سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جهڙا گل گلاب جا

(پهريون حصو)

 

صفحو :7

 

 

بابا سائين عبداللطيف آگرو

 

 

 

منهنجي ننڍپڻ جا ڏينهن هجن. عمر اٺ نو ورهيه هوندي. ڪاڙهو تتو اهڙو جو ڪانءَ جي اک پيئي نڪري. . ڀئونرن جي اسڪول ۾ سنڌي پهريان پنج درجا پڙهندو هوس. ان زماني ۾ ٻاراڻو درجو به پڙهائيندا هئا، جنهن تي به پورو سال لڳندو هو. شاگرد ٻاراڻو ۽ پهريان چار درجا سنڌي پڙهي، پوءِ وڃي انگريزيءَ جي پهرئين درجي ۾ داخلا وٺندا هئا. اسڪول صبح جو شروع ٿيندو هو ۽ ٽپهريءَ جو ختم ٿيندو هو. پر سخت ڪاڙهي جي ڪري، ٻارن کي، منجهند جي مانيءَ ۽ آرام لاءِ ڪلاڪ ٻه موڪل ملندي هئي. اسڪول جو هيڊ ماستر هوندو هو منهنجو والد بزرگوار عبداللطيف آگرو.*

بابا سائين ۽ اسان جو ڪلاس ماستر استاد مير محمد گهانگهرو منجهند مهل، هڪ ڪلاس روم سان بئنچون ڪڍرائي، کٽون وجهائيندا  هئا، جن تي گرميءَ جي ڪري هلڪا بسترا وڇائبا هئا. فراسيون ۽ وهاڻا. ڪنهن نه ڪنهن شاگرد جي گهران سندن منجهند جي ماني تيار ٿي ايندي هئي، جنهن کي ڀاڄي ۽ سيڌو پاڻ وٺي ڏيندا هئا. ڪو زمانو نور الدين قريشيءَ جي ماءُ ماني تيار ڪري موڪليندي هئي. مائي صاحبه جي هٿن ۾ ڪو ساءُ هو. ڪڪڙ جو ٻوڙ چاڙهي ته ڇا، چڻن جي دال رڌي ته ڇا، ٻنهي حالتن ۾ سندس پچايل طعام ”فائيو اسٽار هوٽلن“ جي کاڌي کان وڌيڪ لذيذ هوندو هو. ماني کائي بابا سائين ۽ استاد مير محمد آجهاپي لاءِ کٽڻ تي آهلي پوندا هئا. هڪ شاگرد جهلي ڇڪيندو هو. گرميءَ جي مهل، جهليءَ جو لوڏو ۽ مٿان مانيءَ جو نشو! ڏسندي ڏسندي، بابا سائينءَ ۽ استاد مير محمد کي ننڊ کڻي ويندي هئي. جڏهن سندن کونگهرن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو، ته مان ۽ منهنجو سوٽ(مرحوم) محمد پنهنجن کٽڻ تان آئي، آهستي آهستي اسڪول کان ٻاهر نڪري ايندا هئاسين ۽ هم ڪلاسي شاگردن سنا گڏ، شاخن ڏانهن پنڌ پوندا هئاسين.

اسڪول کان فرلانگ ٻه پرڀرو، ڀئونرن جي ڳوٺ جي ٻاهران، ٻه ٻٽيون شاخون ڀئونر مائنر ۽ گل مائنر وهنديون هيون. اتي پهچڻ شرط، لٽالاهي، پاڻيءَ ۾ ٽپا ڏيندا هئاسين ۽  منجهند جي موڪل وارو ڪلاڪ ٻه تڙڳندا رهندا هئاسين. اهو اسان  جو روزانو عيش هوندو هو. ڪا گرمي هوندي هئي! پر، پاڻيءَ ۾ گهڙڻ کانپوءِ پتوئي ڪونه پوندو هو. جڏهن سمجهندا هئاسين ته هاڻي بابا جي اٿڻ جي مهل ٿي آهي، تڏهن شاخن مان نڪري، لٽا پائي، واپس موٽندا هئاسين. پر سڌو اسڪول وڃڻ بدران انجنيري بنگلي جو چڪر ڏيندا هئاسين. اتي اول ڦارها پٽي کائيندا هئاسون پوءِ انبڙيون.  مالهي ۽ ڪمي ڪاسبي گرميءَ ڪري گهر هليا ويندا هئا، پر جي موجود هوندا به هئا ته به اسان ٻن ٽن ٻارن کي روڪڻ مناسب ڪونه سمجهندا هئا.

جڏهن سمجهندا هئاسون ته هاڻي بابا جي اٿڻ جي مهل ٿي آهي ته ڇوها ڇوها اسڪول هليا ايندا هئاسون ته جيئن بابا، ننڊ مان اٿي ته، اسان کي اسڪولي ڪتابن پڙهڻ ۾ مشغول ڏسي. اصل ڳالهه اها هئي ته اسان تي ۽ سڄي اسڪول تي سندس ڏاڍو رعب هوندو هو.

هڪ دفعي، ڪلاس هلندي، هڪ شاگرد مون کي اچي ڪن ۾ سرپاٽ ڪيو ته ”قيمت کان پڇ  ته توهان هندو ڳئونءَ جو گوشت کائيندا آهيو؟“ قيمت منهنجو هم ڪلاسي ۽ پيارو يار هو. پر ٻاراڻيءَ عمر ڪري مون کانئس اهو سوال پڇڻ ۾ ڪوبه عيب ڪونه سمجهيو. سوال ٻڌي قيمت جي منهن جو پتو ئي لهي ويو. مڄاڻ ته بابا سائينءَ ڪو اهو لقاءُ  ويٺي ڏٺو.  سو، قيمت کان پڇيائين ته ”ربانيءَ توکي ڇا چيو؟“ قيمت ڀلا هيڊ ماستر جي پٽ تي چغلي ڪيئن هڻي ! آخر، ڊڄي ڊڄي ڳالهه ڪيائين. بابا مون کي ڪاوڙ مان چيو ته”هيڏي آءُ.“ مان ميز ڏي ته وڌيس، پر متيون منجهي ويم. ”توهان مسلمان سوئر جو گوشت کائيندا آهيو؟“ بابا جو ڪڙڪيدار آواز ڪن تي پيو. مان ڪهڙو جواب ڏيان! اکين اڳيان اوندهه اچي ويم. هالن جو جنڊيءَ لٿل رول، جو بابا جي سامهون ميز تي رکيل هوندو هو، سو، منهنجي هٿ جي ترين تي سانوڻيءَ جي مينهن وانگر وسڻ لڳو. جڏهن منهنجيءَ سلوار ۾ پيشاب شرڙاٽ ڪري وهي ويو، تڏهن بابا مون کي حڪم ڏنو ته ”وڃ وڃي پنهنجي سلوار صاف ڪر.“

جڏهن شام وارو ڪلاس ختم ٿيندو هو، ته بابا سائين پان وضو ڪري، ٽپهريءَ جي نماز پڙهندو هو ۽ شاگردن کي ٿاڌل گهوٽڻ لاءِ چوند هو . ٿاڌل جو سامان باداميون، پست، جي ڪڻ، مصري، ڪارا مرچ ۽ ننڍا ڦوٽا، اول ته بابا وٽ رکيل هوندا هئا، نه ته ڪو شاگرد کانئس پئسا وٺي دڪان تان وڃي وٺي ايندو هو. بابا سائين نماز پڙهي بس ڪندو هو، ته ٿاڌل به تيار هوندي هئي. تن ڏينهن ۾ برف عام جام ڪانه  ٿي هئي. ٿڌن گهڙن جي پاڻيءَ سان ٿاڌل گهوٽبي هئي. مون کي به ڀريل گلاس ملندو هو. جڏهن وڏو ٿيس ته قدرت مون کي اعليٰ کان اعليٰ مشروب نصيب ڪيا. ايران ۾، دبئي ۾، هندستان ۾، بنگلاديش ۾ ۽ چين ولايت جي فائيو اسٽار هوٽلن ۾، اعليٰ درجي جون اسڪاچ وسڪيون، فرينچ وائين ۽ قسمين قسمين ميون جا شربت پيتم. پر، ڪوبه شراب ۽ شربت، ڀئونرن واري اسڪول ۾ بابا سائينءَ جي هٿ مان مليل ساديءَ سوديءَ ٿاڌل جي گلاس کان وڌيڪ ڪونه هو. ٿاڌل ڇا هئي، جنت جو جام هو، جو آب ڪوثر سان ڀريل هو. ڀٽائيءَ به شايد ڪنهن اهڙيءَ ئي نعمت لاءِ فرمايو هو:

پاڻان چوند ئي پيءُ، ڀري جام جنت جو.

*      *      *

اسڪول پورو ٿيو ته مان ۽ منهنجو سوٽ محمد، بابا سائينءَ سان گڏ ٽيلهه، سائيڪل تي چڙهي، پنهنجي ڳوٺ آڳرين ايندا هئاسين. وڏو رستو ڀئونرن کان اول محبت ديري جتوئيءَ ايندو هو، پوءِ اتان اسان جي ڳوٺ. پر اهو پنڌ ٻه اڍائي ميل ٿي ويندو هو، انڪري اسان ڀئونرن کان سڌو ڳوٺ ايندا هئاسين. ان لاءِ اسان کي رستو ڇڏي، هڪ واٽ وٺڻي پوندي هئي، جا جهنگ ۽ پوکن مان ٿيندي، سڌو اسان جي ڳوٺ ايندي هئي. انهيءَ واٽ سان اچڻ ۾ ڪابه تڪليف ته ڪانه ٿيندي هئي. اٽلندو جهنگ ۾، طرحين طرحين پکي ۽ جانور ڏسي مزو ايندو هو. خاص طرح سان لومڙ گهڻا هوندا هئا، جي سائيڪل جو کڙڪو ٻڌي، واٽ وٺي اچي بيهندا هئا. امان مٺيءَ اسان کي لومڙن لاءِ مٺيون مانيون پچائي ڏيندي هئي. اسان لومڙن کي مانيون اڇلائي ڏيندا هئاسين. هو خوشيءَ مان ٽپو ڏيئي، چڪ ۾ ماني کڻي، پنهنجن ڏرن ڏانهن هليا ويندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڀئونرن جي اسڪول ۾ منجهند جي ماني بچي پوندي هئي، ته اها به لومڙن لاءِ کڻي ايندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن اچڻ ۾ دير ڪندا هئاسين، ته لومڙ اسان جي انتظار ۾ اڳيئي واٽ وٺي بيٺا هوندا هئا. اسان سان ڏاڍا هري مري ويا هئا. محبت جانور تي به جادو ڪري ڇڏي ٿي! ڪيڏو نه بدنصيب آهي اهو انسان جيڪو محبت جي نعمت کان محروم آهي يا ان جو قدر ڪونه ٿو ڪري.

گهر پهچڻ کانپوءِ بابا سائين گهڙي کن آرام ڪري، سانجهيءَ جي نماز پڙهي، مصلي تي پٿريون ويهي پڙهندو هو. اهي پٿريون عرفات جي ميدان مان آيل هونديون هيون. ننڍيون ننڍيون، لسيون، گول، گول، ڪي بيضوي، ڪي سفيد، ڪي ڪاريون، ڪا ڳاڙهي ته ڪا ناسي رنگ جي، بابا پٿرين مان مٺ ڀري، هڪ هڪ هيٺ ڪيرائيندو ويندو هو ۽ الله پاڪ جي ”اسمائي حسنيٰ“ مان هڪ هڪ نالو کڻندو ويندو هو. اها سندس روزاني تسبيح هوندي هئي. مان، منهنجو وڏو ڀاءُ ۽ منهنجو سوٽ ڪاري رنگ جي پٿري چونڊي، پٿرين جي ڍير تي  چٽيندا هئاسين، ته منجهائن چڻنگون نڪري پونديون هيون. ڏاڍو مزو ايندو هو، ڄڻ ته جنت جا ڏيئا ٻري پوندا هئا.

اهو سونو زمانو هو. ملڪ ۾ سڪر سڻائي هئي. هرڪو ڪم قاعدي قانون تي هلندو هو. بابا سائين جڏهن سفر تي ٻاهر ويندو هو ته اسٽيشن تي ڪوٽ جي کيسي مان پنهنجي واچ ڪڍي ريلوائي گهڙيال سان ملائي، وقت صحيح ڪندو هو. هاڻي مون انهن گهڙيال تي پنا چنبڙيل ڏٺا آهن ته گهڙيال خراب آهي.

سڪر سڻائي ايڏي هوندي هئي جو مان پاڙي واري گهر مان چاچي هاشم کان روز گوشت وٺي ايندو هوس، ڇهين آنين سير . هاڻي اسلام آباد ۾ قاصائيءَ کي گوشت جي سير لاءِ ٻاونجاهه رپيا ڏيندو آهيان ته اهي ڏينهن يا ايندا آهن. رپيو ته خير رپيو هو. پر پائلي ۽ ٻياني به وڏي ڳالهه هئي. ڳوٺ جي دڪان تان اسان کي ٽڪي پئسي جي به چڱي شيءِ ملي ويندي هئي. اسان کي انهيءَ ٻاراڻيءَ وهيءَ ۾ پائي خرچي ملندي هئي، جنهن مان دڪان تان ڀڳڙن سان گڏ خارڪون به وٺندا هئاسين.

انگريزن کي تعليم سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي. هڪ دفعي اسان ڪنهن سبب ڪري بابا سائينءَ سان گڏ، سائيڪل تي اسڪول ڪونه وياسين. سندس وڃڻ کان ڪجهه دير پوءِ پنڌ وياسين. جڏهن شاخون ٽپي انجنيري بنگلي ۽ اسڪول کي ويجهو ٿياسين ته پٺيان ٽاٻڙڪو ٻڌو سون. ڪنڌ ورائي ڇا ڏسون ته ڏهه پنڌرنهن گهوڙيسوار آهن، جي واچ مينهن ڪندا ٿا اچن. ننڍڙا ٻار، هيسجي وياسيون. رستي جو پاسو وٺي بيٺاسون. گهوڙيسوار ٽاٻڙ ٽاٻڙ ڪندا، هڪ هڪ ٿي اسان جي اڳيان لنگهي انجنيري بنگلي ۾ داخل ٿيا. سڀني جي اڳيان هڪ ڪارو مشڪي گهوڙو هو، جنهن جي سوار کي سکن وانگر پٽڪو ٻڌل هو، جنهن کي وڙي ڪوٺيندا هئا. گهوڙيسوار رنگ جو سانورو هو، پر سندس چهري ۾ شان شوڪت جي جهلڪ هئي.

اسان به اسڪول اچي پهتاسين ته بابا سائينءَ کي پيغام پهتو ته نواب شاهه ضلعي جو مرهٽو ڪليڪٽر ندس لاش درياهه مان ڪڍيائونڻ پيو.لهندوالوب اءِ چيو هئائينيهوش ٿي  ويندو آهي. ته برابر گهڻا ئي هئا، پر سندس علم ۽ عظمتتت نه ٿئي.* تَرَ جو گشت ڪندو، انجنيري بنگلي تي پهتو آهي ۽ هيڊ ماستر صاحب کان اسڪول جي معائني جي موڪل گهري ٿو. بابا جي ”هائوڪار“ ڪرڻ تي ڪليڪٽر صاحب اسڪول ۾ آيو. مختلف ڪلاسن کي ڏسي جڏهن اسان جي ڪلاس ۾ آيو ته اسان جي استاد، مون ڏي اشارو ڪري چيس ته ”هي هيڊماستر جو پٽ آهي.“ ڪلاس جي ڀت تي دنيا جو نقشو ٽنگيل هو. منجهس ٻه اڌ گول ٺهيل هئا. ڪليڪٽر مون کي چيو ته ”هن نقشي ۾ ڀئونر ڏيکار.“ مون ڪجهه سوچ ويچار ڪري اڳتي وڌي، روهڙيءَ تي آڱر رکي. ڏاڍو خوش ٿيو. کلي پنهنجن ساٿين کي چيائين ته ”دنيا کي نقشي مين بهئونر کدهر سي مليگا؟ بچي ني بلڪل صحيح جواب ديا هي.“ ان کانپوءِ ”وزيٽرس بڪ“ ۾ شاندار نوٽ هنيائين، جنهن ۾ بابا سائينءَ ۽ اسڪول جي تعريف ڪيائين.

*      *      *

انگريزن جي زماني ۾ سرءُ جي مند ۾ ٻارن کي موسمي تپ ۽ مليريا کان بچائڻ لاءِ، هر سال اسڪولن ۾ مفت ڪونين ورهائي ويندي هئي ۽ ضرورت کان زياده ملندي هئي. سو، بابا سائين شاگردن ۾ ورهائڻ کان پوءِ چار پنج سو ٽڪيون، ڀئونرن جي حڪيم حسين بخش ڀئونر کي تحفي طور ڏيئي ڇڏيندو هو. ڀئونرن کان ٽن چئن ميلن جي پنڌ تي درياهه شاه وهندو هو. تن ڏينهن ۾ مٿس ايڏا  بند ٻڌل ڪونه هئا. فقط سکر بئراج هوندو هو، سو، سال بسال سانوڻيءَ جي مند ۾ درياهه ۾ اٿل ايندي هئي. ميلن ۾ موڪرو ٿي ويندو هو. ڇر جو پاڻي، ٻيلو لتاڙي اچي بچاءَ بند سان ٺهڪو ڪندو هو. انهيءَ مند ۽ سرءَ واريءَ مند ۾ مڇرن جي ڪري ڏاڍي تاپولي ٿيندي هئي، جنهن جو هڪ ٽڪ علاج هوندو هو ڪونين. حسين بخش ڀئونر بابا کان ڪونين جون ٽڪيون وٺي، انهن کي گهر ۾ ڪٽي، ٿورو پاڻي ملائي، گول گول گوريون ٺاهي، مير بحرن کي ”يوناني دوا“ ڪري ڏيندو هو. انگريزي دوائن لاءِ عام اثر ويٺل هوندو هو ته اهي گرم آهن. مير بحر درياهه ۾ ٻيڙين تي رهندا هئا. ٻن چئن  گورين وٺڻ سان سندن ٻار چاق چڱا ڀلا ٿي ويندا هئا. سو، هو حڪيم حسين بخش ڀئونر جا چڳ وڍيا مريد ٿي ويا هئا. جڏهن سانوڻيءَ ۾ درياهه پنهنجي روايتي موج مستيءَ ۾ ايندو هو، تڏهن مير بحر حڪيم حسين بخش ڀئونر وٽ ايندا هئا. هو وري اچي بابا کي دعوت ڏيندو هو. اهڙيءَ ريت، درياهه جي دعوت جو پروگرام ٻڌبو هو*

مقرر ڏينهن تي بابا سائين، استاد مير محمد، حڪيم حسين بخش ڀئونر، منهنجو وڏو ڀاءُ مرحوم غلام دستگير، منهنجو سوٽ مرحوم محمد، مان ۽ مٿين ڪلاس جا ڪي شاگرد سائيڪلن تي چڙهي اسڪول مان درياهه تي ويندا هئاسين. درياهه ڏانهن ويندڙ واٽ وچ ٻيلي مان لنگهندي هئي. ان واٽ سان وڃڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. هڪ دفعي بابا سائينءَ کان سندس ڪنهن دوست ماکيءَ جو شيشو گهريو. بابا سائينءَ اسان اسڪولي شاگردن کي ٻيلي مان تازي ماکي لاهي اچڻ لاءِ چيو. ڪلاڪ ٻن ۾ جيڪا ماکي لٿي ان مان بابا سائينءَ ٻاويهه شيشا ڀري ان دوست کي موڪليا. ماکي اهڙي جو ذرو وات ۾ وجهه ته ڄڻ گلاب ۽ مصريءَ سان وات ڀرجي ويو.

درياهه تي ٽي چار ٻيڙيون اڳيئي اسان لاءِ سينگاريون بيٺيون هونديون هيون. اسان جي ويهڻ شرط مير بحر ٻيڙيون هاڪاريندا هئا. جيستائين نظر پوندي هئي تيستائين پاڻي ئي پاڻي هوندو هو. درياهه ۾ ننڍيون وڏيون ٻيڙيون ترنديون نظر اينديون هيون. ڪي ته ايڏيون وڏيون جو منجهن اٺ، ٻيو چوپايو مال، چانورن ۽ ڪڻڪ جون ڳوڻيون وغيره چاڙهيندا هئا. اسان واريون ننڍيون ٻيڙيون ترنديون ترنديون، اچي وچ سير ۾ پهچنديون هيون. اتي پاڻيءَ  کي ڏاڍو تک هوندو هو. مير بحر وچ سير ۾ ٻيڙي هلائڻ کان پاسو ڪندا هئا ۽ مناسب هنڌ ڳولي ڄار هڻندا هئا. جڏهن ٻاهر ڪڍندا هئا ته منجهس ٻه چار پلا پٿڪندا نظر ايندا هئا. مير بحرن جون زالون اوڏيءَ مهل ئي انهن کي صاف ڪري، پچائينديون هيون. ٻيڙيون ترنديون رهنديون هيون، جو اسان جي اڳيان دسترخوان وڇائجي ويندا هئا ۽ انهن تي مکڻ سان جهٻيل ڪڻڪ جا اوڦراٽا، پلن جو ٻوڙ، تريل پلا، ۽ انهن جون تريل آنيون ولائتي چينيءَ جي رڪيبن ۾ رکي ويندا هئا. جڏهن کائي ڍؤ ڪندا هئاسين ته ٻيڙين ۾ ٿاڌل گهوٽبي هئي. ان کان پوءِ ٻيڙين ۾ اندر هنڌ بسترا وڇائجي ويندا هئا. بابا سائين ۽ استاد مير محمد آرام ڪندا هئا *

اسان کي ننڊ ڪا نه ايندي  هئي، سو ٻاهر اچي ٻيڙيءَ جي ڪنڌيءَ تي ونجهه هلائيندڙ مير بحرن سان گڏ وهندا هئاسون. ٻيڙين تي صاف سفيد رنگ جا بدڪن کان وڏا پکي ويٺل ڏسندا هئاسون. سندن ڳچيون ٻگهه پکيءَ وانگر ڊگهيون هونديون هيون ۽ اکين تي کوپا چڙهيل هوندا هئن. سڄو ڏينهن چپ هوندا هئا، پر ڪنهن ڪنهن مهل ”ٽان“ ”ٽان“ ڪندا هئا. مير بحر چوندا هئا ته انهن جي چرٻيءَ مان تيل نڪرندو آهي، جو گهڻين ئي بيمارين تي پوندو آهي. انهن پکين کي جاچڻ وڏو دلچسپ شغل هوندو هو. پر ان کان به دلچسپ شغل اهو هوندو هو، ته ڪچن ساون بصرن جا پن درياهه ۾ ڦٽي ڪندا هئاسون. پن درياهه ۾ ڪريوناهي ته داٻڙي جيڏا ساوا ڪڇون ان کي کائڻ ڪاڻ درياهه مان نڪري ايندا هئا. مير بحرن اهو ٻڌائي اسان جو ڊپ لاهي ڇڏيو هو ته اهي ڪڇون ماڻهوءَ کي چڪ ڪونه پائيندا آهن. البت واڳونءَ جو نالو ٻڌي پاڻ به ڊڄي ويندا هئا. چوندا هئا ته اهڙو حرامي آهي، جو پاڻيءَ ۾ اندران ئي اندران پاسو هڻي، ٻيڙي اونڌي ڪري وجهندو آهي. انهيءَ زماني ۾ گهڻي پاڻي ڪري درياهه ۾ واڳون هوندا هئا، پر عام جام ڪونه هئا. مير بحرن کي سندن ٿاڪ سجهندا هئا، انڪري کانئن پري پري رهندا هئا. پاڻيءَ جي جاندارن ۾ ٻيو ذڪر نڪرندو هو سيسر جو. پر سيسر شايد واڳونءَ جي مقابلي ۾ بي ضرر جاندار ٿئي ٿو. مير بحر چوندا هئا ته درياهه مان نڪري، سڪيءَ تي اچي ليٽندو آهي ۽ اس جو سيڪ وٺندو آهي، پر ماڻهوءَ يا ٻئي جاندار کي ستائيندو ڪونهي.

مير بحرن کي درياهه ۾ سڀ کان گهڻو خوف ڪُنَ جو هوندو هو. پر ننڍي لاڪر ٻيڙيون هلائي هلائي ايڏا ته ماهر ٿي ويا هئا، جو ڪن کان هميشه پري رهندا هئا. اڪثر ان هنڌ ٻيڙيون هلائيندا هئا، جتي وڏيون وڏيون بار بردار ٻيڙيون پتڻ تان ماڻهن ۽ چوپايي مال جو پور کڻي، ٻئي پار وينديون هيون.

ڪڏهن ڪڏهن اهڙا بهادر ۽ سگهارا ماڻهو به نظر ايندا هئا، جي ٻيڙيءَ بدران، سيڻاهه جي زور تي، سانوڻيءَ جو درياهه تري، ٻئي پار ترندا ويندا هئا. کين شايد لوهه جا لڱ هئا.

سڄو ڏينهن درياهه تي ائين سئر ۽ تفريح ۾ گذاري، شام جو واپس ورندا هئاسين. پوئين ڄار ۾ جيڪي پلا ڦاٿا، سي مير بحر بابا ۽ حڪيم حسين بخش کي تحفي طور ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن  ڄار خالي به نڪرندو هو. ماڳهين هڪ پلو به ڪونه ڦاسندو هو. هڪ دفعي بابا کي مون لاءِ چيائون ته ”سائين، اڄ تنهنجي نينگر جو بخت آزمايون ٿا. سندس نالي ۾ ڄار هڻون ٿا.“ پهرئين ئي ڄار ۾ ست پلا ڦٿڪندا آيا.

امان مٺي  پلو ڏاڍو سٺو پچائيندي هئي. سو، بابا پلي کائڻ جو ڏاڍو شوقين هوندو هو. هڪ دفعي پلي لاءِ درياهه تي ماڻهو موڪليائين  پر خالي هٿين موٽي آيو. بابا ڳوٺان ڪنڊياري  پلو وٺڻ هليو ويو، پر اتان به ڪونه مليس. ريل گاڏي اسٽيشن تي اچڻ واري هئي. ان ۾ چڙهي ويٺو ۽ روهڙيءَ وڃي نڪتو. اتي پاڻ به پلو کاڌائين ۽ موٽ تي اسان لاءِ به ٻه پلا وٺيون آيون.

امان مٺيءَ کي رڳو پلي پچائڻ ۾ ڪمال ڪونه هو. ڪن ڪن ماڻهن جي رڌ پچاءَ ۾ ڏاڍو ساءُ ٿيندو آهي. قدرت امان کي به انهيءَ نعمت سان نوازيو هو. پنجاهه پنجيتاليهه ورهيه اڳ جي هڪ ڳالهه ياد ٿي اچيم. مان پنجن ستن ورهين جو ٻار هئس. بخار اچڻ لڳا. ننڍڙو ٻار هلڪي سلڪي بخار کي ليکيندو ئي ڪونهي. پر منهنجو بخار روز بروز وڌندو ويو. شايد مدي جو بخار ٿي ويو. مان ٻه ٽي هفتا بستري داخل رهيس. ان زماني ۾ ڪلورو مائيسن جهڙيون دوائون ڪونه هونديون هيون. ڳري ڪنڊا ٿي ويس. کائڻ پيئڻ ڇڏائي ويو. بجنسي هڏن جي مٺ وڄي بچيس. امان مٺي ڪا پريشان هئي! هڪ ڏينهن آسمان ۾ ڪڪر هئا. ٽپهريءَ جي مهل هئي. امان منهنجي کٽ ورانڊي جي در ۾ وڌي هئي. نه اندر نه ٻهار، ته بخار ڪري گهٽ به نه ٿئيم ۽ ٻاهرئين واءُ جو اثر به نه ٿئيم. مون امان کي چيو ته ”امان اڄ بک لڳي آهي“ منهنجا اهي اکر ٻڌي سندس اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها اچي ويا. سٽ پائي اٿي. اڌ پاءَ جيترو ڪچڙو، ڪڪڙ جو چوزو گهرايائين. ڦوٽي جي داغ سان ڪارن مرچن ۾ رڌيائين ۽ نرم اوڦراٽو پچائي، ڀرسان ويٺي. ننڍڙا ننڍڙا گرهه ٺاهي وات ۾ ڏيندي وئي. جڏهن کائي ڍؤ ڪيم ته الله جو مٺو نالو وٺي، لولي ڏنائين. مون کي ننڊ کڻي ويئي. زندگيءَ ۾ مون ان کان بهتر ماني ڪونه کاڌي.

*      *      *

ڀئونرن جي ڳوٺ ۾ ڪو وڏو وڏيرو ڪونه هوندو هو. اوسي پاسي وڏا وڏا وڏيرا هوندا هئا ۽ ڪي ته سخت  ظالم. پر جان محمد ڀئونر جنهن کي اسان چاچو جانو ڪوٺيندا هئاسين، نالي ماتر ڳوٺ جو وڏيرو هوندو هو. هڪ اک ڪانه هئس. صبح جو ڏهين يارهين بجي ڌاران نيرن پاڻي ڪري بابا سائينءَ وٽ ايندو هو، بابا سائين اسان کي حسابن جو ڪم ڏيئي، ساڻ نوٽڻ کيڏندو هو. ٻهراڙين م عام ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن شيءِ تي نوٽڻ ليڪي، راند کيڏندا آهن. پر بابا ان لاءِ خاص اهتمام ڪيو. ڪاٺ جي هڪ خوبصورت تختي ٺهرائي، ان کي سفيد رنگ سان پينٽ ڪرايائين ۽ ان تي ڪاري رنگ سان نوٽڻ ٺهرايائين. چاچي جان محمد جون ڳوٽون اڇي پٿر جون هونديون هيون. راند ڪندي، بعضي بعضي جڏهن چاچا جانوءَ جي بازي سرس ٿي ويندي هئي، تڏهن بابا استاد مير محمد کي اک هڻندو هو، جو لڪي لڪي ان پاسي کان ايندو هو، جنهن پاسي کان چاچي جان محمد جي اک ڪانه هوندي هئي. آهستي آهستي هٿ ڊگهو ڪري ڳوٽ چورائيندو هو. ڪنهن ڪنهن مهل پڪڙجي به پوندو هو. پوءِ تماشو ڏسڻ وٽان هوندو هو. مون کي يقين آهي ته سنڌ ۾ گارين ڏيڻ جو مقابلو ٿئي ها ته چاچو جانو پهريون نمبر کڻي ها.

چاچو جانو عجب انسان هو عمر اسي ورهيه پر، پنهنجو پيٽ ڦوڪي، سڄي اسڪول کي چئلينج ڏيندو ته مون کي پيٽ تي مڪ هڻو . مجال جو سندس ڦوڪيل پيٽ تي ڪو اثر پوي! هڪ دفعي استاد مير محمد مڪ اولاري بيٺس ته هڻانءِ ٿو. پر هنيائينس ڪانه. جڏهن چاچو جانو ساهه منجهائي ٿڪو، ۽ پيٽ ڍرو ڪيائين ته استاد  مير محمد اڳيان ۽ چاچو جانو پٺيان. گار جي رئي پئي پئيس: ”مون سان ٺڳي ٿو ڪرين“!

چاچو جانو ڳالهه ڪندو هو ته جڏهن جوان هوندو هئس ته ڏاڍو سگهارو هوندو هئس. هڪ دفعي جهنگ ۾ ٽي چار سنگتي گابو ڪهي، رڌي، سڄو کائي وياسين.

ڀئونرن جي انجنيري بنگلي ۾ انگريز عملدار گشت جي سانگي سان ڪڏهن اڪيلا ته ڪڏهن منڊمن سان گڏ اچي ٽڪندا هئا. چاچي جانوءَ ڳالهه ڪئي ته هڪ دفعي، منڊم کي اڪيلي سر درياهه ۾ ٻيڙيءَ تي سئر ڪرائڻ جو موقعو مليم. ڏاڍي سهڻي هئي. منهنجي جواني هئي: پاڻ به ڪرمفرمائيءَ تي مائل هئي. دل ٺاري ڇڏيائين. خبر ناهي ته چاچي جانوءَ سچي ڳالهه ٿي ڪئي، يا رڳو وات جو چشڪو ٿي ورتائين.

چاچو جانو منجهند جي ماني سدائين بابا سائينءَ وٽ اچي کائيندو هو. ڪڏهن به ڪنهن شيءِ کائڻ کان پرهيز ڪانه ڪيائين. اسي ٽپي مٿي چڙهيو هو. پر نه ته ”ڪولو سٽرال“ ٿيس، نه مٺاڻ کان پرهيز جي ضرورت محسوس ڪيائين. جي چئجي ته ڪو پگهر جو پورهئو ڪندو هو، ته اهڙي به ڳالهه ڪانه هئي. سڄو ڏينهن وندر، ورونهن ۽ آرام ۾ گذاريندو هو. پر هن جهان ۾ الله سائينءَ جيڪا به کاڌي پيتي جي شيءِ خلقي آهي ۽ دين اسلام حلال ڪئي آهي، سا سڀ کائي ڍؤ ڪندو هو ۽ مٿان ٿڌي پاڻيءَ جا ٻه گلاس پي، اوڳرائي ڏيئي، بابا سائينءَ کي چوندو هو ته ”عبداللطيف، تو حيدرآباد مان انبن، آئرن ۽ صوفن جو جيڪو مربو گهرايو هو، سو جي بچيل هجي ته ذرو ته ڏجانءِ ته ڪجهه سواد وٺان.“

*      *      *

چاچو جانو، بلا ناغي، روزانو بابا وٽ ايندو هو ۽ منجهند جي ماني کائي پوءِ گهر ويندو هو. گاهي فقير ٻئي ٽئي ڏينهن ڀيرو ڀريندو هو. ذات جو غالباً گاڏيهي هو. عمر اسي نوي ورهيه. اڇي بافتي جي گوڏ ٻڌل. بافتي جي ٻئي ٽڪر سان پٺا ڍڪيل، مٿي سان صافو ٻڌل. پير اگهاڙا. اڇي سفيد سونهاري  دن تي پئي پويس. هٿ ۾ بيرا ڳڻ ۽ چپن تي الله جو اسم.

بابا سائينءَ جي پيرن فقيرن سان اصل ڪانه پوندي هئي. پر گاهي فقير لاءِ سندس چوڻ هو ته ”منهنجو مرشد آهي“ کيس ڏسڻ شرط ادب سان اٿي کڙو ٿيندو هو ۽ پنهنجيءَ ڪرسيءَ جي ڀر ۾ سندس ڪرسي وجهائيندو هو.

گاهي فقير ڊکاڻڪو ڪم ڪندو هو. هڪ دفعي بابا سائينءَ کي چيائين ته، ”ادا، رات ننڊ ئي ڪانه ڪئي اٿم.“

بابا پڇيس ته ”سائين خير؟“

چيائين ته، ”ڪنهن شخص کي گهڙامنجي ٺاهي ڏنم. ڏاڍي وڻيس. سو، ٻيانيءَ بدران سڄو روڪ رپيو ڏئي ويو. منجهي پيس. رپئي کي هٿ ته لائي ڪونه سگهيس، سو خاڪ  ۾ کڻي پوريومانس. پر ڳڻتيءَ ۾ سڄي رات ننڊ نه آئي. صبح جو اٿي ڪاٺيءَ سان کوٽي ڪڍيومانس. ڪنهن ضرورتمند شخص کي خيرات ڪري ڏنم. پر دل جي تسليءَ لاءِ توهان کان پڇڻ آيو آهيان ته الله سائين منهنجو اهو ڏوهه معاف ڪندو يا نه“؟

بابا پڇيس ته، ”سائين ڪهڙو ڏوهه؟“

گاهي فقير جواب ڏنو ته، ”ادا، آخر سڄي رات مون روڪ رپيو پاڻ وٽ رکيو آهي. پئسو خراب شيءِ آهي!“

گاهي فقير ڪنهن وٽ پاڻيءَ جو گلاس به ڪونه پيئندو هو. پگهر جو پورهئو ڪري، پنهنجو گذاران ڪندو هو. سڄي عمر شادي ڪانه ڪيائين. پنهنجي ماني پاڻ پچائي کائيندو هو. دنيا جي هر طمع کان بي نياز هو. زماني جي ڳالهين ۾ سندس دلچسپي ڪانه هئي. ٻئي جي گلا ٻڌي نه سگهندو هو. ان مهل ئي ان مجلس  مان اٿي هليو ويندو هو. هر ڪنهن جو خير گهرندو هو. ٻين تي ٿورا ڪندو هو، پر پاڻ ڪنهن جو به ٿورو ڪونه کڻندو هو. سڀني سان محبت ڪندو هو. ماڻهو سندس ادب ڪندا هئا ۽ ”فقير صاحب“ ڪري ڪوٺيندا هئا. اسي نوي عمر ۾ به تکو ڇوهو ڇوهو هلندو هو. هڪ دفعي ڳالهه ڪيائين ته اڄ قمبر ۾ ڪم هو. صبح سان ڳوٺان پيادو نڪتس. پتڻ تي ويس. درياهه ٽپي قمبر پهتس ڪم لاهي وري پوئتي موٽيس. درياهه ٽپي رات جو وري ڳوٺ پهچي ويس ۽ گهر اچي ستس.

جڏهن اسان جي اسڪول ايندو هو ته پري کان سندس ذڪر جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندوهو: ”الله! الله! بابا سان ڪچهري ڪري جڏهن موڪلائي ويندو هو ته ڪڏهن به اسڪول کي پٺي ڏيئي ڪونه ويندو هو. هميشہ پوئين پيرين ويندو هو. هڪ دفعي ڪنهن شخص چيس ته ”سائين هي ڇا ٿا ڪريون“؟ چيائينس ته ”ادا، اسڪول ادب جي جاءِ آهي. ان کي پٺي ڪيئن ڏبي!“

علم ۽ تعليم لاءِ تقديس جو ايڏو وڏو جذبو مون زندگيءَ ۾ ٻئي فقط هڪ ماڻهوءَ ۾ ڏٺو. اهو هو قبله علامه آءِ. آءِ. قاضي. سنڌ يونيورسٽيءَ کي مسجد وانگر مقدس سمجهندو هو. گاهي فقير وانگر پاڻ به خوف خدا رکندو هو انڪري ماڻهن جي خوف کان بي نياز هو. ٻنهي ۾ فرق اهو هو ته علامه صاحب عالم هو، گاهي فقيرامي هو.

گاهي فقير بابا سان رڳو الله وارن جون ڳالهيون ڪندو هو. بابا سائين به ڪڏهن ڪڏهن کيس پيغمبر ۽ سندس اصحابين جا ڪتاب پڙهي ٻڌائيندو هو. اهي ٻڌي، گاهي فقير جي اکين مان ڳوڙها وهي ايندا هئا. عجب سمو پئدا ٿي ويندو هو. آسمان مان ملائڪ گلاب جي گلن جا هار کڻي ڀئونرن جي اسڪول تي نازل ٿيندا هئا ۽ ريشم جي رومالن ۾ گاهي فقير جا ڳوڙها کڻي ادب سان عرش عظيم ڏانهن اڏامندا ويندا هئا.

مون کي يقين آهي ته قيامت جي ڏينهن جڏهن الله سائين گاهي فقير کي قبر مان اٿاريندو ته کانئس پڇاڻو ڪونه ٿيندو. ملائڪن کي حڪم ملندو ته بهشت جا سڀ دروازا کولي ڇڏيو. گاهي فقير اچي رهيو آهي.

*      *      *

هڪ دفعي ٻيرانيءَ جي پاسي جا ڪي ماڻهو بابا سان اسڪول ۾ ملڻ آيا. بابا سائين ڪنهن زماني ۾ اتي نوڪري ڪري آيو هو.

کين فقراهي لڏي وانگر وڏا وڏا جاما پاتل هئا. ان مهل بابا سائين اسان کي صورت خطي پئي لکائي. ان زماني ۾ اکرن تي خاص توجهه ڏنو ويندو هو ۽ سٺن اکرن واري کي خاص مارڪون ملنديون هيون. فقراهي لڏي مان هڪ مولائي شخص بابا سائينءَ کان قلم ۽ ڪاغذ گهريو. اسان کلڻ لڳاسين ته هي جاهل شخص قلم ڪاغذ سان ڇا ڪندو؟ کيس قلم ڪاغذ مليو ته ڏهاڪو منٽن کانپوءِ ڪجهه لکي بابا سائينءَ کي ڏنائين. بابا يڪدم سڀني نائب ماسترن کي سڏيو. اسان شاگرد به وائڙا ٿي وياسين ۽ ميز تي چوڌاري وڃي بيٺاسين. ان جاهل شخص اسان جو هوش حواس خطا ڪري ڇڏيو. ڪاغذ تي هڪ فارسي بيت لکيل هو:

”گر همي خواهي کي گردي خوش نويس
مي نويس و مي نويس و مي نويس.“

منهنجي سڄي زندگي علمي ۽ ادبي ادارن ۾ گذري آهي ۽ بيشمار ڪاتبن  جا سهڻا اکر ڏٺا اٿم. پر گذريل پنجاهه ورهين ۾ ٻيرانيءَ جي انهيءَ مولائيءَ جي اکرن کان وڌيڪ سهڻا اکر ڪونه ڏٺم! بعد ۾ پتو پيو ته اهو شخص هندستان جي ڪنهن وڏي نواب جو خوشنويس هو. سنڌي ۽ فارسيءَ جو عالم هو. نشي جي عادت پئجي ويس. موٽي سنڌ ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ آيو ۽ باقي عمر ائين ئي وڃائي ڇڏيائين.

*      *      *

بابا سائينءَ جي پڳ مٽ يارن ۾ هندو به هئا، مسلمان به هئا. هندن ۾ ڪاڪي گني مل سان سندس ڏاڍي دل هوندي هئي. ڪاڪو گنومل هفتي ڏهين اسان وٽ مهمان ٿي ايندو هو. اوطاق جي گلاس دانيءَ ۾ سڀ کان خوبصورت سفيد گلن وارو شيشي جو گلاس ڪاڪي گني مل لاءِ مخصوص هوندو هو. امان مٺي سندس ماني وڏي توجہ سان پچائيندي هئي. ڪاڪو گنومل اسان لاءِ طرح طرح جون مٺايون وٺي ايندو هو. بابا ۽ پاڻ اڌ اڌ رات تائين ڪچهري ڪندا رهندا هئا. ڪاڪي گني مل جي ماءُ فقيراڻي سڀاءَ واري هئي. پيرن فقيرن جي مزارن تي ويندي هئي ۽ خدا جي نالي ۾ خير خيرات ڪندي هئي. هونئن پنهنجي ڌرم تي پڪي هوندي هئي ۽ صبح سان اٿي پاٺ پوڄا ڪندي هئي. اسان کي ڏاڍو قرب ڏيندي هئي. سندس نيڪو ڪاري ڏسي سمجهه ۾ ايندو هو ته قرآن خدا کي ”رب العالمين“ ڇو ڪوٺيو آهي، ”رب المسلمين“ ڇو نه ڪوٺيو آحي.

بابا سائينءَ جي هندو دوستن ۾ ٻيو هوندو هو استاد پرچارام. جڏهن مان سنڌي چار درجا پڙهي، انگريزي تعليم لاءِ محبت ديري جتوئي جي پئنچائتي اسڪول ۾ داخل ٿيس ته پاڻ ان جو هيڊ ماستر هو. ملڪ ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جون تحريڪون زور تي هيون. شاگردن جي اڪثريت هندو هئي ۽ منجهن تعصب به هو. سيد سچل شاهه اڪيلو مسلمان ماستر هو، سو اسڪول مان استعيفا ڏيئي هليو ويو ۽ مسلمان زميندارن جي ٻارن لاءِ جدا اسڪول وڃي کوليائين. هندڪي پئنچائتي اسڪول ۾ فقط مان اڪيلو مسلمان شاگرد وڃي بچيس. هندو شاگرد صبح سان هڪ پرارٿنا ڪندا هئا: ”جئه جئه ڀارت ماتا.“ ان ۾ هڪ ٻول هئو:

”چاليس ڪروڙ مين جس ڪي رهواسي
چهائي اس پر ڪيون هي اداسي“

ان زمان ۾ گڏيل هندستان جي آدم شماري چاليهه ڪروڙ هئي. ٽيٽيهه ڪروڙ هندو ۽ ست ڪروڙ مسلمان. متعصب هندو شاگردن ان پرارٿنا ۾ ترميم ڪئي. ستن ڪروڙن مسلمانن کي ٻاهر ڪڍي پرارٿنا ڪرڻ لڳا ته:

”تيتيس ڪروڙ مين جس ڪي رهواسي
چهائي اس پر ڪيون هي اداسي“

استاد پرچارام کي جيئن ئي اها خبر پئي ته ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو. ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن پرارٿنا جو وقت آيو تڏهن سڄي اسڪول جي شاگردن کي صحن ۾ بيهاري تقرير ڪيائين ۽ اعلان ڪيائين ته جيسين هڪ به مسلمان شاگرد منهنجي اسڪول ۾ آهي، تيسين پرارٿنا ائين ئي ٿيندي، جيئن اڳي ٿيندي هئي. ان کانپوءِ پرارٿنا ٿي:

”چاليس ڪروڙ مين جس ڪي رهواسي
چهائي اس پر ڪيون هي اداسي“

متعصب شاگردن جا منهن لهي ويا!

جڏهن سڀ شاگرد پنهنجي ڪلاسن ۾ ويا، تڏهن استاد پرچارام اسان واري ڪلاس ۾ آيو. هندو مانيٽر کي پهرينءَ بينچ تان اٿاري مون کي سندس جاءِ تي وهاريائين ۽ اعلان ڪيائين ته ”اڄ کان وٺي غلام رباني ڪلاس جو مانيٽر آهي“.

اهڙيءَ ريت، مون کي ننڍپڻ ۾ ئي اهڙا استاد مليا، جن مذهبي رواداريءَ جا سبق ڏنا. هڪ سبق قيمت واري واقعي ۾ بابا سائينءَ کان مليو هوم ۽ ٻيو سبق استاد پرچارام ڏنو. جڏهن وڏو ٿيس ته علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ کان به ساڳي تعليم مليم. اهي صحيح معنيٰ ۾ وڏا ماڻهو هئا. غريباڻي گودڙين ۾ املهه ماڻڪ هئا. ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ ”لوئيءَ ۾ لعل“ هئا.

ستت پاڪستان ٺهيو ۽ استاد پرچارام ٻين هندن سان گڏ هندستان هليو ويو. مان به وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ نوشهري فيروز هليو ويس.

*      *      *

پيءُ جي پاڇي کان پري ٿيس ته دنيا جو رنگ نئون ڏٺم. سک سڻائيءَ جا ڏينهن پورا ٿيا، ڏکن جا ڏينهن شروع ٿيا. جڏهن منهنجو وڏو ڀاءُ نوشهري پڙهڻ ويو هو تڏهن بابا سائينءَ کيس نصيحت ڪئي هئي ته ”پٽ، نه ڪنهن سان اهڙو ڪوڙو ٿجانءِ جو توکي ايرئي وانگر ٿوڪاري ڇڏي ۽ نه وري ڪنهن سان اهڙو مٺو ٿجانءِ، جو توکي مصريءَ وانگر ڳرڪائي ڇڏي“. مان بابا سائينءَ جي انهيءَ نصيحت تي عمل ڪري ڪونه سگهيس. قدرت منهنجو من اهڙيءَ مٽيءَ مان ٺاهيو هو، جو مان جنهن سان محبت ڪندو هوس ته ان کي تريءَ تي دل ڪڍي ڏيندو هوس. پر هن دنيا جا اڪثر انسان پٿر جا بت هئا. مجال آهي جو سندن اک ۾ ڳوڙهو اچي يا چپن تي مرڪ اچي.

بابا سائينءَ کي به پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڀئونرن جو اسڪول ستت ڇڏڻو پيو. هو ترجي ناليوارن استادن مان هو. هندن جي لڏي وڃڻ ڪري انگريزدانن جي ڪمي ٿي پيئي، سو سرڪار بابا سائينءَ جهڙن چونڊ آزمودگار استادن کي ڳولي، اسڪولن جا تعلقي انسپيڪٽر مقرر ڪيا. بابا سائينءَ کي اهو عهدو ڇا مليو، امان مٺيءَ لاءِ آزار ٿي ويو. اسڪولن جي ضلعي انسپيڪٽر بابا سائينءَ جي اخلاق کان متاثر ٿي، کيس ضلعي ماسترن جي بدليءَ جا اختيار به سونپي ڇڏيا. نتيجو اهو نڪتو ته رات ڏينهن ماسترن جا لڏا اسان جي اوطاق تي لٿا پيا هجن. بابا سائينءَ جو نياپي مٿان نياپو پيو گهر پهچي ته پهريائين پنجن ماسترن لاءِ ماني موڪليو، پوءِ ستن ماسترن لاءِ چانور چاڙهيو ۽ پٽاٽا تريو. سڄو ڏينهن اسان جي گهر ۾ چلهه تان دانگي نه لهي. امان سان گڏ اوڙي پاڙي جون زالون به ماني پچائڻ ۾ مشغول هجن.

سنڌ جي ٻهراڙين ۾ مهمان نوازيءَ جو عام دستور آهي. پر اسان جي گهر کي اها ڄڻ ته ورثي ۾ مليل هئي. منهنجو ڏاڏو محمد آگرو، وڏو حڪيم ۽ اوڏو ئي وڏو ديندار انسان هو. يارهن حج ڪيا هئائين، انڪري حاجي ڪوٺيندا هئس. ست حج پيادل ڪيا هئائين. مهمان نوازي سندس مزاج ۾ سمايل هئي. اسان جي ڳوٺ ۾ جيڪو به مسافر ايندو هو، ان کي ڏاڏا حاجي ماني کارائيندو هو. غريب غربي کي دل کولي خيرات ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن  ته بدن تان لٽا لاهي به ڏيندو هو ۽ پاڻ گوڏ ٻڌي گهر پهچندو هو. پوين ڏينهن ۾ ڳوٺ کان ميل پنڌ تي مکيه رستي تي مسجد تعمير ڪيائين. اها مسجد اڃا بيٺي آهي. اتي اٽو چانور دال پٽاٽا ۽ رڌ پچاءَ جا ٿانو وڃي رکيائين. رستي جي عام راهگيرن ۽ مسافرن کي پاڻ ماني پچائي کارائيندو هو. پيءَ جي انهيءَ مزاج جو پٽن تي اثر پيو. چاچا ۽ بابا سائين ڳوٺ جي مسجد جي مسافر کي ماني کارائڻ پنهنجو فرض سمجهيو. چاچا ان کان علاوه مهيني مهيني يارهين به ڪندو هو. ان ڏينهن اسان جي گهر ۾ گوشت جي ٻوڙ، پلا ۽ کيرڻيءَ جا ديڳڙا چڙهندا هئا ۽ مانين جا ٿها پچندا هئا. اسان جماعيتن لاءِ خونچا ڀري جامع مسجد ۾ کڻي ويندا هئا سون ۽ کين ادب سان کارائيندا هئا سون.

ماڻهو ماتحتن مان کائيندا آهن. بابا کين کارائيندو هو. سندس پگهار ماسترن کي ماني کارائڻ ۾ ئي پوري ٿي ويندي هئي. سندس يار دوست ۽ مهمان ان کان علاوه ايندا هئا. مهمان آيو ته سندس ڪاڻ ڄڻ ته عيد ٿي ويندي هئي. گهر ۾ طرحين طرحين طعام رڌيا هئا. رڳو نيرن تي ئي قسم قسم جا حلوا ٺهندا هئا، مال پڙا، ڪڪڙ جا آنا ۽ مغز تربا هئا.

 اوطاق ۾ ماني کانپوءِ ڪچهري ٿيندي هئي. بابا سائين محفل ٿي ڇانيو رهندو هو. سندس ٻَڌا ٻَڌا ٽهڪ پري کان ٻڌڻ ۾ ايندا هئا.

سيد غلام دستگير شاهه هالاڻيءَ واري سان ڏاڍي سڪ هوندي هئس. هيڪر سندس ڳالهه ٻڌايائين ته محرابپور کان ڳوٺ هالاڻي پئي آيو. رستي تي جت کي چيائين ته ”اهو ڪهڙو پکي وڻ تي ويٺو آهي؟“ جت چيس ته ”سائين مون کي خبر ڪانهي.“ شاهه صاحب چيس ته ”تلور ته ڪانهي؟“ جت چيس ته ”سائين، شايد تلور آهي.“ شاهه صاحب چيس ته ”اٺ کي هشاءِ.“ اٺ هشيو ته شاهه صاحب جي اوٽ ڪري، پکيءَ جو نشانو وٺي، بندوق ڇوڙي. پکيءَ وڃي هيٺ ڦهڪو ڪيو. شاهه صاحب خوشيءَ مان ڊوڙندو ويو ۽ تڪبير وجهي حلال ڪيائين. پکي کڻي اٺ تي چڙهيو. ڳورو پکي. سو ميل کن پنڌ ڪيائون ته ٻانهن ٿڪجي پيس. جڏهن تمام عاجز ٿيو ته هڪ راهگير کي بيهاري رازداري ۾ پڇائين ته ”هي ڪهڙو پکي آهي؟“ راهگير ٺهه پهه جواب ڏنس ته ”اهو ته گونهه خور آهي.“

شاهه صاحب پکي ته امالڪ اڇلايو پر لڳو جت کي منٿون ڪرڻ ته ”خدا جي واسطي اها ڳالهه ڪنهن سان نه ڪجانءِ. متان ماڻهو مون تي کلن.“

ٻئي دفعي ڳالهه ڪيائين ته فلاڻي ڳوٺ ۾ استاد هئس. صبح سان چاءِ پيڻ جي عادت هوندي هئي. ڳوٺ جي وڏيري جو نوڪر چاءِ جي ڪٽلي کڻي روز مون کان چاءِ وٺڻ ايندو هو. ڪٽلي ڀرائي ويندو هو. هڪ ڏينهن نياپو موڪليو ته ”سڀاڻي منهنجو پٽيوالو موڪل تي آهي، سو اوهان مون کي چاءِ موڪلجو.“ صبح جو شاگرد کي ڪوپ ڏنم. جڏهن وڏيري وٽان چاءِ وٺي موٽيو ته چيائين ته ”سائين وڏيرو صاحب ڪا گهڙي ته ڪوپ کي هٿ ۾ جهلي هيٺ مٿي ڏسندو رهيو. پوءِ ٿڌو ساهه ڀري، پنهنجي نوڪر کي چيائين ته ”ابا استاد صاحب جو ڪوپ ته ڪيڏو نه وڏو آهي، جهڙي نار جي لوٽي!“

سٺي صحبت، سٺي پوشاڪ ۽ سٺي ماني بابا سائين کي وڻندي هئي. وڏو شوقين مڙس هو. ڳالهه ڪيائين ته هيڪر هڪ ڳوٺ ۾ استاد هوس. ڳوٺ جو وڏيرو آيو. منهنجا بوٽ ڏسي وائڙو ٿي ويو. نوڪر کي چيائين ته ”استاد صاحب جا بوٽ ته ڳڻ.“ پورا چوڏهن جوڙا ٿيا. تن ڏينهن ۾ مٿي سان ٽوپي پائڻ جو اڃا رواج ڪونه پيو هو. عام ماڻهو ململ ۽ سرنديءَ وارا بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌندا هئا. پر، بابا سائين پنهنجي لاءِ ڪوئيٽا مان مشهدي لونگيون گهرائيندو هو ۽ ڪلي سان ٻڌندو هو. ڪنهن زماني ۾ انگريزي سوٽ ڪوٽ به سبائيندو هو.

امان سان ڏاڍي دل هوندي هئس. پر شاديءَ کان اڳ جوانيءَ ۾ عشق به ڪيو هئائين. مائي صاحبه سان شادي ڪرڻ لاءِ وڏا وس ڪيائين. هڪ دوست کان صلاح ڪيائين، جنهن ڪنهن ڏاهي جو ڏس ڏنس، ان شخص بابا کي چيو ته ”مان تيل جي وٽي ڀري باهه تي رکندس. جڏهن تيل ٽڙڪندو ته مٿس وظيفو پڙهندس. پوءِ اها تيل جي گرم وٺي باهه تان لاهي سڌي تنهنجي تريءَ تي رکندس. جي تو اف به نه ڪئي ته تنهنجو ڪم ٿيندو.“ بابا سائين عشق جي باهه کان اها باهه ٿڌي سمجهي. ڀٽائيءَ بي سبب ته ڪونه چيو هو:

بابا سائين  عبداللطيف آگرو

”مون کي ماءُ مجاز، پڃاري جيئن پڃيو“

ان شخص  جڏهن گرم تيل سان ڀريل وٽي، هٿ جي تريءَ تي رکيس ته سڄي کل اڀامي ويس. پر بابا سائين اف به نه ڪئي.

عشق جي انهيءَ امتحان مان گذرڻ کانپوءِ به جڏهن سندس دل جو مطلب پورو نه ٿيو ته ڏاڏا حاجيءَ امان سان شادي ڪرايس. سڄي عمر امان سان اهڙيءَ ته سڪ سان گذاريائين جو مون کي اهڙو ٻيو ڪو مثال ئي ڪونه ٿو سجهي. جڏهن ٻئي ڄڻا پيريءَ ۾ آيا تڏهن هڪ ڏينهن مون کي چيائين ته ”پٽ تنهنجي ماءُ جيڪا خذمت ڪئي آهي، ان جي عيوض خدا کان کيس جنت وٺي ڏيڻ جو ذميوار مان آهيان.“

بابا سائينءَ کي مون کان پوءِ ٻيو پٽ به ٿيو. غلام شبير نالو رکيو هئائينس. بابا جي ساڻس ڏاڍي دل هوندي هئي. پر اهو ننڍپڻ ۾ گذاري ويو. بابا سائين وڏو بهادر انسان هو. پر ننڍڙي شبير کي ياد ڪري، اوطاق ۾ اڪيلو ئي رئندو هو. اسان جي ڳوٺ جو زميندار وڏيرو محمد خان آگرو اوطاق ۾ اچي ڀاڪر پائي سمجهائيندو هوس. عبداللطيف عقل ڪر. الله جو حڪم قبول ڪر.“

بابا سائين روز فجر جي نماز پڙهي، ننڍڙي شبير جي تربت تي ختمو ڏيڻ ويندو هو. ڳالهه ڪيائين ته”هيڪر غلام شبير جي تربت مٿان ختمو ڏيئي موٽيس ته پنهنجي پيءُ ماءُ جي قبرن مان آواز ٻڌم ته ”تون به ته اسان جو اهڙو ئي پيارو پٽ هئين.“ اهو ٻڌي موٽيس ۽ سندس قبرن تي ختمو ڏنم.“

بابا سائينءَ کي ڪتابن پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. اڪثر ڪري سنڌي ڪتاب خريد ڪندو هو. بعضي بعضي فارسي ڪتاب به وٺندو هو. سندس هڪ فارسي ڪتاب شرح گلستان اڃا تائين مون وٽ يادگار آهي. سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو ميمبر هو ۽ ادبي رسالن جو ساليانو خريدار هو. پوڪرداس ۽ ٻين پبلشرن کان ڪتاب گهرائيندو هو. امان مٺي ڪتاب سنڀالي ٿڪجي پوندي هئي. چوندي هئي ته اسان جي گهر ۾ رڳو ڪتابن ۾ برڪت آهي.

جڏهن ڀئونرن ۾ هيڊماستر هوندو ته تڏهن فارسيءَ تي دسترس وڌائڻ لاءِ روزانو ڳوٺ ڪوڙي خان خشڪ ۾ چاچي محمد عثمان وٽ جاميءَ جي يوسف زليخا جو سبق وٺڻ ويندو هو. ڪجهه وقت ڀئونرن جي اسڪول مان بدلي ٿي، ڳوٺ گاهي خان جلباڻيءَ ۾ هيڊماستر مقرر ٿيو. اتي جو چڱو مڙس چاچو نصرالله سندس ڀڳ مٽ يار هو ۽ فارسي زبان ۽ ادب جو دلدادو هو. اسان سندس اوطاق ۾ ٽڪندا هئاسين. سياري جي مند هوندي هئي. اڃا سج ڪني مس ڪڍندو هو ته چاچو نصرالله  چاءِ جي ڪٽلي ۽ ڪوپ ساسريون کڻي ايندو هو. سندس ڪڇ ۾ ديوان حافظ هوندو هو. بابا ان مهل، نماز پڙهي، مصلي تان اٿندو هو. بابا ۽ چاچو نصرالله گرم گرم چاءِ به پيئندا هئا. جڏهن مان وڏو ٿيس ته حافظ، سعدي، خيام ۽ روميءَ کي پڙهيم هي سٽون لکڻ مهل اسلام آباد جي اڄوڪيءَ سخت سرديءَ ۾ سعديءَ جو هڪ شعر زبان تي آيو اٿم:

در موسم زِ مستان سعدي دو چيز خواهد
باروي آفتابي آفتاب روئي.

بابا سائين، ڀئونرن ۾ مقرريءَ کان اڳ ڪجهه وقت لاءِ سرهاريءَ بدلي ٿي ويو هو. ڳالهه ڪندو هو ته ”اتان جمعي جمعي رات ڀٽ شاهه تي هليو ويندو هوس ۽ ڀٽائيءَ جو راڳ ٻڌندو هوس.“

جاميءَ جي يوسف زليخا ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ٺاهيل شاهه جو رسالو اوطاق ۾ سندس سير انديءَ سدائين کٽ تي رکيل هوندا هئا. پير حسام الدين راشديءَ جو نالو پهريون دفعو مون ٻاراڻيءَ عمر ۾ بابا سائينءَ کان ٻڌو.

بابا سائينءَ کي ڪتابن سان گڏ جيڪو ٻيو گهڻي ۾ گهڻو شوق هو سو سئر سفر جو. گرميءَ جي مند ۾ ڪوئيٽا هليو ويندو هو. اسان اڃا ننڍا هئاسين ته سنڌ جا شهر نواب شاهه، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، حيدرآباد ۽ ڪراچي گهمائڻ وٺي هليو انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ حرن واري مارشل لا لڳي هئي، انڪري اسان کي حيدرآباد کان ڪراچيءَ وڃڻ ڪونه ڏنائون.

هڪ دفعي هندستان گهمڻ ويو. امرتسر، دهلي، آگري، فتح پور سڪري، سهارنپور، جوڌپور، ۽ جئپور، جا شهر ڏٺائين. جڏهن ڳوٺ موٽي آيو ته دهليءَ جي چاندني چوڪ فتح پور سڪريءَ جي عمارتن ۽ آگري جي تاج محل سان گڏ، امرتسر جي سک عورتن جي سونهن جي ڏاڍي تعريف ڪندو هو. امان مٺيءَ لاءِ چاندني چوڪ مان پٽ پٽيهر جا ويس وڳا ۽ اسان لاءِ سهارنپور مان انبن جا کارا وٺي آيو. ٻاهران ساوا، اندران ڳاڙها، ڪپ ته مٺا جهڙي مصري. ان زماني ۾ سنڌ ۾ فارمي انبن جو رواج اڃا ڪونه پيو هو. ديسي انب هوندا هئا. جي کٽا ۽ ڄاري وارا هوندا هئا. ڀئونرن جي بنگلي ۾ مهري نالي هڪ وڻ هوندو هو، جنهن جا انب وڏا ۽ مٺا هوندا هئا. بابا سائين هر سال مند ۾ ان وڻ مان ٻه ٽي مڻ انب وٺي پال وجهندو هو ۽ نيرن ۽ رات جي مانيءَ تي اسان کي ڪپي ڏيندو هو.

منهنجو چاچو جن ڀوت پريت ۽ پرين جو قائل هوندو هو. پر بابا سائينءَ جو انهن ڳالهين ۾ ويساهه ڪونه هوندو هو. هڪ دفعي ڳالهه ڪيائين ته ”پنهنجي عقيدي جي خاطريءَ لاءِ جوانيءَ ۾ هڪ رات آڌيءَ جو اٿيس. لڪڻ کنيم. ڳوٺ کان ٻه ميل پري گهاٽي جهنگ ۾ هليو ويس. اتي هندن جا مسڻ هوندا هئا، جتي مڙدا ساڙيندا هئا. ماڻهو چوندا هئا ته مسڻن جي وڻن جي ۾ جن ڀوت رهندا آهن. سو مان اڌ رات جو وڻن تي چڙهي ويس ۽ لڪڻ سان ڏارن ۽ پنن کي کڙڪايم. پر مون کي ته ڪوبه جن ڀوت نظر ڪونه آيو.

پاڻ روشن دماغ ۽ روشن ضمير انسان هو. مولانا تاج محمود امروٽي ۽ عبيدالله سنڌيءَ جي ڏاڏي تعريف ڪندو هو. ڳالهه ڪندو هو ته”خلافت تحريڪ جي زماني ۾ اسان مٿن کان مشهدي لونگيون لاهي، جوڙيءَ جا پٽڪا به ٻڌا. پر پوءِ جو هندستان جا مسلمان هندن کان جدا ٿيا ته وري ساڻن ڪونه مليا .“

بابا سائين پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي مسلڪ موجب پورو پورو مذهبي ماڻهو. پر، مذهبي ڪٽر پڻي کان بلڪل آجو هو. پوين چاليهن ورهين جي عرصي اندر ڪڏهن نماز قضا ڪانه ڪيائين. بيماريءَءِ ۾ اٿڻ جهڙو نه هوندو هو ته شريعت جي حڪم موجب، اشارن سان به نماز ادا ڪندو هو. مون کي قرآن مجيد پاڻ پڙ هايائين. پوئينءَ عمر ۾ ته تهجد به پڙهندو هو. سڀ روزا وڏي شوق سان رکندو هو. مولوين کي گهرائي ڳوٺ ۾ واعظ ڪرائيندو هو. غريبن ۾ خير خيرات ڪندو هو. غريب سان ايڏي ته دل هيس جو وس پڄيس ها ته سڄيءَ دنيا جي دولت غريبن ۾ روهائي ڇڏي ها. *

اوکيءَ ويل، مخدوم  محمد دائود آگري جي مزار تي، ختمو ڏيڻ ۽ خدا کان دعا گهرڻ ويندو هو. ڳالهه ڪندو هو ته ”هيڪر ڪنهن درويش جي درگاهه تي دعا گهرڻ ويس. رات جو خواب ۾ اشارو مليو ته پنهنجي ڏاڏي مخدوم محمد دائود جي مزار تي ويندو ڪر.“

هن دنيا جي زندگي ڪنهن لاءِ به سکن جي سيج ڪانهي. بابا سائين جي زندگي رڳو درياهه تي سئر تفريح ڪرڻ، نوان نوان شهر گهمڻ، دعوتون کائڻ ۽ کارائڻ ۽ ڪتابن جي مطالعي ۾ ڪانه گذري. ڪيئي ڏک به ڏٺائين. زندگيءَ جي پوين ڏينهن ۾، جڏهن نوڪريءَ تان رٽاير ڪيو هئائين ۽ مان به اڃا پنهنجن، پيرن تي بيٺل ڪو نه هئس تڏهن مالي تنگ دستي به ڏٺائين. سرڪار وٽ ايماندار ملازم جو ڪوبه قدر ڪونهي. سندس پينشن جا ڪاغذ ٺهڻ ۾ ٽي ورهيه لڳي ويا. پئسو اسم اعظم آهي. گهڻن ئي مرضن جو علاج آهي. انهن ئي ڏينهن ۾ مون هڪ دفعي کيس اٻاڻڪو ڏسي چيو ته ”بابا اسان جي بورڊ جو چيئرمين خانبهادر کهڙو اوهان کان عمر ۾ گهڻو وڏو آهي، پر اڃا کڙو تڙ و بيٺو آهي.“ مون کي ٺهه پهه جواب ۾ چيائين ( ۽ سندس اکرن جي دانائي مون کي بعد ۾ دل تي نقش ٿي ويئي) ته ”پٽ، اهي ماڻهو آسودا به آهن.“

پوين ڏينهن ۾ سندس گهڻا تڻا يار دوستار هي جهان ڇڏي ويا هئا. انهيءَ ڳالهه دلگير ڪري وڌو هوس. اڪثر اٻاڻڪو هوندو هو.

هيءَ دنيا مطلب جي آهي. ماسترن جا لڏا، جيڪي سالن جا سال اسان جي اوطاق ۾ پنهنجي مطلب لاءِ اچي منزل انداز ٿيندا هئا، سي بابا جي رٽاير ڪرڻ سان الائي ڪاڏي پَرَ ڪري اڏامي ويا. بابا سائينءَ جي زندگيءَ جو پويون عرصو تنهائي ۾ گذريو فقط سائين مير محمد گهانگهري ۽ چاچي عبدالعليم اڄڻ، چاچي نصرالله جلباڻيءَ جي ڀائٽي مرحوم شمس الدين جلباڻيءَ اڳي وانگر قرب جو رستو قائم رکيو.

جڏهن بابا سائينءَ جي حياتيءَ جو پيالو ڀرجي آيو، تڏهن هڪ ڏينهن مون کي چيائين ته، ”پٽ، بهشت جي وڏي ڳالهه ٻڌجي ٿي. پر هن جهان جا نظارا به ايڏا ته وڻندڙ آهن، جو ڪنهن به انسان جي انهن کي ڇڏڻ تي دل ڪانه ٿي ٿئي.“

بابا سائين ۽ امان مٺي هاڻي ٻئي ڄڻا هي جهان ڇڏي ويا آهن هو اسان جي ڳوٺ جي قبرستان ۾ ابدي آرام  آهن. مان جڏهن ٻارهين مهيني ٻئي سال ڳوٺ ويندو آهيان، تڏهن قبرستان ۾ حاضري ڏيڻ ويندو آهيان. جڏهن سندس تربتن وٽ وڃي بيهندو آهيان تڏهن ڌرتي ڌڏڻ لڳندي آهي ۽ آسمان ۾ سخت گجگوڙ ٿيندي آهي. پر، ڪڪر ڪونه هوندا آهن، انڪري منهنجون اکيون وسڻ لڳنديون آهن.

 

____________________


*   اصل لفظ آگرو نه پر آڳرو آهي. اڳي ڪتابَ فارسي زبان ۾ لکبا هئا. فارسيءَ ۾ ڳ جو اچار ڪونهي، ان ڪري”آڳرو“ کي ”آگرو“ لکيو ويندو هو. اهڙيءَ ريت آگرو ۽ آگرا لفظ مشهور ٿيا. پر ٻهراڙيءَ ۾ اڻ پڙهيل ماڻهن جو اڄ تائين صحيح اچار ”آڳرو“ آهي.

آڳرن جا ٻه ٽي ڳوٺ نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾، درياهه جي ڪپن سان، آمهون سامهون آهن. اڳي جڏهن روڊ رستا ڪونه هوندا هئا، تڏهن آمدورفت ٻيڙين وسيلي ٿيندي هئي، ان ڪري درياهه جي ٻنهي پاسن کان آبادي هوندي هئي. سنڌ ۾ ڪيترن ئي ذاتين ۽ قبيلن جا ائين درياهه جي ٻنهي پاسن سان آمهون سامهون ڳوٺ آهن.

شايد، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جا آڳرا، خيرپور جا اڳڙا ۽ ٺٽي جا آگريا اصل ۾ هڪ ئي ذات وارا هجن. ٻاهران آيل قومن ۽ قبيلن سان آڳرن جو ڪوبه واسطو ڪونهي. سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو آهن. غالباً سماٽ آهن. اها روايت غلط معلوم ٿئي ٿي، ته مغل آهن ۽ چغدا يا چغتائي شاخ سان تعلق اٿن.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”مهراڻ“ رسالي جي سوانح نمبر ۾، سنڌي زبان جا ست قديم بيت ڏنا آهن. انهن ۾ هڪ بيت جو شاعر ذات جو آگرو آهي.

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي ڇپايل تاريخ سنڌ ۾ ڄاڻايل آهي ته جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو هو، تڏهن برهمڻ آباد ڊويزن تي جسوڌن آگرو حڪومت ڪندو هو. ڀٽائيءَ جي رسالي ۾”آڳڙين“ جو ذڪر آهي. اهو لفظ ”آگرين“ کي ويجهو آهي، جيڪي ٺٽي جا رهاڪو هئا. (غالباً اڃا آهن). ٺٽي شهر ۾ آگرين جو جدا پاڙو آهي. شايد  ان کي ”آگر“ محلو ڪوٺيندا آهن. فارسي تلفظ ۽ تحرير جي ڪري، جيئن”آڳرا“ بدلجي ”آگرا“ ٿيا، تيئن ”آڳڙيا“، بدلجي ”آگريا“ ٿيا هوندا.

آڳڙيا نالي مان ظاهر آهي ته آڳ جو ڪم ڪندا هوندا. آڳ معنيٰ باهه. آڳڙيا معنيٰ باهه. آڳڙيا معنيٰ آڳ جو ڪم ڪرڻ وارا، باهه جو ڪم ڪرڻ وارا. سنڌ ۾ گهڻيون ئي ذاتيون ڌنڌي سان سڃاپن ٿيون، مثلاً ڊکڻ، ڪنڀر، لوهر، سونارا، پڃارا وغيره. آڳرا ذات وارن جو اصلوڪو ڌنڌو لوهارڪو ڪم هو، يا ڪو ٻيو، سو چوڻ  ته مشڪل آهي. البت هڪ ڳالهه مشهور آهي ته قديم زماني کان وٺي، منجهن علم سان محبت ۽ درس تدريس جي روايت رهي اهي. مولوي عبداللطيف سڪندري،، قادريءَ پنهنجي ڪتابڙي ”روحاني رزمون“ ۾ ڄاڻايو آهي ته، ”پير سائين سيد محمد راشد، روضي ڌڻي، شاگرد آهن مخدوم محمد آريجي جا ۽ اهي پاڻ شاگرد آهن مخدوم محمد دائود آگري جا.“ مخدوم محمد دائود آگرو ڪوٽڙي ڪبير جي مدرسي ۾  پڙهيو هو. پنهنجي  دور جو هاڪارو عالم ۽ اهل الله هو. سندس ڪتب خانو هو، جو ضايع ٿي  ويو. سندس هٿ اکرن ۾ مثنوي مولانا روم جو نسخو ٻن جلدن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ آهي. هالاڻيءَ جا سادات، ميمڻ ۽ ٻين ذاتي وارا ماڻهو مخدوم محمد دائود آگري جو وڏو ادب ڪندا هئا. مخدوم صاحب عاقل شاهه ڪبير گيسوئي دراز جو پڻ استاد هو. سندس پارسائيءَ ۽ پرهيزگاريءَ جا ڪيئي قصا ٻڌبا آهن. سندس والد مخدوم عبدالله آگرو به ايڏو ته وڏو عالم هو، جو مير علي شير قانع تاريخ تحفته الڪرام ۾ سندس ذڪر سنڌ جي مکيه  علمي مشاهيرن ۾ ڪيو آهي. نثار احمد آگري مون سان روايت بيان ڪئي ته شاهه ڀٽائي، جڏهن کهڙن ڏانهن ويندو هو ته هالاڻيءَ ۾ مخدوم عبدالله آگري وٽ رات رهندو هو. پر، سندس فرزند محمد دائود آگرو ايڏو ته وڏو ماڻهو ٿيو، جو ماڻهن کان سندس والد جو نالو ئي وسري ويو. مخدوم محمد دائود وڏي هستي هو.

سڄي عمر شادي ڪانه ڪيائين. رحلت کان اڳ، بابا سائينءَ، هڪ دفعي مون سان ڳالهه ڪئي هئي ته مخدوم صاحب جي اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ مائيءَ سان دل هئي. ان جو سڱ گهريائين پر ڪونه مليس. ان تان ناراض ٿي ڳوٺ ڇڏي هالاڻيءَ هليو ويو. سڄي عمر اتي رهيو ۽ شادي ڪانه ڪيائين. مخدوم محمد دائود آگري، سندس والد مخدوم عبدالله آگري ۽ ٻين آگرن مخدومن جون مزارون پشاور کان ڪراچيءَ ويندڙ قومي شاهراهه تي، هالاڻيءَ کان ميل کن جي مفاصلي تي ڪنڊياري طرف، لبِ سڙڪ آهن. مزارن سان گڏ جيڪا مسجد نظر ايندي آهي، سا اسان جي ڳوٺ جي چڱي مڙس وڏيري محمد خان آڳري ٺهرائي هئي.

 

*  ان زماني ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪونه هوندا هئا. ضلعي جي انتظامي سربراهه کي ڪليڪٽر ڪوٺيندا هئا. سندس وڏو رعب هوندو هو.

*   جڏهن مان وڏو ٿيس ته درياهه ۾ اٿل وارو اهو منظر ذهن ۾ رکي، ”بري هن ڀنڀور ۾“ افسانو لکيم، جو مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيو. ٻه چار سال پوءِ، سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾ مون کي ٽپال ۾، چيني زبان ۾ هڪ رسالو اچي مليو. چيني زبان ۾ رسالو پڙهي ڪير؟ پر، منجهانئس اندران ٽائيپ ٿيل هڪ پنو نڪتو، جو رسالي جي فهرست جو انگريزي ترجمو هو. ان مان معلوم ٿيو ته رسالي جو نالو”شر جئي ويڻشوي“ هو، جنهن جو مطلب هو ”عالمي ادب“. منجهس سڄيءَ دنيا جي ادب مان چونڊ شاهڪار، چيني زبان ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيا ويندا هئا. رسالي جي چيني ايڊيٽر، اوهينري، ماپاسان ۽ دنيا جي ٻين عظيم اديبن جي تحريرن سان گڏ، منهنجي افساني کي به عالمي ادب جو شاهڪار قرار ڏيئي، رسالي ۾ ڇاپيو هو. افساني جو چيني ترجمو هندستان جي انگريزي اخبار روزنامه ”هندستان ٽائيمس“ تان ڪيو ويو هو. هندستان ٽائيمس ۾ افساني جو انگريزي ترجمو حشو ڪيولراماڻيءَ ڪيو هو.

*         ٻيڙين ۾ اندر باقاعدي سمهڻ جو انتظام هوندو هو. تري ۾ تونريون وڇايل هونديون هيون. اندران سونهن ڪاڻ جپاني ٽائلس جون ڪناريون ڪاٺ تي لڳل هونديون هيون.

استاد مير محمد جن رٽاير ڪري هاڻي پنهنجي ڳوٺ ۾ سڪونت پذير آهن. مونکي محبت سان ياد ڪندا رهندا آهن. جڏهن ڳوٺ ويندو آهيان ته قرب جا پير ڀري ملاقات جو شرف بخشيندا آهن. ساڻن ملي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ايندا آهن.

*  مان سڄي عمر غريبن جو حمايتي رهيس سو انڪري جو مسڪينن سان محبت پيءُ ڏاڏي کان ورسي ۾ مليم.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org