سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 9

 

35- خليفو ميان حاجي غلام  محمد ولد خليفو ماڪرپيو.

(جاتي)

هي صاحب مغلڀين درگاهه جو سجاده نشين هو. 1882ع ڌاري ڄائو هو. سندس والد خليفو ماڪرپيو، وڏو مالدار ۽ گهڻيءَ زمين جو مالڪ هو. چون ٿا ته وٽس ايتريون مينهون هونديون هيون، جي ڏهڻ کان رهجي وينديون هيون ۽ انهن جي تعداد جو کيس به پتو ڪو نه هوندو هو. سندس زندگيءَ ۾ کيس بخت ۽ خوش نصيبي ءَ ڪو نه ڇڏيو. چوڻ ۽  اچي ٿو ته ڪنهن انگريز عملدار سان سندس دوستاڻا تعلقات ٿي ويا هئا، جنهن کيس گهڻي زمين ڏني ۽ سندس فرزند حاجي ميان غلام  محمد صاحب کي هڪ تعليم يافته عورت سان شادي به ڪرائي، خليفي ماڪرپئي کي چار فرزند ٿيا: ميان غلام محمد، ميان غلام مرسل، ميان عبدالرسول ۽ ميان غلام رسول.

خليفو ماڪر پيو 1895ع ۾ حج جي سفر تي روانو ٿيو، ۽ انهيءَ سفر ۾ وفات ڪيائين. سندس جنازو واپس کڻائي اولياءَ صاحب جي قبرستان ۾ مدفون ڪيو ويو. ان کان پوءِ ميان غلام محمد صاحب ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي  درگاهه جو سجاده نشين ٿيو، تعليم مڪاني طرح حاصل ڪيائين. وڏي  ٿيڻ کان پوءِ، 1922ع ۾، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿيو ۽ گهڻي وقت تائين تعلقي لوڪل بورڊ جاتيءَ جو پريزيڊنٽ هلندو آيو؛ ليڪن پاڻ ان ڪم ۾ نالي خاطر رهندو آيو ۽ سندس طرفان سمورو ڪم ڪار خليفو محمد بچل، وائيس پريزيڊنٽ هلائيندو هو.

ميان غلام محمد روزي نماز جو پابند، عابد ۽ زاهد انسان هو. سندس گهڻو وقت ورد وظائف ۾ گذرندو هو. حضور شرم، لڳ لاڳاپي وارو ۽ وعدي جو پڪو هو. سيد حاجي عبدالرحيم شاهه، پير ميان غلام حيدر شاهه بلڙيءَ واري، پير ڀلڻ شاهه  وغيره سان گهاٽا دوستاڻا تعلقات هوندا هئس. ٻه ٽي دفعا حج ڪيائين. باوجود عبادت گذاريءَ جي شادين جو شوق هوندو هوس. سندس ڏينهن ۾ خليفي ماڪرپئي جهڙو اوج نه رهيو هو، ليڪن خليفا جاتيءَ وارا جداگانه هستي ۽ اثر رکندا آيا.

منهنجي ساڻس واقفيت، 1928ع ۾، ضلعي لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽيءَ لاءِ اميدوار بيهڻ وقت ٿي. سندس فرزند خليفو ماڪرپيو دوم، ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر هو، ان لاءِ وٽس ويا هئاسون، پاڻ واعدو ڏنائين، تنهن کان پوءِ ديوانن شيخ جلال الدين سجاده نشين پير پٺو کي وٽس چاڙهي موڪليو، جنهن جو ساڻس خانداني توڙي شخصي طرح گهاٽو رستو هو. ليڪن پاڻ، حاجي عبدالرحيم شاهه سان ڪيل واعدي موجب، پُٽ جو ووٽ روبرو اچي مون کي ڏياريائين.

خليفي صاحب، جاتيءَ ۾ 12 جمادي الاول 1364هه مطابق، 26 اپريل 1945ع تي وفات ڪئي؛ مائٽاڻي قبرستان ۾ مدفون آهي.

ان کان پوءِ خليفو ماڪرپيو دوم، سجاده نشين ٿيو. هي به والد وانگر عابد زاهد هو. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو ميمبر هو، ليڪن اڳوڻو  اوج ۽ اثر روز بروز گهٽجندو ويو. هن صاحب 25 رمضان 1370هه مطابق، پهرين جولاءِ 1951ع تي وفات ڪئي. هن وقت سندس فرزند طفيل احمد درگاهه جو سجاده نشين آهي. سندس عمر ويهه ورهيه کن آهي. خليفن ۾ هن وقت دسترسيءَ ۾ لڳ لاڳاپي وارو خليفو، حاجي غلام محمد جو ڀاءُ، ميان عبدالرسول جو فرزند، ميان غلام قادر عرف لالا آهي، جنهن وڪالت جو امتحان پاس ڪيو آهي ۽ سياسي توڻي راڄوڻي معاملن ۾ چڱي حيثيت رکيو ويٺو آهي.

هي خليفا ٿهيم قبيلي سان واسطو رکندڙ آهن. اڳئين زماني کان عربي النسل سڏائڻ کي فخر جو باعث سمجهي، سنڌ جي مکيه قبيلن پاڻ کي عربي نسل مان سڏائڻ شروع ڪيو. انهيءَ ڪري ڪي سيد، ڪي  عقيلي، ڪي فاروقي، ڪي صديقي ۽ ڪي علوي بڻجي ويا. انهيءَ طرح، هي خاندان به پاڻ کي فاروقي قريشي سڏائي ٿو. سندن چوڻ آهي ته هو اولياءَ مگرڀين جي اولاد مان آهن، جو فاروقي هو، محمد بن قاسم جي زماني ۾ هتي پهتو هو ۽ وڏو ولي الله ٿي گذريو آهي. انهيءَ درگاهه جا مريد سنڌ، ڪڇ ۽ بمبئيءَ طرف آهن.

ڪن عالمن جي چوڻ موجب، ”مگر پير“ ۽ ”مگرڀين“ اصل مڪاني نالا معلوم ٿين ٿا: عربي زبان سان ان جو ڪو لاڳاپو نٿو نظر اچي.

جاتيءَ جا جَتَ اصل آريا نسل جا معلوم ٿين ٿا، جيئن هاڻ تاريخدان کوجنا بعد ظاهر ڪرڻ لڳا آهن. اهي اصل ۾ سورج جي پوڄا ڪندا هئا. ازانسواءِ، دريائن جي ڀر وارن ملڪن ۽ قديم زماني کان ”مگر“ يعني واگهوءَ جي پوڄا عام هوندي هئي ؛ جهڙيءَ طرح جهنگل جي نزديڪيءَ وارن ملڪن ۾ نانگ جي پوڄا ٿيندي هئي. مصر ۽ ٻين ملڪن ۾ مگر جي پوڄا جو پتو پوي ٿو. موهن جي دڙي مان هٿ ڪيل آثارن مان به اهڙيءَ پوڄا جا نشان مليا آهن. درگاهه ۾ اولياءِ صاحب جي مزار نه آهي. اندر ڏيئو ٻري پيو. شايد سندس آستانو اتي هو. انهيءَ کوجنا مطابق، معلوم ائين ٿئي ٿو ته ”مگرڀين“ واگهوءَ ۽ سج جي گڏيل ديوتا جي پرستش جو قديم مرڪز هو، جو پوءِ اسلام اچڻ بعد مسلماني صورت اختيار ڪري ويو آهي. ”مگر“ واگهوءَ کي چوندا آهن، ۽ ”ڀن“ ، ”بن“ ، ”بل“ وغيره نالا سورج جا هئا. جهڙيءَ طرح ”ڀنڀور“ يا ”ڀن ڀور“ جي معنيٰ سج جو ڳوٺ هو. انهيءَ بنسبت وڌيڪ  کوجنا سوشالاجيءَ جا ماهرڪري سگهن ٿا. وقت آيو آهي ته اصلي حقيقتن جي کوجنا ڪجي، بجاءِ انهيءَ جي، جو هروڀرو پاڻ کي وڃي عربن سان شامل ڪجي. ذات پات جا فرق اسلام ٽوڙي ڇڏيا آهن:

نئون نياپو آئيو، راڻي وٽان رات،

لڌيسون ”لطيف“ چئي، ڪنان ڏاتر ڏات،

ڪا نه پڇي ٿو ذات،  جي آيا سي اگهيا. (شاهه)

36- خانبهادر مير غلام محمد خان ولد مير محمد خان صاحب

(ٽنڊو باگو)

هي صاحب ٽالپرن جي ماڻڪاڻي پاڙي مان هو. اصل ۾ ٻين مير صاحبن وانگر، ڪو وڏيءَ ملڪيت وارو ڪو نه هو. ابتدا ۾ سرڪاري نوڪري ڪندو هو ؛ پوءِ نوڪري ڇڏي، محنت ۽ ڪفايت شعاريءَ سان، وڏي زمينداري ۽ پئسو ڪٺو ڪري سگهيو. سنڌ جا اڪثر زميندار پئسي ۽ زمين وڌي وڃڻ بعد عياشي يا معتبري حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي صرف ڪندا آهن، ليڪن ڌڻي تعاليٰ هن مير صاحب جي دل انساني درد سان ڀريل رکي هئي، جنهن ڪري پنهنجي پئسي جو مصرف خلق خدا جي ڀلي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيائين. سندس ذاتي خرچ تمام معمولي هوندو هو ؛ سفيد پٽڪو ۽ پهراڻ پهريندو هو، بلند اخلاق، حليم، محبتي، خلق خدا جو خير خواهه انسان هو.

مير صاحب کي مسلمانن جي تعليم سان خاص دلچسپي هئي. پهرين ٽنڊي باگي ۾ اي. وي ڪلاس کولرايائين، بعد ۾ ان کي ترقي ڏياري، هڪ لک رپين جي خرچ سان بلڊنگ تيار ڪرائي، هڪ ڪافي رقم اينڊومينٽ فنڊ  رکي، هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين، ان ۾ بورڊنگ هائوس، ٺهررائي ٻاهرين شاگردن جي رهائش جو انتظام ڪيائين. اول ۾ هن هاءِ اسڪول کي  لوڪل بورڊ طرفان گرانٽ ملندي هئي، ٻيو سمورو خرچ مير صاحب پاڻ ڪندو هو. پوءِ سرڪار ان کي هٿ ۾ کڻي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول بنايو. پوءِ ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ هڪ اسڪول ٺهرايو، جو پڻ سرڪار پوءِ پنهنجي حوالي ڪيو. ان کان پوءِ به مير صاحب ماسترياڻين جي رهائش وغيره لاءِ جايون ٺهرايائون. زالن لاءِ ٽنڊي باگي ۾ ويم گهر قائم ڪرائي، ان جي ذريعي آسپاس جي داين جي ٽريننگ جو انتظام ڪرايائين، سندس اسڪالرشپن جو فائدو نه صرف مسلمانن تائين محدود هو، بلڪه ان جو فائدو هندو به وٺندا هئا. ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم کي هن پنهنجي خرچ سان تعليم وٺڻ لاءِ ولايت موڪليو. مير بنده علي خان باوجود پنهنجيءَ ملڪيت هئڻ جي، سندس خرچ تي تعليم لاءِ ولايت ويو. سندس اسڪالرشپن تي ڪيترا شاگرد دهليءَ ۾ طبيه ڪاليج مان پڙهي، سَند يافتا ٿي آيا. تعليم سان سندس محبت جنون جي حد تائين پهتل هئي،

بلڪه هر چڱي ڪم لاءِ مدد ڏيڻ ۾ کيس خوشي پئي ٿيندي هئي. مليريا جي موسم ۾، گشتي ڊاڪٽر مقر ڪري، دوائون ڏيئي، کين ڳوٺن ۾ عام ماڻهن جي علاج لاءِ موڪليندو هو.

1928ع ۾، سن جي تعليمي  ڪانفرنس ۾ اچڻ لاءِ مون کيس دعوت موڪلي هئي. ان جي جواب ۾ هڪ ڊگهو خط لکي موڪليائين، جنهن جا ٺڪرا هيٺ ڏجن ٿا:

”25 جنوري، 1928ع سائين جن جو نوازش نامو، 20 جنوريءَ جو لکيل، غلام کي پهتو. جناب من! مون کي  مسلمانن جي جهالت ڏسي ڪيترن ورهين کان دل ۾ درد رهي ٿو... (وڌيڪ احوال لکي چوي ٿو) آءٌ حتي الامڪان پاڻ پتوڙيندو رهان ٿو. عام ماڻهن جي جهالت، بيڪاري ۽ غربت ڏسي، روئڻ پيو اچيم. مون پنهنجيءَ ملڪيت ۽ وقت کي عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي ؛ پر آءٌ اڪيلو ڇا ڪري سگهندس؟ سنڌ جي جاگيردارن، زميندارن، پيرن ۽ مخدومن کي غريبن سان همدردي ڪا نه آهي... طبع ناساز هئڻ ڪري اچي نٿو سگهان، معافي طلب آهيان، خدا اوهان کي انهن ڪوششن ۾ ڪامياب ڪري – غلام محمد.“

مرحوم جي مون سان بيحد محبت هوندي هئي، ۽ سندس محبت جو دائرو وسيع هو. عوام سان محبت ۽ خلق جي خدمت جو جذبو رکندڙ  هر ماڻهو کيس پسند ايندو هو. ٽنڊي باگي ۾ ڪيترائي ادارا سندس يادگيري تازي ڪرايو اچن. سنڌ ۾ هندن ۾ ته ڪيئي مخلص ڪارڪن ٿي گذريا آهن، جن ڪيترائي هاءِ اسڪول، ڪاليج، اسپتالون ۽ مسافر خانا کولايا هئا، ليڪن مسلمانن جو پئسي وارو طبقو اڪثر خود مطلب، عياش ۽ ذاتي اقتدار جو طالبو هو. اهڙيءَ قحط الرجال جي حالت ۾، مير صاحب جي زندگي مثالي حيثيت ر کي ٿي. اهڙي قسم جا ٻيا مسلمان ڪي  آڱرين تي ڳڻن جيترا ملندا- جهڙوڪ: مرحوم حسن علي آفندي، سيد الهندو شاهه ڊڀري وارو، مسٽر نور محمد وڪيل، سجاول وارو سيد حاجي عبدالرحيم، شاهه ۽ پير صاحب جهنڊي وارا. تعليم جي سلسلي ۾، مخدوم ميان غلام حيدر صاحب هالا وارا بيشڪ وڏيءَ تعريف جي لائق آهن، پر هن مير صاحب جون ڪوششون صرف تعليم طرف ئي راغب نه هيون، بلڪه عام تندرستيءَ ۽ صحت جا معاملا به ان ۾ شامل هئا.

مير صاحب 12 فيبروري 1933ع مطابق 15 شوال 1351هه تي وفات ڪئي، کيس ڪو اولاد ڪو نه ٿيو. سندس وارث، سندس چاچي مير حاجي غلام شاهه جو فرزند، مير خدا بخش خان ٿيو، سندس ڏاڏي مير حاجي ولي محمد خان کي پنج فرزند ٿيا. 1. مير محمد خان، 2. مير حسن علي خان، 3. مير محمد حسن خان، 4. مير يار محمد خان، 5. مير حاجي غلام شاهه.

مير محمد خان کي هڪ فرزند، خانبهادر مير غلام محمد خان ٿيو، جو لاولد وفات ڪري ويو.

مير حسن علي خان کي ٻه فرزند ٿيا: مير حاجي شير محمد خان ۽ مير فيض محمد خان. پهرئين کي مير حاجي نور حسين خان (خاڪسار ڪارڪن) ، مير غلام رسول خان ۽ مير عبدالقادر خان (هاري ڪارڪن) فرزند ٿيا. ٻئي کي مير علي محمد خان فرزند ٿيو، ۽ ان کي مير حسن علي خان ڄائو. مير محمد حسن خان کي مير محمد بخش خان  فرزند ٿيو، جنهن جي فرزند جو نالو وري محمد حسن خان رکيائون. مير يار محمد خان کي شايد اولاد ڪو نه ٿيو. مير حاجي غلام شاهه کي مير حاجي خدا بخش خان فرزند ٿيو، جنهن کي چار پٽ آهن: مير حاجي عبدالحسين خان، مير ولي محمد خان (رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي جو ڀيڻويو)، مير حاجي محمد خان ۽ مير حاجي علي نواز خان.

ملڪ ۾ مير گهڻا آهن، پر حاجي غلام محمد خان مرحوم پنهنجو مَٽ پاڻ هو.

37- سيٺ محمد رجب ولد سيٺ محمد روشن شفيعاڻي

(ٺٽو)

هي ٺٽي شهر ۾ لونگين، کيسن ۽ ٻئي مڪاني ٺهندڙ ڪپڙي جي ٺهرائڻ ۽ وڪري ڪرڻ جو ڪامياب واپاري هو. انهيءَ واپار مان هن چڱي جائداد ٺاهي. هڪ باغ خريد ڪيائين ۽ عمدي جاءِ ٺهرايائين. سندس شهرت ۽ نالي جو باعث، سندس مهمان نوازي ۽ سياسي ڳالهي سان دلچسپيءَ جي عادت هئي.

مون سان سيٺ صاحب جي 1926ع ڌاري واقفيت ٿي، ۽ جڏهن به ٺٽي ويندو هوس ته وٽس رهندو هوس. ڪيترا ڪراچي ضلعي جا زميندار سندس ڪشادي دستر خوان مان مستفيد ٿيندا هئا. سندس جاءِ ٺٽي شهر ۾ مڪاني سياسي ڳالهين جو مرڪز هوندي هئي. وڏيرو محمد عثمان سومرو، حاجي پير علي محمد عقيلي، محمد سومار وزن ڪش ۽ ٻيا ڪيترا دوست اچي اتي ڪٺا ٿيندا هئا. کيس شخصي طرح ڪا به لالچ ڪا نه هوندي هئي.  هڪ سادو، يار ويس ۽ همدرد شهري هو. ٺٽائي ديوانن خلاف ٺٽي جي پڙهيل طبقي ۾ جا حسد ۽ مخالفت جي هوا پيدا ٿي پيئي هئي، ان جي نظام لاءِ سندس جاءِ مرڪز ٿي ڪم ايندي هئي. اهڙا ڪي ڇٽا خود فراموش ۽ همدرد ماڻهو پيدا ٿين ٿا، جن پنهنجيءَ جاءِ ۽ دستر خوان کي عام دلچسپيءَ جي ڪم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هجي. جيئن ته سيٺ محمد جعفر جي اڳواڻيءَ هيٺ، اسان ضلعي لوڪل بورڊ ۾ ”حزب مخالف“  ٺاهي هئي. ان ڪري هن گروهه کي اسان ۾ دلچسپي پيدا ٿي ۽ ٿوري وقت اندر سيٺ محمد رجب سان منهنجي دوستي ٿي ويئي. وقت بوقت هڪ ٻئي کي خط  پٽ پيا لکندا هئاسون.

جڏهن 1928ع ۾ آءٌ ضلعي لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽيءَ لاءِ اميدوار بيٺو هوس، ته هن به پنهنجي وس آهر ان ۾ دلچسپي ورتي ۽ منهنجي چونڊجڻ کان پوءِ نهايت خوش ٿيو ؛ ليڪن ٿوري وقت اندر، سندس مڪاني دوست وڏيرو محمد عثمان سومرو، شاهنواز شاهه، محمد سومار وزن ڪش ۽ ميان امام بخش خان ڳاهو، قاضي عبدالرحمان سان منهنجي مخالفت ڪري. لوڪل بورڊ  ۾ منهنجي مخالف گروهه جا ٿي پيا. پوءِ به هي وفادار رهندو آيو ۽ ان ڪري کيس مڪاني سنگت جي بائيڪاٽ جو نشانو بڻجڻو پيو. ليڪن هن جي سدائين ڪوشش رهندي آئي ته سندس دوست، قاضيءَ جي پچر ڇڏي، منهنجي مدد ڪن.

آخر عمر ۾ گهڻو وقت بيمار گذاريائين. سندس واپار به گهٽ ٿي ويو. اڳوڻو اوج گهٽ ٿي ويو هوس ؛ ليڪن سيٺ محمد رجب مون لاءِ ساڳيو پراڻو مشفق دوست هو. اڃا سندس ڪچهريون نٿيون وسرن. هي لاولد ٿي،  1935ع ڌاري فوت ٿيو. سندس خطن جو وڏو ذخيرو مون وٽ محفوظ آهي، جنهن مان ان وقت جي مڪاني سياسي ڳالهين جو احوال معلوم ٿي سگهي ٿو.

38- خانبهادر محمد پريل خان ولد ميان قادر بخش خان ڪلهوڙو

(باليشاهه، ميهڙ)

خانبهادر جو والد، ميان قادر بخش، اصل اگهاماڻي ڳوٺ ۾ ويٺل هو، رواجي ملڪيت وارو ماڻهو هو، پر مقاطعي کڻڻ، محنت ۽ ڪفايت شعاريءَ ذريعي چڱي ملڪيت ٺاهي ويو. کيس ميان محمد پريل 1884ع ڌاري ڄائو. هن ابتدائي تعليم مڪاني اسڪولن ۾ ورتي، جتان ورنيڪيولر فائينل پاس ڪرڻ بعد تپيداري پڙهيائين ۽ تپيدار ٿي سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو. 27 مئي 1935ع ۾ والد جي انتقال کان اڳي، نوڪري ڇڏي، اچي زمين  سنڀالڻ ۽ مقاطعي کڻڻ جي ڪاروبار ۾ مشغول ٿيو. سگهو ئي جفاڪشيءَ ۽ هوشياريءَ سان زمين وڌائي ڪافي ملڪيت ۽ پئسو گڏ ڪري ويو. پوءِ اگهاماڻيءَ مان لڏي، باليشاهه اسٽيشن جي ڀر ۾ پنهنجو ڳوٺ ٻڌائي اچي ويٺو. گهر ۽ مهمان خاني لاءِ عمديون پڪيون عمارتون ٺهرايائين، جن ۾ ٻه وڏا بنگلا، ورانڊن ۽ وڏن ڪمپائونڊن جي ديوارن سان، مهمانن لاءِ اوطاقون ڪري ٺهرايون هئائين. مطلب ته وڏي شان سان رهڻ لڳو. سندس دستر خوان ڪشدو هوندو هو. ڪامورن سان سٺو لاڳاپو هوس. مهل سر ماڻهن سان ڪم اچڻ ڪري، نالو ڪڍائي ويو. آخر ايتريقدر اثر پيدا ڪري ويو جو ميهڙ ۽ ڪَڪڙ جي مکيه خاندانن کي (جن مان وڏا گذر ڪري ويا هئا) شهرت ۽ اثر ۾ لَٽي ويو، جتوئي، ٿيٻا، مهيسر، لغاري، جانوري، لاکير- اهي اصل دسترسيءَ وارا خاندان هئا، پر هن جي اثر، سج وانگر، تارن جي روشنيءَ کي جهڪو ڪري ڇڏيو هو. دادو ضلعي ٿيڻ بعد، آفيسرن جي راضپي ڪري ته ذري گهٽ ضلعي ۾ هي پهرئين نمبر تي شمار ٿيڻ لڳو.

1933ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽيءَ جي چونڊ ٿي، سندس مخالفن  ميان يار محمد جوڻيجي کي اميدوار بيهاريو. ٻئي طرف آءٌ به اميدوار هوس. پر آفيسرن جي مدد ۽ سندس پيدا ڪيل رسوخ ۽ پئسي ڪري، هو  پريزيڊنٽ  ٿي ويو. مون کي حالتن کي ڏسي، وائيس پريزيڊنٽيءَ جي عهدي تي راضي رهڻو پيو.

پريزيڊنٽيءَ جو اوائلي دؤر سندس اوج جو زمانو هو. انهيءَ اثر ڪري، پنهنجي عزيز وڏيري موسيٰ خان کي اسڪول بورڊ جو چيئرمين چونڊايائين. سندس فرزند، ميان شمس الدين، ميهڙ تعلقي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊيو.

لوڪل بورڊ ۾ سندس ڳالهه  فيصلا ڪن سمجهي ويندي هئي، ڪنهن کي مجال نه هوندي هئي جو سندس مرضيءَ خلاف ڳالهائي. اڪثر ميمبر وٽس مهمان ٿي اچي رهندا هئا. هر ميٽنگ جي موقعي تي سوين ماڻهو لوڪل بورڊ جي ميٽنگ ڏسڻ لاءِ ايندا هئا، جن سڀني کي ديڳيون رڌائي، هي ماني کارائيندو هو، جن ۾ڪي نوڪرين جا طالبو هوندا هئا ته ڪي بدلين لاءِ ايندا هئا، ڪن کي بندوق جا پروانا کپندا هئا ته ڪن جا سرڪاري عملدارن ۾ ڪم هوندا هئا. اهي سڀ ڪم هن جي معرفت ٿيندا هئا.

هي نماز روزي جو پڪو پابند هو. ان عمر ۾ کيس عربي ۽ پارسي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. ان لاءِ هڪ مولوي رکيائين، جنهن وٽ پاڻ به پڙهندو هو ۽ غريب شاگردن جي پڙهائڻ جو به انتظام ڪيو هئائين، جن جي کاڌي ڪپڙي جو خرچ به پاڻ ڀريندو هو.

اول ۾ مون سان سٺا تعلقات هئس. انهيءَ خيال ڪري، مسٽر منگها رام ٽهلراماڻيءَ کي لوڪل بورڊ جو چيف آفيسر ڪري رکيائين؛ ليڪن اڳتي هلي هن اهڙي روش اختيار ڪئي، جنهن ڪري مون کي مجبوراً مخالفت ۾ وڃڻو پيو. سج ٻه پاڇا آهي، گهڻ خرچائو مڙس هو. سندس پئسن جي ريل ڇيل کي ڏسي، ڏاڍيون چميگويون پيدا ٿيون ۽ مخالفن کي کيس تڪليف ڏيڻ لاءِ وجهه ملي ويو. حالت اتي وڃي بيٺي جو ان ساري معاملي تي جاچ ڪرڻ لاءِ هڪ انڪوائري ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن سندس خلاف رپورٽ ڪئي. انهيءَ ڪري، پهرين موڪل وٺي ويو، ۽ پوءِ بمبئي گورنمينٽ جي حڪم پٽاندر، کيس پريزيڊنٽيءَ تان استعفيٰ ڏيڻي پيئي.

وري جڏهن آءٌ لوڪل بورڊ کي ڇڏي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ويس، ته خانبهادر نور نبي ڪليڪٽر جي مدد سان هي دوباره پريزيڊنٽ چونڊجي آيو، انهيءَ دفعي هن مسٽر ٽهلراماڻي چيف آفيسر کي نوڪريءَ مان ڪڍي  ڇڏيو. هاڻي اهو اڳوڻو اوج نه رهيو هوس ۽ عملدارن جي آڌار تي پئي هليو.پر تڏهن به ڪُنڊ ڀريو بيٺو هو.

سندس وفات کان پوءِ، جيتوڻيڪ سندس فرزند وٽ ملڪيت ساڳي آهي: پر اڳوڻو اثر نه رهيو آهي. مهمانن جي آمدرفت گهٽ آهي. نه اهو رسوخُ رهيو آهي ۽ نه لاڳاپو ؛ معمولي اثر وڃي رهيو اٿن. سندن اوج هڪ سيلاب وانگر اچي،  آسپاس ڏانهن وڌي، وري هٽي ويو.

چوڻي آهي ته ”شال مڙس نه مرن، انهن کان پوءِ ڳوٺ ولها ٿيو وڃن.“

سو، سندس حياتي پوري ٿيڻ کان پوءِ، فقط ڪي نشان وڃي بچيا آهن، جن جي خبر به ڪن پراڻن واقف ماڻهن تائين محدود آهي.

پاڻ 7 آڪٽوبر 1946ع مطابق، 12 ذوالقعد 1365 هه تي ، وفات ڪيائين، خانبهادر ڪيترين خوبين ۽ خامين جو هڪ ئي وقت حامل هو. سندس حياتيءَ جو اڀياس وڌو عبرت آميز آهي. پويان سندس چار فرزند آهن: ميان شمس الدين، ميان قمرالدين، ميان  غلام رسول ۽ ميان شريف الدين.

39- سيد حاجي محمد شاهه، سيد حاجي مير اول شاهه ڄاموٽ، باقيل پوٽو

(مٽياري)

هي شاهه صاحب مٽياري سيدن جي باقيل پوٽا پاڙي جو ڄاموٽ آهي. انهن جو وڏو ڏاڏو، سيد شهمير شاهه (وفات 1177هه) مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد ۽ پوئلڳ هو. ا نهيءَ وقت کان وٺي هي خاندان فقهيٰ اسلام جو پابند ٿي، غير مسلمن کي مسلمان بڻائڻ جي مشغوليءَ ۾ دلچسپي وٺندو پئي رهيو آهي.

”لطف لطيف“ ۾ مولوي وفائي صاحب هڪ قصو بيان ڪري ٿو ته شاهه عبداللطيف هڪ دفعي مٽيارين ۾ ويو ته ڪنهن هندوءَ کي زوريءَ مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي ؛ هو ان کي ڇڏائي پاڻ سان وٺي ويو. بهرحال، انهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين، هر مهيني پنجاهي کن غير مسلم هن قبيلي جي معرفت مسلمان ٿيندا پئي آيا آهن. هي صاحب نماز ۽ روزي وغيره جا پابند پئي رهيا آهن.

شاهه صاحب جو والد، سيد حاجي مير اول شاهه سخت مذهبي خيال جو ماڻهو هو. حج ڪرڻ جو شوقين، ڪفايت شعار، منتظم زميندار، مسجدن ۽ مذهبي ادارن جي خرچ ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺندڙ ٿي گذريو آهي. هو 1227هه ۾ ڄائو ۽ اولاد لاءِ وڏي ملڪيت ڇڏي، 1337هه ۾ اول ۾ وفات ڪري ويو. کيس پنج فرزند ٿيا: 1. سيد حاجي محمد شاهه، 2. سيد حاجي زين العابدين شاهه، 3. حاجي محمد نعيم شاهه، 4. سيد حاجي علي اصغر شاهه، ۽ 5 سيد حاجي علي اڪبر شاهه.

سيد حاجي محمد شاهه صاحب سڀني ۾ وڏو آهي. هي 22 شوال 1308هه مطابق 2 جون 1891ع تي ڄائو هو. سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جي  تعليم مڪاني استادن کان ورتائين. خود الحان قرات پڙهندڙ آهي. هن جي ساري خاندان کي حج بيت الله ۽ زيارتن ڪرڻ جو گهڻو شوق پئي رهيو آهي. سندن گهر جا ننڍا ٻار به حج کان سواءِ رهيل ڪين آهن. شاهه هن وقت تائين اٽڪل تيرهن حج ڪيا آهن. هي نماز روزي جو پابند،  باوضع، محبتي، ڳالهه جو سچو، محل سر ڪم اچڻ، جهڙو، ڪم آزار، ڪم سخن، مهمان نواز، باهمت ۽ آزاد خيال ماڻهو آهي.

منهنجي ساڻس اوائلي واقفيت خلافت تحريڪ جي ڏينهن کان ٿي، جنهن ۾ هن چڱو بهرو ورتو.  سندس ڀاءُ حاجي محمد نعيم شاهه، انهيءَ زماني ۾ مٽيارين ۾ ٿيل گوليبازيءَ ۾ زخمي ٿي پيو. هي ڪڏهن به مسلم ليگ ۾ شامل نه ٿيو آهي، ۽ انهن چند بزرگن مان آهي، جي پير صاحب جهنڊي وارن وانگر، انهيءَ الايش کان آزاد رهيا آهن. هن اڪثر زميندارن وانگر، ڪامورن جي خوشامد نه پئي ڪئي آهي.

هنن جي پاڙي جو اصل ڄاموٽ ڇٽن شاهه هو، جو لاولد ٿي وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ ڄاموٽيءَ جي پڳ خالي رهي، جا جملي ڀائرن گڏجي، حاجي الهه اوڀائي شاهه کي ٻڌائي، جنهن جڏهن 1345هه ۾ وفات ڪئي. ته ڀائرن گڏجي حاجي محمد شاهه کي ڄاموٽ ڪيو.

هي 1924ع ۾، سن ۾ ڪوٺايل سادات مٽياري جي ڪانفرنس ۾ ”انجمن سادات مٽياري“ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو.

ڪنهن وقت سڀني ڀائرن ۾ اهڙي محبت هئي، جنهن جو مثال ملڪ ۾ مشهور ٿي ويل هو. سڀ ڀائر، اولاد سميت، هڪ دسترخوان تي ماني  کائيندا هئا. هڪ جي ڳالهه سڀني جي ڪري ليکي ويندي هئي. ٽن ڀائرن- حاجي محمد نعيم شاهه، حاجي علي اڪبر شاهه ۽ حاجي علي اصغر شاهه جي وفات ڪرڻ کان پوءِ، پوين اها روايت قائم نه رکي؛ ڪيترا اختلاف پيدا ٿي پين. ان جا مکيه ڪارڻ شادين جي ڪثرت، ملڪيت جي ورهاست، تعليم جي گهٽتائي، ماحول جي خرابي، گهرو اختلاف ۽ شاهه صاحب جي حاجي محمد شاهه جي طبيعت جي بي چاڪائي هئي. هن وقت سندس ڀائرن مان صرف حاجي زين العابدين شاهه زنده آهي.

شاهه صاحب ٻه شاديون ڪيون آهن؛ هڪ سيد ماڪن شاهه ولد جيئل شاهه جي نياڻيءَ سان، ٻي شادي حيدرآباد مان، سرحدي سيدن جي پاڙي مان ڪيائين، جي اصل هريپور هزارا ضلعي جا ويٺل هئا، جن مان هڪ ڪراچيءَ ۾ ”بخارا“ هوٽل هلائي رهيو آهي. پوئينءَ شاديءَ مان کيس حاجي مير اول شاهه نالي فرزند آهي، جو هن وقت زمينداري ڪم هلائيندڙ آهي. سندس ڀاءُ حاجي علي اڪبر شاهه، درويشي اختيار ڪري، پير محمد شاهه ذڪري سڪرنڊ واريجو خليفو ٿيو. هن وقت سندس فرزند سيد حاجي علي احمد شاهه والد جي مسند تي، سڪرنڊ جي ڀر ۾ خانقاهه کولي، مدرسو هلائي رهيو آهي. سندس ٻئي ڀاءُ حاجي محمد نعيم شاهه جو  فرزند گريجوئيٽ آهي. اهو هن وقت مٽياري ٽائون ڪاميٽيءَ جو چيئرمين آهي. مغربي پاڪستان اسيمبليءَ لاءِ اميدوار بيٺو هو، پر هڪ دفعي ڪامياب نه ٿيو. هاڻي 1965ع ۾ ٻئي دفعي ڪامياب ٿيو آهي. عملدارن ۽ مکيه ماڻهن سان لاڳاپو رکيو اچي.

40- ملڪ ميان فريد خان ڇٽا خان ملڪاڻي

(جاتي)

هي اصل ۾ جَت قبيلي جي ملڪاڻي پاڙي مان آهن. اڪثر مسلمان قبيلن وانگر، پٺاڻن، سمن، سومرن، سڀني پاڻ کي عرب ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان طرح بلوچ به پڻ کي امير حمزي جي اولاد مان سڏائڻ لڳا ؛ ليڪن تاريخ جي کوجنا بعد هاڻ هيءَ ڳالهه ظاهر ٿيڻ لڳي آهي ته جت، جاٽ، جيت وغيره نالن وارا ماڻهو آريا قوم مان آهن،جي اول ۾ وچ ايشيا واري آمو دريا جي ڪناري تي ويٺل هئا ۽ اتي سندن حڪومت هئي. جڏهن ايران جي شهنشاهه سائرس انهيءَ ٽڪريءَ کي فتح ڪيو ته هي مختلف طرفن  ڏانهن ٽڙي پکڙي ويا.

ڪي وڃي جرمنيءَ ۾  پهتا، جتي جٽلئنڊ نالي ملڪ اڃا تائين سندن نالو زندهه رکيو اچي. ڪي انگلينڊ جي ڪينٽ علائقي ۾ وڃي رهيا، ڪي اسپين ۽ آفريڪا ڏانهن ويا، ته ٻين وچ ايشيا کان هيٺ لهي اچي اتر الهندي هندستان کي وسايو. هندستان جي قديم رهاڪو ڇٽيهن ڪُلن (نسلن) ۾ سندن نالو داخل آهي. جمنا ۽ گنگا ندين جي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهو جاٽ سڏجڻ لڳا. ڪي سنڌ ۾ موجوده ٺٽي ضلعي جي، شاهه بندر، ساڪري، ويندي ڪيچ مڪران تائين پکڙجي ويا، جي ”جت“ سڏجڻ لڳا. تاريخدانن جو چوڻ آهي ته يورپ جا جپسي به انهن سنڌ جي جتن جي نسل مان آهن. هزار ورهين کان پوءِ به ڪي سنڌي زبان جا لفظ مثلاً؛ ڪن، اک، مڇي، ماس، سِڱ، ڇري، ماڻهو، نڪ، ٻڪري، سپ، چور، پاڻي، ڪارو، وغيره هو اڃا تائين استعمال ڪن ٿا. (”ٽائيمس آف انڊيا“ 28 آڪٽوبر 1861ع)

اصل ۾ اهي سج جي پوڄا ڪندا هئا. ڏهين ۽ چوڏهين عيسويءَ جي وچ ڌاري مسلمان ٿيا. سنڌ جا مکيه شهر ديبل ۽ ڀنڀور سندن ٻڌل ٿا ڀانئجن، جن ٻنهي جي معنيٰ ”سُورج پور“ ٿئي ٿي. تازو جرمنيءَ جا عالم جت قبيلي تي کؤجنا لاءِ هتي آيل هئا ۽ انهن مسئلن تي تفتيش ڪري موٽي ويا. هي اصل ۾ مال تي گذران ڪندا هئا. اٺ، گهوڙا، ڳئون، مينهون وغيره ملڪ جي سهولت آهر ڌاريندا هئا.

ملڪ صاحب جو خاندان ڪڏهن کان سندن موجوده ڳوٺ، ملڪ راڄ ۾ اچي ويٺو آهي، تنهن جي وري خبر پئجي نٿي سگهي. ملڪ فريد خان قد جو ڊگهو، شڪل جو سهڻو، سفيد لباس پائيندڙ، روزي نماز جو پابند، فضيلت جو صاحب، دوستيءَ جو وفادار، خوش اعتقاد بزرگ هو. منهنجي ساڻس واقفيت 1928ع جي ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽيءَ لاءِ اميدور بيهڻ وقت ٿي، جنهن کان پوءِ تعلقات هلندا آيا. قبيلي جي مکيه ماڻهو ۽ وڏي زميندار هئڻ جي باوجود، سادي زندگي گذاريندو هو. آءٌ جڏهن 1929ع جي اپريل ۾ ڪراچي ضلعي جي گشت ۾ ويو هوس، ته ڪجهه وقت مون سان گڏ هو. بدين جي پير ڀاون شاهه ۽ ڀلڻ شاهه،  ۽ پير غلام حيدر شاهه بلڙيءَ واري سان سندس سُٺا تعلقات هئا. جاتيءَ جي خليفن سان به، باوجود مڪاني اختلافن جي سٺا مراسم رکندو آيو. سيٺ ريوامل جاتيءَ واري سان به دوستاڻا تعلقات هئس. سيد حاجي عبدالرحيم شاهه سجاول واري سان به دوستاڻا تعلقات هئس. سيد حاجي عبدالرحيم شاهه سجاول واري ۽ مولوي محمد صادق  کڏي وارن سان  چڱا لاڳاپا هئس. سندن پڳدار ملڪ بقادار خان هو، پر راڄن جا ڪم ڪار اڪثر هي ٻه ڀائر ڪندا هئا. سندس ڀاءُ ميان عبدالله خان به هن وانگر ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر هو، جنهن 1931ع ۾ وفات ڪئي. ان کان پوءِ سگهو ئي پاڻ 1932ع ۾  وفات ڪيائين. کيس نرينو اولاد ڪو نه هو. سندس خاندان مان هن وقت نزديڪي رشتيدار ملڪ مامون خان آهي، جو ڪنهن وقت سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر  به هو ۽ راڄن ۽ خاندانن سان  رهائي رکيو ويٺو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org