سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 22

 

8- خانبهادر آردشيرهرمسجي ماما

(ڪراچي)

هي پارسي قبيلي جو فرد، 11 سيپٽمبر 1873ع ۾ ڄائو  هو. ڪراچيءَ ۾ تعليم پوري ڪري، سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو، جتي مختلف عهدن تي رهي، 1918ع ۾ رٽائر ڪيائين. سگهو ئي هن واپار ۽ مقاطعن ذريعي گهڻو پئسو ڪمايو. هن ان ڪمايل پئسي مان خيراتي ڪمن تي گهڻو پئسو خرچ ڪيو، جيئن ته:

1. ماما پارسي گرلس هاءِ اسڪول ٽي لک رپيا خرچ ڪري ٺهرايائين.

2. غريب پارسين جي رهڻ لاءِ گهر، مني لک رپين جي خرچ سان ٺهرايائين.

3. ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ ڏهه هزار ڏنائين.

4. ينگ ڪرسچن وومينس ايسوسيئيشن جي بلڊنگ ٺهرائڻ ۾ 15 هزار چندو ڏنائين.

5. پنهنجي والد خانصاحب هومسجي ماما، جي يادگيريءَ ۾ سکر جي پارسين جي اگني مندر ۾ ويهه هزار رپيا چندو ڏنائين.

6. پارسي عالمن جي رهائش لاءِ پارسي اگياري ڪراچيءَ ۾ 25 هزار رپيا ڏنانئين.

7. منگهي پير گرم پاڻيءَ جي چشمن جي سڌاري لاءِ ڏهه هزار رپيا ڏنائين.

8. مهابليشور ۾ پارسين جي جڳهن لاءِ 25  هزار رپيا ڏنائين، وغيره وعيره.

سندس هٿ هميشھ ڪشادو هو. خير جي ڪم ۾ چندي لاءِ گهر ٿيندي هيس ته انڪار ڪو نه ڪندو هو، پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ عاليشان محل ٺهرايائين، جو ”ماما پئلس“ جي نالي سان سڏبو هو، اهو هاڻ  ”پئلس هوٽل“ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

خانبهادر ماما، پبلڪ ادارن۾ به چڱو حصو ورتو، جيئن ته:

1. ڪراچي ڪارپوريشن جو ڪيترو وقت ميمبر ٿي رهيو.

2. ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو سرڪار طرفان نامزد ٿيل ميمبر 1921ع کان 1933ع تائين رهيو.

3. ڪراچي پارسي انسٽيٽيوٽ جو ڪيترا سال پريزيڊنٽ ٿي رهيو.

4. ڪراچي ڪلب جو پريزيڊنٽ ٿي ڪم ڪيائين، جا جاءِ اُنهن ڏينهن ۾ وڏيءَ عزت واري سمجهي وينديهئي.

5. فرسٽ ڪلاس آنرري مئجسٽريٽ ٿي رهيو.

6. ڪراچي ڪنٽونمينٽ بورڊ جو ميمبر ٿي ڪم ڪيائين.

7. پارسي فندس جي ايسوسيئيشن جو ٽرسٽي ٿي رهيو.

8. 1929ع ۾ سنڌ اندر بارشن ۽ ٻوڏن ڪري، جا عوام کي تڪليف ٿي هئي، ان جي سهائتا لاءِ هڪ رليف ڪاميٽي مقرر ٿي هئي، جنهن جو مسٽر جمشيد ميهتا چيئرمين هو، خانبهادر ماما ان جو آنرري خزانچي ٿي ڪم ڪيو.

9. مسٽر هرچند راءِ وشنداس ميموريل فند جو خزانچي ٿي ڪم ڪيائين، وغيره سرڪاري عملدارن سان سٺا تعلقات هئس، جنهن ڪري کيس ”خانبهادر“ جو لقب مليو، پڇاڙيءَ جو واپار ۾ نقصان پوڻ ڪري کيس گهڻي جائداد تان هٿ کڻڻو پيو، جنهن ۾ پنهنجي رهڻ واري جاءِ به نيڪال ڪرڻي پيس. پوءِ گوشه نشين ٿي وقت گذاريائين. ته به پنهنجن پراڻن دوستن سان اڪثر ملندو رهندو هو. مون وٽ به ايندو رهندو هو.

مون سان سندس واقفيت 1925ع ۾ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي ميمبر ٿيڻ وقت ٿي هئي ۽ لوڪل بورڊ توڙِ ميونسپالٽيءَ ۾ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو هوم. هي يار ويس، باهمت، سخي بزرگ هو. 15 فيبروري 1952ع تي وفات ڪيائين.

9- خانبهادر حاجي غلام نبي شاهه ولد سيد موج علي شاهه

(ميرپور خاص)

هي صاحب ڳاڙهيا لڪياري سيدن جي پاڙي مان هو. سندس عزيز، ميان احمد شاهه وارا، مخدوم ميان عبدالرحيم عليھ رحمت گرهوڙيءَ جي نياڻيءَ جي اولاد مان هجڻ سبب، مخدوم عليھ رحمت جا سجاده نشين آهن.

سندس والد، ميان موج علي شاهه کي ٻه فرزند ٿيا: 1. سيد غلام نبي شاهه، ۽ 2. سيد ميان پير شاهه، ميان موج علي شاهه ٿرپارڪر ضلعي جي  عام زميندارن جي خيال کان معمولي زميندار هو؛ ليڪن ميان غلام نبي شاهه وڏي ٿيڻ بعد پنهنجي هوشياري ۽ لياقت سان زمينداري ۽ ملڪيت  چڱي ٺاهي ويو. هي 1924ع ضلع لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. هي 1924ع ڌاري بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ۽ ان حيثيت سان سنڌ جي ڌار ٿيڻ تائين هلندو آيو، ان کان پوءِ آزاد  ميمبر طور  سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ پوءِ حياتيءَ جي آخر تائين اسيمبليءَ جو ميمبر رهندو آيو. هن جا سرڪاري عملدارن سان سٺا رستا هئا. ان ڪري هن کي پهرين خان صاحبيءَ، پوءِ خانبهادريءَ جا خطاب مليا. هروڀرو ڪن ٻين سنڌي ميمبرن وانگر صفا ٽوڊي ڪو نه هو. تقريرون رعيت طرفان ۽ ووٽ سرڪار سان ڪندو هو. سرڪار جي مخالفت کان پررهيز ڪندو هو. ضلعي لوڪل  اسيمبليءَ ۾ هڪ ڀيري هي اتحاد پارٽيءَ جي انهيءَ گروهه جو ميمبر هو،  جا خانبهادر الله  بخش جي خلاف هئي، ليڪن گهڻو وقت اتي رهي نه سگهيو، ۽ وڃي وزارت جي گروهه ۾ شامل ٿيو.

هي سالن جا سال ميرپور خاص زمينداري بئنڪ جو  چيئرمين ٿي رهيو ۽ سنڌ پراونشنل  ڪوآپريٽو بئنڪ تي اسان سان گڏ ڊائريڪٽر پڻ هو. مون سان خاص پيار ۽ محبت هيس. البت زمانه شناس ماڻهو هئڻ ڪري، اسان جڏهن مخالفت ۾ ويٺاسون ٿي ته ساٿ ڇڏي ٿي ويو.

سندس فرزندن مان سياست ۾ ڪو به ڪو نه آيو، نه ڪا خاطر خواهه تعليم حاصل ڪيائون؛ ليڪن سندس ڀائٽيا، سيد غلام حيدر شاهه ۽ سيد غلام محمد شاهه پڙهي قابل ٿيا: وري به نالو رکيو اچن، بلڪه ڪنهن حد تائين پنهنجي شان مان ۾ واڌارو ڪيو اٿن.

ميان غلام  حيدر شاهه مسلم ليگ ۾، جڏهن آءٌ پريزيڊنٽ هوس، جنرل سيڪريٽري هو. نهايت محنتي ۽ هوشيار ڪارڪن آهي. مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان اسان جي اختلاف جا جيڪي ڪارڻ هئا، انهن مان هن کي اليڪشن لاءِ ٽڪيٽ جو نه ملڻ به هڪڙو هو. هي گهڻو وقت مخالفت ۾ مون سان  ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺو هو؛ ليڪن برداشت جي به  حد ٿيندي آهي. ”سرتيون سڄي سڃ، متان ڪا مون سان هلي.“

آخر 1953ع جي سنڌ اسيمبليءَ جي اليڪشن وقت، لڳندڙ واءُ کي پٽ ڏيئي، هو وڃي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. سنڌ جي پيرزاده وزارت ۾ وزير ٿيو. پر مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ چونڊجي نه سگهيو. تازو 1964ع جي چونڊن ۾ به ڪامياب نه ٿيو.

هي ڪامياب زميندار آهي، ملڪيت کي چڱو وڌايو اٿس. باوجود سياسي طرح جدا ٿي وڃڻ جي به، مون سان شخصي لاڳاپا، ادب ۽ لحاظ ساڳيءَ طرح قائم رکيو اچي. هن قحط الرجال جي زماني ۾ اها غنيمت آهي. سندس ٻيو ڀاءُ ميان غلام محمد شاهه ڪراچيءَ جي مکيه وڪيلن مان آهي، جو صبح شام ڌنڌي ۾ مشغول آهي، پنهنجي ميدان ۾ چڱو نالو ڪڍيو اٿس ۽ ڪامياب آهي.

شاهه صاحب ميان غلام نبي شاهه  9 شعبان 1366هه، مطابق 29 جون 1947ع تي وفات ڪئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org