سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جهڙا گل گلاب جا

(ٻيو حصو)

 

صفحو : 10

 

 

صديق سالڪ

سنه 1984ع جي ڳالهه آهي. مون کي حيدرآباد کان اسلام آباد آئي مهينو ٻه گذريا هوندا. ايڪيڊمي آف ليٽرس ۾، ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن جي عهدي جي چارج ورتي هئم، خاطر غزنوي مون سان گڏ ڊائريڪٽر ليٽرس مقرر ٿيو هو. ڪنهن دوست چيو ته، ”هلو ته هلي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي آفيس ۾ برگيڊيئر صديق سالڪ سان ملي اچون.“

مون سالڪ جو نالو ته ٻڌو هو، پر سندس باري ۾ گهڻي خبر ڪانه هئم. دل تي ايترو دئو هئم، ته اردو زبان جو سٺو اديب آهي. پر، فوج ۾ آهي ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي آفيس ۾ ڪنهن اهم عهدي تي آهي، اهو تفصيل معلوم ڪونه هئم. اسلام آباد ۾ پاڻ کي ائين محسوس ٿي ڪيم، جيئن ٻٽيهن ڏندن جي وچ ۾ زبان. سوچيم ته صلاح ته سٺي آهي. هن ”اجنبي شهر“ ۾، ڪو لڳ لاڳاپو، ڪجهه اٿي ويٺي ضروري آهي.

خاطر غزنوي، مان، پروفيسر پريشان خٽڪ، جو پشاور مان مهمان ٿي آيو هو ۽ ٻيا ٻه ٽي دوست موٽرن ۾ سوار ٿياسين. رواني ٿيڻ کان اڳ، اسان مان سالڪ جي ڪنهن واقفڪار، کيس فون تي اهو اطلاع ڏنو. چيائين ته ”هليا اچو.“ اڌ ڪلاڪ ۾ موٽرون اسلام آباد مان راولپنڊيءَ پهتيون. اسان هڪ محل نما عمارت جي دروازي تي وڃي بيٺاسين، جتي باوردي فوجي سپاهي بندوقن سميت تيار بيٺا هئا. دروازي مان اندر گهڙياسين ته احساس ٿيو ته چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي هيڊڪوارٽر ۾ آيا آهيون. هڪ ٻئي پٺيان، نوان نوان فوجي سپاهي، مختلف ڪمرن ۽ ڏاڪڻين مان اسان جي رهبري ڪندا، اڳتي وٺي هليا ۽ آخرڪار هڪ ڪمري جي اڳيان هلي بيهاريائون، جنهن جي ٻاهران ورانڊي ۾ به غاليچا وڇايل هئا. دروازو کليو، اسان هڪ هڪ ٿي اندر داخل ٿياسين. سرخ غاليچن، اعلى درجي جي فرنيچر، ۽ ريشمي پردن سان آراسته پيراسته ڪمري ۾، ميز جي پٺيان هڪ باوقار شخص، فوجي يونيفارم ۾، ڪرسيءَ تي ويٺو هو. اسان کي ڏسي اٿي بيٺو. سڀني سان گرمجوشيءَ سان هٿ ملايائين ۽ ڪرسين تي ويهڻ لاءِ چيائين. سندس عمر پنجاهه جي لڳ ڀڳ ٿي لڳي، قد جو ڊگهو، ڪڻڪ رنگو، گول چهري، سهڻن وصفن ۽ چٽن مهانڊن وارو هو. سندس شخصيت مان رعب جهلڪي رهيو هو پر اکين مان نرمي. اڳيان ميز تي ڪجهه ڪاغذ ٽڙيل پکڙيل هئس، انهن کي سيٽي، ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيئي، آرام سان ٿي ويٺو ۽ گهنٽي وڄايائين. هڪ باوردي ملازم سفيد يونيفارم ۽ سرخ ڪمرپٽي سان، ڪمري جو دروازو ادب سان آهستي کولي، اندر داخل ٿيو.

”چانهه ۽ سمبوسا“ سالڪ کيس اشارو ڏنو، ۽ اسان کي مرڪي چيائين، ”هن ماحول ۾ اديبن سان ملاقات وڏي نعمت آهي.“

اتي اسان به پاڻ کي ذهني طرح آزاد سمجهيو، ۽ ڪرسين ۾ سولا ٿي ويٺاسين. مان کانڌيءَ جو ڪڙتو ۽ کانڌيءَ جي سلوار پائي ويو هوس. خاڪي يونيفارم جي ماحول ۾ اهو تضاد ڏاڍو دلچسپ ٿي لڳو. سالڪ تعارف لاءِ چيو. مون مختصر لفظن ۾ پنهنجي واقفيت ڪرائي. خاطر غزنويءَ، پروفيسر پريشان خٽڪ ۽ ڪن ٻين دوستن سان سندس اڳيئي واقفيت هئي. ستت ادبي ڳالهه ٻولهه نڪتي. هاڻي چٽيءَ طرح ياد ڪونهيم، پر ڀايان ٿو ته ”اديب ۽ آزادي“ موضوع هو. ڪن اظهار خيال جي آزاديءَ جي حمايت ۾ ڳالهايو. ڪن پاڻ ڳالهائڻ بدران سالڪ جا خيال ٻڌڻ کي ترجيح ڏني. مون رک رکاءُ ڇڏي، آزاديءَ سان ڳالهايو ۽ ائين محسوس ڪيو ته کيس منهنجون کريون ۽ صاف ڳالهيون ناگوار ته ڪونه لڳيون، بلڪ جان تان وڻيو. در حقيقت هن اسان سڀني کي نهايت تحمل ۽ توجهه سان ٻڌو. تجلا ڏيندڙ سونهري ٻلن ۽ بڪلن واري استري ٿيل ڪڙڪ خاڪي يونيفارم ۾ جيڪوا ديب هو، سو ڏاڍو ڪو انسان دوست هو. پاڻ به دل کولي ڳالهايائين ۽ اديبن جي اظهار خيال جي آزاديءَ جي ڀرپور حمايت ڪيائين. ڪلاڪ اڌ ڪچهري ڪري جڏهن کانئس اجازت گهريسون ته اسان سان گڏ ڪمري مان ٻاهر نڪتو، ڏاڪڻيون لهي هيٺ آيو ۽ موٽرن وٽ موڪلائي، واپس ويو.

اها هئي صديق سالڪ سان منهنجي پهرين ملاقات.

ٻي ملاقات ڪٿي ٿي، ڪڏهن ٿي، سو هاڻي ياد ڪونهيم. پر ڀايان ٿو ته گاهي بگاهي ميل ملاقات ٿيندي رهي. سالڪ جو سڀاءُ مون کي وڻيو. بيحد خود دار ليڪن مٺو ماڻهو. سال کن جي عرصي اندر، هڪٻئي کي ڪافي ويجهڙا ٿي وياسين، پر ايترا به نه، جو مان بنا حجاب جي کيس ڪو ڪم چئي سگهان. هو رڳو مون سان نه پر هر ڪنهن سان سوچي سمجهي وک کڻندو هو ۽ زبان مان لفظ ڪڍڻ کان اڳ ان جي معنى ۽ مطلب کي خيال ۾ رکندو هو.

هڪ ڏينهن ايوان صدر مان، چئين وڳي شام جو فون ڪيائين ”ڇا ٿو ڪرين؟“ مون چيو ”آفيس جو ڪم ويٺو ڪريان.“ چيائين ته ”واندو هجين ته هليو اچ ته چاءِ پيون.“ مان وٽس پهتس ته سبز چاءِ ۽ سئنڊوچز گهرايائين، ڪتابن جون ڳالهيون نڪتيون. مون کيس ٻڌايو ته سڀاڻي لاهور ۾ هڪ ادبي اداري ۾ ميٽنگ آهي. اوڏانهن ڏينهن اڌ لاءِ وڃي رهيو آهيان. چيائين ته ”ايمرجنسي نالي هڪ نئون ناول لکيو اٿم. ان جو مسودو احمد نديم قاسميءَ کي پڙهڻ لاءِ ڏنو هئم. جڏهن موٽين ته وٽانئس کنيو اچجانءِ.“

لاهور ۾، قاسميءَ مسودو لفافي ۾ بند ڪري، هڪ خط سان گڏ ڏنو. مون امانت آڻي سالڪ کي ڏني. خط پڙهيائين ۽ ڪتاب جو مسودو مون کي ڏيئي چيائين ته ”هفتي ٻن ۾ پڙهي، تون به پنهنجي راءِ ڏجانءِ.“

مون کيس پنهنجي راءِ تفصيل سان ڏني. ڏاڍو متاثر ٿيو. منهنجيءَ راءِ جي روشنيءَ ۾ ناول ۾ ٿوري گهڻي اصلاح ڪيائين ۽ ڪتاب جي پيش لفظ ۾ احمد نديم قاسميءَ ۽ وحيد قريشيءَ سان گڏ منهنجو شڪريو به ادا ڪيائين.

سالڪ اردو زبان جو اديب هو، پر، مان صوبائي زبان جو، تنهنڪري سڀني زبانن جي اديبن جي حمايت ڪندو هوس. هڪ ڏينهن فون ڪيائين ته پنهنجي نئين ڪتاب جي رونمائيءَ جو جلسو ڪراچيءَ ۾ رکڻ گهران ٿو. ارادو اٿم ته ان ۾ ملڪ جي چئن ئي زبانن جي اديبن کي به ڪتاب تي ڳالهائڻ لاءِ چوان. سنڌي اديبن مان فلاڻي اديب جو نالو مليو اٿم. تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟“

مون چيس ته سنڌ ۾ ٻه اهم ادبي ادارا آهنِ هڪ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻيو سنڌالاجي. انهن ٻن مان ڪنهن جو سربراهه جيڪڏهن تنهنجي ڪتاب تي ڳالهائي ته سٺي ڳالهه ٿيندي. جڏهن ڪراچيءَ مان جلسو ڪري موٽيو، تڏهن ڏاڍو خوش هو. چيائين ته جلسي ۾ جيترن به اديبن ڳالهايو، تن ۾ سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر، مهتاب راشديءَ سڀني کان سٺو ڳالهايو.

سالڪ 1971ع واريءَ جنگ ۾، اوڀر پاڪستان ۾ هو ۽ جنگي قيديءَ جي حيثيت ۾، هندستان ويو هو. ڪڏهن ڪڏهن ان دور جو ذڪر ڪڍندو هو. هڪ دفعي مون کيس ٻڌايو ته تن ڏينهن ۾، مان حيدرآباد ۾، سنڌي ادبي بورڊ واريءَ آفيس ”امين منزل“ ۾، پنهنجي ننڍي ڀاءُ غلام شبير سان گڏ رهندو هوس. جنگ جي ڪري، بلئڪ آئوٽ هوندو هو. رات جو ڪنهن مهل هندستان جو جهاز ايندو هو ته اوچتو سائرن وڄندا هئا ۽ اسان ٻئي ڀائر بسترا کڻي وڃي ڏاڪڻ ۾ وهندا هئاسون. سياري جي رات هوندي هئي. روزانو رات جو هڪ ٻه دفعا اها جٺ ٿيندي هئي. جڏهن جنگ ختم ٿي رهي هئي تڏهن هندستاني ريڊئي تي ”جنرل ماڻڪ شا کا پيغام، امير عبدالله نيازي اور رائو فرمان علي که نام“ ٻڌندا هئاسين، جنهن بعد ۾ هندستاني فوجن اڳيان هٿيار ڦٽي ڪيا هئا.

هڪ دفعي مان حيدرآباد مان بورڊ جي ڪم سان راولپنڊيءَ آيس. سرڪاري ڪم لاهي، سوات گهمڻ هليو ويس. اتي گهر لاءِ تازا صوف خريد ڪيم. راولپنڊيءَ مان موٽڻ مهل جهاز ۾ صوفن جي ٽوڪري پنهنجن پيرن وٽ رکي، پنهنجيءَ سيٽ تي ويٺس ته ڪو شخص آيو، پاسي واريءَ ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ منهنجن پيرن وٽان صوفن جي ٽوڪري هٽائي، پنهنجي بريف ڪيس رکي، آرام سان پنهنجيءَ سيٽ تي ويهي رهيو. مون ڏانهس ڏسڻ يا ڳالهائڻ کانسواءِ سندس بريف ڪيس هٽائي، پنهنجي صوفن جي ٽوڪري رکي، ٽنگو ڊگهيون ڪري ڇڏيون. ان تي ڪنڌ ورائي، مون کي اسلام عليڪم چيائين. مون سلام ورائي ڏانهس نهاريو ۽ ڀانيم ته سندس تصوير اخبارن ۾ ڏٺي اٿم. چيائين ته منهنجو نالو عبدالله نيازي آهي. مون چيو ته اوهان جو چهرو مانوس ته لڳي ٿو پر مان اوهان کي ڪونه سڃاڻان. چيائين ته مون کي جنرل نيازي ڪوٺيندا آهن. اتي مون کي اڳوڻا ڏينهن ياد آيا. مون ساڻس اوڀر پاڪستان جي ڳالهه ڪڍي، ته همراهه جذباتي ٿي ويو. چيائين ته سڄو ڏوهه انهن جو آهي، جن مغربي محاذ تي جنگ بند ڪئي. مون کي ڪهڙي خبر ته مغربي محاذ تي جنگ ڪنهن بند ڪئي هئي؟ بهرحال، صبر سان کيس لاهور تائين ٻڌندو رهيس. پر محسوس ڪيم ته همراهه هوش کان وڌيڪ جوش ۾ آهي. پڇيائين ته حيدرآباد ۾ ڇا ڪندو آهين ۽ ڪٿي رهندو آهين؟ مون کيس صحيح صحيح جواب ڏنو. چيائين ته ڪنهن ڏينهن اتي توسان ملڻ ايندس. مون دل ۾ چيو ته ياالاهي خير! بهرحال، آيو ته ڪونه، البت عيد تي هڪ عجيب ڪارڊ موڪليائين، جنهن ۾ هڪ چيتو هڪ ٽڪريءَ تان ٻيءَ ٽڪريءَ تي ٽپو ڏيئي رهيو هو. چيتي جي هيٺان لکيل هو امير عبدالله خان نيازي ”ٽائيگر.“

سالڪ ڳالهه ٻڌي کلڻ لڳو ۽ چيائين ته ”تو منهنجا ڪتاب Witness to Surrender ۽ هم ياران دوزخ ڪونه پڙهيا آهن؟“ مون چيو ته ”نه“. چيائين ته ”پڙهي ڏس. انهيءَ ٽائيگر جو انهن ڪتابن ۾ ڪافي احوال اٿيئي.“ ٻئي ڏينهن ٻئي ڪتاب موڪلي ڏنائين. انگريزي ڪتاب ته ڪو دوست کڻي ويو. البت اردو ڪتاب پڙهيم ۽ ڏاڍو وڻيم. في الحقيقت اهو ئي ڪتاب منهنجي ۽ سالڪ جي سنگت جو سبب بنيو. مان ڄڻ ته سندس روح مان گهمي آيس. سالڪ وڏو اهل دل انسان هو.

        سچو ماڻهو هو. زماني جا ڏنگ سهي سهي، عاجز اچي چڪو هو، مونکي اهڙن مظلومن سان محبت ٿيندي آهي. شايد سندن روح ۾، پنهنجي ئي روح جو عڪس ڏسندو آهيان. غريب سان وڏي ويڌن اها هئي ته ايوان صدر ۾ اهم عهدي تي فائز هئڻ ڪري. ماڻهو کيس ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجهي پنهنجا جائز ۽ ناجائز ڪم چوندا هئا. اهائي ڳالهه کيس سڀ کان گهڻو ڏکوئيندي هئي. خاص ڪري جڏهن ادبي ۽ اهل قلم به کيس ائين استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، ته ڏاڍو پريشان ٿيندو هو. هڪ دفعي ڪنهن اديب جو نالو کڻڻ کانسواءِ ڳالهه ڪيائين ۽ مون کي چيائين ته تون رڳو ڪنهن ڏينهن ايوان صدر مان فون ڪر. سالڪ پڇيس ته ان مان توکي فائدو؟ چيائينس ته ان هڪ فون مان پنجاهه هزار رپيا ڪمائيندس. سالڪ پڇيس ته سو ڪيئن؟ چيائينس ته منهنجي سيٺ جا سرڪار ۾ الاهي ڪم آهن. کيس چوندس ته ايوان صدر ۾ منهنجي هلندي پڄندي آهي. تنهنجي فون ان دعوى جي تصديق ڪند.ي منهنجو سيٺ مون کي خوش ڪرڻ لاءِ چاليهه پنجاهه هزار رپيا ته ان مهل ئي منهنجي کيسي ۾ وجهندو.

        مون سالڪ کي چيو ته مون کي توتي رحم ٿو اچي. الله تنهنجي مدد ڪندو.

        مون ايوان صدر ۾ به سالڪ کي سک سان ڪونه ڏٺو. ننڍي هوندي جون ٻڌل ڳالهيون ياد آيم ته سچي خوشي حاڪمن نه، فقيرن وٽ آهي. هڪ ڏينهن رازداريءَ ۾ ايوان صدر ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته ”هن سفيد پڃري white cage ۾ اچي ڦاٿو آهيان. سوچيان ٿو ته صدر جي پريس سيڪريٽريءَ جي عهدي تان استعيفا ڏيان.“ مون کيس ائين ڪرڻ کان منع ڪئي ۽ سندس اڳوڻي آفيسر سان مشورو ڪرڻ لاءِ چيو. مون کي اها خبر هئي ته پاڻ سندس چوڻ آکڻ ۾ آهي. هن ڳالهه ٻڌي چيس ته ”تو پنهنجن ٻارن کي ناز ۽ نعمت تي هيرايو آهي. پاڻ ته ڏک سک سان دال ماني کائي ويندين، پر ٻارن جو ڏک ڏسي سگهندين؟“ ساڳي صلاح ٻين ڪن دوستن سان به ڪيائين. انهن جو مشورو قبول ڪيائين يا نه، سو ته چئي نٿو سگهجي، پر پنهنجي اڳوڻي آفيسر جي جواب ٻه _ چتو وڪري وڌس. ڏاڍو مونجهاري ۾ هو. هڪ دفعي ايوان صدر ۾ ويٺا هئاسين. پنهنجي دل جي ڪيفيت بيان ڪرڻ لاءِ هڪ ٽوٽڪو ٻڌايائين:

”هڪ جهوپڙيءَ ۾ ٻه درويش رهندا هئا. رات ڏينهن علم جي تحصيل ۾ مشغول هوندا هئا. ڪنهن ريت بادشاهه کي اها خبر پيئي ته فلاڻي هنڌ ٻه وڏا عالم رهن ٿا. بادشاهه کين پيغام ڏياري موڪليو ته مون وٽ اچو ته اوهان کي وڏا عهدا ڏيان. هڪ درويش ويو، ٻيو ڪونه ويو. جيڪو ويو، سو بادشاهه جو مقرب ۽ مشير مقرر ٿيو. ناز نعمت سان هلڻ لڳو. اعلى درجي جا ويس وڳا، طعام ۽ مشروبات سندس روز مرهه جي زندگيءَ جو معمول ٿي ويا. هڪ ڏينهن کيس پنهنجي يار جي يادگيري آئي. سونن سنجن واري گهوڙي تي سوار ٿي، ريشم ۽ ڪيمخواب جي قبا ڍڪي، پنهنجيءَ پراڻيءَ ڪکائينءَ جهوپڙيءَ ۾ ويو. ٻيو درويش اهوئي تڏي تي ويٺو هو ۽ ڪنهن ڪتاب جي مطالعي ۾ مشغول هو. يار کي ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڀاڪر پائي گڏ وهاريائينس. ايتري ۾ منجهند جي مانيءَ جي مهل ٿي ۽ دستور موجب دال جي پيالي آئي. يار کي چيائين ته کاءُ. هن شڪريو ادا ڪري چيس ته جيڪڏهن توکي بادشاهه جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جو هنر اچي وڃي ته پوءِ توکي دال تي گذران ڪرڻ جو ضرور ڪونه رهندو.

ٻئي درويش جواب ڏنس ته پر جيڪڏهن توکي دال تي گذران ڪرڻ جو هنر اچي وڃي، ته پوءِ توکي به بادشاهه جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي ضرورت ڪانه رهندي.

        ٽوٽڪو سٺو هو. پر مون ان تي تبصرو ڪونه ڪيو ڇو ته دنيا ۾ دال جي پياليءَ تي گذر ڪرڻ وارا درويش هاڻي ڪونه رهيا آهن. مون محسوس ڪيو ته سالڪ جو اصل مسئلو اهو آهي ته هو پنهنجي اندر ۾ گهٽ محسوس ڪري رهيو آهي. وقت جي حاڪم اڳيان کيس هر وقت هائو ڪرڻي پوي ٿي. هوڏانهن اديب بنيادي طرح آزادي پسند ۽ باغي ٿئي ٿو. پابندي ۽ غلامي هن جي روح لاءِ وڏي ۾ وڏو عذاب آهي، مون کيس صلاح ڏني ته ”هفتي ۾ ڏينهن ٻه موڪل ڪري، ڪوهه مريءَ هليو ويندو ڪر. مري اسلام آباد کان فقط ٽيهه ميل آهي. اتي توکي آرام سان ٽڪڻ لاءِ گهڻيئي جايون آهن. تنهنجي ذهن جو ٿڪ لهي پوندو.“ پر، منهنجي اها صلاح کيس صحيح نظر نه آئي. ڪميڻيءَ دنيا مان ڪڪ ٿي، آهستي آهستي، پاڻ کي ذهني طرح گوشه نشين بنائي ڇڏيائين. بس، ڪتاب ۽ پاڻ. شراب کي سڄي عمر هٿ ڪونه لاتائين. ساڳيءَ ريت سگريٽ کان به سڄي عمر پاڻ پليائين. جيئن جيئن دنيا کان ڪٽبو ويو، تيئن تيئن مون سان سندس قرب وڌندو ويو. آخر ڪو وقت اهڙو به آيو، جو جيڪڏهن مان کيس فون ڪرڻ ۾ ڏينهن ٻه وٿي وجهان ته سندس دانهن ٻڌان، ”او بيوفا، مون توکي اڳي به چتاءُ ڏنو آهي ۽ وري به ٻڌايان ٿو ته مون سان بيوفائي ڪندين ته مان نئون دوست ڪندس.“ سندس گهر واريءَ منهنجي گهر واريءَ کي ٻڌايو ته وڏين وڏين سرڪاري دعوتن مان رات جو دير سان موٽي ايندو هو ته به اچڻ شرط پڇا ڪندو هو ته ”آگري جي فون آئي هئي؟“ مون کان پڇي، وري وڃي ڌيئن مان هر هڪ کان جدا جدا پڇندو ته ”چاچا آگري جي فون آئي هئي؟“ جيڪڏهن جتان ڪٿان جواب نهڪر ۾ ملندو هوس ته اداس ٿي ويندو هو!“

        مان کيس روز روز فون ڪرڻ کان انڪري دانسته گريز ڪندو هوس، ته متان ائين سمجهي ته منهنجي به منجهس ڪا غرض آهي. هڪ دفعي ساڻس اهڙو اظهار به ڪيم. ٻڌي ڏکوئجي چيائين ته ”تون ائين ڇو ٿو سوچين!“

        زماني ۾ ٿڌي ڪوسي هر انسان جي مٿي تي آهي. انسان سڄڻن سان ئي سور سليندو آهي. سو، مون مختلف موقعن تي کيس نوڪريءَ جو هڪ اڌ ڪم چيو، پر ڪري ڪونه سگهيو، البت هڪ احسان اهڙو ڪيائين، جو زندگيءَ ڀر ياد رهندو.

        ڇا ٿيو ته مان ڪنهن ڪم سان ڪراچيءَ ويس. اتان ڳوٺ جو قصد ڪري، حيدرآباد پهتس. پنجين بجي شام جو حيدرآباد مان نڪتس. انهن ڏينهن جي لڙ ڇڙ واري ماحول کي خيال ۾ رکي، ڊرائيور کي چيم ته گاڏي تيز هلاءِ، ته سج بيٺي نڪري هلون. ڊرائيور سو ڪلوميٽر ڪلاڪ، پوءِ سواسو ڪلوميٽر رفتار سان هلڻ لڳو. سانجهيءَ جي نماز موري جي ٻاهران پئٽرول پمپ تي پڙهي، ڊرائيور کي چيم ته ڳوٺ باقي چاليهه ميل پري آهي. همت ڪر ته اونداهيءَ کان اڳي ڳوٺ پهچي وڃون. هن ڪار جي رفتار هيڪاري تيز ڪري ڇڏي. سواسو ڪلوميٽر مان وڌائي اول سوٽيهه پوءِ سو چاليهه ڪلوميٽر ڪري ڇڏيائين. مان ساڻس گڏ اڳينءَ سيٽ تي ويٺو هوس، پر پوءِ به کيس منع ڪانه ڪيم. ڪار سوا چاليهه ڪلوميٽر رفتار سان وڃي رهي هئي، جو اوچتو کاٻي پاسي کان سامهون هڪ ٽرڪ بيٺل نظر آئي. ٻئي پاسي کان وري سامهون ٻي ٽرڪ اچي رهي هئي، ان ڪري ڪٿان به گاڏي ڪڍڻ جي ڪابه وٿي ڪانه هئي. سوچڻ جي وقت ايتريءَ تيز رفتار ۾ ڪٿي ٿو ملي! اسان جي ڪار واچ مينهن ڪندي، سامهون واريءَ بيٺل ٽرڪ جي هيٺان هلي ويئي. ڊرائيور بعد ۾ ٻڌايو ته هن بيٺل ٽرڪ جون بتيون وسائل هئڻ ڪري، ان کي پري کان ته ڪونه ڏٺو هو. پر جڏهن ڪار مٿان وڃي پهتي ته ٽرڪ تي اوچتو سندس نگاهه پيئي ۽ بريڪ هنيائين، پر گاڏيءَ جي تيز رفتار ان کي اڳتي گهليندي ويئي. مون کي ايترو سو ياد آهي ته اوچتو ونڊ اسڪرين جي شيشي جا ذرڙا چر چر ڪندا، هيٺ ڪرڻ لڳا. ڪار جي انجڻ ٽرڪ جي هيٺان هلي وڃڻ ڪري، ڪاغذ جي دٻي وانگر چپجي کرکنا ٿي ويئي. ”سائين بچيا ته آهيو؟“ ڊرائيور جا اکر منهنجي ڪن تي پيا ته سمجهيم ته واقعي بچي ويو آهيان!

        ”هائو، پر در اچي کول ته مان ٻاهر نڪران“ مون کيس جواب ۾ چيو. مٿي مان گرم گرم رت جا ڦڙا ڳلن تان وهندا، اچي هيٺ ڪريا. ڊرائيور ڪار جو دروازو کوليو. مون ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نڪري نه سگهيس. ڊرائيور مدد ڪئي. ٻاهر نڪتس ته ڏٺم ته کاٻي ٻانهن هيٺ لڙڪي رهي آهي. بيهي نه سگهيس، هيٺ ڪري پيس. مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي. ڪا دعا ڪم آئي هوندي، ڪو خير جو ڪم رب کي قبول پيو هوندو، نه ته هڪ سو چاليهه ڪلوميٽر جي رفتار سان پهاڙ جيڏيءَ ٽرڪ سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ به ماڻهو بچي وڃي ته معجزو ٿيو!*

        ٻيو معجزو اهو ٿيو ته اتي جو اتي، پٺيان هڪ ٽرڪ آئي جنهن جي ڊرائيور ڪنهن به پش و پيش ڪرڻ کانسواءِ امالڪ مون کي کڻي پنهنجيءَ گاڏيءَ ۾ وهاريو. پاڻيءَ جو جمن ڀري پياريائين.

        ته ڪجهه سامت ۾ آيس. ٽافي ڪڍي چوسڻ لاءِ ڏنائين. غريبن کي الله ڪيڏي نه ٻاجهه ڀري دل ڏني آهي!

        ڏيڍ ميل پنڌ تي منهنجي منزل يعني ڪنڊياري جو شهر هو. اتان قومي شاهراهه ڇڏي اتر طرف ست ميل پري پنهنجي ڳوٺ آڳرين وڃڻو هوم. ٽرڪ ڊرائيور قرب ڪري ڪنڊياري جي اسپتال ۾ اچي لاٿو. اونداهي ٿي ويئي هئي پر ٻه ڊاڪٽر اسپتال ۾ موجود هئا: هڪ ڊاڪٽر راڄپر ۽ ٻيو ڊاڪٽر بروهي. ٻنهي قربن سان ڪمال ڪري ڇڏيو. مٿي کي صاف ڪري، پٽي ٻڌائون. ٻانهن کي به ڪا پٽي ٻڌائون. سڀ کان وڏي ڳالهه ته دلداري ڏنائون.

        کانئن پڇا ڪيم ته ٽيليفون آهي، ته فون آڻي ڏنائون. حيدرآباد فون ڪيم. ڀاءُ شبير لاءِ پيغام ڇڏيم ته سالڪ کي ڄاڻ ڪر. هت جهنگ ۾ ته نه اوهي نه واهي! حيدرآباد يا ڪراچيءَ الائي ڪڏهن پهچندس. تيسين ڀڳل ٻانهن ۽ مٿي جو زخم الائي ڪهڙو خلم ڪندا.

        شبير جو چوڻ آهي ته هن فون ڪئي ۽ سالڪ کيس بروقت ملي ويو. سالڪ بعد ۾ ٻڌايو ته فون پهچڻ شرط هوش اڏامي ويو. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو، ڪراچيءَ ۾ صدر جي ڊاڪٽر کي حڪم ڏنم ته هيئن غلام رباني آگرو ڪار جي حادثي ۾ زخمي ٿي، ڪنڊياري جي اسپتال ۾ پهتو آهي. هڪدم کيس حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ پهچايو وڃي ۽ سندس علاج جو خاص خيال رکيو وڃي.“

مان ڪنڊياري جي اسپتال ۾ اداس ليٽيو پيو هئس ته مائٽ اچي پهتا، ڊاڪٽر عبدالقيوم آگرو ۽ حاجي سيف الله آگرو. زوريءَ اسپتال مان گهر وٺي هليا. خدمت چاڪريءَ ۾ حد ڪري ڇڏيائون. اها رات زندگيءَ ڀر وسري نه سگهندي. اڌ رات جو سمو هو. غالبن هڪ ڏيڍ ٿيو هوندو ته چيائون ته چيف منسٽر سنڌ، غوث علي شاهه فون تي ڳالهائيندو. شايد اسلام آباد جي ٽيليفون سندس به ننڊ ڦٽائي وڌي هئي. ستت سندس آواز ٻڌم: ”ڀائو، ڇا ٿيو؟“ مون احوال عرض ڪيو. چيائين ته ”مون ڊي سي نوابشاهه کي حڪم ڏنو آهي ته اوهان کي فورن ايمبولنس موڪلي ۽ ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ به ضروري احڪام ڏيئي ڇڏيا اٿم.“

پر، نوابشاهه جي ڊي سيءَ کي شايد ننڊ گهڻي ايندي هئي، سو وري سمهي پيو. چيف منسٽر جي حڪم جي باوجود، مون کي نوابشاهه مان ته ايمبولنس ڪانه پهتي، البت، سالڪ وارو حڪم ڪم آيو. رات جو چئين بجي ڌاران، دروازو کڙڪيو. هڪ نوجوان، ڊاڪٽر ننڊاکڙين اکڙين سان ٻاهر بيٺو هو ته ”حيدرآباد جي سول اسپتال مان، اسلام آباد جي حڪم موجب، ايمبولنس ڪاهي، آگري صاحب کي وٺڻ آيو آهيان.“ مائٽن کان موڪلائي، ساڻس گڏ، ايمبولنس ۾ سوار ٿيس. رات اکين ۾ ڪاٽي، صبح جو نوين بجي وڃي لياقت ميڊيڪل اسپتال ۾ داخلا ٿيس. اتي ٽيون معجزو ڊاڪٽر اسلم گهلوءَ ڪري ڏيکاريو. ڊاڪٽر مون به گهڻا ڏٺا. پر جهڙو مٺو ماڻهو ۽ ڀلو ڊاڪٽر مون ڪونه ڏٺو. ٻانهن اهڙي سٺي ٻڌائين، جو هاڻي مان ڪنهن کي قسم کڻي ٻڌايان ته هن ٻانهن جو هيئن حادثو ٿيو هو، ته اصل ڪونه مڃيندو.

حيدرآباد واريءَ اسپتال ۾ سالڪ جي گاهي ماهي مون کي به فون ايندي رهندي هئي ۽ ڊاڪٽرن کان پنهنجي ليکي به منهنجو حال احوال وٺندو رهندو هو. سنڌ جي يارن ته اهڙيون قربداريون ڪري ڇڏيون، جو حادثي ته ڇا، بلڪ زندگيءَ جي پنجاهه ورهين جا ٿڪ لهي ويا. اسپتال جي منتظم ڊاڪٽر ظفر صديقيءَ، پرائيويٽ وارڊ ۾، هڪ نه پر ٻه ڪمرا مون لاءِ رزرو ڪيا ۽ انهن ۾ ٽيليفون به هڻائي ڏني. پر دوستن ۽ ملاقاتين جو تعداد ايڏو جو ٻن ڪمرن ۾ به نه ماپي سگهن. خاص ڪري، شما جي مهل ته ڪيترا ويچارا ڪمرن ۾ جاءِ نه هئڻ ڪري، ٻاهر ميدان ۾ چڪر ڏيندا وتن. حيدرآباد ضلعي ڪائونسل جي نوجوان چيئرمين پير خالد جان سرهنديءَ کان وٺي سنڌي ادبي بورڊ جي غريب پٽيوالي الله بخش تائين، هر ڪنهن قربن سان هد ڪري ڇڏي.

        مون کي سور ڪري رات جو ننڊ ڪانه ايندي هئي. سڄيون سڄيون راتيون پاسا ورائيندي گذرنديون هيون. ڀلا ڀڳل ٻانهن تي جو ڪلهي کان ڪرائيءُ تائين پلسٽر چڙهيل هجي ته قرار ڪيئن اچي؟ هڪ رات ته سڄي لڇندي گذري. اڃا منهن اونداهي هئي، جو الله بخش ۽ مان سول اسپتال جي مکيه دروازي وٽ، ڪاٺ جي ڪئبن واريءَ ننڍڙيءَ غريباڻيءَ هوٽلڙيءَ مان چاءِ پيئڻ وياسين. اسپتال مان ٻاهر نڪتاسين ته آسمان ۾ اڃا تارا بيٺا هئا. پر، ستت، اوڀر کان پرهه ڦٽڻ لڳي. ڪاٺ جي ڪئبن مٿان ٻير جو ٻروٽو هو. ان ۾ پکيئڙا رات جو آرام ڪري جاڳيا هئا. سندس ”چون“ ”چون“ اسان کي ڏاڍو مزو ڏنو. زندگيءَ ۾ غريب هوٽل وارو به ان مهل جاڳيو هو. صبح مرداني جي پهرين ٻهڻي سمجهي، ڏاڍي پيار سان، جلدي جلديءَ ۾ چاءِ جا گرم گرم ٻه ڪوپ ٺاهي ڏنائين. ڪو لطف آيو. سڄيءَ رات جي اوجاڳي جو ٿڪ لهي ويو. اهو صبح به زندگيءَ ڀر ياد رهندو.

منهنجي مانيءَ جو بندوبست شبير جي حوالي هو. پاڻ مون کان ننڍو آهي. پر مانيءَ مان گرهه ڀڃي، ٻوٽيون ڳولي، ائين ويهي سڪ سان کارائي، جو ڄڻ ته مان ابهم ٻار هئس ۽ پاڻ وڏو ڀاءُ هو. سندس اٿاهه پيار ڏسي، مان مشڪل سان اکين جا ڳوڙها لڪائي سگهندو هوس.

هاڻي نالا ياد ڪونه اٿم پر بيشمار دوستن، زالن ۽ مردن اسپتال ۾ شاندار دعوتون ڪيون. ڪن ته سڄا سڄا ڇيلا پچرايا. مون کي ڳوري ماني کائڻي ڪانه هئي پر دوستن جي دل رکندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته سندن احسان ڪيئن لاهي سگهندس! سنڌي ادبي بورڊ جو هڪ غريب ملازم، علي نواز ڀٽي صبح جو سوير ناشتي لاءِ روز ٻن چئن ميلن جي پنڌ تان اوڦراٽا ۽ آنا ترائي کڻي اچي، رات جو کير جون چونريون ڀرائي اچي. مون مٿس ڪوبه احسان ڪونه ڪيو هو. هڪ طرف اهڙن غريب يارن قرب ڪيا ته ٻئي طرف سائين مخدوم محمد زمان طالب المولي جهڙن معزز شخصيتن شفقتون ڪيون. سائين هالن مان قرب جا پير ڀري حيدرآباد ڪهي آيو. يادگار ڪچهري ڪيائين.

جڏهن هرڪو موڪلائي وڃي ۽ هئه مئه ٽري وڃي، ته حسين شاهه راشدي اچي چارج سنڀالي. سيرانديءَ کان ڪرسي وجهي ويٺو هجي. اسان جون هتان، هتان جون ڳالهيون کٽن ئي ڪونه. سندس اهو احسان ياد رهندو. اسپتال جو زمانو ته ساٿ ڏنائين، پر اسپتال ڇڏيم ته پاڻ ڪراچيءَ ڪار ۾ وٺي آيو.           

 

 

- حسين شاهه ۽ مان حيدرآباد جي اسپتال ۾-

- ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا-

 

 

 

 ڊاڪٽر هيلينا

- انگريزي ادبيات جي ماهر ۽ آمريڪي ثقاتي اتاشي-

- اسپتال ۾ منهجي داخلا جو ٻڌائين ته حيدرآباد ۾ پنهنجي ماتحت آفيسر کي منهنجي مزاج پرسيءَ لاءِ موڪليائين. اسلام آباد پهتس ته صحتيابي جي خوشخبري ٻڌي، فوراً دعوت جو سڏ موڪليائين- ڊاڪٽر هيلينا پاڪستان ۾ پنهنجي ملازمت جو معياد پورو ڪري،گذريل سال آمريڪا رواني ٿي-

 

 

        مون کي ياد آهي ته جڏهن اسلام آباد ايندي ڪراچي ايئرپورٽ تي دوستن کان موڪلايم ته حيدرآباد جي دوستن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏٺم. البت، گاسليٽي ڪامريڊ ڪڏهن به ۽ ڪٿي به نظر ڪونه آيا.

اسلام آباد پهتس ته سالڪ اچي ڀاڪر پاتو. پلاسٽر ۾ ويڙهيل ٻانهن ڏسي چوڻ لڳو، ”تون ته ڪافي زخمي ٿي پيو آهين. مون سمجهيو ته توکي هلڪي سلڪي چوٽ آئي هوندي.“ وقت گذرندي دير ڪانه ٿي لڳي. ڀڳل هڏ جڙي ويو، زخم جو نشان به مٽجي ويو. پر سالڪ جو احسان دل تي نقش ٿي ويو.

منهنجو پنهنجو تجربو اهو آهي ته پئسي وارو ماڻهو ماڻهپي کان محروم ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن به انسان ۾ اشرافت جو انگ نظر اچي ته پڪ ڀانئجي ته هن زندگيءَ ۾ غريبيءَ جا ڏينهن ڏٺا آهن.

سالڪ پئسي جي لحاظ کان وڏو ماڻهو ته ڪونه هو، پر پنهنجيءَ سنهنجيءَ وارو هو. سندس رهائش سکين ستابن ماڻهن واري هئي. گهر جي فرش کي نرم نرم غاليچن سان ڍڪيو هئائين. هر ڪمري ۾ ايئرڪنڊيشنز هنيا هئائين ۽ درين ۽ دروازن تي ريشمي پردا. مهانگي موٽر ورتي هئائين. پنهنجن ٻارن کي انگريزي طرز جي زندگيءَ تي هيرايو هئائين. جڏهن ٻاهرين ملڪن جي دوري تي ويندو هو ته پنهنجي گهر کي سينگارڻ لاءِ نت نيون شيون وٺي ايندو هو. شايد دنيا جي مڙني مکيه ملڪن جا ڪيئي دورا ڪيا هئائين. ٻائيتاليهه دفعا ته سعودي عرب ويو هو. سندس اميراڻا ٺٺ ٺانگر ڏسي مون کي بعضي بعضي کانئس خوف ٿيندو هو. پر هڪ دفعي سندس انٽرويو پڙهيم ته سڀ ڀو ڀولا لهي ويا. هو مون کان به وڌيڪ غريب گهر ۾ ڄائو نپنو هو. انٽرويو ۾ ٻڌايو هئائين:

”مان پنجاب جي گجرات ضلعي ۾ منگليه نالي ڳوٺ ۾ ڄائس. ڳوٺ ۾ نه پڪا رستا هئا، نه ميلن تائين ڪا اسپتال يا اسڪول. مان ڪڙميءَ جي گهر ۾ ڄائس. چوڻ ڪاڻ ته بابي کي ٿورڙي زمين به هئي ۽ ڳوٺاڻا کيس چوڌري به ڪوٺيندا هئا، پر اها زمين اٺي تي آباد ٿيندي هئي. مينهن وسيو ته واهه نه ته فاقه ڪشيءَ تي نوبت پهچندي هئي. اسان جو گهر وچولي طبقي کان به هيٺاهون هو، سو ننڍي هوندي کان پنهنجي گهر ۽ آسپاس جي غربت جو ذهن تي اثر ويهي ويو.

پنجن ورهين جو هوس جو سج اڀرڻ کان اڳ اٿندو هوس. مولوي صاحب کان قرآن جو سبق وٺي گهر اچي رکي سڪي ماني کائي اسڪول ويندو هوس. اسڪول جو پنڌ اگهاڙين پيرين ڪندو هوس. اسڪول ڳوٺ کان ٽي چار ميل پري هوندو هو. پٽ تي ويهي پڙهندا هئاسون، جو اسڪول ۾ بينچون ڪونه هونديون هيون. ائين تعليم ورتم،

مئٽرڪ پرائيويٽ طريقي سان پاس ڪيم، پر پهريون نمبر کنيم. مائٽن منهنجو شوق ڏسي، غربت جي باوجود پڙهايو. ڪاليج ۾ بي اي ۽ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ يونيورسٽيءَ مان ڊپلوما به ورتم.

زندگيءَ ۾ اهو مشاهدو ڪيو اٿم ته دنيا ۾ جن به ماڻهن ٿورو گهڻو نالو پئدا ڪيو آهي، اهي سڀ غريب گهرن جا ٻار هئا. جيڪي انگريزي محاوري موجب، وات ۾ سونن چمچن سان ڄمندا آهن، سي سڌرندا ته ڪونه آهن، البت کرندا جلد آهن.“

سالڪ کي وڏي هوندي جڏهن قدرت نوازيو ۽ ايوان اقتدار تائين سندس پهچ ٿي، ته هن پنهنجي اباڻي ڳوٺ کي ڪونه وساريو. روڊ پڪا ڪرايائين، ڳوٺ ۾ اسپتال وجهيائين، ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪرين جو اسڪول، ٽيڪنيڪل اسڪول، بئنڪ ۽ ٽيليفون وجهايائين. بلڪ جانورن جي اسپتال به قائم ڪرايائين. اهي ڳالهيون مون کي پاڻ ٻڌايون هئائين ۽ چيو هئائين ته ”مارشل لا مان ٻين جيڪي به فائدا ورتا هجن، مون ته هڪ ئي فائدو ورتو، سو هيءُ ته پنهنجن غريب ڳوٺاڻن جي خدمت ڪيم.“

سالڪ ۽ مان هڪٻئي کي ننڍا وڏا تحفا ڏيندا هئاسون. ڪڏهن ڪهڙا ته ڪڏهن ڪهڙا. هڪ دفعي انوکو تحفو موڪليائين. سندس ٻيا تحفا ته وسري ويا اٿم، پر اهو ياد اٿم. سير اڌ جيترو ڳڙ ۽ سير اڌ جيترا مڱ! نياپو موڪليائين ته ”اهي ڳوٺ مان منهنجيءَ ٻنيءَ تان آيا آهن. توسان ونڊ ورڇي اٿم.“ سندس ٻنيءَ ٽڪر، منهنجي ڳوٺاڻي ٻنيءَ ٽڪر کان به گهٽ هو.

هيڪر مان سندس ڳوٺ ويس. سندس سهرو فوت ٿي ويو هو. سو، سندس پڳ مٽ يار سيد ضمير جعفري ۽ مان کيس تعزيت ڏيڻ وياسون. کاريان تائين موٽر ۾ نيشنل هاءِ وي تي سفر ڪيوسون. ان کان پوءِ سندس ڳوٺ مڙياسين ۽ ڪچڙيءَ منجهند جو وٽس وڃي پهتاسين. ڏاڍو خوش ٿيو. ٽپهريءَ تائين ڪچهري ڪري کانئس موڪلايوسون. پنجاب ۾ اهو پهريون ڳوٺ هو، جو مون ڏٺو. سنڌ جي ڳوٺن ۽ ان ۾ ڪو خاص فرق ڪونه هو. ماڻهن جون عادتون ۽ اٿي ويٺي سنڌ جي ٻهراڙين واري، ساڳيا مينهين ۽ ڳائي مال جا وڳ ۽ ڀاڻ جا ڍير.

اسلام آباد ۾ سرديءَ جي مند ته سخت ٿئي ٿي. پر اونهاري ۾ گرمي به چڱو چٽڪو ڏيندي آهي. ”اسلام آباد هوٽل“ وارا گرميءءَ جي مند ۾ پنهنجيءَ چئوماڙ بلڊنگ جي کليل ڇت کي خوب سينگاريندا آهن. چوڌاري رنگبرنگي بجليءَ جي بلبن جون جهالرون، پاسي کان کاڌي جون ميزون، انهن جي ڀرسان سيخ ڪباب، چڪن تڪا، شاشليڪ ۽ تازا نان پچندا رهندا آهن. وچ واري پڌر ۾، هت هت، وهڻ لاءِ ڪرسيون ۽ ميزون وجهندا آهن. سالڪ ۽ مون کي اهم شخصيتن وارو آڌر ڀاءُ ڏيندا هئا. ڏسڻ شرط ڊوڙندا ايندا هئا. سالڪ ۽ مون ڪنڊ ۾ هڪ ميز منتخب ڪري ڇڏي هئي. اتان ڪوهه مريءَ جي بتين جي جهرمر به ڏسڻ ۾ ايندي هئي. اسان ٻئي ٽئين ڏينهن ڪچهريءَ ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هوٽل ۾ ماني کائڻ ويندا هئاسين. پهريائين تازي ليمي جو شربت، پوءِ چڪن سوپ ۽ ان جي مٿان، ڪباب، تڪا ۽ ڪلفي. آخر ۾ سبز چاءِ جو دور. ڪچهريءَ ۾ جڏهن سڀ موضوع ختم ٿي ويندا هئا ته سالڪ چوندو هو، ”آئو زلف يار کي باتين کرين.“ جيئن رستي ويندي ڪا موٽر لنگهي وڃي، تيئن هلندي چلندي، پاسي مان ڪا سهڻي عورت لنگهندي هئي ۽ مان سالڪ کي چوندو هوس ”هو مهانڊو ته ڏس،“ ته يڪدم پاڻ چوندو هو ”اهو ٿيو تنهنجو عشق نمبر ايڪيهه.“ اهڙيءَ ريت منهنجا ڪيئي عشق مقرر ڪري ڇڏيا هئائين. هڪ دفعي مون کيس چيو ته ”اڄ مغربي جرمنيءَ جي سفير سان ملڻ ويس. آف! سندس سيڪريٽريءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان. ڪا سهڻي آهي. باهه جو ٽڪر آهي، باهه جو ٽڪر!“ چيائين ته ”اهو ٿيو، تنهنجو عشق نمبر ٻاويهه.“ هڪ ڏينهن کيس هڪ آمريڪي خاتونءَ جي دعوت ۾ سڏيم. کيس ڏسي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيائين ”اهو ٿيو تنهنجو عشق نمبر ٽيويهه.“ هيڪر ڊاڪٽر شمل پاڪستان جي دوري تي آئي. مون سان گڏ سالڪ جي آفيس ۾ ڪو ليٽر ٽائيپ ڪرڻ هلي. واندي ٿي ته سالڪ چاءِ گهرائي. چاءِ پيئندي سالڪ چيس ته ”مون ٻڌو آهي ته اوهان جي سفير جي سيڪريٽري ڏاڏي سهڻي آهي؟“ ڊاڪٽر شمل اول ته منجهي پيئي. پوءِ سوچي جواب ۾ چيائينس ته، ”هائو، پر مان نٿي ڀانيان ته سفير کي ان ڳالهه ۾ ڪابه دلچسپي آهي.“ سالڪ چيس ته، ”سفير کي هجي نه هجي، پر ٻين ماڻهن کي ته آهي.“ اهو ٻڌي مون کان کل نڪري ويئي. چاءِ پيئندي اڙي پيس. ڊاڪٽر شمل وائڙي ٿي ويئي. سالڪ کي رونشو لڳو، سو مون ڏي ڏسي مسڪرائڻ لڳو.

هڪ دفعي کيس چيم ته ”سالڪ اڄ ميٽنگ ۾ هڪ خاتون ملي. پنجابي ۽ سنڌي اهڙي ته سٺي پئي ڳالهائي، جو مان ته منجهي پيس ته اصل ۾ ڪير آهي؟“ چيائين ته ”اهو ٻڌاءِ ته خوبصورت هئي؟“ مون چيو، ”ٺيڪ هئي.“ چيائين، ”پوءِ جي تون ساڻس عشق نه ڪرين ته مان پنجابي ڳالهائڻ ڪري، کيس پنهنجو عشق نمبر ايڪٽيهه قرار ڏيان.“ سندس ٽيهون نمبر عشق هڪ آمريڪي حسينه هئي، جا واقعي ساڻس عشق ڪرڻ لاءِ تيار هئي، پر سالڪ ۾ همت ڪانه هئي. مون ملتان ۾ ڏٺي هئي. سالڪ چيو ته ”مون ساڻس ڳالهه ڪئي ته روز شام جو ڇهه ميل پنڌ ڪندو آهيان ته چوڻ لڳي ته مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي هل. پر مون کي همت نٿي ٿئي.“ سندس اڻٽيهون نمبر عشق اردوءَ جي هڪ شاعره هئي، پر پاڻ ان عشق تان هٿ کڻي ڇڏيو هئائين، ڇو ته ملڪ جي اديبن جي اڌرڪ برادري ان خاتونءَ تي عاشق هئي.

اسلام آباد هوٽل ۾ ماني کائي، سالڪ جي موٽر ۾ چڙهي، اسان رات جو ڏهين ساڍي ڏهين بجي ڌاران امام بريءَ جي مزار طرف، گهمڻ ويندا هئاسين. هڪ دفعي سنسان رستي تي سئر ڪري رهيا هئاسين ته رستي جي ٻنهي پاسن کان ڪي شڪي ماڻهو اوچتو جهنگ مان ٻاهر نڪري آيا ۽ رستي تي اچي بيٺا. سالڪ ۽ مان منجهي پياسين پر ڪار تيز ڪري نڪري آياسين. ان کانپوءِ به رات جو سئر ته ڪونه ڇڏيوسون، البت سڃو، سنسان رستو ڇڏي، ڪوهه مريءَ وارو رستو منتخب ڪيوسون. ان سان ڏهه ٻارهن ميل نڪري ويندا هئاسين. سالڪ موسيقي Light Music ٻڌندو هو. ڪار ۾ وٽس ڪئسيٽون رکيل هونديون هيون. هڪ وجهي ڇڏيندو هو. رات جو سناٽو، ٿڌي ٿڌي هوا ۽ هلڪي هلڪي موسيقي. اسان ٻنهي کان زندگيءَ جا ڏک سور وسري ويندا هئا. جڏهن موٽي گهر پهچندا هئاسين ته رات جا يارهن ٻارهن پيا وڄندا هئا. سالڪ ٻڌايو ته سندس ننڍيءَ نياڻيءَ جو چوڻ آهي ته ”ابو ويو آهي چاچا آگري وٽ. هاڻي رات جو يارهين کان اڳي ڪونه ايندو.“

اسلام آباد ريڊيو اسٽيشن تي بهجت نالي هڪ خاتونءَ کي خبر هئي ته مون کي صوفين جو راڳ وڻندو آهي. سو، پٺاڻي خان جي آواز ۾ مون کي بلهي شاهه ۽ خواجه غلام فريد جي ڪلامن جي هڪ ڪئسيٽ تحفي طور ڏنائين. مون ان جي ڪاپي ڪرائي سالڪ کي ڏني. ڏاڍي وڻيس. بهجت ٻئي دفعي ملي ته چيائين ته ”تولاءِ ٻي ڪئسيٽ به هٿ ڪئي اٿم. خواجه غلام فريد جي ڪافي آهي.“ ريڊيو اسٽيشن جي وي آءِ پي روم ۾ اها ڪئسيٽ بهجت سان گڏ ٻڌم. ڏاڍي وڻيم. رات جو سالڪ سان گڏ، ماني کائي، سير تي ويس. سالڪ ڪئسيٽ وڌي ته مون کي بهجت واري ڳالهه ياد آئي. چيائين ته ڪافي ڪهڙي آهي؟ مون کيس ٻڌايو ته ڪافيءَ جا ٻول ڏاڍا عجيب آهن:

سرخ گلابان دي موسم وچ
ڦلان دي رنگ ڪالي

سالڪ ڪافيءَ جا ٻول ٻڌي، ڇرڪي ويو! ڳالهه مٽائڻ لاءِ چيائين، ”تو وارو ڪتاب ڪاٿي پهتو؟“ مون چيو، ”اڃا ته لکي رهيو آهيان.“ چيائين ته ”اڄڪلهه ڪنهن تي ٿو لکين؟“ مون چيو ”پير حسام الدين راشديءَ تي.“ چيائين، ته ”مون تي به لکندين؟“ مون ڏانهس حيرت مان نهاري چيو ته ”سالڪ، مون توکي اڳي به ٻڌايو آهي ته ڪتاب ۾ اڪثر اهڙن ماڻهن جو ذڪر آهي، جيڪي هي جهان ڇڏي ويا آهن.“ اهو ٻڌي غمگين ٿي ويو. مون سندس غم غلط ڪرڻ لاءِ چيو ته ”جي زندهه دوستن، احبابن ۽ ڪرم فرمائن تي به لکيم ته توتي به لکندس. پر تو وارو نئون ڪتاب ڪاٿي پهتو؟“ چيائين ته ”پورو ٿي ويو.“

آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ قدرت جي هن ڪارخاني ۾ الائي ته ڪهڙا ڪهڙا راز آهن! لفظن کي بظاهر ته معني ٿئي ٿي پر ان معني ۾ شايد ڪڏهن ڪڏهن ڪو مخفي راز به ٿئي ٿو. سو، ڪي لفظ پيشن گوئي ثابت ٿين ٿا. مون کي خبر ڪانه هئي ته سالڪ ۽ منهنجيءَ گفتگوءَ کي به ستت ئي هن ڪائنات ۾ ڪا خوفناڪ شڪل ملڻ واري آهي.

هفتو ڏيڍ گذريو هوندو، جو حسين شاهه راشديءَ ڪراچيءَ مان فون ڪئي ته مان ڏينهن ٻن لاءِ اسلام آباد اچان ٿو. مون سالڪ سان ڳالهه ڪئي. ٻئي راتيون ٽنهي ڄڻن گڏجي ماني کاڌي ۽ ڪچهري ڪئي. حسين شاهه ڪراچيءَ موٽي ويو ته سالڪ چيو ”ڏينهن ٻه پاڻ به ڪونه ملنداسون، ڇو جو مون کي ٻاهر وڃڻو آهي.“ اهو ته اڳي مون کي ڪيترائي دفعا ٻڌايو هئائين ته صدر جڏهن به ٻاهر ويندو آهي ته کيس پاڻ سان گڏ وٺي ويندو آهي. پر کيس بهاولپور به وڃڻو هو، اهو ڪونه ٻڌايو هئائين. ائين ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا.

        ٽينءَ رات، ٽي ويءَ، جي خبرن ۾ بهاولپور واري هوائي جهاز جي حادثي ۾ سالڪ جو نالو به کنيو ويو، ته منهنجن پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي!

        ڪجهه ڏينهن اڳ، هن مون کي چيو هو ته ”مان ايوان صدر مان پريس سيڪريٽريءَ جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ گهران ٿو.“ مون کيس چتاءُ ڏنو ته ”دنيا مطلب جي آهي اهڙي عهدي کان سواءِ توکي ڪير ليکيندو؟“ پر سالڪ چيو ته ”مون کي ڪابه پرواهه ڪانهي. رزق رب جي هٿ ۾ آهي.“

غريب مون سان ڏاڍيون دانهون ڪندو هو ته ”ادا، صبح جو سوير تيار ٿي، صدر سان سفر تي وڃان ٿو. رات جو دير سان موٽان ٿو، ته ٻچا ننڊ ۾ ڏسان ٿو. مون کي ساڻن ڳالهائڻ به نصيب ڪونه ٿو ٿئي. هاڻي ٿڪجي پيو آهيان.“

سالڪ جو جنازو ٻئي ڏينهن بهاولپور مان اسلام آباد پهتو. شام جو ڇهين بجي کان قبرستان ۾ ماڻهو گڏ ٿيڻ لڳا هئا. ستين بجي تائين هزار کن جمع ٿي ويا هئا. اڪثريت اديبن، صحافين ۽ سندس دوستن جي هئي.

ستين بجي، سفيد ورديءَ ۾، فوجي موٽر سائيڪل سوارن جي پٺيان وڏي ڪاري فوجي گاڏي آهستي آهستي قبرستان ۾ داخل ٿي. ان مان تابوت لاٿو ويو. هزارين ماڻهن ۾ پير رکڻ جي گنجائش ڪئي هئي. چئوطرف سالڪ جي دوستن جا سڏڪا ٻڌڻ ۾ ٿي آيا ۽ سندس پٽ جون اوڇنگارون! مان پري کان پنهنجي يار جو تابوت ڏسندو رهيس. گلن جي چادر ساڻ ته کڻي ويو هوس، پر اها هٿ ۾ ئي رهي. پٽيوالي چيو ته، ”سائين هلو.“ مون چيو ته ”ممڪن آهي؟“ چيائين ته ”ڪوشش ته ڪريون ٿا.“ خبر ناهي ته ايڏي وڏي هجوم ۾ ماڻهو ڪيئن هيڏي هوڏي هٽيا ۽ ڪيئن مون کي واٽ ملي. سڌو سالڪ جي قبر تي وڃي بيٺس. تابوت قبر ۾ لٿو ته سپاهين بيوگل تي ”الوداع“ جو افسردهه نغمو وڄايو. چوڌاري سناٽو ڇانئجي ويو. ان سناٽي ۾ سالڪ جي آفيس وارن سندس تابوت تي پهرين گلن جي چادر چاڙهي. ٻي چادر اديبن پاران مون چاڙهي. جڏهن چادر چاڙهي، سنئون ٿي بيٺس ته منهنجن ڪنن ۾ غلام فريد جي ڪافيءَ جا ٻول ٻرڻ لڳا:

سرخ گلابان دي موسم وچ
ڦلان دي رنگ ڪالي

        سالڪ جي موت مون کي موڳو ڪري وڌو. ڪي ڏينهن ته اها حالت هئي ته:

ڪڪر منجهه ڪپار

جهڙ نيڻئون نه لهي.

        مهيني کن کانپوءِ ڪو مهمان آيو. کيس ماني کارائڻ لاءِ اسلام آباد هوٽل وٺي ويس. ساڳيءَ ڇت تي وڃي ويٺاسين. پر مون ٽيبل مٽائي.

        بيرو آيو، کيس چيم ”اول ليمي جو تازو شربت کڻي اچ.“ پر، هو اتي ئي بيٺو رهيو. مون حيران ٿي ڏانهس نهاريو ته سندس اکين ۾ ڳوڙها ڏٺم. ڀريل گلي سان چوڻ لڳو، ”اڄ اوهان کي اڪيلو ڏسي سالڪ صاحب ياد آيو.“

        مون ڏک ۾ ڪنڌ ٻئي پاسي ڦيرائي ڇڏيو، ته مهمان منهنجين اکين جا ڳوڙها نه ڏسي. چڱيءَ چڱيءَ دير تائين منهنجون آليون اکيون نيري آسمان ۾ سالڪ کي ڳولينديون رهيون.

        سالڪ جي چاليهي تي مان سندس پٽ سرمد ۽ ڌيءُ صحيفه کي ساڻ ڪري سندس قبر تي ويس. ڌيڻس جو ڪو اڳئين ڏينهن تي ڄم جو ڏينهن هو. ان ڏينهن تي هر سال سالڪ کيس ڪو يادگار تحفو وٺي ڏيندو هو.

        هن ڀيري پاڻ پيءُ جي قبر تي اڪيلي ويئي هئي ۽ ”برٿ ڊي ڪارڊ“ لکي، ”سر جي تيليءَ ۾ قبر“ جي سيرانديءَ کان ٻڌي آئي هئي. مون اهو ڪارڊ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي: ”تون دنيا ۾ سڀ کان پيارو پيءُ هئين. بابا، اڄوڪو جنم جو ڏينهن ڏاڍو ڏک ۾ گذريو....!“

        مان ان کان وڌيڪ پڙهي نه سگهيس. ان ڏينهن برسات وسي هئي. سالڪ جي قبر آلي هئي. منهنجين اکين جا ڳوڙها سندس آليءَ قبر ۾ آسانيءَ سان جذب ٿي ويا.

        مون ان ڏينهن کانپوءِ سالڪ جي قبر تي حاضري ڪانه ڏني آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته سندس قبر تي حاضري ڏيڻ جي پاڻ ۾ طاقت ڪانه ٿو ڀايان. ڪڏهن ڪڏهن کيس ياد ڪري اکيون ڀرجي اينديون اٿم ته پنهنجو پاڻ کي تسلي ڏيڻ لاءِ حافظ جو هڪ شعر پڙهندو آهيان ۽ چوندو آهيان ”سالڪ قبر ۾ ٿوروئي آهي. هو ته منهنجي سيني ۾ آهي.“

بعد از وفات تربت ما، در زمين مجوي

در سينهاي مردم عارف مزار ماست


*   هڪ دفعي پير حسام الدين راشديءَ سان گڏ اسلام آباد امير خسروءَ جي سيمينار تي آيس. فيض احمد فيض سيمينار جي مندوبين جي اعزاز ۾ لوڪ ورثي وارن کان موسيقيءَ جي محفل ڪرائي. ان ۾ عالم لوهار هڪ پنجابي گيت ڳايو، جنهن جو هڪ شعر هو ته ”دلبر تون هن دنيا ۾ ائين آهين، جيئن جنڊ جي ٻن پڙن ۾ شيشي جو ٽڪر.“ اهڙو شعر، هو به عالم لوهار جي آواز ۾، اصل دل ۾ کپي ويو. ٻن چئن سالن کانپوءِ ايران جي دوري تي ويس. اتي دوري جي اختتام تي، اسان جي اعزاز ۾ وڏي شاهي ضيافت ڪيائون. ۽ ايران جا لوڪ ناچ ڏيکاريائون ۽ گيت ٻڌايائون. انهن ۾ هڪ لوڪ گيت جو شعر ٻڌي منهنجا ته وار ڪانڊارجي ويا. اهو شعر عالم لوهار واري پنجابي شعر جو جواب هو. هن ريت هو:

گر نگهڊار تو آنست که من مي دانم

شيشه را در بغل سنگ نگ مي دارد.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org