سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو :7

27- خانبهادر خير محمد خان ولد رئيس ڏتل خان چانڊيو

(لاڏيون، شاهبندر)

هن جا وڏا اصل غلام محمد خان خاصي چانڊين جي ڳوٺ (تعلقي دادو) جا ويٺل هئا، جتان سندن وڏو ڏاڏو رئيس باگو خان، مائٽن سان ڪن ڳالهين تي اختلاف ٿيڻ ڪري، لڏي اچي ٽنڊي محمد خان جي ڀر ۾ ڳوٺ ٻڌي ويٺو. ان کي ٽي پٽ ٿيا. هر هڪ رئيس صوڀو خان، رئيس گل محمد خان ۽ رئيس خير محمد خان، ڪجهه وقت اتي رهڻ بعد، ميرن جي صاحبيءَ ۾، هو اتان لڏي اچي سجاول جي ڳوٺ ۾ ويٺا، جتي چڱي زمين هٿ ڪيائون. رئيس گل محمد خان اتي ئي رهجي ويو، ليڪن رئيس  صوڀو خان ۽ خير محمد خان اتان لڏي اچي شاهبندر تعلقي ۾ لاڏين جي ڀر ۾ پنهنجو ڳوٺ، صوڀي خان چانڊئي جي نالي، ٻڌي ويهي رهيا. هي اهو ڳوٺ آهي، جتي هو هينئر رهاڪو آهي.

رئيس صوڀي خان کي ٽي فرزند ٿيا: رئيس چاڪر خان، رئيس ڏتل خان ۽ رئيس امام بخش خان، صوڀي خان جي ڀاءُ خير محمد خان کي صرف هڪ نياڻي ٿي، جا سندس سؤٽ رئيس ڏتل خان کي پرڻائي ويئي. رئيس ڏتل خان کي چار فرزند ٿيا: رئيس صوڀو خان، رئيس محمد علي خان، رئيس خير محمد خان ۽ رئيس محمد حسن خان.

رئيس ڏتل خان جي اولاد مان خانبهادر  خير محمد خان ٽيون نمبر فرزند هو : ليڪن سندس والده رئيس خير محمد خان وڏي جي نياڻي هئي، جنهن ڪري کيس ناناڻي ملڪيت به ملي. پاڻ محنت ۽ سرجوشيءَ سان زمين سڌاريائين ۽ يورپين آفيسرن سان  لاڳاپا رکي، طاقت وٺي ويو. ان وقت جا يورپين عملدار جنهن سان لاڳاپو رکندا هئا، ان کي ورسائي ڇڏيندا هئا ؛ جنهن ڪري سرڪاري زمين کيس سستي مالڪاڻي تي ملي ويئي. آهستي آهستي  سيڪنڊ ڪلاس آنرري مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. اول ۾ کيس خان صاحبيءَ جو لقب مليو، پوءِ هو خانبهادر ٿيو.

هي ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر، 1921ع کان 1937ع تائين هلندو آيو. ٻيءَ جنگ جي زماني ۾ ڪراچي ضلعي لاءِ کيس نيشنل وار فرنٽ جو ليڊر نامزد ڪيو ويو. تعليمي هاسٽلن، اسڪولن، اسپتالن وغيره جي خير جي ڪمن ۾ هن آفيسرن جي چوڻ تي ڪافي پئسو ڏنو.

پر ميان ڀلڻ شاهه نورائيءَ واري سان سندس معتقداڻو ۽ دوستاڻو رستو هو. ڪو به ڪم، باهمي مشوري کانسواءِ نه ڪندا هئا، جيڪڏهن ڪن ماڻهن کي پير صاحب ۾ ڪم پوندو هو ته  خانبهادر ذريعي کيس چوائيندا هئا. اهڙيءَ طرح، خانبهادر کي پير صاحب ذريعي ڪم لاءِ چوائڻ ضروري ليکيو ويندو هو.

نواب غيبي خان ڏانهن، قومي سردار هئڻ ڪري، سندس گهڻي مراد هوندي هئي، جنهن لاڙ جي چانڊين جو، پنهنجي طرفان، خانبهادر  کي چڱو مڙس ۽ نائب مقرر ڪيو هو.

1925ع ۾، مون کي وائيس پريزيڊنٽ ۽ 1928ع ۾ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽ چونڊائڻ ۾ هن جي مدد هئي، پوءِ به مون سان دوستاڻا رستا رکندو آيو.

مرحوم خوش خلق، دوستيءَ جو سچو،  راڄن سان رهائيءَ وارو، ضلعي جي زميندارن سان سٺا تعلقات رکندڙ ۽ بااثر بزرگ هو. اڪثر سچ چوڻ کان نه مڙندو هو. باوجود آفيسرن سان گهاٽي لاڳاپي هئڻ جي، منهنجي پريزيڊنٽيءَ جي چونڊ مهل جڏهن ديوانن طرفان مسٽر سيمنگٽن جو نالو وقتي چيئرمين چونڊڻ لاءِ پيش ڪيو ويو ۽ منهنجي طرفدارن طرفان سيٺ طيب علي علويءَ جو نالو پيش ٿيو، ته هن علويءَ کي ووٽ ڏنو. پوءِ سيمنگٽن کي وڃي چيائين ته: صاحب، تو کي اسان سان صلح ڪري، قدم کڻڻ گهربو هو. ڏٺئي، ڪيئن نه ديوانن توکي گڏهه وارو ڌڪ ڏياريو؟

خانبهادر 9 جولاءِ 1954ع تي وفات ڪئي. پنهنجي بنگلي واريءَ مسجد جي ڀر ۾ مدفون ٿيل آهي، کيس پنج فرزند آهن: رئيس محمد يوسف خان، رئيس خان محمد خان، رئيس حاجي الهڏنو خان، رئيس بچل خان ۽ رئيس باگو خان، انهن مان ٻيو ۽ ٽيون نمبر هن وقت فوت ٿي ويل آهن.

سندس پهريون نمبر فرزند ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺي، پوءِ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ انگريزي پڙهي، مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان سواءِ، وڃي  زمينداري ڪم سان مشغول ٿيو. ڪيترا سال ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي ۽ ٺٽي جو ميمبر، پريزيڊنٽ ۽ لوڪل بورڊ اسڪول جو چيئرمين ٿي رهيو. سنڌ بمبئي کاتي کان علحده ٿيڻ بعد هو سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبر چونڊجي آيو. پهرين شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ”آزاد سنڌ پارٽيءَ“ جو ميمبر هو، پوءِ جدا جدا پارٽين جو ميمبر ٿي رهيو. سمورو وقت سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. ون يونٽ ٿيڻ بعد، مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو به ميمبر چونڊيو. هن وقت هو نيشنل اسيمبليءَ جو ميمبر آهي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري، چيف پارليامينٽري سيڪريٽر ۽ پيرزادي عبدالستار جي وزارت ۾ وزير به ٿي رهيو آهي. ڪجهه وقت  نيشنل اسيمبليءَ ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري هو. کيس محمد موسيٰ نالي هڪ فرزند آهي.

ميان محمد يوسف خان، والد وانگر، سرڪاري عملدارن يا وقت جي حڪومت سان سٺا تعلقات رکڻ جي باوجود، هرو ڀرو ٻين ميمبرن جيان بزدل نه آهي، اڪثر وزارتن جي ڪيرائڻ ۾ هن اسان جو ساٿ ڏنو آهي. جهڙوڪ ؛ خانبهادر الهه بخش سومري جي وزارت، ڊاڪٽر خان صاحب جي مغربي پاڪستان صوبي جي وزارت. اهڙي همت حوصلي جي خاصيت رواجي طور سنڌ جي وڏيري ڪلاس ميمبرن ۾ مشڪل سان لڀي ٿي.

 

28- سيٺ حاجي محد جعفر ولد سيٺ ميان رحمت الله خواجو

(ميرپور بٺورو)

حاجي صاحب جهرڪن جي ڳوٺ جو ويٺل هو، مرحوم سيٺ ويسي، آغا خان جي خاص ماڻهوءَ جي اولاد مان هو.

انگريزن جڏهن ميرن سان لڙائي ڪئي ته آغا خاني فرقي جي پيشوا سلطان علي شاهه کين مدد ڪئي هئي. انهيءَ خدمت جي عيوض شال جو پرڳڻو (جو انهن ڏينهن ۾ ڪچي ڪري زرخيز ملڪ هو) انگريزن آغا خان کي انعام ڏنو، جنهن جي سنڀال آغا خان، سيٺ ويسي جي  چارج ۾ ڏني، ٿوري وقت بعد جبل جا برفت مٿان حملو ڪري آيا، ۽ سيٺ ويسي کي سندس ٻاهتر عزيزن ۽ تعلقدارن سميت قتل ڪري، ملڪيت ڦري، وري جبل ڏانهن موٽي ويا. اهي سڀ مقتول ماڻهو جهرڪن واري امام بارگاهه جي هڪ ڪوٺيءَ ۾ مدفون ٿيل آهن. هي انهيءَ جي نالي پٺيان ويساڻي سڏجن ٿا.

سيٺ رحمت الله جهرڪن ۾ واپار جو ڪم ڪندو هو. کيس سيٺ محمد جعفر 1867ع ڌاري ڄائو، جملي ٽي ڀائر ٿيا: ميان عيسيٰ، ميان محمد علي ۽ ميان محمد  جعفر، ميان محمد جعفر جهرڪن جي پرائمري اسڪول ۾ چئن درجن تائين تعليم ورتي ؛ وڌيڪ تعليم غربت ڪري، حاصل ڪري نه سگهيو. پوءِ هو روزگار سانگي، سورهن ورهين جي ڄمار ۾، پير ميان صاحبڏني شاهه سجاده نشين شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري وٽ زمين جي ڪم تي وڃي نوڪريءَ ۾ بيٺو، جتي پنهنجيءَ محنت، لياقت ۽ هوشياريءَ سان آخر سندس عام مختيار ٿي ڪم هلائڻ لڳو. آهستي آهستي، ڪفايت شعاريءَ ۽ قابليت سان، ميرپور بٺوري ۾  زمين خريد ڪري، ان ڳوٺ ۾ رهاڪو ٿيو. هن جي رهائش اختيار ڪرڻ لاءِ ٻيو به ڪارڻ هو.

سال 1898ع ۾، هز هائينس سر آغا خان حيدرآباد سنڌ ۾ سندس مريدن جي اصلاح ۽ لوازمات حاصل ڪرڻ لاءِ، منزل انداز ٿيو. انهيءَ موقعي تي سيٺ محمد جعفر، ميرپور بٺوري، بدين، ڪڍڻ ۽ رحمڪي بازار جي ترقي پسند خيال وارن ساٿين سان گڏ، آغا خان کان اسلامي احڪامن ۽ شرعي ڳالهين  بنسبت ڪي وضاحتي، سوال پڇيا، جن جا کين تسلي بخش جواب ته ڪين مليا، اٽلو پير صاحب ۽ سندس پراڻي خيال جا پوئلڳ ان ڳالهه کي گستاخي، بي ادبي ۽ مرشد جي تقليدي اصول جي خلاف ورزي سمجهي، ناراض ٿي پيا. اهڙين حالتن هيٺ، جهرڪن ۾ آغا خان جي ڪٽر پوئڳن جي وچ ۾ رهڻ هن لاءِ سلامتيءَ وارو نه هو ؛ ان ڪري هو ميرپور بٺوري ۾ اچي ويٺو، جتي ڪيترا خواجا سندس هم خيال هئا. اتي رهي هن ڪجهه وقت تائين ڪوشش جاري رکي ته آغا خاني فرقي ۾ ڦيرو آڻي ۽ ان ۾ رهي.  ليڪن جڏهن کيس معلوم ٿيو ته انهيءَ گروهه ۾ ڦيري اچڻ جا امڪان بند  آهن، تڏهن شش امامي اسماعيلي فرقي کان جدا ٿي، سڀني ساٿين سميت، اثنا عشري فرقي ۾ داخل ٿي ويو، ان بعد به هو بنهه ماٺ ڪري نه ويٺو، بلڪه پنهنجن خيالن جي تبليغ ۾ هڪ مکيه رڪن ٿي ڪم  ڪرڻ لڳو. انهيءَ سلسلي ۾ هن ڪيئي ڪتاب ڇپارايا، جهڙوڪ : 1. قرآن جو شريف جو سنڌي ترجمو، مرزا گل حسن خان رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر خيرپور ميرس جو، 2. ”خلاصة الطاعت“ ، جمعي نماز جي خطبن جو ڪتاب. سيد محمد زمان شاهه مهدوي ٺٽي وارو جو لکيل ؛ 3. سوانح عمري عمر بن عبدالعزيز، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تصنيف ڪيل ؛ 4. ”چمنستان مناقب“ ؛ 5. ”نور ايمان“ ، پارد سورة بني اسرائيل جو لب لباب ؛ وغيره.

ازانسواءِ بدين، نندي شهر، تلهار، ڪڍڻ، رحمڪي بازار ۽ پاهڙ مري ڳوٺن جي خواجن جون انجمنون قائم ڪرايائين، جن سڀني گڏجي کيس تحريڪ جي ڪم هلائڻ لاءِ صدر چونڊيو. پوءِ انهن انجمنن جي ذريعي اتي جي خواجن جي مذهبي، سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ ۽ اصلاح لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو. پنهنجيءَ قوم جي خدمتگاريءَ کان علاوه پوليس جي ظلم ۽ رشوت  خوريءَ، روينيو کاتي جي سائيءَ ۽ لاپي، عام ڪامورن جي ڦرمار، ۽ انجنيئري کاتي جي تڪليفن خلاف ۽ ڍلن جي گهٽتائيءَ، ٻوڏ ۽ سوڪ وقت ڍلن جي معافيءَ ۽ سهائتا لاءِ ڪوشش ۽ جهد ۾ ضلعي جو مکيه ترجمان ٿي ڪم ڪيائين.

ميرپور بٺوري جي سينيٽري ڪاميٽيءَ جو 1915ع کان 1947ع تائين ڪم هلايائين. ان عرصي ۾ شهر جي فرش ٻڌائڻ، مارڪيٽ ٺهرائڻ ۽ تلاءَ تيار ڪرائڻ جا هن جيڪي ڪم ڪيا، سي اڃا تائين سندس ياد تازي ڪري رهيا آهن. 1922ع کان 1928ع تائين ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿي رهيو. وري 1933ع ۾ ٻئي دفعي ميمبر چونڊجي آيو.

انهيءَ عرصي ۾ نه صرف هن مکيه ميمبر ٿي ڪم ڪيو، بلڪه 1925ع کان ضلعي ۾ ٺٽائي ديوانن جي اقتدار کي ٽوڙڻ لاءِ ڪم ڪندڙ گروهه جو اڳواڻ ٿي رهيو. مون کي به ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ سندس تجربي مان فائدي حاصل ڪرڻ جو فخر حاصل ٿيو. هن جي باغيانه طبيعت هڪ ئي وقت چئن طاقتن جو مقابلو جاري رکيو. رواجي حالت ۾ انهن مان هڪ جو مقابلو به انهن ڏينهن ۾ هڪ وڏي ڳالهه هئي. اهي طاقتون هي هيون:

1. آغا خاني خواجن جي سخت مذهبي خيال رکندڙ گروهه جي طاقت، جن کي مذهبي جوش ۽ آغا خان جي  اثر ۽ طاقت جي پشت هئي.

2. ڪامورن جي منظم، طاقت، جي پاڻ  کي ملڪ جي سياهه ۽ سفيد جا مالڪ سمجهندا هئا. انهن جي مخالفت سندن حدودِ رياست ۾ دست اندازيءَ جي برابر سمجهي ويندي هئي.

3. ٺٽي جي ديوانن جي مخالفت، جيڪي ڪامورن، پئسي ۽ لاڳاپي جي ذريعي ضلعي جي سياست ۾ بي تاج بادشاهه وانگر ڇانئجي ويل هئا.

4. ڀر ۾ لغاري بلوچن جي اڀرندڙ طاقت، جن کي ڪامورن جي لاڳاپي ۽ خدمتگذاريءَ ڪري گهڻي زمينداري قبضي ۾ اچي ويئي هئي. هنن مان ڪي لوڪل بورڊ جا ميمبر هئا ۽ هڪ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر هو. کين لقب ۽ اسپيشل مئجسٽريٽي هڪ طرف حاصل هئي، ته ٻئي طرف سندن قوم جي ماڻهن جي جارحانه تسلط ۽ رعب جي پشتي هين. ڪنهن کي مجال ڪا نه ٿِي ٿي جو انهيءَ طاقت ۽ استبداد جي خلاف آڱر کڻي سگهي. سيد حاجي عبدالرحيم شاهه ضلعي جي مکيه بااثر ماڻهن مان هو. ان به باوجود سندس عام شڪايتن جي مصلحت ان ۾ سمجهي ته ساڻن صلح رکندو اچي.

سيٺ محمد جعفر ايڏو وڏو زميندار ڪو نه هو، ۽ نه کيس ڪا راڄن جي پشت هئي، پر سندس قوت ايماني ۽ انقلابي طبيعت کيس انهن  سڀني طاقتن جي مقابلي ۾ کڙو ڪري بيٺي هئي.

 اول ۾ بٺوري جي خواجن ۽ ڪن دڙي جي ميمڻن سيٺ صاحب  جي  همت افزائي ڪئي، پر انساني برداشت جي به حد ٿيندي آهي ؛ ڪوڙن ڪيسن، چورين، پاڻيءَ جي ڏنڊن وغيره کين تنگ ڪري ڇڏيو، لاچار ٿي، مڪاني مخالفت کي بند ڪرڻ مصلحت وارو ڄاڻي، هنن بلوچن سان صلح ڪيو. سيٺ صاحب کي ان جي باوجود، مسٽر گبسن ڪليڪٽر جي دشمنيءَ جو  شڪار ٿي، ڪيترو عرصو ڪيسن جو مقابلو ڪرڻو پيو. اهو ئي سبب هو، جو هو 1928ع ۾ لوڪل بورڊ ۾ اچي نه سگهيو.

منهنجي ساڻس واقفيت حيدرآباد ۾ ”سنڌ ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس“ جي موقعي تي، ڊسمبر 1924ع وقت ٿي. سندس صلاح ۽ مشوري سان 1925ع ۾ ، ”ڪراچي ضلع زميندار ائسوسيئيشن“ برپا ڪئي ويئي، جنهن جو صدر سيد حاجي عبدالرحيم شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري سيٺ صاحب چونڊيو. مون سندس جوائنٽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. منهنجي 1928ع جي ضلعي لوڪل بورڊ پريزيڊنٽ ٿيڻ وقت هو لوڪل بورڊ جو ميمبر ڪو نه هو، نڪو سندس ٻيو ڪو ووٽر اهڙو هو، جنهن مون کي ووٽ ڏنو هجي ؛ ليڪن اها ڳالهه ڪفرانِ نعمت جي برابر ٿيندي، جيڪڏهن هي ظاهر نه ڪجي ته ديوانن جي اثر کي ڪمزور ڪرڻ ۽ مون کي سياست ۾ مخالفت جي تربيت ڏيڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو، ۽ انهن ٻنهي سببن منهنجي چونڊ ۾ گهڻي مدد ڪئي. چوپائي مال جي چوري بند ڪرڻ لاءِ، مسٽر ٽانٽن جي چيئرمينيءَ هيٺ هڪ ڪميشن مقرر ٿي هئي ؛ سيٺ صاحب ان جو ميمبر ٿيو، جنهن ۾ آفيشل رپورٽ کان علحده، اختلافي  نوٽ لکڻ ۾ هن جو مکيه هٿ هو.

مون سان خط پٽ جو گهڻو رستو هوس، گهڻو ڪري مون وٽ سندس سڀ خط محفوظ آهن، جو تقريبا پنجاه کان مٿي آهن.

 مرحوم قابل، باهمت، ايماندار، خدمت خلق جو جذبو رکندڙ ڪارڪن هو. پنهنجن اڪثر خطن ۾ هي بيت لکندو هو : ”سر داد، نه داد دست در دستِ يزيد!“ جنهن مان پتو پيو ٿي ته هن انهيءَ اصول کي زندگيءَ جو مکيه متو ڪري اختيار ڪيو هو.

کيس ٽي فرزند آهن: سيٺ محمد عيسيٰ، سيٺ محمد موسيٰ ۽ سيٺ فدا حسين. سندس پهريون نمبر فرزند: سيٺ محمد عيسيٰ، هڪ باهمت ۽ يار ويس  جوان آهي، کيس آسپاس ۾ چڱا لاڳاپا ۽ واقفيت آهي، اڄڪلهه ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين۾ چڱي دلچسپي وٺي رهيو آهي. مخدوم صاحب ”طالب الموليٰ“ جي گروهه جو مکيه ڪارڪن آهي.

سيٺ حاجي محمد جعفر، 5 جنوري 1959ع ۾، ٻيانوي  ورهين جي عمر ۾ ميرپور بٺوري ۾ وفات ڪئي.

وڏيرو محمد عثمان ولد وڏيرو ميان محمد صاحب سومرو

(ٺٽو)

هي صاحب متوءَپوٽي سومرن جي قبيلي مان ميان ابوبڪر سومري جي اولاد مان آهي. ميان ابوبڪر کي ميان احمد  خان فرزند ٿيو، جنهن جي فرزند جو نالو وڏيرو خان هو، جنهن کي ان وقت ۾ چڱي شهرت حاصل ٿي. هي زمانو ميرن جي حڪومت جو آّخري وقت هو. سندس دوستي انهيءَ وقت جي مکيه بهادرن، مُلا عبدالرحمان ۽ چاڪر خان جوکئي سان هئي. هن جي به، چاڪر خان وانگر، برفتن سان مخالفت هئي. انهيءَ وقت ڌاري برفت جبل مان هيٺ لهي ڦريون ۽ ڌاڙا هڻڻ ۾ مشهور ٿي ويا هئا. انهن سان مقابلو ڪرڻ معمولي ڳالهه نه هئي، پر هي مرد همت جهليو مقابلو ڪندو آيو. پاڻ موجوده لُڪن جي بنگلي جي ڀر ۾ وَڍَ، نالي سان ڳوٺ ٻڌو هئائين، ٿوري وقت کان پوءِ سندس پويان ان ڳوٺ کي  ڇڏي، ٻئي پڊ ڀنڀڏائيءَ تي اچي ويٺا،۽ ڳوٺ ٻڌائون. انهيءَ وقت ۾ دريا جي ٻوڏن، مال جي چاري ۽ آباديءَ جي سهولت خاطر، اڪثر پڊ بدلائڻا پوندا هئا. وڏيري خان سومري کي منٺار نالي فرزند پيدا ٿيو، جنهن جي پٽ تي وري ڏاڏنهنس ”خان“ جو نالو رکيو ويو. ان کي فرزند وڏيرو محمد هاشم ٿيو، جنهن  موجوده سومرن جو ڳوٺ ٻڌايو هو. وڏيري محمد هاشم کي ميان محمد نالي فرزند پيدا ٿيو،  جنهن کي ٻه فرزند ٿيا: وڏيرو محمد عثمان سومرو ۽ حاجي محمد فاضل سومرو.

وڏيرو محمد عثمان 7 فيبروري 1902ع مطابق 28 شوال 1319 هه تي ڄائو هو. سندس تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٿي، جڏهن سندس والد آڪٽوبر 1919ع ۾ وفات ڪئي ته، سڀني راڄن گڏجي هن کي پڳ ٻڌائي. هتي جا وڏا اصل وڏا مالدار هئا، جنهن ڪري پڊ بدلائيندا رهندا هئا؛ ليڪن جڏهن هڪ جاءِ تي پڪا ٿي ويٺا ته ڪافي زمينداري ڪيائون.

ٺٽي جو شهر تعليم يافته ماڻهن، ديوانن، وڏن  زميندارن ۽ سيدن جو مرڪز آهي. هتي  جا ماڻهو آسپاس تي ڇانيل پئي رهيا آهن، پر هن نوجوان جي رهوڻيءَ ۽ همت ڪري، سندس اثر ويو وڌندو، جنهن ڪري 1921ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر چونڊجي ويو، ۽ 1925ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر پڻ چونڊيو. جڏهن آئون ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جي پريزيڊنٽيءَ لاءِ اميدوار بيٺو هوس، ته هن منهنجي طرف ووٽ ڏنو هو. پر سگهو ئي، قاضي عبدالرحمان چيف آفيسر جي مخالفت ڪرڻ ڪري، هي به مخالف گروهه ۾ شامل ٿي ويو. ان جو ڪارڻ محمد سومار وزن ڪش، مقاطعيدار لوڪل بورڊ،  ۽ ميان امام بخش خان ڳاهي سان سندس دوستي هئي. سارو ٽرم مخالفت ۾  رهيو. 1932ع ۾ تعلقي لوڪل بورڊ جو  پريزيڊنٽ چونڊيو. جڏهن دادو ضلعو جدا ٿيو ته عملداري اثر ڪري، خانبهادر الهه بخش گبول ضلعي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊيو، ۽ سندس دوستيءَ ۾ رهڻ ڪري، هن کي ڪراچيءَ جي لوڪل بورڊ اسڪول  بورڊ جو چيئرمين چونڊايو ويو، جنهن عهدي تي 1936ع تائين رهيو. انهيءَ  وچ ۾، ذاتي لياقت ۽ لاڳاپي ڪري، ايترو اثر ۽ رسوخ پيدا ڪري ويو هو، جو سنڌ جدا ٿيڻ بعد 1937ع جي اليڪشن ۾، ٺٽي  ڊويزن طرفان سنڌ  اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو.

26 آڪٽوبر 1928ع ڌاري، سردار واحد بخش خان ڀٽي جي تحريڪ سان، هڪ ٻانهن، مائي خانزادي ابڙي گم ٿي ويئي هئي ؛ چوڻ ۾ آيو ٿي ته وڏيري محمد عثمان وٽ ڇڏيل هئي، ۽ جيڪا اتي ئي مري ويئي. سرڪار طرفان ميان واحد بخش خان ۽ سندس ساٿين، ۽ ميان محمد عثمان سومري تي ڪيس ٿيو، جنهن مان گهڻيءَ تڪليف ۽ خرچ بعد هي آزاد ٿيا هئا. انهن ڏينهن کان ميان واحد بخش خان ۽ سندس سنگت سان هن  جي دوستي ٿي ويئي. واحد بخش خان جي وفات بعد، انهيءَ لحاظ ڪري، هن نبي بخش خان جي مرڪزي اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ مدد ڪئي هئي.اهو رستو پوءِ به هو قائم رکندو آيو.

سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن بعد هي اتحاد پارٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو، ۽ خانبهادر الهه بخش سومري سان سندس دوستاڻا تعلقات ٿي ويا. جڏهن اتحاد پارٽي مخالفت ۾ هئي، ته هي ان سان گڏ هو. خانبهادر الهه بخش وزيراعظم ٿيو ته به هي سندس مددگار هو، ٿوري وقت بعد جڏهن ڍلن وڌڻ جي سوال تان اتحاد پارٽي مخالف ٿي ويئي ته هن دوستيءَ جو لحاظ رکندي، خانبهادر الهه بخش جي مدد قائم رکي. جڏهن خانبهادر الهه بخش جي وزارت کي شڪسست آئي ۽ هو مخالفت ۾ ويو ته هي به ساڻس گڏ هو. آخر جڏهن خانبهادر شهيد ٿيو. ته  به هي مخالفت ۾ رهيو ۽ نهايت جرئت ۽ بي ڊپائيءَ سان حڪومت تي نڪته چيني ڪندو رهيو، جا ڳالهه عام وڏيرن مسلمان ميمبرن جي روايت جي  خلاف هئي، جي اڪثر ڪري ڍنڍ جي پکين وانگر، ’سک جا سانگي‘ پئي رهيا هئا. هي سنگت جو سچو ۽ همت وارو ماڻهو پئي رهيو آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ 1945ع تائين رهندو آيو، تان جو اسلام جي نعري ۽ انگريزن جي مدد سان، چند مسلم ليگي سياستدان  سنڌ اسيمبليءَ جي اڪثر جاين تي قبضو ڪري ويا. 1939ع کان 1942ع تائين، پاڻ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو. 1926ع کان 1935ع تائين ٺٽي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. پوءِ هن اسان سان ”عوامي محاذ“ ۾ شرڪت ڪئي، ۽ 1953ع جي سنڌ اسيمبلي اليڪشن لاءِ اميدوار بيٺو. ليڪن ٺٽي شهر جي قديم خاندانن جي مخالفت، سنڌ سرڪار جي وزيرن طرفان مخالفن جي کلم کلا مدد ۽ گهڻي پئسي  خرچڻ ڪري، سندس  مخالف اميدوار، حاجي صادق علي ميمڻ کيس شڪست ڏيئي ويو.

1942ع ۾، ڳوٺ سليمان سومري ۾، سنڌ جي سومرا قبيلي هن کي سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي. پاڻ گهڻو وقت سردريءَ جا فرائض انجام ڏيندو آيو، تيستائين جيستائين حاجي مولابخش جي فرزند احمد ميان سومري، پيءُ جي هوندي پاڻ کي پڳ ٻڌائي، انهيءَ اتحاد کي نه  ٽوڙيو.

هن وقت هي سياست کان ٻاهر آهي،  چوڻ ۾ اچي ٿو ته سندس وڏن ۾ فقير ۽ درويش به ٿي گذريا آهن. بيبي تاري، جنهن جو مقبرو مڪليءَ ۾ آهي، سا به سومري هئي.  ان ڪري ماڻهو سومرن جي پڳ ۽ فقير گهر ڪري به سندس عزت ڪندا هئا، کيس پنج فرزند آهن:

1. ميان محد علي خان، 2 . ميان عبدالرحمان خان، 3 . ميان محمد خان، 4. ميان عبدالستار خان، ۽ 5. ميان عبدالرحيم خان.

مارشل لا کان پوءِ جيڪا صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي ونڊ ٿي ان ۾ سيد بشير احمد جي سامهون هي ٻه دفعا اميدوار بيٺو، پر ڪامياب ٿي نه سگهيو.

30- خانبهادر سيد ميان حسن علي شاهه، سيد محمدعلي شاهه

(مٽياري)

شاهه صاحب مٽياري سيدن جي موسيٰ پوٽي پاڙي جو ڄاموٽ ۽ وڏو  زميندار، مٽياري شهر جو رهاڪو هو، کيس اٽڪل ويهه هزار کن ايڪڙ زمين هئي، جا پوءِ ڪجهه اولاد ۾ رهائجي ويئي ۽ ڪجهه موجوده ”زرعي سڌارن“ ڪري سرڪار جي قبضي ۾ آئي. سندن ڏاڏو، ميان جيئندل شاهه، مير نصير خان ٽالپر جي ڏينهن ۾ ڪنهن وڏي عهدي تي هو، جنهن ڪري هن کي گهڻي زمين هٿ ۾ آئي. سندس فرزند ميان محمد علي شاهه کي ٻه فرزند ٿيا: سيد ميان جيئندل شاهه ۽ سيد ميان حسن علي شاهه.

سيد ميان جيئندل شاهه، شاهه صاحب ڄاموٽ ميان محمد علي شاهه جو وڏو فرزندهو. سندس والد جي وفات بعد موسيٰ پوٽا پاڙي جي پڳ ميان  جيئندل شاهه تي آئي. هن راڄن، ڀائرن ۽ ڪامورن ۾ چڱيءَ رهوڻيءَ ڪري نالو ڪڍايو. ان دؤر جي وڏ ماڻهپي ۽ اقتدار جي سڀني صفتن سان موصوف هو. سرڪاري عملدارن سان رهوڻيءَ ڪري، کيس اسپيشل مئجسٽريٽ مقرر ڪيو يو هو. ميڙن ملاکڙن تي وڏي ٺٺ سان، عمدن ڪپڙن سان، نوڪرن جي اٽالي سان ويندو هو. اتي ملهه ۽ راڳيندڙن کي فراخلديءَ سان انعام ڏيندو هو. بخت شامل حال هوس، پيدائش جام ٿيندي هيس. مهمان نوازيءَ، نالي ناموس، راڳيندڙن ۽ ملهن کي نوازڻ ۽ شڪار ڪرڻ تي خوب خرچ ڪيائين، ايتريقدر جو سندس نالو زبان زد عام ٿي ويو. مٽيارين جي شهر ۾ مُلن جو زور هو ۽ سيدن ۾ باهمي  حسد عام هو، ان ڪري سهڻي ۽ سٺي لباس سان نوڪرن رکڻ ڪري مٿس نڪته چيني پيدا ٿي پيئي هئي. انهن ڪوتاهه نظر ماڻهن کي ڪهڙو پتو هو ته  يونان، روم، فرانس، ترڪ، ايران  ۽ افغانستان جي وڏن ماڻهن ۽ بادشاهن ۾ خوبصورت ۽ سٺي لباس وارا نوڪر رکڻ وڏو  ماڻهپي جي نشاني سمجهي ويندي هئي. سڪندر اعظم، سيزر ۽ محمود غزنويءَ پارا به انهيءَ کي عيب نه سمجهندا هئا. بهشت ۾ غلمانن ۽ حُورن جو تخيل ڪا نئين ڳالهه نه آهي. ميان جيئندل شاهه پنهنجو وارو خوب وڄائي ويو. هن جي حياتي دشمنن ۽ حاسدن لاءِ داغ، دوستن ۽ سڄڻن لاءِ ڏڍ ۽ آسرو  هئي. هن بنا اولاد جي وفات ڪئي.

سيد حسن علي شاهه، ميان جيئندل شاهه جو ننڍو ڀاءُ، سندس برعڪس هو. هي ساده مزاج رڄ چڱو مڙس هو. سنڌيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ماهر  هو. 1849ع ڌاري ڄائو هو. سرڪاري عملدرن سان سٺا تعلقات هئس، جنهن ڪري کيس گزيٽ پروانا، آفرين ناما، لونگيون، تلوارن، سيڪنڊ ڪلاس آنرري مئجسٽريٽي ۽ خانبهادريءَ جا خطاب مليا.

سنددس ڪورٽ نهايت مزيدار هوندي هئي، رحمدل هئڻ ڪري، گهڻو ڪري سزا  ڏيڻ کان گهٻرائيندو هو، چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڪي پوليس عملدار جڏهن شاهه صاحب تي ڪنهن جوابدر کي ڪيس ۾ سزا ڏيڻ جو اصرارڪندا هئا ۽ پاڻ ڏسندو هو ته غريب بي ڏوهي آهي ته پولس کي ناراض ڪرڻ عيوض، کين ڪجهه رقم پنهنجي پاڪيٽ مان ڏيئي، راضي ڪري جوابدار کي ڇڏي ڏيندو هو. کانئس نقصان ڪنهن  انسان کي ڪو نه پهتو. سسندس پڳ ۾ موسيٰ پوٽا، عيسيٰ پوٽا، منعمائي سيد (ٽکڙ)، ڏاڏاهه جا سيد، جوڻن ۽ سونڊن جا سيد هوندا هئا.نه رڳو شهر جي سڀني مکيه ماڻهن ۽ آسپاس جي زميندارن ۽ آفيسرن سان سندس سٺا تعلقات هوندا هئا، بلڪه سنڌ يا ٻاهر جي مکيه پيرن ۽ خاندانن سان به دوستاڻا رستا هوندا هئس. جهڙوڪ؛ پير شاهه مردان شاهه پاڳارو، مخدوم پير حسن  بخش صاحب ملتان وارو، پير صالح شاهه راڻيپور وارو، وڏيرو الاهي بخش خان ڀٽو وغيره. هيءُ گهر گهڻي وقت کان وٺي مخدوم صاحب حالن جو مريد رهندو آيو آهي.

شاهه صاحب کي پنج فرزند ۽ ڇهه نياڻيون ٿيون. فرزندن جا نالا هي آهن: 1. سيد حاجي امام علي شاهه، 2. ڄاموٽ سيد محمد علي شاهه عرف سيد الهه بچايو شاهه، 3. سيد حاجي جيئندل شاهه، 4 سيد محمد انور شاهه، 5. سيد حاجي فضل علي شاهه. انهن  مان وڏو سيد حاجي امام علي شاهه، درويش صفت انسان هو. سندس والد جو ساڻس ڏاڍو پيار هو. ميان امام علي شاهه، والد جي زندگيءَ ۾ 29 شعبان 1342هه مطابق 5 اپريل 1924ع تي وفات ڪري ويو. سندس والد انهيءَ  ارمان ۾، ٻئي سال 17 شعبان 1342هه مطابق 13 مارچ 1925ع تي وفات ڪئي.

منهنجون مرحوم خانبهادر حسن علي شاهه سان ٻه ٽي ملاقاتون ٿيل هيون. ميان  امام علي شاهه جي عذرخواهي ڪرڻ وقت، ٻه ڏينهن وٽس هوس. سندس پيار، خُلق ۽ سادگي هر ڪنهن کي گرويدو بڻائي ڇڏيندي هئي.

خان بهادر جي وفات کان پوءِ پڳ سندس ٻئي نمبر فرزند ميان محمد علي شاهه تي آئي. هي صاحب 19 سيپٽمبر 1906ع تي ڄائو هو. ابتدائي تعليم مٽيارين ۾ ورتائين، پوءِ آهستي آهستي ڪري انگريزي ڳالهائڻ ۾ درڪ حاصل ڪري ويو. ابتدا ۾، ٻهراڙيءَ جي وڏيرن وانگر، وڏا پٽڪا، وڏا وار ۽ سنڌي  ديهاتي نموني جا ڪپڙا هوندا هئس؛ ليڪن پوءِ جڏهن نئين قسم جي دوستيءَ ۾ آيو، ته نهايت فيشن وارو بڻجي ويو. عمدن سوٽن، سٺي رهائش ۽ سٺي کاڌي سان گڏ،  تعليم يافته ۽ نئينءَ سوسائٽيءَ جي ماڻهن  سان لاڳاپا رکيائين. سندس حيدرآباد وارو بنگلو يارن دوستن جي مهمان نوازيءَ لاءِ کليل هوندو هو. هڪ دفعو يورپ به گهمي آيو هو. ضلعي لوڪل بورڊ حيدرآباد جو ميمبر به رهي چڪو هو. سندس دوستن جو دائرو وسيع هو. پير صاحب پاڳاري، مخدوم صاحب هالا، مير غلام علي خان ٽالپر، سڀني سان مختلف وقتن تي گهاٽا رستا هوندا هئس. هن ٻه شاديون ڪيون. پهرين مٽيارين مان، مئي 1929ع ۾ ڪيائين، ۽ ٻي شادي حيدرآباد مان ڪيائين. کيس ٻه فرزند آهن؛ ذوالفقار علي شاهه ۽ شفقت علي شاهه. آخر عمر ۾ نماز، روزي ۽ وظيفن جو پابند ٿي پيو. محبتي، ملڻو، خوش خلق ۽ وعدي جو پڪو انسان هو، جن جون ساڻس  رهاڻيون ڪيل آهن، سي سندس جوانيءَ ۾ وفات تي اکين مان ڳوڙها آڻڻ کان سواءِ رهي نٿا سگهن، ۽ چيو ويهن: ”پيءُ ڏاڏا پاڻ، سيد سڀ ملهائيا.“

هن 12 نومبر 1961ع، مطابق 3 جمادي الثاني 1381هه تي وفات ڪئي. سندس جاءِ تي ڄاموٽيءَ جي پڳ سندس وڏي فرزند ذوالفقار علي شاهه کي ٻڌائي اٿن. ڪاروبار جو گهڻو بار سندس ڀاءُ ميان جيئندل شاهه (ٽئي) تي آهي. خدا کيس عمر  دراز ڏئي ۽ کانئس وڏن جو نالو قائم رکائي.

ميان جيئندل شاهه کي هڪ فرزند علي حيدر شاهه نالي سان آهي. سندس ٽئي ڀائر، حاجي محمد انور شاهه کي هيٺيان ست فرزند آهن: امداد علي شاهه عرف حسن علي شاهه، امير علي شاهه، اعجاز علي شاهه، آفتاب علي شاهه، امجد علي شاهه، غلام قادر شاهه، علي گوهر شاهه. خانبهادر جي چوٿين فرزند حاجي فضل علي شاهه کي  ٻه فرزند آهن: فاروق حسين شاهه ۽ اختر حسين شاهه.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org