سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :21

 

محمد هاشم گزدر

نالو محمد هاشم، قوم سيلاٽن جو گزدر قبيلو. ڌنڌو انجنيري، ڀورو، قد وچولو، بت ڀريو، خوش پوش،خوش ذوق، خوش لباس، خوش خلق، سنجهي ئي نوڪري ڇڏي، سياست کي سنڀاليائين. مرحوم حاجي بابا مير محمد بلوچ  جو صحيح جاءِ نشين، سنڌ جو مانُ  ۽ ڪراچيءَ جو شان بڻيو.

اڃا سنڌ بمبئيءَ کان جدا نه ٿي هئي ته بابا مرحوم جي وفات بعد بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو.سنڌ جي جدائي بعد ته گهڻا سياسي عهدا ماڻيائين: ڪراچيءَ  جو ميئرسنڌ اسيمبليءَ  جو ميمبر، سنڌ جو وزير، مرڪزي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ آئين ساز مجلس جو نائب صدر.

گزدر جي سياست گز جهڙي سڌي هئي،  شروع زندگيءَ کان پڇاڙيءَ تائين عشق سنڌ جي مسلمانن سان رهيس. واتان ٻي وائي ڪا نه ٻوليائين. سردي هجي يا گرمي، سک هجي يا ڏک، لوچيندو رهيو، لوڙيندو رهيو. ببر شير وانگر گجيو ۽ گڙيو، ڪنهن کان ڪو نه ڪنبيو.  ڪنهن جي اڳيان ڪو نه هٻڪيو.

آءٌ کيس چوندو هوس ته: سياست ۾ تون ڪم پهريان ڪرين ٿو، سوچين بعد ۾ ٿو.“ اهو اندازو صحيح هو. مچ مچائڻ جي دير هوندي هئي، گزدر پاڻهرتو نچندو ڪـُـڏندو اچي منجهس پاڻ اڇلائيندو هو ۽ ان کان پوءِ بيهي پڇندو هو ته: مچ ڇو متو آهي؟“

 

 

 

محمد هاشم گزدر


 

ڪراچيءَ جي سياسي ۽ مسلم ليگي زندگيءَ تي سالن جا سال ڇانيل رهيو. گزدر نه هجي ها ته ڪراچيءَ اندر، جت هندن جو زور هو، نه 1938ع واري مسلم ليگ ڪانفرنس، نه 1943ع واي آل انڊيا ليگ سيشن، نه پاڪستان واري تحريڪ ڪامياب ٿي سگهي ها سنڌ اسيمبليءَ اندر ته ڪانگرسين لاءِ ڪال هوندو هو. کين چيڙائڻ ۽ هوش مان ڪڍڻ جي ضرورت هوندي هئي ته گزدر کي اڳيان ڪبو هو. هڪ دفعي اسيمبليءَ ۾ بحث هلندي گرما گرمي پيدا ٿي ويئي. ڪانگريس پارٽيءَ جو اڪيلو مسلمان ميمبر، مرحوم مغفور  محمد امين کوسو بحالت جذب و استغراق، ٽپ ڏئي کيس ٽائيءَ مان جهليو ۽ هن ٿڦن مٿان ٿڦون وهائي ڪڍيس. وٺ وٺان ٿي وئي، ٺڪ ٺڪان، ڌڪ ڌڪان! اسپيڪر ”آرڊر آرڊر“ پڪاريندو ۽ ميز تي مـُـترڪا ماريندو رهيو، پر هي حضرت پنهنجي ڪم کي جـُـنبيا رهيا. ڪانگريس جا ميمبر، جن جو تشدد ۾ وشواش ڪو نه هو، ڀڄڻ لاءِ درن کـــــي اکئين لايون ويٺا هئا. سرڳواســــڻ مائي ڄيٺي سپاهيملاڻي (ڊپٽي اسپيڪر)  کي ته اها ڳالهه بنهه ڪا نه ٿي وڻي. پنهنجيءَ  نفرت کي نسواني انداز ۾، نڪ جي موڙي سان نوڪدار بڻائي پاڻ سان ئي پنهنجي خيالات جو اظهار ڪندي رهي، ڏاڍيان ڳالهائڻ يا پارليماني آدابن ٻڌائڻ لاءِ فضا سازگار ڪا نه ٿي نظر آيس.

*        *        *

سکر جي مسجد منزلگاهه واري مسلم ليگ تحريڪ جاري هئي، پوليس ۽ ستيا گرهي مسلمانن جي وچ ۾ مقابلا جاري هئا، پوليس (هوم) کاتي جو وزير سر غلام حسين مرحوم هو، سکر مان گزدر ڏانهن نياپو موڪليم ته: ” تون سر صاحب جي بنگلي جو گهيراءُ ڪراءِ.”گزدر خلق گڏ ڪري، جلوس جي صورت ۾ وڃي بنگلي جو محاصرو ڪرايو. سر صاحب کي اڳواٽ کڻڪ پئجي ويل هئي، وقت کان اڳ کسڪي ويو هو. پٺيان نعرن وگهي سندس گهر ڀاتين جو ويهڻ وِهه ڪري ڇڏيائون. گزدر پاڻ ۽ سندس  والنٽيئر ڌرڻو ماريو ويٺا رهيا. منجهند کان پوءِ خبر پهتس ته حڪومت مسجد منزلگاهه تان پوليس هٽائي ڇڏي، تڏهن وڃي سر صاحب جي دولت خاني تان ڪڙو لٿو.

 

*        *        *

مسلم ليگ ۽ تحريڪ پاڪستان جو ايتريقدر شيدائي هو جو سنڌ خواهه هندستان  جي جنهن به گوشي ۾ ڪا ميٽنگ يا ڪانفرنس ٿيندي هئي يا ڪو جلوس نڪرڻو هوندو هو ته گزدر ضرور وڃي شامل ٿيندو هو ۽ ان کي ڪامياب بڻائڻ ۾ حصو وٺندو هو.

1940ع جي مارچ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو سالانه اجلاس لاهور ۾ ٿي رهيو هو. گزدر صاحب اڳواٽ اچي پهتو هو. قائداعظم رحه دهليءَ کان لاهور ٽرين ۾ تشريف آور ٿيو. استقبال لاءِ، ٻئي هجوم سان گڏ، گزدر ۽ آءٌ به پليٽفارم تي موجود هئاسين. قائداعظم گاڏي مان لهي پليٽفارم تي آيو. ماڻهو کيس ايتريقدر ويڙهي ويا جو قائداعظم بلند آواز ۾ چيو ته: ”مون کي چيڀاٽي رهيا آهن“(1)  گزدر فوراً اڳتي وڌي ماڻهن کي ڌڪا ڏئي پاسي ڪري، قائداعظم کي ڀاڪـُـر ۾ جهلي، اڳتي وٺي هلي موٽر ۾ ويهاريو!

اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ مون کي چيائين ته آءٌ سندس ويهڻ لاءِ ڪو اهڙو بندوبست ڪريان(2) ، جو هو قائداعظم جي ويجهو هجي ۽ خدانخواسته جيڪڏهن مٿس ڪو حملو ٿئي ته هو پاڻ کي وچ ۾ ڏئي، قائد جي ڪجهه حفاظت ڪري سگهي.

 کيس خبر پئي هئي ته اهڙي حملي جو امڪان موجود هو، انهن ڏينهن ۾ هڪ تازي واقعي ڪري لاهور جي فضا ڪشيده ۽ حالتون غير يقيني هيون. پر خدا ڪيو، خير جي گذري ويئي.

 

*        *        *

1954ع ۾ محمد علي بوگره تي دٻاءُ وجهي، گورنر جنرل غلام محمد مرحوم، مرڪزي آئين ساز اسيمبليءَ کي ٽوڙائي ڇڏيو هو. گزدر مرحوم اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر هو. ڀؤ کان ٻيا ميمبر ۽ اسيمبليءَ جا عهديدار ته ڀڄي ويل هئا، پر گزدر صاحب، صبح جو هميشـہ جي دستور موجب، ٺـَـهي ٺـُـڪي، سٺو سـُـوٽ پائي، ڪوٽ ۾ گلاب جو گل ٽـُـنبي، وڃي هال جي ٻاهران پهتو ۽ پوليس جي پهري کي ٽوڙي اندر وڃڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. پوليس جو هٿ سنگينن لڳل بندوقن ۾، ته گزدر جو چنبو قلف ۾. ”ڇڪ تڏيءَ تڏو- تنهنجو وَلر وڏو.“ گهڻي وقت تائين  منجهن چڪري چالو رهي، گزدر کي قانوني طرح Cause of Action مقدمي داخل ڪرڻ سبب پيدا ڪرڻو هو، جنهن جي بنياد تي هاءِ ڪورٽ ۾ حڪومت خلاف رٽ جي درخواست داخل ڪري سگهجي. رٽ داخل ٿي، جنهن کي قانون جي تاريخ ۾ ”مولوي تميز الدين خان واري ڪيس“جي حيثيت حاصل ٿي. مولوي صاحب رحمة الله عليـہ اسيمبليءَ جو اسپيڪر هوندو هو.  ان واقعي وسيلي ”جمهوريت“ جا جـُـلوا ڏسي وڃي پنهنجي گهر ويهي رهيو، مرندو مري ويو، هيڏانهن جو منهن نه ڪيائين.

*        *        *

مرحوم ايوب خان جو دؤر آيو. سپنو لڌائين ته ساڳئي گزدر منجهان پاڪستان جي ”انٽي گرٽي“(سالميت Integrity)  کي موتمار خطرو آهي. بي دريافتو وٺي کڻي جيل ۾ وڌائينس. پاڪستان لاءِ گزدر جون سالن جون قربانيون ۽ خدمتون لحظي ۾ لـُـڙهي ويون.”چورن ڌُڪا هـَـنئين نه هـَـنئين جهڙا.“

ڪريمان جا بـُـجڪا، کڻي ويا ڇه چور!

ايوب خان سياستدان بڻيو ته ڪنوينشن مسلم ليگ ٺهرايائين.  ڪراچي شهر مان گزدر جهڙي مسلم ليگ جي پراڻي پهلوان کي شامل ڪرڻ جي شديد ضرورت محسوس ٿي. هڪدم پاڪستان جي سالميت تان خطرو ٽري ويو، گزدر آزاد ٿيو. اميد ڪئي ٿي ويئي ته گزدر جيل جي سبق سکڻ بعد سڌو سرڪاري مسلم ليگ جو رخ رکندو، پر گزدر جهڙا پـُـٽ ٻين مائرن جا پيٽ ڄڻيا هئا. مٿو وڃي، پر مهڻو نه ملين.

جهانگير پارڪ ۾ پبلڪ ميٽنگ ٿي، گزدر پهچي ويو.تقرير اهڙي ڪيائين جو دوباره ”انٽي گرٽي“ گهات ٿيڻ لڳي.وري جيل ۾ وڌائونس. هن دفعي ”ڏوهه“ وڏو ڪري وڌو هئائين، تنهنڪري بغاوت جو مقدمو به مڙهيائونس. ڪيترو عرصو قيد ڪاٽيندو رهيو. ٻاهر آيو ته صحت برباد ٿي ويل هئس. زماني جون حالتون سٺيون ڪين ٿيس. اوچتو دل ٽٽي پيس. وڃي سنڌ جي ٻين شهيدن سان مليو.

ان کان اڳ مون سان ملڻ آيو. ڏاڍو ڏکويل هو. سندس درد ڀريون ڳالهيون ٻڌي منهنجي وات مان نڪري ويو:

دُکهه مين پـُـراني جـُـهنڊ ڪي اندر،
ايک پکهيرو، درد کا مارا، پيهو پيهو کرتا هي،
کون سني يه غم ڪي باتين، کون کسي کي سنتا هي؟

 

 

*        *        *

ان ڏينهن خاص طرح ڏاڍيءَ ڏکويل حالت ۾ گهر موٽيو. ٻن ڏينهن اندر ٻڌم ته سنڌ جي شهيدن سان شامل ٿي وڃي پنهنجي رب جي پيش پيو، شايد هن نتيجي تي پهتو هو ته:

وَڳـَـر ويا وَهي، ڪالهه تنهنجا ڪـُـونجڙي،
ڪندينءَ  ڪوه رهي، سـَـرَ ۾ سپرين ريءَ؟

 

ڏاڍو صدمو رسيم. آخر ڪليميءَ جي ڪلام سان دل کي ڪجهه آٿت ڏنم:

مجنون بگوشـہ ز جفائي زمانه رفت،
ديونه اش مخوان که عجب عاقلانه رفت!

 

(مجنون زماني جي ظلمن ڪري وڃي ڪنڊ ۾ ڪريو، چريو نه چئوس، عقل جو ڪم ڪيو اٿائين!)

هينئر ڪراچيءَ جي ڪنهن گمنام گوشي ۾ ابدي آرام ڪري رهيو آهي. سندس آرام ڦٽائڻ لاءِ نه مٿس ميلا لڳن، نه پـُـٽن جون سوالي سنڍِ عورتون اچيو وٽس هـُـل هنگاما ڪن،نه نمائشي سياستگرڀر ۾ بيهي هٿ ٽنگي پنهنجا فوٽا ڪڍائين (هٿ مٿي، اکيون فوٽو گرافر ۾)، نه ڪم طاقتي يا هر نيا جا مالدار مريض پڙ  پـُـوتيون باسي کانئس وٽامن يا سرجن جو ڪم وٺن.

مطلب ته مڙني جنجالن کان ڇـُـٽل، رب جون رحمتون ماڻي رهيو آهي.


 

(1) “ I am being squeezed”

(2) لاهور اجلاس جي انتظام رکڻ لاءِ، مون کي ڪيترا مهينا لاهور ۾ رهي، ڪم ڪرڻو پيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org