سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مقالات خانائي

باب-

صفحو :1

مقالات خانائي

مصنف: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

 

ڇپائيندڙ پاران

سنڌي ادب ۽ تاريخ جي عالم ۽ پارکو ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ جي مقالن تي مشتمل ڪتاب! مقالاتِ خانائي (جلد پهريون) سنڌي ادبي بورڊ جي پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود مقالن ۽ مضمونن جي سوڌ، سنوار ۽ ترتيب ڏيڻ کان پروف پڙهڻ تائين سمورن ڪمن جي ذميداري مسٽر بشير احمد هيسباڻي سرانجام ڏني آهي.

بورڊ جي اشاعتي رٿا ۾ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي جو ڇپائيءَ لاءِ منظور ٿيل مواد تقريباً چئن جلدن تي مشتمل آهي، جنهن مان شخصيتن تي لکيل مواد کي پهرين جلد جي صورت ۾ ڇپايو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 20 شخصيتن جا تذڪرا شامل آهن. هر تذڪرو ڄاڻ جي لحاظ کان پنهنجي هڪ انفرادي حيثيت ۽ اهميت رکي ٿو. ڪتاب جي آخري حـصي ۾ مختلف خاندانن جا شجرا ضميمي طور ڏنا ويا آهن.

ڪنهن به موضوع تي لکڻ لاءِ ليکڪ کي بنيادي ڄاڻ جي ضرورت هوندي آهي. گهربل معلومات، جنهن کي عرفِ عام ۾ ماخذ چيو وڃي ٿو، اهي ماخذ جيستائين ليکڪ کي ميسر نه ٿا ٿين، تيستائين ڪوبه مضمون يا مقالو تيار ٿي نه ٿو سگهي.

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي جي تيار ڪيل مقالن جي آخر ۾ انهن ڪتابن جو وچور ڏنل آهي، جن تان ڊاڪٽر صاحب جن مدد ورتي آهي، جنهن مان پڙهندڙ ۽ تحقيق ڪندڙ جي رهنمائي ٿئي ٿي. هن ڪتاب جي مرتب چواڻي ته، هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي مڪمل نه هوندي آهي. ممڪن آهي ته هن ڪتاب جي مواد ۽ ڇپائيءَ ۾ ڪي ڪميون بيشيون رهجي ويون هجن، لائق پڙهندڙ حضرات اُن کان اسان کي ضرور آگاهي ڏين، ته جيئن اسان هن ڪتاب جو ايندڙ ڇاپو يا باقي ڇپجندڙ جلد، ڇپائيءَ کان اڳ بهتر ڪري سگهون.

 

ڄام شورو، سنڌ                                     اعجاز احمد منگي

اربع 15- شوال المڪرم 1427هجري                  سيڪريٽري

بمطابق 8- نومبر 2006ع                           سنڌي ادبي بورڊ


 

 

پيش لفظ

سنڌي علم ۽ ادب جو ممتاز عالم، اديب ۽ محقق، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي پنهنجي گوناگون ادبي ۽ تحقيقي خدمتن سبب علمي ۽ ادبي دنيا ۾ وڏي مڃتا ماڻي چڪو آهي. پاڻ سن 1955ع کان وٺي ادب، سوانح، تواريخ، تهذيب ۽ تمدن ۽ آثارِ قديمه جي موضوعن تي تحقيقي مضمون ۽ مقالا لکندو پئي رهيو آهي، جن مان اڪثر سنڌي زبان جي مشهور ۽ معروف علمي ۽ ادبي رسالن، جهڙوڪ: نئين زندگي، مهراڻ، الرحيم، ”پيغام“، ”سنڌي ادب“ وغيره ۾ شايع ٿي چڪا آهن. انهن مضمونن ۽ مقالن کي سنڌ خواه هند جي عالمن ۽ اديبن وٽ نهايت قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويو آهي.

ڊاڪٽر خانائي صاحب سن 1994ع ۾ سنڌي ادب جي شعبي مان اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ تعليم کاتي مان رٽائر ڪيو. پينشن تي لهڻ کان پو”، جلدئي سندس طبيعت ناساز رهڻ لڳي. انهيءَ ڪري، سن 1995ع ۾ پاڻ پنهنجي ڇپيل خواه اڻ ڇپيل مضمونن ۽ مقالن ۽ قلمي ڪتابن جو ذخيرو سوڌڻ، سنوارڻ ۽ ترتيب ڏيڻ لاءِ منهنجي سپرد ڪيائين. راقم انهن مضمونن ۽ مقالن کي مختلف اخبارن ۽ رسالن مان گڏ ڪري، موضوع جي لحاظ کان ترتيب ڏيئي، مقالات خانائي جي نالي سان مختلف جلدن ۾ مرتب ڪيو آهي.

تازو، سنڌ جي مشهور ۽ معروف علمي ۽ ادبي اداري، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري طرفان ڊاڪٽر خانائي صاحب جي علمي ۽ ادبي پورهئي جو قدر ڪندي، پنهنجي اشاعتي پروگرام تحت سندس مضمونن ۽ مقالن کي چئن جلدن ۾ شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ مقالات خانائي جو پهريون جلد ترتيب ڏيئي، بورڊ جي انتظاميا جي حوالي ڪجي ٿو. هن جلد ۾ آيل مضمونن ۽ مقالن ۾ سنڌ جي وڏي بلند مرتبي جي صوفي بزرگن ۽ مشائخن، نامور عالمن، اديبن ۽ مشهور تعليمي ماهرن جي سوانح حيات، سندن روحاني، ديني ۽ علمي خدمتن ۽ تصنيفات جو احاطو ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر خانائي صاحب جا اهي مضمون ۽ مقالا پنهنجيءَ جاءِ تي وڏيءَ اهميت ۽ افاديت جا حامل آهن. سنڌ جي نامياري عالم، اديب، محقق ۽ منهنجي بزرگ دوست، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري صاحب جي چواڻيءَ ته سائين خانائي صاحب جو هر مقالو پنهنجي جاءِ تي هڪ ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو. محترم قادري صاحب جي انهيءَ قول مطابق ڊاڪٽر خانائي صاحب جا هن وقت تائين جيڪي به مضمون ۽ مقالا شايع ٿيندا رهيا آهن، تن مان هرهڪ مضمون ۽ مقالو پنهنجيءَ جاءِ تي سچ پچ ته هڪ مڪمل ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو، ۽ اهي عام پڙهندڙن خواه عالمن ۽ اديبن جي اڳيان هڪ معياري مواد پيش ڪن ٿا.

جيئن ته هر شيءِ پنهنجيءَ جاءِ تي مڪمل نه هوندي آهي، تيئن اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته راقم جي هن ترتيب ڏنل مجموعي ۾ ڪٿي ڪي اوڻايون رهجي ويون هجن. ان لاءِ منهنجو پڙهندڙن کي عرض آهي ته هو جيڪڏهن محبت ۽ پيار واريءَ عينڪ سان هن ڪتاب جو مطالعو ڪندا، ته ان مان ڪافي لاڀ حاصل ڪري سگهندا.

محبت پائي مـَـنَ ۾، رَنڊا روڙيا جـَـنِ،
تـَـن جو صرافـَـن، اڻ توريو اَگهائـِـيو.
                              
                         (شاهه)

رضا هائوس،

مهراڻ ڪالوني، نواب شاهه سنڌ

1- ربيع الاول 1427هجري                           خادم العلم

مطابق 31- مارچ 2006ع                        بشير احمد هيسباڻي

 

 

مهاڳ

سنڌ، صدين کان وٺي هڪ مخصوص تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو گهوارو پئي رهي آهي. سنڌ جي سرزمين، برصغير هند و پاڪ ۾، هر دؤر  ۽ هر زماني ۾، علمي، مذهبي ۽ تعليمي لحاظ کان پڻ وڏيءَ اهميت ۽ حيثيت جي حامل رهي آهي. خاص طرح، سنڌ ۾ اسلامي حڪومت جي قائم ٿيڻ کان پوءِ، هيءُ علائقو علم، فضل ۽ هدايت سان گڏ، روحانيت جو پڻ هڪ مکيه مرڪز رهيو آهي. سنڌ، ظاهري علمن سان گڏ، باطني علمن ۽ تصوف جي مڙني سلسلن جي وڏن مرڪزن مان هو. تصوف جي سلسلي ۾، سنڌ ۾ سهروردي، قادري ۽ نقشبندي طريقي جي صوفي بزرگن ۽ مشائخن پنهنجي روحاني فيض ۽ برڪت سان نه صرف سنڌ، بلڪ ٻاهرينءَ دنيا کي پڻ فيض رسايو. انهيءَ ڏس ۾، هتي انهن بزرگن ۽ صوفي درويشن پنهنجون خانقاهون قائم ڪيون، جي رشد ۽ هدايت جا وڏا مرڪز هئا. اهي خانقاهون ۽ آستان، دراصل معرفت الاهي، تزڪيه نفس، پاڪيزه اخلاق ۽ اوصاف جي درس جا مکيه مرڪز هئا. راقم، انهن سڀني ڳالهين کي اُجاگر  ڪرڻ لاءِ، سنڌ جي اهڙن ڪيترن عالمن، بزرگن ۽ صوفي مشائخن جي زندگيءَ جي حالات ۽ سندن ڪارنامن تي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ، وقت به وقت مضمون ۽ مقالا پئي لکيا آهن، جي اُن وقت جي برک علمي ۽ ادبي رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. اهڙن مضمونن ۽ مقالن کي هن ڪتاب ۾ درج ڪيو ويو آهي.

ازان سواءِ، سنڌ ۾ جن عالمن ۽ تعليمي ماهرن، تعليم جي ڦهلائڻ لاءِ وقت به وقت جيڪي جتن ۽ ڪوششون ڪيون آهن، تن جي حياتين ۽ سندن ڪارنامن تي لکيل مقالن کي به هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ته جيئن سنڌ جي پڙهندڙن ۾ به تعليم جي ترقيءَ لاءِ اُتساهه ۽ چاهه پيدا ٿئي. ان سان گڏ، انهن بزرگن ۽ مشائخن جي باري ۾ به خاڪا ڏنا ويا آهن، جن تصوف جي علم سان گڏ تبليغي، اصلاحي ۽ روحاني تعليم جي جدوجهد جي سلسلي ۾، سنڌ ۾ ڪوششون ورتيون آهن. انهن سڀني لکيل مقالن جي اهميت ۽ افاديت کي وڌيڪ مؤثر ۽ جاندار بنائڻ لاءِ، ڪيترين ئي جاين تي ضروري معلومات، وضاحتي حاشيا ۽ فوٽ نوٽ ڏنا ويا آهن، ته جيئن پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي.

راقم کي انهيءَ ڳالهه جو اعتراف آهي ته گهڻيءَ ڪوشش ۽ تحقيق جي باوجود، ڪيترن بزرگن جي احوالن ۾ ڪافي جاين تي اوڻايون رهجي ويون هونديون، جن کي صرف علمي ماڻ ۽ ماپي واريءَ نگاه سان پرکيندا. ان کان سواءِ، هن ڪتاب ۾ آيل سڀني شخصيتن جي تذڪري بيان ڪرڻ جو وڏو مقصد اهو آهي، ته سنڌ جي هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو، خاص ڪري نوجوان توڙي وڏيءَ عمر وارا، انهن احوالن جي مطالعي کان پوءِ، سنڌ جي قديم ثقافت، تمدن ۽ تواريخ کان واقفيت حاصل ڪن. هن ڪتاب ۾ آيل سڀني بزرگن ، عالمن ۽ تعليمي ماهرن کي تواريخ وار (Chronological) ترتيب سان رکيو ويو آهي، ته جيئن پڙهندڙن کي وڌيڪ آساني ۽ سهوليت ٿئي ۽ هــُـو سولائيءَ سان ان جو مطالعو ڪري سگهن.

آخر ۾ ايترو ضرور چوندس، ته منهنجي هن سموري ڪم ۾ سندم مخلص ۽ محنتي ساٿي، عزيزم بشير احمد هيسباڻيءَ پنهنجيءَ ملازمت جي مصروفيتن باوجود، هنن سڀني مقالن تي نظرثاني ڪرڻ سان گڏ، انهن ۾ ضروري دُرستين ڪرڻ، اضافن کي شامل ڪرڻ ۽ مسودي کي ترتيب ڏيڻ ۾ منهنجو پورو پورو ۽ ڀرپور ساٿ ڏنو. ان سان گڏ، هـُـن پنهنجي ڪتبخاني مان وقت به وقت ڪيترائي ناياب  ۽ قيمتي ڪتاب ماخذ طور مهيا ڪيا، جن جي بغير شايد ڪيتريون ئي ڳالهيون اڌوريون رهجي وڃن ها! ساڳئي وقت، راقم، سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميا جو به ٿورائتو آهي، جن هن ڪتاب کي پنهنجي اشاعتي پروگرام هيٺ شاندار نموني ۾ شايع ڪيو.

 

خانائي هائوس

مهراڻ ڪالوني، نواب شاهه سنڌ.                      احقرالعباد

14- صفر المظفر 1427هه                       قريشي حامد علي خانائي

مطابق 15- مارچ 2006ع

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org