڙي طرح مٿي لکيو اٿم، ميلي جي موقعي تي گهڻيون نالي واريون ڪنڃريون اچي سيوهڻ ۾ ديرو دمائينديون هيون. چوندا هئا ته انهن ”نوابن“جي سواريءَ جي اٺن جا ساز به سونا روپا هوندا هوا، پيرن ۾ ۽ ڳچين ۾ (اٺن جي) گهنگهرو ٻڌل هوندا هون، جن جو ڇمڪاٽ ٻڌي خلق ٻاهر نڪري اچي نواب صاحبن کي ڏسندي هئي ۽ فخر وچان نواب پاڻ به مڇون وٽيندا، مشڪندا، روپيه اڇلائيندا هلندا هئا. مٿي تي تار ڪشئي جي لونگي، ڪوٽ تي زري زربفت، سٿڻ گيگم جي. اهي ڏينهن به ويا، اهي نواب به اسهيا، هاڻي ميلي جي مهنداري آفيسرن جي حوالي آهي. ساري ڪام گذاري هينئر صحافت جي نالي ۾ پئي ٿئي.

گذريل پنجن اٺن سالن ۾ ته درگاهه شريف جي مقبوليت ۾ خاص واڌارو ٿيو آهي. ءِ لال ميري پت رکيو ڀلا- جهولي لالن- دما دم مست قلندر- سنڌڙي (مؤنث) دا شهباز قلندر- سيوهڻ دا شهباز قلندر ۽ گويا سنڌ جو ”قومي ترانو“ بڻجي ويو آهي. عجب ته اهو آهي ته سنڌين کان وڌيڪ اهو  ”ترانو“ پنجاب ۾،خصوصاً  اتاهون جي بعض خواتين ۾ ڏاڍو مقبول آهي. دمادم مست قلندر چيو مست ٿيو وڃن. هر سال وڏي تعداد ۾ پيون زيارت لاءِ اچن ۽ شايد پنهنجي دل جون مرادون حاصل ڪن. البته مرادون ڪهڙيون اٿن. تنهن جي ڪل ڪا نه اٿم.

ٻئي طرف، سيوهڻ جا چور به ساڳئي تناسب سان چالاڪ ٿيندا پيا وڃن. لال جي گنبذ تي لڳل سوني نيل کي چورن جي چنبي کان بچائڻ لاءِ چوڪيدار رات ڏينهن قبي تي لانگ ورايون چڙهيا ويٺا آهن. تازو ڪي شاهينگ اوقاف وارن  جي اسٽور تي چڙهائي ڪري کين موچڙا هڻي پــَـڙن جا ڀاڪر ڀري گڏهه گاڏين ۾ وجهي رمندا رهيا. اڳتي هلي قلندر بادشاهه پنهنجي ڪرامت سان انهن چورن کي ضرور انڌو ڪري ڇڏيندو پر في الحال ته ڦريل مال تي چور بالم بڻيا ويٺا آهن. عنقريب سرڪار جي پاران ايران مان ٺهي آيل سونو دروازو لڳايو ويندو.  خدا نظر بد کان بچائيس. هڪ سونيءَ نيل ئي اڄ تائين مڙسن کي خفي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. سوني دروازي لڳڻ کان پوءِ خبر نه آهي ته ان کي شاهن ۽ شاهينگن کان بچائڻ لاءِ کيس ڪهڙا اپاءَ وٺڻا پوندا. سڄو دروازو لڳائي وڃڻ واقعي تاريخي ڪارنامو ٿيندو. دادو جو نالو تاريخ جي صفحن ۾ هميشـہ لاءِ محفوظ ٿي ويندو.

انهن ڳالهين ڪري سيوهڻ پنهنجي مٿي هڪ نياري تهذيب جو مرڪز رهيو آهي. فقير، الله وارا، مجذوب، قلندر سائين جا ملنگ، مست موالي، مـُـڇر مولائي، ملڪان ملڪ جا سوالي، ڳنڍيڇوڙ، جتين جا چور، ڳائڻيون، نچڻيون، ڪجهه دل جون نرمڙيون ۽ اڳٺ جون ڍلڙيون، غرض سڀ انساني جنسون ساڳيءَ ئي جاءِ تي پيون ڍرن.

البته جا اصل سيوهڻ جي سوکڙي هوندي هئي سا هينئر معدوم آهي، يعني علم ۽ فضل، ٻيو ته ڇڏيو پر جيڪي عالم، فاضل، فقير، الله جا نيڪ ٻانها ۽ تاريخي ماڻهو اڳ ۾ ئي سيوهڻ جي ڌرتيءَ ۾ دفن آهن، تن جي تربتن ۽ نشانن کي به مسمار ڪري هينئر رستن کي موڪرو ۽ شهر کي سهڻو بڻايو پيو وڃي. گويا سيوهڻ جي سونهن انهن بزرگن جا آثار ۽ يادگار نه هئا، پر ڊامر جا رستا!

اڄ کان 38 سال کن اڳ مخدوم ميان بصر الدين  عيله الرحمة  مخاديم سيوهڻ جي آخري نشاني زنده هو. مون سندس زيارت ڪا نه ڪئي پر ٻڌندا هئاسين ته صاحب حال و قال هو ۽ طبيب به وڏي پايي جو.

تاريخي لحاظ کان دادوءَ جو علائقو، جنهن ۾ ڏوڪريءَ کان ڪوٽڙي تائين رقبو اچي وڃي ٿو، سنڌ جي باقي علائقن کان مٿاهون سمجهيون وڃي ٿو. منهنجو مطلب تاريخي بحث ڇيڙڻ جو نه آهي، پر آءٌ صرف دادوءَ جي اهميت ثابت ڪرڻ لاءِ ڪجهه نڪتا پيش ڪري ڇڏيان ٿو، يعني: -

(1) هندستان پاڪستان اندر سڀ کان پراڻو جبل، جو اڳ ۾ اڳ سمنڊ منجهان نڪتو، سو لڪيءَ وارو جبل آهي، هماليا پهاڙ کان به اڳوڻو آهي.(ڏسو جيالاجيڪل سروي جون رپورٽون.)

(2) پراڻي ۾ پراڻي تهذيب ۽ تمدن جانشان ان علائقي ۾ ملن ٿا، يعني پنج هزار سال پراڻو موهن جو دڙو ۽ ان کان به پنج سو سال اڳوڻو آمريءَ وارو دڙو.

(3) رنيءَ جو ڪوٽ- جنهن جي مرمت  ته ٽالپرن جي زماني ۾ سندن وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاري ڪرائي، پر اهو ڪوٽ يا قلعو ڪنهن ٺهرايو، تنهن جي کوجنا اڃا تائين ڪا نه ٿي آهي. منهنجو انومان آهي ته ايران جي ساساني بادشاهن جي دور حڪومت ۾ اهو قلعو اڏيو.

(4) سنڌ اندر سڀ کان اوچو پهاڙ دادو ضلعي ۾ نئن گاج جي مٿان آهي. ڪوئٽا کان به هڪ هزار فوٽ وڌيڪ سندس اوچائي آهي.

(5) سنڌ جي سڀ کان وڏي درگاهه قلندر سائين جي آهي، جا دادو ضلعي جي دل ۾ واقع آهي.

(6)اڪبر بادشاهه جي والده (حميده بانو بيگم) جي همايون بادشاهه سان دادو ضلعي جي پاٽ شهر ۾ شادي ٿي. اڻ سڌيءَ طرح اڪبر اعظم جي پيدا ٿيڻ جو سبب دادو ضلعي ۾ بڻيو. سلو اڀريو ڪٿي  به، پوکيل دادو جو هو ۽ اهو هو اڪبر بادشاهه!

(7) سنڌ جوسڀ کان وڏو پاڻيءَ جو ذخيرو يعني منڇر ڍنڍ دادوءَ ۾.

(8) ڪوٽڙي براج دادو ضلعي اندر، پر 30 لک ايڪڙ زمين آباد ڪري ٿي حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعن ۾ دادوءَ خود کي چـُـڪو پاڻيءَ جو نه نصيب! بقول شاهه سائين:

”ڪنڌيءَ سـُـڪائين ڪانهن، ٻاهر ٻيلا ٻوڙئين.“

(9) تاريخ جون ڪيتريون فيصله ڪن لڙايون دادوءَ جي حدن ۾ لڳيون. مثلاً: مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سلطان محمود بکريءَ واري جنگ، مغلن ۽ ترخانن جي جنگ، جنهن ۾ مغل لشڪر جو مهندار عبدالرحيم خان خانان پاڻ هو، سمن ۽ ارغونن جي جنگ، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ  جي تاريخ بدلي(سمن هارايو ارغونن کٽيو)، دارا شڪوه ۽ اورنگزيب جي لشڪر ۾ جهڙپون، مير شير محمد خان ٽالپر جي ڪٽنب جي ٻيڙي تي انگريزن جو حملو، وغيره وغيره. لڪيءَ واري لڪ ڇا ڇا نه ڏٺو هوندو؟

(10) سنڌ کي ڌارين جي چنبي مان آزاد ڪرڻ ۽ متحد ڪرڻ جو سهرو دادو ضلعي جي ميان يار محمد ڪلهوڙي جي سر تي رهيو. صدين جي غلاميءَ بعد سنڌ آزادي ماڻي ۽ سندس سرحدون هڪ طرف ڪڇ ۽ ٻئي طرف بلوچستان جي ڪڇيءَ  تائين پکڙجي ويون.

(11)  آزاد ۽ متحد سنڌ جي راڄڌاني خدا آباد دادو شهر کان صرف اٺن ميلن تي آهي. ڪنهن زماني ۾ دهليءَ کان به وڏو ۽ سهڻو شهر ليکيو ويندو هو، ان وقت جي انگريز سياحن جي قول مطابق.

(12) سنڌ جي لـڄ رکڻ وارا ”باغي“ دادو علائقي جا بزرگ هئا: حضرت مخدوم بلاول، جيڪو سنڌ خاطر گهاڻي ۾ پيڙيو  ۽ سيد حيدر سنائي، سنڌ جي مشهور هيري دولهه دريا خان کي به دادوءَ جو پاڻي راس ايندو هو. سندس اوطاق  ڦٽل صورت ۾ ٻڍا پور جي ڀر ۾ اڃا پئي نظر اچي.

(13) انهيءَ مٽيءَ  جناب جي. ايم. سيد (سندس عقيدن کان قطع نظر) کي جنم ڏنو، ڊاڪٽر دائود پوٽي کي جنم ڏنو، علامه قاضي کي جنم ڏنو، شمس الدين بلبل کي جنم ڏنو.

(14) اسلامي دور حڪومت ۾ سنڌ جون وڏي ۾وڏيون دانشگاهون ۽ تعليم گاهون انهيءَ ئي ضلعي ۾ صدين تائين قائم رهيون، يعني پاٽ، بوبڪ ۽ سيوهڻ ۾. وڏيون وڏيون تاريخي شخصيتون ان ڌرتيءَ جي ڪيميا اثريءَ جو نتيجو هيون.

(15) سنڌ يونيورسٽي دادو ضلعي ۾ آهي.

(16) حضرت ميان مير لاهور وارو سيوهڻ جو هو. ساڳيءَ طرح شيخ مبارڪ، دربار اڪبريءَ جي آبرو ابوالفضل ۽ فيضيءَ جو والد.

(17) ٽالپرن جي حڪومت جو تختو ڪڍي انگريزن کي آڻڻ وارو، سنڌ جي تاريخ جي مشهور شخصيت، سيٺ نائون مل هوتچند جو خاندان به سامتاڻي ڳوٺ (نزديڪ دادو) جو هو.

(18) هر قسم جي آب و هوا دادوءَ ۾، هر قسم جي پوک دادوءَ ۾، هر قسم جو جهنگلي، پهاڙي يا پالتو ساهدار دادوءَ ۾ (1)، سنڌ جي قومي جانور سـَـرَهه جو ٿاڪ دادو ضلعي جي ڪرچات جبل ۾، هر قسم جو پکي ڏيهي خواهه پرڏيهي دادوءَ ۾، هر ذات جي مڇي دادوءَ جي ڍنڍن ۾، هر قسم جو معدني ڌن دولت دادوءَ جي پهاڙن ۾.

غرض اهڙين ۽ ايترين قدرت جي فياضين جي باوجود انساني هٿن ۽ ذريعن دادوءَ جو داد نه ڪيو، تنهن جو ڏوراپو تقدير کي ئي ڏيئي سگهجي ٿو.

البته هڪ ڳالهه ۾ دادوءَ ڏاڍو نالو ڪڍيو آهي، خاص طرح سان ويجهڙي زماني ۾ . سندس ان نيڪ ناميءَ جو سبب هڪ عجيب و غريب ”انڊسٽري“ آهي، جنهن کي عرف عام ۾ مال جي چوري يا رسه گيري چئجي ٿو. ان طريقي سان شايد دادو ضلعي جي ڪن ماڻهن پنهنجي ضلعي جي هنري يا ”انڊسٽريل“ پسماندگيءَ جو علاج ڳولي ڪڍيو آهي. ايوب خان جي زماني کان وٺي (1958ع کان 1969ع تائين) شاهي رستي تي، جيڪو دادو ضلعي جي بنهه وچ مان گذري ٿو، عام جام ٽرڪون هلڻ لڳيون آهن. انهن ٽرڪن طفيل ان انڊسٽريءَ کي ڪافي هٿي آئي آهي. يعني ڍور سنجهي ٻڌو، گهڙيءَ ساعت ۾ رستي تي وهندڙ ٽرڪن ۾ چاڙهي ڪراچي روانو ڪيو ويو ۽ اُت پڄندي ئي ڪـُـسي  ڀائرن جي ڀڀ ۾ داخل ٿي ويو. سارو سفر هڪ رات اندر پورو. پوئتي پيرو نه کرو. پراڻن پستڪن مان پتو پوي ٿو ته دادو ۽ سيوهڻ جو علائقو گهڻي عرصي کان ”شاهينگن“ ڪري مشهور رهيو آهي.(سنڌي اصطلاح ۾ نامعلوم چور کي شاهينگ سڏيو ويندو آهي.)  مثال طور هيٺيون قصو ملاحظه ڪريو، جيڪو مولانا دين محمد وفائيءَ جي ڪتاب ”تذڪره مشاهير سنڌ“ (ص 1) مان نقل ڪيو وڃي ٿو:-

”سنڌ جي هيٺئين  ڀاڱي ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جو راڄ هو، جو دهليءَ وارن کي ڪجهه ڍل ادا ڪري آرام سان وقت گذاري رهيو هو. هن کي ڪن جاسوسن ٻڌايو ته بکر ۾ هڪ سيد مسافر(سيد حسين صفاهاني) پهتو آهي، جو ايران جي ارادي سان سنڌ مان لنگهي وڃي ٿو. وٽس لکين روپيه روڪ ۽ لکن جو سون ۽ بي نظير جواهر ۽ ڪمخواب جا ڪپڙا ۽ ٻيو بيشمار مال آهي. زر ۽ جواهرات جو اهو احوال ٻڌي ميان يار محمد جو وات پاڻي ٿيڻ لڳو. ڏاڍي لالـچ  پيدا ٿيس ۽ لوڇ اچي لڳس ته ڪيئن به ڪري اهو خزانو ۽ مال اسباب هٿ ڪجي. ميان صاحب  انهن رٿن ۾ هو ته ڪن ماڻهن اهو سمورو  احوال وڃي علامه عبدالجليل کي ٻڌايو. علامه مرحوم سيد حسين صفاهانيءَ  کي اڳتي وڌڻ کان منع ڪئي ۽ مٿس زور آندو ته اتان يا ته واپس وڃي يا وري ٻئي رستي کان وطن جو رخ رکي. پر سيد صاحب هڪ به نه ٻڌي، سر تريءَ تي رکي موت جي ميدان ڏانهن وڌيو. جڏهن سيوهڻ ۾ پهتو تڏهن ميان يار محمد خدا يار خان  ڪلهوڙي  جا موڪليل ڌاڙيل به قضا قدر وانگي پهچي ويا، هڪ رات وجهه وٺي هن مسافر مظلوم سادات کي شهيد ڪري سمورو مال اسباب کڻي رمندا رهيا.“

سيوهڻ جي پاسي ۽ پاڇي ۾ دادو به گهٽ ۾ گهٽ ڪڃرين جي معاملي ۾ ته ”خود ڪفيل“ هوندو هو. نئون ضلعو کليو هو. ڪليڪٽر جي ڪچهري ٺهي راس ٿي هئي. آفيسون ۽ ڪورٽون اُت ڪم هلائڻ لڳيون هيون. هڪ لڱا مان دادوءَ ۾ ڪنهن دوست سان ملڻ لاءِ آيو هوس. سندس دفتر ڪليڪٽر جي ڪچهريءَ  ۾ هوندو هو. پاڻ ماجسٽريٽ هو. ڪورٽ ٻاهران وڻن هيٺان داعين- مدعين جا ميڙا لڳل هئا. مون سان هڪ ملان محمد شعبان نالي ساڻ هو. ڏاڍو نمازي نيڪ بخت. نوڪر نه پر سنگتي هو ۽ دل سان منهنجي خدمت ڪندو هو. سندس هڪ ”خدمت“ تمام زوردار هوندي هئي، يعني جڏهن به ڪم ڪار کان واندڪائي ملندي هئس ته مون کي وعظ جي مار ڏئي ڪڍندو هو: ”دنيا فاني آهي. جواني ديواني آهي. رنان رب رلايون آهن، تن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. نماز روزي کان نه گسائجي. هيءَ چوڏهين صدي آهي. قيامت ويجهي اچي وئي آهي. ڏينهن قيامت رنن جي باري ۾ ڏاڍو پڇاڻو ٿيڻو آهي. منڪر نڪير ورهين جا دفتر کولي اچي کڙا ٿيندا. سج نيزي پاند هوندو. ڌرتي تتل ٽامي جي مثال هوندي. جن رنن سان هن دنيا ۾ منهن ڪارائي ڪيل هوندي سي پاڻ شاهديءَ ڏيڻ لاءِ اچي حاضر ٿينديون. سندن پيشانيءَ ۾ ٽنگ هوندو ۽ ان مان گندو مواد پيو وهندن. زاني مردن جي وات مان به ڪا شيءَ پئي لڙڪندي ۽ سرڪاري شاهد وانگر وراڪا ڪيون سچي سرگذشت سڻائيندي. ان کان پوءِ بس ٻجهڙڪ شاهه نانگا يعني ملائخن (ملائڪن)  کي حڪم ملندو ته کڻي وڃي تنهن بندي کي دوزڪ(دوزخ) ۾ داخل ڪريو ۽ دوزڪ جي ديڳ کي ڍڪڻ ڏئي اچو.“

هاڻي جنهن ڏينهن آءٌ پنهنجي ماجسٽريٽ دوست سان ملڻ لاءِ ويس ته ملان شعبان به مون سان ساڻ هو ۽ ٻاهر وڻن هيٺان ويٺل خلق ۾ گهمندو ڦرندو وتيو. کيس ان مجمع ۾ دادوءَ جي هڪ نوجوان ڪڃري نظر چڙهي وئي جا پڻ ڪنهن ڪيس ۾ ڦاٿل هئي.

ملان شعبان نهايت ئي خوش اخلاق ۽ پرهيزگار انسان هو. الله تعاليٰ گهڻين ئي بڇڙاين کان بچايو هوس.البته ٻهراڙيءَ جو ملان هو، شهرن جو گٺلَ پيٺل ڪو نه هو.

رات جو جڏهن اسان سڀ سمهي رهياسين(گهاڙيءَ جي ڀڪ تي مرحوم ميان خير محمد سولنگيءَ جي اوطاق ۾)، تڏهن ميان شعبان جهنگ جي خيال سان کسڪي ٻاهر نڪري ويو. صحيح رستو شايد هٿ نه آيس، ڀل کان چڪلي ۾ وڃي نڪتو ۽ سو به انهيءَ ئي نوجوان ڪڃريءَ جي گهر وٽ جنهن کي صبح جو ڪورٽ ٻاهران ڏٺو هوائين. اندر گهر ۾ باهه جي روشني ٿي ٽمڪي. ميان جون اکيون اوڏانهن، اها سـُـڌ  ڪا نه لڌائين ته سامهون اڱڻ ۾ ڪو بنا پڳ ڦٽل کوهه به آهي. خبر تڏهن پيس جڏهن وڃي کوهه جي تري ۾ پيو. کوهه ۾ پاڻي نالي ماتر هو، پر مهينو ڊسمبر جي ٿڌين جو هو. کوهه مان پنهنجي مٿي ٻاهر نڪرڻ مشڪل. ساڳي وقت دانهن ڪري رات وڳڙي ۾ چڪلي جو پاڙو- پنبو ڪٺو ڪرڻ، ۽ خلق جي خواري کڻڻ ان کان به مشڪل. سڄي رات کوهه ۾ پيو رهيو. صبح جو ڪنهن طرح پاڻ کي ٻاهر ڪڍارايائين.  پر ٻاهر ڪڍڻ کان پوءِ ظالمن کيس چور سمجهي شڪ چوريءَ ۾ پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. اسان صبح جو اٿياسين ته ملان غائب هو. نوڪرن ٻڌايو ته شايد فجر جي نماز پڙهڻ لاءِ جيوڻ شاهه جي مسجد ڏانهن ويل هجي.  پر پهر سج پوليس وارا سندس هٿن ۾ هٿ ڪڙيون ۽ چيلهه ۾ رسو وجهي اسان جي اوطاق ۾ وٺي آيا. پنهنجي بغلي ٿيلهي ۾ پوليس وارا کاٽ هڻڻ جو رنبو به کڻي آيا هئا. ارادو هون ته ملان کي رنبو ڪڍ لائي چورن يا رولاڪن جي قلم هيٺ رجوع ڪري ڇڏين. کيس چالان ڪرڻ لاءِ ڪورٽ ڏانهن وٺي ٿي ويا، پر واٽ تي ملان سـُـنهن پاند وجهي ميان خير محمد وڪيل جا نالا وٺي، ۽ ان اپرانڌ پنهنجي جسم تان لڌل رقم چانهه پاڻيءَ  تي خرچ ڪري، اسان تائين وٺي آيو هـُـون. پنهنجي ساٿيءَ جو اهڙو حال(مٿو اگهاڙو، ڪپڙا پاڻيءَ ۽ گپ ۾ پسيل، پيرن مان گرگابي غائب ۽ ڏاڙهي جون ڪجهه چڳون گم)  ڏسي دل دهلجي ويئي. پهريان ملان روئيندي هنجهون هاريندي پنهنجي ماجرا ٻڌائي. چي: ”آءٌ رات اوهان جي آرام ڪرڻ کان پوءِ جهنگ جي خيال سان ٻاهر نڪري ويو هوس. رستي ۾ اونداهي هئي ۽ کهيءَ ۾ ڪري پيس. گهڻيون ئي دانهون ڪيم پر ڪنهن ڪونه ٻڌيون، تنهن ڪري اتي ئي پيو رهيس. صبح جي نماز ڀي قضا ٿي وئي. ان کان پوءِ پاڙي وارا آيا، جن مون کي ڪڍي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس وارا ٿاڻي تي وٺي آيا. چيائون تون چور آهين، چوريءَ جي ارادي سان سـُـرڪي پرڪي چڪلي ۾ آيو هئين. منهنجي ڳچيءَ مان تسبيح لاهي رنبو ڪڍ لاتو اٿن ته ڄڻ مون کي کاٽ هڻڻ جو ارادو هو.“

پوليس وارن جو چوڻ هو ته: ”هن جي جهنگ جي خيال سان وڃڻ جي ڳالهه ڪوڙي آهي. فلاڻيءَ ڪڃريءَ جي گهر جي صحن ۾ ڪٿان جهنگ آيو هو جو هي اتي وڃي نڪتو هو؟ جڏهن ته سندس ڳالهه جو اهو بنياد ئي ڪوڙو آهي ته پوءِ وسهڻ لاءِ ان کي ڪافي سبب آهن ته هي چوريءَ جي ارادي سان اڌ رات جو ڪڃريءَ  جي گهر ۾ گهڙيو هو، تنهن ڪري ساڻس فلاڻا فلاڻا ڇهه ست قلم لڳايا ويا آهن.“

ميان خير محمد وڪيل هو، تنهن پڇين ته: ”ڪهڙي قاعدي هيٺ اوهان قيديءَ جي ڏاڙهي پٽي آهي؟“

 پوليس وارا، ”وڪيل صاحب! ان لاءِ ڏاڙهي پٽيسونس جو هو پنهنجي ٽولي جي ٻين چورن جا نالا نه ٿو ٻڌائي. ڪجهه ڏينهن کان چڪلي ۾ ڏاڍيون چورين جون وارداتون ٿينديون رهيون آهن. ڏسجي ٿو ته ڪو چورن جو ٽولو ٻاهر کان آيل آهي، هي ان ٽولي جو اڳواڻ ٿو ڏسجي. اتفاق سان اڄ کوهه ۾ ڪري ڦاسي پيو آهي ۽ اسان جي هٿ چڙهيو آهي. صوبيدار صاحب جن جو حڪم آهي ته هن کي ڪورٽ ۾ حاضر ڪري اٺن ڏينهن جو ريمانڊ وٺي موٽائي آڻيوس ته پوءِ سندس باقي ڏاڙهي به پٽي کانئس سچي ڪرائينداسين ۽ سندس سنگتين جا نالا معلوم ڪري وڌيڪ گرفتاريون شروع ڪنداسين.“

وچ ۾ ٻئي هڪ سپاهي سـُـر وٺايس: ”وڪيل صاحب!اسان جو صوبيدار صاحب اهڙو نر آفيسر آهي، جو چورن کي سچي ڪرائڻ ۾ دير ئي ڪانه ٿي لڳيس. هن جوابدار کان سچي ڪرائڻ لاءِ هن اڳ ۾، ئي کٽولو اڀو ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن جي تانگهه سان هن کي اونڌو ٽنگرائي سندس  تريون ڪـُـٽائيندو. برف ۽ گوگائي مرچ ته هر وقت وٽس موجود رهن ٿا. چور ضد ڪيو ته برف تي سمهاري سندس جسم جا ٽـُـنگ  مرچن سان پورائي ڇڏيندو آهي.  جنهن چور ساڻس سچ ڳالهايو ته مٿس راضي ٿي فقط هيءَ سزا ڏيندس ته ڏاڙهي مٿو ڪوڙائي، منهن ڪارو ڪرائي  ڏينهن سوا پڌر ۾ ٻڌي ويهاري ڇڏيندس، جيئن آيو ويو پيو ڏسيس.“

 جماندار صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته چڪلي ۾ چورين جي گهڻين وارداتين ٿيڻ ڪري ڊي. ايس. پي صاحب کي رات جو ننڊ به ڪا نه ٿي اچي: ”اسان تي چارئي  پهر موچڙو ٿو وسي ته چورن جو اهو ٽولو جلد پڪڙيو، اڄ آخر مولا مدد ڪئي آهي جو هن کي پڪڙي هڻي وڃي هنڌ ڪيو اٿسي.“

مـُـلان مظلوم جي وات مان (صلوات شريف پڙهندي ۽ پيران پير کي سڏ ڪندي)  دانهن نڪري وئي: ”مون کي قرآن مجيد مٿي تي ڏيو، مان چور نه آهيان، نه چوريءَ جي ارادي سان ويل هوس. مان پنج وقت نماز پڙهندو آهيان. ساريءَ عمر ۾ هڪ روزو به نه گسايو اٿم. حج وڃڻ جي آس اٿم. الحمد لله رب العالمين الرحمان الرحيم مالڪ يوم الدين. شو شو شو“............ (يعني پوليس وارن ڏانهن منهن ڪري ڪجهه شوڪاريندو رهيو.)

اڃا قصو مس ات پهتو هو ته پريان ڪڃرين جو هڪ ٽولو، ڏنڊن مشٽنڊن ڪڃرن جي قيادت ۾، جن مان ڪن جي ڪلهن تي ۽ هٿن ۾ ڀنگ گهوٽڻ جا ڏنڊا هئا، پوليس پارٽيءَ  جا پير پڇائيندي اچي ات پهتو. ملان کي ٻڌل ڏسي مٿس گارين جا گهوگهٽ شروع ڪري ڏنائون. ڪڃر ملان کي ڏنڊا ڏيکاري، ڏند ڀيڪوڙي، اکيون ڦوٽاري، جمعدار کان موڪل گهرڻ لڳا ته هڪ هڪ ڏنڊو چور (يعني ملان) جي ٺوڙ تي وهائي ڪڍن جيئن وري چڪلي ۾ چوري ڪرڻ جو خيال سندس ميڄالي مان هميشـہ لاءِ نڪري وڃي. هڪ نوجوان (جيڪو ڪنهن ڪڃريءَ جو گهر پالتو عاشق ٿي ڏٺو)  ته نه ڪئي هم نه تم، وڌي اچي ٻڌل ملان جي ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وڌو، جنهن کي اسان جي اعتراض  تي پوليس ڌڪي پري ڪيو.

پر ڪڃرين جي ٽولي کي ڪير جهلي؟ چوڌاري حلقو ٻڌي بيهي رهيون ۽ ملان تي ڦٽ جهٽ ڪرڻ لڳيون:

”اڙي ادي ڪجلي! ڏس ته مارئي ڏاڙهي به رکي آهي.“

زردالو (ڪڃري):- ”مارئي جي ڪوڙي ڏاڙهي آهي. دگا(دغا) ڏيڻ لاءِ رکي اٿائين ته ماڻهو کيس اڇراف (اشراف) سمجهن.“

حميدي(ڪڃري):- ”جماندار صاحب! مٺي کي موچڙا هڻي، جيڪي منهجا ڳهه ۽ ڪپڙا کاٽ هڻي کڻي ويو آهي، سي ته موٽرائي مون کي ڏيو.“

نوران (ڪڃري):- ”ندورو“ ،”بي سناختو“ چور ٿو ڏسجي. اسان فقيراڻين جي ڪمائي چورائڻ کان به ڪو نه ٿو مـُـڙي.

سوڍي(ڪڃري): - ”ڀيڻ ڀاڳ ڀري! تو واري دُهري به هن جي هڙ ۾ هوندي.“

ڀاڳ ڀري(ڪڃري): ”مان قلندر  لال تي سوالڻ هيس. ڏس ته قلندر ڪيئن نه اڄ منهنجي دانهن ٻڌي؟ هاڻي دُهري ڪيئنءَ نه موٽندي، پر تو وارو ڇيلو به موٽندو جيڪو تو ”کتمي“(ختمي) ڏيارڻ لاءِ آڻي اڱڻ ۾ ٻڌو هو ۽ اتان ڏينهن ڏٺي جو چورائجي ويو هو.“

 ان ٽولي ۾ اها نوجوان (۽ واقعي موچاري) ڪڃري به هئي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪورٽ جي سلسلي ۾ اچي چڪو آهي ۽ جنهن جي گهر جي صحن واري کوهه مان ميان شعبان دستياب ٿيو هو، پر هوءَ گارگند ۾ شريڪ ٿيڻ پنهنجي حسن جي شان خلاف سمجهي چپ ڪيون بيٺي رهي.

ڪلاڪ منو ميان خير محمد جي اوطاق ٻاهران گهاڙيءَ جي ڀڪ تي اهو کيڏ لڳو رهيو. ان وچ ۾ ميان خير محمد اندران وڃي سوٽ پائي ٻاهر نڪري آيو ۽ پوليس وارن کي چيائين ته: ”هلو ڪورٽ ڏانهن، اُت هلي فيصلو ڪرائينداسين.“ خير محمد ۽ پوليس وارا هلڻ لڳا ته ملان مون کي ليلائي چيو ته: ”پير! هن پلصراط تي هيکلو نه ڇڏ. حالت قابل رحم هئس. منهنجو سنگتي هو، مون سان گڏ آيل هو، تنهن ڪري مون کي کيس ضرور ڇڏائڻو هو.

ماجسٽريٽ منهنجو محسن ۽ دوست ميان محمد صالح صديقي مرحوم مغفور هو. کيس سمري ڪيس فيصلي ڪرڻ جا پاور هئا. مون ۽ ميان خير محمد مرحوم سندس چيمبر ۾ وڃي سڄي ڳالهه ٻڌايس. ڏاڍو کليو، ڪيس گهرائي جوابدار کي زباني فهمائش ڏئي آزاد ڪري ڇڏيائين. ٻاهر نڪتاسين ته ملان اسان سان گڏجي گهر موٽڻ بدران پيدل اگهاڙي پيرين ميهڙ وارو رستو ورتو. اسان گهڻو ئي سمجهايس ته هاڻي خير ٿي ويو، پر اعتبار نه آيس. چيائين: ”ٿاڻي ۾ کٽ اڃا اڀي ٿي پئي هوندي. دادو ندورو شهر آهي. الله وارن جي هت جاءِ ڪا نه آهي. پير! تو کي به بچڻو آهي ته ڀڄي ٻاهر نڪر. مان ته هتان پيدل وڃي ڪنهن ٻي اسٽيشن تان ريل ۾ چڙهان ٿو.“

1938ع ۾ مون کي ڪراچي وڃڻو هو. ملان شعبان کي مون سان ساڻ هلڻو هو، پر هن دادوءَ واري لائن سان هلڻ کان انڪار ڪيو. سالن گذري وڃڻ کان پوءِ به اڀي کٽ جو ڀؤ  بيٺو هوس!

عشق عاشقيءَ  ۽ حسن جي هنگامن جي ڳالهه هلي آهي ته هڪ ٻيو قصو به ٻڌي ڇڏيو. انهن ڏينهن ۾ دادو ضلعي جو هڪ اڳواڻ تمام نيڪ انسان هو. شرع شريف جو بلڪل پابند، صورت سنت تي بنهه  پوري، منجهس ڪنهن به قسم جي گهٽتائي ڪانه. بدقسمتيءَ  سان دادوءَ ۾ اوچتو ڪا نرس اچي نڪتي. تڏهن بي پردگي عام جام ڪا نه هوندي هئي. عشاق طبع انسان ڪنهن ”قبول صورت“ ڏسڻ لاءِ پيا سڪندا ۽ سٽون ڏيندا وتندا هئا. مثلاً: ريل گاڏي اچي ڪنهن اسٽيشن تي بيهندي هئي، ته هڪدم زناني گاڏي جو گهيرو ٿي ويندو هو.گهڻو ڪري ته اڳٺ چڪ ۾ هوندو ۽ وٽ پيو ٿيندو. ”خدا به خوش، شيطان به راضي.“ ان معاشرتي ماحول ۾ هڪ بي پرده ”قبول صورت“ نرس جو دادوءَ جهڙي سڃ ۾ اچي سهڙڻ وڏو واقعو ٿي پيو. ماڻهن ۾ مشهور ٿيو ته صاحب ممدوح جي نظر به مٿس پئجي وئي ۽ اها هڪ ئي نظر ڪافي ثابت ٿي. وصال جو سوال ئي ڪو نه هو (جي هو ته به مون کي خبر ڪا نه پئي). البت ڦوڙائيءَ جا چاڪ پهرين ڏينهن کان ئي چڪڻ لڳس. هڪ دفعي آءٌ ڪراچي ويندي رستي سان دادوءَ جي ڊاڪ بنگلي ۾ رات رهي پيس. چئين بجي صبح جو ٻڌم ته ڀر واري  ڪمري ۾ ڪو ماڻهو مثنوي مولانا روم تمام درد انگيز آواز ۾ پڙهي رهيو آهي ۽ ساڳئي وقت ٻيو ڪو شخص گريو به ڪري رهيو آهي. ايڏو شور هو جو سمهڻ مشڪل ٿي پيو. جاچ ڪئيسين، ماڻهن جا وات ڪير جهلي. چئي ڏنائون (صحيح يا غلط خدا کي خبر) ته نرس جي ان نراس عاشق عرصي کان اهو طريقو اختيار ڪيو آهي ته هر صبح مثنوي ٻڌي ٿو ۽ رنڀان ڪري رڙي ٿو:

هـَـٿ کڻيو هڪلون ڪري روئي زارو زار،
جليو جانب جـَـت لا
ءِ، پٽيو ڪڍي پار.

 

ڏينهن پڄاڻان نرس به هلي وئي ۽ هي صاحب به گذاري ويو، پر ان گريه و زاريءَ جو پڙلاءُ اڃا پيو منهنجن ڪنن تي پوي. جڏهن به دادوءَ  ۾ ان جاءِ وٽان لنگهندو آهيان ته اها ڳالهه ياد ڪري ڏک ڀريو ٿيندو آهيان. حسن مٽجي وڃي ٿو، پر عشق جا افسانا ڪو نه ٿا ميسارجن.

منهنجيءَ نظر ۾ دادوءَ جي بي جوابدار ماڻهن مرحوم تي اهو نرس وارو نسورو ڪوڙ هـُـلايو هو، پر ڪوڙ وڏي پيماني تي هـُـلايل هو. عام کي ڇا مام ته عشق حقيقي ۽ عشق مجازيءَ ۾ ڪهڙو فرق ٿيندو آهي. مثنوي مولانا روم عشق حقيقيءَ جي ڪاروبار لاءِ ڪم ايندي آهي، ڪو ماڻهو ان کي عشق مجازيءَ يا اوباشيءَ لاءِ هدايت نامو بڻائي ڪم آڻي ته اها مولوي صاحب رحمة الله عليه سان وڏي زيادتي ٿئي ٿي.

لڪي اڳئين زماني ۾ ته لڪياري ساداتن جو ڳڙهه هئي، جتان سيد علي مڪي جي اولاد ٽڙي پکڙي ڪيئي وٿاڻ وڃي وسايا، پر اسان جي ابتدائي زماني ۾ هندن جو تيرٿ بڻجي چڪي هئي. ريلوي اسٽيشن جو نالو ئي ”تيرٿ لڪي“ رکرايو  هئائون(جو پاڪستان ٺهڻ کان پوء ”لڪي شاهه صدر“ ۾ تبديل ٿي ويو). لڪي شهر ۽ اسٽيشن جي سامهون پهاڙن ۾ گرم پاڻيءَ جا چشما هندو پنهنجي قبضي ۾ ڪري، ات مندر وغيره ٺهرائي مست ٿي ويهي رهيا هئا. کـَـل جي بيمارين جا سٽيل انهن چشمن ۾ وهنجڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ مان پيا ايندا هئا. ان کان سواءِ دنيا جهان جي هندو فقيرن، سنياسين، نانگن، ڀٽن ۽ ڪن چير ڪاپڙين جا ات ڳاها هوندا هئا. مسافرن جي اچڻ وڃڻ لاءِ لڪي اسٽيشن جي سامهون هڪ ڌرمشالا ٺهيل هئي، جت آيو ويو دم پٽي چشمن ڏانهن ويندو هو ان ڌرمشالا جا کنڊر اڄ تائين موجود آهن.

منهنجي زندگيءَ ۾ وڏي ۾ وڏي سياسي نظرياتي انقلاب جو باعث اها ڌرمشالا بڻي.

قصو هينءَ آهي ته 1938ع ۾ جناب جي. ايم. سيد ۽ اسان ڪوشش ڪري سر غلام حسين جي وزارت ڪيرائي نئين وزارت الهه بخش مرحوم جي سربراهيءَ هيٺ وجود ۾ آندي هئي. اهو قصو هن ڪتاب جي پهرين جلد ۾ تفصيل سان آيل آهي.

اسان جي سرن تي انهن ڏينهن ۾ نيشنلزم جو ڀوت سوار رهندو هو. مسلم ليگ جو سنڌ ۾ اڃا نانءُ نشان ڪو نه هو. دهلي ۽ لکنؤ طرف ٿوري گهڻي چر پر ضرور ٿيڻ لڳي هئي، مگر سنڌ منجهان صرف شيخ حاجي عبدالمجيد سنڌي ۽ مولانا محمد صادق مرحوم کڏي وارو ئي ليگ طرف مائل ٿيڻ لڳا هئا. ان اپراند سنڌ ۾ ليگ جو ڪو پڙلاءُ ڪو نه هو. خود اهي بزرگ به تفريحي طور دل وندرائڻ لاءِ ليگ جو نالو وٺي رهيا هئا. حاجي عبدالله هارون مرحوم دهلي اسيمبليءَ جي ميمبر هجڻ ڪري قائد اعظم رحمة الله عليه جي ويجهو ٿيڻ لڳو هو، پر سنڌ ۾ سندس ايترو ذاتي اثر ڪو نه هو جو کليءَ طرح ليگ جي نالي ۾ ڪا تحريڪ هلائي سگهي. سنڌ جي الهه بخش وزارت به ڪانگريس جي هندو ووٽن جي مدد سان وجود ۾ آيل هئي، تنهن ڪري ليگ جي پٺڀرائيءَ لاءِ ڪو به اهم سياسي گروپ سنڌ ۾ موجود ڪو نه هو. فيشن گانڌي ٽوپيءَ جو هو، ”جناح ڪيپ“ جي مروج ٿيڻ ۾ اڃا ڪي سال وچان هئا.

شروع 1938ع ۾ غلام حسين وزارت کي ڪيرائڻ ۽ الهه بخش وزارت کي ٺاهڻ واري ڪم ۾ هندن جي اسان سان شرڪت ڪرڻ ڪري اسان به ڪانگريس جي ويجهو وڃي پيا هئاسين. گدرو گدري کي ڏسي رنگ وٺندو آهي. اسان جي ساٿين مان جي. ايم. سيد، پير الاهي بخش مرحوم(جو الهه بخش وزارت ۾ وزير بڻجي چڪو هو) ۽ ٻيا ڪيترائي ڪانگريسين کي ڏسي کدر پهرڻ لڳا هئا. مون به انهن جي ڏٺي پنهنجي لاءِ هڪ وڳو ٺهرايو هو، پر کدر منهنجي کل کي اهڙو کرڙيو جو وري ٻيو دفعو پائڻ جي همت  ڪا نه ٿيم. انهن ڏينهن ۾ آءٌ پٽڪو ٻڌندو هوس، پر پٽڪي لاءِ به کدر موزون ڪا نه هئي، کدر ٿلهي هوندي هئي ۽ چار وال پٽڪو ٻڌبو هو ته غير موزون ڦيڙهه بڻجي پوندو هو. البته دل منهنجي به ڪنهن حد تائين کدر پوش بڻجي چڪي هئي. اٿڻ ويهڻ هندن سان ٿيڻ لڳو. سندن اڳيان ڏک وسرڻ لڳا هئا. ڏاڍا چتر ۽ چالاڪ هئا. سمجهڻ ائين لڳا هئا ته اسان سندن هٿن ۾ ڦاٿل بلبلين وانگر آهيون، جن کي ڀيٽي ڏيئي پيا اٿارين ويهارين.

 مارچ کان جولاءِ (1938ع) تائين نئين الهه بخش وزارت کي مضبوط ۽ مقبول بنائڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ رهي ڪم ڪندو رهيس. جولاءِ ۾ ڳوٺ (بهمڻ ضلع لاڙڪاڻي) موٽڻ لاءِ موٽر ۾ چڙهي خشڪيءَ جي رستي ڪراچيءَ مان روانو ٿيس. مون سان ٻه ڊرائيور هليا ۽ ماستر گوبند رام ، جنهن کي مون ننڍي کان وڏو ڪيو هو ۽ ماستريءَ جي نوڪري به وٺي ڏني هئم. موڪلن جي ڏينهن ۾ مون وٽ اچي رهندو هو. انهن ڏينهن ۾ جيتري قدر مون کي ياد آهي، ڪوٽڙيءَ کان دادو وارو پڪو رستو اڃا ڪو نه بڻيو هو. گرميون سخت هيون ۽ هوا ٻٽيل. سن تائين پهتاسين ته گرميءَ سبب ڊرائيور جي نڪ مان رت وهڻ لڳو. ان کي جي. ايم. سيد جي اوطاق ۾ لاهي سفر چالو رکيوسين. خيال هو ته دادوءَ ۾ وڃي مانجهاندو ڪنداسين. پر اڃا لڪيءَ تائين مس پهتاسين ته ٻئي ڊرائيور جو به مٿو ڦرڻ لڳو،مجبور ٿي لڪيءَ واري هندو ڌرمشالا جي در وٽ بيهي رهياسين. لڪيءَ ۾ انهن ڏينهن ۾ ڪو به وڏو وڻ ٽڻ ڪو نه هو، جنهن جي پاڇي هيٺ پناهه وٺجي ها. اسان جو حال اڳيئي ابتر ٿي چڪو هو. مون گوبند کي موڪليو ته ڌرمشالا ۾ ڪمرو وٺي ته ات ترسي اَجهاپ ڪري، ڏينهن ٺاري، پوءِ اڳتي وڌون. گوبند اندران ٿي آيو. چيائين: ”ڪمرو مليو آهي، اوهان اندر هلو.“ مان موٽر  مان لهي اڃا ڌرمشالا جي در مان مس اندر داخل ٿيس ته هندن ۾ هولچو مچي ويو. مون کي مسلماني لباس( شلوار، چولو ۽ پٽڪو) ۾ ڏسي رستو روڪي بيهي رهيا.

”اڙي ميان مسلمان، هيڏانهن ڪيڏانهن پيو اچين؟ هيءَ ڌرمشالو آهي، هت هندوءَ کان سواءِ ٻئي کي پير پائڻو نه آهي. ٻاهر نڪر، پوئتي موٽ.“

مون چين:

”ڀائي صاحب،اسان به انسان آهيون. هت پاسي پلؤ ۾ نه وڻ نه ٽڻ. ٻاهر ڪانوَ جي اک پيئي نڪري. اسان جي جان جو سوال آهي. گهڙي سوا رهي هليا وينداسين. اوهان جي ڌرمشالا تي قبضو ته ڪو نه ڪنداسين.“

گوبند غريب به گهڻو ستاين، چي ”هيءُ پير راشدي آهي، اوهان اخبارن ۾ نه پڙهيو آهي؟ قومي خيالن جو آهي. هندو مسلمانيءَ جو ڀيد ڀاءُ رکي ئي ڪو نه. اوهان کي اهڙي انسان ۽ قومي ليڊر سان ”ڇوت ڇات“ جي ڀاونا نه رکڻ گهرجي.“ قصو مختصر، اسان جا حيلا، حجت، دليل، دلائل، منٿ ميڙ سڀ بيڪار ثابت ٿيا. پندرهن ويهن واڻين مڙي، اسان کي پوئين پير ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ ڪيڏانهن وڃون ها؟ ڪا به واٽ نه ڏسي ريلوي اسٽيشن جي ٿرڊ ڪلاس ويٽنگ روم ۾ وڃي پياسين. ات به مٿان ڇت ۾ لوهه جا پڙڇ پيل هئا، جيڪي تپي ويل هئا. گرم هوا کي روڪڻ لاءِ نه در هو نه دروازو، ويهڻ لاءِ سيمنٽ جون ٻه بئنچون هيون، سي به تپي باهه ٿي ويل هيون. شڪر آهي ته موٽر ۾ پاڻي وجهڻ لاءِ خالي بالٽي ساڻ کنئي هئي سين. نل مان منجهس پاڻي ڀري هڪ ٻئي تي پرٽائيندا رهياسين. ٽپهريءَ تائين ان طرح سان گپ ۾ ليٽي پيٽي وقت گذاريوسين. شڪر آهي جو بابو صاحب گرميءَ جو ماريو وڃي پنهنجي ڪوارٽر ۾ لڪو هو. گهٽ ۾ گهٽ اسان کي ويٽنگ روم ۾ گپلي ڪرڻ کان ڪنهن ڪو نه روڪيو.

آءٌ اهو سارو وقت دل ۾ سوچيندو رهيس ته جنهن قوم ۾ ايترو انساني رنگ ڪو نه آهي جو اسان جي جان بچائڻ لاءِ ٻه گهڙيون پنهنجي مسافرخاني ۾ اسان کي اجهو ڏئي، تنهن قوم سان ڪهڙيءَ طرح ڀائيچارو هلي سگهندو؟ سو به مون جهڙي ماڻهوءَ سان، جنهن هميشـہ تعصب بدران محبت جو درس پئي ڏنو آهي؟

شام جو موٽر تيار ڪئيسين. جڏهن سڀ موٽر ۾ ويهي رهياسين ۽ ڊرائيور اڳي هلڻ لاءِ دادوءَ  واري رستي ڏانهن مڙڻ لڳو ته مون کيس چيو ته: ”موٽ،ڪراچيءَ جو رستو وٺ، موٽي ڪراچي هلون ٿا.“

گوبند رام حيرت ۾ اچي پڇڻ لڳو: ”سو وري سائين ڪيئنءَ؟“

مون کيس چيو: ”گوبند، اڄ حياتيءَ جو وڏو سبق سکيو اٿم. هيلتائين جيڪي ڪيم سو غلط ثابت ٿيو. مفت مسلمانن سان آءٌ به ڌوڪو ڪندو رهيو آهيان ته: ”هندو مسلمان ڀائر آهن ۽ ڀائر ٿي رهن.“ هندن جي اڄ جهڙي تنگ دلي ڏسي آءُ هن نتيجي تي پهتو آهيان ته اسان ڀائر ڪو نه آهيون ۽ ڀائر ٿي رهي ڪو نه سگهنداسين.“

گوبند: برابر هي نالائق تعصبي آهن. پر هاڻي، ڪراچي هلي ڇا ڪنداسين؟“

 آءٌ: ”مون اڄ پاڻ سان وچن ڪيو آهي ته جيستائين تنهنجي هندن جي سنڌ مان پاڙ  پٽي کين هتان ملڪ بدر نه ڪندس اوستائين ڳوٺ جو منهن نه ڏسندس.“

گوبند: ”سو وري ڪيئنءَ ٿيندو؟“

آءٌ: ”سا خبر مون کي به ڪا نه آهي. پر همت مردان مدد خدا. ويهي ڏسجانءِ ڪم قادر جا.“

 اهو واقع آهي ته جنهن وقت آءٌ اها ڊاڙ هڻي ڪراچي واپس وري رهيو هوس تنهن وقت مون کي به پروڙ ڪا نه ٿي پئي ته آءٌ ڪهڙو طريقو اختيار ڪندس. پنهنجي مٿي آءٌ سياسي طرح بلڪل بي پوزيشن انسان هوس. اڪيلو، نه ميمبر، نه منسٽر، نه پارٽي، نه پئسو، ٻي طرف ملڪ جي فضا تي هندڪار ڇانيل. دولت، تنظيم، علم، اثر، عقل، سياسي شعور ۽ سجاڳي سڀ وٽن. گانڌي جيءَ جي هلايل هلچل زورن ۾. ڪانگريس جو مٿو ڪاپار تي. وقت جي حاڪم انگريز به کانئن ڪـَـوَ ٿي کاڌي.

انهن حالتن هيٺ هڪ سنڌي جهرڪڙي لـُـڏي لڪيءَ مان هلي ته ڪراچي پهچي سياسي شهبازن سان لڙندي ۽ کين سنڌ جي فضائن مان بنهه ڀڄائي ٻاهر ڪندي. ڳالهه واهيات ٿي لڳي، اڄ به کل پئي اچيم.

ان کان پوءِ جيڪي ڪجهه ٿي گذريو، تنهن جو ذڪر ٻيءَ جاءِ تي ايندو. هت فقط ايترواشارو ڏينداسين ته جيڪا باهه منهنجي اندر ۾ ان ڏينهن لڪيءَ ۾ دُکي تنهن مون کي ورندڙ ڏهه سال سک سان سمهڻ ڪو نه ڏنو. (1)ڊاڙ ڪا نه هڻبي، پر آءُ ايترو ضرور چوندس ته آءُ اها ماچيس جي ننڍڙي تيلي هوس جنهن جو پنهنجو وِتُ يا وَسُ ته ڪو نه هوندو آهي پر جڏهن باهه وگهي سڄا شهر ۽ ملڪ سڙي ڀسم ٿي ويندا آهن ۽ باهه لڳڻ جي سبب ۽ ابتدا جي جاچ ڪبي آهي ته ان جي شروعات وڃي ان ڪمزور تيليءَ  سان ڳنڍبي آهي. ٻج جو داڻو ننڍڙي شيءِ آهي، مٽيءَ ۾ ملي پاڻ مٽجي وڃي ٿو. منجهانئس جيڪو وڻ ڦٽي نڪري ٿو، دنيا ان کي ڏسندي ۽ ان جي تعريف ڪندي رهي ٿي. ٻج جي داڻي کي ڪو ياد ڪو نه ٿو ڪري.

قصو ڪوتاهه، نوَن سالن کان پوءِ پاڪستان بڻيو ۽ هندن جي سنڌ مان لڏپلاڻ ٿي. هڪ ڏينهن آءُ ڪياماڙي بندر تي ويس - ڇا ڏٺم؟ هندو مرد وزن، پير و جوان ڀارت وڃڻ لاءِ جهاز جي انتظار ۾ حدنظر تائين پکڙيا پيا هئا. ڪي اوڇنگارون ڏئي روئن پيا ته ڪي دانهون ڪوڪون پيا ڪن. ڏاڍو دل ڀڄائيندڙ نظارو هو. سنڌي مسلمانن، پنهنجي مٿي، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به ساڻن ڪا ڪـُـريت ڪا نه ڪئي هئي، پر کين اڳ جو ڪيل پنهنجو ياد ٿي آيو تنهن ڪري دل جهلي نٿي سگهيا. تنهن کان سواءِ ٻيا سبب به بڻجي پيا، جيڪي سنڌين جي پنهنجي وَس کان ٻاهر هئا.

ساڳيو گوبند رام ان ڏينهن به مون سان گڏ هو. اهو نظارو ڏسي اکين ۾ پاڻي آڻي ڏوراپو ڏنائين:

”پير! پنهنجو وچن  سو پاڙيئي، پر ڪيسُ ڪري ڇڏيئي.“

ڪجهه ڏينهن بعد خود گوبند رام به روانو ٿي ويو. جاني جدا ٿيا، زماني جي انقلاب سڪن سان گڏ ساوا به ساڙي ڇڏيا.

انهن واقعن جي مناسبت سان ئي مون مٿي عرض ڪيو آهي ته لڪي مون ۾ وڏي ڦيري آڻڻ جو باعث بڻي. اها ڌرمشالا هينئر ڊهي وئي آهي، ”لڪي تيرٿ اسٽيشن“ جو نالو ”لڪي شاهه صدر“ ٿيو آهي. گرم پاڻيءَ جا چشما مون 1953ع ۾ پنهنجيءَ وزارت جي زماني ۾ سنڀال لاءِ، مسلمانن جي حوالي ڪري ڇڏيا. جيڪا مسجد هندن پنهنجي زور جي زماني ۾ ات ٺهڻ ڪا نه ٿي ڏني، سا به ڪڏهن جو ٺهي راس ٿي آهي.

جيڪي ڪجهه ٿي گذريو تنهن جو فيصلو الله تعاليٰ وٽ، پر اهو سبق ضرور پرايم ته انسان وڏي بلا آهي، ان کي تڇ نه سمجهجي. پنهنجيءَ تي چڙهي ٿو ته ڪيئي طاقتون اچي ٿيون ساڻس ڪلهو ڏين ۽ گڏجي ڪجهه مان ڪجهه ڪريو وجهن.

هندستان ۾ انگريزن خلاف پهريان پهريان باهه  هن تان لڳي جو انهن ڏينهن ۾ ريلوي جي ڪن گاڏن تي لکيل هوندو هو:”صرف يورپين لاءِ“ ۽ جڏهن گانڌي جي اهڙي ڪنهن گاڏي ۾ ويهڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس ڌڪا ڏئي لاهي ڦٽو ڪيائون. ان کان پوءِ ساڳيو گانڌي، جنهن ٻه چار  سال اڳ تائين، يعني پهرين عالمي جنگ جي دوران ۾ انگريزي فوج لاءِ پاڻ رنگروٽ ڀرتي  ٿي ڪيا ۽ انگريز جي ان خدمت عيوض ”قيصر هند“ جو ٻلو به وٺي چڪو هو.سو انگريز جو وڏو دشمن ۽ انقلابي اڳواڻ بڻجي پيو ۽ پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي انگريزن کي هندستان مان ڪڍي پوءِ ساهه ڏنائين. ساڳيءَ طرح چين جي انقلاب جي ابتدا  به يورپين جي خلاف نفرت سببان ٿي. ان نفرت جو وڏو ڪارڻ هيءُ به هو ته شهر شنگهائي ۾ يورپي رهندڙن پنهنجي لاءِ هڪ پارڪ ٺاهيو هو، جنهن جي دروازي تي لکي ڇڏيو هئائون ته: ”چينين ۽ ڪتن کي اندر اچڻ جي اجازت نه آهي.“ چين جي رهاڪن ۾ اها تختي ڏسي سخت غيرت جو جذبو پيدا ٿيو. سندن انقلابي ليڊر  سن يات سن ميدان ۾ آيو. ان جي مرڻ کان پوءِ جناب مائوزي تنگ اڳتي وڌيو جنهن چين اندر يورپين جا ڪپائي اونڌو ڪري ڇڏيا.

دادو ضلعي اندر منهنجيءَ سانڀر ۾، وڏا وڏا ماڻهو ايندا رهيا. مثلاً: ڪوٽڙي براج(جيڪا پڻ دادو ضلعي جي حد ۾ آهي) ڏسڻ لاءِ عراق جو شاهه فيصل شهيد(1) اردن جو شاهه حسين ۽ ترڪيءَ جو صدر جلال باير ۽ وزيراعظم عدنان ميندرس آيا. آءٌ انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو سينئر وزير هوس. سندن ميزبانيءَ جي عزت مون کي ملي. ان کان پوءِ پنجن سالن اندر عراق ۾ انقلاب آيو، جنهن ۾ شاهه فيصل پنهنجي ساري خاندان  سميت شهيد ٿي ويو. ترڪيءَ جي انقلاب ۾ ساڳي صدر جلال باير ۽ وزيراعظم عدنان ميندرس جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿي ويو. ٻنهين کي پنهنجن ماڻهن موت جي سزا ڏني. عدنان ميندرس کي ته اسٽولن تي بيهاري، ڳچيءَ ۾ نوڙ وجهي، پوءِ اسٽول ڪڍي ٽنگي ڇڏيائون. البته صدر جلال باير کي موت جي سزا ڏئي پوءِ کيس پوڙهو ڏسي موت جي سزا معاف ڪري، عمر لاءِ قيد ۾ وجهي ڇڏيائون. ڪيترا سال قيد و بند ۾ رهڻ کان پوءِ هينئر آزاد ٿيو آهي.(1) ڪوٽڙي براج جو مذڪور آيو آهي ته هلندي هلندي اهو به ٻڌائي ڇڏيان ٿو ته مٿس ”غلام محمد براج“ جو نالو ڪيئن پيو.

ڪوٽڙي براج ٺهي راس ٿي ته ان جي کولڻ لاءِ غلام محمد مرحوم گورنر جنرل کي سنڌ وزارت طرفان دعوت ڏني ويئي هئي، خانبهادر کهڙو سنڌ جو وزيراعليٰ هو، آءُ به سندس وزارت جو هڪ رڪن هوس. مير غلام علي خان مرحوم انهن ڏينهن ۾ اندران اندر چرپر شروع ڪري ڏني هئي ته وزيراعظم محمد علي بوگره جي ذريعي (جيڪو اسان سان ڪو نه ٿي ٺهيو) اسان جي وزارت کي نيڪالي ڏيارائي. پر آخري اختيار انهن معاملن ۾ وري به غلام محمد مرحوم گورنر جنرل جو هو. غلام محمد ڇا ڪندو، تنهن جي باري ۾ اسان ڏاڍو متفڪر هئاسين.

جڏهن اسان ڪوٽڙي پهتاسين ته ان وقت تائين نه اسان کي خود ڪو اهڙو خيال هو، نه ڪيبنٽ جو ئي ڪو اهڙو فيصلو هو ته نئين براج تي غلام محمد جو نالو رکجي. گورنر جنرل اڳيان کهڙي صاحب کي جيڪو استقبالي خطبو پڙهڻو هو ۽ ڇپجي تيار ٿي آيل هو، ان ۾ به اهڙو ڪو ذڪر ڪو نه هو.

غلام محمد مرحوم وڏيءَ همت ۽ حوصلي جو صاحب هو، پر ويچارو بيمار رهندو هو. براج جي پل تائين پهچڻ کان پهريان رستي جي ريسٽ هائوس ۾ ترسي آرام ڪرڻ لڳو. کهڙو صاحب ۽ آءٌ اڳواٽ پنڊال ۾ پهچي چڪا هئاسين. ات ويٺي اوچتو ئي اوچتو مون کي خيال اچي ويو ته ڇو نه هن موقعي جو فائدو وٺي، بيراج تي غلام محمد جو نالو رکي، گورنر جنرل جهڙي ماڻهوءَ کي هميشـہ لاءِ احسانمند بڻائي ڇڏجي؟ براج تي هونءَ به ڪنهن نه ڪنهن پرڏيهيءَ جو نالو ته ضرور ٿڦجڻو هو. اڄ نه ته سڀاڻ، پوءِ ڇو نه هينئر ئي ”نامزدگي“ ڪري صوبي جي سياسي استحڪام کي مضبوط ڪري وٺجي؟ مون کهڙي صاحب کي اهڙو مشورو ڏنو جنهن قبول فرمايو. پوءِ مون اتي جو اتي هڪ نئون فقرو لکي تيار ڪيو، جنهن ۾ گورنر جنرل کي استدعا ڪئي وئي ته هو براج کي پنهنجي نالي سان منسوب ٿيڻ جي اجازت عطا فرمائي. اهو نئون جملو اڇي پني تي لکيل اصلي ڇپيل ائڊريس جي وچ ۾ ٽنبيو ويو. کهڙو صاحب اهو جملو ريسٽ هائوس وڃي گورنر جنرل کي ڏيکاري آيو، جنهن پڻ پنهنجي جوابي تقرير جي اصلي مسودي ۾ مناسب اضافو ڪرائي ورتو. پوءِ گورنر جنرل شامياني ۾ آيو. اصلاح شده ائڊريس نئين ٽنبيل فقري سميت کهڙي صاحب پڙهي.گورنر جنرل جواب ڏنو. اسان جو عرض اگهائي منظوري ڏنائين ته نئين براج تي ڀل ”غلام محمد براج“ جو نالو رکيو وڃي.

ائين پيو نالو ڪوٽڙي براج تي ”غلام محمد براج“ جو!

مير غلام علي خان مرحوم جي هلايل ڪوشش ساري ڌوڙ ڌاڻيون ٿي وئي.


 

(1) سياح ابن بطوطه جي زماني ۾ ته سيوهڻ جي جهنگن ۾ گينڊا ۽ ٻيلائي شينهن به هوندا هئا.

(1) پهريائين سنڌ ۾ مسلم ليگ کي آڻڻ ۽ وڌائڻ جي ڪوشش ڪيم، جنهن جو آءٌ صوبائي جنرل سيڪريٽري بڻيس. صوبائي سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس آڪٽوبر1938ع ۾ ڪراچيءَ ۾ قائداعظم جي صدارت هيٺ  ٿي، جنهن ۾ هندستان جي سياسي تاريخ ۾ پهريون دفعو ملڪ جي ورهاڱي ۽ هندو مسلمانن جي جدائيءَ جو آواز اٿيو. آءٌ ان جو به جنرل سيڪريٽري ٿيس. هندستان  اندر خواهه ٻاهر لاءِ مسلم ليگ طرفان جيڪا پروپيگنڊا ڪميٽي آل انڊيا مسلم ليگ مقرر ڪئي، تنهن جو به جنرل سيڪريٽري بڻيس  ۽ سڄي هندستان ۾ وفد موڪلي تقسيم جي حق ۾ مسلمانن کي بيدار ڪيم. جنهن ڪميٽي پاڪستان جي اسڪيم جي ڇنڊڇاڻ ڪري لاهور واري قرارداد پاڪستان لاءِ مواد فراهم ڪيو، ان جو به جنرل سيڪريٽري هوس. 1940ع واري مسلم ليگ جي لاهور سيشن، جنهن ۾ قرارداد پاڪستان منظور ٿي، تنهن کي ڪامياب  بنائڻ لاءِ لاهور ۾ ڇهه مهينا رهي ڪم ڪيم. مسجد منزلگاهه سکر بابت جيڪا ستيا گرهه  ٿي ۽ جنهن ۾ وڏو ڪوس ٿيو تنهن جو ٻيو نمبر ڊڪٽيٽر آءٌ هوس صوبائي ليگ جي جنهن اجلاس ۾ ستيا گرهه جي باقاعده منظوري ڏني وئي، ان جي صدارت مون ڪئي. خونريزيءَ  کان پوءِ جيڪو ٽربيونل هاءِ ڪورٽ جي جج هلايو، تنهن جي اڳيان مسلمانن جي وڪالت مون ڪئي ۽ فيصلو ورتم ته تڪراري جاءِ واقعي مسجد آهي ۽ فسادن ۾ مسلمان بيگناهه هئا ۽ اڳرائي هندن جي هئي. ان کان سواءِ  ان عرصي اندر جيڪو به لٽريچر مسلمانن طرفان نڪتو، تنهن جو گهڻو ڪري لکندڙ آءٌ هوس. انهن ڏينهن ۾  سنڌ جي مسلمانن وٽ ڪا به اخبار ڪا نه هئي، جيڪا هندن جي خلاف ۽ پاڪستان جي حق ۾ پروپيگنڊا ڪري. اها ڪمي به مون پوري ڪئي. پنهنجي جوابداريءَ تي  ”مسلم وائس“ نالي  پرچو ڪڍي، عام طرح صلاح مصلحت، ٺهرائن لکڻ ۽ بيانن ڪڍڻ ۾ به منهنجو حصو ڪافي اثرائتو رهيو، خود آل انڊيا  ليول تي.

(1) شاهه فيصل شهيد جو قصو آيو آهي ته پوءِ جي ڪهاڻي به هتي ئي ٻڌي ڇڏيو.1956ع ۾ مان پاڪستان جي مرڪزي وزارت جو وزير بڻيس. ان حيثيت ۾ مون کي حڪومت پاڪستان جي طرفان عراق وڃڻ جو اتفاق ٿيو. موقعو هيءُ هو ته عراق ۾ ڪن تعميري منصوبن جي تڪميل تي جشن ٿي رهيا هئا، جن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پاڪستان کي  به دعوت ڏني ويئي هئي. عراق پهچڻ تي ڏٺم ته جشن وڏي پيماني تي ٿي رهيا هئا هر طرف شهرن، ڳوٺن ۽ رستن کي سينگاري ڇڏيو هئائون. هنڌ هنڌ دلي دروازا هئا، جن تي بادشاهه، سندس چاچي عبدالله ۽ وزيراعظم نوري سعيد جي تعريف جا ڪتبا لڳل هئا. جنهن به هنڌ ڪنهن منصوبي جي افتتاح جو پروگرام هو ته اوڏانهن بادشاهه سان گڏ اسپيشل ٽرين ۾ وڃڻ ٿي ٿيو. البته نوري سعيد پاڻ هيليڪاپٽر ۾ چڙهي موقعي تي پهچندو هو. ريل جيڏانهن ٿي هلي تيڏانهن ٻنهين پاسن کان خلق بيٺل هوندي هئي، جنهن بادشاهه جي سواري کي لنگهندو ڏسي اتان جي دستور موجب دنبا ذبح ڪري ٿي وڌا. لائنن جي ٻنهي طرفن ڪٺل دنبا ۽ رت جا ريلا هئا. نعره بازي ۽ پرتپاڪ استقبال جو شورو شر ان اپرانڌ.

            هڪ جاءِ تي اتفاق اهڙو بڻيو جو آءٌ بادشاهه سان گڏ ريل ۾ وڃڻ بدران موٽر ۾ سوار ٿي اڳ ۾ ئي وڃي منزل مقصود تي پهتس. اڃا بادشاهه جي اسپيشل ٽرين پهچڻ ۾ ڪجهه دير هئي. نوري سعيد به ساڳئي وقت هيليڪاپٽر ۾ چڙهي اچي مون وانگر اڳواٽ اتي ويٺو. نوري سعيد ۽ مون کان سواءِ ٽيون ماڻهو سوڊان جو وزير زراعت هو،جيڪو به ڪنهن طرح اڳ ۾ ئي پهچي ويو هو. ڳالهين هلندي نوري سعيد مون کان پڇيو ته ”اوهان هت هيلتائين گهڻو ڪجهه ڏسي چڪا آهيو، اوهان ڇا پيا ڀانيو؟ اسان جو بادشاهه ۽ اسان جي حڪومت ڪيتري قدر نه عوام ۾ مقبول آهن.“

             مون دٻيل زبان ۾ چئي ڏنس ته: ”جيڪي شيون مون استقبال جي دوران ۾ ڏٺيون آهن، سي سڀ گهڻو ڪري مون کي نقلي نظر اچن ٿيون.عراقين کي آءٌ ڪو نه ٿو سڃاڻان، انهن جي مزاج مان واقف ڪو نه آهيان، پر ماڻهن جي چهرن تي خوشيءَ جا آثار مون کي نظر ڪو نه ٿا اچن. تحت الشعور ائين پيو سمجهان ته شايد سندن دلين تي ڪو بار آهي، جنهن ڪري سندن منهن اداس آهن. جنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ خوشي هوندي آهي سا سندس منهن مان ئي پئي بڪندي آهي.“

            نوري سعيد منهنجي ٽيڪا ٽپڻي اڌ ۾ ڪاٽي وڏي اطمينان ۽ رعب سان چوڻ لڳو ته: ”اسان عراقين  کي بهتر ڄاڻون ٿا. آءٌ تيرنهن ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم ٿي رهيو آهيان. هن بادشاهه جي زماني ۾ وڏا  تعميري ڪم ٿيا آهن، وڏيون اسڪيمون مڪمل ٿي ويون آهن. هر طرف خوشحالي ئي خوشحالي آهي.“

             ساڳي ئي ڏينهن مون کي برطانيا جي سفير، رازدارانه لهجي ۾ مشورو ڏنو ته شاهه فيصل جي شاديءَ لاءِ ڪا ڪنوار پاڪستان مان فراهم ڪجي ته مصلحت ڀري ڳالهه ٿيندي. ڇو ته هن وقت، بادشاهه تي زور آندو پيو وڃي ته هو فلاڻي عرب بادشاهه جي ڀيڻ سان شادي ڪري، مگر اها شهزادي کليو کلايو ڪميونسٽ خيالن جي آهي، جنهن جي چنبي کان کيس بچائڻ گهرجي. بغداد پهتاسين ته مون کي بادشاهه ملاقات لاءِ گهرايو. پاڻ ته ڪجهه ڪونه چيائين، پر سندس چاچي ۽ شاهي  وزير دربار ساڳي برطانوي سفير واري ڳالهه دهرائي.

            پاڪستان پهچي مون اها ڳالهه پنهنجن ساٿي وزيرن سان ڪئي.ڳالهه ٻڌنديئي منجهن خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي.سمجهيائون ته پاڪستان جو بخت کليو آهي، اجهو ٿي هڪ پاڪستاني خاتون عراق جي راڻي بڻجي.مون کان پڇيائون ته ”پوءِ ڪهڙي صلاح؟“مون چين ته عراق اندر غير فطري سڪوت جي ڪيفيت آهي. ممڪن آهي ته ڪو ٻارڻ ٻري. اسان وٽ سنڌ ۾ اهڙي ڪا خاتون ڪا نه ملندي جيڪا ٻه ڏينهن راڻي بڻجي ٽئين ڏينهن ”رن جوءِ“ ٿي رلندي وتي.(هڪ وزير ڏانهن اشارو ڪري) البته هنن صاحبن جي همت کان اها ڳالهه پري نه آهي. هي ڪو بندوبست ڪري وجهن ته ڀلو.

            آءٌ وزارت ڇڏي سفير بڻجي فلپائين هليو ويس. پٺيان عراق ۾ انقلاب آيو. شاهي خاندان ساري قتل ٿي ويئي. نوري سعيد مرحوم، جيڪو تيرهن دفعا وزيراعظم چونڊجي چڪو هو، سو برقعو پائي بغداد مان ڀڄڻ لڳو. رستي ۾ جهلي کيس قياس کان ٻاهر بيرحميءَ سان ڪـُـهي، سندس ٽنگن ۾ ٽوڙهو وجهي، بازارين ۾ گهليندا وتيا.

(1) سياستدان جڏهن پاور ۾ هوندا آهن ته ڪو ڪو نه سمجهندو آهي ته سندن پير واريءَ تي به ٿي سگهن ٿا. مثلاً: جڏهن عدنان ميندرس وارا ڪراچيءَ آيا ته ڪنهن ڪو نه ٿي سمجهيو ته ڪنهن ڏينهن انهن کي ڦاهيءَ تي به ٽنگيو ويندو. مون کي ياد آهي ته ان موقعي تي چوڌري محمد علي صاحب وزيراعظم پاڪستان، سندن اعزاز ۾ وڏي ضيافت جو انتطام ڪيو. جيڪي ڪجهه انهن موقعن تي ڪيو ويندو آهي سو ڪيو ويو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته چوڌري  صاحب ان شام پنهنجي تقرير ۾ عدنان ميندرس جي تعريف بعد وڏي واڪي علامه اقبال رحه  جو هيءُ شعر به پڙهيو:

جهان مين اهل ايمان صورت خورشيد جيتي هين،
ادهر نکلي ادهر ڊوبي، ادهر ڊوبي ادهر نکلي.

 

            اسان جي چوڌريءَ  جو قصور ڪو نه هو. عدنان انهن ڏينهن ۾ ترڪيءَ جو لازوال ليڊر سمجهيو ٿي ويو. عوام سندس پوئلڳ  هو. پارليامينٽ ۾ زبردست اڪثريت جو اڳواڻ هو.

سينٽو ۽ نيٽو معاهدن ۾ شامل ٿي امريڪا  ۽ ٻين طاقتن جي پٺڀرائي به حاصل ڪري چڪو هو. ڪنهن نه ٿي سمجهيو ته ايترو جلد سندس انجام اهڙو ٿيڻو آهي. ڦاهيءَ تي چڙهندي پٽ ڏانهن پيغام موڪليندو ويو ته:

”پٽ! سياست جي ويجهو نه وڃجانءِ.“

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org