سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

باب-5

صفحو :5

 

باب پنجون

ديني خدمتون

شريعت جي پابندي

شريعت سڃاڻ، ڪر طريقت تڪيو،
هنيون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ڄاڻ،
هوءِ ثابوتي ساڻ، ته پسڻان پالهو رهين!

الله تعاليٰ طرفان رسول الله جن تي نازل ٿيل قرآن حڪيم، حق ۽ هدايت، رحمت ۽ حڪمت جو سرچشمو آهي. قرآني تعليمات جو اهم مقصد، چڱن ڪمن جو امر ڪرڻ ۽ بڇڙن ڪمن کان روڪڻ آهي. ان ڪري هرهڪ انسان کي قرآني تعليم ۽ سـُـنت رسول تي عمل ڪرڻ لازمي آهي. هن دنيا ۾، انسانن ۽ جنن جي اچڻ جو مقصد به الله تعاليٰ جي عبادت ڪرڻ آهي. مگر علماءِ ڪرام تي اهو بار اڃا به سوايو آهي ته اهي قرآني تعليم، سـُـنتِ رسول ۽ امرنهي جو پيغام پهچائين ۽ پرچار ڪن. گمراهن کي حق جو رستو ڏيکارين ۽ ظالمن کي به ظلم کان روڪين.

اڳين قومن ۽ انهن جي عالمن کي به ان ڪري نـِـنديو ويو آهي، جو اُهي حق جون ڳالهيون لڪائيندا هئا. ڪو وڏو ماڻهو گناهه ڪندو هو ته خدائي قانون جي تحريف ڪري، ان کي وڏيءَ سزا جي عيوض هلڪي سزا ڏيندا هئا. ان ڪري اهي قومون خدا جي غضب هيٺ اچي ويون. ٻئي طرف اصلاحي دعوت ۽ تبليغ جي ڪري، الله تعاليٰ اسان کي  ”خير امـةِ“  يعني ڀلي اُمت ڪري سڏيو آهي. بهر حال، هيءَ دنيا عمل جو ميدان آهي، جنهن ۾ جو ڪجهه ماڻهو پوکيندو، ته اڳتي اهائي پوک لڻندو.

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به هڪ جيد عالم، ڪامل ولي، عاشقِ رسول ۽ شريعت جو پابند هو. تنهنڪري الله ۽ رسول جي ارشاد موجب مٿس اهو بار ٿي پيو ته، هـُـو، پنهنجي علم مان ماڻهن کي روشنائي، خلق خدا کي قرآن ۽ سـُـنت جي تعليم ڏئي ۽ امرنهي جي بجا آور ڪري. ان ڪري مخدوم صاحب پرينءَ جو پيغام پهچائڻ، امرنهي ۽ شرعي احڪامن جاري ڪرڻ ۾، رات ڏينهن ڪوشش ڪندو رهيو. حق جي چوڻ ۾ ڪنهن جي ملامت ۽ مخالفت جو خيال نه ڪندو هو ۽ ڪرڻ به نه گهرجي:  ”چون دل شيرنداري سفر عشق مکن.“  مطلب ته شينهن جهڙي دل نه هـُـجئي، ته عشق جو سفر نه ڪر! مخدوم صاحب به ڏَيا وارو، شير دل هو. هميشه تقرير، تحرير، علم ۽ قلم سان اسلام جي خدمت ڪندو رهيو. نتيجي ۾ اجايون ريتون رسمون ختم ٿي ويون ۽ بدعتن کي ٻـُـنجو اچي ويو. جهالت ۽ بي دينيءَ جي پاڙ پٽجي وئي. اهو سمورو ڪم خدا ڪارڻ، دين متين جي سربلنديءَ لاءِ ڪندو رهيو. بقول سچل:  ”سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي.“  پاڻ شريعت جي خدمت ۽ دين اسلام جو پيغام هڪ ادنيٰ فرد کان وٺي وقت جي حاڪمن تائين پهچايائين. مير علي شير  ”قانع“  ٺٽوي لکي ٿو:

 ”(مخدوم محمد هاشم) سـُـنت جماعت جي مذهب جي تقويت ۽ دين متين جي رسمن زنده ڪرڻ ۾ پنهنجو مـَـٽُ پاڻ هو. هن جي ڏينهن ۾ سندس ڪوشش سان اهڙا وڏا ڪم سرانجام ٿيندا هئا، جيڪي سچي دين جي تائيد جو ڪارڻ هوندا هئا. مشرڪن ۽ دين جي دشمنن تي سندس عمل چڱيءَ طرح جاري هو. سندس وقت ۾ گهٽ ۾ گهٽ سوين ذمي (ڪافر) ايمان سان مشرف ٿيا. نادر شاهه بادشاهه ۽ احمد شاهه جهڙن وقت جي بادشاهن سان خط و ڪتابت جو رستو کليل رکندو هو ۽ سندس استدعائن تي دين جي تقويت متعلق دل گهـُـريا احڪام جاري ٿيندا ۽ چڱيءَ طرح عمل ۾ ايندا هئا. مطلب ته سندن وجود غنيمت هو.“ (1)

مخدوم صاحب دين اسلام جي تبليغ ۽ ترويج لاءِ جيڪي خدمتون ڪيون، سي سج وانگر روشن آهن. هـُـن نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ کي سندن ظلم ۽ استبداد خلاف خط موڪليا هئا.(2)

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي طرفان پروانو

مخدوم صاحب جي علمي ڌاڪ ۽ شرعي خدمت ماڻهن، طالبن ۽ عالمن سان گڏ وقت جي حڪمرانن تائين پهچي چـُـڪي هئي. هڪ دفعي ان وقت جو حاڪم، ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سندس فيض ۽ علم جو عروج ٻـُـڌي، سندس زيارت ڪرڻ لاءِ ٺٽي آيو. ميان غلام شاهه، مخدوم صاحب جي نـُـوراني مـُـنهن مبارڪ ۽ خدا داد قابليت کان اهڙو ته متاثر ٿيو، جو کين سڄيءَ سنڌ لاءِ  ”شيخ الاسلام“  (قاضي القضاهِ) مقرر ڪيائين. سندس شرعي تحريرون، سرڪاري ڪورٽن ۾ آخري فيصلو ليکيون ويون.(3)

ڄام نندي جي وفات (سن 914هه/1508ع) بعد رفته رفته شهر ٺٽي ۾ دين جي عزت گهٽ ٿيڻ لڳي. ماڻهو فسق و فجور ۽ گناهه جي ڪمن ڏانهن راغب نظر اچڻ لڳا هئا. شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ نماز گهٽجي وئي. ماڻهو عيش و عشرت ۽ سير و تفريح جا شوقين ٿي ويا هئا. هاڻي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو دور شروع ٿي چڪو هو. مخدوم صاحب انهن حالتن کان ميان غلام شاهه کي آگاهه ڪرڻ لاءِ هڪ درخواست نامو روانو ڪيو، جنهن ۾ عوام جا سارا حالات حرف بحرف درج ٿيل هئا. چوري، زناڪاري ۽ غير شرعي ڪمن بابت پوري تفصيل سان بيان ڪيل درخواست ميان غلام شاهه پڙهي غور ڪري، هڪ زبردست پروانو لکي، پنهنجي عالمن، حڪومت جي نائبن ۽ پوليس وغيره کي موڪليو، جنهن جو نقل ۽ مطلب ملاحظي لاءِ ڏجي ٿو:

پرواني جو نقل

 ”سڀني عمالن ڪامورن ۽ نائبن کي جيڪي هينئر موجود آهن يا انهن جي جاءِ تي هاڻي ايندا، تن کي معلوم هجي ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جن جي لکڻ موجب هيٺيان گناهه ملڪ ۾ عام ٿي رهيا آهن، جن کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ شرع محمديءَ جي ترويج لاءِ اوهان سڀئي مخدوم صاحب جن سان تعاون ڪريو ۽ سندس حڪمن جي تعميل ڪريو. اسلام ۽ شرع مطابق جيڪو پاڻ فيصلو ڪن، انهيءَ تي عمل ڪرايو ۽ ڪريو.

هيٺين غير شرعي ڪمن جي روڪڻ ۾ سندن هر ممڪن مدد ڪريو، جهڙوڪ: تابوت ڪڍڻ، پـِـٽڻ، عاشوري جي ڏينهن ۾ ماتم ڪرڻ، شراب ۽ ٻين نشي وارين شين جو استعمال، جوا، ڇوڪري بازي، زنا، فاحشات، کدڙن جو نچڻ، مسلمان عورتن جو تفريح جي خيال سان باغن ۾ گهمڻ ۽ جبل جي سير لاءِ وڃڻ، قبرن تي عورتن جو وڃڻ يا ميت تي آواز سان روئڻ، جيئن ٻيا ماڻهو ٻـُـڌن ۽ ڪنهن انسان ۽ جاندار جو فوٽو ڪڍڻ سخت منع آهي.

هندوئن کي تاڪيد ڪيو وڃي ٿو ته پنهنجي دوڪانن يا گهٽين ۽ بازارن ۾ ڌوتي مٿي کڻي، گوڏا پڌرا ڪري نه هلن.

سڀني مسلمانن کي حڪم ٿو ڪجي ته ڏاڙهي شرعي حد جيتري رکائين، ڏاڙهي نه ڪوڙائين ۽ وڏيون مـُـڇون رکائڻ به منع آهي. ڏاڙهي ڪوڙائڻ جي منع آهي.

هندوئن کي منع ٿي ڪجي ته پنهنجي وڏن ڏينهن جهڙوڪ: هولي يا ڏياري وغيره تي کـُـلئي عام جاءِ تي ساز سرود نه وڄائين ۽ نه وري ڪنهن کـُـليءَ جاءِ تي ڀڳت وغيره ڪن. دُهل ۽ ناقوس وغيره نه وڄائين ۽ مسلم عوام جي سامهون کـُـلين جاين تي بـُـتن کي سجدو نه ڪن ۽ درياءَ تي وڃي عام تڙن تي ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ درياهه جي پوڄا ڪرڻ، جنهن مان ماڻهن ۾ اشتعال ۽ بدنظمي پيدا ٿئي يا اعتراض شروع ٿئي يا ڪي انهن کي ڏسي براين جا مـُـرتڪب ٿي پون. اهڙين ڳالهين ۽ هر حرام ۽ بدعت جي منع آهي. اوهان کي تنبيهه ٿي ڪجي، ته مسلمان پنهنجي دين جي حڪمن، روزي، نماز، زڪواهِ، مال ۽ جان جي عبادتن کي بجا آڻين. سخت هدايت ۽ تاڪيد ٿو ڪجي، ته هن حڪمنامي ۾ ڄاڻايل ڳالهين تي اهڙيءَ طرح عمل ڪرايو وڃي، جو هڪ به شخص ڪنهن گناهه جي ڪم جو ارتڪاب ڪري نه سگهي. جهڙيءَ طرح هيءُ پروانو لکجي ٿو، ان تي پوريءَ طرح عمل ڪيو وڃي. هر آفيسر هن کي پنهنجو ذمو ڪري سمجهي، نه ته ان جي جوابدهيءَ لاءِ خود ذميدار رهندو. تاريخ 2 شعبان 1172هه.“ (1)

ديني ۽ انقلابي تبليغ جا اثرات:

مٿئين مذڪور فرمان جو نتيجو ڪهڙو نڪتو؟ انهيءَ سلسلي ۾ خانبهادر محمد صديقي ميمڻ لکي ٿو:

 ”پرواني ملڻ کان پوءِ مخدوم صاحب، ٺٽي جي آس پاس جي ڳوٺن وارن مسلمانن کي اسلامي اصولن ۽ شريعت جي قانون تي هلڻ لاءِ مجبور ڪيو، ٺٽي ۽ ان جي آس پاس مان سڀ بدعتون صفا بند ٿي ويون. اوتارن مان ڏانڊا، ڪـُـونڊا ۽ سرڪلياڻ گم ٿي ويا ۽ غير آباد مسجدون وري آباد ٿي ويون.“ (1)

ٺٽو، ان وقت علم ۽ هنر جو مرڪز هو. ٺٽي ۾ مختلف مڪتبئه فڪر جا وڏا وڏا عالم ۽ فاضل، صوفي ۽ درويش، شاعر ۽ سياڻا رهندا هئا. ان ڪري ٺٽي ۾ علمي مجلسن، بحث مباحثي، شعر و شاعري، تصنيف و تاليف جو چهچٽو متل هوندو هو. پر ايترن عالمن ۽ صوفي درويشن هوندي، ٺٽي ۾ غير شرعي ڪم ٿيندا هئا. جاهل صوفين ڪئين بدعتون جاري ڪري وڌيون هيون. انهن جو اثر، عام ماڻهن سان گڏ اهلِ علم کي به لپيٽ ۾ آڻيندو ۽ وڪوڙيندو ٿي ويو. حڪومت طرفان به اسلامي اصولن ۽ شريت جي پابندي ۽ بدعتن وغيره جي باري ۾ پـُـڇا ڳاڇا ڪانه ٿيندي هئي.

اهڙي سمي مخدوم صاحب سنڌ ۾ فرمان جاري ڪرائي، اسلامي زندگيءَ ۾ هڪ عظيم اصلاحي انقلاب برپا ڪيو. هزارين انسان، جن جو خدا کان ناتو ٽٽل هو، اُهي شريعت پاڪ تي عمل ڪري، صالح ۽ پرهيزگار بنجي پيا ۽ معاشرو سـُـڌري صالح بنجي پيو.

انقلاب رڳو ڳالهين ڪرڻ ۽ هـَـٿُ هـَـٿَ تي رکي ويهڻ ۽ تمنائن رکڻ سان ڪونه ايندو آهي، پر ان لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائڻي پوندي آهي. تقرير تحرير، زبان قلم، تن من ڌن، مطلب ته مالي ۽ جاني قرباني ڏيڻي پوندي آهي. مخالفت جي طوفانن سان ٽڪر کائبو آهي. انهن سڀني ڳالهين جي پيشِ نظر مخدوم صاحب انقلاب مان مراد اهو انقلاب وٺي ٿو، جنهن ۾ الله ۽ رسول جو حڪم جاري ٿئي، شريعت جي بالادستي قائم رهي. قرآن ۽ سـُـنت تي عمل ٿئي، ماڻهو واهيات ۽ خراب ڪم ڇڏي، اعليٰ اخلاق جا صاحب بنجن، شيطان مڪار، عيار ۽ ازلي دشمن جو پاسو ڇڏي، رب رحمان جو رستو وٺن، جنهن مقصد لاءِ انسان هن دنيا ۾ آيو آهي، اهو حقيقي مقصد حاصل ڪن، ماڻهو امن امان، سـُـک شانتي، محبت ۽ قربت ۾ زندگي گذارين ۽ وڌ ۾ وڌ انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهتري ٿئي، جهالت جون ريتون رسمون بند ٿين، ظلم ۽ تشدد جا ٻنڌڻ ٽـُـٽڻ: ماڻهن ۾ اخوت، محبت، اسلامي روح ۽ جذبو اُڀارجي. ائين ڪرڻ سان ترقي ۽ جاڳرتا ٿيندي، ۽ واڌاري ۽ سـُـڌاري جون نيون راهون کـُـلنديون ۽ املهه اتساهه پڻ ملندو.

مخدوم صاحب انهيءَ انقلاب جو حامي نه هو، جنهن سان مارڌاڙ، ملڪ ۾ فتنو فساد، ڦـُـرلٽ، هنگامه آرائي، ماڻهن جو امن امان برباد، ڏڦيڙ ۽ بدامني پيدا ٿئي ۽ هر هڪ جو سـُـک ۽ آرام ڦٽي. اهي ڳالهيون ته ظلم جي عڪاسي ڪن ٿيون. بلڪه مخدوم صاحب ته ماڻهن جي سک سلامتي، امن امان، شريعت جي بالادستي ۽ خوشحاليءَ جو خواهان هو:

اورون کا پيغام اور هـي ، ميرا پيغام اور هي ،
عشق ڪي دردمند ڪا  طرز ڪلام اور هي !

بهرحال، مخدوم صاحب دين متين جي سربلنديءَ لاءِ اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو، جنهن لاءِ هن وقت وڏيون سياسي جماعتون، ادارا ۽ حڪومتون به مصلحت طور عاجز نظر اچي رهيون آهن. مشڪل سان اهو حق ادا ڪري سگهن، پر الله تعاليٰ قادر ڪريم آهي! خود الله تعاليٰ جا موڪليل نبي ۽ رسول به انقلابي هئا، ڇو ته انهن به گمراهي ۽ بگڙيل معاشري جي جاءِ تي نئين شريعت آڻڻ ٿي گهري. نئون ۽ صاف سٿرو پاڪ نظام آڻڻ ٿي چاهيو. تنهنڪري اها ڳالهه سندن قومن کي نه وڻي ۽ سندن مخالفت ۾ اُٿي کڙا ٿيا. خود اسان جو پيارو پيغمبر به  ”رحمـة للعالمين“  هو، پر تنهن هوندي به مخالفن سندن مخالفت ۾ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو، مگر الله تعاليٰ دين اسلام کي پورو ۽ ڪامل ڪيو. ۽ چراغ - مصطفوي نه اُجهاڻو ۽ تا ابد روشن رهيو ۽ رهندو!

اهو لازمي اوس ٿيڻو هو ته مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي انهيءَ عظيم انقلاب جي انفرادي يا اجتماعي طور مخالفت ٿيندي، پر مخدوم صاحب هماليه وانگر مضبوط ۽ اٽل رهيو.

هونئن به ڇڙواڳ خيال، شريعت جي احڪامن تي عمل ڪرڻ کان مـُـنهن موڙي، ڪئين بهانا بنائي ۽ حيلا هلائيندا آهن. پنهنجي من مستين ماڻڻ لاءِ جتن ڪندا آهن، ۽ نفس کي راضي ڪرڻ لاءِ هٿ پير هلائندا آهن، مگر نيٺ کين ناڪامي پلئه پوندي آهي. انهيءَ سلسلي ۾،  ”الوحيد“  ۾ اچي ٿو:

 ”مخدوم صاحب جي انهيءَ شرعي تحريڪ جي ڪن آواره مزاج ماڻهن (مخالفت سان) ڪوشش ورتي. مگر نتيجو ان جي برعڪس نڪتو، يعني ته ميان غلام شاهه وٽان مخدوم صاحب کي ٺٽي جي قاضي القضاة جو عهدو مليو، جنهنڪري مخالفن جي طاقت جو هميشه لاءِ خاتمو ٿي ويو.“ (1)

انهيءَ شرعي پرواني ملڻ بعد مخدوم صاحب جي مخالفت ٿيڻ لازمي هئي. گهڻن ئي ماڻهن سندس مخالفت ۽ دشمنيءَ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي، پر پاڻ هر وقت پهاڙ وانگر بـُـراين جي پاڻ پٽڻ لاءِ ڄميا رهيا. عام ماڻهن جي مخالفت ته اوس ٿيڻي هئي، مگر ان وقت جي وڏي عالم ۽ صوفي مخدوم محمد معين ٺٽويءَ به مخدوم صاحب جي ڪن مسئلن ۾ مخالفت ڪئي، جيتوڻيڪ مخدوم محمد هاشم حق تي هو. مخدوم محمد معين جون مخدوم صاحب سان ڏاڙهي ڪترائڻ ۽ خاص شرعي نموني ۾ محرم ۾ ماتم ڪرڻ تي رد ڪد هليا، پر ان جو مخدوم محمد معين جي حق ۾ ڪوبه معقول نتيجو ڪونه نڪتو. مخدوم صاحب شرعي حڪمن جي پابنديءَ تي ايترو زور ڏياريو، جو وضوءَ ۽ غـُـسل لاءِ شرعي مقدار تي پاڻيءَ جي استعمال جو حڪم ڏنائين ۽ پوري وزن جا ڪوزا ٺهرايائين، جن کي ان زماني ۾  ”هاشمي ڪوزا“ سڏيو ويندو هو.(2)

وحده  ’لاشرڪ لـھ‘، چئي چوندو آءُ،
فرض، واجب، سـُـنتون، تنئون ترڪ م پاءِ،
توبهه سندي تسبيح، پڙهڻ ساڻ پچاءِ،
نـِـگا پنهنجي نفس کي، ڪا سنئين راهه سونهاءِ،
ته سندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي!
                                        (شاهه)

روحاني طاقت:

مخدوم صاحب ظاهري طرح هڪ وڏو زاهد، شريعت جو پابند، عاشقِ رسول ۽ ڪامل ولي هو. سندس ڪرامتن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:

هڪ بزرگ صاحبِ دل جون مـُـڇون سـُـنت مطابق نه هيون. ان ڪري مخدوم صاحب جبراً اُن جون مـُـڇون سـُـنت مطابق ڪٽيون. تنهن تي اهو بزرگ غضبناڪ ٿيو ۽ چيائين ته، اوهان جي خبر لهندس، يعني سزا ڏيندس. پر مخدوم صاحب ان جي ڪابه پرواهه نه ڪئي. مخدوم صاحب حسبِ دستور ٽپهري نماز کان پوءِ تڏي تي ويهي، حديث شريف جو درس پئي ڏنو، ته اُن بزرگ ايذاءُ پهچائڻ واسطي مخدوم صاحب تي باطني توجـھ سٽيو. مخدوم صاحب کي معلوم ٿيو ته،  ”حسبنا الله“  چئي، پنهنجي هٿ سان توجـھ کي رد ڪيو. ان وقت ئي تڏي ۾ باطني توجـھ جي اثر ڪري سوراخ ٿي پيو، جنهن جو اثر زمين ۾ به ٿيو، پر مخدوم صاحب امن ۽ قرار سان رهيو ۽ حديث شريف جو درس ڏيندو رهيو.(1)

ڪـَـکَ سڙن، پـَـنَ سڙن، سڙي سائو گاهه،
جن ريجهايو الله، تئو نه اچي تن کي!
                                        (شاهه)

ساڳئي قسم جي هڪ روايت بـُـوعلي قلندر (المتوفي: 724هه/1324ع) جي باري ۾ به آهي، ته ان بزرگ جون مـُـڇون به سنت نبويءَ جي خلاف تمام وڏيون هيون. ڪنهن کي به جرئت نه پئي ٿي، جو کيس مـُـڇن وٺڻ لاءِ عرض ڪري. خواجه ضياءُ الدين سنامي (المتوفي: 738هه/1338ع) شريعت ۽ تقويٰ جو صاحب هو. پاڻ قئنچي کڻي اڳتي وڌيو. (بـُـوعلي قلندري ٻه ٽي ڀيرا تيز نگاهن سان خواجه صاحب ڏانهن توجـھ ڪيو، پر خواجه صاحب تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيو. خواجه ضياءُ الدين سنامي جي وڃڻ کان پوءِ ماڻهن عرض ڪيو، ته اڄ ضياءُ الدين اوهان تي ڏاڍي سختي ڪئي. بـُـوعلي قلندري فرمايو ته ٻه ٽي ڀيرا ان تي توجهه سٽيم، مگر ان کي شريعت جي زرهه ڍڪيل هئي. منهنجي باطني تير اُن تي ڪوبه اثر نه ڪيو.) خواجه ضياءُ الدين قئنچي کڻي بـُـوعلي قلندر جي سـُـونهاريءَ کي جهلي، سندس مـُـڇون ڪٽيون هيون.(1) اُن کان پوءِ بـُـوعلي قلندر پنهنجي سـُـونهاريءَ کي چمندو هو ۽ چوندو هو، ته هيءَ سـُـونهاري (مـُـڇن ڪٽڻ وقت) شريعت محمديءَ جي رستي ۾ پڪڙي ويئي آهي.(2)

بهرحال، مخدوم صاحب جي همت ۽ جرئت کي سلام آهي، جو هـُـو شريعت محمديءَ جي احڪام ۽ پابنديءَ ۾ ڪنهن به ننڍي يا وڏي، ۽ پنهنجي ۽ پرائي جي پاس خاطري ۽ رک رکاءُ نه ڪندو هو:

جنين سودو سچ سين، وکر وهايو،
بخرو  ”لهم البشريٰ“  جو، اُنين لئه آيو،
ان کي لالڻ لنگهايو، ساندارو سمونڊ جو.
                                        (شاهه)

شريعت سڃاڻ:

مخدوم صاحب پنهنجي اُستاد مخدوم ضياءُ الدين ٺٽويءَ جي مرشد مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ سان تمام گهڻي عقيدت رکندو هو. ايتري قدر جو سندس ويهڻ واري کٽ کي به ڇنڊيندو ۽ صاف ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن مخدوم ابوالقاسم وضو پئي ڪيو. ٻانهن ڌوئڻ مهل ٺونٺ کان پاڻي ٿي نايائين، جيڪو هيٺ ڪارائيءَ ۽ هٿ ڏانهن ٿي ويو. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ عرض ڪيو ته فقـھ جي ڪتابن موجب، پاڻي هٿ ۽ ڪارائيءَ کان مٿي ٺونٺ ڏانهن نائڻ گهرجي. مخدوم ابوالقاسم فرمايو، ته مون رسول الله جن کي اهڙيءَ طرح ڪندي ڏٺو آهي. مخدوم صاحب عرض ڪيو، ته حسب روايت فقـھ جي اهو طريقو آهي، آئنده اوهان جي مرضي. مخدوم ابوالقاسم ان وقت حضور جن ڏانهن متوجهه ٿيو، پوءِ مخدوم نقشبنديءَ چيو ته حضور جن فرمايو، ته جيڪڏهن توهان هن نموني ڪندي ڏٺو آهي، (توهان جي نظر ۽ ڏسڻ ۾ ڀـُـل ٿي سگهي ٿي) پر جيئن مخدوم چوي ٿو، ائين معمول ڪر. هاڻي جيئن مخدوم چوي ٿو، اهڙيءَ طرح وضو ڪريان ٿو.

 ”تڪمله مقالات الشعراء “  جو صاحب لکي ٿو، ته سبحان الله! مخدوم صاحب جي حق گوئي جو مرتبو هن مان ڏسڻ گهرجي، جو اهو امر نه فرض هو نه واجب، بلڪه محض احتياط هو ۽ حضرت مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي تصوف ۽ مڪاشفي جو به ڪمال آهي، جو اک ڇنڀ ۾ حضور جن کان جواب وٺي آيو.(1)

اکيون سي ئي ڌار، جن سان پسين پرينءَ کي،
ٻي ڏانهن ڪيمَ نهار، گهڻو ريسارا سپرين.
                                        (شاهه)

درٻارِ رسالت ۾ مقبوليت:

 ”تڪمله مقالات الشعراء “  ۾ آهي ته هڪ شخص مخدوم صاحب کان ڪو مسئلو لکايو. ان کان پوءِ تصديق واسطي صحيح ڪرڻ لاءِ مخدوم صاحب جي استاد مخدوم ضياءُ الدين ٺٽويءَ، جيڪو مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد هو، وٽ کڻي ويو. مخدوم ضياءُ الدين جو اُن مسئلي ۾ رايو ٻي طرح هو، ان ڪري دستخط نه ڪيائين. رات جو خواب ۾ رسول الله جن کي ڏٺائين. حضور جن فرمايو ته،  ”جيئن محمد هاشم چوي ٿو، توهان به انهيءَ تي فتويٰ ڏيو.“  مخدوم ضياءُ الدين صبح جو انهيءَ ماڻهوءَ کي گهرايو ۽ ڪاغذ تي دستخط ڪري ڏنائين. ان کان پوءِ جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو وٽس مسئلي لاءِ ايندو هو، ته ان کي مخدوم محمد هاشم وٽ موڪليندو هو ۽ چوندو هو ته حضور جن  فتويٰ ان جي هٿ ۾ ڏني آهي.(2)

وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي،
ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ،
سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنهن جي اڀئين.
                                        (شاهه)

فتويٰ نويسي:

هڪ ماڻهو هندوستان کان فتويٰ وٺڻ آيو. گهمندي مڪليءَ واري قبرستان ۾ پهتو، جتي مخدوم صاحب جي قبر آهي. اتي کيس هڪ شخص مليو. اُن پڇيس ته درويش! ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ جنهن کي چيائين، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان فتويٰ وٺڻ ٿو وڃان. ان ماڻهوءَ چيس، پنو قلم ڏي. هن کان پنو قلم وٺي، کيس فتويٰ لکي ڏنائين. هي ماڻهو ٺٽي شهر ۾ آيو، جتي کيس معلوم ٿيو ته مخدوم صاحب گذاري ويو آهي. سندس مدرسو هلندڙ هو. شاگردن کي فتويٰ ڏيکاريائين، جن مخدوم صاحب جا اکر سـُـڃاتا.(1)

ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مانُ،
ڪوڙئين ڪن سلام، آڳـھ اچئو ان جي!
                                        (شاهه)

اهڙي قسم جي هڪ روايت مخدوم صاحب جي شاگرد مخدوم عبدالله نرئي واري ۽ گرهوڙي صاحب جي قاصد جي ڪڇ طرف به مشهور آهي.(2)

عين عبادت:

هڪ بي علم شخص، مخدوم صاحب جي عين موقعي نماز پڙهڻ وقت سندس خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. مخدوم صاحب ان بي علم کي نماز پڙهڻ لاءِ چيو. نيٺ هن شخص، مخدوم صاحب جي چوڻ ڪري سندس پٺيان اقتدا ڪئي. قيام، رڪوع، سجود وغيره ارڪانن ۾ مخدوم صاحب کي گهڻي دير ڪندي ڏسي، ملول ٿي نماز ڇڏي ڀڄي ويو. آخر ڪجهه وقت کان پوءِ اهو شخص ڪنهن آدمي ٺٽي جي رهاڪوءَ سان ملاقي ٿيو، جنهن کان پڇيائين ته مخدوم صاحب نماز کان فارغ ٿيو آهي، يا اڃا رڪوع سجود ۾ آهي؟ ٺٽي جي رهاڪوءَ هن کي ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ۽ مخدوم صاحب سان اچي ڳالهه ڪيائين، ته فلاڻو شخص توهان جي پٺيان نماز پڙهندي، ڪڪ ٿي اڌ مان ڀڄي ويو آهي. مخدوم صاحب کيس چيو،  ”جڏهن (نماز ۾) منهنجي هڪ تسبيح درگاهه الاهيءَ ۾ مقبول ٿيندي آهي، تڏهن وري ٻي تسبيح پڙهندو آهيان، تان ته ائين ٽي تسبيحون پڙهندو آهيان، نه وڌيڪ.“ (1)

بهرحال، مخدوم صاحب عالم رباني، متقي، روحانيت جو صاحب، شريعت جو پابند ۽ ڪامل ولي هو.

 

----


(1) ”تحفة الڪرام“ ، ص 565

(2) ”بناء الاسلام“ ، ڏسو مقدمو، ص 38

(3) ”هٻڪار“ ، ص 42

(1) ”الوحيد“ ، سنڌ آزاد نمبر، ص 33

(1) محمد صديق ميمڻ:  ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ، جلد 1، ص 152

(1) ”الوحيد“ ، سنڌ آزاد نمبر، ص 33

(2) ساڳيو.

(1) ”تڪمله مقالات الشعراء“  (فارسي)، ص 43

(1) شيخ عبدالحق محدث دهلوي:  ”اخبار الاخيار“  (مترجم اردو)، ص 231

(2) رحمان علي:  ”تذڪره علماءِ هند“  (مترجم اردو)، ص 255

(1) ”تڪمله مقالات الشعراء“  (فارسي)، ص 44

(2) ”تڪمله مقالات الشعراء“  (فارسي)، ص 45

(1) گندرو عبدالله:  ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي“  (مضمون) روزانه  ”مهراڻ“  حيدرآباد سنڌ، 7 جون 1968ع

(2) امداد علي سرائي:  ”قدم ڪاپڙين جا“ ، ص 131

(1) شفيع محمد کهڙائي عباسي،  ”قصص الاولياء سنڌ“  (قلمي سنڌي).

نوٽ: هن قلمي ڪتاب  ”قصص الاولياءِ سنڌ“  کي مخدوم نديم احمد هاشمي، گادي نشين درگاهه عاليـھ کهڙا شريف،  ”تاريخ و تذڪره بزرگان سنڌ“  جي نالي 1997ع ۾ مخدوم عبدالرحمان شهيد اڪيڊمي، کهڙا شريف طرفان ڇپرايو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org