سيڪشن؛ شخصيات

ٻري جن ٻاري

 باب--

صفحو :1

ٻري جن ٻاري

ڊاڪٽر خان محمد پنهور

 

 

ناشر جي طرفان

       

شيخ عبدالمجيد سنڌي مرحوم سنڌ جي هڪ اهڙي معزز ۽ مانائتي شخصيت آهي، جنهن هلندڙ صديءَ ۾ ننڍي کنڊ ۽ خاص ڪري سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ تي علم، دانائي ۽ بصيرت جا اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن. قدرت شيخ صاحب کي اعليٰ ذهانت سان نوازيو هو ۽ کيس خود فيصلي ڪرڻ جي قوت عطا ڪئي هئي. هن اُسرندڙ جوانيءَ ۾ ئي پنهنجو اباڻو مذهب مٽائي اسلام جو دين اختيار ڪيو. اهو هن جو پهريون انقلابي قدم هو. پوءِ هن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي سماجي ۽ سياسي حالتن کي سڌارڻ جو پڪو پهه ڪيو. ان سلسلي ۾ هن زباني ۽ قلمي جهاد شروع ڪيو ۽ مسلمانن کي انگريزي راڄ جي غلاميءَ مان آزاد ڪرڻ لاءِ انقلابي قدم کنيا، جيڪي هاڻي اسان جي تاريخ جا اهم سنگ ميل آهن.

محترم ڊاڪٽر خان محمد پنهور، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي حياتي ۽ سندس سياسي، علمي ۽ صحافتي ڪارنامن جي موضوع تي هيءُ ڪتاب لکي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ جي ڪيترن ئي اهم واقعن کي هڪ هنڌ قلمبند ڪيو آهي. اميد ته هيءُ ڪتاب ان سلسلي جو هڪ قيمتي دستاويز ثابت ٿيندو.

15 آڪٽوبر 1995ع                                                 مراد علي مرزا

                                                                        سيڪريٽري

                                                                        سنڌي ادبي بورڊ

                                                                        ڄام شورو

ٻه اکر

 

شيخ عبدالمجيد سنڌي جيئن مون ڏٺو

 

        شيخ صاحب جي جُڳ جوماڻهو آءٌ ڪو نه آهيان، پر ننڍپڻ ۾ وڏڙن جي صحبت ملڻ ڪري وڏڙن کان سکڻ ۽ پروڙڻ جو سبق مليو. پهرين پنهنجي ڳوٺ جي بزرگ سائين جيئندل شاهه وٽ دعائون مليون، اتي ئي سائين جي. ايم  سيد، پير حسام الدين، پير علي محمد راشديءَ سان رهاڻيون ٿيون. سائين جي. ايم سيد، وري گهڻي ۾ گهڻو پوئلڳ شيخ عبدالمجيد  سنڌيءَ جو ڏٺم، بلڪ جڏهن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ صحافت جي شعبي ۾ ايم. اي ڪرڻ ويس ته اتي نوجوانن جا ولر وٺيو ڪڏهن سائين جي. ايم سيد وٽ، ڪڏهن سائين حسام الدين وٽ، ڪڏهن جي الانا؛ پيار علي الانا جو والد بزرگوار، ڪڏهن حاتم علوي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري پير الاهي بخش، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ وٽ- سکڻ جي تلاش ۾ مشن جاري رهي. شيخ صاحب جي آخري عمر هئي.سائين جي ايم سيد جي حيدر منزل واري بنگلي تي ڪچهريون ڄڻ ادبي، علمي ڪلاس هوندا هئا، مٿيان بزرگ به گهڻو ڪري انهن علمي ڪچهرين ۾ پاڻ ايندا هئا. پر هڪ شخصيت صرف شيخ صاحب جي هوندي هئي، جن کي گاڏي کڻڻ ويندي هئي. پوءِ ڪوشش ڪري سائين جي حڪم تي آءٌ به ان گاڏيءَ ۾ شيخ صاحب سان گڏ ايندو هوس.

هڪ دفعي شيخ صاحب گم ٿي ويو. گهر وارا سڀ پريشان، مون کي به گهر ڀاتي وانگر سمجهندا هئا. پوءِ سندن ٻيو نمبر پٽ ميجر خالد، ٽيون نمبر طارق ۽ مان، شيخ صاحب جي ڳولا لاءِ ڪراچيءَ ۾ ڪاهي پياسين، پر شيخ صاحب هٿ نه آيو. موٽي گهر آياسين ٻئي ڏينهن انگريزي ۽ اردو، اخبارن ۾ اشتهار ڏناسين. شيخ صاحب ڪو پنهنجي پراڻي پاڙي انقلابي اڏي، کڏي لياري واري پاسي پهچي ويو. اتان عبدالستار ايڌي وارن ٻئي ڏينهن اشتهار به پڙهيو، پر سندس پٽ خالد، ناٺي ادو جبار، ۽ طارق وڃي اتي پهتا. اسان گهر وارن وٽ پريشانيءَ واري عالم ۾ گڏ هئاسين. شيخ صاحب جڏهن واپس گهر آيو ته اسان پڇيو ته ڪيڏانهن ويا هئا؟ ته چوڻ لڳو، ”ائين دوستن سان ملڻ  لاءِ نڪتو هئس.“ بهرحال وڏي عمر جي تقاضا ڪري آخر ۾ ويسارو به هونِ. آخر ۾ شيخ تي ٽي پروگرام به ڪراچي. ٽي. وي. جي پروڊيوسر جاويد اختر جي مهربانيءَ سان رڪارڊ ٿيا. جنهن ۾ بيگم شيخ صاحب، سندن پٽ طارق شيخ، ڀاڀي حميده جا به انٽرويو هئا. بدقسمتي اها جو؛  ٽيليويزن وارن پروگرام ڊاهي ڇڏيو، جڏهن مون انهن کان ان وقت پڇاڻو ڪيو ته چيائون اسلام آباد سينٽر موڪليو اٿئون.

ضرورت آهي ته سنڌ جي اهڙن مشاهيرن جي ريڪارڊنگ اسلام آباد مان گهرائي، سنڌالاجيءَ ۾ رکي وڃي.

        آخر ۾ آءٌ سنڌي ادبي بورڊ جي باهمت چيئرمين سائين حسين شاهه راشدي ۽ سيڪريٽري مراد علي مرزا، جو ٿورائتو آهيان، خاص ڪري پنهنجي استاد سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر هاڻي ڊائريڪٽر سنڌالاجي پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا جن جو، جنهن مون کي شيخ صاحب تي ايم. فل ڪرائي. شيخ صاحب جي تاريخ ساز اخبار الوحيد تي پي. ايڇ . ڊي ڪرائي. بورڊ جي  ٻين ساٿين نفيس احمد شيخ ايڊيٽر مهراڻ، الله بچايو يوسف زئي پبليڪيشن آفيسر، مئنيجر پريس سڪندر علي شاهه جو ۽ اصل ٿورائتو پنهنجي سچڙي ساٿي ۽ گُرو شمشيرالحيدريءَ جو، جنهن اتساهه ڏياريو ته ٿيسز ڇپجي.

 

بنگلو نمبر C-20                              خلوص مان

سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو              ڊاڪٽر خان محمد پنهور

                                                5 جولاءِ 1995ع

 

 

سنڌ جو قلندر هڪ تحريڪ ساز شخصيت

 

شيخ عبدالمجيد سنڌي

 

        سرزمين سنڌ کي اهو اعزاز حاصل رهيو آهي ته مسلمانن جي آزادي ۽ آزاد ڌرتيءَ لاءِ پهرين هتان ئي آواز ٿيو. ۽ اهو آل انڊيا ليول تائين پهتو. شيخ عبدالمجيد سنڌي به مردم خيز سنڌ جي انهن  شخصيتن ۾ نمايان آهي، جن مسلمانن جي علحده رياست لاءِ سرٽوڙ جدوجهد ڪئي ۽ عملي طور ڀرپور حصو ورتو. 1938ع جي قرارداد شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب لکي ۽ ان جي ئي بنياد تي 1940ع واري قرارداد لاهور پيش ٿي.

        شيخ عبدالمجيد سنڌي هڪ ئي وقت سياست ۽ صحافت سان وابسته رهيو ۽ ٻنهي ميدانن  تي مسلمانن جي آزادي ۽ تشخص لاءِ لڙندو رهيو. سياست جي ميدان ۾ آل انڊيا ليول تائين جي ڪانفرنسن ۾ نه صرف مسلمانن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيائين، بلڪ انهن ڪانفرنسن جون صدارتون ڪرڻ جو پڻ کين اعزاز حاصل رهيو.

        صحافت جي ميدان ۾ پنهنجي تلواري ڌارا قلم کي ”الوحيد“ جي ادارت ۽ ڪالمن ذريعي سنڌ جي مسلمانن ۾ بيداري، شعور جي واڌاري، غريب هارين جِي وڏيرن ۽ پيرن جي ظلمن ۽ اڍنگن قانونن مان آزاديءَ لاءِ قلندرانه نعره  بلند ڪندو رهيو.

        ايشيا جي هن وڏي  ليڊر عبدالمجيد سنڌي، جنهن جو جنم سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي ۾ 7 جولاءِ 1889ع ۾ ٿيو، ننڍي هوندي کان پنهنجي مذهب سان بغاوت ڪري، مذهب  مٽائي پوري زندگي اسلام جي اصولن جي پاسداري ڪندي گذاري. اسلام جي حڪمن جي پابندي به ايتري پختي نموني ڪيائين جو آخر تائين بيماريءَ واري حالت ۾ به ڪڏهن نماز قضا نه ڪيائين، پنهنجي پوري سياسي زندگي بي داغ گذاريائين، بلڪ سياست ۽ صحافت کي ايمان جي حد تائين نڀايائين.

        شيخ عبدالمجيد سنڌي نالو آهي. هڪ تحريڪ جو، جيڪو سياست ۾ سنڌ کان وٺي آل انڊيا ليول تائين پنهنجي دور جو مقبول سياسي رهنما رهيو. جنهن جي سياست ۽ صحافت جي سڀني رستن جي منزل مسلمانن لاءِ آزادي ۽ الڳ وطن هيو.ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته شيخ عبدالمجيد سنڌي  ”مسلمانان هند“ جو هڪ وڏي پائي جو مسلم ليڊر هو، جنهن جي قول ۽ فعل ۾ ڪوبه فرق نظر نه ايندو. شيخ عبدالمجيد سنڌي نه ڪڏهن سياست ۾ ڪنهن عهدي جي لالچ ڪئي ۽ نه ئي صحافت کي ڪمائيءَ جو ذريعو ڄاتو.

        شيخ صاحب جي تدبر جو عالم اهو هو جو جڏهن پابند ”قيد و سلاسل“ هو ته علي برادران (مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي جوهر) ان جي جيل جو طواف ڪيو ۽ الله اڪبر جا نعرا  بلند ڪيا. مان سمجهان ٿو ته شيخ عبدالمجيد سنڌي نالو آهي، هڪ تحريڪ جو جنهن مسلمانن جي تحريڪ آزادي کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪيو. منهنجي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته مون پاڪستان کي پنهنجين اکين سان ٺهندي ڏٺو، ان جي تعمير ۾ پنهنجن هٿن سان عملي طور حصو ورتو ۽ پاڪستان جي جدوجهد آزادي ۾ حصو وٺندڙ جن عظيم شخصيتن سان شرف ملاقات رهيو، انهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جن نمايان آهن.

        اها هڪ عجيب ۽ قابل افسوس ڳالهه آهي ته اڄ اسان جو نئون نسلُ تحريڪ پاڪستان جي انهن عظيم اڳواڻن جي زندگي ۽ ڪارنامن کان ناواقف آهي. جنهن جو سبب اهو ئي آهي ته اسان ۽ اسان جي ادارن انهن ڪيترن ئي شخصيتن جي جدوجهد تي ڪو به تفصيلي مواد شايع نه ڪيو آهي.

        مون کي خوشي ٿي رهي آهي ته تحريڪ پاڪستان جي هڪ عظيم اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي زندگي ۽ سندس جدوجهد تي شايع ٿيندڙ ڪتاب ”ٻَري جن ٻَارِي“ جي ذريعي آئون شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪري رهيو آهيان. قابل ذڪر ڪتاب محض ڪتاب ڪونهي پر اهو  ايم- فل لاءِ لکيل هڪ تفصيلي مقالو آهي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي پوري زندگيءَ جا ورق سمايل آهن.

        ڪتاب جو مصنف ڊاڪٽر خان محمد پنهور جيڪو شيخ صاحب جو ويجهو معتقد رهيو آهي، ان جي هيءَ ڪاوش قابل تحسين آهي، سندس هيشه سنڌ جي عظيم تاريخ ساز شخصيتن سان دلچسپي رهي آهي، خاص طور شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کان هو گهڻو متاثر آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر خان محمد  پنهور نه صرف شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ تي ايم – فل ڪئي، بلڪ شيخ صاحب جي ادارت هيٺ ڪافي عرصو جاري رهندڙ اخبار ”الوحيد“ تي پڻ پي. ايڇ . ڊي ڪئي آهي.

        منهنجي دعا آهي ته ڊاڪٽر  خان محمد پنهور سدائين صحتياب رهي ۽ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب هجي.

خالد شمس الحسن

ڪراچي

20 آڪٽوبر 1994ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org